همسفر
(رسڪن بانڊ)
مان ريل ۾ روهڻ ڏانهن پئي ويس. جنهن گاڏي ۾ مان ويٺو هوس، رستي
تي اُن ۾ هڪ ڇوڪري اچي چڙهي. جيڪي کيس ريل تي ڇڏڻ
آيا هئا، اهي سندس ماءُ- پيءُ ٿي لڳا. کين سندس
آرام جو گهڻو اونو پئي لڳو. ماڻس ڇوڪريءَ کي وچور
سان پئي سمجهايو ته کيس سامان ڪٿي رکڻو هو، درين
کان ٻاهر نه نهارڻو هو ۽ ڌارين سان ڳالهائڻ کان
ڪيئن بچڻو هو.
جيئن ته مان انڌو هوس، تنهن ڪري اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته هوءَ
ڪيئن ٿي لڳي، پر اها سڌ هئم ته کيس پيرن ۾ چپل
پاتل هئا، جن جو ترو فرش سان لڳي جيڪو آواز پيدا
ڪري رهيو هو، اهو مون کي ڏاڍو وڻيو هو.
”اوهين سڌو ديرادون ٿيون وڃو؟“ جيئن ئي ريل اسٽيشن تان ڇٽي ته
مون پڇيو.
مان ضرور ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ ويٺل هوندس. ڇاڪاڻ ته منهنجي آواز
کيس ڇرڪائي ڇڏيو هو. هوءَ ٿورو حيران ٿي ويئي ۽
چيائين، ”مون کي سڌ نه هئي ته ٻيو به ڪو ويٺو
آهي.“
عام طرح چٽي نظر وارا پڻ پنهنجي اڳيان آيل شيءِ کي ڏسي نه
سگهندا آهن. کين ڏسڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي. پر
منهنجي خيال ۾ جيڪي ڏسي نه سگهندا آهن، اهي پنهنجن
باقي حواسن سان گهڻو ڪجهه ڏسي سگهندا آهن.
”مون پڻ توکي پهرين ڪونه ڏٺو.“ مون چيو، ”پر توکي اندر گهڙندي
ٻڌم.“ مون کي ڊپ هو ته متان پاڻ کي سندس سامهون
ظاهر ڪري وجهان، ته مان ڏسي نٿو سگهان. مون سوچيو،
جيڪڏهن پنهنجي سيٽ تي ويٺل هوندس ته ائين ڪرڻ ۾
ڏکيائي نه ٿيندي.
”مان سهارنپور تي لهندس.“ ڇوڪريءَ چيو، ”منهنجي چاچي مون کي ات
وٺڻ ايندي. اوهين ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
”هتان ديرادون ويندس ۽ پوءِ مسوري.“ مون وراڻيو.
”اوهه، ڪيڏا نه خوش نصيب آهيو! ڪاش مان به مسوري ويندي هجان!
مون کي جبل ڏاڍا وڻندا آهن. خاص ڪري آڪٽوبر ۾.“
”ها، اهو صحيح وقت آهي.“ مون چيو. مون کي اهو وقت ياد آيو، جڏهن
مان مسوري ويو هوس، ”جهنگلي ٻوٽن سان ڍڪيل ٽڪريون،
سج جو وڻندڙ تڙڪو ۽ رات جو باهه جي مچ اڳيان ويهي
برانڊيءَ جي ڍڪ جو لطف، ٽورسٽن جي هلئي وڃڻ کان
پوءِ رستا خاموش ۽ گهڻو ڪري ويران ٿي ويا هئا.“
هوءَ خاموش هئي ۽ مون کي لڳو ته منهنجن لفظن کيس ڇهيو هو، يا هن
مون کي عاشق مزاج ديوانو سمجهيو هو. ان مهل مون
کان چڪ ٿي ويئي، جو مان پڇي ويٺس، ”ٻاهر ڪهڙو
نظارو آهي؟“ کيس ان سوال ۾ ڪا عجيب ڳالهه نظر نه
آئي، ڇا کيس اڳيئي سڌ هئي ته مان ڏسي نٿي سگهيس؟
پر سندس ٻئي سوال منهنجي شڪ کي دور ڪري ڇڏيو:
”اوهين پاڻ دريءَ مان ٻاهر ڇونٿا ڏسو؟“ هن ڏاڍي
سڀاويڪ لهجي ۾ پڇيو.
برٿ تي سولائيءَ سان مڙي دريءَ جي تاڪيءَ لاءِ هٿ هنيم. دري
کليل هئي. مون دريءَ تي پنهنجو منهن اهڙي ريت آندو
ڄڻ ٻاهريون نظارو پسندو هجان. پنهنجي مَن جي اک
سان، تار جي ٿنڀن کي اک ڇنڀ ۾ ڊوڙندي ڏٺم.
”تو ڏٺو.“ مون همٿ ڪئي، ”ته وڻ ڊوڙندا پيا وڃن ۽ اسين هڪ هنڌ
بيٺل پيا ڏسجون.“
”ائين ته هميشه ٿيندو آهي.“ هن چيو.
مان دريءَ تان هٽي آيس ۽ ڇوڪريءَ ڏانهن منهن ڪيم. ائين اسين
ڪجهه دير چپ ڪيو ويٺا هياسين. ”اوهان جو چهرو ڏاڍو
دلچسپ آهي.“ مون راءِ ڏني. مون ۾ همٿ وڌندي پئي
ويئي، پر اها هڪ بچاءُ واري راءِ هئي، جو ورلي
ڇوڪريون خوشامد پسند نه ڪنديون آهن.
هن خوش مزاجيءَ سان ٽهڪ ڏنو- صاف، گهنٽين جي آواز جهڙو سريلو
ٽهڪ، ”ائين چوڻ سٺو آهي.“ هن چيو، ”مان ته ماڻهن
کان اهو ٻڌي ڪڪ ٿي پيئي آهيان ته منهنجو چهرو سهڻو
آهي!“
”اوهه، ته اوهان جو چهرو سهڻو آهي.“ مون سوچيو ۽ زور سان چيم:
”دلچسپ چهرو، سهڻو به ٿي سگهي ٿو.“
”اوهان ڏاڍا شرارتي آهيو!“ هن چيو، ”پر ايڏا گنڀير ڇو آهيو؟“
”اسين جلد ئي اوهان جي اسٽيشن تي پهچڻ وارا آهيون.“ مون ٿورو
اٻهرو ٿي چيو.
”شڪر آهي جو اهو ننڍو سفر هو. مون کان ريل ۾ ٻن ٽن ڪلاڪن کان
وڌيڪ سفر برداشت نه ٿيندو آهي.“
پر مان رڳو کيس ڳالهائيندي ٻڌڻ لاءِ ڪيتري به دير تائين ويهڻ
لاءِ تيار هوس. سندس آواز ۾ جبلن مان وهي ايندڙ
نديءَ جي پاڻيءَ جهڙو ڇمڪو هو. جيئن ئي هوءَ
گاڏيءَ مان لهي هلي ويندي، ته اسان جي هيءَ مختصر
ملاقات به وساري ڇڏيندي، پر باقي سفر ۾ ۽ سفر کان
پوءِ اها مون وٽ سانڍيل رهندي.
انجڻ جي سيٽي وڳي. ريل جي ڦيٿن جي آواز ۽ روانيءَ ۾ تبديلي
ايندي ويئي. ڇوڪري پنهنجو سامان کڻڻ لاءِ اٿي. سڌ
نه اٿم ته سندس وارن جي چوٽي ٿيل هئي يا اهي سندس
ڪلهن تي ڇڙيل هئا، يا مورڳو ننڍا ڪٽيل هئا.
ريل هوريان هوريان اسٽيشن ڏانهن وڌندي پئي ويئي. ٻاهر پليٽفارم
تي قلين ۽ گهورڙين جي هوڪن جو گوڙ هو ۽ در جي
ڀرسان تکو زنانو آواز، جيڪو پڪ سان ڇوڪريءَ جي
چاچيءَ جو هو.
”چڱو الله واهي!“ ڇوڪري موڪلائيندي چيو.
هوءَ منهنجي بلڪل ويجهو بيٺي هئي، ايترو ويجهو جو سندس وارن جي
خوشبو پئي آئي. مون چاهيو ته پنهنجو هٿ مٿي کڻيان
۽ سندس وارن کي ڇهان. پر هوءَ اڳيان وڌي ويئي.
هاڻي فقط سندس خوشبو اتي پئي ڦري، جتي هوءَ ڪجهه
دير اڳ بيٺي هئي.
در تي ڏاڍو گوڙ هو. هڪ شخص، جيڪو اندر گهڙي آيو هو ۽ هٻڪندي
معذرت پئي ڪيائين. پوءِ در ٺڪاءُ سان بند ٿي ويو ۽
دنيا ۾ اڳي وانگر اونداهي ڇانئجي ويئي. مان پنهنجي
برٿ ڏانهن مڙيس، گارڊ سيٽي هنئي ۽ گاڏي اڳتي اسهڻ
لڳي.
ريل رفتار پڪڙي، ڦيٿن پنهنجو راڳ کنيو، اسان جو گاڏو ڪنجهڻ ۽
لڏڻ لڳو. مون دري ڳولهي لڌي ۽ ان جي سامهون ويهي
ڏينهن جي روشني ڏسڻ لڳس، جيڪا منهنجي لاءِ اوندهه
کان سواءِ ڪجهه نه هئي. هڪ ڀيرو وري مون کي وري
اهائي راند کيڏڻي هئي، پنهنجي نئين همسفر سان.
”مون کي افسوس آهي جو مان اهڙو موهيندڙ همسفر ناهيان، جهڙو هاڻي
هتان هيٺ لهي ويو آهي!“ هن گفتگو شروع ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندي چيو.
