سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

باب: --

صفحو :13

اوندهه مان اسرندڙ سورج مکي

 

اوندهه هن جي نيڻن ۾ اوتجي آئي ته سندر مرڪ هن جي چپن تي رقص ڪرڻ لڳي. هو ڪمري ۾ آرام ڪرسي تي ويٺو ڪمري ۾ پير پير ۾ پائي ايندڙ اوندهه کي نيڻن ۾ سرمي جيان پائڻ لڳو.

هو هاڻ اوندهه کي شراب جي آخري پيگ جيان ڌيري ڌيري اوتي رهيو هو ۽ سندس ڪمري ۾ موجود روشنائي سگريٽ جي ڦلي جيان ڇڻي پئي. هن جو ڪمرو اوندهه ۾ وڪوڙجي ويو ته هو پاڻ کي سرهو ڀانئڻ لڳو.

هن اوندهه کي هٿ سان ڇهيو ته اوندهه جي مک تي مرڪ تري آئي ۽ هو کلي ويٺو. هوريان هوريان هو اوندهه جي چپن سان کيڏڻ لڳو ۽ اوندهه جي چپن تي چمي ڏني ته هن جي چپ تي تر ٺهي پيو.

هن چپن تي ٺهيل تر لاهي هٿ ۾ کنيون کيس غور سان ڏٺو ۽ تر منجهان  بئنسري  ٺاهي وڄائڻ لڳو. تر مان ٺهيل  بئنسري جي  آواز تي ڪائنات جي سموري اوندهه پير پير ۾ پائيندي ناچ ڪندي، هن جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي، هن جي نيڻن ۾ سمائجي وئي ۽ چنڊ جي روشنائي ڇڻي خاڪ ٿي پئي.

هن جي ڪمري ۾ موجود اوندهه هن جي بئنسري جي آواز تي ناچ ڪرڻ لڳي. هن بئنسري وڄائڻ بند ڪئي ۽ اوندهه سان گڏ ناچ ڪرڻ لڳو. هن اوندهه جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ته اوندهه نرم ملائم ڪپهه جيان هن جي ٻانهن ۾ اچي وئي ۽ هو ناچ ڪندي ٿڪجي چور ٿي کٽ تي آهلي پيو ۽ اوندهه هن کي ڏسي کيس گهوريندي رهي.

هن ڪجهه ساعتن کانپوءِ پنهنجا ڪپڙا لاٿا ته اوندهه جي منهن

تي شرم تري آيو ۽ سندس پيشاني پگهر سان ٽمٽار ٿي وئي. هن اوندهه جي پيشاني تي تري آيل پگهر پنهنجي پنبڻين سان ميڙي کنيو ته پگهر منجهان گل نکري آيو. هن گل اوندهيءَ کي آڇيو. هن پنهنجا چپ اونداهيءَ جي چپن تي رکي ڇڏيا ته اونداهيءَ جو سمورو جسم ڌڏي ويو. هن هوريان هوريان اونداهيءَ جا ڪپڙا لاهڻ شروع ڪيا. اونداهيءَ کي بستري تي سمهاري ساڻس همبستري ڪرڻ لڳو. هو سهڪي ساڻو ٿي پيو. هن هڪ جهٽڪي سان پاڻ کي اونداهيءَ کان ڌار ڪيو ته اونداهي اونهي ساهه، جيان هن جي اندر ۾ اوتجي وئي. سندر مرڪ، هن جي چپن تي ڦهلجي وئي.

هو الف اگهاڙو آرام ڪرسي تي ويٺو بئنسري وڄائڻ لڳو.سندس بئنسري جي آواز تي ڪوئل گيت ڳائيندي هن جي ڪمري ۾ داخل ٿي. ڪوئل هن جي چپن تي پکڙيل اونداهيءَ سان کيڏڻ لڳي ته اونداهي منجهان ڪارو گلاب اسري آيو. ڪوئل ڪارو گلاب هن کي آڇيو. هن بئنسري وڄائڻ بند ڪئي ۽ ڪارو گلاب هٿ ۾ جهلي کيس جاچڻ لڳو. ڪوئل گيت ڳائيندي ڪاري گلاب ۾ جذب ٿي وئي ۽ هن گلاب گلدان ۾ سجائي رکيو.

اوچتو سندس ڪمري جي دروازي تي کڙڪو ٿيو. هو سڌو ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

” اندر اچان ..........“ زنانو آواز آيو.

” هون........هون.....“ هن مختصر ورندي ڏني.

