سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: بهشت ۽ دوزخ

باب: --

صفحو :11

 

جنم ڏينهن                   (مليالم)

وئڪم محمد بشير

اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي. ڀنڀرڪي جو اٿي وهنجيس ۽ اڇو پهراڻ، ڌوتي ۽ چپل پاتم، جيڪي مون انهيءَ ڏينهن لاءِ اڳواٽ منڱي گڏ ڪري رکيا هئا، پوءِ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيس، روزمره جي ابتڙ، مون کي اهڙي طرح صبح سوير ڪرسيءَ ۾ پيل ڏسي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ مارتيو، جيڪو بي. اي ۾ پڙهندو آهي، ڏاڍو عجب ۾ پئجي ويو ۽ مرڪندي پڇيائين، ”اڄ ايڏو جلدي اٿيو آهين، خير ته آهي؟ ڪٿي وڃڻ جو پروگرام.....“

”نه، اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي.“

”تنهنجو جنم ڏينهن؟“

”جي ها!“

”مبارڪ هجيئي.“

”مهرباني“

۽ مارتيو وات ۾ ٽٿ برش وجهي وهنجڻ جي جاءِ ۾ هليو ويو. آس پاس هل هنگامي جا آواز پئي آيا. ڪو شيو ڪري رهيو هو، ته ڪو فلمي گيت جهونگاري رهيو هو. هر ڪنهن کي ڪونه ڪو فڪر هو، پر مون کي اهو فڪر هو ته اڄ هڪ ڪوپ چانهه جو ڪٿان ملي وڃي. منجهند جي مانيءَ جو بندوبست ٿي ويو هو. ڪالهه بازار ۾ حميد مليو هوم، جنهن پنهنجي گهر تي منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي. هو شاعر به آهي ته مالدار به، پر منجهند تائين بنا چانهه جي ڪيئن گذارو ٿيندو؟

پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي تاڙي ورتم ته مارتيو جو پوڙهو نوڪر چانهه جي ڪٽلي ُچلهه تي پيو چاڙهي. درحقيقت منهنجي ڪوٺڙي، جنهن کي جاءِ جو مالڪ ڪمرو چوندو آهي، مارتيو جي رڌڻي جو اسٽور روم آهي، جنهن جي مسواڙ، جاءِ جو مالڪ ٻه رپيا ماهوار وٺندو آهي. انهيءَ جاءِ ۾ سڀ کان ننڍو ڪمرو منهنجو ئي آهي، جنهن ۾ منهنجي ڪرسي، ٽين جي پيتي، ميز ۽ کٽ پيل آهن. ايتري سامان رکڻ کان پوءِ، انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ پير رکڻ جي به جاءِ بچي ناهي. انهيءَ ٻماڙ جاءِ جي ٻين ڪمرن ۾ ڪلارڪ ۽ شاگرد رهن ٿا، جن ۾ مان ئي هڪ اهڙو مسواڙي آهيان، جنهن کان جاءِ جو مالڪ خفا هوندو آهي، ڇو جو مان ڪڏهن به وقت تي مسواڙ ڏيئي نه سگهندو آهيان. انهيءَ کان سواءِ منهنجا ٻيا ٻه دشمن آهن: هڪ هوٽل وارو ۽ ٻي حڪومت. هوٽل واري جو ته خبر سان قرضي آهيان، پر حڪومت جو ته مون ڏانهن ڪوبه قرض نه آهي. بس اها آهي منهنجي کائڻ پيئڻ، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ پائڻ اوڍڻ جي وچور.

منهنجو جنم ڏينهن ۽ مان پرديس ۾! کيسي ۾ هڪ پيسو به ناهي. ڪوبه هاڻي قرض ڏيڻ لاءِ به ته تيار ناهي. ڪپڙا اُڌارا وٺي پائيندو آهيان؛ انهن مان منهنجو هڪ به ناهي؛ ۽ اهڙي جنم ڏينهن تي مارتيئي مون کي مبارڪ ڏني هئي.

ست وڳا، مان ڪرسيءَ تي ليٽي سوچڻ لڳس: مون کي اڄ اهڙو ڪوبه ڪم ڪرڻ نه گهرجي، جنهن ڪري منهنجي نالي تي ڪو داغ لڳي. اڄ مان ڪنهن کان به قرض نه وٺندس. ڪنهن کي به نه ڏکوئيندس. گذريل ڪڌن ڪارنامن کان پاڻ کي پاسيرو رکندس. ڪالهوڪو ”مان“ هڪ نئين ”مان“ ۾ بدلجي ويندو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ لاءِ.

منهنجي ڪيتري ڄمار آهي؟

گذريل سال جي ڄمار کان هڪ سال وڌي آهي.

