امهاڳ
مون نه ڄاتو اهو سج جهڙا پرين،
روز پاتا پئي تو لڪي ليئڙا
(شيخ اياز)
مبين مان توکي اڌ چمي آڇيان ٿو
مون کي ان ڏينهن تعجب لڳو هيو جڏهن مبين (نسيم)
فون ڪري لاهور کان چيو هيو ته اها مئگزين ان کي
ڏياري موڪليان جنهن ۾ سندس هڪ انگريزيءَ ۾ لکيل
ڪهاڻي آهي. سوچيندو هيس هي همراه هن عمر ۾ وتي ٿو
فرنگين جي ٻوليءَ کي ريپ ڪندو. پوءِ ائين نه ٿئي
جو هڪ ڏينهن هن جون ريپ جون ڪهاڻيون نوان نوان
گلر ڄڻڻ شروع ڪن. ها! هاڻي ته هو آفيسر آهي ۽ سو
به حساب ڪتاب رکڻ ۽ ڪرڻ وارو. چاهي ته ”گهوڙي
سواري ڪري“ ۽ چاهي ته اونداهيءَ سان اگهاڙو رقص
ڪري پر شرط اهو آهي ته هن کي ۽ هن جي ”هجڻ“ کي ڪو
چئلينج نه ڪري نه ته هن جي اڱڻ تي ۽ ڪونڊين ۾ ٿوهر
ڦٽي ٿا پون.
مان آهيان مان ناهيان ته پوءِ جي ڳالهه آهي پر هن
جي سوچ کي ”ونگ هڻي“ نٿو سگهجي. ننڍڙي ”يسوع“ جي
ماءُ سان گڏ ننڍي گهٽيءَ ۾ چانهه پيئندي به هن کي
”ايمپائر“ سئنيما ۾ لڳل پوسٽر، پوسٽر ۾ لڳل شاديءَ
جي پهرين رات ۽ ٿڌ ۾ مڙس جو ڀاڪر ياد اچي ويو.
”پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور هئا.“
هن سماج ۾ بندوڪاسائيءَ جهڙا ماڻهو ته ملي وڃن
ٿا پر ”خالي فريم“ آڇڻ وارا مبين (نسيم) جي ڪهاڻين
۾ ڪي ٿورا ئي نظر اچن ٿا. ڀل فريم خالي هجي پر ان
فريم ۾ هر دل جي ڌڙ ڪڻ کي ٻڌي نه ٿو سگهجي پر ان
جي ڪينواس تي هڪ نه نظر ايندڙ جيءَ ئي سجائي سگهجي
ٿو. ڇا ڪو ڪنهن کان پهرين پيار جو پهريون ۽ ڪنوارو
ڇهاءُ ۽ ان جو احساس کسي سگهي ٿو؟
دنيا وڏي.......... آهي سڌا ٿي هلڻ ٿا چاهيون تڏهن
به ٻين .......... کي سڪون ڪونهي، وتن ٿا هروڀرو
وڏون ڪڍندا ڄڻ........ پڻهن جو آهي. جيترو به
آهيون هنڌ کٽولا ڪري جيءَ ۾ جايون ڏيون اوترو وتن
ٿا آسمان سان ڳالهيون ڪندا.
چوان ٿو مبين (نسيم) جي ڪردار جيان آسمان مان
ڄنگهون لڙڪائي زماني کي فوٽ بال جيان ٺوڪرون هڻندو
وتان. هوا ٿي انهن جي اندر ۾ گهڙي انهن جي ڪنن ۾
ويهي ٻڌڻ جا وال
(Valves)
بند ڪري ڇڏيان. انهن جي اکين جي چمبر ۾ وڃي ڏسڻ جو
سڀ رڳون بلاڪ ڪري ائين ڪري ڇڏيان جيئن اوندهه سان
همبستري ڪري سگهان ۽ زال کي بتي ٻارڻ کان روڪي
وٺان. تنهنجو سڀ ڪجهه
کسي وٺندا پر پوءِ به سندس اڃ نه اجهندي. تون ڀل بندو ڪاسائيءَ
وارو سڪون ڳولهه بشڪ تنهنجو خون مکيون چوسينديون.
هڏن کي ڪتا ڀرڪڻيون ڪري کائيندا پر هيءَ مخلوق
توسان راضي نه ٿيندي. ها مڃون ٿا سڀ لٽائي سڪون
ملندو آهي پر اهو آهي ڪٿي؟ جي هجي ته به سودو
سهانگو آهي.
نسيم چوي ٿو ”جنهن ڏينهن ڪتا انسانن جي اندر جي
ڪرڀ کي سمجهڻ لڳا ان ڏينهن انسان پنهنجن ڪتن کي
پنهنجو همراز بڻائيندو“ (گهٽي ۾ الوپ ٿي ويل وجود)
۽ جڏهن ڪتا ڀونڪڻ ڇڏي ڏين تڏهن ماڻهو ڀونڪڻ لڳندا.