”هوءَ دلچسپ ڇوڪري هئي.“ مون چيو، ”اوهين ٻڌائي سگهو ٿا، ته هن
جا وار ڊگها هئا يا ڪي ڪٽيل ۽ ننڍا؟“
”مون کي ياد نٿو اچي.“ هن وراڻيو. سندس آواز مان هو منجهيل ٿي
لڳو: ”مون سندس اکيون ڏٺيون نه ڪي وار. هن جون
اکيون ڏاڍيون سهڻيون هيون، پر اُهي هن جي ڪم جون
نه هيون- هوءَ بلڪل انڌي هئي. سندس اکيون تو نه
ڏٺيون؟“
لاوارث لاش
(ايس- ڪي- رامپال)
ڦتو حاضر ٿيو. سندس پهچڻ ڪنهن جي موت جو اعلان هو. پر هو صفا بي
نياز هو. گذريل چاليهن ورهين کان اهو سندس معمول ۽
مقدر هو، پر ڪنهن لاءِ ايندڙ بدسؤڻ جو اهڃاڻ، هو
ايندي ئي رَسو، ڪارو ٽوپ ۽ نيرو جوڙو چڪاسڻ ۾ لڳي
ويو ۽ پوءِ ڦاسي واري تختي جي پلين کي تيل ڏنائين.
اهو سندس نوڪريءَ جو فرض ۽ قانوني قتل ڪرڻ ۾ حصو
هو.
سندس ڪنن ۾ ڪنهن جي دٻيل کِل جو ڀڻو به ٿيو، پر هو فيلسوفاڻي
اڪيلائپ سان پنهنجي ڪم ۾ جٽيو رهيو، جھڻ ڪنهن جي
ساهه جي ڏوري نه، پر ڏوهه ۽ سزا جي معنى سمجهائڻ
آيو هجي. هو معمولي شخص هو، پر جنهن ڪم ۾ رڌل هو،
اهو ڪنهن به صورت ۾ معمولي نه هو.
پنهنجن اوزارن کي چڪاسي، مطمئن ٿي، هو پنهنجي اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾
اچي آرامي ٿيو. لالٽين ڏانهن مڙي، وَٽ مان ٻيڙي
دکائي ڦوڪ ڀريائين ته کنگهه اچي کنيس. کنگهي کنگهي
ساڻو ٿيو ته پنهنجي ٿڪل جسم کي بنا هنڌ واري کٽ تي
ڇڏي ڏنائين.
کيس اها خبر هئي ته ماڻهن کيس ملڪ الموت يا موت جو اڻوڻندڙ
ملائڪ ٿي سڏيو، پر سچ پچ ائين هو ڇا؟ ماڻهن کي
جيڪي وڻي سو چوَن، پر ڦتو پنهنجي باري ۾ ٻيو ڪجهه
سوچيندو هو. اڄ اهو سندس آخري فرض هو جو کيس پورو
ڪرڻو هو ۽ پوءِ هو ايندڙ مهيني اٺونجاهه ورهين جو
ٿي نوڪري پوري ڪري رٽائر ڪندو.
پر پوءِ ڪيڏانهن ويندو؟ انهيءَ خيال کيس لوڏي وڌو.
سندس گهر ٻار، ڪجهه به نه هو. ڦتو ٻيڙيءَ مان هڪ ڊگهي ڦوڪ ڀري.
”ڀڳوان پاڻيهي سار لهندو.“ ائين ئي هن ٻڌو هو،
جيتوڻيڪ کيس ڀڳوان بابت خير ڪا خبر هئي. هن ڀڳوان
جو نالو موت جي سزا مليل ماڻهن کان ٻڌو هو، جيڪي
پنهنجي پنهنجي حياتيءَ جي پڇاڙڪن پَلن ۾ سندس نالو
وٺي کيس ٻاڏائيندا هئا ۽ پوءِ سندس پيشاورانه
جهٽڪو کين خاموش ڪري ڇڏيندو هو.
ٻيڙيءَ جي هڪ ٻي ڦوڪ ڀريائين ته وري کنگهه ٿيڻ لڳس ۽ پوءِ بنا
ڏندن واري لٻي وات ۾ کانگهارو گڏ ڪري ٿڪيائين،
لالٽين ٽمٽائي رهي هئي ۽ هن پنهنجون نظرون ڀت ۾
کپائي ڇڏيون.
اهو پيشو کيس ورثي ۾ مليو هو.
پڻس جيل جي وڏي صاحب جي بنگلي ۾ ڀنگي هو. جيل جي عمارت اڃا نئين
نئين ٺهي هئي. ڦاسي ڏيڻ واري جلاد جي ضرورت هئي،
پر ڪوبه اها نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نٿي ٿيو. وڏي
صاحب سندس پيءَ کي ڊيڄاري، ڌمڪائي ۽ لالچائي نيٺ
اهو ڪم قبول ڪرائي ورتو. پر ڦتوءَ جي ماءُ کيس ڇڏي
ويئي. کيس پاپي ۽ قاتل مڙس سان هڪ ئي بستري تي
سمهڻ منظور نه هو. کيس اهڙي پيءُ جو پٽ به قبول نه
هو. ڦتوءَ کي اڪيلائپ، بي گهر ۽ رد ڪيل، هئڻ جي
احساس ڇرڪائي وڌو. يڪدم خيال آيس ته سندس ڏکن جو
ڪارڻ گذريل جنم جا خراب عمل هئا. پوءِ پنهنجي جنم
جا سموارا ڪرم ياد ڪري هو ڏڪي ويو.
ڇا کيس ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو؟
سوين ايذايل، پگهر ۾ ٻڏل روح سندس ڪوٺڙيءَ کي گهيري آيا ۽ جناتي
آوازن ۾ پڇڻ لڳا: ”اسان کي سڃاڻين ٿو ڦتو؟“
روشني پنهنجن پڇاڙڪن پساهن ۾ هئي. هن غير شعوري طور تي وٽ سوري
مٿي ڪئي. لالٽين جو گلوب دونهاٽجي ويو ۽ منجهانئس
ڊيڄاريندڙ آواز ٿي نڪتو. ڦتو کي پگهر اچي ويو. هن
جلدي ڪجهه ڦوڪون پڙهيون جيئن وهم ڪڍي سگهي.
هي مردار کنگهه! هن هڪ وڏو کانگهارو اڇليو. ماضيءَ جي اونداهي
مان هڪ تمام پراڻو واقعو روشن تروري وانگر وڌندو
آيو. هڪ برهمڻ کي ڦاسيءَ لاءِ آندو ويو هو. هن
مندر ۾- پوتر اسٿان ۾، ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان
پنهنجي زال جو گلو دٻائي ماري ڇڏيو هو، جو مقامي
زميندار سان ناجائز تعلقات هيس. هو ساڻس پڄي نٿي
سگهيو، تنهن ڪري گيديپڻي واري ڪاوڙ ۾ اچي انهيءَ
معصوم عورت جو گلو دٻائي ماري ڇڏيائين. بهرحال هو
پنهنجي نموني بهادر ضرور هو. هو قبولدار ٿيو،
پنهنجي ڏوهي هجڻ تي ثابت قدم رهيو ۽ شان سان ڦاسي
کائي ويو. ٻئي طرف ڦتو ڏاڍو هٻڪيو هو. اهو ڏسي،
انهيءَ نوجوان برهمڻ وچ ۾ مشڪي چيو هئس، ”تون
پنهنجو ڪم شروع ڪر ڦتو! زندگي ۽ موت انسان جي هٿ ۾
ناهن. تون پنهنجو فرض پورو ڪر، مون کي پنهنجي ڪَئي
جو ڦل ڀوڳڻو آهي.“
پهريون ڀيرو ڦتو کي محسوس ٿيو ته هو پاپي ناهي. هن ته فقط
پنهنجو فرض ٿي پورو ڪيو.
لالٽين جي وَٽ ساندهه ٻري رهي هئي ۽ ڦتو پنهنجي سوچ ۾ گم هو. هن
ناٽڪ ۾، جو وري وري پئي رونما ٿيو، سندس ڪهڙو
ڪردار هو؟ ذهن کي آخري لوڏو آيس..... ڏوهي قتل جو
قبولدار ٿيو، پوليس پڪڙي وٺي ويئي، وڪيل دليل پيش
ڪيا، جج صاحب سزا ڏني، سرڪار رحم کان انڪار
ڪيو.... ۽ کيس ڦاسي جي تختي جو رسو ڇڪڻ لاءِ
مزوريءَ تي سڏيو ويو. ٻيا پيشا معزز هئا، پر سندس
پيشو عزت ڀريو نه هو. ڇو؟ انهيءَ جو وٽس ڪو خاطر
خواهه جواب نه هو.
ماڻهو کيس بد روح وانگي ڇو ٿا سمجهن؟ هو بلڪل عام ساهوارن جيئن
بلڪ ٻين کان بهتر هو. هن ڪنهن کي به ذاتي لطف يا
لالچ وچان نٿي ماريو. هن اهو ڪجهه ڪيو ٿي، جيڪي
کانئس ڪرايو ٿي ويو. هو چاهڻ جي باوجود ڪنهن تي
رحم به نٿي کائي سگهيو....
ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ٻه عورتون اڀري آيون. منجهانئن هڪ ڦاسي جي سزا
مليل قاتل جي ماءُ هئي. قاتل کي ٻئي ڏينهن صبح جو
ڦاسي اچڻي هئي. ساڻس گڏ سندس پنهنجي ماءُ هئي.
هوءَ ٽيهن ورهين کان پوءِ وٽس آئي هئي! پهرين ڄڻي
پنهنجي پٽ جو پڇڻ نه، پر وٽس عجيب التجا کڻي آئي
هئي.
”نٿو منهنجو هڪڙو ئي پٽ آهي.“ ڏوهيءَ جي ماءُ ڏڪي رهي هئي.
”سرڪندڙ ڦندو ٿورو ڍرو نه ڪري سگهندين، جيئن
منهنجو پٽ نه مري؟“ شرابي، جواري ۽ قاتل جي ماءُ
پنهنجي نڀاڳي پٽ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هئي.
پر سندس پنهنجي ماءُ ساڻس- پنهنجي وات سان،
ڳالهائڻ ۾ شرمسار هئي، جيتوڻيڪ هو هڪ ايماندار شخص
هو.
انهيءَ ٻڍي عورت کي آٿت ڏيندي، هن چيو هو، ”جيئن تون چئين ٿي،
تيئن مان نٿو ڪري سگهان، امان. پر تون مون کي
پنهنجو ئي پٽ سمجهه.“
ٻئي پوئتي هٽي ويون هيون، ڄڻ کين ڪنهن ڏنگي وڌو هجي.
”مون توکي اڳ ۾ ئي نه چيو هو؟“ سندس ماءُ نيٺ ڳالهايو هو، پر
ساڻس مخاطب نه هئي، هن مٿس قهر ڀري نظر وڌي هئي ۽
پوءِ ٻئي هليون ويون هيون.
