سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

باب: --

صفحو :11

ماڻڪ جو موت

 

آسمان کان هيٺ، پير گوڏن تان وڍيل لڙڪي رهيا آهن. هيٺ وشال سمنڊ ۾ هٿ آسمان ڏانهن لڙڪندڙ پيرن ڏانهن واجهائي رهيا آهن.  آسمان ۽ سمنڊ وچ ۾ ٻه اکيون جرڪي رهيون آهن. منهنجا پير گم ٿيل آهن. پيرن جا نشان آسمان ۽ سمنڊ تي اڪريل آهن.

ماڻڪ خودڪشي ڪري مري وڃي ٿو. ماڻڪ کي دفنائڻ کانپوءِ هن لئه چيو وڃي ٿو، جيئن البرٽ ڪاميو جي موت تي سندس ڪنهن همعصر ليکڪ لکيو هو. ” ڪاميو ائبسرڊ موت مئو“  ائين ئي ماڻڪ لئه سوچيو ۽ چيو ويو. ماڻڪ پنهنجي ائبسرڊ ڪهاڻين وانگي ائبسرڊ موت مئو.

ماڻڪ دفن ٿيو. هن سوچيو:

” مونکي مرڻ کپي.“

پر هو نه مئو. ملائڪن هن کي ٻيهر مرڻ جي مهلت ڏني. هن قبر ۾ ڪيترائي ڀيرا خودڪشي ڪئي، پر بي سود. هو نه مئو. هن قبر ۾کوکلو ٽهڪ ڏنو. ماڻڪ لوح محفوظ ۾ ڏٺو هن جي موت جي داخلا ٿيل نه هئي. هو اداس ٿي ويو. هن لوح محفوظ کي بار بار ڏٺو متان هن جي موت جي داخلا ٿيل هجي،  پر کيس پنهنجو نالو ڪٿي به نه مليو.

ماڻڪ لوح محفوظ ڏانهن ڏٺو. هن لئه هي لفظ اڪريل هئا:

” سسيفس جي موت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڀوڳنا سسيفس جي تقدير آهي. تون سسيفس آهين. توکي زندهه رهڻو پوندو. موت خوشخبري آهي ۽ سسيفس ان خوشخبري کان آجو ۽ مڪت ٿيل آهي.“

ماڻڪ اداس ٿي ويو. هن هڪ دفعو ٻيهر مرڻ جي مهلت گهري. هن ساهه منجهايو ته هن پاڻ کي رڃ ۾ رلندي ڏٺو. هن وري ساهه منجهايو پر بي سود. هو نه  مئو.

هو نه مئو.

هن رڙ ڪئي ۽ قبر مان ٻاهر نڪري آيو.

مون ماڻڪ جا سمورا ڪتاب ڳڙڪائي هضم ڪري ڇڏيا ۽ مان حاملا بڻجي پيو هوس. ماڻڪ مون وٽ آيو. منهنجي اکين ۾ ماڻڪ لئه حيرت هئي. هو اڃا نه مئو هو ۽ مسلسل ڀوڳنا ۾ هو.

” ٻڌ....“  ماڻڪ چيو.

” چئه....“

” منهنجي عمر ڪيتري هوندي مرڻ کانپوءِ؟“

” سسيفس جيتري.“

اکين ۾ جوهه وجهي، سگريٽ جو گهرو ڪش هڻي ٿو.

” مونکي پڙهيو اٿئي؟“

” ها.......“

” .........“

” ماڻڪ تنهنجا ڪتاب ڳڙڪائي هضم ڪري ورتا اٿم ۽ مونکي تنهنجن لکيل جملن مان پيٽ ٿي پيو آهي. مان پهريون حاملا مرد آهيان. منهنجي پيٽ اندر تنهنجي ڪردارن جا واڪا، درد، رڻ ۾ رڙيون ٿا ڪن. منهنجي پيٽ ۾ هڪ ٻار جنم وٺڻ وارو آهي. جنهن جو الميو لڙهندڙ نسل وارو ئي لڳي ٿو.“

ماڻڪ چپ.

ڊگهي خاموشي.