” بلب ٻاريان.......“

” ....... ائين ئي اچي ويهي رهه.......“

هن کي زال جو ڪمري ۾ اوچتو اچڻ پسند نه ٿو اچي. هو زال تي جک کائڻ لڳي ٿو.

” توکي برو ته نه لڳو، جو مان ائين ئي هلي آيس.“

” نه ..........“ هو زال کي مختصر جواب ٿو ڏي.

” بور پئي ٿيس. سو چيم ڪي پل توسان ويهي اچان.“

هن جي زال ڳالهائيندي رهي ٿي. هو چپ ويٺو کيس گهوريندو ۽ ٻڌندو رهي ٿو.

” توکي الائي ڪيئن اوندهه ۾ مزو ايندو آهي. مونکي ڊپ لڳندو آهي. پر تون آهين نه پوءِ ڇا جو ڊپ..... “

زالهنس چپ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجهه ساعتن کانپوءِ وري مڙس کي چوي ٿي.

” مونکي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪمري ۾ گهگهه اوندهه هجي.“

” نه.....نه.....معمول جيان آهي.“

” نه، مونکي لڳي ٿو..... اڄ تو ضرورت کان وڌ اوندهه ڪئي آهي. هونئن ته روشنائي جي ليڪ به ظاهر ٿيندي آهي. اڄ ته توکي به ڏسي نه ٿي سگهان. تون ويٺو آهين يا بيٺو آهيان. مونکي ائين ٿو لڳي. ڄڻ تون منهنجي مٿان ڪنهن پکيءَ جيان ويٺو هجين...“

”..............“

” تنهنجو آواز هر طرف کان ايندو ٿو محسوس ٿي.... ٻڌاءِ نه تون منهنجي سامهون ويٺو آهين نه.....“

” ها معمول جيان، آرام ڪرسي تي تنهنجي سامهون...“

” پر مونکي ته ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. ائين ٿو محسوس ٿي ڄڻ اوندهه روح ۾ گهري وئي هجي ۽ تون اوندهه بڻجي پيو هجين.  پر اهو نه ٻڌاءِ مان هن گهگهه انديري ۾ بنا ٿاٻڙجڻ جي ڪرسيءَ تي ڪيئن اچي ويٺم.... “ زالهنس تجسس مان پڇيس ٿي.

” توکي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندي ڏٺم. توکي هٿ کان وٺي اچي ڪرسيءَ تي ويهاريم.“

” پر مون ته تنهنجو ڇهاءُ به محسوس ڪين ڪيو... مونکي ياد به نه رهيو ته تو مونکي ٻانهن کان وٺي ڪرسيءَ تي ويهارو.“ هوءَ تپرس ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ وري ڳالهائڻ لڳي ٿي.

” تون ته ڏاڍو نفيس آهين. تنهنجي وجود جو ڇهاءُ ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي ڇانيل هلڪن ڪڪرن جيان ٿيندو آهي. ياد اٿئي شاديءَ جي پهرين رات مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن مان ڪنهن ڪڪر جي ٻانهن ۾ ننگي ستل هجان. اهو احساس ڪيڏو نه شديد آهي جو ڪو اوهان کي ڪڪر جيان محسوس ٿئي ٿو.“

” ...............“

هو کيس ڪابه ورندي نه ٿو ڏي. هن کي غور سان ٻڌندو رهي ٿو.

” مان اڃان تائين ان احساس کي وساري ناهيان سگهي ته تون منهنجي وجود اندر هلڪن هلڪن بادلن جيان سمائجي ويو آهين. يقين ڪر، ان پهرين رات کانپوءِ مونکي ڪڏهن به تمنا ناهي رهي ته تون مون سان همبستري ڪرين.. مان ان احساس کي وڃائڻ نه ٿي گهران........“

سندس  زال  خاموش  ٿي  وڃي ٿي. هو کيس گهوريندو ئي  رهي ٿو. جهٽ جي خاموشيءَ کان پوءِ زالهنس چويس ٿي.

” مان انڪري آيم، جو سوچيو اٿم ته هي پيٽ ڪيرايان.“

” ڇو؟؟......“

” ڏس نه اڳ ۾ ئي ٻارن جو هيڏو سارو قهول آهي... سو انڪري.“

” پر مان ڏسان ٿو. ته توکي پورو اٺون مهينو آهي. هاڻ ته ٻار کي ضايع ڪرڻ ڏکيو ۽ اڻانگو ڪم ٿيندو.“

” سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. جي تون چاهين ته.“

” نه هاڻ ائين ممڪن ڪونهي... ٻيو ته مان به نه چاهيندس ته هي ٻار ضايع ٿئي.“

” پر... توکي خبر ناهي... هي ٻي ڳالهه به آهي.“ زالهنس ڳنڀير ٿي چويس ٿي.