پر گذريل سال ڪيتري هئي؟

ڇويهه؟ نه، ٻٽيهه يا شايد ڇائيتاليهه؟

دل اداس ٿي ويئي. اٿي آرسيءَ اڳيان وڃي بيٺس. مهانڊو ملوڪ ۽ مهانڊو ٺاهوڪو- وڇونءَ جي ڏنگ جهڙيون وريل ۽ سنهيون مڇون.... سڀ ٺيڪ آهي.... پر؟ هي ڇا....؟ ڪن تي ڪارن وارن جي وچ ۾ چمڪندڙ اڇا وار، ٻه چار به نه، پر هڪ سنهي سفيد ليڪ. مون يڪدم انهن اڇن وارن کي پٽي اڇليو ۽ مٿو ڌوئڻ لڳس، پر مٿو سور پيو ڪري، شايد چانهه نه ملي اٿم.

نَــوَ وڄي ويا، هوٽل وارو مون کي ڏسي ُمنهن سڄائي اڳتي نڪري ويو ۽ سندس ميرن ڪپڙن وارو ”ٻاهر وارو“ پيسن گهرڻ لاءِ اچي پهتو.

”سڀاڻي ڏسبو.“ مون هوريان چيو.

”ڪالهه به توهان ائين ئي چيو هو.“ هن وراڻيو.

”ها، اڄ ڪجهه پيسا ملڻ جي اميد اٿم.“

”سيٺ چيو آهي ته جيستائين اڳيان پيسا نه ڏيندين، تيستائين چانهه نه ملندي.“

”چڱو.“

ڏهه لڳا، چپ سڪي ويا آهن. نڙي خشڪ ٿي ويئي آهي. منجهند جهڙي گرمي محسوس پئي ٿئي. ٿڪاوٽ جي بار هيٺان ڄڻ ڊٻجي رهيو هجان. اوچتو ٻه ننڍا ڇوڪرا چاکڙيون(1) وڪڻن لاءِ دروازي تي اچي بيٺا.

”سائين، چاکڙيون! فقط ٽن آنن ۾.“

”نه بابا، نه کپن.“

”وٺو سائين، توهان نه وٺندؤ ته ٻيو ڪير وٺندو؟“

”نه کپن بابا، مون وٽ پيسا ناهن.“

”ٺيڪ آهي.“ ٻنهي ڇوڪرن هڪ ئي آواز ۾ اهڙي لهجي سان چيو، ڄڻ کين منهنجي ڳالهه تي ويساهه ئي نه آيو هجي. اهي ويچارا معصوم، اهي ته ظاهري حالت ڏسي سگهن ٿا. کين ڪنهن جي اندر جي حال جي ڀلا ڪهڙي خبر؟ سندن نظر ۾ ته مان هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڪامورو آهيان..... هي اڇو اجرو وڳو، هي آرام ڪرسي، هي چيچاٽ ڪندڙ چپل، انهن مان منهنجي ڪابه شيءِ ناهي. منهنجي پنهنجي ڪابه شيءِ ناهي. ته ڇا هي الف اگهاڙو ”مان“ به منهنجو پنهنجو ناهي؟ ڪيترن ئي شهرن ۾ رليو پنيو آهيان ۽ نه ڄاڻان ڪيترن مذهبن جو پوئلڳ رهي چڪو آهيان. منهنجو جسم، منهنجو رت، منهنجون هڏيون، سڀ منهنجي وطن جون آهن. راس ڪماري کان وٺي هماليه جي دامن تائين، هر هنڌ، هر شهر ۾، منهنجا هڪ ٻه دوست ضرور هوندا، جن ۾ عوروتن به آهن ته مرد به.

هڪ پل لاءِ مان انهن کي ياد ڪريان ٿو. انهن سڀني کي پنهنجي هنج ۾ رکڻ، ساڻن ڀاڪر پائڻ لاءِ جيڪڏهن پنهنجا هٿ ڦهلايان ته جيڪر منهنجو پيار، منهنجي وطن جي سرحدن کان ٻاهر ڦهلجي وڃي، ٿڌي هوا ۽ چانديءَ جهڙي چانڊوڪيءَ جهڙو پيار؟ پر مون سان پيار ڪرڻ وارو به ڪو آهي ڇا؟ پيار ڪرڻ ۽ پيارو ٿيڻ لاءِ به ته انسان وٽ ڪجهه نه ڪجهه ته هئڻ گهرجي. پر مون وٽ ڇا آهي؟ پنهنجين اوڻاين ۽ ڪمزورين کي الڳ ڪريان ته باقي ڇا بچندو؟ وقت به ڪيڏو جلدي گذري ٿو. ابي جي آڱر جهلي هلندڙ ”مان“، امان سان ٻاتي ٻوليءَ ۾ ماني گهرندڙ ”مان“، اڄ- اوهه! وقت جي خطرناڪ ڊوڙ- وقت منهنجيءَ دل تي مايوسين ۽ نا اميديءَ جا ڪيترا بم ڪيرايا آهن. اڄ منهنجي ڇاتي، لڙائيءَ جو ميدان بنجي چڪي آهي- اڄ مان ڪير آهيان؟ باغي، انقلابي، تخريبڪار ۽ نه ڄاڻان ڪهڙا ڪهڙا لقب مون کي ڏنا ويا آهن. اوهه! مٿو ٿو ڦاٽي. صبح کان چانهه نه ملي اٿم، شايد ان ڪري. وڃان حميد جي گهر ۽ وڃي ماني کائي وٺان. پر منهنجي مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي ۽ ميل پنڌ جو به ڪرڻو آهي. خير ڍؤ سان ماني ته کائيندس.