ها مڃان ٿو منهنجو گهر پترن سان ٺهيل آهي ان ۾
بجلي (بنا ميٽر) جي به ڪانهي ڪا پر ان گهر جي
ڀتين، ڪانن، مطلب هر شيءَ سان مون کي اهو پيار آهي
جنهن جي ڪڻيءَ برابر به تو وٽ ڪونهي ڪو. ان گهر ۾
نه ويندا ڪيو. ان گهر، اسان ڇوڪري ڪيئن ڏينداسين
جنهن گهر ۾ تئو به ڪونهي ڪو. توکي شرم نه آيو!
توکي مون ڏي ايندي دعوت جو ڪارڊ کڻي اچڻ وقت ڪو
ڪنڊو ڪونه لڳو! ڇو اهو ڏينهن ڪٿي آهي جڏهن تون
منهنجي گهر اچڻ کان پنهنجن کي روڪندو هئين. ها مان
هاڻ ڪنهن جي ڪري ”ڪجهه“ آهيان ۽ منهنجو وجود تو
لاءِ لڳي ٿو ٿورڙو ”ڪارگر“ ٿي پيو آهي.
”مان هر شيءَ کي نئين انداز ۾ جنم ڏيڻ ٿي گهران
جيئن تون هر جنم ۾ منهنجو رهين.“
(ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ)
”مان چمين جي واس مان جڙيل گل جو سودو ڪرڻ لاءِ
تيار نه آهيان مون کي ان گلاب جي تلاش آهي جنهن
محبت جي چمين جي بارش مان جنم ورتو ۽ اهو خزان ۾
ٽڙيو هيو. خزان ۾ ٽڙيل محبتن جا گل آسماني صحيفن
کان وڌيڪ پوتر هوندا آهن. جنهن منجهه صدين جو
سوداءُ ايامن جي محبت سفر طي ڪري گل کي ڳاڙهو لال
بڻائي ڇڏيندي آهي.“
(ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ)
ها بيشڪ تون وٽ ”هاڻ ياد جي ندي سڪي وئي آهي“ پر
مان فريم جي اندر به ۽ ٻاهر به زنده آهيان. پر تون
مون کي ڏسي نه سگهندين امر جليل چيو هيو ته
”منهنجي فوٽوءَ جي ڪاري ڪاپي ئي ڪونهي ته پوءِ ان
کي”Positive“ڪيئن
ڪندين.“
مان توسان هر جنم ۾ ملندس. تون کڻي انهن پهاڙن ۽
اتي کلندڙ گلن جي وادين مان ٿيندي عربي سمنڊ ۾
ڪرين. توکي ڪهڙي خبر ته تنهنجو پهريون ڇهاءُ
منهنجي ڇاتيءَ کي هر دفعي نئون جنم ڏيندو آهي ۽
مان هر دفعي موت گهڙي تي هوندي به تنهنجي ڇهاءَ جي
انتظار ۾ جيئندو آهيان ۽ وري مري جي پوندو آهيان
اي منهنجي سنڌو.
مون کي هر رنگ توکان مليو آهي ۽ منهنجو ڪوبه رنگ
ڪونهي وجود نه هوندي به وجود آهي پر تون نه ان کي
ڇهي سگهين ٿو نه ڏسي سگهين ٿو.
”ڀلا خدا پنهنجي سموري ڪائنات تباهه ڪندو؟“
هونءَ به ماڻهو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان.
نون نون محاورن ۽ نون نون خيالن جي تاڃي پيٽي ۾
نئين
شين کي جنم ڏيڻ ڪا اڪ، جي ماکي ناهي جو هر ڪو لاهي
وٺي، پر نسيم کي اهڙي ڏات آهي جو چنڊ مان چوڙيون
ٺاهي سگهي ٿو.
ڪيڏو نه رليو هيس ٿر ۾ ته تو لاءِ عاج جون چوڙيون
وٺي اچان، پر ڇا ڪيان چاهيندي به نه آڻي سگهيو
هيس. هاڻ ته تنهنجي ”موتيا“ تي عاج جون چوڙيون ٺهن
ٿيون. پر منهنجي..... کي آهن ئي ڪونه. ها هي جيون
”Stereo type
“ ته آهي پر سدائين”
Monolog
“ ۾ هلي نٿو سگهي.
”هاڻ ته خواب به پوپٽ بڻجي اڏامي ويا آهن. فقط هاڻ
رنگ ئي رهجي ويا آهن جي تنهنجي چميءَ کانسواءَ
مرجهائجي رهيا آهن.“ (ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ)
ڪهاڻيڪار جا رنگ ئي عجيب آهن، سڄي زندگي سموهڻ جي
ڪوشش ڪندي صحرائن، ميدانن، آسمانن ۽ زمينن جا اڻ
کٽ پنڌ صليب وانگي ڪنڌن تي کنيو رلندو ٿو وتي.
