سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :9

 

شال                            (گجراتي)

رسيڪ مهتا

آسمان ڪڪرن سان ڇانئجي ويو هو.

جيتوڻيڪ مينهن جي مند شروع ٿي چڪي هئي، پر اسان وٽ مينهن دير سان پوندا آهن، لڳ ڀڳ جولاءِ جي وچ ڌاري. اهي ڏينهن به اچي ويا آهن. اڄ ته صبح کان گرميءَ جي نڪا حد آهي نه حساب ۽ مٿان وري ڪڪرن سان ڇانيل آسمان! مون وانگر ڇپرا کي به اهو انديشو ٿيو ته پڪ سان هاڻي مينهن پوڻ شروع ٿي ويندو. انهيءَ ڪري هن سڏي چيو، ”ماني کائي جلدي آفيس پهچي وڃ. مينهن پيو ته پسندي وڃڻو پوندؤ.“

مان ٻه گرهه جيئن تيئن کائي، جلدي ڏاڪڻ لهي ويس، پر دروازي تي ايندي ئي منهنجي رفتار ڍري ٿي ويئي. گهر جي چبوتري ڀرسان ڪجهه ماڻهو مڙي گهيرو ڪيو بيٺا هئا. جهڪي لهجي ۾ مون پڇيو: ”ڇا آهي؟“

چوٽيءَ کي ڳنڍ ڏيندي ۽ هر هر ڪجهه سنڀاليندي، شِو شنڪر ڪٿا پڙهندڙ وراڻيو، ”هن زماني ۾ ٻيو وري ڇا ٿيندو؟“

”پر به آهي ڇا؟“

”ڪا پنهنجو پاپ ڇڏي ويئي آهي چٻوتري ۾.“ پوءِ هو هڪدم ميڙ ڏانهن ويندي چوڻ لڳو، ”هري، هري، هري، سچ پچ ڪلجڳ اچي ويو.“

ڄڻ ڪلجڳ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن زماني ۾ حرامي ٻار پيدا ئي نه ٿيا هجن.

آفيس وڃڻ جي تڪڙ وساري مون به ڪنڌ مٿي کنيو. ڏٺم ته چٻوتري جي وچ تي اڇي هڙ وانگر ڪجهه پيو هو. مان جيئن گهيري جي اندر وڃي سگهان، انهيءَ لاءِ ڀرسان بيٺل مَنو سري جاءِ ڏني ۽ کلندي کلندي چيائين، ”ڏسو ته سهي تارڪ دادا، ڪيڏو نه سهڻو آهي! آهي نه؟“

ٻار کيس خبر ناهي ڇو وڻيو، جيتوڻيڪ نئون ڄاول ٻار خوبصورت هوندي به خوبصورت ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ايتري ۾ پاني- امان گهري نظرن سان کيس ڏسڻ کان پوءِ، پنهنجي تجربي جو ثبوت ڏنو: ”هينئر جو ناهي. ويهن پنجويهن ڏينهن جو لڳي ٿو، بلڪ مهيني کن جو ٿي سگهي ٿو.“ ميڙ مان ڪنهن پاني- امان جي انومان تي ٽوڪ هنئي، ”پاني- امان، تون اڪيلي آهين، کنيو وڃ هن ٻار کي.....“

نه ڙي ادا، پرائي پاپ کي سنڀالي مان مصيبت ۾ ڇو پوان؟

شايد سچ پچ انهيءَ ٻار سنڀالڻ جو بار مٿس اچي پوي، انهيءَ ڊپ کان هوءَ پويان هٽي ويئي.

”پر پوءِ هاڻي هن کي ڇا ڪجي؟“

وري چوٽي سنواريندڙ شو شنڪر ڪٿا پڙهندڙ چيو، ”اجها پوليس ايندي ۽ هن کي کڻي وڃي ڪنهن يتيم خاني ۾ ڇڏيندي. اسان جو ڇا؟“

”پر پوليس کي ڪو ٻڌائي ته سهي. اڄ ڪڪر به ڪيئن چڙهي آيا آهن، جيڪڏهن مينهن پيو ته..... ويچارو!“

ها ويچارو....؟ ۽ منهنجون نظرون به هڪ ٽِڪ انهيءَ ويچاري تي بيهي رهيون هيون.

ڀـُورن ڀورن نرم وارن وارو ننڍڙو مٿو- ڳوهيل ڪچي مئدي جهڙو نرم- ۽ ٽمڪندڙ ٻه گول اکيون!

جهڪي جهڪي ڏسندڙ ماڻهن مان ڪنهن جو پاڇو انهن اکين تي پوي ٿو ته ٻئي اکيون پٽجي پون ٿيون. پر پاڇو هٽي وڃڻ تي آسمان جي روشني سهي نه سگهڻ جي ڪري هڪدم ٻوٽجي وڃن ٿيون. مون به هڪ اڌ ڀيرو جهڪي کيس ٺيڪ ڏسي ورتو: اڇي چادر جي هڪ مضٻوط هڙ، رڳو منهن کي ڇڏي باقي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. لڳي ٿو، ٻن ٽن ٿلهن ڪپڙن ۾ چڱيءَ طرح ويڙهي کيس رکيو ويو آهي ۽ اچرج ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ٻار روئي به نٿو.

مٿين منزل تان آيل رتن ڪاڪي به ننڍڙي منهن تي جهڪي جهڪي مهانڊي جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي راءِ ڏني، ”لڳي ٿو ماڻس ڏاڍو کير پياريو اٿس. ڏسو ته سهي، ڪڏهن کان پيو آهي، پر روئڻ جو نالو ئي نٿو وٺي!“ پوءِ موٽندي همدردي ڀرئي لهجي ۾ چيائين، ”مان کير ۾ ڪپهه ٻـُڙو ڀري اچان.... منهن ۾ رکي ته سهي.... ويچارو بکيو هوندو.“

هوءَ مٿي هلي ويئي. منهنجي نگاهه به مٿي کڄي ويئي.

هٿ تي کاڏي ٽڪائي دريءَ ۾ ڇپرا بيٺي هئي.

ايڏي اوچائي تان به، سندس اڃايل اکيون هڪ ٽِڪ ٿي ٻار تي ڪيئن بيهي ويون آهن. سندس اداس چهري تي اداسيءَ سان گڏ ئي همدرديءَ جو چشمو امنڊي پيو آهي.

اوچتو مون ڏانهن ڌيان ويندي کلندي چيائين، ”اڃا اتي ئي بيٺو آهين؟ دير نٿي ٿئي؟“ مان سجاڳ ٿيس. گهڙيءَ ڏانهن ڏٺم ته ساڍا ڏهه وڄي چڪا هئا. جلدي ليفٽ- رائيٽ ڪندو، مشڪل سان ويهن منٽن ۾ آفيس پهتس. دروازي تي قدم رکندي ئي پٽيوالي چيو، ”صاحب توهان کي سڏي ٿو.“ مان حاضريءَ جي رجسٽر تي صحيح ڪرڻ کان اڳ ئي جلدي مٿي انٽوني صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس.

