فسادن جو آغاز
1857ع جي جدوجهد جي ناڪاميابيءَ کان پوءِ مسلمانن
جي خلاف فسادن جو سلسلو شروع ٿيو. چوڌري خليق
الزمان پنهنجي ڪتاب
۾ لکي ٿو:
”انگريز جي عملداريءَ ۾ سڀ کان پهريون فساد 1804ع
۾، بنارس ۾ ٿيو. ليڪن 1839ع ۾ گنپتي جي جلوس جي آڙ
۾، هندن، جي فساد ڪرايا، تن پوري ملڪ ۾ هندو مسلم
فسادن جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي. اهي فساد، عام طرح سان،
انهن هنڌن تي ٿيا، جتي ’مسلمان‘ ٿورائيءَ ۾ هئا.
’يو. پي‘ جي اوڀر واري علائقي ۾، جنهن ۾ مسلمانن
جي آبادي 4 کان 7 فيصد هئي، اتي فسادن ۾ ڪثرت پيدا
ٿي. باقي جتي مسلم آبادي 20 فيصد هئي، اتي فساد
گهٽ ٿيا. مطلب اهو ته فسادن جي ابتدا هميشه ڪثرت
وارن کان ٿيندي هئي.“
گنپتي جلوس
گنپتي جلوس، جنهن کان فسادن جو آغاز ٿيو، ان جو
ڪرتا ڌرتا، لوڪ مانيه تلڪ مهاراج هو. ’هندو راج کي
منصوبي‘ جو مصنف فضل حسين خان، ان جلوس ۽ فساد کي
هن طرح سان بيان ڪيو آهي:
”رولٽ ڪميٽيءَ جي رپورٽ جو آغاز ئي هنن لفظن سان
ڪيو ويو آهي، ته مغربي هندوستان ۾، فسادن جي تحريڪ
جا آثار، ابتداءِ ۾ ٻن ساليانه ميلن ۾ رونما ٿيا،
جن مان هڪ هندو ديوتا گنپتي جي اعزاز ۾ منعقد ٿيو
۽ ٻيو مرهٽي باغيءَ ’شيواجيءَ جي اعزاز ۾ ٿيو،
جنهن دکن جي هندن کي، مسلمان حڪمرانن خلاف ڀڙڪايو
هو. ’گنپتي‘ جي ميلي جي ابتدا 1893ع وارن بمبئيءَ
جي فسادن سان گڏ ڪئي وئي. ڪن مفسد پرداز هندن،
’مسلمانن‘ کي زير بار ڪرڻ لاءِ، اها صلاح ڪئي ته
جئن مسلمان محرم ۾ امام حسين عليه السلام جي مقبري
جا تعزيه ڪڍي پوءِ درياءَ ۾ ٿڌا ڪن ٿا، تئن ’گنپتي
ديوتا‘ جا به ان طرح سان جلوس ڪڍجن ۽ مسلمانن سان
بهانو ڪري فساد ڪجن. ڇو ته ان کان اڳ، سرڪاري طرح
سان، مسجدن جي اڳيان بينڊ باجن وارن جلوسن ڪڍڻ جي
منع ٿي چڪي هئي. ان کان بچڻ لاءِ، 1804ع ۾، هندن
جي ان معمولي پوڄا ۽ پاٺ کي، عالمگير نمائش بنائڻ
لاءِ، انتظام ڪيو ۽ ان ميلي جي اهڙي جڳهه مقرر
ڪيائون، جتي هندو عوام سولائيءَ سان پهچي ٿي
سگهيو. ان سان گڏ جلوس ۾ تلوار بازيءَ کي ڌرمي رسم
ڏئي، جاري رکيائون. نيٺ ميلو ٿيو. ان ۾ تلوار
بازيءَ سان گڏ، اهڙا اشعار جلوس ۾ پڙهيا ويا، جن ۾
مسلمانن جي خلاف دل آزار حملا هئا. ان موقعي تي
اهڙا اشتهار پڻ ورهايا ويا، جن ۾ هندن ۽ مرهٽن کي
ترغيب ڏني ويئي هئي ته هو ’مسلمانن‘ کي مارين ۽
تباهه ڪن. چوڻ شروع ڪيائون: دشٽن ۽ دئيتن جا خنجر
اسان جي سيني ۾ ٽنبيل آهن. هندو جاتيءَ کي گهرجي،
ته انهن کي ڪڍي ڇڏن. قدرتاً ان ميلي ۾ اشتعال پيدا
ٿيو، جلوس نڪتو، جنهن مسجد جي ڀرسان لنگهندي، نعره
بازي شروع ڪئي، مسلمانن کي ماريو ۽ مسجد کي باه
لڳايائون. ان کان پوءِ، گنپتي جلوس جي آڙ ۾ پوري
ملڪ ۾ فساد ڪيا ويا.“
فسادن جو سلسلو
ان مان معلوم ٿيو ته ’فساد‘گنپتي جلوس کان شروع
ٿيا، پر آر. سي. موجمدار صاحب، پنهنجي ڪتاب
”History
of the freedom movement in India“
۾ هندو مسلم فسادات جي سلسلي ۾، ٻڌايو آهي ته فساد
ان کان به اڳ شروع ٿيا هئا.