ڪٿي پير ٿو وڃائي، ڪٿي ڪن ٿو گم ڪري، ڪٿي سڄو سارو
پاڻ هڪ سوال جي نشانيءَ وانگر اڀري سڀ رستا روڪي
ٿو ڇڏي. سوچ جي گهرائي به سندس دنيا ۽ ڪائنات ۾
پوئيل آهي. امن ۽ سڪون ڳولهي ٿو. جاءِ ۽ جنون
ڳولهي ٿو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪل، مان جز ۽ جز مان ڪل، ٿي
گم ٿي وڃي ٿو ۽ ظاهر به ٿي پوي ٿو. گهر، ۾ ”ڪمرو“
ڪونهي ته تڙپي پوي ٿو ۽ ”ڪفن“ لاءِ ڏوڪڙن جي گهر
آهي ته ڪنهن وڏي بهترين پيجارو جي ونڊ اسڪرين
وانگر ٿوري ڌڪ لڳڻ تي ڀورا ڀورا ٿي پوي ٿو.
” اڳ در، جي گهنٽي نه هئي ته سڪون هيو. هاڻ ته
گهنٽي به ذهني بوجهه بڻجي پئي آهي.“
(جيون جهوٽولوءِ جو)
ڪهڙن محاورن جي ڳالهه پئي ڪئي، شايد ”صبح سان ڪهڙي
جهرڪيءَ بجو ڏنو اٿئي جو ڪروڌ مچائي ڏنو اٿئي.“
(جيون جهوٽولوءِ جو)
هجان هان ٻلي ته رات جي اونداهيءَ ۾ ڏسي سگهان هان
ته ڪيئن دنيا سڄي پنهنجو منهن ڪارو ٿي ڪري. ڪنهن
کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن جي گهر تئو چڙهي ٿو يا نه يا
ماءُ پنهنجي ٻچن جي ويچارن ۾ تئي تي رکيل مانيءَ
ڳڀو به ساڙي ويهي ٿي.
”ڪوئل سندس پنبڻين تي ويهي گيت ڳائڻ لڳي ٿي، سندس
چپڙن تي بهار جي رت ۾ نم جو ٻور ڇٽي اچي ڪري پوي
ٿو ته سالن پڄاڻان سندس در کڙڪي ٿو.“
(چنڊ
مان ٺهيل چوڙيون)
”ماڻڪ ڊگهي سفر جي ٿڪ کان پوءِ ننڊاکڙو ٿي وڃي ٿو. موتيا جي شهر
کان سوين ميل، ڏور جڏهن جاڳ ٿئيس ٿي ته ياد پويس
ٿو ته کانئس موتيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر
Time Clockچوڻ
وسري ويو آهي.(چنڊ مان ٺهيل چوڙيون)
وقت تمام تيزيءَ سان ڊوڙي رهيو آهي. ٽائيم ۽ اسپيس
جي ڪا خبر ڪونه ٿي پوي هڪ اڻ لکي احساس ۾ هي
Time
جي ٽڪ ٽڪ ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ۽ ڪڏهن
Time Clock به چوڻ وسري وڃي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي اندر ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي
انسان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر ڇاڪري هو انسان
ٿيڻ چاهي ئي نٿو ته پوءَ هو ڇاڪري دل کي ڌڙڪڻ کان
روڪي، ڪن کي ٻڌڻ کان روڪي، اک کي ڏسڻ کان روڪي،
زبان کي ڳالهائڻ کان روڪي، ها روڪي ته آخر پنهنجي
تخليق ۾ پاڻ سان گڏ ونواه ۾ ڏنل ڪهڙي حس کي روڪي.
پٿر ٿي پئو به ته جيئڻ ڪونه ٿا ڏين. ميڻ ٿيو ته به
هلڻ نه ٿا ڏين. آخر زماني کان گم ٿي ڪا ”گم شم“ جي
ٽوپي پائي، ڪا اهڙ صورت وٺجي جو ڪوبه ڇهي نه سگهي،
محسوس ڪري نه سگهي، پر ڇاڪجي مون کي ته هر جنم ۾
ورڻو آهي.
” اسان مان هر ڪو اذيت پسنديءَ جي دائري ۾ ڦاٿل
آهي. جيئن ڪنهن چرچ جي راهبا (Nunn)
سڄي عمر ڪنواري بڻجي پنهنجن ڪنوارن جذبن کي چيڀاٽي
ڇڏيندي آهي پوءِ سڄي ڄمار ڪنوار پڻي منجهان لذت
وٺندي آهي.“
(هڪ شخص جيڪو چنڊ بڻجي نه سگهيو)
ليکڪ هڪ جاءَ بيهي نٿو رهي ۽ مسلسل جدوجهد ۾ يقين
رکي ٿو ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي وجود کي زنده رکي ٿو.
