سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :20

انڊنا فَربَر

 

 

بلڪل آزاد

بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم بلڪل آزاد هيون. ٻئي گهڻو ڪري انهيءَ حقيقت جي هڪ ٻئي کي يادگيري ڏيارينديون هيون ۽ هميشه فخر سان پنهنجن دوستن سان به اِن باري ۾ ٻَٽاڪون هڻنديون هيون. گوڙ گهمسان وارن موقعن تي، بيگم هينائر پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺيءَ کي چوندي هئي (جيئن بيگم گرائم پنهنجي پٽ ۽ نُنهن کي چيو هو). ته ”اوهان منهنجي ڳڻتي نه ڪريو. ڪنن کي به منهنجي لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. آءٌ بلڪل آزاد آهيان.“

پر رڳو ان پاڪ آزاديءَ جي ڪري هو هڪ ٻئي جون سهيليون نه ٿيون هيون، ۽ اهو به سچ آهي ته پنهنجي پنهنجي طبيعت کي بيزاريءَ کان بچائڻ لاءِ، ٻئي هڪ ٻئي کان مختلف هيون، انهيءَ هوندي به ٻنهي جي زندگين ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون هڪ جهڙيون هيون. انهيءَ هوندي به ٻنهي جي زندگين ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون هڪ جهڙيون هيون. مثال طور ٻئي رنون زالون هيون، ٻئي سينٽرل ڇپارڪ جي اڳيان هڪ قيتمي هوٽل ۾ آرام سان رهنديون هيون. هوٽل ۾ هرهڪ جي حوالي ٻه ڪمرا ۽ هڪ غسلخانو هوندو هو، ٻئي عمر جا سٺ ورهيه گذاري، ستر ورهيه جي ڄمار کي اچي ويجهو ٿيون هيون. ٻئي ماهه- جونگ ۽ برج راند ڪرڻ جون شوقين هونديون هيون ۽ راند ڪندي هڪ ٻئي تي اهڙيءَ طرح کلي ٽوڪبازي ڪنديون هيون، جو ٻيءَ حالت ۾ انهيءَ تي خون خرابو ٿي پوي. ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪنديون هيون. بيگم هينائر پنهنجي ڌيءَ ۽ پنهنجي ناٺيءَ بابت بيگم گرائم جي اڳيان لاف هڻندي هئي ۽ شڪايت ڪندي هئي. ساڳي ڳالهه وري بيگم گرائم جي طرفان پنهنجي پٽ ۽ نُنهن لاءِ ٿيندي هئي.

خوشيءَ جي موقعن تي ٻئي هڪ ٻئي کي چونديون هيون، ”تون پڪ ڄاڻ ته مون کان سواءِ هو ڪجه به نه ڪري سگهندا. اها ماءُ آهي، جيڪا..... خير مون هنن کي چئي ڏنو، ته اوهان مون جهڙي ڪُراڙي عورت سان گڏ رهڻ پسند نه ڪندؤ. پر هنن جواب ڏنو، ’جيڪڏهن تون نه هلندينءَ ته اسين به ڪونه وينداسون.....‘ ايڊ مون ڏان هن مئٽني شو ڏسڻ لاءِ ٻه ٽڪيٽون موڪليون. ڳالهه هيءَ هئي ته مون کين چيو ته ’آءٌ لي آنورالرڪ‘ ڏسڻ گهران ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اُهي سڀ ڳالهيون ڏيکاريل آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ڪونهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽڪيٽ مون کي پهچي وئي..... برنائس ائٽلانٽڪ شهر مان هي رومال آڻي ڏنا. جيڪڏهن مون کي هڪ رومال جي گهرج هوندي آهي ته هو سوين رومال آڻي ڏيندا آهن. مون چيومان، ته ’تون ۽ جو هفتي جي آخر ۾ ٻاهر ويندؤ ۽ منهنجي لاءِ ڪا سوکڙي نه آڻيندڀ؟‘ هن جواب ۾ چيو، ’ڇو اَمان! ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو. تون ته اسان جي مٺڙيءَ ماءُ آهين‘. هن ته مون کي کاري ڇڏيو آهي. ايمانداريءَ سان ٻڌاءِ ته.....

انهيءَ جو جواب ٺَهه پَهه ٻئي طرفنان ملندو هو مون هنن کي ٻڌايو! جيڪڏهن آءٌ هنن کي سچ نه چونديس ته ٻيو ڪير چوندو؟ مون چيو مان، ته مون کي ٻڌايو ته اڄڪلهه جا شادي شده جوڙا ڪهڙين ڳالهين بابت سوچين ٿا؟ آءٌ ته اهڙي عورت ڪين آهيان جو زال مڙس جي وچ ۾ نفاق پيدا ڪريان ۽ اسٽيلا ڪڏهن به نه چوندي ته مون ڪو اهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري ايڊ ساڻس مَٺو هلي. مون کي پڪ آهي ته انهيءَ معاملي ۾ آءُ هڪ آزاد خيال سَسَ آهيان. پر ڪالهه مون ايڊ کي چيو. ’ايڊ! منهنجا لفظ ياد رک.....‘ البت هو ٻارن کي کارين ٿا، پر اها ڳالهه ته کين به پسند نه آهي.... خير، مون هنن کي وڌيڪ ڪجهه به نه چيو ۽ نه وري آءٌ هنن سان وڙهيس. آءٌ ته مُنهن وَرائي ٻاهر نڪري آيس، پر پنهنجي ڪمري ۾ مس پهتس، ته ٽيليفون جي گهنڊڻي وڳي ۽ هن فون تي ڳالهايو.

هن پيشيماني ظاهر ڪندي چيو ته، آءٌ ٿورو پريشان هئس، تنهن ڪري ٿورو تکو ڳالهائي ويٺس.‘ مون جواب ڏنو ته، ’مڙئي خير آهي. پر آءٌ اهڙيون ڳالهيون هرگز نه ٻڌنديس، پوءِ کڻي اهي ڳالهيون منهنجي ڌيءَ چوي يا ٻيو ڪو. آءٌ ڪڏهن به اهي ٻڌڻ نٿي گهران. آءٌ بلڪل آزاد آهيان.“

بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم پنهنجي خاندان جي ڪنهن به ڪوتاهيءَ تي افسوس نه ڪنديون هيون، ۽ نه وري ان جي باري ۾ ڪنهن تنقيد وغيره کي به پسند ڪنديون هيون. اها سندن ڄڻ ته عادت هوندي هئي. ”اڙي! اهو ان ڪري آهي، جو تون برنائس کي سچ پچ ته نه سڃانين. هوءَ انهن عورتن مان نه آهي، جيڪي عام ماڻهن ۾ بيهي ڪڙڪو ڪن. هوءَ ته سمهڻ واري ڪمري جي پردن لاءِ ڇيٽ جو ڪپڙو به ايستائين خريد نه ڪندي، جيستائين مون کي پاڻ سان وٺي هلي اڳواٽ ڏيکاري ۽ پسند نه ڪرائي.“

ذاتي آزاديءَ بابت ٻٽاڪن هڻن سان گڏ، ساڳئي وقت سندن هيءُ خيالي عقيدو به هو، ته سڄي خاندان جو بار مٿن هو. ”ٻار چون ٿا ته ساري جي موسم ۾ آءُ هوٽل ۾ اڪيلي رهان ته سٺو آهي. آءٌ ته هروڀرو ضد ڪريان ٿي. البت آرهڙ ۾ ڪهه به نه ٿيندو. هو جتي به ويندا، اتي آءٌ به ساڻن گڏ ضرور وينديس.“بيگم هينائر ٻڌايو ته ڌيڻس جو ڪُٽنب هر سال جبلن تي ويندو آهي. پر سندن طبيعت کي سمنڊ جي هوا اصل ڀانءِ ئي ڪين پوي. بيگم گرائم وري پنهنجي پٽ جي ڪٽنب سان گڏ آرهڙ جا مهينا سمنڊ جي ڪناري گذاريا، ڇاڪاڻ ته جبلن جي هوا، سندن دل لاءِ خطرناڪ هئي.

هوٽل ۾ سندن رهائش جا ڪمرا هڪ ئي قطار ۾ هوندا هئا. پر بيگم گرائم جو ڪمرو بيگم هينائر جي ڪمري کان مٿي پنجين ماڙ تي هو. ۽ ٿورو ڳري مسواڙ وارو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ شاهوڪار هئي. سندن مختلف ڪمرن جي شين وغيره مان ذوق ۽ زماني جو هڪ پريشان ڪندڙ فرق ظاهر هو، ڪجهه هوٽل جو سامان، ڪجهه پراڻي وقت جو فرنيچر، سندس ڌيءَ ۽ ناٺيءَ جو بيحد جديد پسند ڪيل سامان. ٻئي زالون مڙسن جي وفاتيءَ کان اڳ، نيويارڪ جي سوڙهين ۽ ڊگهين عمارتن ۾ رهنديون هيون. انهن ڏينهن کي ئي ٻنهي کي ڪنهن نه ڪنهن سامان يا وڪٽورين نموني جي ڪنهن ناياب شيءِ کي حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو هو. انهن شين کي بيگم هينائر هاڻي ڳاڙهي پٿر واري زماني جي يادگار ڪري سڏيندي هئي.