انٽوني صاحب آبپاشي کاتي جو چيف انجنيئر آهي. گذريل ڏهن ورهين کان مان وٽس اوورسيئر آهيان. ڏيڍ سؤ رپين کان نوڪري شروع ڪئي هئي، هاڻي پگهار ٽي سؤ رپيا ٿي ويو آهي. گهڻو ڪري ٻاهرين ترقياتي ڪمن جي نظرداري ڪرڻي پوندي اٿم. انهيءَ ڪري آفيس ۾ حاضري گهٽ ڏيندو آهيان. صاحب جو به ٻين جي ڀيٽ ۾ مون سان سٺو سلوڪ آهي. انهيءَ ڪري هو ذميداريءَ وارا خاص ڪم منهنجي ئي سپرد ڪندو آهي. اڄ به اهڙو ئي ڪو خاص ڪم هوندو، اهو سوچي مان چپ چاپ ميز جي ڀرسان بيٺو رهيس. صاحب فائيل ڏسي رهيو هو. جنهن ڪاغذ جي ڳولا هيس. فائيل ڏسندي چيائين، ”ويهه.“

ڪجهه دير کان پوءِ، ڪاغذ ملڻ تي هن اهو ٻاهر ڪڍيو ۽ مون ڏانهن ڏسندي چيائين، ”اڙي! نانگول جي ماڻهن کان آيل درخواست ته اسان کي وسري ويئي!“

سندس هٿ ۾ اهائي درخواست هئي.

ڪجهه هٻڪ محسوس ڪندي مون چيو، ”ها.....! پر انهيءَ ڳالهه کي ورهيه لنگهي ويو.“

صاحب کلندي چيو، ”ها، پر هڪ ورهيه ۾ به ته جاچ ڪرڻ اسان جي ڊيوٽي آهي يا نه؟“ ايترو چئي هن اهو ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏنو.

ڳالهه اها هئي ته هڪ اڌ ورهيه اڳ، نانگول جي ڀرسان هڪ وڏو تلاءُ ٺاهيو ويو هو. تلاءُ ٺهڻ کان پوءِ، ڳوٺ جي ماڻهن جي درخواست ڪئي ته تلاءُ جي اڏاوت جي ڪم ۾ ٺيڪيدار گڙٻڙ ڪئي آهي، سيمنٽ ۽ لوهه وجهڻ جي بدران بنياد ۾ مٽي ڀري ويئي آهي، انهيءَ ڪري مينهن پوڻ تي جيڪڏهن بند ڀڄي پيو ته ڳوٺ تي مصيبت اچي ويندي.

انهيءَ درخواست پهچڻ کان پوءِ، بند جو معائنو ڪرڻ لاءِ صاحب مون کي نانگول موڪليو هو، پر انهيءَ کان اڳ جو مان وڃي معائنو ڪريان، مينهن پوڻ شروع ٿي ويو. تلاءُ ڀرجڻ کان اڳ ئي، بند ٽٽي پيو. بند ٽٽڻ سان ثابت ٿي ئي ويو هو ته اڏاوت جو ڪم ٺيڪ نه ٿيو هو، پوءِ به ٺيڪيدار پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، ”اڏاوت جو ڪم هلي رهيو هو، انهيءَ وقت مينهن پوڻ سان بند ڀڄي پيو. هونئن بنياد ۾ ائگريمينٽ موجب سيمينٽ ۽ لوهي سريئا ڪافي وڌا ويا آهن.“ ان وقت ٽٽل بند جو بنياد اٽڪل پنجاهه فوٽ پاڻي هيٺ هو. انهيءَ ڪري معائنو ڪرڻ ڏکيو هو. نيٺ طئه ٿيو ته پاڻي سڪڻ کان پوءِ معائنو ڪيو ويندو. پاڻي ته ڪڏهوڪو سڪي ويو هوندو، پر معائني جي ڳالهه وسري ويئي هئي. اڄ اوچتو صاحب کي اها ڳالهه ياد اچي ويئي. دريءَ مان آسمان ڏانهن ڏسندي هن چيو، ”ڪنهن کي به ياد نه آيو. مينهن ته اڄ سڀاڻ ۾ پوڻ گهرجي.“

مون چيو، ”ها، شايد اڄ ئي پوي.“

انٽوني صاحب هڪدم چپٽي وڄائيندي چيو، ”تون هاڻي ئي نانگول وڃ. ضرورت هجي ته ڪجهه ماڻهن کي مدد لاءِ پاڻ سان کڻندو وڃ. انهيءَ کان اڳ جو وري مينهن پوي ۽ بند ٻڏي وڃي، معائني جي پوري رپورٽ پهچڻ گهرجي.“ مون ڇرڪي پڇيو، ”پر سائين، اڄ ئي مينهن پيو ته؟“

”مينهن پوندي ئي تلاءُ ڀرجي نه ويندو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻه ٽي ڏينهن مينهن ئي نه پوي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته معائني ۾ ڪا رنڊڪ نه پوندي.“

مون اٿندي چيو، ”چڱو، مان هاڻي گهر وڃي بيگ کڻي اچان ٿو.“

مٿو ڌوڻيندي صاحب چئي ڏنو، ”نه نه، توکي گهر وڃڻ جي ضرورت ناهي. هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. هتان جيپ کڻي سڌو بند ڏانهن روانو ٿي وڃ، تنهنجي گهر ماڻهو موڪليان ٿو، جيڪو ٻي گاڏيءَ ۾ تنهنجو سامان کڻي توکي بند تي پهچائيندو.“ ۽ کلندي کلندي چوڻ لڳو، ”اتي پهچندي ئي اڄ ئي توکي ڪپڙن وغيره جي ضرورت ٿوروئي پوندي؟“

وڌيڪ ڳالهائڻ جي گنجائش ڪانه هئي، انهيءَ ڪري انهيءَ وقت مان ڪجهه ماڻهو وٺي بند ڏانهن روانو ٿي ويس. صبح کان ڇانيل ڪڪر بنا وسڻ جي وکري ويا هئا. شام جو ته هوا به اهڙي لڳي جو هڪدم مينهن جو امڪان ختم ٿي ويو- لڳو ائين ئي ٿي.

مون پنهنجن ساٿين کي هدايت ڪئي، ”ڳوٺ مان مزور وٺي بنياد کوٽڻ جو سمورو ڪم شروع ڪرايو.“

دير کان پوءِ ڪم شروع ٿي ويو. مون مزورن کي ٻيڻي مزوري ڏيڻ جي لالچ ڏيئي رات جو به ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.

هونئن ته ڪم واري هنڌ تي مون کي موجود رهڻ گهربو هو، پر اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي. آرام نٿي آيو. انهيءَ ڪري پنهنجي اسسٽنٽ کي نظرداريءَ جو ڪم سونپي، مان تلاءَ ڏانهن هليو ويس. لهندڙ سج جي ڌنڌ ۾ سڪل ويران تلاءُ کائڻ ٿي آيو. تلاءَ تي وڃي، مون ڪجهه دير چهل قدمي ڪئي. پوءِ ٺيڪيدار جي نوڪرن لاءِ ٺهندڙ جهوپڙي ۾ وڃي هڪ ٻوري تي ليٽي پيس.