پر هاڻي وقت بدلجي ويو هو. گهڻيئي نوجوان سندس رٽائر ٿيڻ کان
پوءِ سندس جاءِ تي اچڻ لاءِ آتا هئا. پيسن جي وڏي
اهميت هئي. پگهار کان سواءِ هر ڦاسيءَ جا ڏهه رپيا
جدا ٿي مليا. ڏينهن ۾ ٽي ڦاسيون معنى ٽيريلن جي هڪ
قميص، هو طنزيه مرڪيو ۽ سندس هٿ بي اختيار پنهنجي
گهرو ڪتريل ڪپڙي کي ڇهي ويو.
پر پيسو ئي ته سڀ ڪجهه نه هو. اهو نوجوان هڪ شاهوڪار مائٽن جو
پٽ هو، جنهن پنهنجي ديس تان سر قربان ڪري ڇڏيو.
مشڪل سان ويهارو ورهين جو ٿيندو. هن ڦاسيءَ جي
تختي تي نعرو هنيو هو: ”انقلاب زنده آباد!“ ڪيڏي
بهادريءَ سان موت کي گلي لڳايو هئائين! شينهن جي
جگر وارو سورهيه مرد! سندس منهن جي آخري مرڪ،
ڦتوءَ جي سڀ کان وڏي اميد جو خزانو آهي. ماڻهن چيو
ٿي ته پڻس جي وڏي زمينداري هئي ۽ سرڪاري خطاب پڻ
مليل هئس، پر هن سڀني کي لت هڻي ڇڏي ڏنو.
ڦاسي واري کاهيءَ ۾ ڦتو سندس لٽڪندڙ پير گلي لڳائي چميا هئا ۽
ايڏو رنو هو جو لڙڪن سان پير ڌوپجي ويا هئا. هن
پنهنجي زندگي ديس تان قربان ڪري ڇڏي. جوانيءَ جو
موت! انهيءَ ڏينهن ڦتو پنهنجي ڪوارٽر مان ٻاهر ئي
نه نڪتو، انهيءَ ڪري نه ته کيس جلوس جو خطرو هو،
پر پهريون ڀيرو هن محسوس ڪيو هو ته هو گنهگار هو.
هن هڪ ٻي ٻيڙي دکائي.
آزاديءَ کان پوءِ هو انهيءَ نوجوان جي سماڌيءَ تي ويو هو. جيئن
ئي اتي خاموش بيٺو هو ته انهيءَ وڇڙيل آتما جو
پاڇو سندس اکين اڳيان اڀري آيو هو ۽ مرڪندي پڇيو
هئائين، ”ڦتو ڪيئن آهين؟ پاڻ کي ڏوهي نه سمجهه.
مان مري نٿو سگهان ۽ اهو به نه وسارج ته آخري ڏاڪو
پار ڪرائڻ ۾ تو منهنجي مدد ڪئي هئي.“ ۽ ڦتو زور
سان سڏڪڻ لڳو هو.
هاڻي کيس هيرو ياد آيو. هن شراب پي جهيڙو ڪيو هو ۽ ٽي قتل ڪري
وڌا هئائين، ۽ پوءِ ڦاسيءَ کان پوءِ پنهنجي لاش کي
شراب سان وهنجارڻ جي خواهش ڪئي هئائين. ڦتو پنهنجي
مرڪ روڪي نه سگهيو هو. ڪيڏو عجيب عمل هو جو آخري
خواهش انهيءَ شيءِ لاءِ ڪئي هئائين، جنهن کيس
ڦاسيءَ جي تختي تي آڻي بيهاريو هو.
سندس پنهنجي آخري خواهش ڪهڙي هئي؟
هن پنهنجو اندر گهڻو ئي ڦولهيو، پر ڪوبه جواب ڳولهي نه سگهيو.
آخري خواهش! ماڻهن جا انهيءَ باري ۾ عجيب ويچار
هئا. هڪ ڀيري ڦاسيءَ جي هڪ تماشبين کانئس انهيءَ
شخص جي آخري خواهش بابت پڇيو، جنهن کي هن تازو
ڦاسي ڏني هئي. سندس انهيءَ اشتياق ڀري خواهش تي هن
چڙي رڙ ڪري وراڻيو هو: ”هن جي خواهش آهي ته کانئس
پوءِ توکي ڦاسي چاڙهيو وڃي.“ پڇندڙ شخص ڇرڪي ڏانهس
مورکتا وچان گهوريو هو ۽ ڦتو بيزاريءَ سان اڳيان
وڌي ويو هو.
آخري خواهش! ڏوهيءَ جي آخري خواهش اها آهي ته کيس بنا دير جي
ڦاسيءَ جي نڀاڳي گهڙيءَ تان گذاريو وڃي. جيل جي
ڦاسيءَ واري ڪوٺڙيءَ کان ڦاسي گهاٽ تائين چند
گهڙيون، صدين جي دائري ۾ ڦهلجي وينديون آهن. اهو
فقط جلاد ئي ڄاڻي ٿو.
ها، هاڻي اها کيس آخري ڦاسي ڏيڻي آهي ۽ پوءِ کانئس ڪوبه اهڙو
احمقاڻو سوال نه پڇندو. ڪير به ائين نه پڇندو ته
ڏوهيءَ کي ڦاسي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڏيڻ ۾ ايندي؟
يا ڦاسيءَ جو مقرر وقت ڪهڙو آهي؟ ڇا ائين صحيح هو
ته جيڪڏهن مقرر وقت کان هڪ منٽ به دير ٿي وڃي ته
ڏوهيءَ جي سزا مهمل ٿي ويندي؟ احمق! پاڻ جيل جا
ڪارندا انساني گهڙيال آهن.
۽ اها هئي ريشمي ڏوريءَ جي ڪهاڻي.
ڦتو موت آڻيندڙ ريشمي ڏوريءَ سان رومانوي مشابهت تي طنزيه کليو.
ڀلا موت جي ريشم جو نرم گلاب جي نزاڪت سان ڪهڙو
لاڳاپو؟ ڄڻ ڦاسيءَ جو تختو ڪنهن ٻار جو ريشمي ڌاڳو
ٻڌل پينگهو هجي يا ڦاسي ملندڙ شخص بليڪ مارڪيٽ مان
اها ڏوري خريدي خوش ٿي بي صبريءَ سان پڇيو هجي،
”هن سان مون کي ڦاسي ڏيڻ پسند ڪندين، ڦتو؟“
ڦتوءَ کي انهيءَ مذاق جي ڀوائتي سوچ جي اڀرندڙ منظر مان ڏاڍو
لطف محسوس ٿيو.
پوءِ کيس اڌڙوٽ عمر وارو بابو ياد آيو، جنهن هڪ ڀيري کانئس
ڦاسيءَ واري ڪاٺ جي تختي جو ٽڪر گهريو هو. ماڻهن
جي اعتقاد مطابق اهو ڪنهن سنڍ عورت لاءِ ڪمائتو
ٿيندو آهي. ڀلا تختو جيڪو ماڻهوءَ جي مردانگي جو
موت آڻي ٿو، اهو ڪيئن ٿو تخليق جي قوت پيدا ڪري
سگهي؟ ڦتوءَ کي انهيءَ جي ڪارائتي هئڻ ۾ ذرو بو
شواس نه هو، پر تنهن هوندي به کيس نا اُميد نه ڪيو
هئائين.
جيل جي گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هنيا. کيس چئين وڳي وڃڻو هو. جيتوڻيڪ
کيس ڪا ڳڻتي نه هئي، پر هو ڪنهن مائسٽرو وانگي
پنهنجي آڱرين جي معمولي ڇهاءُ سان سنگيت جا سر
ڇيڙي سگهيو ٿي. رات جي بي آرامي ۽ ٿڪاوٽ کان پوءِ
به کيس ڪم جي ڳڻتي نه هئي. کيس پنهنجي نوڪريءَ جي
خبر هئي. پر جنهن کيس گهڻو فڪرمند ڪيو هو، اها هئي
سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ زندگيءَ جي سوچ.
هن تازو هڪ فلم ڏٺي هئي، جنهن ۾ هڪ ڦاسيءَ جو منظر هو. جلاد جي
شڪل ڏسي کيس ڏاڍو مزو آيو هو. اک ڇنڀ ۾ ڦاسي ڏيڻ،
کيس عجيب کلڻهاب ڳالهه لڳي هئي.
انهيءَ تي کيس هڪ صلح پسند اڌارا پئسا ڏيندڙ شخص ياد آيو، جنهن
کي ڦاسي جي سزا آئي هئي ۽ ڦاسي اچڻ واري ڏينهن دل
جي دوري سببان مري ويو هو. گوري جيل سپرنٽينڊنٽ،
جيڪو قانون جو گهڻو پابند هو، حڪم ڏنو هو ته سندس
لاش کي ڦاسي ڏني وڃي. اهو ڀوائتو ڀوڳ ڀريو ناٽڪ به
ٿي وڃي ها، پر وقت سر سول سرجن مداخلت ڪئي هئي ۽
حيرت وچان چيو هئائين، ”مئل کي وري ڪيئن ماربو؟“
اهو پئسا ڏيندڙ شخص ڏاڍو بدشڪل هو، پر هڪ پٺاڻ، جنهن کي اڳي
ڦاسي چاڙهيو هئائين، مرداني حسن جو مثال هو. ڦتو
وري فيلسوفن وانگر سوچيو: ٻئي ڏوهي هئا- ٻئي قاتل-
هڪ ايڏو خوبصورت ۽ هڪ ايڏو بدصورت! پر موت ٻنهي کي
بي جان بنائي ڇڏيو. ڪرستان چوندا آهن: تون مٽيءَ
مان جڙيو آهين، نيٺ مٽي ٿي ويندين.
”منهنجي مٽيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“ ڦتو حيرت ۾ هو. هن ٻيڙيءَ جو
اڌڙ ڪن تان کڻي وري دکايو ۽ ڊگهي ڦوڪ ڀريائين.
پوءِ نڪ مان دونهان ڪڍندي کيس اهو ٻار ياد آيو،
جنهن جي پيءُ کي ڦاسي ڏني ويئي هئي. ننڍڙي معصوم،
پڻس جي خاموشيءَ کي چالبازيءَ واري راند سمجهيو هو
۽ ويجهو وڃي لاڏ وچان سندس ڏاڙهي سان کيڏڻ لڳو هو.
