سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :7

 

        پيميءَ جو ٻار          (پنجابي)

سنت سنگهه سيکون

اها ويهن ورهين جي پراڻي ڳالهه آهي، جڏهن آئون ستن ورهين جو هئس ۽ منهنجي ڀيڻ يارنهن ورهيه جي هئي. اسان جي ٻني گهر کان ميل کن جي پنڌ تي هئي. اڌ وچ تان جرنيلي سڙڪ لنگهندي هئي، جنهن تي جهنگلين پٺاڻن، ڦورن ۽ ڌارين جي ڪافي اچ وڃ هوندي هئي. اسان سڀ ٻار، جن کي گهر ويٺي پٺاڻن کان ڏاڍو خوف ٿيندو هو، ڪنهن وڏي ماڻهو کي پاڻ سان گڏ کڻڻ کان سواءِ، انهيءَ روڊ تان لنگهندي ڊپ وچان ڏڪڻي وٺي ويندي هئي. پر مصيبت اها هئي جو اسان کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي پيءُ ۽ ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ هاريءَ لاءِ ماني کڻي وڃڻي پوندي هئي ۽ هر روز اسان جي حالت هڪ ڏکئي جهنگ مان گذرندڙ ماڻهن وانگر هوندي هئي.

اسان عام طور تي گهر کان ڏاڍي همٿ ٻڌي نڪري پوندا هئاسين، پر روڊ تي ٽن فرلانگن جو فاصلو ئي طئه مس ڪري سگهندا هئاسين ته واهه ۾ پوندڙ شاخ پار ڪندي اسان تي سڪتو ڇانئجي ويندو هو ۽ اٿي بيهي چؤ طرف ڏسڻ لڳندا هئاسين ته شايد ڳوٺ جو ڪو وڏڙو يا ايندڙ ويندڙ ماڻهو نظر اچي وڃي ته جيئن سندس سهارو وٺي اسان انهيءَ خوفناڪ سمنڊ مان اڪرڻ جي لائق ٿي وڃون.

اسان کي مذهبي تعليم ئي ڪجهه اهڙي قسم جي ملي رهي هئي جو طرح طرح جا خوف اسان جي مزاج جو هڪ حصو بنجي ويا هئا. هر روز شام جو اسان گهر ۾ وڏڙن کان بهشت ۽ دوزخ جا افسانا ٻڌندا رهندا هئاسين. بهشت ته اسان کي ٻنيءَ کان سواءِ ٻئي ڪٿي ڏسڻ ۾ نه ايندو هو، پر جهنم وک وک تي ملندو هو. سڀنيءَ کان وڏو جهنم ته مڪتب هوندو هو، جنهن کان جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن ڇوٽڪارو ملي ويندو هو ته ٻنيءَ تي ماني کڻي وڃڻ جي جهنم سان واسطو پوندو هو. ڳالهه کٽاڻي، بس ايترو سمجهي وٺو ته جهنم اسان جي هر رستي تي تاڪ ۾ ويٺو هوندو هو.

نه ڄاڻان انهيءَ روڊ جي سمنڊ کي پار ڪري ٻنيءَ تي وڃڻ اسان کي جهنم لڳندو هو يا ٻنيءَ تي ماني کڻي ويندي اُنهيءَ روڊ تان گذرڻ جي خيال انهيءَ کي هڪ ڀوائتو سمنڊ بنائي ڇڏيو هو. آئون انهيءَ سلسلي ۾ پڪ سان ڪجهه چئي نٿي سگهيس. مون کي اها خبر آهي ته ٻني بهشت هو، ماني کڻي وڃڻ تڪليف وارو جهنم هو ۽ اها وچ واري سڙڪ ڀوائتو سمنڊ هئي.

سياري جا ڏينهن هئا. اسان ٻئي ڀاءُ ڀيڻ منجهند جي ماني کڻي ٻنيءَ ڏانهن نڪري پياسين. ڏاڍي وڻندڙ اس ڦهليل هئي ۽ اسين سياري جي اُنهيءَ اس جو مزو وٺندا هليا پئي وياسين، پر سڙڪ تان لنگهڻ جو ڊپ دل کي ڪوئي وانگر ڪتري رهيو هو.

اسان ڊپ کي دٻائڻ جو هڪ عام طريقو استعمال ڪرڻ چاهيو. ڀيڻ مون کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي: ”هڪ هو راجا، جنهن جي راڻي مري ويئي هئي. مرڻ کان اڳ هن راجا کي چيو ته مون سان واعدو ڪر.“ راجا پڇيو ته ڪهڙو واعدو؟

مون ڪهاڻيءَ تان ڌيان هٽائي پويان مڙي ڳوٺ ڏانهن ڏٺو ته متان ڪو ماڻهو اسان جي ئي رستي تان ايندو هجي.

”تون ٻڌين نٿو.“ ڀيڻ مون کي ڪلهي کان لوڏي چيو.

”نه، آئون نٿو ٻڌان.“ مون هڪ ڀاءُ وانگر گستاخيءَ سان وراڻيو.

”اها راڻي جڏهن مرڻ لڳي ته هن راجا کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيائين، ”مون سان هڪ واعدو ڪر.“

راجا پڇيس، ”ڪهڙو وعدو؟“ راڻي چيو، ”ٻي شادي نه ڪج.“ اوهه مون اهو ٻڌائڻ ته وساري ڇڏيو ته راڻيءَ جا ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي.