پوءِ چنڊ جي چانڊاڻ ۾ اکلي پوي يا چڪور، جي ڳولها
۾ اڏندو رهي.
” توکي خبر ناهي مان اهو شخص آهيان جو چنڊ بڻجي
ناهي سگهيو.“
(هڪ شخص جيڪو چنڊ بڻجي نه سگهيو)
ليکڪ جو اشارو جيڪو مان سمجهي
سگهيو آهيان ته ”ڪجهه
ڪرڻ“ (ٿيڻ) جي لاءِ مسلسل لوچ ۽ جدوجهد آهي جيڪا
هو اشارن سان ٻڌائي ٿو. هو ڪنهن پيڙا مان گذري ٿو
۽ گذرندوئي رهي ٿو.
Music when soft vices die ۽ وريReverse
Osmosis System
ٻنهي ٽٻڪن جي وچ تي ليٽيل هڪ مريض هجي ۽ چنڊ کي به
ماني سمجهي. اها بک جي انتها آهي. جڏهن به ڪي آواز
ٻڏي ويندا آهن تڏهن ئي ڪنن کي رسيلو ۽ سريلو ٻول
ملندو آهي. بک نه هجي ۽ ان جو احساس به نه هجي
ته شعور جي پرواز به نٿي ٿي سگهي.
” چپ جي لنبي ديوار ٺهي پوي ٿي. هوءَ چپ جي ديوار
ٿي ڪنهن فحش نعري جيان بڻجي پوي ٿي مان چپ ٿي پيٽ
۾ هٿ وجهي ان مان کوڙ ساتريون راز جون ڳالهيون ڪڍي
ٿو وٺان، چپ مري وڃي ٿي ۽ ڳالهيون زنده بڻجي پون
ٿيون.“(وکريل وجود جو الميو)
Resonance and Reverberation ڪنهن کي چوان بک کي يا بک مان ڦٽندڙ هڪ نئون
Driving Force جيڪو وڏي شعور کي جهنجهوڙي ۽ جاڳائي ٿو.
” تون نه هئين مون ديوارن کي سوراخ ڪيو ۽ کيس زال
بڻائي ڇڏيم، ديوار کي مون مان پيٽ ٿي پيو آهي روئي
رهي آهي توکي خبر نه آهي ته گڏه، ڪتيون، گهوڙيون
به روئي رهيون آهن. هن سڀني کي مون مان پيٽ ٿي پيو
آهي. تون هجين هان ته ائين هر گز نه ٿئي ها. اچ ته
انهن سڀني وحشتن کي دفنائي ٿا اچون جنهن سان
ديوارون حامله بڻيون آهن.“
(وکريل
وجود جو الميو)
ليکڪ انتهائي سچ، ۽ خواهشن جي چوٽ تي آهي جتي
ماڻهوءَ جو ماڻهپو نه رهندو آهي.
” وحشتون دفنائڻ کانپوءِ وجود جي شناخت ناهي
رهندي.“
هونءَ به بهارن کي جنم ڏيڻ لاءِ
Recycling in the world
جو پراسس (Process)
تمام ضروري آهي.
” مان گل جي مکڙي ٿو بڻجي پوان جيئن خزان ۾ وڻ ڇڻي
بهار جي گلن کي جنم ڏيندا آهن.“
(وکريل وجود جو الميو)
” توکي سيءُ ڪونه ٿو ٿئي جو نٿو بوٽ پائين ۽ نه
ٿو ڪو ڪوٽ. هيڏي تهه سياري ۾ ايئن ته بيمار ٿي
پوندين. ڪونه ٿو وٺي سگهين ته هل مان وٺي ڏيانءِ.“
” تون منهنجي باري ۾ ايترو نه سوچيندو ڪر“ هڪ
شاگرد اسڪول جي پٽيوالي کي چيو جيڪو هن کي روزانو
اهڙي حال ۾ ڏسي نيٺ ڦاٽي پيو هو. ڪو جوالا مکي هجي
جيڪو اندر ۾ ٻڙڪي به پيو پر ڦاٽي نه پيو. ڪڏهن
ائين نه ٿئي جو وچ سمنڊ ۾ بيٺل هي ٻرندڙ جبل ڦاٽي
پوي ۽ پوءِ پورو علائقو ان جي لپيٽ ۾ هجي.