رکي رکي نئين ڄاول ٻار جو اهوئي اڻ ٽڙيل گل جهڙو چهرو ۽ ڇپرا جي اکين جي بي چين اڃ، اکين اڳيان تري رهي آهي..... شاديءَ کي ست ورهيه لنگهي ويا آهن، پر ڇپرا کي ٻار نه ٿيو آهي ۽ نڪي هاڻي ٿيڻ جي اميد به آهي. تپاس کان پوءِ ڊاڪٽر چيو اٿس، ”ٻچيدانيءَ جو منهن ننڍو آهي. آپريشن سان ويڪرو ڪبو ته گرڀ جو امڪان آهي. پر ڄم جي وقت خطرو ٿي سگهي ٿو. شايد پيٽ چيري ٻار ڪڍڻو پوي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ کيس جان جو خطرو....!“ ڏاڍي مشڪل سان ڇپرا کي سمجهائي آپريشن جو خيال ترڪ ڪرايو ويو. انهيءَ کان پوءِ ڇپرا جي اولاد جي خواهش خاموشيءَ جي پڃري ۾ قيد ٿي ويئي آهي. سندس بي چين مامتا، محبت ڪندڙ عورت ۾ تبديل ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي ته انهن ٻنهي عنصرن کي ڌار ڪرڻ به ڏکيو ٿو لڳي. پنهنجو سمورو ڌيان هوءَ مون تي ڏيڻ لڳي آهي. هوءَ منهنجي سار سنڀال اهڙي طرح ڪري رهي آهي، ڄڻ مان سندس مڙس نه پر ٻار آهيان. هن مون سان زال جي محبت کان وڌيڪ ماءُ جو شفقت ڀريو سلوڪ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ هوءَ ڪجهه وڃائي، ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي. اهائي ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن مون کي تڪليف رسائي ٿي. ڪو ٻار سندس هٿن ۾ سونپي ڇڏيان....! ڪئين ڀيرا اهو خيال به آيم ته يتيم خاني مان ڪو صحتمند خوبصورت ٻار آڻي.....

هڪ ڀيري ڊڄندي ڊڄندي مون ڇپرا سان اها ڳالهه به ڪڍي هئي، پر ٿورو به خفا ٿيڻ کان سواءِ، اهڙي طرح کلي، ڄڻ مون تي چٿر ڪندي هجي، هن وراڻيو، ”واهه! پرايا ڪڏهن پنهنجا ٿي سگهن ٿا؟ منهنجي ڳالهه ٻي آهي. چاهي ڇا به ٿئي، پر مان عورت آهيان. هنج ۾ ٻار ڏسي مامتا جاڳڻ کان سواءِ نه رهندي، پر اوهان؟ رت جي رشتي کان سواءِ، اوهان جي شفقت هن ڏانهن ڪيئن قائم ٿيندي؟“ ڳالهه به صحيح آهي. انهيءَ کان پوءِ، مون اهو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اهڙو خيال وري نه آيو. ڪڏهن ڀلجي به مون ڇپرا کي اندروني ڪميءَ جو احساس ٿيڻ نه ڏنو آهي، پر نه ڄاڻان ڇو، اڄ هڪ بي سهاري ٻار کي ڏسي.... ۽ سندس چهري کي تڪيندڙ ڇپرا جي انهن اڃايل اکين مان نڪرندڙ خاموش آواز ٻڌي.....

آفيس وڃڻ وقت، رستي ۾ به مون کي اهوئي خيال اچي رهيو هو ته هڪ ڀيرو موٽي ڇپرا کي چوانس، ’پرماتما تنهنجي خالي هنج ڀرڻ لاءِ گهر ويٺي....‘ پر همٿ نه ٿي. شايد ڇپرا ان کي پنهنجي بي عزتي سمجهي، شايد مامتا کان خالي عورت جي زندگيءَ کي بيڪار سمجهي....

فطري طرح هوءَ جيتري مهربان آهي، اوتري ئي چيڙاڪ به. جيڪڏهن ڪا غلط معني ڪڍيائين ته ڇا ٿيندو؟ اهو سوچي مان ڏڪي ويس. انهيءَ وقت به انهيءَ ڊپ کان مون دل ئي دل ۾ دعا گهري، ’پوليس اچي کيس کڻي ويئي هجي ته چڱو....‘

آسمان تان اونداهي لهي رهي آهي. ڪناري جي مٿانهين کان هيٺئين روڊ تان ٽرڪ جي هارن جو آواز آيو. ٻاهر نڪري ڏٺم ته ٽرڪ سڀ سامان کڻي اچي پهتي آهي. هتي کاڌي جو انتظام ممڪن نه هو، انهيءَ ڪري آفيس جي طرفان تيار ڪيل ٽفن اچي چڪا آهن..... گڏوگڏ چانهه پاڻيءَ جو سامان، ٻه ٽي پيٽروميڪس ۽ منهنجي بئگ ۽ بسترو پڻ....

ڪئمپ تي اچي هڪ شخص بئگ بسترو رکي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ هيٺ وڃي پيٽروميڪس جي روشنيءَ ۾ مون هلندڙ ڪم تي نظر وڌي، پوءِ انهن ئي ماڻهن سان ويهي ماني کاڌم ۽ هڪ نوڪر کي چيم، ”اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ چانهه ٺاهي مٿي ڏيئي وڃج.“

ننڊ اچڻ لڳي، پر سڄي رات جاڳڻ جي ضرورت هئي، پوءِ به ڪجهه دير ليٽڻ جي خيال کان مون بسترو کوليو. بسترو کوليندي ئي مٿي رکيل نئين شال جي قرمزي رنگ اکين کي چمڪائي ڇڏيو. زال کي مڙس جي خدمت جو ڪيڏو نه اونو آهي! گرميءَ ۾ شال جي ڪا ضرورت نه هئي، پر شايد مينهن پوي، ٿڌ لڳي ۽......

گذريل ورهيه به، لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينهن ۾، مان هتي آيو هئس ۽ منهنجي ڄاڻ کان سواءِ ئي ڇپرا بستري ۾ شال رکي ڇڏي هئي. اها شال، جنهن جي ڪنارن تي ڇپرا خود گلن جو ست رنگو ڀرت ڀريو هو، ۽ اها شال مون کان وڃائجي ويئي هئي- پوءِ ڇپرا نئين شال خريدي ۽ انهيءَ جي ڪنارن تي به ساڳيو ڀرت شروع ڪيو، پر اهو ڀرت اڌورو آهي. رڳو مٿئين پلؤ تي ٿوري جاءِ ۾ ئي ڀرت ڀرجي سگهيو آهي ۽ انهيءَ جا ست رنگ منهنجي اڳيان ٽِڙي رهيا آهن. گنڀير اونداهيءَ ۾، هوريان هوريان، هڪ هڪ ٿي، سڀ ڪجهه نگاهن ۾ تري رهيو آهي. لڳ ڀڳ اهوئي ڏينهن..... ٺيڪيدار جي خلاف نانگول جي ماڻهن جي شڪايتي درخواست..... خود معائنو ڪرڻ لاءِ انٽوني صاحب جي هدايت...... اها گنڀير اونداهي رات، اوچتو مينهن جو پوڻ..... مٿئين حصي ۾ مينهن ٿورو اڳ پوڻ شروع ٿيو هوندو، انهيءَ ڪري جنهن نديءَ جي رخ کي تلاءَ ۾ موڙيو ويو هو، انهيءَ نديءَ ۾ اوچتو اٿل اچي ويئي. کوٽائيءَ جي لاءِ آيل مزور، ڪوڏرون ۽ پاهوڙا کڻي جان بچائي وٺي ڀڳا. رڳو مان اڪيلو رهجي ويس. مان اورئين ڀر انهيءَ مٿانهين تي هئس ۽ هاڻي پرئين ڀر وڃي نٿي سگهيس. اهو هنڌ به محفوظ نه هو. هر پل پاڻي وڌندو پئي ويو ۽ مٿانهين جي دٻجڻ يا ٻڏڻ جو گهڻو امڪان هو. جيڪڏهن مٿانهين جي آسپاس ڦاڻي ڦهلجي ويو ته ڪٿي به وڃي نه سگهبو. گهڻي دير تائين پسڻ ڪري، مان اتي ئي بيٺو ڏڪندو رهيس. نيٺ مٿانهين ڇڏي ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو.