” منهنجي ڪردارن کي مڪتي ڏيار ڀوڳنائن کان، جيئن مان پنهنجي ڪردارن سميت ازلي موت مري سگهان.“

” نه، ائين نه ٿو ٿي سگهي.“

” نه، منهنجي ڪردار کي، مرڻو پوندو.“

” پر ماڻڪ، اديب جي مرڻ سان ان جا ڪردار مرندا ته ناهن!“

” نه انهن کي مرڻڻو پوندو. نه ته مونکي سسيفس وانگي ڀوڳڻو

پوندو. سسيفس  جي تقدير ۾ موت ناهي، هو مسلسل ڀوڳي ٿو. گوڏا نه ٿو ٽيڪي. ڪلهي تي پٿر رکيو اڳتي رڙهندو رهي ٿو. منهنجا ڪردار ۽ مان سسيفس جو پنر جنم آهن. هاڻ انهن کي مرڻ کپي.“

سانت.

لمبي چپ.

زبان کي ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه ٿا ملن. لفظ مري چڪا آهن. سانت لفظن کي ڳڙڪائي ناچ ڪري رهي آهي. زندگي ماڻڪ تي ڳوڙها وهائي رهي آهي.

چپ.

لمبي آسمان تائين ڦهليل.

” پارس، ڪاڻهي لک.“  ماڻڪ چوي ٿو.

” نه... نه لکي سگهندم. ڀوڳڻو پوندو، صليب تي چڙهڻو پوندو. بار بار مرڻو پوندو.“

” نه لک......“

” چڱو ٻڌاءِ، شروعات ڪٿان ڪيان؟“

” ڪهاڻي جي شروعات گار سان....“

ڪهاڻي جي شروعات گار سان ٿو ڪريان:

” .........“

” حراميو، مان اڃا زندهه آهيان.....“

ماڻڪ گار پڙهي چوي ٿو.

” گار ڏيڻ به نه ٿي  اچئي. گار هيئن ڏبي آهي...“

” سامراج، مان اڃان..... تنهنجي ماءُ کي..... زندهه آهيان.“

ماڻڪ گار لکرائڻ کانپوءِ چوي ٿو،

” ٻڌ، سامراج کان وڌ ٻي ڪابه گار ناهي ٿيندي. سامراج جسم ۽ روح تي قابض ٿي ويندو آهي. پوءِ هوريان هوريان زهر وانگي جسم ۾ ڦهلبو، شخصي آزادي ۽ انفراديت کي ڀسم ڪري، هر چهري تي پنهنجو ماسڪ چاڙهي. هڪ ازم جي صورت ۾ نمودار ٿي،  پنهنجا اختيار مڙهيندو آهي ۽ پوءِ ماڻهو ماڻهو ناهي رهندو. پرزو بڻجي جيئدان لئه لڇندو رهندو آهي.

ڏسان ٿو سامراج  جي وات ۾ هر شيءِ هڙپ ٿيندي ٿي وڃي ۽ ماڻهو کوکلو بڻجي زنده رهڻ سکي وٺي ٿو. ۽ مان سامراج جي پيٽ ۾ هضم ٿيل. مونکي الٽي ٿي اچي. منهنجو حاملا پيٽ ڦهلبو ٿو وڃي. الٽي ٿو ڪريان. الٽي ۾ ماڻڪ جي ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ٻاهر نڪرندا ڪمري ۾ ڦهلبا ٿا وڃن.

الٽي ۾ نڪتل واچ ٽڪ ٽڪ ٿي ڪري، وقت نه ٿي ٻڌائي. ڊائري، ڪهاڻين جا ڪردار، ناولن جا ڪردار، ميز، ڪرسيون، سسيفس  ڀوڳيندڙ ڪلهي تي کنيل پٿر، چونڊ کان محروم ڪردار.  جلوس جلسا، نعرا، دوکا، انومان، انديشا، وهم، وسوسا، مئل زندگي، ماءُ  ڀيڻ، پيءَ، ڪامريڊ، ڀاڄائي، ٽهڪ، ٽوڪ، طعنا، لڙهندڙ نسل ۽ پچڪ جو آواز، ڪاڪوس ۾ هنيل مٺ. هر شيءَ ڪمري ۾ گڏ ٿيل. ڪردارن جو جلوس، ڪردارن جو ساهه اڃان به مٺ ۾.