اسان کي راجا ۽ راڻي پنهنجن ماءُ پيءُ جهڙا ڏسڻ ۾ آيا. اسان جي ماءُ مرڻ لڳندي ته اها به اسان جي پيءُ کان اهوئي واعدو وٺندي. شايد اهو خيال اسان جي دل ۾ ڪم ڪري رهيو هو. مون کي پنهنجي ڀيڻ، راڻيءَ جي ڌيءَ لڳي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي سندس پٽ محسوس ڪرڻ لڳس.

منهنجي ڀيڻ ڳوٺ ڏانهن ڏسي رهي هئي، ”هاڻي اڳتي به ٻڌاءِ نه.“

مون پهرئين وانگر رُکي لهجي ۾ کيس چيو:

”راڻي سوچيو ته منهنجن پٽ ۽ ڌيءَ کي ماٽيجي ماءُ ستائيندي.“ ڀيڻ ڪجهه وڌيڪ مٺو ۽ ڪجهه وڌيڪ عورتاڻو روپ ڀريندي چيو، ”اهوئي سبب آهي جو راڻي راجا کان واعدو ورتو هو. راجا چيو، چڱو آئون واعدو ڪريان ٿو.

ڄڻ راجا جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته راڻي مرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ها.

”هونهن.“

جيتوڻيڪ اسان کي خبر هئي ته ڏينهن جو ڪهاڻي ٻڌائڻ سان واٽهڙو پنهنجو رستو ڀلجي ويندا آهن، پر هڪ ٻئي کي انهيءَ کان خبردار نه ڪيوسين ۽ اسان پنهنجي انهيءَ علم سان پنهنجي دل ۽ پنهنجن خيالن تي اثر نه ٿيڻ ڏنو.

”هونهن.“

اڳيان موڙ تي اسان کي هڪ ماڻهو ايندي ڏسڻ م آيو. اسان اطمينان جو ساهه کنيو ۽ اٿي بيٺاسين ته جيئن هو اسان سان اچي ملي. ڪهاڻي بيهي ويئي. اهو ماڻهو ڪنهن ٻئي طرف وڃي رهيو هو. هو اسان ڏانهن نه مڙيو.

 

اسان جنهن مقصد لاءِ اها ڪهاڻي ڇيڙي هئي، اهو پورو نه ٿيو. اسان جو خيال هو ته ڪهاڻيءَ ۾ محو ٿي اسان هڪدم سڙڪ پار ڪري وينداسين. سڙڪ هڪ فرلانگ اڃا رهجي ويئي هئي ۽ اسان جي ڪهاڻي ساهه روڪي بيهي رهي هئي. ڪنهن وڏڙي جي اچي ملڻ جي اميد به ختم ٿي ويئي هئي. اسان ٻئي ڊڄي بيٺا رهياسين.

ڏهه ويهه قدم ٻيا اڳتي وڌياسين ته اسان جو ڊپ اڃا به ڪجهه وڌي ويو. سڙڪ تي ڪارو مخملي واسڪوٽ ۽ پٺاڻن جهڙي کليل پائنچن واري شلوار پاتل هڪ ماڻهو ليٽيو پيو هو.

”هو ڏس، ڪو پٺاڻ سمهو پيو آهي!“ مون چيو.

هن ماڻهو پاسو بدلايو.

”هي ته چري رهيو آهي. جاڳيل آهي.“ منهنجي ڀيڻ ڊڄي ويئي ۽ چيائين، ”هاڻي ڇا ڪريون؟“

”ڇا هي اسان کي پڪڙيندوء“

”ٻيو نه ته ڇا.“ هـُن وراڻيو.

اسين رات جو گهر مان تمام گهٽ ٻاهر نڪرندا هئاسين، پر اسان اهو ٻڌو هو ته جيڪڏهن ڊپ لڳي ته ”واهگرو“ جو نالو وٺبو ته ڊپ ڀڄي ويندو. اسان جي امان اسان جي مامي جي ڳالهه ٻڌائيندي هئي ته هڪ ڀيري اسان جو مامو ۽ هڪ برهمڻ رات جو ڪنهن ڳوٺ جي گهٽين مان پئي لنگهيا ته سندن قدمن ۾ وڏا ٻريل اڱر اچي ڪرڻ لڳا. برهمڻ اسان جي مامي کان پڇيو، ”ڇا ڪريون؟“ هن چيس، ”پنڊت جي، رام جو نالو وٺ.“ اسان جو مامو ”واهگرو واهگرو“ ڪرڻ لڳو ۽ پنڊت ”رام رام“. اڱر ڪرندا رهيا، پر کانئن پري. انهيءَ ڳالهه لاءِ اسان پنهنجي مامي تي ڏاڍو فخر ڪندا آهيون.

”اسين به ’واهگرو واهگرو‘ چئون.“

”واهگرو کان ته ڀوت پريت ڊڄندا آهن، ماڻهو نه.“ منهنجي ڀيڻ چيو.

مان مڃي ويس ته روڊ تي سمهيل پٺاڻ خدا کان ڪيئن ٿي ڊڄي سگهيو.

”ته پوءِ هاڻي ڇا ڪريون؟“

اسين پنج ست منٽ ساهه روڪي بيٺا رهياسين. اسان جي دل ۾ اڃا به اها آس هئي ته ڪو ماڻهو هن پٺاڻ کي ڊيڄارڻ لاءِ اسان سان اچي ملندو، پر اسان جي اها اميد پوري ٿيندي نظر نٿي آئي.

اسان ٻئي هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳاسين، پر ان وقت اسان ٻئي هڪ ٻئي جي چهري ۾ ڇا ٿي ڳولي سگهياسين.

اسان جي معصوميت ۽ اسان جي رفاقت بي چين ۽ بيقرار هئي. ڪجهه منٽن کان پوءِ آئون روئي پيس.