سندس چوڻ جي مطابق 19 صديءَ جي اوائل ۾ بنارس ۾ هڪ
زبردست فساد ٿيو.
1809ع ۾ فساد انگيز هندن، اورنگزيب جي شاهي مسجد
تي حملو ڪيو ۽ نمازين کي قتل ڪيو، ان کان پوءِ
ساري شهر ۾ مسلمان قتل ڪيا ويا، پنجاهه کن مسجدون
ساڙيون ويون ۽ بي شمار مسلمانن جا لاش ساڙيا ويا.
1877ع ۾ نواب جنجيره جي رياست ۾ فساد ڪرائي هزارين
مسلمان قتل ڪيا ويا.
1885ع ۽ 1893ع جي درميان، فسادن جي انداز ۾ اضافو
ٿيو.
1885ع ۾ لاهور ۾ فساد ٿيو، جنهن ۾ بازارن ۾ مسلمان
ماريا ويا.
1886ع ۾ دهليءَ ۾ فساد ٿيو. اتي به قتل و غارت جي
بازار گرم رهي.
1889ع ۾ هوشيارپور، لڌيانه ۽ انباله ۽ ديري غازي
خان ۾ فساد ٿيا جن ۾ هزارين مسلمان ماريا ويا ۽
مسجدون ساڙيون ويون.
1893ع ۾ يو- پيءَ جي اعظم ڳڙهه ۾ فساد ٿيو.
1894ع ۾ بمبئيءَ ۾ زبردست جلوس ڪڍي، مسلمانن کي
تلوارن سان ماريو ويو. اهي فساد ڇهن ڏينهن تائين
هلندا رهيا.
1894ع ۾ عيسيٰ خيل (ضلع ميانوالي) ۾ فساد ٿيو.
1894ع ۾ بهار ۾ وڏو فساد ٿيو، جنهن ۾ هزارين
مسلمان ماريا ويا.
1897ع ۾ ڪلڪتي ۾ فساد ٿيا، جن ۾ مسلمانن جا لاش،
شهر جي رستن تي، جانور پٽيندا رهيا.
30 سيپٽمبر 1917ع تي پندرنهن هزارن هندن، ڳوٺ
ابراهيم پور کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. ان ڪري ڀرسان
وارن ننڍن ڳوٺن ۾ دست بدست جنگ ٿيندي رهي.
2 - آڪٽوبر 1917ع تي اهڙو فساد ٿيو، جو ست ڏينهن
مسلمانن کي هندو ماريندا رهيا. ان فساد ۾، هندن جي
قيادت، هندو زميندارن، هاٿين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي
ڪئي، انهن فسادن ۾، ضلع ’گيا‘ ۾ ٽيهه ڳوٺ جلايا
ويا. هڪ هزار مسلمانن کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ ۾
سزائون ڏياريون ويون.
1918ع ۾ هر- دوار کان 6 ميل پري، ڪٽارپور ۾ فساد
ٿيو، ۽ مسلمانن جا گهر جلايا ويا ۽ 300 مسلمان قتل
ڪيا ويا ۽ 600 مسلمان زخمي ڪيا ويا، جن ۾ عورتون
پڻ هيون.
هي آهن. آر. سي. موجمدار جا پيش ڪيل انگ اکر!