” ٻي  وري ڪهڙي؟“ مڙسهنس تجسس مان پڇيس ٿو.

” جڏهن رات ٿيندي آهي. هي اندران ئي اندران ٻاهر ايندو محسوس ٿيندو آهي. هي ڪنهن شيءَ لاءِ ڊوڙڻ چاهيندو آهي. چانڊوڪي ٿيندي آهي، ته سمنڊ جي ڇولين جيان اڇلي پوندو آهي. پيٽ اندر ڪنهن آواز تي ناچ ڪندي محسوس ٿيندو آهي.“ زالهنس وري چويس ٿي.

” ڪجهه گهڙيون اڳ جڏهن مان ڪمري ۾ ليٽي پئي هيس. ائين محسوس ٿيو ڄڻ پيٽ اندر زلزلو آيو هجي ۽ مان سڄي لڏي ويم. مون ڏٺو ته ٻاهر چنڊ گرهڻ آهي. ٻار منهنجي پيٽ اندر چريو ٿي ۽ مان ڪمري اندر اڏڻ لڳس. ڪمري جي ڇت ڊهي پئي ۽ مان پوري سگهه سان آسمان ڏانهن اڏڻ لڳس. جڏهن  چنڊ  جي ويجهو  پهتس. منهنجي پيٽ ۾ اٺن مهينن جو ٻار پيٽ مان ٻاهر نڪري آيو. هن گرهڻ ورتل چنڊ کي هٿن ۾ کڻي چمي ڏني. هو چمي سان گرهڻ کي کير جيان پيئڻ لڳو. گرهڻ ورتل چنڊ، چوڏهين جو چنڊ بڻجي پيو. اهڙي خوفناڪ وارتا کانپوءِ مونکي خوف ورائي ويو آهي، ته هي ٻار ڪٿي جنات نه هجي.“ زالهنس ڳنڀيرٿي چويس ٿي.

” تنهن ڪري چوان ٿي، هي ٻار ڪيرائڻ ئي چڱو ٿيندو.“

هو زال جي ڳالهه تي ڇرڪي پوي ٿو.

” نه.....نه تون ائين ڪانه ڪندينءَ...هي ٻار منهنجي وجود جو پاڇولو آهي.... مان ٻارڪيرائڻ نه ڏيندس.“

هن جي زال مڙس جا لفظ ٻڌي ڏڪي وڃي ٿي ۽ تڪڙ ۾ ڪرسي تان اٿندي خوف مان ڪمري مان ڀڄڻ لڳي ٿي. ڪمري ۾ بجلي جي بورڊ تي بلب جي سئچ (switch ) کي ٻاري ڏسي ٿي ته آرام ڪرسيءَ تي سندس مڙس بدران اٺن مهينن جو ٻار مسڪرائي رهيو آهي. ٻار گلدان ۾ رکيل ڪاري گلاب کي کڻي چمي ڏني ته سورج مکي بڻجي پيو.

*
 

 

اڻپوري غم ۾ ماڻيل مزو

 

آفيس مان ورندي سڌو فليٽ تي ڪونه ويو پر ڪتاب جي ڳولها ۾ نڪتو. هن کي فوٽ پاٿ تي ملندڙ سيڪنڊ هئينڊ ڪتابن جي ٿاڪن جي مڪمل  ڄاڻ ۽ آگاهي آهي. رديءَ ۾ رکيل ڪتاب اٿلائي پٿلائي جانچي، جونچي پنهنجي من پسند ليکڪن جا ڪتاب، اگهه چڪائي کڻڻ جو ماهر آهي.

اڄ گهڻي جاکوڙ کانپوءِ، پنهنجي من پسند ليکڪن جا ڪتاب ملي پيا هيس. ڏاڍو خوش هو. ڪتاب هٿ ۾ جهليو خوشي ۾ ماپيو نه پئي،  ڄڻڪ کيس محبوبا  جي چمي ملي وئي هجي. ان خوشيءَ ۾ سگريٽن جو پاڪيٽ خريد ڪيائين سوچيائين ته فليٽ خالي هوندو سو رات آرام سان ڪتاب پڙهي سگهندو. ڇاڪاڻ جو سڀاڻي آچر به آهي ۽ سندس ٻيا فليٽ پارٽنر اڄ صبوح ساڻ ئي ٻه ٽي ڏهاڙا ڳوٺ گذارڻ لئه لاڙڪاڻي روانه ٿي چڪا هئا.