منهنجي ڀيڻ پنهنجي پلؤ سان منهنجا لڙڪ اگهندي چيو، ”ڇو ادا، ڇو منهنجا چنڊ، اسان هتي بيٺا رهنداسين ۽ ڳوٺ کان اجهو ڪو اچي ويندو.“

اسان اڳيان وکون کنيون ۽ وري بيهي رهياسين. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه قدم پوئتي هٽي آياسين.

نيٺ منهنجي ڀيڻ ڪجهه سوچيندي چيو، ”اسان چونداسين ته اسان پيميءَ جا ٻار آهيون. اسان کي نه پڪڙيو.“

سندس واتان جڏهن به پيميءَ جو لفظ نڪرندو هو ته اهو تمام مٺو هوندو هو ۽ هاڻي به جڏهن هوءَ مون ڏانهن جهڪي مون کي دلاسو ڏيئي رهي هئي ته پاڻ به پيمي بنجي ويئي هئي.

مون کي آٿت اچي ويئي ته پٺاڻ کي جڏهن اها خبر پوندي ته اسان پيميءَ جا ٻار آهيون ته هو اسان کي ڪجهه نه چوندو ۽ اسان کي پڪڙي وٺي به نه ويندو.

جهڙي ريت ڪنبندڙ دل ۽ ٿڙندڙ قدم ”واهگرو واهگرو“ چوندي شمشان ڀوميءَ مان گذري ويندا آهن ۽ جهڙي ريت هندو ڳئون جو پڇ جهلي دنيا جي ڀيانڪ سمنڊ مان پار پئجي ويندا آهن، بلڪل ساڳي طرح سان پيميءَ جو نالو وٺي روڊ پار ڪري وياسين. پٺاڻ ساڳي طرح اُتي سمهيو پيو هو.

 

 

بهشت ۽ دوزخ                (گجراتي)

ڌوم ڪيتو

’ستلج‘ متوالي، نانگ وانگر وَرَ کائيندي، جتي هماليا کان منهن موڙي پنجاب جي ميدانن سان ڀاڪر پائي ٿي. اتي آسمان کي چمندڙ جبلن جون چوٽيون ۽ افق کي گلي لڳائيندڙ ڪشادا ۽ سرسبز ميدان، هڪ ٻئي سان مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري، صدين کان دوستيءَ جو ناتو نباهي رهيا آهن.

جڏهن هيءَ دنيا پنهنجن شروعاتي ڏينهن ۾ هئي، تڏهن انهن ميدانن ۾ هرڻ ۽ ڦاڙها مزي سان کائي پي ڊوڙندا وتندا هئا. بستيءَ جي رهواسين جون گائيون، آسمان جي اَجهي هيٺ، سرسبز ميدانن ۾ چرنديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. ننڍڙيءَ ڳچيءَ وارا گابا، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا ڊڪندا وتندا هئا. باهه ٻارڻ واسطي ڪاٺيون ڪري پنهنجي بستيءَ ڏانهن واپس ورندي، ٻالڪ ڪارن ڪڪرن ڏانهن اکيون کڻي نهاريندا هئا. چوڌاري وايومنڊل ۾ نئون روح ۽ سکي جيوت جي لهر ڊوڙندي نظر ايندي هئي.

ايام ٿي ويا، ستلج ڪناري ٻه خوشحال ڪٽنب آباد هئا، ڄڻ هڪ ننڍڙي بستيءَ جو وجود پئجي چڪو هو. هڪڙو ڪٽنب گوتم جو هو. سندس زال جو نالو سـُنند، ۽ لاڏلي ڌيءَ جو نالو سوڪيشي هو. گوتم وٽ تمام گهڻيون گائيون هونديون هيون ۽ هڪ ٻني هئي، جنهن جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچڻ ۾ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وقت لڳي ويندو هو. ٻنيءَ جي زمين زرخيز هئي، ۽ انهيءَ زمين جي ٽڪر کي ستلج پنهنجن پوتر قدمن سان هر سال نوازيندي رهندي هئي. ٻيو ڪٽنب ستيه پـُر جو هو. گهر ۾ چار ڀاتي هئا: هو خود، سندس زال وشاکا، پٽ آرائيڪ، ۽ گود ۾ ورتل پٽ سميرو. گائيون جام هئن، ۽ چرڻ لاءِ وسيع سرسبز ميدان هو، انهيءَ ڪري سندن زندگي آسودگيءَ سان گذري رهي هئي.

انسان جڏهن آسودو ٿئي ٿو، تڏهن کيس فطرت جو هر نقش زندگيءَ جو سحر آفرين نغمو ٻڌائيندو محسوس ٿئي ٿو. آرائيڪ، سميرو ۽ سوڪيشي سمنڊ جي لهرن وانگر الجهندڙ بادلن کي ڏسندا هئا، ۽ گائيون چاريندي جڏهن ٿڪ محسوس ڪندا هئا، تڏهن جبل جي ڪنهن ٿڌي ۽ گهاٽي ڇانوَ ۾ ويهي آرام وٺندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٽيئي ڄڻا، نديءَ جي لڙاٽيل ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ پير وجهي، ڪناري سان ٽڪرائيندڙ لهرن جو تماشو ويهي ڏسندا هئا. بعضي جبل جي دامن ۾، گهاٽن وڻن ۾، لڪلڪوٽيءَ راند کيڏندا هئا. سندن خوشحال زندگيءَ ۾ حرص ۽ هوس، خود غرضيءَ، حسد ۽ ڪيني جو نالو به ڪونه هو. اڪثر سوڪيشيءَ جي معصوم حسن جو نظارو، آرائيڪ ۽ سميرو جي دلين ۾ پرهه ڦٽيءَ جي ٿڌيءَ روشنيءَ ۾ ننڊ مان بيدار ٿيندي، آسمان جي خوبصورتيءَ جو احساس جاڳائيندو هو. پر حسن، چاهي بارش ڀريل بادلن يا سونهري آسمان کي چمندڙ جبل جي چوٽين ۾ هجي، گلاب جي پنکڙين تي شبنم جي بوندن ۾ هجي، يا آرس موڙيندي ننڊ مان بيدار ٿيندڙ ڪنهن جوانيءَ جو هجي، بهرحال هڪ تصور آهي، هڪ خيال آهي، پاڪيزه، انهيءَ جذبي کي دل ۾ سانڍي ٽيئي ڄڻا ستلج ڪناري ميدانن ۾ گهمندا وتندا هئا.