ڪنهن زماني ۾ هنن وٽ پلش سان مڙهيل وڏيون وڏيون ڪرسيون هونديون هيون، جن کي هينئر خوبصورت ۽ وڻدنڙ ڇيٽ سان مڙهائي، نئين جواني ڏني وئي هئي. هڪ ڪارو ۽ گندو ڏيئو به هو، جنهن تي سلڪ جو شيڊ ڏنل هو. ڪمرن ۾ شوخ رنگ جا وهاڻا هئا، خوبصورت تصويرون هيون، پراڻين ميزن تي رکيل رنگ برنگي پٽن سان ڪتاب هئا، پراڻا ٿانوَ هئا ۽ وڏيون وڏيون ميزون هيون، هڪ بيحد پراڻي قسم جي بخاري تي هڪ قيمت ۽ خوبصورت دَٻو رکيل هو، جنهن تي ميناڪاريءَ جو ڪم ٿيل هو. انهن نادر ۽ ناياب شين جو پاڻ ۾ ڪوبه ميل ميلاپ ڪونه هو. البت انهن جو اصل مقصد رڳو آسودگي ظاهر ڪرڻ هو. هڪ ننڍڙي الماري سائي پردي سان ڍڪيل هئي، جنهن ۾ چينيءَ ۽ چانديءَ جا قيمتي ٿانوَ قطارن ۾ رکيا ويا هئا. اهي شيون ڏسي تعجب ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته هنن زالن کي انهن ڪمرن ۾ گهر ڪري رهڻو نه هو. پر بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم وضاحت ڪدني دير ئي نه ڪدنيون هيون، آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ ڪابه شيءِ ڪين پچايان، ان جهنجهٽ ۾ ڪير پوندو؟ هفتي ۾ ٻه راتيون ته آءُ ٻارن سان گڏ گذاريندي آهيان. هو ته چاهين ٿا ته آءٌ سدائين ساڻن گڏ رهان، پر اها ڳالهه مون کي پسند نه آهي. مون وٽ اهي ئي شيون آهن، ڇاڪاڻ ته چانهه لاءِ هيٺ ماڻهو ڊوڙائڻ بدران، آءُ پاڻ هڪڙو ڪوپ ٺاهي سگهان ٿي. انهيءَ کان سواءِ هوٽل تي جيڪو کاڌو ملي ٿو. اهو به ظاهر آهي! منهنجي نُنهن ته انهيءَ کاڌي کي اوٻاريل بوسو چوندي آهي. پر چاپن جون رڪابيون، ڀاڄين ۽ ميون جا وڏا وڏا ڊش ۽ ٿاهليون ڏسي، مهمان انهنجي استعمال بابت ضرور پڇا ڳاڇا ڪندا هئا.

سمهڻ واري ڪمري ۽ گول ڪمري جي بخارن تي، چانديءَ جي فريمن ۾ ننڍن ٻارن جون تصويرون رکيل هيون. بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم، مهمانن جو هميشه انهن تصويرن ڏانهن ڌيان ڇڪائي، چونديون هيون ’منهنجو اولاد.‘

”ڪهڙآ نه وندڙ آهن! سندن عمر ڇا هوندي؟“

”ننڍڙو پندرهن ورهين جي ڄمار جو آهي ۽ ڀيڻس جو ٻارهين سال ۾ پير پوڻ وارو آهي.“

”ته پوءِ هي تصويرون گهڻا سال اڳ جون ورتل هونديون! هيءُ ته ٻارڙا آهن!“

”هائو، اهي پراڻيون تصويرون آهن. پر آءُ ته هنن کي گهڻو پسند ڪريان ٿي. آءٌ سدائين هنن کي ٻار ڪري سمجهدني آهيان. مون هنن جهڙا تيز ۽ چالاڪا ٻار ڪڏهن به نه ڏٺا!“

”اوهان کان به تيز ۽ چالاڪ؟“

”اڙي! ايڊ جهڙو شڪل جو بڇڙو ۽ ڪارو، تو ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هوندو! هو رات ڏينهن رڙَيون ڪندو هو. جنهن زماني ۾ منهنجي شادي ٿي هئي، ان وقت ڪنوارين ڇوڪرين کي شاديءَ ڪرڻ کان اڳ، ٻارن جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. اڄڪلهه ته سورهن وهين جون ڇوڪريون به اهڙيون ڳالهيون ڄاڻن ٿيون، جن جي باري ۾ اَڌڙوٽ عمر جون زالون ڳالهائيندي به شرم محسوس ڪنديون آهن.“

اهو پويون فقرو ته بيگم گرائم ئي چئي سگهي ٿي. هن کي پنهنجي آزاد خياليءَ تي ڏاڍو فخر هوندو هو، پر حقيقت ۾ سندس انهن ڳالهين کي نئين نسل ۾ پسند نه ڪيو ويندو هو. هوءَ ٻين معاملن وانگر ان معاملي ۾ به بيگم هينائر کان گهني مختلف هئي. سندس تيز حرڪتن، ڪڙڪيدار گفتگو ۽ اندر پيٺل تيز اکين کي ڏسي، اوهان جو هڪدم ڌيان هڪ ننڍڙي، ڪاري، خوفائتي پر چالاڪ باندر ڏانهن هليو ويندو. هوءَ جيتوڻيڪ عمر ۾ وڏي هئي، پر سندس وار اڃا تائين گهاٽا ۽ ڪارا هئا ۽ رڳو لؤندڙين وٽ هِتان هُتان اَڇن وارن جون چڳيون هُيس. سندس ڀرون به ڪارا ۽ چست نظر ٿي آيا. هوءَ جڏهن ڪاوڙبي هئي، تڏهن سندس مُنهن جي هيڊي رنگ ۽ ٻارن جيتري بندري قد سببان، ويتر ڀوائتي ٿي پوندي هئي. هوءَ طبيعت جي تيز ۽ گستاخ هئي ۽ ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي ڪاوڙجڻ کان پوءِ، هوءَ بنهه هڪ شڪاري ڪتيءَ جهڙِ ٿي پوندي هئي.

”هن ڇوڪريءَ ڏانهن ڏس! آءٌ شرط رکان ٿي، ته هن پنهنجو ويس ڄاڻي واڻي کليل رکيو آهي. اها ڪهڙي نه نفرت جوڳي ڳالهه آهي!“

”آءٌ ته انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍو سٺو سمجهان ٿي.“ بيگم هينائر وراڻيو.

”انهيءَ ۾ ڀلا ڪهڙي سُٺائي آهي؟ آءٌ به ته ٻُڌان!“

”صحتمنديءَ ۽ چُستيءَ جو اظهار!“

”هينائر! هيءَ ايمان جي ڳالهه آحي ته تون ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجو عقل وڃايو ويهين.“ بيگم هينائر اهو جواب ٻڌي، ناراض ڪانه ٿي. حقيقت ۾ هن جي راءِ کي ڪا اهميت ڪانه هئي. بيگم گرائم ته ڪاوڙ ۾ ائين ئي سمجيهو هو. هوڏانهن بيگم هينائر وري هيءُ ٿي چوڻ گهريو ته آءٌ تو وانگر پاڻکي پوڙهي عورت سمجهڻ پسند نٿي ڪريان.

صوفي هينائر، هڪ سنئين سڌي عورت هئي. هوءَ نه ڪنهن جي آئيءَ ۾ هوندي هئي، نه ڪنهن جي وئيءَ ۾. هوءَ جيتوڻيڪ عمر ۾ پنهنجي سهيليءَ کان وڏي هئي ۽ سندس وار اڇا هئا، پر ڏسڻ ۾ هن کان به ڏهه ورهيه ننڍي نظر ٿي ائي. سندس ڳوريءَ ۽ پراڻيءَ هاٺيءَ کي، نرم نرم ۽ ٿلهن گاديلن تي ويهڻ کان پوءِ، آسيس محسوس ٿيندي هئي. ڇوڪراڻيءَ وهيءَ ۾ سندس رنگ ڏاڍو کُليل ۽ وڻندڙ هوندو هو، ۽ هينئر به ان ۾ ڪو ٿورو ئي فرق آيو هو. هوءَ پنهنجن سفيد وارن کي چلڪائڻ لاءِ، ڪيس ته استعمال ڪانه ڪندي هئي، پر مرڳو انهن سفيد وارن تي فخر محسوس ڪندي هئي. هينئر به بازار ۾ سينگار جي- دڪان تي جڏهن هوءَ پنهنجا وار ٺهرائڻ لاءِ ويندي آهي، تڏهن ڏاڍي پيئي وڻندي آهي.

سندس ناٺي، هن کي ’سمجهو‘ ڪري سڏيندو هو. هو سدائين پنهنجن دوستن يارن کي هڪ خاص ڳالهه ٻڌائيندو هو، هڪڙي ڀيري بيگم هينائر، پنهنجين سهيلين کي هوٽل واري گهر ۾، رات جي مانيءَ کائڻ جي دعوت ڏني هئي. مهمان عورتون، سندس عمر جيڏيون هيون، جن ۾ گهڻو ڪري رنون زالون هيون. اُهي سڀيئي هار سينگار ڪري آيون هيون ۽ سڀني کي پنهنجي آزاد خيال هجڻتي ڏاڍو فخر هو. اهو ڏسي، بيگم هينائر جي ناٺيءَ چيو، ” ماني کائڻ کان اڳواٽ آءٌ شراب موڪليندس. پهريون گلاس ساڄي پاسي واريءَ پهرينءَ ڇوڪريءَ کان شروع ٿيندو.“ بيگم هينائر کي شراب ڏاڍوپ وڻندو هو.

”اڙي ڇورا!“ بيگم هينائر ڏاڍيءَ نفرت سان چيو، ”هنن کي شراب پيئارڻ چڱو ڪونهي، هي سڀيئي هاءِ بلڊ پريشر جون مريض آهن.“ انهيءَ تي هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو.

”ٻڌ،“ هو گهڻو ڪري خوشيءَ سان چوندو هو، ”جيڪڏهن تنهنجي ڌيءَ تنهنجي اڌ جيتري به به خوش مذاق هجي ها، ته پوءِ سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي منهنيج انتخابي نظر، ڪنهن پوڙهيءَ تي پوي ها.“

بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم انهن ڪيترين ئي خوشحال وڏيءَ عمر وارين عورتن مان هيون، جيڪي پنهنجي زندگي، هوٽل جي فرحتي ۽ بيپرواهه ماحول ۾ گذارينديون هيون، جتي انهن هوٽلن جي وڏن وڏن ڪمرن ۾ ڳاڙها غاليچا وڇايل هوندا هئا، جتي ناسي رنگ جي سنگمرمر جا دالان هوندا هئا، ۽ جتي هر وقت دربان ۽ لفٽون موجود هونديون هيون. هو سدائين هوٽل کي کاڌي جي شڪايت ڪري، خوش ٿينديون هيون. هو گهڻو ڪري سمنڊ- پار ملڪن ۾ هڪ- ٻه سال سئر ڪرڻ جا پروگرام تيار ڪنديون هيون ۽ وڏي بحث مباحثي کان پوءِ چونديون هيون، ته ”ڇا ڪريون، ٻارن کي اسان جي ضرورت آهي.“ مينهوڳيءَ جي موسم ۽ سيري جي سرد مينهن ۾، هو ڪنهن به محفل ي تماشي ۾ وڃڻ پسند نه ڪنديون هيون. اهڙين موسمن ۾ گهڻُ ڪري ٻنپهرن يا شام جي وقت، روشن ۽ ڪشاده ڪمرن جي سڪوت، ماهه جونگ راند، جي آواز کان ٽُٽي پوندو هو. کليل درين مان اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن جي راند جا شاعراڻا ۽ واهيات نالا ورتا ويندا هئا ” هڪڙو بام! ويسٽ ونڊ! چار گُل!“