فليٽ ۾ اڪيلي هجڻ جي احساس کيس ويتر هلڪو ڪري ڇڏيو. ڪيبن تان سگريٽ جو پاڪيٽ خريد ڪري، گاڏي جي انتظار ۾، ٻين ماڻهن سان ويجهي سگنل واري بس اسٽاپ تي بيهي رهيو.

ڳاڙهي لائيٽ

سائي لائيٽ

ڦڪي لائيٽ

هن ذهن ۾ ٽريفڪ سگنلن کي ورجايو ڄڻڪ سگنل ياد نشين ڪرڻ گهرندو هجي. في الحال هن کي سمورو جيون ڳاڙهي لائيٽ تي ٿميل، رڪيل رڪيل نظر آيو. هن محسوس ڪيو سائي سگنل جي انتظار ۾ هن جو جيون اڃان تائين هوائن ۾ بولاٽيون کائيندو رهيو هجي.

هن جي نظر اوچتو، پنهنجي ماڳ ڏانهن ويندڙ بس ڏانهن وئي. هو ماڻهن جي پيهه کي ڇڊو ڪندو، بس ۾ چڙهي، خالي سيٽ تي ويهي رهيو. هن اڇاتري نظر رديءَ تان خريد ڪيل ڪتابن تي وڌي ته پاڻکي نئون بنو ڀانئيائين ۽ کيس ڪنهن جي هئڻ جو ڀرپور احساس پيدا ٿيو. سوچيائين ته هي مهينو به سٺو گذري ويندو.

هن ڏٺو سندس ڀر واري خالي سيٽ تي ڪوئي اچي سلام ورائي ويهي رهيو. هن فقط ڪنڌ کي ڌوڻو ڏيئي سلام جي ورندي ڏني. بس هلندي رهي. اڄ هن جي طبعيت تي آزادي ۽ مسرت واري ڪيفيت طاري هئي ۽ پاڻ کي ڄڻ ته دنيا جو خوش ڀلو ۽ خوش نصيب ماڻهو سمجهي رهيو هجي. ائين ڀانئيائين ڪتابن هئڻ ڪري، ڄڻڪ سموري دنيا سندس مٺ ۾ قيد هجي. نوڪريءَ کانپوءِ فليٽ تي دوستن سان ڪچهري ۽ فارغ وقت ۾ ڪتابن جو مطالعو هن جي وڏي ۾ وڏي عياشي هئي.

هو پنهنجي دنيا ۾ گم ئي هيو ته سندس ڀرسان ويٺل شخص ساڻس  ڳالهائڻ  جو سلسلو  جاري رکندي، کيس  خيالن  جي  دنيا مان سجاڳ ڪندي چيو:

” سائين، لڳي ٿو ته ڪرايو وڌائيندا.“

” ها، لڳي ائين ٿو.“ هن ها ۾ ها ملائي.

” ڪالهه ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ آئي آهي.“

” اڇا؟“ هن کائنس معصوميت مان پڇيو.

” ها، سائين ڊيزل ۾ واڌ ڪري، هي بسن جو ڪرايو ته چوٽ چاڙهي ڇڏيندا. هميشه ائين  ئي ٿيندو آهي.“

ها، لڳي ٿو ائين ئي ٿيندو.“ هن کيس مختصر ورندي ڏيندي عجيب نظرن سان چتائي ڏٺو.

” ڏسو نه، اڳ به ڪرايو وڌايو هيائون پوءِ ڊيزل گهٽيو ته هنن دلن بسن جي ڪراين ۾ گهٽتائي ڪانه آندي، ويتر هينئر ڊيزل وڌيو آهي ته قيمت ٻيڻي چاڙهيندا، ڏسجو ائين ٿيندو. ۽ ها، هي حرامي اهڙو وارو ته ڪڏهن به ناهن وڃائيندا.“

هن ڏٺو ته سندس ڀرواري جو پارو ڊيزل جي واڌ سبب چڙهيل هيو ۽ هن جي چهري تي ناخوشگواريءَ جو تاثر هو.

” سائين ڏسجو اڄ کان ئي، ڪرايو چوٽ چڙهي ويندو.“

همراهه ائين چئي گاڏي بيهڻ جي صورت ۾، سيٽ تان اٿي، گاڏي مان لهي ويو.