”پچڪ“  هنيل مٺ مان ، هڪ ٻار نڪري ڪمري کي غور سان ڏسڻ لڳي ٿو. هن کي ائين ٿو لڳي ڪمري ۾ ميلو لڳل آهي جت هو گم ٿي ويو آهي. هو سراپيل ۽ هيسيل آهي. ڪمري ۾ موجود ڪردار ڳالهائين ٿا. لفظ ڳالهائين ٿا. پر ٻار چپ آهي.

ماڻڪ چپ.

ماڻڪ چپ.

ٻار غور سان ماڻڪ کي چتائي ڏسي ٿو ۽ هن جي ويجهو اچي چوي ٿو.

” ڪاڪوس ۾ پچڪ تو ڪئي هئي نه؟“

ماڻڪ هراسيل.

” مان ان پچڪ مان پيدا ٿيل آهيان. منهنجي شناخت گٽر ۾ ڇو لکيئه؟ منهنجو وجود اڻپورو ڇو لکيئه؟“ ٻار جي منهن تي ڪروڌ آهي. ماڻڪ وٽ جواب ناهي . لفظ گٽر ۾ ڪريل.

ماڻڪ ڳالهائي ٿو ته زبان ڪري پويس ٿي ۽ زبان تي لفظ اڪريل اٿس.

” گٽر جو الميو، هڪ پوري قوم جو الميو آهي.“

ٻار ڪمري ۾ موجود ويٺل خوبصورت ڇوڪري کي غور سان چتائي ڏسي ٿو، جا کيس وڻي ٿي. هو انجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڪمري مان ٻاهر نڪري پوي ٿو.

ڪمرو سانت ۾ ٻڏل.

ڊائري کلي ٿي (ماڻڪ جي قبر ۾ لکيل)

اڄ مري ويس.

نه ڪالهه مري ويو هوس.

هنن مونکي وڪڻي ڪٻاڙي جي حوالي ڪيو هو.

مونکي رديءَ ۾ وڪيائون.

مون پنهنجو ڪتاب رديءَ ۾ وڪيل ڏٺو.

هنن رديءَ ۾ وڪڻي ڇڏيو.

ماڻڪ رديءَ ۾ وڪڻيل ليکڪ.

ماڻڪ رديءَ ۾ مري ويو.

رديءَ ۾ وڪڻيل ليکاريءَ جو موت.

مان رديءَ ۾ ڪريو آهيان.

رديءَ ۾، کوڙ ساريون. ٽٽل ڀڳل، اڻلڀ شيون وکريون پيون آهن. اڄ جي اخبار، ڪلهوڪي، ۽ ان کان اڳ جي، سالن جون، اڳين صديءَ جون، ماني ٽڪر، ڀڳل گلاس، ٽٽل آئينو، ٽٽل جسم، وئشيا جو سڪل انگ، لوهه جا ٽڪر ۽ هڪ اڻپوري چمي، رديءَ ۾ وڪرو ٿيل ڪتاب، هر ليکڪ ننڍو وڏو رديءَ ۾، ڪوبه ليکڪ ننڍو وڏو ناهي هوندو. رديءَ جون اخبارون گوليون هلائن ٿيون، گولين سان لاش ڪرن ٿا. خواب ڪرن ٿا. ڪٻاڙ خاني ۾ رکيل اڌ مئل ريڊيوجا سيٽ هلڻ لڳن ٿا.

ريڊيو اسٽيشن جو آواز:

” هي  ريڊيو  اسٽيشن  آهي. اوهانجي  فرمائشي پروگرام سان اوهانجي خدمت ۾ حاضر آهيون.“

” منهنجي ڪابه فرمائش ناهي.“

” ............“

” بيهو، هڪ فرمائش آهي.“

” ...........“

” مونکي بولان ميل جو وقت ٻڌايو؟“

” بولان ميل هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي.“

” پر هڪ ڪلاڪ مان ڇا ڪندس. مونکي بولان ميل ۾ موت سان ملاقاتي ٿيڻو آهي. مان ڪلاڪ ۾ ڇاڪندس؟“