يارهن لڳا، حميد پنهنجي دڪان تي ناهي. شايد جلدي گهر هليو ويو هوندو. کيس مون کي پاڻ سان وٺي وڃڻ گهربو هو. خير، سندس گهر پاڻيهي هليو ٿو وڃان.

ساڍا يارهن وڳا آهن. حميد جي ٻماڙ گهر جو لوهي گيٽ بند آهي.

مون دروازو کڙڪايو: ”حميد صاحب آهي؟“

ڪا ورندي نه ملي.

مون وڏي آواز سان سڏ ڪيو: ”حميد صاحب!“

ڪنهن عورت جو رکو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”گهر ۾ ناهي.“

”ڪيڏانهن ويو؟“

ڪو جواب ڪونه مليو.

وري دروازو کڙلايم پر جواب ملندو نه ڏسي اداس ۽ نا اميد ٿي واپس وڃڻ لڳو هئس ته دروازي جي ڀرسان اندران قدمن جي اهٽ ٻڌڻ ۾ آئي. ڪجهه اميد جو ڪرڻو ڦٽو. چوڙين جي ڇڻ ڇڻ ۽ دروازي کلڻ جو آواز ڪنن ۾ آيو. ڪا ڇوڪري دروازي جي اوٽ ۾ بيٺي هئي.

”حميد ڪيڏانهن ويو آهي؟“ مون پڇيو.

”ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر ويو آهي.“ ڌيمي لهجي ۾ جواب مليو.

”ڪڏهن واپس ايندو؟“

”شام جو.“

”شام جو؟ چڱو، جڏهن اچي تڏهن ٻڌائجوس ته مان آيوس هئس.“

”توهين ڪير آهيو؟“

”مان ڪير آهيان؟ مان، خير ڪير به ناهيان، ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي.“

مان واپس هليو ويس.

ٻرندڙ اڇي ريتي، جنهن جي پريان آرسيءَ وانگر چمڪندڙ ڍنڍ- اکين اڳيان اونداهي ڇانئجڻ لڳي. هڏيون ٻرڻ لڳيون. بک ۽ اڃ ائين محسوس ٿي رهي هئي، ڄڻ دنيا کي ڳڙڪائي ويندي. ڪجهه به ملڻ جو آسرو نه هو، شايد انهيءَ ڪري بک اڃان وڌيڪ محسوس ٿيندي ٿي ويئي ۽ بکون ڪاٽڻ جا اهڙا ڪيترائي ڊگها ڏينهن ۽ اجاڙ راتيون اڃا اوسيئڙي ۾ اڳيان بيٺيون آهن.

ٿڙندڙ قدمن سان پي- نيرَ وٽ پهتس. پي- نيرَ ڪنهن روزاني اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ هاڻي دڪانداري ڪري ٿو. ٿڪاوٽ جي ڪري منهنجون اکيون بند پئي ٿيون.

”نيرَ پڇيو، ”انقلاب جو ڇا ٿيو؟“

وراڻيم: ”تحريڪ جاري آهي.“

”خير، اڄ هيڏانهن ڪيئن نڪتو آهين؟“

”هون ئي.....“

مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.

منهنجا ڪيترائي مضمون نيرَ جي نالي ۾ ڇپجي چڪا آهن، جيڪي هن پنهنجي مضمون نگار هئڻ جي ثبوت ۾ جلد ٻڌرائي پنهنجي اڳيان رکي ڇڏيا آهن. مون انهيءَ مجموعي کي کنيو ۽ ورق اٿلائڻ لڳس. منهنجي دل ڌڙڪي پئي. سارو جسم ٿڪ وچان چور چور ٿيو پيو هو. مون کي هڪ ڪوپ چانهه جو گهرجي. آخر نيرَ مون کان چانهه پيئڻ لاءِ ڇو نٿو پڇي؟ شايد منهنجي شديد ٿڪاوٽ جو کيس احساس نه هجي. ممڪن آهي، منهنجي چهري مان ٿڪاوٽ ظاهر ٿيندي نه هجي. نيرَ ٽجوڙيءَ جي ڀرسان خاموش ويٺو آهي ۽ مان سامهون رستي ڏانهن نظرون ڄمائي ويٺو آهيان، جتي ٻه پينو چوڪرا ماني ٽڪر تي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.

هڪ ڪوپ چانهه- منهنجي رونءَ رونءَ رڙ ڪئي.

نيرَ ٽجوڙيءَ کولي ۽ نوٽن ۽ ريزگاريءَ جي وچان هڪ ٻياني ڪڍي، دڪان تي ڪم ڪندڙ ڇوڪري کي ڏيندي چيو: ”چانهه وٺي اچ.“

ڇوڪر رستي ڏانهن ڊوڙندو ويو.

منهنجي اکين آڏو اميد نچڻ لڳي ۽ مون پنهنجي دل ۾ عجيب ٿڌاڻ محسوس ڪئي.