هو هڪ ٻئي سان ٽيليفون تي به ڳالهائينديون هيون. ان وقت هو هڪ ٻئي کي خالي نالي سان به نه سڏينديون هيون، ”هلو1 تون آهين هينائر؟ ڇا پيئي ڪرين؟“

”اڙي! مون کي ٿورو ڪم آهي-“

”ڪم کي کڻي کڏ ۾ اڇلاءِ. بيگم رينر آئي آهي. مون خيال ڪيو ته جيڪڏهن توکي اعتراض نه هجي ته پاڻ ٽيئي گڏجي راند ڪريون.“

هن جا ڏينهن ڏاڍا مصروف گذرندا هئا. هو سينگار- گهر ۾ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان هٿن پيرن جا نُنهن لهرائينديون هيون. هو ڏينهن جو فلمون ڏسڻ وينديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن ٿئيٽر ۾ به وينديون هيون ۽ راڳ جي محفلن ۾ به حصو وٺنديون هيون. هو سماجي اصلاحي ليگ جون ڪارڪن به هيون ۽ اتي وڃي تقريرون ٻڌنديون هيون. اُتي انگريزي ناول نگار، انگريزي يونيورسٽين جا پروفيسر ۽ انگريزي ايڊيٽر ايندا هئا ۽ نهايت توهين آميز آسڪفروڊ لهجي ۾ ’زر جي غلام‘، ’ماديت پسند آمريڪا‘ وغيره، جهڙن موضوعن تي تقريرن ڪرڻ کان پوءِ، جلدي جلدي پنهنجي پنهنجي في وصول ڪري، شڪاگو ڏانهن ڀڄي ويندا هئا، جتي ’پينٿين ڪلب‘ جي ميمبرن جي مشتاق مُنهن تي ثقافت جون اُلٽيون وڃي ڪندا هئا. هو نوان نوان ڪتاب پڙهي، انهن تي وڏا وڏا بحث ڪنديون هيون، زرد رنگ جي جورابن ۽ تيز ۽ شوخ رنگ جي توپن ۽ فئشني زيورن تي ڳالهايندي، سندن زبان مان عجيب ۽ غريب مذاق وارا گفتا ظاهر ٿيندا هئا. هنن جو هر هنڌ کُليءَ دل ان آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو هو.

هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا، پنهنجن پنهنجن ٻارن سان گڏ رات جي ماني کائينديون هيون. اهڙن موقعن تي اها ڪوشش ڪنديون هيون ته ميزبان جي فضول خرچيءَ تي ڪابه توڪزني نه ڪن. انهيءَ هودي به ڪڏهن ڪڏهن تنقيد ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهنديون هيون.

”اسٽرا بيريز، هان؟ جنوريءَ ۾ ! توبهه آهي! انهيءَ کاڌي تي خرچ رڪڻ لاءِ ايترو پئسو ڪٿان ٿو اچي؟“ ايڊنا جي پڪل گوشت جو ڪو سٺو ٽڪرو وڍيندا هئا، ته چونديون هيون: ”جيڪڏهن اهو منهنجي لاءِ آهي ته پوءِ انهيءَ جو اڌ ٽڪرو ڪافي ٿيندو.“

هو ٻارن کي به رات جي مانيءَ کائڻ لاءِ دعوت ڏينديون هيون، ”پر، امان! ڪهڙي نه بيوقوفيءَ جي ڳاله چئبي! اسين ته گهر گهاٽ واريون آهيون، توکي هت اچڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿيندي.“

”هت ته آءٌ هر هفتي، ٻه گهمرا ايندي آهيان. هاڻي ته مهينو اچي پورو ٿيو آهي جو تو مون وٽ ماني نه کاڌي آهي.“

”پر اسين ته چار ڀاتي آهيون ۽ تون اڪيلي آهين.“

”پر، ماڻهو سمجهندا ته آءٌ ڪا فقيرياڻي آهيان، جيڪڏهن آءٌ اهو بار کڻي سگهان ته پوءِ اوهان سان انڪار نه ڪريان ها. آءٌ ته بلڪل آزد آهيان.“ هئو به واقعي ائين. معاشي طور آزاد، جسماني طور چست ۽ اسماجي طور شوقين! هنن کي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، گهر گهاٽ، دوستيءَ ۽ سير تفريح جي هر ڪا سهولت ميسر هئي. هو فقط هڪڙيءَ ڳالهه لاءِ پنهنجي اولاد جون محتاج هيون، يعني هڪ اهڙيءَ ڳالهه لاءِ، جنهن کان سواءِ هنن جو زنده رهڻ محال هو. اهو هو پيار ۽ انساني محبت.

اهڙِن دعوتن جي موقعن تي، آرهڙ ۾، ٻارن جي دستوري سير سفر جي پروگرام جي بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم کي خبر پئجي يوندي هئي. اها انوکي ڳالهه هوندي به عجب جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. سندن اولاد جي اوالدل ۾، قدآور، بت جا سنها ۽ رانديگر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون هيون. اهي اڃا تائين پاڻ کي ٻارڙا ڪري سمجهندا هئا. جيتوڻيڪ هنن جا ٻار به وهيءَ چڙهي آيا هئا، جن جا وار اڇا ٿيڻ تي هئا، ۽ جڏهن اهي کِلندا هئا، تڏهن اکين جي ڪُنڊن وٽ گنهج پئجي ويندا هئن.

هو پاڻ کي اڃا به ٻار سمجهندا هئا، بنهه ٻار، جن کي اڃا به رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جي ضرورت هئي. اهي ٻار جيئن ته گهڻو ڪري آزاديءَ بابت ٻٽاڪون ٻڌندا هئا، تنهن ڪري شايد هنن اهو محسوس ڪرڻ ضروري ڪين ڄاتو، ته سندن همت پري، مستعد ۽ اثرائتي صورت تي، پيري قبضو ڪندي ٿي ويئي ۽ جنهن جي موجودگيءَ سبب گهڻو ڪري گهرو انتطام ۽ نااتفاقي اچي ويندي آهي.

زال مڙس انهيءَ ڳالهه تي صلاح مشورو ڪندا ئا: اهو ٻارن لاءِ چڱو ڪونهي. هوءَ به ته اسان وانگر ئي مضبوط ۽ سگهاري آهي. جيڪڏهن مون کان پڇين ٿو ته مون ۾ هينئر به ٻيڻي سگهه آهي. پر ڏس ته سهي، آڙهڙ ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ذرع به ڪين چُريا، ڇاڪاڻ ته هوءَ بيمار هئي. سچ پچ ته پنهنجي آزاديءَ جا حقدار آهن. انهيءَ هوندي به ڄاڻ ته هو اڃا به ٻار آهن. هو پنهنجي آزاديءَ جا حقدار آهن. انهيءَ هوندي به سڄو سيارو اسان کي خبردار رهڻ گهرجي. اسان کي ٻارن جو خيال رکڻو آهي.

آرهڙ ويجهو پوندو ويو. اڀرندي طرف پنجاهه ۽ سٺ نمبر گهٽيءَ وايون جايون شروع ٿي ويون. ماڻهو جاين جي ڇانوَ ۾ هلڻ لڳا. ثقافت جا ماهر انگريز، آمريڪي ڊالر ميڙي، پنهنجي گهر (تصوريت پسند يورپ) ڏانهن روانا ٿي ويا. سج جي گرم روشنيءَ ۾ موليئر، شا، ابسن، ورفيل ۽ اونيئل جا ڊراما پگهرجي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي راڳ جي محفلن جي بي لطف ٿڌڪار پکڙجي ويئي.

”اَمان!“ بيگم گرائم جي نُنهن ٿورو تيز ڳالهائيندي ۽ مڙس ڏانهن سواءِ نهارڻ جي چيو، ”گذريل سال ايڊ جو بخار البت خطرناڪ هو ۽ آگسٽ ۾ ننڍڙي کي جيڪا ٿڌ لڳي ٿي، اُحا ٿڌ ڪين هئي، پر بخار هو. آءٌ سمجهان ٿي، اهو هن کي ورثي ۾ مليو آهي.“

”سراسر بيقوفي!“ بيگم گرائم وراڻيو.

هن جا چپ زور سان ڀِڪوڙجي ويا ۽ پوءِ وري اڳئين کان به تيز ڳالهائڻ لڳي. ”ڊاڪٽر بار، چوي ٿو ته هنن ٻنهي کي ساون ۽ کُليل ميدانن جي آب هوا ملڻ گهرجي. حيققت ۾ هن جو به انهيءَ ڳالهه تي ضد هو. مون کي خوف آهي تههن سال پاڻ رڳو جلبن تي هلنداسون. جيڪڏهن توکي جبلن جي هوا ڀانءِ پوي ۽ تون اسان سان گڏجي اتي هلين ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي. هن ڀيري اسين جلبن تي تمام مٿي وينداسون. ڪينڊل ڏانهن. اُتي واري جاءِ، جيتُنيڪ ننڍڙي اهي، پر تون شايد ان جي ويجهو ڪنهن سراءِ ۾، سمهڻ ۽ اسان سان گڏ مانيءَ کائڻ تي اعتراض نه ڪندينءَ. بورچيءَ به اسان سان هلڻ جو واعود ڪيو آهي..... جون پنهنجين ٻن سهيلن کان به پڇيو آهي ته......“

”نه، نه“ بيگم گرائم خوفائتي آواز ۾ چيو، ”نه، منهنجو ڪو به فڪر نه ڪجو. اهو نه ڪنهن کي ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نه ڪنهن کي وري ٿيندو. ماڻو اهوئي سمجهندا ته آءٌ ٻار آهيان. مون کي ته ڪابه خبر نه آهي ته هن آرهڙ ۾ آءُ ڇا ڪنديس! شايد آءٌ ڪنهن ٻئي ملڪ وڃان.“

ايڊ وٽان هڪدم جواب آيو، ”آءٌ توکي يورپ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندس.“

”ڪير چوي ٿو ته آءٌ اڪيلي وينديس؟ آءٌ ته ڪنهن نه ڪنهن کي هَڙؤن ڀاڙو ڀري پاڻ سان وٺي وينديس. آءٌ ته بلڪل آزاد آهيان.“

”اَمان! هاڻي ائين نه چؤ. تون ڄاڻين ٿي ته آءٌ به ايڊ......“

”هائو، آءٌ ڄاڻان ٿي. “ بيگم گرائم جواب ڏنو.