”............“

” موسم جون خبرون ٻڌايو.“

” موسم صاف آهي. بادل ٻه ڏينهن نظر نه ايندا برسات جو امڪان ناهي.“

” پر مونکي بارش کپي.“

” موسم بارش جي ناهي.“

” پر مونکي کپي.“

” هي ريڊيو اسٽيشن آهي. ڪا ٻي فرمائش ڪريو.“

” ٻي ڪهڙي فرمائش؟“

” ڳانن ٻڌڻ جي.“

” ٺيڪ، مونکي پوپٽ جي آواز ۾ ڳانو ٻڌايو. مون پوپٽ جو آواز ناهي ٻڌو.“

” ڪنهن گلوڪار جو آواز هجي؟“

” پوپٽ به ته گلوڪار آهي. جڏهن گلن تي ويهندو آهي ته گيت ڳائيندو آهي.  پوپٽ جو آواز  ٻڌايو.“

” نه، ٻي ڪا فرمائش؟“

” بند ڪيو ريڊيو سيٽ.“

ريڊيو سيٽ بند ٿي مري وڃن ٿا.

اڻپوري لکيل ڊائري، مئل ساهه کڻي، پنو اٿلائي ٿي. نئين صفحي تي لکيل آهي.

سيلف پورٽريٽ:

صليب.

سگريٽ.

تيليون.

خاموشي.

مان.

۽

ڀوڳنائون.

۽

هڪ اڻپوري ڏنل چميءَ جو غم.

.........

........

” ٻڌ، خاموش ڇو هوندو آهين؟“

” .........“

” حيراني آهي، ان سوال تي به چپ آهين؟“

” مان فقط ڪهاڻيڪار آهيان.“

” ان جو چپ سان ڪهڙو واسطو؟“

” آهي!!“

” پر ڪهڙو؟“

” اهو ته منهنجي ڪهاڻي جا ڪردار ڳالهائيندا آهن ۽ مان چپ رهندو آهيان، جي ڳالهائڻ شروع ڪيم ته منهنجا ڪردار گونگا ٿي ويندا.“

” معني ته تنهنجا ڪردار تنهنجي جيون جو پرتو آهن.“

” ها به ۽ نه به...“

” ڇا مقصد؟“

” جو چئي ناهيان سگهندو، اهو ڪردارن کان چورائيندو آهيان ۽ اهي منهنجو پرتو هوندا آهن. ڪن حالتن ۾ ڪردارن کي پنهنجي زندگي هوندي آهي. ان ۾ منهنجي زندگي جو پرتو ناهي هوندو. جيون  فقط مونولاگ ۾ هلي نه ٿو سگهي.“

”.............“

”.............“

مان مري ويس ۽ پاڻکي دفنائي آيس.

ڪيترائي ڀيرا پاڻ کي دفنايو اٿم.

ڪيترا جنم ورتا هوندم؟

لکئين ڀيرا اڃان  به مٿي!!

پر مان مرڻ ٿو چاهيان.

پر مادي کي فنا آهي ڪٿي؟

اف، زندگي ڪيڏي نه طويل آهي.

مان دفن ٿيڻ کانپوءِ رابيل جي صورت ۾ ڦٽي نڪتو آهيان. رابيل جا هار ڇوڪري جي هٿ ڪراين ۾ويڙهيل آهن. مان هن جي اندر ۾ خوشبوءَ جيان ڦهلجي چڪو آهيان. هوءَ مونکي رابيل جي خوشبوءِ مان ٻاهر ڪڍي چوي ٿي.

” ماڻڪ، ڪجهه گهرانءِ؟“

” ها. ڇا گهرجئي؟“

”  ٻڌاءِ، ڏيندين؟“

” منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو ئي ته آهي.“

” نه... ڪي شيون اهڙيون هونديون آهن جي فقط ذاتي ۽ شخصي هونديون آهن. انڪري چيم جي ڪجهه گهرانءِ ته پوءِ....“

” ته پوءِ ڇا؟“

” متان انڪار نه ڪرين.“

” نه تون گهري ته ڏس.“

” مونکي پنهنجي خاموشي ارپي ڇڏ.“

” ............“

” ڇو خاموش ٿي وئين، چيم نه توکي ته ڪجهه شيون.......“

” ............“

” ڏس، دل ۾ ڪيئي نه، مان به چري آهيان نه، تو کان ڇا گهريو اٿم، تون خاموش هوندو آهين ڏاڍو وڻندو آهين. تنهنجي خاموشي کي هٿن ۾ دکايل سگريٽ وانگي محسوس ڪرڻ ٿي گهران، تون خاموش هوندي دکايل سگريٽ جيان لڳندو آهيان. انڪري چيم ته مونکي پنهنجي خاموشي ارپي ڇڏ، مان گهگهه انڌيري ۾ تو پاران ارپيل خاموشي ۾ دکايل سگريٽ جيان ٻرڻ ٿي چاهيان.“

” .........“

” چپ ڇو آهين؟“  اکين ۾ گهور.