چانهه اچڻ تي ڪوپ پنهنجي هٿ ۾ جهلي نيرَ مون ڏانهن مڙي چيو: ”تون به چانهه پيئندين؟“

”نه.“ ڏاڍي مشڪل سان ان مهل منهنجي وات مان نڪتو ۽ مان پنهنجي چپل کي ٺيڪ ڪرڻ جي بهاني هيٺ جهڪيس، جيئن هو منهنجو چهرو نه ڏسي وٺي، منهنجي گهٻراهٽ ۽ مايوسي نه پروڙي وٺي.

جڏهن مان اٿڻ لڳس ته نيرَ شڪايت ڪئي، ”هاڻي تون پنهنجون ڪهاڻيون مون کي ڇونه ڏيندو آهين؟“

”ڏسبو.“ مون بي پرواهيءَ وچان چيو.

”اڄڪلهه اخبارن ۽ رسالن ۾ تنهنجين لکڻين جو ڏاڍو چوٻول آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي مون مشڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چَپ چرپر ڪندي رهجي ويا. جڏهن دل ۾ اجالو نه هجي ته چپن تي مرڪ جا ڪرڻا ڪيئن ٿا ڦٽي سگهن؟

ڏينهن جا ٻه وڳا. مان پنهنجي ڪمري ۾ ڪرسيءَ ۾ پيو هئس ته اوچتو هڪ اڻ ڄاتل عورت منهنجي ڪمري جي دروازي تي اچي بيهي رهي. سندس جسم تي شوخ رنگ جو ريشمي لباس هو، جنهن مان عطر جي تيز خوشبو اٻڙڪا ڏيئي پئي نڪتي. هوءَ ٻوڏ جي ستايلن جي امداد لاءِ چندي لاءِ نڪتي هئي. هوءَ دروازي جي ڪاٺيءَ سان پنهنجي ڇاتي ڀرائي، ايندي ئي مون ڏانهن مرڪي ڏسندي رهي. منهنجي بدن ۾ بجلي ڊوڙي ويئي. ڀر وارن ٻين ڪمرن ۾ ان وقت ڪوبه ناهي. اهو خيال ايندي ئي بجليءَ جو ڪرنٽ نس نس ۾ ڊوڙندو ويو. مون محسوس ڪيم ته مان خود پنهنجي دل جي ڌڙڪن ٻڌي سگهان ٿو. اوهه، اهو خطرناڪ پل!

”ڀيڻ، مون وٽ ڪجهه به ڪينهي.“ مون نظرون هيٺ ڪري چيو.

”ڪجهه به ناهي؟“ هن شرارت وچان مرڪندي اکيون منهنجي چهري تي ڄمائيندي پڇيو.

”ها، ڪجهه به ناهي.“

پر هوءَ اڳ وانگر بيهي مرڪندي رهي ۽ پنهنجي جسم کي بازاري انداز سان موڙيندي رهي.

”هلي وڃ ڀيڻ، مان سچ ٿو چوان، مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ڪينهي.“

”چڱو!“ هن شڪايت ڀريل لهجي ۾ چيو ۽ پولهه لوڏيندي هلي ويئي.

ٽي وڳا آهن. ڪنهن کان قرض ڇونه گهران؟ اوهه، هيءَ ٿڪاوٽ، هيءَ بک، هيءَ بيوسي! پر ڪنهن کان گهران؟ ڪيترائي هنڌ ذهن ۾ ڊوڙڻ لڳا. پر قرض لاءِ ڦهلايل هٿ انسان جي عزت ڪيرائي ٿو، ڇونه خودڪشي ڪريان؟ موت؟ اهو به خبر ناهي ته ڪهڙو هوندو؟ جيڪڏهن انهيءَ به پنهنجي پلاند ۾ پناهه ڏيڻ، سهارو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته....؟؟

ساڍا ٽي وڳا آهن. زبان ڪنڊا ٿي ويئي آهي. نڙي خشڪ ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي ٿڪ ڳهڻ سان به آرام نٿو اچي. ڇونه تلاءَ جي ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجي وٺان؟ سامهون ميز تي ڪيترن ئي ايڊيٽرن جا خط پيا آهن. سڀني ڪهاڻي گهري آهي ته جلدي موڪلي ڏيان. موٽندڙ ٽپال ۾! هونهه! مون اهي خط ڦاڙي ڇڏيا ۽ خيالن جي تاڃي پيٽي ۾ ڦاسي ويس. ڪهاڻي..... ادب.... ليکڪ.... بک..... هڪ ڪوپ چانهه....؟

بئنڪ ڪلارڪ ڪرشن جو نوڪر ماچيس گهرڻ آيو.

مون کيس هڪ گلاس ٿڌو پاڻي آڻي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ گلاس وات تي رکي تِڪ ڏيئي پيس ويس.

”سائين، طبيعت خراب آهي ڇا؟“ يارنهن ورهين جي انهيءَ ڇوڪري پڇيو.

”نه.“ مون ڪنڌ سان ناڪار ڪئي.

”ته پوءِ اڄ توهان صبح کان ڪجهه کاڌو ناهي ڇا؟“

”نه!“ مرڻينگ آواز نڪتو.

”ڇو؟ ڪجهه کائو ڇو نٿا؟“

معصوم چهرو اٻوجهه صورت، ميرا ڪپڙا! ويچارو جواب جي انتظار ۾ بيٺو رهيو.

