بندو خان ڪاسائي
اڱاري جو ڏينهن آهي. بندو خان ڪاسائي، توائيءَ
مان گوشت جي ٻسي دڪان ڏانهن نهاري رهيو آهي جنهن ۾
سانت ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. بندو خان ڪاسائي کي
سانت کان سخت چڙ آهي. هو پنهنجو هر ڏهاڙو گوڙ شور
۾ گذارڻ چاهيندو آهي.
بندو خان اوٻاسي ڏئي ٿو ته زبان ڪري پويس ٿي. زبان
کي ڪات سان وڍي ٽڪر ڪري سيخن ۾ ٽنگي ٿو رکي. گوشت
لاءِ لامارا ڏيندڙ سرڻيون بندو خان جي دڪان ۾ لهي
اچي سندس زبان جا ڪي ٽڪر کڻي وڃن ٿيون. ڪات تي
هاريل رت مکيون چوسڻ لڳن ٿيون. مکين کي ڇوٽ مليل
آهي ته هو ڪات تي هاريل رت آرام سان چوسين. هونئن
مجال آهي جو مکين جا ولر بندو خان جي ڪات تي ويهي
آرام سان رت چوسين. جيئن ته اڄ گوشت جو ڏهاڙو
ناهي. بندو خان وٽ فرصت آهي انهي ڪري مکين کي رت
چوسڻ جي ڇوٽ مليل آهي. ٻيوته ڪات تي ويهندڙ مکين
جا ولر ڀانت ڀانت جا آواز ڪڍي رهيا آهن. جي
بندوخان لاءِ گوڙشور ۽ زندگي جي نشاني آهن. بندو
خان کي سانت کان چڙ ۽ نفرت آهي.
ايتري ۾ بندو خان ڪاسائي جي دڪان ۾ ڪتو داخل ٿو
ٿئي. هو کيس ڪجهه به نه ٿو چوي. ڪتو دڪان جا پاسا
جاچڻ لڳي ٿو پر کيس هڏو يا ڇڇڙو نه ٿو ملي. ڪتو
دڪان جي ڪنڊ ۾ ميسڻو منهن ڪري ويهي رهي ٿو. بندو
خان ڪتي ڏانهن تڪي ٿو جو گوشت لاءِ واجهائي رهيو
آهي. بندو خان پنهنجي ڏندن جي ٻٽيهي ڪڍي ڪتي ڏانهن
اڇلائي ٿو. ڪتو آرام سان بندو خان جي ڏندن جي
ٻٽيهي رڙڪي رهيو آهي. ڪتي کي خبر آهي اڄ اڱارو آهي
تنهن ڪري هو کيس ڪجهه به نه چوندو.
بندو خان جو دڪان جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ سانت ۾ ٻڏل
هو هاڻ مکين جي رت چوسڻ جي آوازن ۽ ڪتي جي ڏندن
رڙڪي کائڻ ڪري گوڙيلو ٿي وڃي ٿو ۽ بندو آوازن جي
شور ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو.
ٻلي دڪان ۾ داخل ٿي ته ڪتو منهن بڇڙو ٿو ڪري. شايد
ڪتي کي ٻلي جو اچڻ نه وڻيو ڇاڪاڻ ته کيس ڪجهه بچيل
مال ٻلي کي نه ڏيڻو پوي. ڪتو چاهي ٿو ته ٻلي سان
وڙهي کيس دڪان مان ڀڄائي ڪڍي، پر کيس ڊپ آهي بندو
خان جي ڪاوڙ جو. ڪتي کي خبر آهي جو هو ٻلي سان
وڙهيو ته بندو خان کيس ڪات سان ٻه اڌ ڪري گوشت ۾
کپائي ڇڏيندو.
بندو خان پنهنجا ٻئي ڪن پٽي ٻلي ۽ ڪتي ڏانهن ڦٽا
ٿو ڪري. ٻلي ۽ ڪتو ڪن کائي رهيا آهن، مکيون ڪات تي
ويٺيون رت چوسي رهيون آهن. بندو خان اڱاري گذرڻ جو
انتظار ڪري رهيو آهي. هن کي اڱارو بلڪل ناهي
وڻندو. هن کي واندڪائي کان سخت چڙ آهي.
فقيرياڻي اچي سين ٿي هڻي:
” بندو گوشت ٽڪر ته ڏي.“
بندو کيس ڪائي ورندي نه ٿو ڏي. ٻلي ڪن جي بچيل
گوشت جو ٽڪر کڻي اچي فقيرياڻي کي ڏي ٿي. فقيرياڻي
هلي ٿي وڃي. ٻلي ۽ ڪتو دڪان جي ڪنڊ ۾ آرام سان
ويهي رهن ٿا.