- ’جام جم‘ ۾ مرحوم ’بلبل‘ ان موضوع تي، تفصيل سان
انگ اکر پيش ڪيا آهن، جي مٿين فسادن کان علاوه
آهن، جي غور سان پڙهڻ گهرجن.
ديانند، شرڌانند ۽ شڌي
گنگاڌر تلڪ جا خيالات اڳ پيش ڪيا ويا آهن. ان
سلسلي ۾ هڪ متعصب برهمن ديانند سرسوتي، سڀني کان
اڳرو رهيو. هن ستيارٿ پرڪاش ڪتاب جي 14 باب ۾
اسلام، پيغمبر اسلام ۽ قرآن تي غليظ، اشتعال انگيز
۽ لغو قسم جا اعتراض ڪيا. ۽ آريه سماج جي تحريڪ جو
بنياد وڌائين، ۽ حڪم ڏنائين ته ’مسلمانن‘ کي ڪيئن
به ڪري، هن ملڪ مان لوڌي ٻاهر اڇلايو وڃي ۽ ڪعبي
تي ’اوم‘ جو جهنڊو چاڙهيو وڃي!
- ان کان پوءِ ترڪ موالات ۽ خلافت تحريڪ جي دور ۾
گرفتار ٿيل شرڌانند برهمڻ به پاڻ کي ملهايو.
سيد نور احمد مصنف ”مارشل لا سي مارشل لا تک“ لکي
ٿو:
”هن شخص برصغير هند پاڪ جي تاريخ ۾ داغدار ڪردار
ادا ڪيو. هي اول ته پنجاب پوليس ۾ ٿاڻيدار هو، ان
کان پوءِ معمولي وڪالت ڪرڻ لڳو، ان کان پوءِ ترڪ
دنيا ڪري، گيان ڌيان ۾ گذارڻ لڳو ۽ هر دوار ۾ ويهي
رهيو ۽ اتي کيس ’سوامي شرڌانند‘ سڏيو ويو، ورنه
سندس نالو هو، منشي رام‘ ڪجهه وقت کان پوءِ هر
دوار مان ٽپڙ کڻي دهليءَ ۾ آيو. رولٽ ايڪٽ خلاف
تحريڪ ۾ نيم مذهبي ۽ نيم سياسي ليڊر جي صورت ۾ حصو
ورتائين.
ان ئي دور ۾ ساده لوح مسلمان، کيس جلوس ۾ ڪنڌن تي
کڻي، جامع مسجد دهليءَ ۾ آيا، جتي ممبر تي چڙهي،
ولوله انگيز تقرير ڪيائين. جلدي ’عدم تعاون تحريڪ‘
۾ جيل ويو. اڃا سندس جيل جو ميعاد پورو ئي نه ٿيو
هو ته انگريز جي اشاري تي کيس پڙهائي پڪو ڪري،
ٻاهر ڪڍيو ويو. جيل مان نڪرندي هئي، هن شخص ’شڌي
تحريڪ‘ شروع ڪئي. تقريرن ۾ چوڻ لڳو: هندوستان جي
سڀني مسلمانن جا ابا ڏاڏا هندو هئا، تنهن ڪري کين
’شڌ‘ بنائي دوباره هندو مت ۾ آڻڻ گهرجي. ان مهم جو
آغاز ضلع آگره کان ڪيو، اتي ملڪاڻه راجپوتن مان
ٽيهه هزار مسلمان، شڌ ڪري، دوباره هندو ڌرم ۾
آندائين. اهي ملڪاڻه راجپوت، مردم شماريءَ جي دفتر
۾ ته ’مسلمان‘ شمار ٿيا هئا، پر منجهن هندو رسومات
جو زياده دخل هو، هو ڏياري ۽ دسهڙو به ڪندا هئا.