گذريل سچي آرهڙ ۾ ڊورو ٿي ڪهڙي نه هئڊي ۽ ٿڪل ٽٽل واري ٿيندي ۽ هن کي کاري پاڻيءَ ۾ وهنجڻ گهرجي. نيويارڪ کان فقط ٻن ڪلان جو رستو آهي. جو لاءِ ته اها مزيدار ڳالهه ٿيندي. هو هر جمعي تي ايندو ۽ سومر تائين اتي رهي سگهندو. آگسٽ جي مهيني ۾ جڏهن ڪم جهڪو هوندو ته پوءِ هو خميس جي ڏينهن به اچي سگهندو. آءٌ سمجهان ٿي ته سامونڊي هوا تنهنجي ڳچيءَ جي سوڄ لاءِ نقصانڪار اهي، پر مون کي ٻارن جي ۽ جوَ جو به خيال رکڻو آهي.“

”منهنجو خيال ڪنهن کي به ڪونهي.“ بيگم هينائر ناراض ٿيندي چيو. هن پنهنجي اڱر سان ڪرسيءَ تي ننڍا ۽ گول گول چڪر ٺاهيندي چيو، ”ماڻهو سمجهندا ته آءٌ ٻار آهيان.“

”اَمان! ائين نه چئو. اها ڳالهه ته ٺَهي ئي نٿي. توکي خبر آهي ته آرهڙ ۾ جڏهن تون اسان سان گڏ هوندي آهي، تڏهن اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. تنهنجي لاءِ ته اسان وٽ گهڻي جاءِ آهي- ڊوروئي تنهنجي لاءِ......“

”نه، نه. مون کي ته ڪابه خبر ڪانهي ته هن آرهڙ ۾ آءُ ڇا ڪنديس. شايد آءٌ يورپ وڃان.“

”آءٌ توکي اڪيلو ڪونه ڇڏيندس.“

”مون اهو چيو ڇا، ته آءٌ اڪيلي وينديس؟ منهنجون ته گهڻيون ئي سهيليون آهن، جيڪي هر سال يورپ وينديون آهن ۽ مون کي پاڻ سان وٺي هلڻ لاءِ منٿون ڪنديون آهن. آءٌ ته ڪنهن کي ڀاڙو ڏئي به پاڻ سان وٺي وڃي سگهان ٿي. آءٌ بلڪل آزاد آهيان.

ٻنهي مان ڪابه هڪ ٻئي سان سچ نه ڳالهائيندي هئي. بيگم هينائر، بيگم گرائم جي اڳيان وڏي ۾ وڏو ڪوڙ ڳالهائيندي هئي ۽ بيگم گرائم وري بيگم هينائر کي منهن تي رکائي ويندي هئي: آءٌ سامونڊي هوا کان بيزار آهيان، آءٌ جبلن مان ڪَڪ آهيان، سڄو سيارو شهر ۾ ساڳيا ساڳيا ماڻهو ڏسجن ٿا. ڪهڙي تبديلي آئي آهي! ٿوري آب هوا. اها ڇا آهي؟

”تون هوا بدلائڻ لاءِ جبلن تي ڇو نٿي وڃين؟“ بيگم هينائر پڇيو.

”جبلن جي هوا مون کي بنهه ڀانءِ نٿي پوي. ان جو منهنجي دل تي خراب اثر ٿيندو آهي. تون سمنڊ جي ڪاري ڀلا ڇو نٿي وڃين؟“

”ڊاڪٽر منٿع ڪئي اهي. سامونڊي هوا، منهنجي ڳچيءَ جي نالين لاءِ نقصانڪار آهي.“

ٻنهي گهڙِءَ کن لاءِ، هڪ ٻئي جي نظرن جي بيپرواهيءَ سان ڏٺو. بيگم گرائم پهرين ڳالهايو. هن جي آواز ۾ ٿوري لطافت هئي. ”آءٌ يورپ وينديس. آءٌ اڪيلي وڃڻ ته نٿي چاهيان، پر تمام ٿورا ماڻهو هوندا اهن جن سان سفر ڪرڻ مناسب هوندو آهي.“

”منهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ آهي؟“ بيگم هينائر خوشطبعيءَ سان صلاح ڏني. ”چرچو ته نٿي ڪرين، هينائر؟“

انتظام ٿي ويو. اڳي به مرحوم گرائم ۽ محروم هينائر جي حيات هوندي، ٻيئي ٻاهرين ملڪن مان ٿي آيون هيون. بيگم هينائر هڪڙو ڀيرو وئي هئي ۽ بيگم گرائم ڪيترا دفعا.

گرائم ڀريل بت جو هڪ نهايت خوبصورت واپاري هجو ۽ ٻاهرين ملڪن مان مال گهرائيندو هو. بيگم گرائم وري پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃن تي ڏاڍو اصرار ڪندي هئي. مڙسسس شام جو پنجين بچي گهر ايندو هو ۽ اعلان ٿيندو هو، ته سڀاڻي صبح جو ڏهين بجي ڪنهن ٻاهرين ملڪ ڏانهن سفر تي وڃڻو آهي. اهو ٻڌي، بيگم گرائم روزا ڊوڙاٽل وانگر عجب مان نهاريندي هئي ۽ تَڙَ تڪڙ ۾، سامان جون پيتيون بند ڪرائي، ايڊ کي ڪنهن لائق دائيءَ جي حوالي ڪري، ڏاڍي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان سفر تي رواني ٿيندي هئي.

”آءٌ ڇٽيهه ڀيرا سمونڊ پار ويئي آهيان.“ بيگم گرائم ٿوري ئي ڪاوڙ ڏيارڻ تي چوندي هئي: ”آءٌ ته پيرس ۽ لنڊن ۾ ائين محسوس ڪندي آهيان، ڄڻ نيويارڪ ۾ آهيان.“

بيگم گرائم اهوئي گهريو ٿي ته آءٌ بيگم هينائر جي رهنمائي ڪريان. پنهنجي سهيليءَ لاءِ، سندن رويي ۾ ڏاڍي وسعت ۽ ڪُشادگي هئي. بيگم گرائم کي هميشه پئسن جي ضرورت رهدني هئي. تنهنڪري هوءَ اهڙي سياڻپ سان خرچ هلائيندي هئي، جو کيس ڪنجوس سمجهيو ويندو هو. ٻئي پاسي، بيگم هينائر ٻارن وانگر فضول خرچ هوندي هئي ۽ هميشه مٺائيءَ جو ڇَٻو هٿ ۾ هوندو هئس. هن ويچاريءَ ڪيتريون ئي تڪليفون سَٺيون هيون. ڪنهن زماني ۾ مڙسس، مسٽر هينائر، هن لاءِ هڪ جاگير خريد ڪئي هئي، پر ٿيو ائين جو وڪري جي دستاويز تي سندس نالو انهيءَ ملڪيت کي سُري وانگر کائي ويو. هوءَ اوڀر طرف ڪا خردري ٿي ڪئي. ته ترقي ۽ واڌارو وري ڏکڻ طرف ٿي ٿيو. هينائر جي اوچتيءَ وفات کان پوءِ، پراڻيون جايون ۽ اوڀر درياءَ وٽ خالي پلاٽ، جيڪي هو پنهنجي بيواهه لاءِ ڇڏي ويو هو ۽ جن مان ڪنهن به آمدنيءَ جي اميد نه هئي، انهن مان هڪ ته ٻاويهه ماڙ عمارت ٺهي راس ٿي. اها عمارت پوءِ نوانوي سالن جي ٺيڪي تي ڏني ويئي ۽ بيگم هينائر پنهنجا ٽوپلا ستونجاهه نمبر گهٽيءَ مان خريد ڪرڻ لڳي. اهي ڏک ڏولاوا هن کي ذرو به پريشان ڪري نه سگهيا. انهن جي ڪري ته هن جي طبيعت ۾ ويتر شيريني ۽ صبر اچي ويو. ”ڪهڙو فرق ٿيندو!“ هوءَ پاڻ کي چوندي هئي، ”توکي فقط هڪ ڀيرو زندهه رهڻو آهي.“ هن ڄڻ ته هڪ وڏي حقيقت ڳولي لڌي هئي.

سفر جي سنَبت ۾ هنن سادگيءَ کان ڪم ورتو. سندن با اصول زندگيءَ ۾ تَڙَتَڪڙ جي ضرورت نه هئي. بيگم گرائم ته سفر جي پڪي ۽ تجربيڪار هئي، يعني ’خالي پيتيون کڻي هلو ۽ اُتان اڀري اچو.... آمريڪي سلڪ جا جوراب کڻي هلو، اتي جا جوراب هڪ ڀيرو به پائي نه سگهندؤ..... فرحتي بوٽ ضرور کڻجانءِ..... ڪافي پنهنجي کڻ....... جهاز تي جنهن طرف اُس هجي، ان طرف رهڻ گهرجي.... ٿلهو ڪوٽ..... آمريڪي پئسا.....‘

جهاز ۾ هنن ٻه ڳريءَ مسواڙ وارا ڪمرا بُڪ ڪرايا هئا. جن جي وچ ۾ غسلخانو هو. ”ڇوريون، اوهين ته ڳائڻين وانگر سفر ٿيون ڪريو! بيگم هينائر جي ناٺيءَ چرچو ڪندي چيو. ۽ هن جي اها راءِ هنن جي ڪمرن مان صاف ظاهر هئي: گل، ڪتاب، مٺايون، ميوا، ٽيليگرام.

”ماڻهو ائين ڇو ٿا ڪن؟“ بيگم گرائم ڏند ڀِڪوڙي آهستگيءَ سان پنهنجي ناراضپي کي ظاهر ڪندي، رَڙ ڪئي.ڪيتري نه فضول خچر آهي! هن وڏي ڇٻي ۾ ته نهار، جيڪو مسٽڙ گرائم جي اڳوڻي ڀائيوار موڪليو آهي.“ هن بيگم هينائر جي اڻوڻندڙ گلن واري ڪپڙي ڏانهن پيار ڀرين نظرن سان ڏٺو.

”هينر يا هينار-“

”هينائر“، صوفيءَ سواءِ، ناراض ٿيڻ جي نهاريو. ”اڙي! هي وڏيون ناسپتايون ته ڏس! هڪ ويلي جي کاڌي جيتريون آهن.“

اهي وڏيون ناسپاتيون گهڻو ڪري سخت هونديون آهن. مون کي ته خبر ئي نٿي پوي ته ماڻهو ائين ڇو ٿا ڪن. آءٌ گرائم کي سدائين چوندي هيس ۽ اسين ڇٽيهه ڀيرا سمونڊ پار ويا آهيون، ته جيڪڏهن ماڻهو رڳو تارون پيا موڪليندا ۽ نه ٻي ڪا شيءِ، ته پوءِ انهيءَ کان وڌ ٻي ڪهڙي عقل جي ڳالهه چئبي.“

”مون کي ته اها ڳالهه پسند آهي.“ بيگم گرائم راءِ ڏني.