سندس ڏاڏيءَ کيس چڪيندي رڙ ڪري چيو هو، ”پري ٿي،
هيءُ هاڻي مٽي آهي.“ ننڍڙي ٻار کيس گنڀيرتا سان
درست ڪيو هو، ”هي ته وار آهن ڏاڏي، مٽي ڪٿي آهي؟“
جيل جي گهڙيال ٽن جا ٺڪاءَ هنيا.
روشني آهستي آهستي جهڪي ٿيندي ٿي ويئي. ڦتو سوچيو ته هاڻي آرام
ڪرڻ سان دير ٿي ويندي. اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اٿي
نه سگهيو. ڪوٺڙيءَ ۾ اونداهي هئي. هن محسوس ڪيو ته
هو اٿاهه اونداهيءَ ۾ غرق ٿيندو ٿي ويو. پوءِ
سموري طاقت گڏ ڪري کٽ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر
اٿي نه سگهيو. ڪمري جا پاڇا گهرا ٿيندا ويا. گهڻي
ڪوشش کان پوءِ هو اٿي ويٺو ۽ پير ٿڌي فرش تي
لاٿائين. سڀ ڪجهه ايڏو اونداهو ڇو هو؟ سندس اکين ۾
اوندهه ڇانئجي ويئي. کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو.
سندس نظر جواب ڏيئي ويئي. کنگهه جو دورو شروع ٿي
ويس. هو ٻيڻو ٿي جهڪي پيو ۽ ٺيڪ اوڏيءَ مهل لالٽين
وسامي ويئي.
”سائين!“ وارڊر ننڊاکڙي جيلر کي اطلاع ڏنو، ”سائين! ڦتو مري
ويو.“
”ڦاسي ڏيڻ کان اڳ مري ويو!“ جيلر عجب وچان فرض جي ڪوتاهي تي
چڙندي چيو.
پراڻي وارڊر فيلسوفاڻي انداز ۾ چيو، ”سائين! موت ڪنهن جو ملازم
ٿوروئي آهي.“
جيلر پنهنجي بي معنى ڳالهه تي جاڳي پيو هو ۽ وڙهڻ واري انداز ۾
چيائين، ”ٺيڪ آهي، اسان کي ٻيو ڪو بندوبست ڪرڻو
پوندو.“ ٿوري ساهيءَ کان پوءِ وري چيائين، ”سزا
واري شخص جا مائٽ لاش حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي ويا
هوندا. پر ننڍي صاحب کي چئينس ته ميونسپل ڪاميٽيءَ
وارن کي فون ڪري ته هڪ لاوارث لاش کي ٺڪاڻي
لڳائين.“
منهنجو جنوني پٽ
(انگريزي)
(حنيف قريشي)
پيءُ لڪ چوري پنهنجي پٽ جي ڪمري ۾ وڃڻ شروع ڪيو. هو اتي ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ويٺو هوندو هو، رڳو ان وقت اٿندو هو، جڏهن
کيس پنهنجي روزمره جي ڳولا ۽ ڇنڊڇاڻ جي سلسلي ۾ ڪا
نئين شيءِ يا ڪو نئون ڏس ملندو هو. کيس سڀ کان
وڌيڪ حيرت انهيءَ ڳالهه تي هئي ته علي روزمره
صفائي پسند ۽ سليقيمند ٿيندو پئي ويو. سندس ڪمرو،
جنهن ۾ هميشه سندس ڪپڙا، ڪتاب، ڪرڪيٽ جون بئٽون ۽
وڊيو گيمز هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا
هئا، هاڻي صاف سٿرو ۽ نهايت ترتيب سان ٺهيل ٺڪيل
نظر اچڻ لڳو هو. اهو ڪمرو، جنهن ۾ ايترو ڪاٺ ڪٻاڙ
پيو هوندو هو، جو پير رکڻ جي به جاءِ نه هوندي
هئي. اتي هاڻي جڳهه ئي جڳهه هئي. ڪمرو ڏاڍو ٻهڪندي
نظر ايندو هو.
شروع ۾ ته پرويز کي خوشي ٿي ته سندس پٽ بالغ ٿي ويو آهي ۽
ڇوڪراڻو بي پرواهي وارو نمونو پويان ڇڏي آيو آهي.
پر هڪ ڏينهن ڪچري جي دٻي وٽ پرويز کي هڪ ڦاٽل
پلاسٽڪ جو ٿيلهو نظر آيو. ٿيلهي ۾ پراڻن رانديڪن
سان گڏ ڪمپيوٽر ڊسڪون، وڊيو ٽيپس، نوان ڪتاب ۽
نيئن فيشن جا اهي ڪپڙا به هئا، جيڪي علي اڃا ٻه ٽي
مهينا اڳ ئي خريد ڪيا هئا. علي ڪو سبب ٻڌائڻ کان
سواءِ ئي پنهنجي انهيءَ انگريز گرل فرينڊ سان به
ملڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪا اڪثر سندس گهر به ايندي
رهندي هئي. سندس پراڻن دوستن به کيس ٽيليفون ڪرڻ
ڇڏي ڏنو هو.
انهن عجيب و غريب حرڪتن جي باري ۾ پرويز اڃان تائين عليءَ سان
ڳالهائي نه سگهيو هو. ڳالهائي ڇونه سگهيو هو، ان
جي خبر پرويز کي پاڻ کي به نه هئي. ها ايتري خبر
ضرور هئي ته هو پنهنجي پٽ کان ڊڄندو هو. پٽس جتي
اڪثر خاموش رهندو هو، اتي هو وڏواتو به ٿيندو پئي
ويو. هڪ ڀيري پرويز هونئن ئي پڇي ورتو، ”تون هاڻي
گٽار نٿو وڄائين؟“ انهيءَ تي کيس هڪ پراسرار پر
منهن ٽوڙ جواب مليو: ”انهيءَ کان به وڌيڪ اهم ڪم
آهن ڪرڻ لاءِ.“
پرويز محسوس ڪندو هو ته سندس پٽ جو اهو سنڪيپڻو سندس پنهنجي پاڻ
سان نا انصافي آهي- اُهو جيڪو سندس پيءُ آهي ۽
سندس چڱي مدي جو ذميوار آهي- هو انهن خرابين کان
چڱي طرح واقف هو، جنهن جي شڪار ٻين ماڻهن جو اولاد
ٿيا آهن. هو ڏينهن رات علي لاءِ ئي ته محنت ڪندو
هو. هن عليءَ کي اڪائونٽنٽ ڪرڻ لاءِ سندس تعليم تي
بي شمار پيسا خرچ ڪيا هئا. هن عليءَ کي نئين کان
نئون سوٽ خريد ڪري ڏنو هو. جيترن ڪتابن جي ضرورت
هئي، اهي خريد ڪري ڏنائينس ۽ ايڏو مهانگو ڪمپيوٽر
خريد ڪري ڏنائين ۽ هيءُ رئيس جو پٽ آهي، جو اهي سڀ
گند جي ڍير تي ڦٽا ڪري رهيو آهي. پهرين گٽار ويئي،
ان کان پوءِ ٽيليويزن، وڊيو پليئر ۽ پوءِ اسٽيريو
سسٽم. هاڻي ڀتين تي به پيلا داغ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا
هئا، جتي پهرين عليءَ جون تصويرون ٽنگيل هيون.
پرويز جون ننڊون اڏامي ويون هيون. هاڻي هو ڪم جي وقت به شراب
پيئڻ لڳو هو. وسڪيءَ جي بوتل هاڻي اڪثر سندس هٿن ۾
هوندي هئي. نيٺ هن سوچيو ته هاڻي ته ڪنهن اهڙي
ماڻهوءَ سان صلاح ڪرڻ ضروري ٿي پيئي آهي، جنهن کي
ساڻس همدردي هجي.
پرويز ويهن ورهين کان ٽيڪسي هلائي رهيو هو. ڏهن سالن کان هو هڪ
ئي فرم ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. هن وانگر اڪثر
ڊرائيور پنجابي هئا. اهي رات جو ئي ڪم ڪندا هئا،
جڏهن سموارا روڊ خالي هوندا هئا ۽ ڀاڙو وڌيڪ ملندو
هو. اهي ڏينهن جو سمهندا هئا ۽ پنهنجين زالن کان
پري پري رهندا هئا. اهي سڀ ڇڙي ڇانڊ ڇوڪرن جهڙي
زندگي گذاريندا هئا. تاش کيڏندا هئا، هڪٻئي سان
ڇيڙڇاڙ ڪندا هئا، فحش لطيفا ٻڌائيندا هئا، ڀروارين
هوٽلن تان ڪڙهائي گوشت گهرائي کائيندا هئا، سياست
تي ڳالهيون ڪندا هئا ۽ پنهنجيون پريشانيون ونڊيندا
هئا.
پر پرويز کي عليءَ جي باري ۾ پنهنجي دوستن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾
شرم ايندو هو. کيس ڊپ هو ته عليءَ جي انهن حرڪتن
جو ذميوار کيس ڄاڻايو ويندو. هو به انهن مائرن
پيئرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو، جن جا پٽ ڇوڪرين
جي پويان نوس نوس ڪندا رهندا هئا، اسڪول نه ويندا
هئا ۽ رولو ڇوڪرن جي گروهه ۾ شامل ٿي ويا هئا.
ورهين کان پرويز پنهنجن ساٿين تي رعب رکندو پئي آيو ته علي
ڪيتري سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ٿو، ترڻ ۽ فٽ بال ۾ سندس
ڪيڏو نالو آهي ۽ پوءِ پڙهائي ۾ ڪيترو سٺو آهي ۽
اڪثر مضمونن ۾ اي گريڊ کڻي ٿو. هاڻي جيڪڏهن هو
عليءَ کان اها توقع رکي ٿو ته هو ڪا وڏي نوڪري
ڪري، سٺي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ۽ پنهنجو گهر ٻار
ٺاهي ته ڇا ۾ غلط آهي؟ ائين ٿي پوي ته هو دنيا جو
سڀ کان وڌيڪ خوش قسمت انسان هوندو. سندس اهو خواب
پورو ٿي ويندو، جيڪو هن برطانيا ۾ کل خوشيءَ ۾
زندگي گذارڻ لاءِ ڏٺو هو. نيٺ کانئس ڪٿي غلطي ٿي؟
هڪ رات هو ٽيڪسين جي آفيس ۾ پنهنجن ٻن هجائتن دوستن سان گڏ ويهي
سلويسٽر اسٽالون جي فلم ڏسي رهيو هو ته پنهنجي
زبان کوليائين:
”مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي!“ هو ڦاٽي پيو. ”سندس ڪمري مان
هڪ هڪ شيءِ غائب ٿيندي پيئي وڃي ۽ آئون ساڻس
ڳالهائي به نٿو سگهان. اسان ته پيءُ پٽ نه، پر
ڀائر هئاسين. کيس ڇا ٿي ويو آهي؟ مون کي ڇو تنگ ٿو
ڪري هو؟“ پرويز ٻنهي هٿن سان پنهنجو مٿو جهليو.