پاڙيسرين جي وچ ۾ سٺو ورتاءُ هوندو هو. هو هڪ ٻئي جي آئيءَ ويل همدردي ڪرڻ ۽ دک درد ۾ هڪ ٻئي سان شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪوشان رهندا هئا، جن وٽ سندن زمين مان ڪڻڪ وڌيڪ پيدا ٿيندي هئي، سي اها ٻين کي سندن ضرورت مطابق ڏيئي، کانئن چانور وٺي ايندا هئا، پاڻيءَ بدران کير ملي ويندو هو ۽ کير جي عيوض ماکي. سڀئي هڪ ٻئي کي برابر سمجهندا هئا. زندگيءَ جي ضرورت جون سموريون شيون برابر سمجهيون وينديون هيون. ٻالڪ کيڏندي ڪٿي ٿڪجي پوندا هئا، ته ڪنهن ٻئي جي گهر ماني کائي ڇڏيندا هئا. ڪنهن جي گهر کي دروازو ڪونه هوندو هو ۽ نه ئي ڪا ضرورت محسوس ڪئي ويئي هئي.

انهيءَ وقت شاديءَ جي دنياوي رسم کي ڪير سمجهندو به ڪونه هو؛ پر پيار جي حقيقت کان هرڪو واقف هو. پريم جي ڌاڳي ۾ ٻڌل جوڙي کي موت جا سرد ۽ ڀيانڪ هٿ به جدا نٿي ڪري سگهيا. طلاق يا بيواهه جي وهانءُ جو سوال اڃا ڪنهن به سياستدان ڪونه اٿاريو هو. اول ته ننڍيءَ عمر ۾ ڪا بيواهه ٿيندي به ڪانه هئي، ۽ جيڪڏهن ڪا بيواهه ٿيندي هئي ته کيس ٻيهر پريم جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجڻ جو حق حاصل هو. اغوا جا واقعا ٻڌبا ئي ڪين هئا، ڇاڪاڻ ته عورت ۽ مرد ٻيئي پريم جي پابنديءَ هيٺ خوشحال زندگي گذارڻ لازمي سمجهندا هئا. انسان ذات کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ وارا ڊاڪٽر ڪين هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته خود فطرت سندن زندگيءَ ۽ تندرستيءَ جي رکوالي ڪندي هئي. طبقاتي امتياز ۽ غريب- امير جي ڪابه تفريق ڪانه هئي. زندگيءَ جي ضرورت جون شيون هر وقت موجود رهنديون هيون. هوش خطا ڪرڻ واريون قيمتون ڪين هيون، تجارت ۽ سوديبازي ڪانه هئي. هڪ ٻئي سان همدردي ۽ برادراڻو ورتاءُ هوندو هو. مندر نه هئا، ۽ نڪي مسجدون. راجا مهاراجا به ڪونه هئا ۽ نه وري قانون هو- صرف محبت ۽ پريم جو راڄ هو. هڪ ٻئي سان دوستي، پر خلوص محبت ۽ پريم سان سڀني ضروري چيزن جو سودو ٿيندو هو. مذهب، کليل ميدان ۾ بيهي قدرت جي نقش و نگار کي ادب ۽ احترام سان ڏسڻ جو نالو هو؛ سڀ پنهنجيءَ دل جا مالڪ هوندا هئا. باهمي سلوڪ ۽ ان وقت جا رائج طريقا ئي قانون هئا. سچائي، حياتيءَ جو مقصد هئي. اِها هئي هِن ڌرتيءَ جي جنت!

 

ڪارا بادل ڇانيل هئا. سڀ کان اُوچي جبل جي چوٽيءَ تي آرائيڪ ۽ سوڪيشي ويٺا هئا. هيٺ، نگاهن جي حد تائين، زمردي فرش وڇايل هو. برسات جي پاڻيءَ سان ڌوپجي، جبل جون چوٽيون صبح جي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون. ساوڪ ۾ مختلف جانور هيڏانهن هوڏانهن چري رهيا هئا. فضا ۾ ڌنڌلا بادل اچ وڃ ڪري رهيا هئا. ٿڌي هوا لڳي رهي هئي، جنهن ڪري سوڪيشيءَ جا کليل وار لهرائي رهيا هئا. سند سجسم جو هيٺيون حصو ڪنول جي پنن سان ڍڪيل هو، ۽ مٿئين حصي تي گلن جي مالا ويڙهيل هئي. آرائيڪ سندس وارن ۾ گل هڻي رهيو هو. اُنهيءَ وقت ڪارا بادل، جهڪي، افق ڪناري، زمين جو منهن چمي رهيا هئا. جبل تي اڀريل وڻن جا پن بارش جي انتظار ۾ پريشان نظر ٿي آيا. جهنگلي وَليون وڻن سان ڀاڪرن ۾ هيون. ڊيلون نچنديون ٽپنديون، مورن وٽ پهچي چڪيون هيون. اوچتو سوڪيشيءَ جي نظر آرائيڪ جي بند ٿيل هٿ جي مٺ تي پيئي، جنهن ۾ هو ڪنهن شيءِ کي لڪائي رهيو هو. سوڪيشيءَ اڌ کليل اکين سان کلندي پڇيو، ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي، آرائيڪ؟“ آرائيڪ سوڪيشيءَ کي محبت ڀريل نظرن سان ڏٺو، ۽ پنهنجي بند ٿيل ُمٺ کوليائين. جيئن بادلن سان گهيريل چنڊ جي روشني چوطرف اُجالو ڦهلائيندي آهي، تيئن آرائيڪ جي مٺ کلندي ئي، چمڪندڙ هيري جي چمڪ سان هٿ جي تريءَ جو اُهو حصو جڳمڳائجي ويو.