اڙي يار، تنهنجي ڪتاب جي باري ۾ ابتيون سبتيون
ڳالهيون لکندي من جي خبر ناهي الائي ڪهڙي ڪائنات ۾
غوطو هڻي ويو آهي ۽ وڃي ٿو تنهنجو وقت ضايع ٿيندو
انهن ڳالهين ۾ جيڪي تنهنجي هن ”جوالا مکي“ ڳالهين
جي ڳٽڪي سان الائي واسطو به رکن ٿيون الائي نه مان
ڇا ڪيان عمر ڪوٽ ۾ لڳل پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ٻه
گلاس (جست جا) ننڍڙين زنجيرن سان ٻڌل آهن. هڪڙو
مسلمان لاءِ ۽ ٻيو هندوءِ لاء.ِ ڪنهن جي حسرتن جو
خون ڪرڻ هن سماج ۾ ته رواج ٿو لڳي ۽ اسان ته اڃان
بانبڙا پائي رهيا آهيون. ايمان جون وڏيون ٻٽاڪون
هڻندا آهيون پر.... انسانيت تي ڪارو داڳ ...
آهيون.
” ننڍڙو يسوع بينچ تان اٿندي پيرين اگهاڙو مٿي
اگهاڙو يخ سرديءَ ۾ وڃي ٿو روڊ تي ڊوڙندو.“
(ڪرسمس
جو وڻ)
ڇو ته ڪوبه
Santa Claus
هن کي اٻاريل آنا نه ڏيندو ۽ هو پيٽ ۾
بک جو دوزخ کنيون عمر ڪوٽ جي قلعي کان ايمپائر
واري گهٽيءَ تائين پنهنجن جدا رکيل ڪوپن ۾ ئي
چانهه پي سگهندو. ڇو ته
Benedict-II کي ڇا ٿيندو يا ان جي روح کي ڪهڙي رهڙ
ايندي جو يخ سرديءَ ۾ پيرين اگهاڙي ۽ مٿي اگهاڙي
ان يسوع جي لاءِ
Vaticancity
مان آنا آڻي جنهن ۾ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ تمام وڏا
گهنڊ وڄندا آهن ۽ اوچين چمنين مان دونهان نڪرندا
آهن ته پوءِ اهو نالو مٽائي
Benedict-II
ٿيندو آهي.
سنڌي ڪهاڻين جي گهاڙيٽن کي کوڙ ساترن مرحلن مان گذرڻو پيو آهي.
غلام ربانيءَ جي ”آب حيات“ کان وٺي امرجليل جي
”بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو“ ۽ ” لڙهندڙ نسل“ کان وٺي
” سرد لاش جو سفر“ ۽ وري ” چوٽيهن در“ کان وٺي ”
ڇوڏي“ تائين ۽ ”مان مرد“ کان وٺي ”بلو دادا“ تائين
۽ وري ”پشو پاشا“ کان وٺي ” موت تي قبضو“ تائين
مطلب ته مشتاق شوري جي ” ابتي سنڌي“ لکڻ کان وٺي
اڄ جي هن دور، ۾ ڪڏهن ڪڏهن نه سمجهه ۾ ايندڙ
ڪهاڻين تائين.
هڪ دفعي مبين (نسيم) کان پڇيو ته
Catch-22 Situation
ڇا آهي؟ ته هن چيو هيو جڏهن ڪوئي ڪنهن مشڪلاتن ۾
ڦاسي پوي ته ان کي ائين چئبو آهي. هاڻ ته ڪاٿي
ڪاٿي! مان ڦاسي ٿو پوان اهڙي صورتحال ۾ جو هن جون
لکيل ڪهاڻيون منهنجي مٿان گذري ٿيون وڃن ۽ هي
(ڪهاڻيڪار)
Catch-22 Situation
مان نڪري آيو آهي جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون
اضافو ڪيو آهي. هي اضافو ايندڙ وقت لاءِ آهي ۽ ان
کي اڳتي هلي سمجهيو ۽ پرکيو ويندو.
” امان نٽهڻ اس ۾ مئل ماڻهوءَ کي ڪوبه پسند ناهي
ڪندو پر تون پريشان نه ٿجانءِ ، نه ئي روئجانءِ ،
مان نٽهڻ اس ۾ سورج مکي جيان ڪر کڻي واپس ورندس.“
(اي زندگي تون ڪٿي آهين؟)
” امان موت فقط خواب نه ڏسڻ جي سزا جو نالو آهي. ان کان سواءِ
موت ٻيو ڪجهه به ناهي. دريءَ ۾ رکيل منهنجا نيڻ
خوابن ۽ زندگيءَ کي ڇهي وٺندا ۽ تون نه روئجان.“
(اي زندگي تون ڪٿي آهين)
” بابا ، اڄ آخري ڀيرو اس ۾ وهنجي ڏٺم ۽ پوءِ مان
هن گهر ۾ نه هوندس پر مان سورج مکيءَ جيان ڪر کڻي
دفن ٿيندس ۽ سورج مکي بڻجي واپس ورندس.“
(اي زندگي تون ڪٿي آهين)
ڪهاڻيڪار نوان نوان محاورا ۽ نيون نيون تشبيهون ته
انيڪ ڏنيون آهن جيڪي سنڌي ادب جو هميشه جو هڳاءُ
آهن.