هو سيٽ تي ويٺو اڻ تڻ ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو هيترن سالن کان هنن بسن ۾ سفر ڪندو آيو آهي ۽ انيڪ دفعا بسن جا ڪرايا چڙهيا ۽ لٿا هوندا، پر هو انهن سڀني ڳالهين کان لاتعلق رهيو هو. اڄ کيس شدت سان احساس ورائي ويو ته هو ڪيڏو نه بي خبر ۽ لاتعلق آهي. جو هن ڀلجي به ڪڏهن ڪراين جي واڌ ڪري منهن تي ڪروڌ ۽ رنجش ناهي آندي. پر هاڻ هن جي  ذهن تي سندس ڀر  ۾ ويٺل همراهه جو رنجش وارو چهرو حاوي ٿيڻ لڳو هو. هو ان پور ۾ الجهي پيو، جي ڪراين ۾ چوٽ آئي ته هو رديءَ جي ڪتابن پويان ڊڪ ڊڪان ڪيئن ڪري سگهندو؟ سندس ذهن تي بسن جي ڪراين ۾ واڌ حاوي ٿيندي وئي.

جيئن ئي بس، اختر ڪالوني واري موڙ وٽ بيٺي هو سيٽ تان اٿي بس مان لهي پنهنجي فليٽ ڏانهن وڌڻ لڳو. روڊ ڪراس ڪري، پنهنجي فليٽ ڏانهن ويندڙ گهٽي ڏانهن وڌيو. فليٽ واري مين گيٽ مان گذرندي، چوٿين فلور تائين اداس ۽ وياڪل من سان پنهنجي پٿريلي وجود کي گهليندو، ڪمري کي کولي، پاڻ کي فرش تي وڇايل بستري تي ڦٽو ڪندي ٿڌو شوڪارو ڀريو.

بستري تي آهليل ٿڪل وجود ساڻ، هن پاڻکي اندر ۾ ٽٽل محسوس ڪيو. هن اکيون پوريون ته ذهن تي ساڻس بس جي ڀر ۾ ويٺل همراهه جو ڪاوڙ گاڏڙ ۽ رنج ڀريو چهرو ڪنهن ڀوائتي خواب جيان ڦرڻ لڳو. هن پاڪيٽ کولي سگريٽ ڪڍي دکايو. هن پاڻ کي ٿڪل ٿڪل ڀانيون. هن نه ڄاتو هو ته معمولي ڳالهه ڪري هو ايترو وياڪل ۽ اداس ٿي ويندو. هو سوچڻ لڳو ته جي بسن جا ڀاڙا وڌندا رهيا ته هن تي ڪهڙو اثر پوندو؟

هن اهو پئي سوچيو ته ايترن سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪرايا وڌيا ۽

گهٽيا هوندا، پر هو انهن ڳالهين کان لاتعلق رهيو هو. جيتوڻيڪ هن جو معمول کان وڌ بسن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. هو پريشان ٿي ويو ته هو ان ڳالهه کان لاتعلق ڪيئن رهيو.

اڄ هن محسوس ڪيو ته ڄڻڪ، هر ماڻهوءَ جي زندگي ڪراين جي واڌ ۽ گهاٽ جي فيصلن تي رڪيل ۽ ٽڪيل هجي. هن جي ذهن تي ماڻهن جا  چهرا ڦري رهيا هئا جي ڪراين جي واڌ سبب ڪروڌ ۾ ڀريل هئا. هو هوريان  هوريان  سگريٽ جا  ڪش هڻندو  رهيو. اوچتو هن  جي فليٽ جي گهنٽي وڳي. هو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڦٽو ڪري، دروازو کولڻ ويو. هن دروازو کوليو ته هڪ نقاب پوش ڇوڪري فليٽ اندر گهري آئي.

” هاءِ!!“ هن ايندي چيو.

       ”................“

” مونکي ڪالهه ئي، تنهنجي دوست جي پي سي او تان خبر پئي ته تنهنجا  فليٽ پارٽنر اڄ ڳوٺ لئه روانا ٿيندا، سو  وجهه وٺي تو ڏانهن هلي آيس.“

” ها، اڄ کان ستن ڏينهن لئه فليٽ ۾ اڪيلو آهيان.“

ڇوڪري جو نالو نعيمه آهي. هوءَ کيس دوست جي         پي سي او ۾ ملي هئي. ۽ اتان ئي ٻنهن جي دوستيءَ جي شروعات ٿي. هو ساڻس ڪيترن ئي سالن کان، هن سان هن فليٽ ۾ جوڀن جا مزا ماڻي چڪو آهي. هن سندس اداس چهري تي نظر وجهندي پڇيو.