هو پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي رهيو هو ته سندس دوست ڪنڌ لوڏي رهيا
هئا ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي اشارا ڪري رهيا
هئا.
”تنهنجو ڇا خيال آهي، ڇا ٿيو آهي کيس؟“ هن سوال پڇيو.
انهيءَ سوال جو جواب کيس فاتحانه مرڪ سان مليو. اهي دوست ڄڻ سڀ
ڪجهه سمجهي ويا هئا. ڳالهه چٽي هئي- علي نشو
واپرائڻ لڳو آهي ۽ نشي لاءِ پنهنجون سڀ شيون وڪڻي
رهيو آهي، انهيءَ ڪري سندس ڪمرو خالي ٿيندو پيو
وڃي.
”مان ڇا ڪريان؟“
پرويز جي دوستن کيس صلاح ڏني ته هو عليءَ جي حرڪتن جي چوڪسي ڪري
۽ ساڻس سختي ڪري. نه ته اهو ڇوڪرو گهڻيون نشيدار
شيون کائي مري ويندو يا ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيندو.
صبح جي ٿڌي هوا ۾ پرويز اتان تڙندو ٻاهر نڪتو. ماڻهو سچ ٿا چون.
هو ڊپ وچان ڏڪڻ ڳو، سندس پٽ ۽ نشئي..... قاتل؟
کيس اهو ڏسي اطمينان ٿيو ته سندس گاڏيءَ ۾ بٽينا ويٺي هئي.
عام طرح جي پوئين پهر ۾ سندس آخري گراهڪ پاڙي جون رولو عورتون
يا طوائفون هونديون هيون. ٽيڪسي ڊرائيور انهن
عورتن کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا ۽ کين سندن دلالن
تائين پهچائي ڇڏيندا هئا. رات جو دير سان فارغ ٿيڻ
کان پوءِ اهي عام طرح ته گهرن ڏانهن هليون وينديون
هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن منجهانئن ڪا عورت ساڻس پيئڻ
پيارڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويهي رهندي هئي ۽ ڪڏهن
ائين به ٿيندو هو، جو ڪا ڇوڪري ڪنهن ڊرائيور کي به
خوش ڪري وٺندي هئي. انهيءَ کي چوندا آهن: سواريءَ
جي بدلي ۾ سواري.
بٽينا پرويز کي ٽن سالن کان سڃاڻيندي هئي. هوءَ شهر کان ٻاهر
رهندي هئي ۽ پنهنجي گهر ويندي ڪار ۾ هوءَ پرويز
سان گڏ ئي ويهندي هئي. انهيءَ ڊگھي رستي ۾ پرويز
کيس پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو- هو ڪير
آهي، سندس امنگ ۽ آرزو ڇا آهن، هو پنهنجي مستقبل
جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي. بٽينا به کيس پنهنجي باري ۾
ٻڌايو هو. اهي راتين جو اڪثر ملندا رهندا هئا.
پرويز بٽينا سان اهي ڳالهيون به ڪندو هو، جيڪي هو پنهنجي زال
سان نه ڪري سگهندو هو. بٽينا به کيس پنهنجي راتين
جون ڪار گذاريون ٻڌائيندي هئي. پرويز به ڄاڻڻ
چاهيندو هو ته اها رات هن ڪنهن سان گذاري. هڪ ڀيري
پرويز کيس هڪ جهيڙاڪ گراهڪ کان بچايو به هو.
انهيءَ کان پوءِ ئي اهي ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جو خيال
رکڻ لڳا هئا.
بٽينا عليءَ سان ڪڏهن ملي ته نه هئي، پر سندس باري ۾ ايترو ٻڌو
هئائين جو کيس چڱي طرح سڃاڻيندي هئي. انهيءَ رات
جڏهن پرويز کيس چيو ته علي شايد نشو واپرائڻ لڳو
آهي ته هن نه عليءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ نه ئي
پرويز تي ڪو الزام هنيو. بلڪ نرميءَ سان چيائين،
”اهو ته اکين مان خبر پئجي سگهي ٿي. اکيون ڳاڙهيون
رهنديون هونديون، ماڻڪيون ڦهليل ڦهليل هونديون،
علي ٿڪل ٿڪل لڳندو هوندو، کيس پگهر ايندو رهندو
هوندو، جلدي جلدي مزاج تبديل ٿيندو هوندو. بس تون
اهو ڏس.“ اهي ڳالهيون ٻڌي پرويز کي ڄڻ تسلي ٿي
ويئي.
هاڻي پرويز عليءَ تي نظر رکڻ شروع ڪئي. کيس خبر هئي ته ڪهڙين
ڳالهين تي غور ڪرڻو آهي. هو ڏسي رهيو هو ۽ کيس پڪ
ٿيندي ويئي ته حالتون اڃا وڌيڪ خراب نه ٿيون آهن.
عليءَ جي وات ۾ جيڪو به گرهه ويندو هو، پرويز اُن تي نظر رکندو
هو. هو ساڻس گڏ ئي ويهندو هو ۽ ٿوري ٿوري دير کان
پوءِ سندس اکين کي گهوري ڏسندو هو. ڪنهن نه ڪنهن
بهاني پٽس جو هٿ جهلي وٺندو هو ۽ ڏسندو هو ته سندس
هٿ گرم ته ناهن. علي گهر ۾ نه هوندو هو ته پرويز
کي موقعو ملي ويندو هو ۽ هو غاليچي جي هيٺان،
عليءَ جي خانن ۾ خالي وارڊ روب جي پويان ڏسندو
رهندو هو. هر شيءِ کي سنگهندو هو، هر شيءِ کي غور
سان ڏسندو هو ۽ پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. کيس
خبر هئي ته هو ڇا ٿو ڳولي. بٽينا ڪئپسول، سرنج،
گوريون، پائوڊر ۽ وِڪس جون تصويرون ٺاهي ڏيکاريون
هيون.
هر رات بٽينا انتظار ڪندي هئي ته پرويز ڪهڙي خبر آندي آهي. نيٺ
ڪيترن ڏينهن جي جاچ جوچ کان پوءِ پرويز کيس ٻڌايو
ته علي راندين ۾ حصو وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پر هو
بلڪل صحتمند آهي. سندس اکيون صاف شفاف آهن. پرويز
کي ته ٻڌايو ويو هو ته ڏوهه جي احساس کان علي
کانئس اکيون چورائيندو، پر هو بلڪل ائين نه ڪندو
هو، بلڪ ائين لڳندو هو ته هو اڳي کان به وڌيڪ
تندرست ۽ توانو ٿي ويو آهي ۽ سندس اندر ۾ ذري به
چڙ نه آهي. هو هر ڳالهه تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳو هو.
هو پنهنجي پيءُ جي ڳوليندڙ نظرن جو جواب ان کان به
وڌيڪ شڪايت ڀريل نظرن سان ڏيندو هو- اهڙين نظرن
سان، جن ۾ ملامت به گڏ هوندي هئي، ايتري قدر جو
پرويز کي محسوس ٿيڻ لڳندو هو ته سندس پٽ نه، هو
پاڻ غلطيءَ تي آهي.
”۽ جسماني طرح به سندس اندر ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي؟“ بٽينا
پڇيو.
”بلڪل نه.“ پرويز سوچيندي چيو، ”پر هو ڏاڙهي وڌائي رهيو آهي.“
هڪ رات پرويز ڪافي دير تائين ڪافي شاپ ۾ ويهي بٽينا سان ڳالهيون
ڪندو رهيو. اهو ڪافي شاپ رات تائين کليل رهندو هو.
بٽينا ۽ پرويز کي ويساهه ڪرڻ تي دل ته نٿي چيو، پر
اهي انهيءَ نتيجي تي پهتا هئا ته علي نشو نٿو ڪري،
ڇو جو پرويز کي عليءَ جي ڪمري ۾ ڪابه اهڙي شيءِ نه
ملي هئي، جيڪا نشي واري لڳندي هجي. انهيءَ کان
سواءِ علي پنهنجو سامان وڪڻي نه رهيو هو، بلڪ اهو
اڇلائي ڇڏيندو هو. ڪنهن کي ڏيئي ڇڏيندو هو يا
خيرات وارن دڪانن تي رکي ايندو هو.
پرويز هيٺ هال ۾ بيٺو هو ته عليءَ جي ڪمري مان ٽائيم پيس جي
الارم وڄڻ جو آواز آيو. هو پنهنجي ڪمري ڏانهن ڀڳو.
سندس زال بستري تي ويهي ڪو ڪپڙو سبي رهي هئي. هن
کيس چيو، ”ماٺ ۾ ويٺي رهج. اٿجانءِ نه!“ جيتوڻيڪ
هوءَ بالڪل اٿي نٿي ۽ نه ئي هڪ هڪ لفظ به ڳالهايو
هو. پرويز دروازي جي چير مان پنهنجي پٽ کي ڏسي
رهيو هو. سندس زال حيران ۽ پريشان ٿي کيس ڏسي رهي
هئي.
پٽس وهنجڻ جي جاءِ ۾ ويو. پرويز ان وقت تائين ليئو پائي ڏسندو
رهيو، جيستائين پٽس وهنجڻ جي جاءِ مان واپس نه
آيو. هو ٻاهر نڪتو ته پرويز سندس دروازي سان ڪن
لڳائي ڇڏيا. اندران ڪجهه پڙهڻ جو آواز اچي رهيو
هو. پرويز جي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو، پر کيس تسلي
ٿي ته ڪا ڳڙٻڙ ناهي. اها خبر پئجي ويئي ته هن پڪ
ڪرڻ لاءِ ٻيهر وري ڪن لڳائي ڇڏيو. ڇوڪرو نماز پڙهي
دعا گهري رهيو هو. جڏهن به هو گهر ۾ هوندو هو، پنج
ئي وقت نماز پڙهندو هو.