مون اکيون بند ڪري ڇڏيون.

”سائين!“

”ڇا آهي؟“ مون اکيون کوليون.

”مون وٽ ٻياني آهي.“

”هان!“

”ايندڙ مهيني جڏهن مان پنهنجي گهر ويندس تڏهن موٽائي ڏجو.“

”ڏي!“ مون اکيون ڇنڀيندي چيو ۽ هو ڊوڙي ٻاهر هليو ويو.

اوچتو گنگا ڌر بابو اچي نڪتو: سفيد ڪلف ٿيل پهراڻ ۽ ڍري ٻڌل ڌوتي، ڪارو ۽ بڇڙو چهرو، نوسيندڙ اکيون. مون کي ڪرسيءَ تي ليٽيل ڏسي چيائين، ”اوهه! اڄ ته ڏاڍي لئه ۾ آهين. آفيسراڻي انداز سان پير ڦهلائي ويٺو آهين!“

مٿي ۾ سخت سور هوندي به مان کلي پيس ۽ سوچڻ لڳس: نه ڄاڻان هن جي اڇن ڪپڙن جو مالڪ ڪير هوندو؟ ۽ ڪيترن ئي ساٿين جا چهرا منهنجي نظرن اڳيان گهمي ويا.

”خير ته آهي؟ ڇو کلين؟ گنگا ڌر پڇيو.

”ڪجهه ناهي. بس تنهنجو لباس ڏسي کل اچي ويئي.“

”چڱو چڱو، ڇڏ ڀوڳ کي. توکي خبر ناهي ته ٽي چار هزار مزور هفتي کان هڙتال تي آهن. جن مان ڪيترا بکيا ۽.....“

”پر مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“

”اڄ شام جو سندن هڪ عام جلسو ٿي رهيو آهي، انهيءَ جي سلسلي ۾ جو ڪجهه توکان ٿي سگهي ڪنٽريبيوشن....“

”ادا، مون وٽ ته پائي به ناهي. ڪيترن ڏينهن کان اهوئي حال اٿم. خبر اٿيئي، اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي ۽ اڃا تائين پيٽ کي هڪ گرهه به نصيب نه ٿيو آهي.“

انهيءَ وچ ۾ اهو ڇوڪرو ٻياني کڻي واپس آيو، مون هڪ آنو کيس ڏيئي چيو: ”هڪ چانهه جو ڪوپ آڻي ڏي.“ چانهه پي، گنگاڌر کان ٻيڙي وٺي دکايم ۽ باقي هڪ آنو گنگاڌر کي جلسي لاءِ چندو ڏنم.

ويندي وقت گنگاڌر ڀوڳ وچان چيو: ”اڄ تنهنجو جنم ڏينهن آهي. تون وڏو ليکڪ آهين، پنهنجي جنم ڏينهن تي دنيا کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهين ٿو؟“

۽ هو جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ کلندو هليو ويو.

مان سوچڻ لڳس، ليکڪن جي باري ۾: هو ويچارا ڪهڙين مايوس ڪندڙ حالتن ۾، ملڪ، قوم ۽ ادب جي خدمت ڪندا آهن. نه ڄاڻان ڪيئن ٿو سندن گذر سفر ٿئي!

ليکڪن جو خيال ايندي ئي منهنجو ڌيان اخبار جي انهيءَ ٽڪر ڏانهن ويو، جنهن سان مون لاءِ چانهه جو ڪوپ ڍڪي ڇوڪرو کڻي آيو هو. مون اهو ٽڪرو مٿي کنيو، جنهن ۾ هڪ تصوير هئي، جيڪا مون کي ڏاڍي وڻي، اوچتو جاءِ جو مالڪ ڪمري ۾ گهڙي آيو. هاڻي هن کي ڪهڙو بهانو ڏيان؟ اهو سوچيندي، انهيءَ تصوير کي گهورڻ لڳس: آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن وارو رونقدار شهر، وچ ۾ هڪ شخص اوچو ڳاٽ ڪيو بيٺو هو. سندس پيرن ۾ لوهي زنجيرون پيل هيون. سندس نظرون زمين يا زنجيرن تي نه هيون، پر مٿي نيري آسمان ۽ سونهري ڪرڻن واري سج ۾ کتل هيون. سندس پيرن ڀرسان هڪ کليل ڪتاب پيو آهي. ڪتاب جي کليل صفحن تي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي: هيءُ زمين زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، پر سندس نظرون ماضيءَ ۽ حال کي پويان ڇڏي، روشن مستقبل ۾ لڳل آهن!

”ڇو ادا؟“ اهو جاءِ جي مالڪ جو آواز هو.

”پيسا اڃا مليا نه اٿم.“

”سڀاڻي يا پرينهن ڏيئي ڇڏيندس.“ مون منٿ واري لهجي ۾ چيو.