مينهن سان گڏوگڏ سرسرائيندڙ ٿڌي هوا به اوتري ئي قاتل هئي. مون بستري مان شال ڪڍي جسم تي ويڙهي ڇڏي. پوءِ باقي سامان اتي ئي ڇڏي، مٿانهينءَ جي ٻئي ڇيڙي تي لهڻو پيو. گهاٽي وسندڙ مينهن ۾ پسندو، هوا جي تيز سنسناهٽ ۾ ڏڪندو، گوڏي تائين پاڻيءَ ۾ مان اڳتي وڌيس. پيرن هيٺان، پاڻيءَ ۾ ٻڏل ٻنين جي ڦنڊيل چيڪي مٽي هئي ۽ مٿي گنگهور آسمان- بيوهه جي لباس وانگي ڪارن ڪڪرن جي ميڙ، سڀ ڪجهه اونداهو ڪري ڇڏيو هو. نانگول ڳوٺ ۽ رستو ڪهڙي طرف رهجي ويو آهي، انهيءَ جو مون کي ذرو به خيال نه هو. اکيون ٻوٽي، ڌڪا ٿاٻا کائيندو نه ڄاڻان ڪيستائين هلندو رهيس. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ، پير پاڻيءَ مان مشڪل سان ٻاهر نڪتا. فضا ۾ هر هر چمڪندڙ وڄ جي وقتي، پر تيز روشنيءَ ۾ ايترو ڏسي ورتم ته زمين پسيل هئڻ جي باوجود پاڻي گهڻو نه هو. مينهن ڪجهه گهٽ ٿي ويو هو. بيهوش ٿي ڪرڻ ۾ ذري به دير نه هئي جو پاڻيءَ کان ٻاهر اچڻ جي ڪري مون ۾ همٿ پيدا ٿي.

چهري تان پاڻي اگهي، مون چوڌاري نظر ڊوڙائي، ڪجهه پري، ڪجهه اوچائيءَ تي هڪ جهڪو ڏيئو ٽمڪي رهيو هو. مينهن جي بندن کي چيري منهنجي بي چين اکين انهيءَ جي روشني ڏٺي. وڌيڪ سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ مٺيون ڀڪوڙي انهيءَ طرف ڊوڙيس.

زمين جي مٿاڇري کان ڪجهه مٿڀرو، اها به اوتاهين جاءِ هئي. بلنديءَ تي چڙهندي ساهه ۾ ڀرجي ويو هئس. نڪ تائين ايندڙ ساهه کي رڳو ٻاهر ڪڍڻ جي دير هئي جو مون کي خيال آيو ته مان ڪنهن جهوپڙيءَ جي دروازي ڀرسان بيٺو هئس. هڪ کن به ترسڻ کان سواءِ، مون در تي زور سان ڌڪ هنيا. لوهي چادر ۾ سريئن جي دروازي جو وڏو آواز ٿيو. اهو آواز ڪندو رهيو ۽ اندران ڪنهن جو ڇرڪ ڀريل آواز آيو، ”ڪير آهي؟“

آواز ڇرڪ ڀريل هئڻ جي باوجود به تيز هو. ذهن کي لوڏيندڙ انهيءَ جسماني پريشانيءَ ۾ به مون کي اهو سمجهڻ ۾ دير نه لڳي ته اهو نازل آواز ڪنهن عورت جو هو.

لڳاتار ڌڪ هڻندي مون بي چينيءَ وچان رڙ ڪئي، ”در کول، در کول، مسافر آهيان، مينهن ۾ رستو ڀلجي پريشان ٿي ويو آهيان.“

ٿوري دير کان پوءِ دروازو کليو. ٽمڪندڙ ڏيئو هٿ ۾ کڻي هڪ عورت دروازي تي بيٺي هئي. سندس خوبصورت چهري تي ترندڙ انديشا انهيءَ ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ به منهنجي نظرن کان لڪيل نه رهيا.

عجيب ڀريل آواز ۾ مون چيو، ”گهٻراءِ نه، ڪجهه دير لاءِ مدد ڪندينءَ ته تنهنجي مهرباني ٿيندي. مينهن بند ٿيندي ئي هليو ويندس.“

هڪ کن لاءِ هوءَ مون ڏانهن تڪيندي رهي، پوءِ ٿورو هٽي ۽ هوريان چيائين، ”اچو.“

خوش قدمن سان مان اندر گهڙيس. هن در بند ڪري ڇڏيو. ڀڳل دروازي واري دريءَ جي ڀر واري کونٽي ۾ هن ڏيئو رکيو ۽ پوءِ چيلهه تي هٿ رکي منهنجي پاڻيءَ سان ڀنل جسم کي غور سان ڏسڻ لڳي.

بيٺي بيٺي مون چوڌاري نگاهه وڌي. جهوپڙي ڪافي وڏي هئي. هيٺ سرون رکي زمين پڪي ڪيل هئي. پر وچ ۾ سيمنٽ نه هئڻ ڪري آلاڻ مٿي اچي رهي هئي. انهيءَ آلاڻ ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ مان هيٺ ويهي رهيس. منهنجي خراب حالت سندس چهري جي انديشن کي وکيري ڇڏيو هو. ملائم لهجي ۾ هوءَ پڇڻ لڳي، ”ڪٿان پيا اچو؟“

مون جسم جي سيٽيل عضون کي ڇنڊيندي ٽٽل آواز ۾ چيو، ”هينئر ڪجهه ٻڌائڻ جي حال ۾ ناهيان، ٿورو ٿڪ ختم ٿيڻ ڏي.“

ايتري ڳالهائڻ ۾ ئي منهنجو ساهه وڌي ويو. فڪرمند لهجي ۾ هن چيو، ”گهڻو پسي ويا آهيو نه؟ ڪپڙا مٽائيندؤ؟“

ڇاتيءَ تي هٿ رکي کنگهندي چيم، ”ڪپڙا، پر ڪپڙا آهن ڪٿي؟“

”ترسو.“ چئي هوءَ سامهون ڪنڊ ڏانهن هلي ويئي. ڪنڊ ۾ هڪ کٽ پيئي هئي. هيٺيان هڪ ڀڳل ٽٽل ٽرنڪ ڇڪي هن هڪ ڪپڙو ٻاهر ڪڍيو ۽ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين، ”پسيل ڪپڙا لاهي، هيءُ ڍڪيو.“