” ائين ڇو ٿو گهورين، اڳ نه ڏٺو اٿئي ڇا؟“

” ........“

” چئه نه.....“

لمبي چپ.

...........

” مون پنهنجي خاموشي توکي ارپي پاڻ کي وڃائي ڇڏيو آهي.“

” ماڻڪ مون  ته توکي تنهنجي خاموشي ۾ ڳولهي ورتو آهي ۽ توکي تنهنجي چپ حوالي ڪري توکي وڃائڻ نه ٿي گهران!!“

” مان پنهنجي سانچي ۾ واپس ورڻ ٿو چاهيان.“

” ٺيڪ آ، تون پنهنجا چپ منهنجي چپن تي رکي. ٿوري خاموش چورائي سگهين ٿو.“

 چپن تان چورايل  رتيءَ جيتري خاموشي.

اڻپوري لکيل ڊائري ٿڌو ساهه ڀري مري وڃي ٿي. ڊائري جو آخري پنو، کلي پوي ٿو جو ماڻڪ قبر ۾ لکي اڌورو ڇڏي ڏنو هو.

ڊائريءَ جو آخري پنو:

جن حالتن ۾ مون موت قبوليو، اها مون لاءِ بهتر چونڊ هئي، ڇاڪاڻ جو مون ڏٺو هو، مون وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو ۽ گس نه هو. جڏهن هر طرف کان اختيار جبري طور مڙهيل هجي ۽ ماڻهو ان اختيار هيٺ پوريل ۽ پيڙهيل هجي. ان حالت ۾ مون پاڻ لاءِ چيو ته بهتر اهو آهي. پاڻ لئه هڪ بهتر چونڊ جو آغاز ڪريان ۽ مرڻ کان اڳ، مون پاڻ لئه بهتر کان بهتر چونڊون وکيري رکيون.  مثال ڪڏهن ائين سوچيم ته لکڻ ڇڏي ڏجي، ادب بڪواس کانسواءِ ڪجهه به ناهي، وڃي ڪو ٻيو ملڪ وسائجي، يا هڪ سادي اٻوجهائپ واري زندگي گذارجي جنهن ۾ ڪابه لوچ، سوچ نه هجي ۽ جيئن ٿئي پيو انکي قبولي وٺجي يا دلال ٿي عيش ڪجي. پر ڏٺم انهن سڀني شين سان منهنجو واسطو ئي نه هو.

 مون اهو سوچيو جو ٿئي پيو اهو غلط آهي ۽ مڙهيل آهي ۽ ان ۾ مون کان يا ٻين کان پوري چونڊ جو حق کسيل آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي وڪڻي مري چڪو آهي. انهيءَ سمورين ويڌن ۾، مون  پاڻ کي پوري نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ورتي. ٻيلي ماڻڪ، جيئن سوچين ٿو سڀ غلط آهي. صحيح اهو آهي. جو ٿئي پيو. پر نه، منهنجي آدرشن ان ڳالهه کي نه قبوليو ۽ پاڻ کي ريجهائي ڪونه سگهيس ۽ پاڻ کي موت جي حوالي ڪيم. پر ڏٺم مرڻ کانپوءِ به سک نه هو. قبر اندر منهنجي ڪتبي تي صحيح لکيل هو:

ماڻڪ منير جي قبر.

سن پيدائش سسيفس جيتري.

ماڻڪ سسيفس اڃان زندهه آهي.

هتان آرام ۽ احترام سان گذرو:

سسيفس موت جي اوسيئڙي ۾ آهي.

ڊائري بند ٿي مري وڃي ٿي.

رديءَ ۾ رکيل اڌ مئل فون وڄڻ لڳي ٿي.

” ٽرن......ٽرن.“

” هيلو......“

” هيلو......“

” ڪير؟“

” مان ماڻڪ...“

” حرامي اڃان جيئرو آهي.“

فون بند.