جهاز رواني ٿيڻ وقت، هو ٻئي جهاز جي ڪَٽهڙي وٽ بيٺيون هيون، بندر تي ڌيءَ، پٽ، نُنهن، ناٺي ۽ ٻار بيٺا هئا، جن هٿن جي اشارن سان کين الوداع پئي چيو. انهن جون شڪليون پري کان کين ائين پئي نظر آيون، ڄڻ ته خلا ۾ سفيد طشستريون پئي ڦريون. ڪٽهڙي وٽ بيٺل انهن ٻن جيوَن لاءِ، اهي طشستريون ڄڻ ته سندن دنيا هئي، سندن شمسي نظام هو، زندگيءَ ۾ سندن حاصلات جي علامت هئي ۽ خود زندگيءَ سان سندن زندهه تعلق هو.

”هينئر ئي لک! زمين تي لهڻ شرط تار ڪج. وسارج نه! پنهنجو خيال رکج!“ هو انهيءَ خلا کي آخري بار سوگهو جهلڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جيڪو سندن وچ ۾ وسيع ۽ ڪشادو ٿيندو پئي ويو. اوچتو جهاز جي ڪٽهڙي وٽ هڪ ٻئي جي ڀرسان ننڍڙي هئڊي ۽ ڪارين اکين واري چهري ۽ ڀريل، سرخ ۽ نيرين اکين واري چهري تي هڪ اهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويئي، جنهن کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ، کِل جي بدران رحم ٿي آيو. سفيد طشستريون، سمونڊ جي نيري پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳيون.

بيگم هينائر جي ڌيءَ برنس، پنهنجي مڙس جي ٻانهن کي سوگهو جهليو. سندس ٻنهي هٿن جون آڱريون وات تي اهڙيءَ طرح ته ڏٺل هيون، ڄڻ ته هوءَ ڪا ٻار هئي، جنهن کي ڪنهن خوف اچي وَڪوڙي هو. ”اهڙي جوُ! هوءَ ته رڙيون پيئي ڪري! ڏس ته سهي! منهنجي خيال ۾ اسين هن کي وڃڻ ئي نه ڏيون ها. مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. هوءَ ائين پئي ڏسجي-“

”اڙي! برني! هوءَ هينئر بلڪل ٺيڪ آهي.“ بيگم هينائر جي ناٺيءَ، جلدي جلدي چيو. ”هوءَ ته هڪ رؤنشو آهي. هن جو وقت ڏاڍي مزي سان گذرندو. اڙي! تنهنجي رويي مان ماڻهو سمجهندا ته تون ماءٌ آهين ۽ هوءَ ڌيءَ آهي.“

بيگم گرائم جي پٽ ايڊ، جنهن جو منهن جهاز جي ڪٽهڙي وٽ سُڪل ۽ ڪاري چهري ڏانهن مُڙيل هو، اهڙيءَ طرح پنهنجا ڏند ڀِڪوڙيا، جو سندس ڄاڙيءَ جا ٻيئي پاسا اُڀري آيا. هن ڏاڍيءَ بيوقوفيءَ سان هوا ۾، پنهنجون ٻانهون لوڏيون ۽ ٽوپلي سان اشارا ڪيا.

”اسٽيل! هيڏانهن ته ڏس! هوءَ ته رڙيون پيئي ڪري. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. تون ڇا ٿو سمجهين؟ هن کي اهڙيءَ طرح اڪيلو ڇڏڻ نه کپندو هو. هوءَ ته ائين پئي ڏسجي...... ائين پئي-“

”هوءَ اڪيلي نه جوُ! توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ جوُ! آءٌ ته توکي اڳيئي چوندي هيس ته تنهنجي ماءُ تنهنجي وڏي ڪمزوري آهي. تو هن کي سچ ته کاري ڇڏيو آهي.“

هو ٻيئي شاندار سياح هيون. ڏينهن ۾ ٽي- ٽي ڀيرا کاڌو کائينديون هيون، پر بيگم هينائر چوٿون ڀيرو شام جو به ڏاڍي چاهه ۽ ڪيڪَ کائيندي هئي.

”آءٌ جهاز ۾ چانهه کي ڪڏهن به هٿ نه لايان.“ بيگم گرائم، اها ڳالهه اهڙيءَ طرح ڪئي ڄڻ ته ان پرهيزگاريءَ ۾ خاص حڪمت هئي.

جيتوڻيڪ هو ٻيئي هڪ ٻئي جي ڏاڍو ويجهو هيون، پر کين انهيءَ ڪاوڙائيندڙ سهيلپ جو اڃا تائين احساس نه ٿيو هو. جيڪا سفر ۾ پيدا ٿيندي آهي. بيگم هينائر هڪ اهڙي قسم جي عورت هئي، جيڪا ڏندن جي پيسٽ جي ٽيوپ کي زور سان ٻُچ ڏيڻ پسند نه ڪندي هئي. پر بيگم گرائم وري اهڙي قسم جي عورت هئي، جنهن کي اها ڳالهه ڪاوڙائي ڇڏيدني هئي. ٻيئي صبح جو سوير اٿنديون هيون ۽ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ نيرن ڪنديون هيون. البت، بيگم هينائر نيرن کائڻ کان پوءِ، هنڌ مان نڪري، ڪپڙا مٽائي، ڪمري مان ٻاهر ايندي هئي ۽ بيگم گرائم ٻنپهرن تائين هنڌ ۾ پيئي هوندي هئي.

”ڏينهن ڏاڍو وڏو ٿئي ٿو.“ هن چيو. ”انهيءَ کان سواءِ آرام ڪرڻ لاءِ ههڙو موقعو وري ٿوري ئي ملندو. جيڪو ماڻهو سفر جو عادي آهي، تنهن کي اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه ايندي ته صبح جو وقت جهاز ۾ ٽپا ڏيندو پيو گهمجي.“

سندن نيرن جا طشت به هڪ بئي کان گهڻو مختلف هوندا هئا. ڳاڙهي ۽ ٿُلهي متاري بيگم هينائر، بلو ڪمبل ڪُلهن تي ڪري، هڪ روشن ۽ ننڍڙي ڪمري ۾، ڏاڍي اطمينان ۽ آرام سان ويڙهي سيڙهي ويٺي هوندي هئي. سندن گوڏن تي جدا جدا ڊيشن سان ڀريل طشت رکيو هوندو هو ۽ هوءَ ايترو کاڌو کائيندي هئي، جنهن سان ڪينساس جو ڪو هاري پننهجي ڏينهن جي شروعات ڪندو آهي. انهيءَ ايتري ساري کاڌي کائڻ کان پوءِ، ڪافيءَ جا ٻه ڪوپ ۽ سفر لاءِ مليل تحفن مان خالص ملائيءَ جي پيالي به استعمال ڪندي هئي. بيگم هينائر انهن سڀني شين جا نالا وٺي نوڪرياڻيءَ، کي حڪم ڪندي هئي ته جلد کڻي اچ. اهو ٻڌي، بيگم گرائم ڏاڍي سختيءَ سان انهيءَ حڪم کي ناپسند ڪندي، ملامت آميز لهجي ۾، پنهنجيءَ نيرن لاءِ حڪم ڏيندي هئي: ڪافي، گرم پاڻي، خشڪ ٽوسَ.

”تعجب!“ بيگم هينائر پنهنجي ڪمري مان، روٽيءَ جي گرم گرم ٽڪري تي مکڻ جو چاپوڙو ۽ نارنگيءَ جو مُربو هڻي، اهو سمورو ٽڪرو پنهنجي وات ۾ وجهندي رَڙ ڪندي هئي. ”تعجب آهي. بيگم گرائم! اهوئي سبب آهي جو تون سڙي سُڪي پئي آهين!“

ڪاري ۽ ننڍڙي بيگم گرائم، پنهنجي بستري ۾، اهڙي پيئي لڳندي هئي، جهڙي کير جي ٿانوَ ۾ مک. بيگم هينائر جي وهنجڻ جو آواز ٻڌي هوءَ ڪاوڙجي پوندي هئي. بيگم هينائر ته دهلن دمانن سان وهنجدي هئي. ”بيگم هينائر! مرهباني ڪري دروازو بند ڪر. مون ساري رات اک نه ٻُٽي آهي. جيڪڏهن وقت مليو ته آءٌ هينئر ٻه- ٽي منٽ ننڊ ڪري وٺنديس.“

جڏهن هو ٻيئي ڪُلهو ڪلهي سان ملائي، لويون ويڙهي. آرام ڪرڻ ۽ سوچڻ ويچارڻ لاءِ، جهاز جي عرشي تي ويهنديون هيون، تڏهن ڳالهه ٻولهه ڪندي، پنهنجي پٽ ۽ پنهجي ڌيءَ طرفان پهتل ڪنهن تڪيلف جو ذڪر ضرور ڪنديون هيون. گهڻيءَ گهڻيءَ دير جي ماٺ ۽ چپ کان پوءِ، ننڍڙا ننڍڙا ۽ اجايا رايا جيڪي بلڪل غير شعوري چيا ويندا هئا، ۽ ائين پيو لڳندو هو ته ڳالهائيندڙ، وڏي آواز سوچي رهيون هين: خير، آءٌ سمجهان ٿي ته زندگي انهيءَ جو نالو آهي..... تو هن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ، پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي ۽ هاڻي هنن کي تنهنجي ڪابه ضرورت ڪانهي. هڪ ڌيءَ سموري عمر ڌيءَ ٿي رهندي، پر پُٽ فقط ان وقت تائين پنهنجو پُت آهي، جستائين هن جي شادي نه آهي. ڪنهن ڪنهن وقت آءٌ سوچيندي آهيان ته منهنجو ناٺي، جو منهنجي پنهنجي پيٽ ڄائي کان وڌيڪ لحاظ وارو آهي... ايترو آءٌ چئي سگهان ٿي ته جيتري مون کي سندن ضرورت آهي، انهيءَ کان وڌيڪ هنن کي منهنجي ضرورت آهي.