بنا بارڊر جي اڇي ٿلهي ساڙهي..... ان وقت اها شال، دشالي کان به وڌيڪ قيمتي هئي. اٿڻ جي همٿ نه هئم، پوءِ به ڀت جي ٽيڪ تي، بيحد ڪوشش کان پوءِ، مان اٿي بيٺس. گوڏ وانگر جسم تي ساڙهي ويڙهي مون ڪپڙا لاٿا- شال، قميص، پينٽ، گنجي سڀ ڪجهه. ڪپڙن مان ٽمندڙ پاڻيءَ سان زمين پسي ويئي هئي. وري هيٺ ويٺس ٿي ته هٿ جهلي هن چيو، ”هيڏانهن اچو، کٽ تي ويهو.“

کٽ تي ميرو بسترو وڇايل هو. مان مٿس ڪرڻ ئي وارو هئس جو هن چيو، ”ترسو!“ ۽ صندوق مان اڳئين جهڙي ساڙهي ڪڍي بستري تي وڇايائين، پوءِ پرسڪون لهجي ۾ ڪي قدر خوشيءَ واري لهجي ۾ چيائين، ”هاڻي آرام سان ليٽي پئو!“

مان ليٽي پيس. هن وري دروازو کوليو ۽ دروازي تي بيهي سڀيئي ڪپڙا نپوڙي اندر ٻڌل رسيءَ تي ٽنگي ڇڏيائين.... پوءِ آلا هٿ اگهندي چيائين، ”هان وٺو، اوهان جي پتلون جي کيسي مان ٻٽئون نڪتو آهي.“

پيسن جي ٻٽونءَ ۾ ٻه سؤ رپيا کن هئا، پر ان وقت اهو سنڀالڻ جو هوش ڪٿي هو. ڇاتيءَ ڀر ليٽي چيم، ”پاڻ وٽ رک. ويندي وقت وٺندس.“

ٻٽئون هن صندوق ۾ رکي ڇڏيو ۽ صندوق کي کٽ جي هيٺ کسڪائي ڇڏيائين. ڪجهه دير کان پوءِ، ڪنڌ کڻي ڏٺم ته هوءَ آلي زمين تي ڦاٽل ڳوڻ وڇائي، ماٺ ميٺ ۾ ويهي. مون ڏانهن ڏسي رهي آهي. مون منهن ڦيري ڇڏيو. چڙهندڙ ساهه سان گڏ پيدا ٿيندڙ کنگهه ۽ وهندڙ نڪ..... اوچتو هن چيو، ”لڳي ٿو اوهان کي زڪام ٿي پيو آهي.“

”ها....!“

هن هٿ وڌائي منهنجي وارن کي ڇهندي چيو، ”مٿو ته اڃا تائين پسيل آهي. زڪام نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. ترسو ته اگهان.“

مان ڪجهه چوان، انهيءَ کان اڳ ئي هوءَ کونٽي تان ڪپڙو لاهي منهنجو مٿو اگهڻ لڳي. پوءِ سڪل وارن ۾ هٿ ڦيريندي چيائين، ”هاڻي سڪي ويندا.“

رات جي نويڪلائي ۾ ڌارئي شخص کي ڏسي پيدا ٿيندڙ انديشا، مانوس ٿيڻ سان ختم ٿي ويا. هاڻي ته هوءَ پنهنجن وانگر ڳالهيون ڪرڻ لڳي. پير سوڙها ڪري مان ڇاتيءَ ڀر ستو هئس. جسم ۾ چپندڙ ٿڌ جي ڪري ڏند کڙڪي رهيا هئا. هن پڇيو، ”گهڻو سيءُ ٿو لڳي؟“

مون وراڻيو، ”مان ڪلاڪ تائين مينهن ۾ پسندو رهيو آهيان، انهيءَ ڪري ٿڌ لڳي ويئي اٿم.“

کٽ جي ڀرسان اچي هن مون کي چيو، ”ٿورو سرڪو ته!“ ۽ بستري هيٺان رکيل ڪمبل ڪڍي هن مون کي اوڍايو.

مينهن گهٽجڻ کان پوءِ وري تيز ٿي ويو هو. هر پل ڀوائتي گجگوڙ، طوفاني هوا ۽ وڄ جو ڪڙڪو.... ڀڳل دريءَ مان وڄ جي زبان جو وراڪو اندر داخل ٿي ٿيو ۽ هن جو ننڍڙو چهرو چمڪي ٿي اٿيو- نئين ڄاول ٻار جهڙو معصوم چهرو- اهو ايترو سادو ۽ معصوم ٿي لڳي جو پيار جا جذبا جاڳي اٿيا ٿي. هوريان هوريان پيدا ٿيندڙ قربت جو احساس ڏيڻ لاءِ مون کانئس پڇيو، ”تون ائين ئي ويٺي رهندينءَ؟ سمهڻو ناهي ڇا؟“

هن ڳالهائڻ چاهيو ٿي، پر ڳالهايائين ڪونه. هن چوڌاري نظر ڊوڙائي ڄڻ پڇندي هجي، ’ڪيئن سمهان؟‘ سڀ ڪجهه پسيل هو ۽ شايد وٽس اوڍڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هو. هڪدم ئي موضوع بدلائيندي چيائين، ”اوهان جو زڪام ڪيئن آهي. چئو ته تيل مکيان؟“

”سرنهن جو تيل؟“

”ها، تيل گهر ۾ رکڻو پوندو آهي. بابا جي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي. کيس اڪثر زڪام ٿي پوندو آهي.“

ڇرڪي مون پڇيو، ”تنهنجو بابا ڪٿي آهي؟“

”ڪم تي ويندو آهي. نانگول جي ڀرسان تلاءَ کوٽيو پيو وڃي نه! هاڻي ته جسم ڪم نٿو ڪريس، پر پوءِ به ڪم ته ڪرڻو ئي پوندو آهي!“

”تلاءُ؟ تلاءَ ۾ ته پاڻي ڀرجندي ئي سڀيئي ماڻهو پرئين ڀر ڀڄي ويا.“

”تڏهن ته بابا به انهن سان گڏ هوندو. هاڻي ٻن ڏينهن تائين نه اچي سگهندو. نديءَ ۾ اٿل ايندي آهي ته مينهن بند ٿيڻ کان ٻن ڏينهن تائين ندي رستو نه ڏيندي آهي.“

ٿوري به گهٻراهٽ کان سواءِ هوءَ بلڪل فطري انداز ۾ ڳالهائي رهي هئي. هن پڇيو، ”اوهان به اتان کان پيا اچو؟“

”ها، مان هن طرف واري ڪناري تي رهجي ويو هئس، انهيءَ ڪري هن طرف ڀڳس.“ ايترو چئي پنهنجي باري ۾ سڀئي ڳالهيون مون کيس ٻڌائي ڇڏيون. کِلي، اکيون ڦهلائيندي، ڪجهه خوش ٿي هن چيو، ”تڏهن ته اوهان سرڪاري صاحب آهيو نه؟ اهو ٻڌي ته بابا به خوش ٿيندو ته اوهان آيا هئا.“