”توکي ڪوڙا وعدا ڪندي شرم نٿو اچي؟“

ٺيڪ ئي ته چوي ٿو. مون کي ضرور شرم اچڻ گهرجي. مون کي هن جاءِ ۾ ٽي سال ٿي چڪا آهن، انهيءَ وچ ۾ منهنجي ڪمري جهڙيون ٽي ڪوٺڙيون، جيڪي دراصل رڌڻن جا اسٽور روم آهن، وڏيءَ مسواڙ تي رهائش لاءِ ڏنيون ويون آهن ۽ هاڻي جاءِ جو مالڪ منهنجو ڪمرو به وڏي مسواڙ جي لالچ ۾ خالي ڪرائڻ ٿو گهري.

چار وڳا آهن. مون کي هن جاءِ کان نفرت ٿيندي پيئي وڃي. دل وندرائڻ جي ڪا شيءِ به ته ناهي. اهي ئي رستا، جتان هر روز لنگهان ٿو. اهي ئي چهرا جيڪي مان روز ڏسان ٿو. سڀ ڪجهه پراڻو آهي ۽ مون کي انهن سڀني کان نفرت ٿي ويئي آهي.

ڇهه لڳا آهن، شام جو وڻندڙ وقت، اولهه ۾ ٽٻي هڻندڙ ڳاڙهو سج، ڳاڙهاڻ ۾ ٻڏل چانديءَ جهڙا بادل، هيٺ صاف شفاف ڍنڍ جو نيرو نيرو پاڻي ۽ انهيءَ جي چوڌاري هي خوبصورت باغ، هي پيچرا، هي ٻاريون، هي رنگ برنگي خوشبودار گل ۽ انهن تي گهمندڙ قيمتي ڪپڙا پاتل نوجوان، جن جي چپن ۾ قيمتي سگريٽ پيل آهن. هرڻ جهڙيون اکيون ۽ رنگ برنگي وڳا پاتل سهڻيون ڇوڪريون، جيڪي رنگين پوپٽن وانگر اچن وڃن ٿيون. ٽهڪ پيون ڏين ۽ انهيءَ روماني منظر جي پس منظر ۾ ريڊيو مان ايندڙ پريم جا گيت، گلن جا منهن چمندڙ شام جي ٿڌي هوا- پر مان- مان ٿڪاوٽ جي ڪري زمين تي ڪِرڻ ٿو چاهيان.

ساڍا اٺ ٿيا آهن. اونداهي ڪمري ۾ داخل ٿي سڀني تي ڇانئجي ويئي آهي. اڄ منهنجي بتيءَ ۾ تيل به ناهي. هينئر تيل ڪٿان ايندو؟ ۽ کائڻ لاءِ به ڪجهه کپيم ته جيئن پيٽ جي باهه ٿڌي ٿئي. پر ڏيندو ڪير؟ ها، مارتئي کان ئي ڇونه قرض گهران؟ نه، کانئس گهرڻ جي همٿ نه اٿم، ڇونه انهيءَ سونهري عينڪ واري شاگرد کان گهران؟ بس هڪ رپيو! هن پنهنجي خطرناڪ بيماريءَ جي علاج تي ڪافي پيسا خرچيا آهن، پر ڪو فائدو نه ٿيو هئس ۽ منهنجي ٻڌايل پائليءَ واري دوا سان نؤبنو ٿي پيو هو. شڪراني جي عيوض هڪ ڀيرو مون کي پاڻ سان فلم تي به وٺي هليو هو. هڪ رپيو ٻيو سهي، پڪ سان ناڪار نه ڪندو!

پوڻا نوَ ٿيا آهن. مٿي ويندي مارتئي کي ڳوليم، پر هو ڪٿي نظر نه آيو. شايد فلم تي ويو هوندو. وڏن ٽهڪن ۽ گوڙ وچان لنگهي مان ٻماڙ تي پهتس ۽ هڪ ڪمري آڏو بيهي رهيس. سگريٽ جي بوءِ، ميز تي رکيل ليمپ جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ سونا ٻيڙا ۽ هٿن ۾ ٻڌل گهڙيون!

مايوسيءَ جي مجسمي وانگر مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. اُهي سڀيئي بحث ۾ لڳا پيا هئا. بحث جو موضوع ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، فلمون، ڪاليج جي ڇوڪرين جا فيشن ۽ نخرا، مطلب ته سڀ ڪجهه هو. ڪجهه دير کان پوءِ گفتگوءَ جو سلسلو ذاتي ٿيندو ويو ۽ ڪمري ۾ ويٺل شاگرد پنهنجين پنهنجين گرل فرينڊس جو ذڪر ڪرڻ لڳا.

مون آهستي ڪاغذ جي هڪ ٽڪر تي لکيو: ”مون کي هڪ رپئي جي ضرورت آهي. ٽن ڏينهن کان پوءِ واپس ڪندس!“

مون کي ڪاغذ تي ڪجهه لکندو ڏسي، سونهري عينڪ واري شاگرد کلندي چيو: ”ڪنهن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ پيا نوٽ ڪريو ڇا؟“

”نه.“ مون هوريان وراڻيو ۽ ڪاغذ جو ٽڪرو پنهنجي مٺ ۾ ڀڪوڙي ڇڏيم.

انهيءَ کان پوءِ گفتگوءَ جو موضوع ڪهاڻين ڏانهن لڙيو.