پرويز لاهور ۾ ڄائو نپنو هو، جتي سڀني ٻارن کي قرآن پڙهايو
ويندو هو. مولوي صاحب پرويز جي وارن ۾ رسي ٻڌي،
رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ڇت ۾ ٻڌي ڇڏيندو هو ۽ کيس ننڊ
اچي ته رسيءَ جي ڇڪ سان سندس اک کلي پوي ۽ هو
پنهنجو سبق ياد ڪري وٺي. پرويز تي اهڙو اثر ٿيو جو
هو مذهبي تعليم کان ئي ڀڄڻ لڳو هو. ٻيا ڊرائيور به
سندس هم خيال هئا، بلڪ اهي ته انهن استادن تي
ٽوڪون هڻندا هئا، جيڪي اتان لنگهندا هئا. اهي
چوندا هئا، هي سمجهن ٿا ته هو ماڻهن کي نيڪ ۽ پاڪ
زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري رهيا آهن. جيتوڻيڪ
خود انهن ۾ به عام انساني ڪمزوريون موجود آهن.
پرويز جيڪي ڪجهه ڏٺو هو، اهو سڀ بٽينا کي ٻڌائي ڇڏيائين. ٽيڪسي-
آفيس ۾ پنهنجن ساٿين کي به ٻڌائائين ته هن ڇا ڏٺو
۽ ڇا ٻڌو. سندس دوست جيڪي هر وقت ٽوهه ۾ لڳل هوندا
هئا، هاڻي ماٺ ٿي ويا. اهي رڳو انهيءَ ڪري ته
عليءَ کي گهٽ وڌ نٿي چئي سگهيا ته هو مذهبي ٿي ويو
آهي.
هڪ ڏينهن پرويز فيصلو ڪيو ته هڪ رات موڪل ڪجي ۽ پٽ سان ڊگهو سير
ڪجي. سير ڪرڻ وقت ساڻس کـُلي ڳالهيون ڪري سگهجن
ٿيون. هن چاهيو ٿي ته ساڻس سندس ڪاليج جي باري ۾
ڳالهيون ڪري. سندس پڙهائي ڪيئن پئي ٿئي؟ سندس ڪهڙا
ڪهڙا دوست آهن؟ ۽ اهي ڇا ڪندا آهن؟ هن پاڪستان ۾
رهندڙ پنهنجن مٽن مائٽن جي باري ۾ به کيس ٻڌائڻ
چاهيو ٿي. سڀ کان وڌيڪ ته هن اهو ڄاڻن گهريو ٿي ته
عليءَ جو مذهب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو- بتينا کيس
انهيءَ کي روحاني بـُعد يا زندگيءَ جو روحاني پهلو
چوندي هئي- ته علي زندگيءَ جو اهو روحاني پهلو
ڪيئن ڳولي لڌو؟
پر پـُٽس ساڻس گڏ هلڻ کان انڪار ڪيو. پرويز کي ڏاڍو رنج پهتو.
علي چئي ڏنس، ”مون کي ڪم سان وڃڻو آهي.“ پرويز
ڏاڍو زور ڪيس- کيس سمجهايائين ته پيءُ جو چيو مڃڻ
کان وڌيڪ اهم ڪم ٻيو ڪو نٿو ٿي سگهي- پر علي نه
مڙيو.
ٻئي ڏينهن پرويز سڌو گهٽيءَ جي موڙ تي پهتو، جتي بٽينا مينهن ۾
پـُسي رهي هئي. کيس ڊگهي کڙي جا جوتا، لنڊو اسڪرٽ
۽ ڊگهي برساتي پاتل هئي. هوءَ ايندڙ ويندڙ ماڻهن
کي لالـچ ڀريل نگاهن سان ڏسي رهي هئي ۽ جيڪو به
سندس ڀرسان گذريو ٿي، جلديءَ سان پنهنجي برساتي ان
جي اڳيان کولي ڇڏيائين ٿي.
”جلدي ويهه، جلدي ويهه.“ پرويز چيس.
اهي وڻن جي جهڳٽي واري کليل ميدان ڏانهن هليا ويا ۽ اهڙي هنڌ
گاڏي بيهاريائون اڳي صاف ميدان ميلن ۾ پکڙيل هوندو
هو ۽ جهنگلي هرڻن ۽ گهوڙن کان سواءِ کين ڏسڻ وارو
ڪوبه نه هوندو هو. اهي اتي اکيون ٻوٽي ليٽي پوندا
هئا ۽ سوچيندا هئا، ته ها، زندگيءَ انهيءَ جو نالو
آهي. پر هڪ ڏينهن پرويز ڏڪي رهيو هو ته بٽينا کيس
پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
”ڇا ٿيو؟“
”مون کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان خوفناڪ تجربو ٿيو آهي.“
بٽينا پرويز جي مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳي. هو ٻڌائڻ لڳو ته ڪالهه
شام جو هو عليءَ سان گڏجي هوٽل ويو هو. اڃا هو
کاڌي جو مينو ڏسي ئي رهيو هو ته ويٽر، جيڪو پرويز
جو واقف هو، سندس پسند جي وسڪي کڻي آيو. هو شراب
ڏسي پهريون ڀيرو پنهنجي پٽ جي سامهون اهڙو ته
وائڙو ٿيو، جو کانئس ابتا سبتا سوال پڇڻ لڳو. هو
سوچڻ لڳو ته کانئس پڇيس ته ڇا هو انهيءَ ڪري
پريشان آهي، جو سندس امتحان ٿيڻ وارا آهن- پر زبان
مان هڪ لفظ به نه نڪتس. گهٻراهٽ ۾ هن پنهنجي ٽاءِ
ڍري ڪئي ۽ جلدي جلدي پوپوڊم کائڻ لڳو. پوءِ وسڪيءَ
جو ڊگهو ڍڪ پيتائين.
اڃا هو ڪجهه چوڻ ئي وارو هو ته علي خراب منهن ٺاهي کانئس پڇيو،
”اوهان کي خبر ناهي ته شراب حرام آهي؟“
”هن مون سان بدتميزيءَ سان ڳالهايو هو.“ پرويز بٽينا کي چيو.
”مون کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو دل ۾ آيو ته کيس اتي ئي
دڙڪا ڏيان ته پنهنجي پيءُ سان ڪهڙي طرح ڳالهائبو
آهي؟ پر مان خاموش رهيس.“
پرويز عليءَ کي چيو ته هو ورهين کان ڏهه ڏهه ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ
ڪم ڪري رهيو آهي. آرام يا تفريح لاءِ به مشڪل سان
ئي وقت ملندو آهي. ”مون ڪڏهن موڪل نه ڪئي. جيڪڏهن
ڪڏهن ڪڏهن شراب پيئان ٿو ته ڪهڙو گناهه ٿو ڪريان؟“
”پر اهو حرام آهي.“ پٽس چيو.
”مون کي خبر آهي.“ پرويز ڪلها اڀيا ڪيا.
”۽ جوا ڪرڻ به حرام آهي.“
”پر اسان به آخر انسان آهيون.“
پرويز جڏهن به وسڪيءَ جو ڍڪ ڀريو ٿي ته پٽس منهن ڦٽايو ٿي ۽ نرڙ
۾ گهنج وڌو ٿي. پرويز به چڙي پيو ٿي. علي جيترو
منهن بڇڙو ٿي ڪيو، هن اڃان به ڊگهي چسڪي ورتي ٿي.
ويٽر کين خوش ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو گلاس آڻي رکيو.
پرويز کي خبر هئي ته مٿس نشو چڙهي رهيو هو، پر هو
پيئندو پئي ويو. عليءَ جي چهري جو رنگ بدلجي رهيو
هو. هو حقارت ۽ ڪراهت وچان پنهنجي پيءُ کي ڏسي
رهيو هو. لڳو ٿي ڄڻ هو پنهنجي پيءُ کان نفرت ڪري
رهيو هجي.
کاڌو کائيندي اوچتو پرويز جو غصو ڦاٽي پيو. هن طيش ۾ اچي پليٽ
فرش تي هنئي. هو ميز پوش به ڇڪي اڇلائڻ وارو هو،
پر ويٽر ۽ ٻيا ماڻهو ڏانهس ڏسي رهيا هئا، انهيءَ
ڪري هـُن پاڻ کي روڪي ورتو. هو ڪيئن برداشت ڪري
سگهيو ٿي ته سندس ئي پٽ کيس چڱي مدي جو فرق ٻڌائي.
کيس خبر هئي ته هو خراب ماڻهو ناهي، کيس چڱي مدي
جي خبر آهي. ها، ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي
هو خود به شرمسار ٿيندو هو، پر هن عزت ۽ شرافت سان
زندگي گذاري هئي.
”تون ٻڌاءِ، مون کي بڇڙايون ڪرڻ جو وقت ئي ڪڏهن مليو؟“ هن عليءَ
کان سوال پڇيو. پٽس ڌيمي لهجي ۾ آهستي آهستي کيس
سمجهايو ته، ”اوهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن نيڪيءَ جي رستي
تي نه هليا. اوهان هميشه شريعت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.“
”مثال طور؟“ پرويز رڙ ڪري پڇيو.
مثالن لاءِ عليءَ کي وڌيڪ سوچڻو نه پيو. لڳو ٿي ڄڻ هو انهيءَ
سوال جي انتظار ۾ هو. هن چيو، ”ڇا اوهان سوئر جا
پاوا نٿا کائو؟“
ڀلا پرويز انڪار ڪيئن ڪري سگهيو ٿي، جو کيس اهي ڀـُرڪڻا ڪڙڪ
بيڪن ڏاڍا پسند آهن، جنهن تي گهڻيون مشروم رکيل
هجن، گڏ وري سرنهن جي چٽڻي ۽ تريل ڊبل روٽيءَ جي
سلائسن ۾ ان جو سينڊوچ ٺهيل هجي، بلڪ هو ته هر روز
انهيءَ جي نيرن ڪندو هو.