”اهو ڇا آهي؟ آرائيڪ!“ سوڪيشيءَ هيري کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي پڇيو.

”هي چمڪندڙ پٿر مون کي ستلج ڪناري مليو. هلڪي سائي رنگيني ڪيئن نه سهڻي ٿي لڳي!“

سوڪيشيءَ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. هو بدستور هيري ڏانهن ڏسندي رهي ۽ جلد ئي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيائين. سندس سفيد ۽ نازڪ آڱرين مان ڇَڻي نڪرندڙ هيري جي چمڪ کان سندس چهرو ٻهڪي اُٿيو. هن پنهنجيءَ گلن جي مالا کي هٽائي ڇڏيو. مالا جي هٽندي ئي، سوڪيشيءَ جو جوڀن آرائيڪ جي نظر سان الجهڻ لڳو.

”هيءُ پٿر مون کي ڏي، آرائيڪ!“ سوڪيشيءَ پنهنجن قرمزي چپن تي مشڪ آڻيندي چيو.

اُنهيءَ وقت سميرو، ساون ميدانن جو پاسو ڏيئي، پهاڙ تي چڙهي رهيو هو. چڙهندي چڙهندي سندس نظر آرائيڪ ۽ سوڪيشيءَ تي پيئي، جيڪي پوتر پريم جي دنيا ۾ مگن هئا. هو بيهي رهيو، چنڊ گهڙيون، بي حس ۽ بي حرڪت بيهي، انهن ٻنهي کي ڏسندو رهيو. انهيءَ وقت، پهريون دفعو اُنهيءَ ڌرتيءَ جي جنت تي حسد ۽ رقابت جو منحوس پاڇو پيو. حسد ۽ رقابت جي جذبي جي پيدائش تي، جبل تان هڪ وڏي ڇپ گڙگراهٽ ڪندي اچي هيٺ پيئي. انهيءَ زوردار گرگڙاهٽ تي سڄو ميدان ڪنبي اٿيو. وڻن تان پکي اڏامڻ لڳا، جانور ڀڄڻ لڳا ۽ وڻن جي ٽارين جا پن پاڻ ۾ سرٻاٽ ڪرڻ لڳا. گڙگڙاهٽ جو آواز ٻڌي، سوڪيشي ۽ آرائيڪ به ڊڄي ويا. اُنهن ڏٺو ته هڪ ڳري ڇپ، جبل جي دامن طرف وڃي رهي هئي ۽ ڀرسان ئي سميرو ڪنڌ جهڪائي هيٺ لهي رهيو هو.

 

سميرو جي دل ۽ دماغ تي حسد جو جذبو ڇانيل هو. ميدانن جا چڪر ڏنائين ۽ رنگبرنگي چمڪندڙ پٿر گڏ ڪندو ويو. انهن مان مالهائو بنائي، گانين جي ڳچين ۾ وجهندو ويو. پر، اڻٿڪ ڪوشش جي باوجود، کيس اهو هيرو ملي نه سگهيو، جيڪو آرائيڪ سوڪيشيءَ کي ڏنو هو. آخر هڪ ڏينهن، شام جي وقت، هو پنهنجي گروءَ جي جهوپڙيءَ ۾ لنگهي ويو، ۽ هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: ”زندگيءَ جا باقي ڏينهن آئون نويڪلائيءَ ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.“

گروءَ همدرديءَ وچان پڇيو، ”آخر اهو خيال تنهنجي دماغ ۾ ڪيئن آيو؟ تون گوشي نشيني ڇو ٿو اختيار ڪرڻ چاهين؟“

سميرو ڪجهه وقت بيٺو رهيو، ۽ پوءِ نظرون زمين ۾ کپائي چوڻ لڳو، ”سهاڻي صبح جهڙي حسين ۽ نازڪ سوڪيشي، آرائيڪ سان گڏ گهمندي وتي!“

گروءَ ٽهڪ ڏنو، ”ٻچا، جتي ٻن محبت جي متوالن کي حسد ۽ رقابت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، اتي جلد ئي دوزخ جي آڳ ڦهلجي وڃي ٿي ۽ ٻيون غلاظتون پيدا ٿي پون ٿيون. جتي زندگيءَ ۾ پريم رس بدران حسد جو زهر داخل ٿئي ٿو، اتي برباديءَ جا شعلا اٿن ٿا، جيڪي اک ڇنڀ ۾ انسان ۽ ان جي زندگيءَ ۽ ماحول کي جلائي ڇڏين ٿا، تنهن ڪري ٻچا، جلڻ بجاءِ تون به پنهنجي لاءِ ڪو موزون ساٿي ڳول ۽ آسودگيءَ جي زندگي بسر ڪر.“

”مان ته سوڪيشيءَ کي حاصل ڪرڻ کان سواءِ سک ٿي نه سمهندس. آرائيڪ کيس هڪ هيرو ڏيئي، جيتي، پنهنجو بنائي ڇڏيو..... مان کيس ڏهه هيرا ڏيندس!“

”ائين ڪرڻ سان هتي جو آرام ۽ سڪون تباهه ۽ برباد ٿي ويندو، سميرو!“

گروءَ سمجهائيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سميروءَ جو جواب صرف هڪ زهريلي مشڪل هو.