هڪ ننڍين مڇن واري شاگرد چيو: ”اسان جي ادب ۾ سٺين ۽ مقصدي ڪهاڻين جي کوٽ آهي.“

”ڪنهن ڪنهن جون ڪهاڻيون توهان پڙهيون آهن؟“ مون پڇيو.

”مان ايترو ته پڙهندو ناهيان، پر پنهنجي ٻوليءَ جون ڪي ڪهاڻيون ضرور پڙهيون اٿم.“ هن وراڻيو.

مون ڪن مشهور ڪهاڻيڪار جي مجموعن جا نالا ورتا، پر هن انهن مان ڪنهن جو به نالو نه ٻڌو هو.

مون چيو: ”رڳو انگريزيءَ جون ئي نه، مليالم ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين ٻولين جي بهترين ڪهاڻين جي ٽَڪر جون ڪهاڻيون موجود آهن.“

”ها، ڪي ڪهاڻيون مون پڙهيون ته ضرور آهن، پر انهن مان گهڻيون بک ۽ غربت بابت آهن. ڀلا اها به ڪا ڳالهه آهي!“

مان ماٺ رهيس.

”توهان جهڙن جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان اهو گمان ٿو ٿئي ته دنيا ۾ هر هنڌ تباهي، بربادي، بک، بيماري ۽ غربت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪينهي.“ ٻئي چيو.

بک ۽ غربت! مان سوچڻ لڳس: هنن جا مائٽ هر مهيني کين خرچ لاءِ چڱي رقم موڪلي ڏين ٿا ۽ اهي انهيءَ رقم کي سگريٽن، فلمن، اوچن ڪپڙن ۽ ڪريم پائوڊر تي وڃايو ڇڏين. اهي ئي آهن سڀان جا ذميدار شهري- مسقبل جا قانوندان ۽ قانون ساز- حڪومت جي واڳ سنڀالڻ وارا- هونهه! هنن کي ڪهڙي خبر دنيا جي، بک ۽ غربت جي. دل ۾ آيو ته کين هڪ ڊگهو ليڪچر ڏيان، پر اڃا منهن کولڻ وارو ئي هئس ته ڏاڪڻ واري پاسي کان آواز آيو:

”چاکڙيون وٺو، چاکڙيون.“

۽ ٻه ميرن ڪپڙن وارا ڇوڪرا دروازي ڀرسان بيهي رهيا.

”هيڏانهن کڻي اچ.“ سونهري عينڪ واري شاگرد کين کلندي سڏيو.

اهي ئي ٻئي ننڍا ڇوڪرا، جن کي صبح جو ڏ‎ٺو هئم، سندن چهرو لٿل هو، چپ سـُڪل هئا، وڏي ڇوڪري هٻڪي چيو: ”سائين، توهان کي فقط اڍائي آنن ۾ ڏيندس!“

”اڍائي آنا؟“ عينڪ واري شاگرد چاکڙين کي اٿلائي پٿلائي ڏسي حيرت مان چيو: ”ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل نٿيون لڳن، پوءِ به ايڏي قيمت؟“

”سائين ٽالهيءَ جون ته آهن.“

”گهر ڪٿي اٿيئي؟“

منهنجي انهيءَ سوال جي وراڻيءَ ۾ وڏي ڇوڪري پنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌايو جو اتان کان ٽي ميل کن پرڀرو هو.

”ٻياني ڏيندس.“ عينڪ واري شاگرد چيو.

”چڱو سائين، سوا ٻه آنا ڏيو.“

”نه، فقط ٻياني.“

ڇوڪرو ڪنڌ جهٽڪائي واپس وڃڻ لاءِ مڙيو.

عينڪ واري شاگرد سڏ ڪيو، ”چڱو ڏي!“

چاکڙين جي سٺي جوڙيءَ جي چونڊ ڪرڻ کان پوءِ، انهيءَ شاگرد پنهنجي کيسي مان ڏهن رپين جو نوٽ ڪڍيو. ويچارن ڇوڪرن وٽ ايترا پيسا ڪٿان آيا! هيءَ ٻـُهڻي هـُين. ويچارا صبح کان رُليا پئي. هيستائين انهن ڪجهه به نه وڪيو هو ۽ ٽي ميل پري هڪ جهوپڙيءَ ۾ چلهه ٻاري پٽن جي واٽ نهاريندڙ ماءُ جي تصوير منهنجين نظرن ۾ گهمي ويئي.

عينڪ واري شاگرد پنهنجي سڀني کيسن ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ ٻه آنڪون ڳولي ڪڍيون ۽ ڇوڪرن کي ڏنائين.

”۽ باقي هڪ پيسو سائين؟“

”هاڻي ڪجهه به نه ملندوَ، نه ته پنهنجون چاکڙيون کڻو.“

ڇوڪرن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ نظرون جهڪائي ڪمري مان هليا ويا.

ڇوڪرن جي ويندي ئي عينڪ واري شاگرد ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڏٺوَ! انهيءَ کي چوندا آهن عقلمندي. ٻن آنڪن مان هڪ آنڪ کوٽي آهي. ها.... ها.... ها.“

سڀيئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا.