منهنجو رتبو ڄاڻڻ کان پوءِ، هن جي چهري تي پڌرو ٿيندڙ تاثر لڪي نٿي سگهيو. هڪدم اٿي ۽ تيل جي شيشي کڻي آئي..... سرنهه جو تيل.... ۽ ڪمبل هٽائي، بنا پڇئي، منهنجي جسم تي ملڻ لڳي. سموري جسم ۾ سنسني جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. هاريءَ جي ڌيءَ هئڻ جي باوجود، سندس هٿ ڪيڏا نه نرم هئا. سندس هلڪو نرم هٿ هوريان هوريان جسم تي هلي رهيو هو. پنيءَ تي..... ڇاتيءَ تي.... ڳچيءَ تي.... ائين ٿي لڳو، ڄڻ آسمان ۾ لهرائيندڙ وڄ زمين تي لهي منهنجي جسم ۾ سمائجي..... هر عضوي ۾ لهر پيدا ڪري، ذري ذري کي لوڏي رهي هجي. هوءَ کٽ جي ٻانهينءَ تي ڪجهه اڻائي ويٺي هئي. مان ٿورو پوئتي هٽي ويٺس، جيئن هوءَ آرام سان ويهي سگهي. هوءَ کٽ جي ٻانهينءَ تان هيٺ کسڪي آئي. ٿلهي ڪپڙي ۾ ڍڪيل سندس صحتمند جسم سان منهنجو هٿ دٻجي رهيو هو ۽ اهو هٽائڻ جي خواهش جي بدران، دٻائي رکڻ جي خواش وڌيڪ طاقتور ٿيندي پئي ويئي. گهڻي دير تائين ڪنڌ جهڪائي هوءَ تيل هڻندي رهي. منهنجي کنگهه بيهي ويئي هئي. هن کلندي چيو، ”ڏٺوَ نه! سرنهه جو تيل ڏاڍو اڪسير آهي. اوهان جو زڪام ڪيئن نه گهٽجي ويو؟“ واقعي اهو سرنهه جي تيل جو ڪرشمو هو يا هن جي ڪومل هٿن جو..... يا وري ڇهاءُ جي ڪارڻ تيز ساهن کان پيدا ٿيندڙ گرميءَ جو؟

ساڻس اکيون ملائڻ جي همٿ هاري، مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هٿ صاف ڪندي هن پڇيو، ”ننڊ پئي اچي؟“

ٻاهر طوفان جي شور ڏانهن اشارو ڪندي مون چيو، ”هن ۾ ننڊ ڪيئن ٿي اچي سگهي؟“ ۽ پوءِ ڪجهه ترسي چيم، ”اڄ سمورو ڏينهن پيٽ ۾ ڪجهه به نه پيو آهي. خالي پيٽ جي ڪري بي چيني پيئي ٿئي.“ ائين لڳو ڄڻ کاڌي جي باري ۾ پڇڻ وساري ويهڻ ڪري هڪدم اوچتو شرمائجي، ٻي کن ۾ هوءَ بي خياليءَ ۾ پڇي ويٺي، ”چانهه پيئندؤ چانهه؟“

”هن وقت چانهه؟“

”ها.... بابا گهڻو ڪري جڏهن دير سان ايندو آهي ته چانهه گهرندو آهي، انهيءَ ڪري کير رکڻو پوندو آهي. چئو ته چانهه ٺاهي وٺان؟ منجهند جي وقت جي ٻاجهريءَ جي ٿڌي ماني پيئي آهي، اها به گرم ڪري وٺان؟ چانهه ۽ ماني پسند ايندي؟“

هڪ ڌارئي شخص لاءِ، سندس ايڏي خلوص ڀري خدمت کان متاثر ٿي، مان غور سان ڏانهس ڏسندو رهيس. مون کي محسوس ٿيو ته جيڪڏهن مان چانهه کان انڪار ڪندس ته هوءَ ناراض ٿي ويندي. ٿورو هلڪي لهجي ۾ چيم، ”سڀ پسند ايندا.“

اهو ٻڌندي ئي هوءَ ڏاڍي خوشيءَ وچان ڊوڙندي سامهون ڪنڊ ۾ وڃي پهتي ۽ جلدي ُچلهه ٻاري چانهه ٺاهي ورتائين.

ڏهن منٽن جي اندر ئي، هوءَ ڪنجهي جي پليٽ ۾ ماني ۽ پيالي ۾ چانهه ڏيئي ويئي.

شاهي طعام ۽ مغليه کاڌي جي باري ۾ ته گهڻو ڪجهه ٻڌو اٿم، پر اهڙو سواد ته شايد انهن ۾ به نه هوندو. ذائقي مان پتو ٿي پيو ته چانهه ۾ سنڍ وڌي ويئي هئي. هوءَ زڪام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ڪري رهي هئي. کائي پي مان ليٽي پيس. هوءَ وري ساڳيءَ طرح ويهي رهي. ڪجهه سوچڻ کان پوءِ مون چيو، ”کٽ تي ويهه، هيٺ پوسل آهي، توکي به زڪام ٿي پوندو.“

هلڪي مرڪ سان هن وراڻيو، ”اسان ماڻهن کي اهڙي طرح جلد زڪام نه ٿيندو آهي.“

مون چيو، ”نه، مان کٽ تي ليٽان ۽ تون پوسل واري زمين تي ويٺي رهين، اهو مون کي سٺو نٿو لڳي.“

شايد مون کي خوش ڪرڻ لاءِ هوءَ منهنجي پيرن جي ڀرسان ويهي رهي. ٻنهيءَ مان ڪنهن کي به ننڊ نه پئي آئي. اها کيس پڻ سڌ هئي. ڪجهه ڳالهائڻ خاطر مون پڇيو، ”هتي سڃ ۾ جهوپڙي ٺاهي ڇو ٿي رهين؟“

”هتي اسان جي ٻني آهي. نگهباني ته ڪرڻ گهرجي نه! اڳي چار ٻنيون هيون، پر امان جي مرڻ کان پوءِ اڪيلي بابي کان سنڀاليون نه ٿيون. مان ان وقت ننڍي هيس. پوءِ بابو بيمار ٿي پيو ته سڀئي وڪڻي ڇڏيائين. بس هيءُ هڪ ئي بچي آهي....“

هن جي ڳالهه ۾ مون کي دلچسپي پيدا ٿي ويئي هئي. سندس ڳالهائڻ جو انداز به ڪيڏو پيارو هو. آواز ۾ مجبوريءَ جو احساس نه هو، پوءِ به منهنجي دل ۾ پاڻمرادو همدردي پيدا ٿيڻ لڳي. هوءَ ڇا پئي چوي؟ رڳو هيءَ هڪ بچي آهي، انهيءَ ۾ ڪيئن ٿي پورائي ٿئي؟ انهيءَ ڪري ته پوڙهي پيءُ کي بيمار هئڻ جي باوجود مزوري ڪرڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو....