” فوتيءَ ۾ پنهنجي موت جي سڳنڌ ٿيندي آهي.“
سندس ڪهاڻي ” اي زندگي تون ڪٿي آهين“ هڪ لاجواب
ڪهاڻي آهي جيڪا تخليقڪار جي حصي ۾ اچي ٿي ۽ خبر
ناهي ان کي ڄڻيندي هن کي گهڻا ورهيه لڳا هوندا ۽
ڪيترا ڀيرا ان ۾ ڳالهائيندڙ ڪردار، سندس پيٽ ۾
ڦٿڪيا هوندا. سندس ڪئريڪٽر مون کي ته
Pregnant
لڳندا آهن ۽ انهن تي سوچيندي، لکندي لڳندو آهي
ڪنهن فل اسٽاپ (Full
Stop ) جي جهان ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويو آهيان پر وري اهو سوچيندي ته
Energy
ته شڪليون مٽائيندي آهي ٻيهر چرپر ڪندي ڪجهه
لکي وٺندو آهيان. ڇاڪيان ” تو جڏهن کان منهنجو
نانءُ پڪاريو آهي، مان واءُ جي جهوٽي جيان تو
ڏانهن اڏرندي آئي آهيان ۽ تو مون ۾ زندگي پيدا ڪئي
آهي ۽ ائين ٿو لڳي اڳ آءُ زندگيءَ کان لاتعلق ۽
محروم رهي هيس.“
” جنهن سماج جو اسين حصو آهيون اتي خواب اڳواٽ ئي
اسان جي پنبڻين تي سجايا ويا آهن ۽ خواب ڏسڻ
واريءَ دريءَ کي تالو ڏنل آهي.“
”چنڊ پويان ڊوڙندي ڪيئن نه وڏو ٿي ويو آهيان.“
” مون کي پنهنجو اکيون ڏي مان ڏسان.“
(اي زندگي تون ڪٿي آهين)
Revolt in the under world. کي اڳتي وڌائيندي مبين (نسيم) جا ڪردار نه صرف ڪروڌي ٿيندا ٿا
وڃن پر پهارڙن جيان اڏول به، ۽ انهن کي جنت مان
تڙائڻ لاءِ ڪنهن ڪڻڪ جي داڻي کائڻ جي ضرورت ناهي.
هو ته هن جهان ۾ اچي مسلسل جدوجهد سان منزلون
ماڻيندڙ ۽ حق کي حق چوندڙ آهن.
مان، تون، توهان، هي، هيءَ، هو ۽ اهي سڀ ضمير جون
خاصيتون کنيون ڪلهي تي ڪليسا کان ورتل صليب نه پر
زماني جو ڏنل اڻ ڏٺو صليب کڻي هلندڙ هن جي هٿن مان
جنم وٺندڙ ”پچڪاري“ جي پونءِ مان ۽ درن ۽ ديوارن
جي گرکن مان ليئا پائيدڙ ڪردار منهنجي هن قلم کي
قوت ڏيندا آهن ۽ آءُ ڪجهه لکڻ جهڙو ٿي ويندو
آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ٿيندو آهي ته منهنجي
پيٽ ۾ الائي ڪيترا ڪردار لڇن پڇن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن
وري الٽي ڪري ڪڍي وٺندو آهيان ۽ ڪڏهن وري ڪيترن کي
وڏين تڪليفن سان جنم ڏيندو آهيان ڇو ته:
” تنهنجي خاموشيءَ کي هٿن ۾ دکايل سگريٽ وانگر
محسوس ڪرڻ ٿي گهران.“
” مان پنهنجي خاموشي توکي ارپي پاڻ کي وڃائي ڇڏيو
آهي.“
پر ائين نه آهي.
” موت جي وات مان زندگي اسري ٿي زندگي کي نئون
جيئدان ملي ٿو.“
” آسمان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ٻه اکيون چمڪي رهيون آهن
اکين ۾ سسيفس جي چمڪ آهي.“
” مان موت بڻجي تنهنجي روح ۾ سمائجي ويو آهيان.“
ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي حرامزادي دنيا روز ڪيترن
ٻارن کي جنم ڏي ٿي جيڪي پنهنجن ئي پيئرن جي اڳيان
انهن جو اولاد نه هوندا آهن. توهان حرامي بزدل ۽
بددماغ پوليس فورس جا ماڻهو اچي چمڙن وانگر رت
چوسيندا آهيو ۽ ٻاهر هڪ سنتري ڊيوٽيءَ تي بيهاري ۽
هڪ ٿاڻي جي
SHO
کان منٿليءَ جي پئسن مان عيش جا سامان وٺي عيش
ڪندا آهيو ۽ روزانو رات جي اونداهيءَ ۾ منهن تي
ڪارو ماسڪ چاڙهيندا آهيو. منهن ڪارو ڪندا آهيو ۽
اڇو منهن ڪندا آهيو ته پوءِ پنهنجن ڏوهن گناهن ۽
لذتن ۾ جنم وٺندڙن کي پنهنجو ته ڪيو نه. ڪيڏي نه
ڪرڀ آهي، ڇو ٿا ان کي پنهنجي نانءَ کان جدا ڪيو.