 

جت سميرو گوشي نشيني اختيار ڪئي هئي، ات مختلف رنگن جا چمڪندڙ پٿر هر طرف ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. سميرو انهن پٿرن کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. عورتون اڳي اهي پٿر مالهائن بنائڻ لاءِ چونڊڻ وينديون هيون، پر هاڻي انهن پٿرن کي حاصل ڪرڻ خاطر کين گانءِ، اناج، ماکي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون شيون قيمت طور سميرو کي ڏيڻيون پيون ٿي.

سميرو جيڪو نئون دستور رائج ڪيو هو، انهيءَ کي ڏسي ٻيا به ساڳي راهه وٺڻ لڳا. انهيءَ کان اڳ هرڪو پنهنجي ضرورت جون شيون هڪ ٻئي سان مٽائي حاصل ڪندو هو ۽ هرهڪ شيءِ جي قيمت هڪ جيتري سمجهي ويندي هئي. هاڻي سميرو، پٿر جي رنگ روپ ۽ چمڪ دمڪ جي حساب سان، انهن جون جدا جدا قيمتون مقرر ڪري ڇڏيون هيون، انهن پٿرن بدران مختلف ضرورت جون شيون حاصل ڪندي، سميرو وٽ انهن شين جو انبار لڳي ويو. نتيجي ۾، ماڻهو شين جي هڪ هٽيءَ ڪري ششدر ٿيڻ لڳا.

 

هڪ ڏينهن هڪ ٻڍو سميرو وٽ آيو ۽ چانور ڏيئي ماکي گهريائين.

”مان چانورن بدران ماکي نه ڏيندس.“ سميرو چيو، ”هونئن به، مون کي نه چانورن جي ضرورت آهي ۽ نه ماکي جي.“

”پر مون کي ته ماکيءَ جي ضرورت آهي.“ ٻڍي جواب ڏنو، ”توکي ماکي ڏيڻ گهرجي.“

”شيءِ منهنجي آهي ۽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ فقط منهنجي مرضيءَ تي منحصر آهي!“

سميرو جي واتان اهي لفظ ٻڌي، خاموش هوا، طرفان ۾ بدلجي، وڻن سان ٽڪرائجي، هانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي. اهڙا لفظ ۽ اهڙا خيال انهيءَ علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌا ويا.

”ته ڇا، انهن شين جون قيمتون مقرر ٿي ويون آهن؟“ ٻڍي چيو، ”ڇا آهي هن جي قيمت؟“

”قيمت هر انسان جي ضرورت مطابق مقرر ڪئي وڃي ٿي.“ سميرو خوفناڪ ٽهڪ لڳائيندي چيو.

سميرو جي خوفناڪ ٽهڪ جي گونج کان سارو جهنگ ڪنبي اُٿيو. سندس خيال، جيڪي انهيءَ سرزمين تي بلڪل نوان ۽ عجيب هئا، اُنهيءَ علائقي کي ناپاڪ ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.

”ضرورت ڇا کي ٿو چئجي؟“ ٻڍي معصوميت سان پڇيو.

جواب ڏيڻ کان اڳ ڪافي مرد ۽ عورتون سندس جهوپڙيءَ طرف ايندي نظر آيا. ڪو گانءِ وٺي اچي رهيو هو، ڪنهن جو برتن چانورن سان ڀريل هو، ڪو کير کڻي آيو هو، ۽ ڪنهن سان ماکيءَ جو پيالو ساڻ هو.

انهن ڏانهن اشارو ڪري، سميرو ٻڍي کي چيو، ”انهيءَ کي ضرورت ٿو چئجي!“

مردن ۽ عورتن جي ٽولي سميرو جي ويجهو اچي ويئي، هو رڙيون ڪري رهيا هئا:

”مون کي لال پٿر ڏي!“

”مون کي سبز پٿر گهرجي!“

”مون کي زرد پٿر پسند آهن!“

”..... خاموش!“ سميرو گجيو.

ميڙ ۽ فضا ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي. سميرو ٿيلهي مان بيشمار رنگن جا پٿر ڪڍيا.

”ها، ها، اسان کي اهي ئي پٿر گهرجن!“ ميڙ هڪ ئي آواز ۾ رڙ ڪئي.

”هي لال آهي ۽ هي زمرد.“ سميرو پٿرن کي ٻنهي هٿن ۾ کڻي چيو.

”مون کي لال ڏي.“

”مون کي زمرد گهرجي.“

”اسان کي ٻئي گهرجن.“

”.... خاموش!“ سميرو رڙ ڪئي. فضا ۾ وري به ماٺ ڇانئجي ويئي.

”لال ڪنهن کي گهرجن؟“

”مون کي“ ۽ ”اسان کي“ جي آواز سان ميدان گونجڻ لڳو.