هو وجهه وٺي هڪ ٻئي کي وڃي جهلينديون هيون ۽ هڪ ٻئي کي سختيءَ سان اکيون ڀَڃنديون هيون. هو جهاز جي عرشي تي سئر ڪندڙ همسفر، مردن خواهه عورتن تي ٽوڪون ڪنديون هيون ۽ انهن بابت مزيدار رايا ڏينديون هيون. جهاز ۾ سندن ملاقات هڪ پراڻن خيالن واريءَ عورت جي ڪري، هنن پوءِ يورپ کنڊ جي سئر ۾ سندين ساٿِياڻي هئي. انهيءَ عورت جي ڪري، هنن ۾ خوشيءَ ۽ نفرت جا چڱا خاصا جذبا اُڀريا. اهي پراڻي زماني جون آمريڪي عروتون هيون يا انگريزي شريف عروتون، جيڪي تاريخيٽوپلا، ڪپڙي سان مڙهيل ۽ بڪل لڳل وڏيون ڪاريون جُتيون ۽ شاندار ڪاري ڪپڙي جا لباس پايو، پيون هلنديون هيون. انهن جي خدمت لاءِ گهڻو ڪري اهڙيون ڇوڪريون هونديون هيون، جن جي صورت شڪل سندن شڪستن جو آئينو هئي يا ته سندن ساٿي اهڙا هوندا هئا، جيڪي پنهنجي سموري پنجي زندگيءَ جي جُوا ۾ هارائي ويٺا هئا. اهي عروتون سج جي ڇانوَ ۾ هلندي شرم ۽ حياءُ محسوس ڪنديون هيون. اهو نظارو ڏسي بيگم هينائر ۽ بيگم گرائم جي دل ۾ ڪانه ڪا شرارت سُجهي ايندي هئي.

”منهنجو خيال آهي ته آءٌ پئرس پهچي، پنهنجا وار گهنڊيدار ٺهرائيندس.“ بيگم هينائر اعلان ڪدني چوندي.“ برينس جو خيال آهي ته اهي وار ٺهي سگهندا.“

”بيوقوف نه ٿيءُ! هُن عورت ڏانهن ڏس! جون ۽ هُن ڪارا گيٽر پاتا آهن. اهي ڪارا گيٽر ڏسي مون کي قبر کوٽڻ وارا اچيو ياد پون. آءٌ شرط سان چوان ٿي ته هوءَ ڪنهن پراڻي خاندان مان آهي، خير!“

لنڊن، پئرس، ديول، فرنيڪفرٽ، بروسيلز، ليوسرن، هنن جي قوت ۽ طاقت خوفناڪ هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته وقت جي واري، تيزيءَ سان سندن هٿن مان وهندي پئي ويئي. اهڙي تيزيءَ سان جو هنن کي پنهنجي آرام ۽ ننڊ ۾ وڃايل وقت تي به رشڪ پئي آيو. هنن پنهنجي سِر ته اهو ئي سوچيو هو ته کين سمهڻ لاءِ، گهڻو ئي وقت ملندو، پر پوءِ هنن پنهنجي ذهن مان اهو خيال ڪڍي ڇڏيو. هو آڌيءَ رات ٿيڻ کان اڳ ته بستري ۾ وينديون ئي نه هيون. وري ڪيتري وقت تائين هنڌ ۾ ئي ڪتاب پيون پڙهنديون هيون، پر صبح جو ڇهه وڄندا ئي هئا ته سندن اک کلي ويندي هئي. ان وقت هو پنهنجي پنهنجي هنڌ ۾ پيون سوچينديون هيون، بيگم گرائم پنهنجي ڪمري ۾ بيگم هينائر پنهنجي ڪمري ۾. هو پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سٺ سال گذاري، مٿي چڙهيون هيون. هو رڳو ماضيءَ ۽ حال بابت سوچينديون هيون، پر مستقبل جو کين ڪوبه فڪر نه هو.

نيٺ هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. اهڙو جيهڙو، جيڪو هلندو ئي رهيو. شايد هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري، هرهڪ کي هر وقت پنهنجو پاڇو هڪ ٻئيءَ جي چهري ۾ نظر ايندو هو. هو سفر جي ٿڪاوَٽ، ننڊ جي گهٽتائي، ذهني مونجهه، اڪيلائيءَ ۽ سفر جي تڪليفن وغيره کي ڪڏهن به هڪ ٻئي تي ظاهر نه ڪنديون هيون، مرڳو پيئي هڪ ٻئي کي قصور وار سمجهنديون هيون. هوٽل جي ورانڊي ۾، ريل گاڏيءَ ۾، پارڪن ۾، دڪانن ۾، مطلب ته جتي به ۽ جنهن وقت به سندن ڪا نئين ڄاڻ سُڃاڻ ٿي، ته ٺَهه- پَهه لڪ ڇپ ۾ هڪ  ٻئي جي انهيءَ سان شڪايت ڪنديون هيون.

بيگم گرائم ڄڻ ته ڪنهن پکيئڙي وانگر هئي. جنهن جي ڪاوڙ جو خاص سبب بيگم هينائر جي شاندار بُک هوندي هئي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ٿلهي متاري، ناز ڪمزاج ۽ دلڪش بيگم هينائر، جي سڀ کان وڌيڪ پسند جي شيءِ کاڌو ئي هوندو هو. هوءَ گانگٽ، مڇيون، ميوا ۽ هر قسم جي کٽاڻ کائيندي، خوش ٿيدني هئي. هن کي رات جي مانيءَ کائڻ وقت هلڪي اڇي شراب جو هڪ گلاس ڏاڍو وڻندو هو. هوءَ ٻنپهرن جو کاڌي جا پنج ڇهه قسم هڪ ئي وقت ڳڙڪائي ويندي هئي، جنهن کان پوءِ پنير جو وڏو ٽڪرو ۽ ميوو کائڻ به نه وساريندي هئي. انهيءَ هوندي به سمهڻ وقت، سندس ڪمري مان ڪاغذ جي پُڙي جو آواز ضرور ٻڌڻ ۾ ايندو هو.

بيگم گرائم پنهنجا چپ ڀِڪوڙي، پنهنجي ناراضپي جو اظهار ڪندي هئي: توکي خبر به آهي ته تون مڇي پلو هضم نٿي ڪري سگهين. وري تون ٻڪريءَ جو گوشت ڇو کائين؟ جڏهن تون ڄاڻين ٿي ته اهو تنهنجي لاءِ فائدو وارو ڪونهي. منهنجي نُنهن ته ڪڏهن به اهو گوشت گهر ۾ نه رڌيندي. منهنجا لفظ ٻڌي ڇڏ! تون بيمار ٿي پوندينءَ. پوءِ مون وٽ دانهن نه کڻي اچجانءِ. جيڪڏهن تون ڪِري پئينءَ، ته تنهنجي سار سنڀال لاءِ، ڪنهن کي تڪليف ڪرڻي پوندي؟

بيگم هينائر ڏاڍي نرمائيءَ سان ۽ اچرج وچان هن کي ڏسندي چوندي هئي: ڇو، آءٌ پاڻ پنهنجي سنڀار لهنديس.

”تون! نه!“ بيگم گرائم جواب ۾ چوندي. ”آءٌ اها سار سنڀار مون کي ئي لهڻي پوندي.“

”بيگم گرائم! منهنجي ڪنهن کي به ڳڻتي ڪرڻ نه گهرجي. آءٌ ته بلڪل آزاد آهيان.“

هينرئ جيئن ته هنن کي پنهنجن ٻارن جي ياد ڏاڍو پريشان ڪندي هئي. تنهن ڪري بئي هڪ ٻيءَ جي پرواهه ڪرڻ کان سختيءَ سان انڪار ڪنديون هيون. البت سفر ڪندي ڪنهننئينءَ سهيليءَ سان پنهنجيءَ دل جي ڳالهه ضرور چونديون هيون.”مون کي اميد آهي ته سيپٽمبر تائين ته آءٌ اهو سڀ ڪجهه سهي سگهنديس.“ بيگم گرائم، نيويارڪ جي ڪنهن سهيليءَ سان ذڪر ڪندي. ”پر هاڻي ته منهنجي صبر جو پئمانو ڄاڻ ته ڇلڪيو. آءٌ توسان ٿي ڳالهه ڪريان ته مون سٺو سبق سکيو آهي. منهنجي پٽ ۽ نُنهنَ ته مون کي منٿون ڪيون هيون، ته هن آرهڙ ۾، آءٌ هنن سان جبل تي وڃان، پر مون سمجهيو ته هن طرف اچڻ ۾ ئي چڱاِ هئي. خير، جيئرو رهڻو آهي ته سِکڻو به آحي.“

بيپرواهه بيگم هينائر وري ڏاڍي اچرج وچان ۽ نرمائيءَ سان دانهون ڏيندي هئي. ”هو ته هر ڳالهه تي وٺي هُل هنگامو ڪندي آهي. هوءَ هر ڪنهن سان وڙهي ٿي. کڻي اُهي مزور هجن، هوٽل جا نوڪر يا نوڪرياڻيون هجن يا ريلوي اسٽيشن جا ملازم هجن. آءٌ سيپٽمبر مهيني جي انهيءَ ڏينهن جو ايمانداريءَ سان انتظار پئي ڪريان، جڏهن اسين پنهنجي ملڪ واپس وينديون سين. ڏهين سيپٽمبر تي گهر پهچڻو آهي. جيڪر سڀاڻي ئي ڏهين سيپٽمبر هجي!‘ منهنجي ڌيءَ مون تي ڌاڍو زور رکيو هو، ته آءٌ به ساڻن گڏجي سمونڊ جي ڪناري گهمڻ وڃان، پر مون آب و هوا جي تبديليءَ لاءِ يورپ اچڻ مناسب سمجهيو ۽ سچ پڇين ته اهائي منهنجي غلطي هئي.  آءٌ هميشه چوندي آهيان ته جيستائين ڪو سفر ۾ ساٿ نٿو رهي تيستائين ان کي سمجهڻ ڏاڍو اوکو آهي.“

بيگم گرائم جي شهري ڄاڻَ سدائين بيگم هينائر جي ٿوري ڪاوڙيل چهري تي چٿرون ڪندي پئي نظر ايندي هئي. ”تون هوٽلن ۾ نوڪرن کي هميشه خرچي ڏيندي آهين. اهڙيءَ طرح تون هنن جون دعائون خراب ڪرين ٿي. جنهن ماڻهوءَ پهريون ڀيرو به سفر ڪيو هوندو، اهو به هڪ شرابي ملاح وانگر ائين نه ڪندو. هو نه رڳو توکان پئسا وٺن ٿا، پر توکي به پئسي- پئسي لاءِ محتاج ڪري ڇڏيندا.“