علي پرويز کي ياد ڏياريو ته، ”اوهان ته اميءَ کان به زوري سوئر
جي ساسيج ٺهرائي هئي. هن انڪار ڪيو هو ته اوهان
کيس دڙڪا ڏنا هئا ته تون پنهنجي ڳوٺ ۾ نه ويٺي
آهين، هيءُ انگلينڊ آهي. اسان کي ائين ئي رهڻو
آهي، جيئن هتي ماڻهو رهن ٿا.“
پرويز غصي ۾ ڏڪڻ لڳو ۽ هن ڪاوڙ ۾ اچي هڪ ٻي وسڪي گهرائي.
”اصل مسئلو اهو آهي.“ علي چيو. هو ميز تي اڃا اڳيان جهڪي پيو.
انهيءَ رات پهريون ڀيرو سندس اکيون به ڳالهائي
رهيون هيون، ”ته اوهان پوري طرح مغربي تهذيب ۾
رڱجي ويا آهيو.“
شراب جو ڍڪ پرويز جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. کيس لڳو ته سندس ساهه
ٻوساٽجي ويندو. ”مغربي تهذيب ۾ رڱجي ويو آهيان؟“
پرويز روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”پر اسان هتي ئي ته
رهون ٿا.“
”مغرب جا هي ماديت پرست اسان کان نفرت ڪن ٿا، پاپا!“ علي چيو،
”اوهان هنن سان ڪيئن محبت ڪري سگهو ٿا، جيڪي اوهان
کان نفرت ڪندا هجن.“
”پوءِ.....“ پرويز بيزار ٿي چيو، ”تنهنجي خيال ۾ انهيءَ جو حل
ڇا آهي؟“
عليءَ کي شراب جي نشي جي ضرورت نه هئي. هو پنهنجي پيءُ سان ائين
مخاطب ٿي چئي رهيو هو ڄڻ ڪنهن مڇريل ميڙ کي خطاب
ڪري رهيو هجي ۽ پنهنجي ڳالهين جي روانيءَ سان
انهيءَ ميڙ جو غصو ٿڌو ڪرڻ چاهيندو هجي. کيس قائل
ڪرڻ چاهيندو هجي ته سموري دنيا ۾ اسلام جو جهنڊو
ئي لهرائيندو، ڪافر جهنم جي باهه ۾ سڙندا ۽ يهودين
۽ عيسئاين جي پاڙ پٽجي ويندي. مغرب رياڪارن،
بدڪارن، هم جنس پرستن، نشئين ۽ طوائفن جو اڏو آهي.
علي ڳالهائي رهيو هو ته پرويز دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هو ته ڇا
هو سچ پچ لنڊن ۾ ئي ويٺو آهي.
”اسان هيستائين ڏاڍو برداشت ڪندا آيا آهيون، پر هاڻي جيڪڏهن ڏاڍ
۽ ڏهڪاءُ ختم نه ٿيو ته پوءِ انهيءَ جي خلاف جهاد
ئي ٿيندو.“
”پر ڇو، آخر ڇو؟“ پرويز چيو.
”انهيءَ جو اجر اسان کي جنت ۾ ملندو.“
”جنت؟“
پرويز جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. سندس پٽ کيس چئي رهيو هو، ”هاڻي
به اوهان توبهه ڪري وٺو.“
”پر ڇو؟“ پرويز چيو.
”اوهان توبهه ڪريو. پنهنجي لاءِ دعا گهرو. مون سان گڏ عبادت
ڪريو.“ عليءَ زور سان چيو.
پرويز جلدي بل ڏنو ۽ پٽس کي وٺي ٻاهر نڪتو. هو انهيءَ کان وڌيڪ
نٿي ٻڌي سگهيو. کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ عليءَ جي
اندر ۾ ڪنهن ٻئي جو آواز سمائجي ويو هجي. سندس
اندر ڪو ٻيو ڳالهائي رهيو هجي.
رستي ۾ علي ڪار ۾ پويان ويٺو ڄڻ هو ڪا سواري هجي. ”اهڙي ڪهڙي
شيءِ هئي، جنهن توکي اهڙو بنائي ڇڏيو آهي؟“ پرويز
سوال پڇيو، پر سندس اندر ۾ هڪ ڊپ به هو ته شايد ان
جو ذميدار هو خود به هو. ”ڇا ڪو خاص واقعو ٿيو
آهي، جنهن کان تون متاثر ٿيو آهين؟“
”هن ملڪ ۾ رهڻ ئي ڪافي آهي انهيءَ لاءِ.“
”پر مون کي ته انگلينڊ پسند آهي.“ پرويز چيو ۽ سامهون آئيني ۾
عليءَ کي ڏٺائين، ”هتي توهان کي هر ڪم جي آزادي
آهي.“
”اهائي ته مشڪل آهي.“ علي وراڻيو.
ورهين کان ڪار هلائڻ کان پوءِ، ان وقت پرويز کي محسوس ٿيو ته هو
سڌو نٿو ڏسي سگهي. هن ڪار کي هڪ لاريءَ سان ٽڪر
هنيو سندس ڪار جي سائيڊ مرر ٽٽي پيئي. هو خوش قسمت
هو جو پوليس واري کين نه روڪيو، نه ته پرويز
پنهنجي لائسينس کان وانجهجي وڃي ها ۽ گڏوگڏ سندس
نوڪري به وڃي ها.
گهر پهتا ته ڪار مان لهندي پرويز ٿاٻڙيو ۽ روڊ تي ڪري پيو. سندس
هٿن ۾ رهڙون لڳيون ۽ پتلون ڦاٽي پيئي. هو ڏاڍي
مشڪل سان خود ئي اٿي بيٺو. پٽس سندس هٿ جهلڻ جي
ڪوشش به نه ڪئي.
پرويز بٽينا کي چيو ته هو نماز پڙهڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن سندس
پٽ انهيءَ سان خوش ٿئي ٿو. ”جيڪڏهن منهنجي نماز
سان سندس بي رحم نظرون منهنجي چهري تان هٽي سگهن
ٿيون ته مان انهيءَ لاءِ به تيار آهيان. مون کي ته
افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته منهنجو پنهنجو پٽ
مون کي چوي ٿو ته تون جهنم ۾ ويندين.“
انهيءَ ڏينهن ته پرويز بلڪل ئي چريو ٿي پيو، جڏهن علي کيس ٻڌايو
ته هن پنهنجي پڙهائي ختم ڪري ڇڏي آهي. پرويز پڇيس،
”ڇو؟“ ته نهايت حقارت مان جواب مليس، ”مغربي تعليم
مذهب کان دشمني سيکاري ٿي، ۽ هڪ اڪائوٽنٽ جي
زندگيءَ ۾ عورتن سان ملڻ، شراب پيئڻ ۽ وياج وٺڻ
عام ڳالهه آهي.“
”پر انهيءَ ۾ ڏاڍي سٺي پگهار به ته ملندي آهي.“ پرويز کيس قائل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڪيترن ئي سالن کان تون انهيءَ
لاءِ محنت ڪري رهيو آهين.“
علي چوڻ لڳو ته هاڻي هو جيلن ۾ وڃي رضاڪارانه ڪم ڪندو. ”اتي
غريب مسلمان قيدي غلاظت ۽ گناهن جي ماحول ۾ پنهنجو
ايمان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.“
پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ کان اڳ، علي پنهنجي پيءُ کان سوال پڇيو ته هو
ڏاڙهي ڇو نٿو رکي. گهٽ ۾ گهٽ مڇون ئي کڻي رکي.
”مون کي ته ائين ٿو لڳي ته مون پنهنجو پٽ وڃايو آهي.“ پرويز
بٽينا کي چيو، ”مان اهو برداشت نٿو ڪري سگهان ته
منهنجو پنهنجو پٽ مون ڏانهن ائين ڏسي، ڄڻ مان ڏوهي
هجان. هاڻي مون سوچي ڇڏيو آهي ته مون کي ڇا ڪرڻو
آهي.“
”ڇا ڪرڻو آهي؟“
”مان کيس صاف صاف چئي ڇڏيندس ته پنهنجو جاءِ نماز ويڙهي ۽ گهر
مان نڪري وڃي. اهو ڪم مون لاءِ ڏاڍو مشڪل ته
ٿيندو، پر اڄ رات مان اهو ڪري رهندس.“
”تون ايترو جلدي مايوس ڇو ٿي وئين؟“ بٽينا چيو، ”گهڻا نوجوان ان
طرح جي عقيدن ۽ وهمن ۾ ڦاسي پوندا آهن، پر انهيءَ
جو اهو مطلب ناهي ته هو هميشه اهڙو ئي رهندو.“ هن
چيو ته پرويز کي گهرجي ته عليءَ کي پاڻ سان گڏ
رکي.
پرويز به مڃي ورتو ته هوءَ ٺيڪ ٿي چوي، جيتوڻيڪ هن ڄاتو ٿي ته
هاڻي هو پنهنجي پٽ سان گهڻو پيار نٿو ڪري سگهي.
پهرين به هو جيڪو پيار ڪري رهيو هو، ان لاءِ ئي پٽ
ڪڏهن سندس ٿورائتو ٿيو آهي.
ايندڙ ٻه هفتا پرويز پنهنجي پـُٽ جون زهر ڀريون نظرون ۽ ساڙيندڙ
ڳالهيون برداشت ڪندو رهيو. هـُن عليءَ سان سندس
عقيدي جي باري ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جڏهن به
سندس واتان ڪا اهڙي ڳالهه نڪرندي هئي، جنهن ۾ ٿوري
به نڪته چيني هوندي هئي ته علي نهايت تکائي سان ان
جو جواب ڏيندو هو. هڪ ڀيري علي پرويز کي چيو،
”اوهين ته گورن اڳيان منٿون ميڙون ڪندا آهيو، نڪ
گسائيندا آهيو، انهن جي اڳيان پٺيان ٿيندا رهندا
آهيو، پر مان پنهنجو پاڻ کي ذليل نه ڪندس. اوهان
کي خبر آهي ته مغرب کان ٻاهر به دنيا آهي، جيتوڻيڪ
مغرب پنهنجو پاڻ کي هميشه سڀني کان مٿڀرو سمجهندو
رهيو آهي.“
”توکي ڪهڙي خبر؟ تون ته ڪڏهن انگلينڊ کان ٻاهر ويو ئي ناهين.“
علي ان جو جواب حقارت ڀريل نگاهن سان ڏنو.