جلو ٿا ملو ٿا مرو ٿا ۽ هڪ ڪاري ڪتي جيان لڪ، لڪ،
ڪرڻ کان پوءِ زبان ٻاهر ڪڍي ڀونڪو ٿا ۽ سهڪو ٿا.
هاڻ توهان ته هن سماج جا شريف انسان آهيو. جنهن
پنهنجن کي پنهنجو ۽ ويهاريل مان جنم وٺندڙ کي
پنهنجو
own))
ڪرڻ کان به ڪيٻايو آهي. منهن تي اوڻٽيهين جو ماسڪ
پائي ۽ وڏا کوپا چاڙهي پاڻ کي شريف ۽ انهن کان به
ڪنهن وڏي ڊگريءَ جو سمجهو ٿا. ها مڃون ٿا.
” هي ڪائنات بگ بئنگ ”Big
Bang
“ جي ترتيبيءَ جو مظهر آهي“.
(خوابن جي رنگينيءَ مان اسرندڙ ڪائنات)
پر پوءِ هي سڀ حرامزاده سڀ کان وڏي ڌماڪي جيڪو
دنيا ته نٿي ٻڌي پر سندن جي اندر جي ڪائنات ته ٻڌي
ٿي. اونداهيءَ ۾ پيدا ٿيندڙن کي (Disown
) ڇو ٿا ڪن؟
”ها اهو سچ آهي
خواب اسان جي وحشتن جو عملي روپ هوندا آهن“. (خوابن جي زندگيءَ
مان اسرندڙ ڪائنات) ۽ انهن وحشتن مان
جنم وٺندڙ هن حرامي جمعدار جي زور تي ڌماڪا ڪندڙ
Big Bang
جي لذت ۾ گم، ڇو نٿا ساڳيو لباس پائين. امر جليل
چواڻي انهن وٽ گهڻا
Mask
۽ ٺپا کيسي ۾ پيا هوندا آهن جيڪي پائي ٻين جي
ACR
تي هڻندا آهن.
ماضي حال ۽ مستقبل ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيڪار وٽ هڪ ئي
وقت”
Room
Orderly
“
جي
Call
تي هٿ ٻڌيون سزائين جي اعلانن ۽ انهن جي ڀوڳنائن
لاءِ تيار بيٺا آهن. ڇا ڪجي در وارو دربان به انهن
کي اندر ۾ اوتيل زهر هارڻ
جو موقعو ڏئي. ها اهو سڀ ڪجهه سڀ ڪنهن جي نصيب ۾
نه ايندو آ.
مان آهيان، مان ناهيان، ها مان آهيان ۽ پوءِ وري آهيان ۽ ناهيان جي ٽياس تي
ٽنگيل ڪيترائي رولاڪ بيباڪ ڪردار هن ڌرتيءَ تي
لکين اربين چرندڙ ۽ زندگي هوندي به مئل ڪردارن
وانگي ويٺا آهن. هاڻ اها ليکڪ جي سگهه آهي ته انهن
کي
Orderly Room
۾
Call ڪري عمر قيد ٿو عطا ڪري يا وري ٻيو جيئندان ڏئي دنيا ۾ واپس
ٿو موڪلي.
”جڏهن رات ٿيندي آهي هي اندران ئي اندران ٻاهر
ايندو محسوس ٿيندو آهي هي ڪنهن شيءَ لاءِ ڊوڙڻ
چاهيندو آهي ته سمنڊ جي ڇولين جيان اڇلي پوندو
آهي. پيٽ اندر ڪنهن آواز تي ناچ ڪندي محسوس ٿيندو
آهي.“
مان اندر ۾ روز دنيا جي ان ديو سائي جي ميدان ۾
گهمندو ۽ ٽڙندو آهيان جتي
(Complete Wilderness)
هوندي آهي ۽ اتي گلن کي پنهنجي مرضيءَ سان ڦٽڻ ۽
وڌڻ جي آزادي هوندي آهي. ”بس ڪڏهن سندس مڙس بدران
اٺن مهينن جو ٻار مسڪرائيندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي
ڇهي پاڻ ئي هڪ سورج مکي وانگر نر وار ٿي بيهي
رهندو آهي.“
تون ڪڏهن ديو سائي ويو آهين. نه وڃي ته ڏس توکي قدرت ننگو رقص ڪندي نظر
ايندي ۽ ڪائنات بلڪل اگهاڙي ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ رکيل
تنهنجي......وانگر نه هوندي به هن ڪائنات کي هلائڻ
جو هڪ اهڃاڻ آهي. تنهنجو ڪنڊيءَ ۾ ڦٽل .... به هڪ
جيئڻ جو ڏس آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ ٽانڊاڻي جيان
ٽمڪي انڌن کي رستو ڏيکاريندو آهي.