”مون کي انهيءَ جي ذري به ڪاڻ نه آهي ته هو مون کي محتاج ڪندا. مون کي ته پنهنجو آرام ۽ سُک گهرجي. جيڪڏهن هر هفتي جي آخر ۾ ٻه- ٽي پئسا انهيءَ لاءِ خرچ ڪجن ته چانهه سان گڏ گرم پاڻي ملي، هڪ وڌيڪ وهاڻو ملي، وهنجڻ جا ٻه وڏا ۽ صاف ٽوال ملن، ته پوءِ نون کي ڪابه پرواهه نه آهي ته هو منهنجي پَرپُٺ ڇا ٿا چون!“

”هنن کي ڇا آهي؟هو ته توتان کلندا آهن.“

”ڀلي پيا کلن، جيڪڏهن هو پندرهن سينٽن لاءِ کِلي سگهن ٿا، ته ايترا پئسا ڏيندي مون کي خوشي ٿيندي.“

”نه، نه! اها پسئن جي ڳالهه ڪونهي، پر آءٌ ته هڪ اصول جي ڳالهه ڪريان ٿي.“

ڪنهن ڪنهن وقت ڏسبو هو ته شام جو، هو ٻئي ڪنهن هنڌان گهمي ڦري اچڻ وقت گڏ نه، پر ڪِن حرڪتي ٻارن جيان اُداس ۽ بيزار، هڪ ٻئي جي پٺيان پيون اينديون هيون.

بيگم هينائر جي ناٺيءَ سچ تي کيس رؤنشي جو لقب ڏنو هو. هوءَ هئي به هڪ رؤنشو! منجهس جوا رهڻ جي به عادت هئي ۽سچ پڇو ته هوءَ کٽندي به هئي، پر جيتري رقم کٽندي هئي، انهي4 کان وڌيڪ هارائيندي هئي. فرانس ۾ هر رات ماني کائڻ کان پوءِ، هوءَ ڪنهن نه ڪنهنڪئسينو ۾ گهڙي ويندي هئي ۽ پنهنجيسموري پونجي وڃي داءَ تي رکندي هئي. جُوا ڪرڻ واريءَ ميز جي مٿان ۽ ان جي چوڌاري محسوس ٿيندڙ هڪ عجيب و غريب اُڀاريندر ڪشمڪش سبب، هن جي جسم جا وار اُڀا ٿي ويندا هئا، هوءَ ڏڪڻ لڳندي هئي. اتي هوءَ انهن پراسرار ۽ ڌارين عورتن سان هڪدم رلي ملي ويندي هئي، جيڪي ڪارائيءَ کان وٺي ٺُونٺ تائين هيرن جواهرن جا قيمتي ڪنگڻ پائينديون هيون. اُهي عورتون ڪڏهن ڪڏهن هن کان پئسا اُڌارا وٺنديون هيون. ڏاڍي معمولي رقم، پنجاهه فرانڪ، ويهه فرانڪ، ڏهه فرانڪ، جُوا جي ميز مٿان ڄميل جهرڻن جهڙن لَڙڪندڙ جهاڙن مان ڳاڙهي، نيري، لياري ۽ سائي روشنيءَ جا هزارين ڪِرنا نڪري، هيٺ اُڀين ٿيندڙٻانهن ۾ پيل، هيرن جواهرن کي جرڪائي ڇڏيندا هئا.

بيگم گرائم ته ورلي جُوا رهندي هئي. ”مون پنهنجي ڄمار ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي.“ هوءَ بيزاريءَ سان چوندي هئي. ”منهنجي جُوا سان ڪابه دلچسپي نه آهي. منهنجو مڙس گرائم هڪ منٽ ۾ پنج سؤ فرانڪ کٽي ويندو هو، ته ٻئي منٽ ۾ وري اها سموري رقم هارائي ڇڏيندو هو. ان زماني ۾ پنج سؤ فرانڪ هڪ وڏي رقم سمجهي ويندي هئي.“ ڪنهن ڪنهن وقت هوءَ بيگم هينائر سان رات جو گمهڻ ڦرڻ لاءِ گڏجي وڃڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيندي هئي. ”توکي خبر آهي ته گذريل رات ڪئسينو ۾ تو پنهنجي ڀرسان بيٺل، جنهن عورت سان پي ڳالهايو، اُها ڪير آهي؟ تازو ورانڊي ۾ مون کي هڪ عورت ملي، جنهن ڳالهه ڪئي ته هوءَ اهائي فرينچ مادام بي خان هئي، جنهن هڪ ترڪ سان شادي ڪئي هئي، ۽ جنهن کي هن پوءِ لنڊن ۾ هڪ هوٽل ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. سڀني اخبارن ۾ انهيءَ قتل جي خبر ڇپي هئي.“

”مون سمجهيو ته ايتري جواڻ جماڻ ٿي ڪري هوءَ ڇو اُداس هئي.؟“ بيگم هينائر رحم کائيندي چيو.

”خير ڪئسنيو ڏانهن ڊوڙڻ ۽ قاتلن سان ڳالهائڻ بدران ٻيا به ڪيترائي اهڙا چڱا ڪم آهن، ڪري سگهجن ٿا.“

”ڇا؟“ بيگم هينائر تيزي سان چيو.

”ڇا وري ڇا؟“ بيگم گرائم ڊڄندي وراڻيو.

”اُهي ڪهڙا چڱا ڪم آهن؟“

”خير، ٺيڪ آهي.مون کي رڳو ايترو ٻڌاءِ ته اعصابي بدهضميءَ سبب يا ايتري کاڌي کائڻ ڪري، جيڪو هڪ گهوڙو به هوند نه کائي يا ٿورن فرانڪن حاصل ڪرڻ سبب، جيڪڏهن تون بيمار ٿي پوين ته پوءِ ان جو ڪير ذميوار ٿيندو؟“

پر ٿيو ائين جو بيگم هينائر جي بدران پهرين بيگم گرائم بيمار ٿيپئي. دراصل فرئنڪفرٽ کان بروسيلز ويندڙ گاڏيءَ، ٿوري گڙٻڙ ٿي پئي هئي، ريل ڇٽڻ کان صرف هڪ منٽ اڳ، هنن کي خر پئي ته ، ڏهه سؤ ڇٽيهه نمبر ريل گاڏيءَ بدران هو ڏهه سؤ ڇويهه نمبر ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺيون هيون. هنن جون پيتيون ۽ بيشمار ٿيلها به ريل گاڏيءَ ۾، رکجي چڪا هئا. اهو سڀ ڪجهه هنن کي انهيءَ هوش حواس اُڏائيندڙ منٽ ۾ معلوم ٿيو، جنهن جي گذرڻ کان پوءِ خبر نه آهي ته اها گاڏي هنن کي ڪٿي وڃي ڇڏي ها. بس پوءِ ته اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ لڳو، جيڪو ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڪنهن غلطيءَ ڪرڻ سبب ٿيندو آهي: مزور، مسافر، ريلوي جا ماڻهو، دانهون، رڙيون، واڪا، هٿن جا اشارا،سامان جي اٿل پٿل وغيره. ڪلوني! پر اسان سمجهيو ٿي ته هيءَ گاڏي ڪلوني تي بيهندي. اها سرحد آهي ۽ اتي اسان کي ٻي گاڏيءَ ۾ چڙهڻو هو. پر اُها ٻي گاڏي آهي ڪٿي؟ اسان کي هڪدم لهڻ گهرجي. جلدي ڪري لهي وٺون. اسين آمريڪي شهري آهيون.

هو ٻئي غلط ريل گاڏيءَ مان لهي صحيح  ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺيون. سندن منهن ڳاڙها ٿي ويا هئا، جن تي گهرو هئڊرو رنگ ظاهر هو. ٻنهي جون پيشانيون پگهر ۾ شل هيون ۽ ٻئي پئي ڏڪيون. نيٺ فرسٽ ڪلاس جي دٻي ۾، هنن کي جايون ملي ويون ۽ ٻئي اداس اکين ۽ ٿڪل ٽٽل جسمن سان پنهنجين پنهنجين ڪرسين تي ڪري پيون.

ڪلاڪ کن کان پوءِ جڏهن هنن کي ٿوري آٿت محسوس ٿي، تڏهن انهيءَ واقعي تي هڪ ٻئي سان چرچا ڪرڻ لڳيون. پوءِ مس مس هو ڊائننگ ڪار ۾ به وڃڻ جهڙيون ٿيون، ۽ اتي اهو گرم ۽ ٽهڪندڙ کاڌو کائي سگهيون، جيڪو يورپ جي ريل گاڏين ۾ مسافرن جي مٿان، بمن وانگر اُڇلائيندا آهن. گهاٽو ۽ روغي شورووُ، ٻڪريءَ جو گوشت، روغني پٽاٽا، اوٻاريل ترڪاريون، ڪچومبر، پنير ۽ ميوو. بيگم گرائم ڪچومبر، پنير ۽ ميوو کاڌو ۽ اتي ئي کانئس غلطي ٿي هئي. ٿورو وقت اڳواٽ جي خوف ۽ پريشانيءَ سندس ڪمزور جسم ۽ ذهن کي ڌُونڌاڙي ڇڏيو هو. سفر پوري ٿيڻ تي، جڏهن هوءَ هوٽل ۾ پهتي، ته آڌيءَ رات جو چيريندڙ ۽ ڏڪائيندڙ سور کان تڪليف محسوس ڪرڻ لڳي.

”آءٌ ڪڏهن به ڊاڪٽر کي نه گهرائينديس. آءٌ هنن ڌارين ڊاڪٽرن کي پنهنجي ويجهو به نه اچڻ ڏينديس. هڪ ڀيري وائنا ۾، هنن مرڳو مسٽر گرائم کي ذري گهٽ ماري ٿي وڌو. اهي ڊاڪٽڙر سڀئي هڪ جهڙا هوندا آهن.“

”بيوقوف نه ٿيءُ، توکي ڪانه ڪا دوا ضرور واپرائڻ گهرجي.“

”ارنڊيءَ جو تيل ۽ گلاب جون ڪليون، انهيءَ سور لاءِ اهائي دوا استعمال ڪبي آهي. ڏاڍو نُگرو سور آهي! مون ته توکي اڳ ۾ ئي پئي چيو ته آءٌ انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ ڪڏهن بهکاڌو نه کائينديس. پر تنهنيج ڪُچ ڪُچ لڳي پئي هئي ۽ مجبور ٿي مون کي ٿورو چکڻو پيو. هاڻي ڇا ڪريان! ويهاڻي تي پيل ننڍڙو ۽ سُڪل چهرو سائو ٿي ويو هو.