سميرو فاتحانه انداز ۾ ٽهڪ لڳائيندي چيو، ”هيءُ برتن ڏسو! جيڪو به اهڙا پنجاهه برتن ڪڻڪ سان ڀري ڏيندو، ان کي هڪ لال پٿر ملندو.“

ماڻهو آهستي آهستي پنهنجن برتنن ۾ ڪڻڪ وجهي ڏيندا ويا، ۽ لال ۽ زمرد وٺي خوشيءَ وچان نچڻ لڳا.

انهيءَ وقت، آرائيڪ ۽ سوڪيشي به ات پهچي ويا.

سميرو ٻڍي کان پڇيو، ”تون منهنجو غلام بنجڻ لاءِ تيار آهين؟“

”غلام ڇاکي چوندا آهن؟“ ٻڍي حيرت مان پڇيو.

”ضرورت ڇاکي چوندا آهن، سو ته تو پنهنجين اکين سان ڏٺو؛ هاڻي آئون توکي غلام جو مفهوم به سمجهائي ٿو ڇڏيان.“ سميرو چيو. ”ڏس، هي شيون جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، انهن کي سليقي سان رک ۽ پوءِ سامهون وڻ هيٺ منهنجي لاءِ کٽ وڇاءِ. توکي به پٿر گهرجي نه!“

جڏهن ٻڍو حڪم جي تعميل ۾ مشغول ٿي ويو، ته سميرو مردن ۽ عورتن جي ٽولي کي مخاطب ٿي چيو:

”مان چاهيان ٿو ته اوهان کي مختلف پٿرن ۽ ٻين شين جون قيمتون ٻڌائي ياد ڪرائي ڇڏيان، جيئن اوهان کي هر هر پڇڻو نه پوي. هاڻي آئون جيڪي ڪجهه چوان ٿو، اوهين اهو دهرايو:

”چانورن سان ڀريل سؤ برتن، برابر لالَ جا ٽي ٽڪرا.“

ٽولي هڪ زبان ٿي چيو: ”چانورن سان ڀريل سؤ برتن، برابر لالَ جا ٽي ٽڪرا!“

”ڏيڍ سؤ دلا کير جا ڀريل، برابر هڪ زمرد.“

”پنج گائيون، برابر هڪ هيرو.“

”ڏهه هيرا، برابر هڪ نوجوان عورت.“

جڏهن آرائيڪ ۽ سوڪيشي ميڙ جي قريب آيا، ته ميڙ يڪزبان ٿي سميرو جا لفظ دهرائي رهيو هو: ”ڏهه هيرا، برابر هڪ نوجوان عورت!“

اهو جملو ٻڌندي ئي، ٻنهي جا چهرا غم جي سياهيءَ سببان ڪارا ٿي ويا ۽ ٻئي ڄڻا اهو رستو ڇڏي ٻيءَ واٽ تان هلڻ لڳا.

اُنهيءَ ڏينهن سميرو تمام خوش هو. وٽس زندگيءَ جي ضرورت جون قسمين قسمين شيون انبار ٿي ويون هيون، هڪ شخص سندس غلام بنجي چڪو هو ۽ سڄو ميڙ سندس غلام بنجڻ لاءِ تيار پئي نظر آيو. پر انهيءَ جي باوجود، هو رات جو چين سان سمهي ڪونه سگهيو. سندس اکين اڳيان سوڪيشيءَ جون ڪنول جهڙيون اکيون گهمي رهيون هيون. جيئن تيئن ڪري هن رات ڪاٽي، ۽ ڪجهه بي بها قيمتي پٿر کڻي آرائيڪ جي گهر روانو ٿيو.

 

سوڪيشي نديءَ تان پاڻي جي گهاگهر ڀري موٽي رهي هئي ته سميرو ڀرسان وڃي اُهي پٿر سندس قدمن ۾ اڇلايا.

”ڏس، مان تنهنجي لاءِ هيرن کان به وڌيڪ قيمتي پٿر کڻي آيو آهيان! مان اهڙن چمڪندڙ ۽ رنگين پٿرن مان خوشنما هار تنهنجي لاءِ تيار ڪندس!“

سوڪيشي هڪ پل لاءِ ته اهو ٻڌندي رهي، پر جلد ئي ڀريل لهجي ۾ چيائين، ”سميرو، پريم ڇا آهي؟ اهو تو ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشس ڪئي آهي؟“

سميرو خاموش بيٺو رهيو. غصي وچان، سوڪيشيءَ جو جسم ڪنبي رهيو هو. سميرو ڏانهن حقارت ڀريل نظرن سان ڏسندي، وري سوال دهرايائين، ”پريم ڇا آهي، اهو به ڄاڻين ٿو؟ ٻڌ: پريم انهيءَ چيز جو نالو آهي، جنهن کي نڪو گرهڻ لڳي سگهي ٿو ۽ نه ڪنهن ماپي سان ان کي ماپي سگهجي ٿو؛ جنهن کي نه چانورن ۽ ڪڻڪ جي بدلي خريد ڪري سگهجي ٿو، ۽ نه ماکيءَ، کير ۽ چمڪندڙ پٿرن جي عيوض حاصل ڪري سگهجي ٿو! پريم انهن سڀني ڳالهين کان حسين، منور ۽ پاڪيزه آهي. ڏس، انهيءَ پريم جي جنم ڀوميءَ ڏانهن نهار!“ سوڪيشيءَ سامهون ڦهليل ساون ۽ سرسبز ميدانن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

سميرو اوڏانهن ڏٺو ته ميدانن جا سونهري جهرڻا، ڪنول جي رنگ ۾ جهرمر ڪري رهيا هئا؛ مور محبت جي رقص ۾ محو هئا؛ پکي پريم جا گيت آلاپي رهيا هئا؛ ۽ ٽڙيل رنگين گلن ۽ ڦهليل لچڪيدار وَلين تي صبح جو سچ سونهري ڪرڻا ڦهلائي رهيو هو.