مان ماٺ ڪري غريب کي ويچارا ڏيندي، ٽهڪ ڏيندڙن جو منهن ڏسڻ لڳس.

ڪجهه کنن کان پوءِ، مون ڪاغذ جو اهو ٽڪر، جنهن تي هڪ رپئي جي قرض جي درخواست لکي هئم، ٻين کان نظرون بچائي، عينڪ واري شاگرد کي وڌي ڏنم.

جڏهن هو اهو ڪاغذ پڙهي رهيو هو ته مان تصور ۾ پاڻ کي هوٽل ۾ گرم گرم مانيءَ ۽ دال جي ڀرسان ويٺل محسوس ڪيم.

پر هن ڪاغذ مون کي موٽايو ۽ سڀني کي ٻڌائيندي چيائين: ”مون کي افسوس آهي جو مون وٽ ريزگاري ناهي، سڀيئي ڏهن ڏهن جا نوٽ آهن.“

نرڙ تان پگهر اگهندو مان پنهنجي ڪمري تي واپس هليو آيس.

مٿو سور کان ڦاٽو ٿي، پنهنجين مجبورين تي سوچيندي کٽ تي ليٽي پيس. ان وقت مارتئي جي رڌڻي مان گوشت جي ٻوڙ جي وڻندڙ خوشبو منهنجي ناسن ۾ گهڙي ويئي ۽ منهن ۾ پاڻي ڀرجي آيو.

رات جا ساڍا نوَ وڄي چڪا هئا. مان اٿي ڪمري مان ٻاهر آيس. دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، جسم ڏڪيو پئي. ڪٿي ڪو ڏسي نه وٺي، اهو خيال ايندي ئي پگهر ۾ ٻڏي ويس. منهنجو ڀاڳ هو جو ڪجهه کنن کان پوءِ مارتئي جو پوڙهو بورچي هٿ ۾ باٽلي کنيو رڌڻي مان ٻاهر نڪتو ۽ دروازو کليل ڇڏي، نل ڏانهن هليو ويو. کيس پاڻي ڀري اچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه منٽ ته ضرور لڳندا. اهو سوچي چپ ڪري دروازو کولي مان رڌڻي ۾ گهڙي ويس.

ڪٿي ڀرسان ئي گهڙيال ڏهن جا ٽڪاءَ هنيا. پيٽ جي باهه جهڪي ٿي ويئي، پر جسم پگهر ۾ ٻڏل هو. دٻيل پيرن سان ٻاهر نڪتس. جڏهن پوڙهو بورچي اندر ويو ته نل تي وڃي پاڻي پيتم ۽ هٿ منهن ڌوتم. ڪمري ۾ وڃي ٻيڙي دکايم ۽ کٽ تي ليٽي سوچڻ لڳس: جيڪڏهن پوڙهي ڏسي ورتو هوندو ته؟ ته مارتئي کي خبر پئجي ويندي ۽ شايد بلڊنگ جي ٻين مسواڙين کي به- ڪلرڪن، شاگردن- سڀني کي خبر پئجي ويندي. خير، هاڻي ڏٺو ويندو- اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي، آرام سان ٿورو آرام ته ڪري وٺان!

مان هنڌ جي چادر ڇڪڻ وارو ئي هئس ته دروازي تي ڪنهن جي قدمن جي آهٽ ٿي. مان گهٻرائجي اٿيس. پڪ سان مارتيو هوندو. پوڙهي مون کي رڌڻي ۾ ويندي ڏسي ورتو هوندو ۽ مارتئي کي ٻڌايو هوندائين. مون ڏڪندڙ هٿن سان دروازو کوليو، اونداهيءَ جو سينو چيريندڙ ٽارچ جي تکي روشني منهنجي ڪمري ۾ ڦهلجي ويئي.

دروازي تي مارتيو بيٺو هو.

مون چانئٺ جو سهارو ورتو ۽ ساهه روڪي مارتئي جو منهن تڪڻ لڳس.

مارتيو چوڻ لڳو، ”مان فلم ڏسڻ ويو هئس، وڪٽر هيوگو جي ’لامزريبل‘ لڳل آهي. واهه جي فلم آهي. ڏسڻ جهڙي آهي.“

”سچ پچ.“ منهنجي وات مان گهٽيل آواز نڪتو.

”ها ها، سچ پچ. اڙي ها، تو ماني کاڌي آهي؟ ڳالهه اها آهي ته سينما کان موٽندي هوٽل ۾ وڃي ماني اتي ئي کائي ڇڏيم. گهر ۾ جيڪا ماني تيار ٿيل آهي، اها سٺي ناهي. اهيءَ ڪري سوچيم توکي.....“

”وڏي مهرباني! مون ماني کاڌي آهي.“

”ها ها، اڄ تنهنجو جنم ڏينهن هو نه! اڄ تو چِڪن پلاءُ، مٺايون ۽ نه ڄاڻان ڇا ڇا کاڌو هوندءِ. چڱو آرام ڪر. گڊ نائيٽ!“


(1) چاکڙيون: ڪاٺيءَ جا ٺهيل چپل، جنهن ۾ پير جو آڱوٺو ڦاسائي هلبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com