”آءٌ ڪنهن ڇوڪري کي ڊوڙايان، هوٽل ۾ ڪونه ڪو ضرور جاڳندو هوندو. اڃا ته ٻارهن به مس ٿيا آهن.“

”پيرن ۾ جُتي ته پاءِ، تون ته پيرن اُگهاڙي پئي ڦرين، توکي ٿڌ لڳي- اڙي هاءِ!“ هوءَ سور وچان سڄي مَروڙجي سَروڙجي وئي.

نيٺ در تي هوٽل جو ڳاڙهه- اکيو نوڪر آيو. پر هن ٻاهر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نه، ٻيو به ڪير ڪونه هو، جنهن کي کڻي موڪلي ها. آڌي رات به ٿي وئي هئي. ظاهر آهي ته دوائن جا دُڪان به بند ٿي ويا هوندا. هن کي ڪابه خبر نه هئي، ڪابه خبر نه هئي، ڪابه خبر نه هئي! وهاڻي تي پيل چهري جون اونداهيون اکيون سور وچان روشن ٿي پيون.

”آءٌ وينديس.“ بيگم هينائر چيو، ”آءٌ ڪنهن نه ڪنهن کي وڃي اُٿارينديس. منهنجا خدا! جنگ جي زماني ۾ اسان هنن ماڻهن لاءِ ڇا ڪجهه نه ڪيو هو!“ هن لبادي جي مٿان پڙو پاتو ۽ ان جي مٿان وري ڪوٽ پاتو.

”اڙي! مٿو ته ڍڪ!“ بيگم گرائم ڪمزور آواز ۾ رَڙ ڪندي چيو.

”جهنم ۾ وڃي پوي مٿو!“ بيگم هينائر جواب ڏنو.ويهن منٽن کان پوءِ هوءَ واپس ائي. هن جي هٿ ۾ ارنڊيءَ جي تيل جي بوتل، هڪ نارنگي، هڪ چمچو ۽ هڪ پُڙي بلاگ جي ڪقلين جي هئي، ”پنهنجو نڪ جهلي تيل پيءُ، هاڻي هن ٽوال سان پنهنجو مُنهن اگهه، نارنگيءَ جي هيءَ ڦري چوس. هاڻي گلاب جون ڪليون ۽ وري صبح جو. ”بيگم هينائر ساري رات پَٻن تي ڦري گذاري، ۽ هوءَ هر هر ان سُسِيل ۽ سڪل چهري کي ڏسندي رهي. جيڪو ڏاڍي نماڻائيءَ سان سندس طرف ڦريل هو. ”هائو توکي شايد ٿورو بخار به آهي، پر صبح تائين توکي خبر به نه پوندي ته تون ڪا بيمار هُئينءَ.“

”پيرن ۾ جُتي ته پاءِ“ بيگم گرائم ڪاوڙ وچان رڙ ڪندي چيو. ”هاڻي وڃي سمجهي رهه.“ پر صبح ٿيڻ تائين ڪمري جي فرش تي ويهه ڀيرا کن اگهارن پيرن جو کڙڪو ٿيندو رهيو. صبح جو بيگم گرائم ٿوري ڪمزور ته هئي، پر سور جي تڪليف گهڻي گهٽ ٿي وئي هيس. ٻنپهرن تائين هن گرم گرم کير جون چُسڪيون ڀريون. سندس اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون، پر سندس چهري تي سور ۽تڪليف جا جيڪي آثار هئا، سي ڄن ته غائب ٿي ويا هئا. شام ٿيڻ تائين بيگم گرائم آهستي آهستي نڪ ۾ سُڻڪي رهي هئي. ٻئي ڏينهن زڪام ۽ نڙيءَ ليس جي ماريل بيگم هينائر لاءِ ڪمزور هوندي به گرم ليما، اسپرين ۽گرم پاڻيءَ جون ٿيلهيون تيار ڪري رهي هئي.

هفتو کن ته انهيءَ خوشي ڏيندڙ تڪليف ۾ لنگهي ويو، جنهن ۾ ٻئي هڪ ٻئي سان ڏاڍي نرمائيءَ ۽ نئڙت سان پيش اينديون رهيون.

”مٺڙي! توکي هاڻي ڪابه تڪليف ڪرڻي نه پوندي. آءٌ هاڻي تندرست آهيان.“

”صوفي! ايمان سان ٿي چوانءِ، ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته تنهنجي مُنهن تي اُها اڳوڻي رونق نظر نٿي اچي! جيڪڏهن نڙيءَ ليس مان ڦري توکي نمونيا ٿي پوي، ته انهيءَ لاءِ ڪنهن کي تڪليف سهڻي پوندي؟“

”توکي“ بيگم هينائر ٺَهه پَهه جواب ڏنو ۽ ٽهڪ ڏئي گُهٽيل آواز ۾ کلڻ لڳي. هو ٻئي شربرگ کان سامونڊي جهاز ۾ چڙهيون. پئرس پهچڻ تائين هنن ۾، جيڪي ڏاڍيون خوش مزاج ۽ آزاد رهڻ جو عادي ٿي ويون هيون، وڏو ڦير اچي ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ جسماني ۽ روحاني طور مدد لاءِ، ٻئي هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪندوين هين، پر انهيءَ لاءِ ٻنهي وٽ مَڃوتي هرگز نه هئي.

”تون انهيءَ لائق ئي نه آهين ته بازار ۾ اڪيلي سر وڃي خريداري ڪرين. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن آءٌ توکي ٻانهن کان ڇڪي پاسي نه ڪريان ها، ته هُوند اُها ٽئڪسي تنهنجي مٿان چڙهي وڃي ها.“

”ماڻهو ائين سمجهندا ته تنهنجي اڳيان آءٌ ٻهراڙيءَ جي ڪا عورت آهيان جيڪڏهن آءُ نيويارڪ جهڙي شهر ۾ گهمي ڦري سگهان ٿي، ته پئرس ۾ به مون کي گهمڻ اچي ٿو. آءٌ پئرس کي تڏهن کان سڃاڻان ٿي، جڏهن تو اڃا ان جو نالو به نه ٻڌو هوندو.“

شهر جي ڀوائتين ۽ بيقرار ڪندڙ گهٽين جي زندگي ٻنهي کي چڪرائي ڇڏيو هو. هو ٻئي ستايل سَهن وانگر هر رڪاوٽ کي ٽوڙينديون، انهن تان ٽپا ڏينديون اڳتي وڌنديون ويون ”خير، آءٌ ته انهيءَ خريداريءَ مان بيزار ٿي پئي آهيان. مون برنس لاءِ هڪ وڳو ڪپڙن جو، ۽ جو لاءِ رومال ته اڳواٽ ئي خريد ڪري ڇڏيا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڀيڻ لاءِ ڪنگڻ ۽ ننڍڙي لاءِ عينڪ به خريد ڪئي اٿم. آءٌ سمجهان ٿي ته هو انهن شين جي ملڻ ڪري ضرور خوش ٿيندا.“

ٿڪل پر اَڻ شڪستيون، مٿا ڳاڙها پر اَڻ جهُڪيل.

بندر تي کين ٻار وٺڻ لاءِ آيا هئا. پُٽ، نُنهن، ڌيءَ ۽ ناٺي. هنن رسم و رواج مطابق ٻارن کي پيار ڪيو، پر پنهنجين پوٽين ۽ ڏهٽين کي هنجن ۾ کڻي کين چُمين ڏيڻ کان ٿَڪيون ئي نه.

”اڙي ڇوڪرا! انسپيڪٽر منهنجي سامان جي چڪاس پيو ڪري. تون ته مهرباني ڪري هتان پري ٿي بيهه، منهنجو ته ساهه پيو ٻُوساٽجي. نه ايڊ! هن کي سگار ته نه ڏي، اهڙيءَ طرح تههن کي اجايو شڪ ٿيندو. آءٌ توکي ٻڌايان ٿي ته مون هرڪا شيءِ ظاهر ڪري رکي آهي. پر خير، منهنجو ته ساهه پيو ٻوساٽجي.“

”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ آءٌ ٺيڪ نٿي ڏسجان!“ بيگم گرائم پنهنجيءَ نُنهن کان پڇيو: ”مون کي جسم ۾ سور جي ٿوري تڪليف ٿي پئي هئي، پر يورپ ۾ ته هر ڪنهن کي اها بيماري ٿيندي آهي.“

”ساڳي ڳالهه آهي.“ سندس پُٽ ايڊ وراڻيو. ”ايندڙ اونهاري ۾ توکي اسان سان گڏ رهڻو پوندو. آءٌ نٿو گهران ته تون اڪيلي سر يورپ ۾ گهمڻ وڃين، مون کي اها ڳالهه نٿي وڻي.

”آءٌ اهو ٻڌڻ گهران ٿي ته آخر ڇو!“ بيگم گرائم ڪاوڙ ۾ سرخ ٿيندي پڇيو. ”ڪنهن کي به منهنجي سنڀال ڪرڻ جو حق ڪونهي. آءٌ ته بلڪل آزاد آهيان.“

”امان!“ بيگم هينائر جي ڌيءَ برنس دانهن ڪئي، ”تنهنجو مُنهن لٿل آهي! تون سنهڙي ٿي وئي آهين! تون بيمار هئينءَ ڇا؟“

”اڙي ڇوڪري! اُهائي نڙيءَ ليس جي پراني جَهٻٽ. خير، آءٌ ته ڏاڍي ٿلهي هيس.“

”چڱو! اڳئين سال تنهنجي نڙيءَ ليس جو علاج گهر ۾ ئي ڪنداسون، آءٌ نٿي گهران ته تون اڪيلي سر يورپ ۾ پئي گهمندي وتين.“

”بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه نه ڪر! بيگم هينائر ورانيو. هن پننهجي ڌيءَ ڏانهن پيار ڀرين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ ٿوري ٿوري سختي به هئي. ”خدا جي واسطي اهو ته ٻڌاءِ ته تو هيءُ ٽوپ ڪٿان هٿ ڪيو آهي! اڄڪلهه ته ڪوبه وريل ڪنارن سان ٽوپ ڪونه ٿو پائي. هن سال پئرس ۾ هرڪا شيءِ هيٺ تي وريل آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com