”ڏس، هيءُ پريم جو حسين نظارو!“ ائين چئي، سوڪيشي گهر طرف رواني ٿي.

 

پاڇولا لڙيا.آرائيڪ ۽ سوڪيشي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ساوا ميدان لتاڙيندا، هلندا پئي ويا. کين اتي رهڻ جي هاڻي ڪابه تمنا ڪانه هئي. سميرو به سوڪيشيءَ کي حاصل ڪرڻ کان مايوس ٿي چڪو هو. جهڙيءَ طرح زهر نڪرڻ کان پوءِ به زهر جي پوسر رهجي ويندي آهي. تهڙيءَ طرح سميرو جي دل ۾ سوڪيشيءَ جي تمنا جو خمار رهجي ويو هو. سوڪيشيءَ ۽ آرائيڪ کي ويندو ڏسي، هو سندن ويجهو آيو.

”اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ سميرو پڇيو.

”جتي پريم جي پوڄا ٿئي ٿي.“ سوڪيشيءَ جواب ڏنو.

”۽ هتي؟“

”هتي ڇا باقي رهيو آهي؟ هتي جي زمين هاڻي سون پيدا نه ڪندي؛ هتي هاڻي انسان آزاد نه رهندو؛ ۽ نڪي هن زمين جو هيءُ سهڻو روپ گهڻا ڏينهن جٽاءُ ڪندو!“

”پر ائين ڇو ٿيندو؟“ سميرو ڪنبندي پڇيو.

”جتي ڪم کي توريو ۽ ماپيو وڃي ٿو. اتان ڪَلا گم ٿي وڃي ٿي. جتي انسان جي قيمت ڪَٿي وڃي ٿي، اتي خوشحالي قائم نٿي رهي سگهي. تو دولت جي لالچ ۾ سوديبازي شورع ڪري ڏني آهي. هاڻي تنهنجي دل ۾ ٻين لاءِ همدرديءَ جو جذبو باقي نه رهيو آهي. ڪجهه وقت پڄاڻا، تون انسان جي سچي پريم کي به خريدڻ جي ڪوشش ڪندين ۽ جلد ئي هن سرزمين جون حالتون ائين بدلجي وينديون، جو هتي جو هر فرد همدرديءَ ۽ محبت جي بدران دولت، غرور، طبقاتي اوچ نيچ ۽ سماج جي ٻنڌڻن جو پوڄاري بنجي ويندو. پوءِ ڪوبه شخص محض پريم جي خاطر شادي نه ڪندو ۽ هن ڌرتيءَ تان پريم جي بوءِ مٽجي ويندي؛ ساوڻ جي بادلن مان پريمَ ڀريو آبُ نه وسندو، پريتما جي وڇوڙي ۾ ڪنهن چاهيندڙ جي دل درد وچان ڪانه روئندي ۽ پريم جي مندر ۾ پنهنجو تن من نثار ڪرڻ وارو مشڪل لڀندو؛ زندگيءَ جي سچائيءَ وارين ڪيفيتن کي مٽايو ويندو؛ ميل جول، خوشحالي ۽ آسودگي هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي؛ ايمانداريءَ کي حماقت، ۽ همدرديءَ کي چريائي سمجهيو ويندو؛ بوالهوسيءَ کي محبت، ۽ چالبازيءَ کي عقلمدي تصور ڪيو ويندو!“

”اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيندو؟ ڪڏهن ٿيندو ۽ پوءِ انسان زنده ڪيئن رهي سگهندو؟“ سميرو جو مٿو چڪرائجي ويو.

”تو جيڪو نئون دستور رائج ڪيو آهي، سميرو، اهو وڌندو ئي رهندو؛ ۽ جڏهن پنهنجي عروج تي پهچندو، تڏهن حالتون اهڙيءَ طرح بدلجي وينديون جو انسان پاڻ کي پنهنجن هٿن سان برباد ڪرڻ لڳندو؛ ۽ کيس انهيءَ وقت تائين چين نه ايندو، جيستائين انسانيت کي نيست ۽ نابود نه ڪندو!“

دور، افق تي لالاڻ ڇانيل هئي. آرائيڪ ۽ سوڪيشي انهيءَ طرف روانا ٿي ويا. هڪ جهٽڪي سان، سميرو جبل جي هڪ ڇپ تي ويهي رهيو ۽ ٻنهي هٿن سان پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيائين.

”اُف! هي ڇا ٿي ويو!“ سميرو نيري آسمان طرف ٻئي هٿ کڻي چيو: ”بهشت جهڙي هيءَ زمين اهڙي گندي ۽ ڀيانڪ بنجي ويندي؛.... ۽ اهو سڀ منهنجي ڪري! انهيءَ جو مون کي گمان به ڪونه هو! مون جن نون خيالن ۽ لاڙن کي جنم ڏنو آهي، جيڪو نئون دستور قائم ڪيو آهي، ڇا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به صورت ختم ٿي نٿو سگهي؟“

سميرو محسوس ڪيو ته سندس ارد گرد ڦهليل خاموش اونداهي چئي رهئي هئي: ”زمين تي ڦهليل غلط لاڙن ۽ خراب رواجن جي گندن داغن کي ڌوئڻ لاءِ انساني خون جي ضرورت پوي ٿي!“

اونداهي وڌندي ويئي ۽ هوريان هوريان ڦهلجي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com