۽ نديءَ ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري هو ٻن ڏينهن تائين گهر اچي نه سگهندو، ٿورو ترسي مون پڇيو، ”هن ريت توکي اڪيلو ڇڏي وڃڻ ڪري تنهنجي پيءُ کي ڏاڍي ڳڻتي ٿيندي هوندي؟“

”نه، ڳڻتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هتي ٻنين جي ٻارين تي ته اهڙيون ڪئين جهوپڙيون آهن، پر مينهن ۾ اوهان کي ڏسڻ ۾ نه آيون هونديون.“

هوءَ کِلي پيئي. گهڻو ڪري هوءَ بي سبب کِلي پوندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ هن ڀنل مست هوا ۾، هن گجگوڙ ۾، هوءَ نه، هڪ ڄميل وڄ کِلي رهي هجي. ڪمبل ۾ ويڙهي جسم کي ڦهلائيندي مان به کِلي پيس. پوءِ چيم، ”ڪجهه دير آرام ڪري وٺان، روشني ٿيندي ئي هليو ويندس.“

”واهه! هينئر ڪيئن ويندؤ؟ ڏسو ته سهي، اڃا مينهن بيهي ڪٿي ٿو؟ نديء پار ڪيئن ڪندؤ؟“

ڳالهه ته ٺيڪ آهي. مون به سمجهيو ٿي، پوءِ به مون چيو، ”پر توکي اهڙي طرح اجايو ڇو تڪليف ڏيندو رهان؟“

هن جي اکين ۾ حيرت جي چمڪ پڌري هئي.

”تڪليف؟ منهنجي لاءِ ته چڱو ٿيو، نه ته بابي جي اچڻ تائين اڪيلو رهڻو پوي ها. مان ته چوان ٿي ته بابا جي اچڻ تائين هتي ئي رهي پئو. اهو ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيندو ته صاحب آيو آهي.“

مون چيو، ”ها! هو خوش ته ٿيندو، پر تيستائين تنهنجي حالت ڪهڙي ٿيندي. مان هن ريت ليٽيو رهان ۽ تون ويٺي تپيسا ڪندين رهين، اهوئي نه ؟ ڀلا اهڙي صورت ۾ مان ڪيئن آرام سان سمهي سگهان ٿو.“ هوءَ ماٺ ٿي ويئي. ڏيئي جي هلڪي روشنيءَ ۾ به سندس اکين جي چمڪ مون کي ڏسڻ ۾ پئي آئي. ورندي ڏيڻ ۾ کيس ڏکيائي پئي ٿي. ڪجهه دير کان پوءِ ڪنڌ جهڪائي هوءَ چوڻ لڳي، ”بابا به ائين ئي چوندو آهي. مينهوڳيءَ ۾ هيٺ زمين تي سمهڻ ئي نه ڏيندو آهي. هٿ کان جهلي زوريءَ کٽ تي سمهاريندو آهي.“

ڇرڪي مون پڇيو، ”پوءِ تنهنجو پيءُ ڪٿي سمهندو آهي؟“

”گڏ ئي ته سمهندا آهيون. بابا ۽ ڌيءَ گڏ سمهي پوندا آهيون. ننڍي لاڪر مون کي بابي سان گڏ سمهڻ جي عادت آهي.“

غير شعوري طور تي منهنجو هٿ اڳتي وڌي ويو. هن جو هٿ جهلي ڪنبدڙ آواز ۾ چيو، ”اچ سمهي پؤ!“ هوءَ ڇرڪي ويئي ۽ منهنجي هٿ مان پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتائين. هڪ کن لاءِ فطري طرح مان هڪو ٻڪو رهجي ويس، پر يڪدم ئي ڏاڍي همٿ سان چيم، ”ته پوءِ مان کٽ تي نه سمهندس.“

”نه نه.... ڏسو. ائين نه ڪريو!“

مون تيز آواز ۾ چيو، ”مون سان گڏ سمهڻ ۾ شرم ٿو اچيئي ته پوءِ..... تو لاءِ کٽ خالي ڪرڻ کپيم نه!“

اوچتو هوءَ کلي پيئي، پهرين جهڙي ساڳي کِل. ڀرپور ۽ خالص..... ۽ کن پل جهڪيل مٿي کي آڱر جي نهن سان کنهندي نيٺ ويجهو آئي. مون جسم هٽايو. آناڪانيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ، مون خود ئي سندس هٿ جهلي کيس پنهنجي پاسي ۾ سمهاري ڇڏيو. هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سچ پچ هوءَ ڏاڍو شرمائي رهي هئي! هوءَ بي قصور هئي..... پوءِ به کيس شرمائڻ آيو ٿي....

هن حيا جو مفهوم سمجهيو ٿي.

مون انتهائي نرم لهجي ۾ پڇيو، ”سيءُ لڳي ٿو؟“

هٿ تريءَ ۾ دٻيل منهن سان، دٻيل آواز ۾ وراڻيو، ”ها!“

پنهنجي جسم کي ڪمبل ۾ ويڙهي، مون سندس جسم کي ويڙهي ڇڏيو. هن جي ڇاتيءَ جي ڌڙڪن مون کي چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آئي، ۽ سندس ساهن سان پيدا ٿيندڙ ست سـُر، مينهن جي رم جهم سان گڏ ملي، هڪ عجيب گيت پيدا ڪري رهيا هئا. مون کي ڪو هوش ڪونه هو.... ۽ مان انهيءَ لطيف ڪيفيت ۾ آهستي آهستي ٻڏندو ويس. سڀ ڪجهه وساري چڪو هئس. گونجندڙ گجگوڙ ۾ لرزندڙ جهوپڙيءَ جو ڏيئو.... سرسرائيندڙ هوا ۾ ٿرٿرائيندڙ روشني..... شايد ڏيئي ۾ تيل ختم ٿي رهيو هو. هڪ تيز چمڪي کان پوءِ روشني وسامي ويئي. ڊگهي گجگجوڙ سان گڏ وڄ وراڪو ڏنو. ڊپ کان هوءَ منهنجي ڳچيءَ کي بدن ۾ ڪسيندي مون سان ويڙهجي ويئي.

رات جو دير سان مينهن بيهي ويو. طوفان ختم ٿي ويو هو ۽ صبح ٿيڻ تي سهائي اس نڪري آئي هئي. کيس ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو. مون کي کٽ تي ستل ڇڏي، هوءَ جلدي گهر جي ڪم ڪار سان وڃي لڳي. منجهند ٿيندي ٿيندي منهنجا ڀنل ڪپڙا سڪي ويا هئا. هن اهي ويڙهي مون کي ڏيندي چيو، ”هان، پائي وٺو.“ پوءِ شال ويڙهيندي ۽ ٻوٽن واري ست رنگي ڀرت تي واکاڻ ڀري نگاهه وجهي، هن رسيلي آواز ۾ چيو، ”ڏاڍو سهڻو ڀرت آهي..... آهي نه؟“

اوچتو مون چئي ڏنو، ”توکي پسند آهي ته پاڻ وٽ رک.“

اها سچ پچ کيس پسند اچي ويئي هئي ۽ رڳو شال ئي نه، ٻئي ڏينهن اتان موڪلائڻ مهل مون پنهنجو پرس به سندس اڳيان رکي ڇڏيو.