هڪ رات، اها پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته هن جي وات مان شراب جي بوءِ نٿي
اچي، پرويز کاڌي جي ميز تي عليءَ سان گڏ ويهي
رهيو. هن سوچيو هو ته علي اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو
هوندو ته هن ڏاڙهي رکي آهي. پر علي ائين ويٺو
رهيو، ڄڻ هن سندس ڏاڙهي ڏٺي ئي نه هئي.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ، پرويز بٽينا کي چيو هو ته سندس خيال ۾ مغرب
جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ضرور اندر ۾
خالي محسوس ڪندا هوندا. انسان کي زنده رهڻ لاءِ
بهرحال ڪنهن فلسفي جي ضرورت ٿيندي آهي.
”ها، اهو سٺو جواب ٿي سگهي ٿو.“ بٽينا چيو هو، ”تون کيس ضرور
ٻڌاءِ ته تنهنجي زندگيءَ جو فلسفو ڇا آهي. پوءِ
کيس خبر پوندي ته دنيا ۾ ٻيا عقيدا به موجود آهن.“
گهڻو سوچڻ کان پوءِ، پرويز ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو. پٽس کيس
ائين ڏسي رهيو هو ڄڻ هو کانئس ڪنهن ڳالهه جي توقع
ئي نه ڪري رهيو هجي. ڏڪندڙ آواز ۾ پرويز چوڻ شروع
ڪيو، ”انسان کي ٻين جي عزت ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي
ٻارن کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي ضرور عزت ڪرڻ گهرجي.“
کن لاءِ کيس ائين لڳو، ڄڻ عليءَ تي سندس ڳالهين جو
اثر ٿي رهيو آهي. انهيءَ سان سندس همٿ وڌائي ۽ هو
ڳالهائيندو رهيو، ”هن دنيا ۾ اها ئي هڪ زندگي آهي.
مان جڏهن مرندس ته مٽيءَ ۾ ڳري سڙي ويندس. منهنجي
قبر مان گاهه ۽ گل ٻوٽا اڀرندا، پر منهنجي ڪانه ڪا
شيءِ بهرحال زنده رهندي.“
”اها ڪهڙي ريت؟“
”مان ٻين ماڻهن ۾ زنده رهندس. مثال طور تنهنجي اندر.“
اهو ٻڌي پٽس جي چهري تي ايذاءُ ڀريل ڪيفيت ظاهر ٿي.
”۽ تنهنجي ٻارن ۽ تنهنجي پوٽن پوٽين ۾.“ پرويز جلدي جلدي چيو،
”پر جيستائين اسان هن دنيا ۾ آهيون، اسان کي هن
زندگيءَ جو پورو پورو فائدو وٺڻ گهرجي.“
”فائدو وٺڻ مان اوهان جو ڇا مطلب آهي؟“ پٽس پڇيو.
”مطلب اهو آهي ته توکي زندگيءَ جو مزو وٺڻ گهرجي، ٻين کي تڪليف
پهچائڻ کان سواءِ.“
علي چيو، ”عياشي ته اهڙي کڏ آهي، جنهن جو ڪوبه تهه ناهي.“
”مان اهڙي عياشيءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان، مان ته خوبصورت زندگيءَ
جي ڳالهه پيو ڪريان.“
”سموري دنيا ۾ اسان جا ماڻهو ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن.“ علي
وراڻيو.
”مون کي خبر آهي.“ پرويز چيو. جيتوڻيڪ کيس بلڪل خبر نه هئي ته
اسان جي ماڻهن سان عليءَ جو ڇا مطلب آهي. ”پوءِ به
زندگي زندهه رهڻ لاءِ آهي؟“
”هن دنيا ۾ حق ۽ صداقت جو هڪ ئي سچو رستو آهي. اسان کي انهيءَ
رستي تي هلڻ گهرجي. سڄي دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو
منهنجا هم عقيده آهن. اوهان جو ڇا خيال آهي ته
اوهين سچا آهيو ۽ اهي سڀ ڪوڙا آهن؟“ ان سان گڏ ئي
علي اهڙين شعلا وسائيندڙ نظرن سان پرويز کي ڏٺو،
جو هو اڳتي ڪجهه ڪڇي نه سگهيو.
ڪيترن ئي شامن کان پوءِ بٽينا هڪ گراهڪ کي نپٽائڻ کان پوءِ
پرويز سان گڏ ڪار ۾ وڃي رهي هئي ته هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ
ڇوڪرو نظر آيو. هو پيدل پئي ويو.
”هو منهنجو پٽ آهي.“ پرويز پنهنجو چهرو سخت ڪندي چيو. هو شهر جي
هڪ غريب پاڙي مان لنگهي رهيو هو، جتي ٻه مسجدون
هيون.
بٽينا عليءَ کي ڏسڻ لاءِ مڙي، ”آهستي هل. آهستي هل. پٽهين شڪل
جو سهڻو آهي، توتي ويو آهي. پر هن جي چهري تي
اعتماد توکان گهڻو آهي. اسان هتي بيهي نٿا سگهون؟“
”ڪنهن جي لاءِ؟“
”مان هن سان ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“
پرويز ڪار موڙي ۽ علي جي ڀرسان روڪي ڇڏيائين.
”گهر پيو وڃين؟“ پرويز پڇيس، ”ڪافي فاصلو آهي. اچ اچي ويهه.“
پٽس ڪنڏ جهٽڪيو ۽ پويان ويهي رهيو. بٽينا اڳيان
ويٺي هئي. پرويز کي احساس ٿيو ته بٽينا کي ڪافي
لنڊو اسڪرٽ پاتل هو. ڀڙڪائيندڙ منڊيون به آڱرين ۾
پاتل هيون ۽ هلڪو نيرو آءِ شيڊو لڳل هو. کيس بٽينا
جي لباس تي لڳل تيز خوشبو جو احساس به ٿيو، جنهن
کي هو ڏاڍو پسند ڪندو هو، اها خوشبو سموري ڪار ۾
ڀريل هئي.
پرويز تيزيءَ سان ڪار هلائي رهيو هو. بٽينا عليءَ کان پڇيو،
”ڪٿان کان پيو اچين؟“
”مسجد کان.“ هن وراڻيو.
”۽ پڙهائي ڪيئن پيئي ٿئي؟ محنت پيو ڪرين نه؟“
”تون ڪير ٿيندي آهين مون کان پڇڻ واري؟ علي چيو ۽ دريءَ کان
ٻاهر ڏسڻ لڳو. پوءِ اهي ڀيڙ ۾ ڦاسي پيا ۽ ڪار بيهي
رهي. بٽينا بي خياليءَ ۾ پرويز جي ڪلهي تي پنهنجو
هٿ رکي ڇڏيو.
”تنهنجو پيءُ سٺو ماڻهو آهي. ڏاڍو پريشان رهي ٿو تنهنجي ڪري هو
پنهنجي جان کان به وڌيڪ توکي پيار ڪري ٿو.“
”اڇا؟ تنهنجو خيال آهي ته مون سان پيار ڪري ٿو؟“ علي پڇيس.
”ها، بلڪل“ بٽينا چيو.
”ته پوءِ هي تو جهڙي عورت کي پنهنجي ڪلهي تي هٿ ڇو ٿو رکڻ ڏئي؟“
بٽينا ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي عليءَ ڏانهن ڏٺو. ڇوڪرو طيش ۾ گرم ٿي کيس
ڏسي رهيو هو.
”مون جهڙي عورت مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ ۽ تون مون کي اهڙي
ڳالهه ڇو ٿو چوين؟“ هن چيو.
”توکي خبر آهي ته تون ڪهڙي عورت آهين؟“ علي چيو، ۽ پنهنجي پيءُ
ڏانهن مڙي چيائين، ”مون کي هيٺ لاهه.“
”هرگز نه.“
”تون فڪر نه ڪر، مان ٿي لهان“ بٽينا چيو.
”نه، تون به نٿي لهي سگهين.“ پرويز چيو. پر ان وقت بٽينا هلندڙ
ڪار مان ٽپو ڏيئي ڇڏيو. هو پهرين به ائين ڪندي رهي
هئي. پوءِ هوءَ روڊ تان اٿي ۽ ڀڄڻ لڳي. پرويز ڪار
روڪي کيس ڏاڍا سڏ ڪيا، پر هوءَ روڊ جي ٻئي طرف وڃي
چـُڪي هئي.
پرويز عليءَ کي وٺي گهر پهتو. رستي ۾ هن هڪ لفظ به نه ڳالهايو.
گهر پهچندي ئي علي سڌو پنهنجي ڪمري ۾ گهڙي ويو.
هاڻي پرويز لاءِ اخبار پڙهڻ يا ٽيليويزن ڏسڻ به
مشڪل ٿي پيو هو. ايتري قدر جو هو هڪ هنڌ تي ويهي
به نٿي سگهيو. هو شراب پيئندو پئي ويو.
نيٺ کانئس رهيو نه ٿيو ۽ هو مٿي هليو ويو. سندس سمجهه ۾ ڪجهه
نٿي آيو ته هو ڇا ڪري. هو عليءَ جي ڪمري اڳيان
هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن چڪر
ڏيڻ لڳو. پوءِ هن ڪمري جو در کوليو. علي نماز پڙهي
رهيو هو.
عليءَ کي انهيءَ سڪون سان نماز پڙهندي ڏسي، پرويز آپي کان ٻاهر
نڪري ويو. هن اڳيان وڌي زور سان ٿڌو شوڪارو هنيو.
پوءِ عليءَ کي ڳچيءَ کان جهلي، کيس زور سان گهليو
۽ منهن تي زور سان ٺونشو هنيائين ته هو وڃي پوئتي
ڪريو. پرويز پوءِ کيس ٿڏا هڻڻ شروع ڪيا. عليءَ جي
وات مان رت وهڻ لڳو. پرويز به سهڪي رهيو هو. کيس
خبر هئي ته سندس پٽ قبضي کان ٻاهر نڪري چڪو آهي،
پوءِ به هو کيس ماريندو رهيو. علي پنهنجي پاڻ کي
بچائڻ جي بلڪل ڪوشش نٿي ڪئي ۽ نه ئي سندس مقابلو
ڪري رهيو هو. هو خاموشيءَ سان مار کائي رهيو هو.
سندس اکين ۾ ڊپ جو نالو نشان به نه هو.
پوءِ هن پنهنجا رتورت ٿيل چپ کوليا ۽ چيائين، ”ڏسو، جنوني ڪير
آهي؟“ |