بندو خان دوڪان ۾ نظر ڊوڙائي ڏسي ٿو ته ٻلي ۽ ڪتي
وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ڪتو اوٻاسي ٿو ڏي، ٻلي
پڇ کي وات ۾ وجهي ويٺي آهي ۽ مکيون ڪات تان رت
چوسي ديوارن تي ويهي رهيون آهن.
سانت دڪان ۾ لهي آئي آهي. بندوخان سانت کي دڪان ۾
ايندو ڏسي خفي ٿي پوي ٿو. هو ڪتي ۽ ٻلي جي کائڻ جا
آواز ٻڌڻ چاهي ٿو. مکين جي ڀانت ڀانت جا آواز جي
هن لاءِ زندگيءَ جا متحرڪ آواز آهن. هو سانت کي
ختم ڪرڻ ٿو چاهي.
هن کي سانت ڪنهن ڳري ڇپ جيان لڳندي آهي. جنهن جي
ڇائنجڻ سان هو مري ويندو آهي. پر هو مڪمل ۽ پرشور
هل هنگامي ۾ جيئڻ ۽ مرڻ ٿوچاهي. هوآوازن کي ڇهڻ ۽
محسوس ڪرڻ ٿو چاهي.
هن کي ائين ٿو لڳي ڄڻ وقت اچي سندس دڪان ۾ بيهجي
ويو هجي ۽ ڪائنات جا سمورا آواز دفنائجي ويا هجن.
هو ورچي پوي ٿو. هو ڏسي ٿو ته سندس دڪان ۾ ڪو به
هڏو، گوشت جو ٽڪرو يا ڇڇڙو ناهي بچيو، جنهن ڪري
سندس دڪان ۾ ويٺل جانور حرڪت ۾ اچي آواز پيدا ڪن
ته جيئن هو آوازن جي دنيا ۾ گم ٿي وڃي.
پر بندو خان جي دڪان ۾ سانت ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي ۽
هن جي چڙ وڌندي ٿي وڃي. هو چڙ ۽ خفت مان ڪات کڻي
پنهنجي ڄنگهه تي وهائي ڪڍي ٿو. پنهنجي ڄنگهه جا
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتي ۽ ٻلي ڏانهن اڇلائي ٿو ڏي.
مکيون ديوارن تان لهي بندو خان جي نيسارا ڪري
وهندڙ رت تي ويهي رهن ٿيون .
هاڻ هن کي لڳي ٿو ڄڻ زندگي سندس دڪان ۾ ساهه کڻي
رهي آهي. هو ڀرپور شور ۽ هل هنگامي جي دنيا ۾ گم
ٿي سڪون محسوس ڪري ٿو. هو سڪون ۾ آهي. سندس
دڪان ۾ آوازن جو مڪمل هل هنگامو متل آهي.
فقيرياڻي اچي سين هڻي ٿي:
” بندو، گوشت ٽڪر ته ڏي.“
بندو خان جي چپن تي مرڪ ڦهلجي وڃي ٿي. هو پنهنجي
ران فقيرياڻي کي ڏي ٿو. هن جي دڪان ۾ رش وڌندي وڃي
ٿي. آواز جيئرا ٿي پون ٿا ۽ سانت مري وڃي ٿي.
” بندو ڦڦڙ ڏي!!....“
” بندو، جيرا ڏي.“
بندو خان ڪاسائي ماڻهن منجهه گوشت لاءِ اٻهرائپ ۽
تڙپ ڏسي مشڪي پوي ٿو.
” بندو مغز.“
” بندو، ران!!“
” بندو منڍي تازي ڏجانءِ.“
بندو خان آوازن جي هل هنگامي ۾ پاڻ وڃائي ويهي ٿو. هو سڄو
ورهائجي ۽ ڳڀا ڳڀا ٿي ويو آهي. هن چاهيو به گوڙ
شور هو جنهن مان زندگي ساه کڻندي محسوس ٿئي. بندو
جو دڪان گراهڪن کان خالي ٿي وڃي ٿو.
رات، هن جي دڪان ۾ لهي اچي ٿي ۽ بندو خان جا نيڻ
کڻي هلي وڃي ٿي ته رات ستارن جي جهرمر سان چمڪڻ
لڳي ٿي. بندو خان آخري گراهڪ جي انتظار ۾ آهي جو
هن جي وجود جو باقي رهيل ڪو ٽڪر کڻي هليو وڃي
ايتري ۾ هڪ ڇوڪري هن جي دڪان ۾ داخل ٿئي ٿي. هوءَ
هن جا چپ کڻي
وڃي ٿي ۽ بندو خان وٽ فقط ٽهڪ ئي رهجي وڃن ٿا. هن
جو دڪان ٽهڪن جي پڙاڏي سان گونجي پوي ٿو. |