” ٻڌ، اڄ اداس اداس ٿو لڳين؟“

هن پنهنجو نقاب چهري تان لاهي، صوفي تي ڦٽو ڪري پنهنجون ٻانهون سندس ڳچي ۾ وجهي، پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو.

هن کيس ڪابه ورندي نه ڏني.

” ٻڌاءِ، اڄ ائين ڇو آهين؟“

” نه، ڪجهه به ته ناهي.“ کيس مختصر جواب ڏي ٿو.

هو سندس چيلهه ۾ هٿ وجهي کيس ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿو. 

هن جو نظرون صوفي تي وکريل خريد ڪيل ڪتابن تي پون ٿيون.

” چئبو ته ڪتاب خريد ڪيا اٿئي. اڙي، پوءِ به اداس آهين. پاڻ ئي ته چوندو آهين ڪتاب مون لئه سڀ ڪجهه آهن ۽ مٿان وري هي جوڀن ڀري رات تون ۽ مان... ۽ اڪيلو فليٽ پوءِ به اداس آهين. ٻڌاءِ ته ٿيو ڇاهي؟“

” ٿيو ته ڪجهه به ناهي، پر ڪنهن ڪم تي موڊ نه پئي ٿيو، اجايو پئي سوچيم.“

” سچي ٻڌاءِ ڪا گرٻڙ ضرور آهي؟“

” اهو ٻڌاءِ، ڪٿان ٿي اچين؟“

” سڌو گهران.“

” ڪيترو ڪرايو ڀري آئي آهين؟“

” اڄ ڪرائي جو ڇو ٿو پڇين، هونئن ته ناهين پڇندو؟“

”  نه ائين ئي. چون ٿا ته بسن جا ڀاڙا وڌندا، ٻيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ آئي آهي.“

” ڪا ايڏي وڏي رقم ڀري تو تائين ته ڪونه پهتي آهيان، روپئي ٻن جو فرق هوندو.“

” اڇا، روپئي ٻن جو فرق!!“ هو کيس تعجب مان چوي ٿو.

” پر تون اجايو پريشان ڇو آهين، اڳ ڪراين جي واڌ تي توکي پريشان ٿيندي ناهي ڏٺو اڄ وري ڇا ٿيو اٿئي؟“

” نه ائين پئي پڇيم.“

ٻنهي وچ ۾ ڪجهه دير لئه خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. هو نئون سگريٽ دکائي ٿو. هوءَ هن جي ڀرسان ويٺي پنهنجا وار سنوارڻ لڳي ٿي. هن جي چهري تي اڃان به اداسي جي هلڪي لهر آهي. هن کي، هنجو اداس چهرو  نه ٿو وڻي. هوءَ ٽپ ڏيئي هنجي هڪ سٿر  تي چڙهي ويهي رهي ٿي.

” اڄ  ڇا ٿيو اٿئي. جو ائين منهن بڇڙو ڪيون ويٺو آهين؟“

هوءَ مٿس جک کائيندي چوي ٿي. هوءَ لانگ ورائي هن جي ٻنهي سٿرن تي ويهي رهي ٿي ۽ هن کان سگريٽ کسي هڪ زورائتو ڪش هڻندي، سگريٽ جو دونهون هن جي منهن ۾ هڻندي چوي ٿي:

” بعدمعاشن........ وانگر شڪل ٺاهيو ويٺو آهين.“

” .........“

هن کان اڃان به ماڻهن جا ڊيزل جي واڌ سبب، ڪروڌ ڀريا چهرا نه ٿا وسرن. معصوميت مان پڇيس ٿو:

” ٻڌ، جي ڪرايا وڌيا ته پاڻ تي ڪهڙو اثر پوندو؟“

هوءَ ان سوال تي پريشان ٿي وڃي ٿي.

” جي ڪرايا وڌيا ته پاڻ کي ”ديسي ڪنڊوم“ تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو.“

هن جي ائين چوڻ سان هن کان ٽهڪ نڪري وڃي ٿو. هو ٻئي وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. هن جي چهري مان اداسي غائب ٿي وڃي ٿي. هو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڦٽو ڪري، کيس ٻانهن ۾ ورائي پنهنجو منهن سندس ڇاتين ۾ لڪائي ڇڏي ٿو.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com