ماڻڪ وياڪل ۽ اداس ڪمري ۾ موجود پنهنجن ڪردارن منجهه پنهنجو اولڙو پسي ڳنڀير ٿي وڃي ٿو. اونهي سوچ کانپوءِ چوي ٿو:

” هر شيءِ کي ٻيهر جنم ڏيڻو پوندو.“

” پر ممڪن ناهي.“

” ممڪن آهي.“

” پر حالتون هميشه ساڳيون ئي رهيون آهن.“

” ٻڌ، مان چاهيان ٿو،  تون ٻيهر ڪن چئو پوءِ نئين ڪائنات کي جنم ڏينداسين، جنهن ۾ موت سسيفس لئه خوشخبري هوندو. ڪن چئه نئين جيئندان لاءِ جنهن ۾ ڪوبه ازم، فلاسافي، اختيار مڙهيل نه هجي نه ڪوئي ازم هجي، جنهن ۾ فرد جي انفراديت ۽ آزادي سڀاويڪ هجي، چونڊ هن جي وس ۾ هجي، چونڊ ڀوڳنائن کان مڪت، ڪردار ڀوڳنائن کان مڪت. نه سوال نه جواب.“

ماڻڪ چپ .

طويل خاموشي پکڙجي وڃي ٿي.

ماڻڪ چپ. هو لوچي ٿو. مان مڪمل ناهيان ڪابه شيءَ مڪمل ناهي. ڪليت دوکو آهي. هڪ اڻپوري شيءَ ئي هڪ آدرش ۽ خوشي آهي. مان اڌ قبر ۾ ۽ اڌ ٻاهر زنده آهيان. مان ڦهليل آهيان منهنجا پيرا گم ٿيل آهن. منهنجا پير گم ٿيل آهن. اکين ۾ هزار منظر آهن. منظرن ۾ سمايل دک، دک جو اڻکٽ قافلو... مان دک جي قافلي ۾ شامل آهيان. اڳيان رڃ آهي. مان دک جي پٺيءَ تان ڪريو آهيان اونهي قبر ۾، منهنجي ٻانهن ڇوڪري وٽ آهي جيڪا پنهنجي سٿرن جي وچ ۾ اندر ڏيئي ٿڌا ساهه ٿي ڀري. حويليءَ ۾ منهنجو مردانو انگ ڪريو آهي جو ننڍي سانئڻ وٽ آهي. حويلي ۾ ننڍيون وڏيون  بيبيون  منهنجي انگ  تي پاڻ ۾ وڙهن ٿيون.

پر مان ڪٿي؟ منهنجا پيرا ڪٿي آهن. مان ڪٽيل ڪنڌ سان گلدان ۾ ڪريو آهيان. اهو گلدان ڇوڪرو کڻي پنهنجي محبوبا کي ڏي ٿو.

ڏسان ٿو ماڻڪ ٽٽي وکري ويو آهي. ماڻڪ گلدان ۾ گل وانگي مشڪي  خوشبو ڦهلائي رهيو آهي.

مان ڪن ٿو ڪيان.

ڪن......

ڪن......

ڪن......

ڏسان ٿو. هر شيءَ موت ڏانهن رڙهندي ٿي وڃي. زندگي موت ڏانهن رڙهي رهي آهي. ماڻڪ خوش آهي. ڪردار، تارا، آسمان، ڪتيون، هر شيءِ ٽٽي ٿي ۽ پنر جنم شروع ٿيڻ لڳي ٿو.

موت جي وات مان زندگي اسري ٿي. زندگي کي نئون جيئندان ملي ٿو. ڏسان ٿو ڪن ڪرڻ سان ماڻڪ ستين آسمان ڏانهن پرواز ڪرڻ لڳي ٿو. هو آسمان تي وشال ڪرسي تي ويٺل آهي. ان سمي جو ڪوبه نانءُ ناهي، نه ڏينهن آ، نه رات ۽ نه صبح. ماڻڪ ستين آسمان تي. هن جا پير آسمان کان هيٺ لڙڪيل، سمنڊ ۾ ڪريل ۽  ٻه  اڀا هٿ آسمان طرف.

آسمان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ٻه اکيون چمڪي رهيون آهن اکين ۾ سسيفس جي چمڪ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com