” نه...... نه تون ائين ڪانه ڪندينءَ..... هي ٻار
منهنجي وجود جو پاڇولو آهي... مان ٻار ڪيرائڻ نه
ڏيندس.“
(اوندهه مان اسرندڙ سورج مکي)
it is a nice piece of self conversation
مان توکي چوان ٿو، تون اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻندو
ڪر ڇو ته اها به ته زندگي آهي جو بلڪل گگهه انڌيري
۾ به جيئڻ جو ڏس ڏئي ٿي ۽ پوءِ خبر ناهي ڪنهن وقت
به ڀل ۾ اوچتو ئي سهي ڪنهن
Switch
کي
On ڪرين ۽ زندگي جاڳي پوي. ها هاڻ ته اهائي زندگي آهي جيئن تون
ٻار کي ڪيرائڻ نه ٿو ڏين ۽ پنهنجي يا پرائي توڙي
اهو هڪ گهڙيءَ هڪ پل جو ڪو حصو هجي ان کي تيل جي
وڌندڙ قيمت سان ڪونه ٿو ڳنڍين تون ته ديسي ڪنڊوم
تي گذارو ڪندڙ آهين.
هر حال ۾ جيئڻ ۽ پنهنجن ڪردارن وانگر جيڪي.......
حال، ماضي ۽ مستقبل جون دريون،
در ۽ اهي گهر آهن جنهن ۾ چمڙن آکيرو ناهي ڪيو.
تون اڃان اهو سگريٽ ناهي دکايو جنهن جو آخري ڪش
هڻي ڪنهن جي ڪڇ، ۾ سڪون جي ننڊ ڪرين. تون ته الائي
ڪيترن ئي پچڪ ڪيل ڪردارن جو مالڪ آهين ۽ ان لڙهندڙ
نسل کي سسيفس جي سگهه ۽ ڪروڌ کي وڌيڪ ٻل بخشيندڙ
آهين.
ڪوبه تنهنجي ڪردار کي پنجن روپين جي ”ڪفن“ ۾ ويڙهي
دفنائي نٿو سگهي ۽ ها جي ڪڏهن ڪنهن ڪيو به ته قبر
مان هٿ ڪڍي ڪفن ڦاڙي پنهنجي وقت اچڻ تي اهي سڀ
ڪنهن ننڊ مان (جنهن ۾ هو جاڳندا آهن) آڪڙ ڀڃي اٿي
پوندا ۽ وري ديو سائي ۾ وڏن ۽ ڪشادن ميدانن ۾ اڻ
مئي هڳاءَ سان نوان نوان گل ڦٽندا ۽ مان تون هي هو
اهي سڀ مرڻ لاءِ نه جيئندا.
تون ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ کان سفر جو آغاز
ڪندڙ ڪهاڻيڪار زندگيءَ کي ”خالي فريم“ سوڌو ڪرسمس
جي وڻ سميت ماڻڪ جي موت کان پوءِ به چوين ٿو.
” سڀني محبتن جي عيوض هڪ منٽ لاءِ وسارڻ جو واعدو
ڪر جيئن آءُ پاڻ کي تلاش ڪري وٺان“.
(مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا)
مان توکي في الحال سنڌ جي تتل ڌرتيءَ تان (جيڪا
اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي ٿي وڃي ۽ کسڪائي ٿي
وڃي) صرف ” اڌ چمي“ آڇيان ٿو ان احساس اميد ۽ پڪ
سان ته تون ان اڌ چميءَ کي مڪمل ڪندين ۽ آسمان مان لڙڪندڙ تنهنجا پير بندو ڪاسائي جي دوڪان تي نه کپندا ۽ تنهنجون
اکيون سڄيءَ سنڌ جي در تي ڪنهن اڻ کٽندڙ اڃ جي
اوسيئڙي ۾ رلنديون رهنديون.
ڇو ته تون محسوس ڪرين ٿو ته يسوع جي ماءُ وانگر
سوچين ٿو.
” ننڍڙي يسوع جي ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوال کيس صليب تي
چاڙهي ڇڏين ٿا“.
مبين (نسيم) آءُ
وري به توکي ” اڌ چمي“ آڇيان ٿو.
ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو
30 نومبر 2006ع
لاڙڪاڻو |