ڪنڌ لوڏي هن چيو، ”نه!“

ڀريل آواز ۾ مون چيو، ”اها خيرات ناهي. توکي خبر آهي ته جيڪڏهن تون مون کي سهارو نه ڏين ها ته هن وقت مان زنده نه هجان ها. زندگي ڏيڻ جي عيوض مان هي تڇ تحفو ڏيئي رهيو آهيان.“

هن پوءِ به نه مڃيو. سندس ڪارين اداس اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ريهي ريبي نيٺ پرس مان سؤ رپين جو نوٽ ڪڍي سندس هٿ تي رکي ڇڏيم.

سندس کليل تريءَ ۾ هڪ نيري رنگ جو ڪاغذ ائين ڦڙڪي اٿيو ڄڻ..... سندس هٿ ڪنبي رهيو هو.... رڳو هٿ ئي نه، سمورو جسم.... ڇپرن جي پينگهي ۾ لڏندڙ ٻه لڙڪ به. ان وقت جدائيءَ جي ان گهڙيءَ ۾، هوءَ خود به هڪ لڙڪ پريءَ جهڙي لڳي رهي هئي..... ڀنل.... وهڪ جهڙي.... لڏندڙ.... ڪنبندڙ- پر هوءَ هاڻي کِلي نٿي. اها سادي، معصوم، ٽڙيل کِل بلڪل اوجهيل ٿي ويئي هئي.

سندس تريءَ تي نوٺ رکي، مون ئي سندس مٺ بند ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن جي وچ ۾ دٻايم. جذبات ۾ مون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو. ڪنڍيءَ سان گڏ ڇڪجي ايندڙ مڇي وانگر هوءَ ڇڪجي آئي.

هن جو گل مهر جي گل جهڙو چهرو نه ڄاڻ ڪيستائين منهنجي ترين جي وچ ۾ دٻيل رهيو. گلاب جي اڌ کليل مکڙيءَ وانگي هن جي اڌ کليل ڳاڙهن چپن تي منهنجا چپ ڄميل رهيا.... هن جي گهٽندڙ وڌندڙ معطر ساهن جو آبِ حيات نه ڄاڻان ڪيستائين پيئندو رهيس.

چڙهندڙ اس ۾ ڪرڻن جي ٻانهن مان پاڇا کسڪندا پئي ويا. هوءَ هوريان هوريان منهنجي ٻانهن کان الڳ ٿي رهي هئي. گهڻو ڪجهه الڳ ٿي رهيو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ باقي گهڻو ڪجهه چوڻ لاءِ رهجي ويو هو.... پر هاڻي وقت نه هو. هوءَ بيهي رهي ۽ مان در ٽپي ويس. موڪلائيندي هوءَ ڀريل آواز ۾ پڇڻ لڳي، ”وري ايندؤ؟“

مون چيو، ”ها! ڊيم ٺهي چيو، انهيءَ ڪري هن طرف اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو. هاڻي ايندس ته توسان ملڻ کان سواءِ نه ويندس.“

سندس معصوم اکين ۾ عقيدت جي روشني جهرمر ڪري رهي هئي. مون کي محسوس ٿيو ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ انهيءَ روشني جي لاٽ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت مون ۾ ناهي.

هوءَ در تي ئي بيٺي رهي.... ۽ مان هليو آيس.

گهر آيس ته ڇپرا جي بيچينيءَ جي حد نه هئي. طوفان ۽ نديءَ جي سيلاب جي خبر کيس ملي چڪي هئي. مون کي جيئرو جاڳندو ڏسي هن سڪون جو ساهه کنيو. پوءِ منهنجو سامان ٺيڪ ڪندي هن پڇيو، ”هن ۾ اوهان جي شال ڇو نٿي ڏسڻ ۾ اچي؟“.... ڪيئن جواب ڏيان؟ ڪهڙو جواب ڏيان؟.... وراڻيم، ”ڀڄ ڊوڙ ۾ شال ڪٿي گم ٿي ويئي.“

هن چيو، ”چڱو ٿيو جو وڃائجي ويئي. جان بچي ته لک کٽياسين. نئين خريد ڪنداسين.“

۽ ايندڙ سياري ۾ هن منهنجي لاءِ نئين شال خريد ڪئي. اهائي شال.... ۽ جتي پهرين شال ڇڏي آيو هئس، اتي وڃڻ ممڪن ٿي نه سگهيو.

هڪدم اوچتو منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. ڇرڪي ڏٺم ته نوڪر اچي رهيو هو......

”صاحب..... چانهه!“

چانهه جو گلاس هٿ ۾ وٺي پڇيم، ”بند تي ڪم ڪندڙ مزورن ۾ ڪو هاري هجي ته کيس مون ڏانهن موڪل.“

ڪجهه دير کان پوءِ هڪ هاري آيو. مون کانئس پڇيو، ”گذريل سال هتي بند تي هڪ هاري ڪم ڪندو هو. نالو ته ياد نه اٿم پر هو پوڙهو ۽ بيمار هو. هن پار جي ٻنين ۾ ڪٿي هن جي جهوپڙي هئي.“ ڪجهه ترسي وري چيم، ”هڪ جوان ڇوڪري به.....“

”ڪنهن جي؟ لڇمڻ جي ڳالهه پيا ڪريو نه، صاحب! اهو ته مري ويو. ڇهه مهينا کن ٿيندا. ڇوڪري ٻني وڪڻي ڪيڏانهن هلي ويئي. خبر ناهي ڪيڏانهن هلي ويئي.“

اڳتي وڌيڪ ڪجهه پڇڻ جوڳي ڳالهه بچي نه هئي.

مينهن ايندي ايندي رڪجي ويو هو. مان بنا ڪنهن پريشانيءَ جي ٻن ڏينهن ۾ ابتدائي رپورٽ تيار ڪري موٽي آيس.

پر.....

گهر جو رنگ ڍنگ ڏسندي ئي اکيون حيرت ۾ کليون رهجي ويون. بيٺڪ ۾ ننڍو پينگهو لڏي رهيو هو ۽ ڇپرا بيهي پينگهو لوڏي رهي هئي.

”اهو ڇا آهي ڇپرا؟“

هن بنا خفا ٿيڻ جي، فطري نرم لهجي ۾ وراڻيو، ”ڇو، انهيءَ ڏينهن اوهان نه ڏٺو هو؟“

”ڇا؟“

”اڱڻ ۾ ٻار پيو هو نه! پوءِ پوليس آئي، پر انهيءَ سلسلي ۾ مونجهارو پيدا ٿيو ته ٻار کي ڪٿي رکيو وڃي.“

”انهيءَ ڪري تو گهري ورتو..... ائين نه؟“

”هونئن ته نه گهرانس ها پر.....“ هوءَ ٿورو رڪجي ويئي.

پوءِ پرئين طرف جي ڀت ڏانهن نهاريندي چيائين، ”پر پوليس چادر هٽائي ۽ چادر جي هيٺان هيءَ شال نڪري آئي......“ کونٽي تان ڀرت ڀريل شال لاهي، مون ڏانهن اڇليندي هن پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي: ”جيڪا شال اوهان وڃائي ڇڏي هئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com