انهن جي ’هندو‘ ٿيڻ تي، مسلمانن ۾ اشتعال پيدا
ٿيو.“
جوابي ڪار گذاري
ان شڌي تحريڪ جي جواب ۾، مسلمانن تبليغي تحريڪ
شروع ڪئي. ان دور جي عالمن، خلافت تحريڪ کي
انگريزن جي خلاف پيدا ڪيل محاذ تان هٽائي، ’شڌي
تحريڪ‘ جو مقابلو ڪري، نه فقط اهي 30 هزار مالڪاڻه
راجپوت دوباره اسلام ۾ آندا، پر ان سان گڏ، ٻيا
لکين پڙهيل ڪڙهيل هندو به مسلمان بنائي ڇڏيا. ان
طرح ’خلافت تحريڪ‘ انگريز جي ان وارَ کي به ختم
ڪيو، جو شرڌانند جي معرفت ڪيو ويو هو. نقصان اهو
ٿيو، جو انگريز جي خلاف ’تحريڪ خلافت‘ جو رخ سالن
تائين موڙيو ويو ۽ انگريزن کي هٿن پيرن هڻڻ لاءِ
ڪجهه وڌيڪ عرصو ملي ويو، ورنه انگريز 1947ع کان اڳ
ئي ٽپڙ ٻڌي وڃي ها!
سنگهٽن
شرڌانند جي شڌي تحريڪ سان گڏ، ٻئي برهمن پنڊت مدن
موهن مالويه، وري ’سنگهٽن‘ تحريڪ شروع ڪئي. مولانا
عبدالمجيد ’سالڪ‘ پنهنجي ڪتاب ”اپني سرگذشت“ ۾ لکي
ٿو:
”ترڪ موالات جي درميان، ملبار ڪناري تي موپلن جي
انگريز سان ڪشمڪش ٿي. خلافت تحريڪ جي ڪري، ان کي
اسلامي بغاوت جو رنگ ڏنو ويو. ان وچ ۾ ملتان ۽
ڪوهاٽ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا. پنڊت مدن موهن
مالويه، ڪافي وقت کان، موقعي جي تلاش ۾ هو. سندس
چوڻ هو ته ”تحريڪ خلافت جي قربانين جي ڪري امڪان
آهي ته مسلمان، پوري ملڪ جي سياست تي ڇانئجي وڃن.
ڇا لاءِ ته مسلمان عزم ۽ حوصله سان ڪم ڪري رهيا
آهن.“
سندس چوڻ هو ته گانڌيءَ جي عدم تشدد جي تحريڪ هندن
کي ڪمزور ڪري رهي آهي. ان ڪري هندن کي ان تحريڪ
کان پري رهڻ گهرجي. مدن موهن مالويه، اها آڙ وٺي،
پنهنجن چيلن کي گڏ ڪري، ”آل انڊيا هندو مهاسڀا“ کي
دوباره زنده ڪيو، جا تحريڪ اڳ ڪمزور ٿي چڪي هئي.
هن ’سنگهٽن‘ تحريڪ لاءِ، پوري ملڪ ۾ دورا شروع
ڪيا. دهلي ۽ آگره به اچي، شرڌانند سان گڏجي، ٽيهه
هزار ملڪاڻه راجپوت ’شڌ‘ ڪيائين. سندس مدد ۾ ’آريه
سماج‘ اٿي کڙي ٿي. هندن کي چيو ويو ته هو مسلمانن
جي مقابلي ۾ ڪمربسته ٿي وڃن ۽ سڀ ’سنگهٽن‘ ۾ اچن.
ان سلسلي ۾ ورزش گهر کوليا ويا، جن ۾ هٿيارن هلائڻ
جي تعليم سان گڏ، ورزش سيکارڻ لڳا. سڀني وڏن شهرن
۾ اهڙا ’آکاڙا‘ قائم ڪيا ويا، جن ۾ نوجوان هندن
کي، تلوار، چاقو، لٺ، ڇري، تيزاب ۽ بوتلن، سرن ۽
پٿرن هڻڻ جي مشق ڏني ويئي. سندن مقصد هو ته، مهل
تي هو مسلمانن تي اهي استعمال ڪري سگهن ۽ ملتان ۽
ڪوهاٽ وانگر مسلمانن هٿان، اجائي مارَ نه کائن، پر
الٽو مسلمانن کي تباه ڪري سگهن.
’شڌي‘ جو مقصد اهو هو ته ڀارت ورش ۾ جيترا مسلمان
آهن، اهي سڀ هندن جو اولاد آهن، انهن کي دوباره
”هندو جاتيءَ“ ۾ آڻڻ گهرجي، جئن ديش ۾ هندن جي
’عظيم ڪثرت‘ ٿي سگهي.
ان جي رد عمل ۾ مسلمان جي تحريڪن جو ذڪر ڪندي،
مولانا سالڪ لکي ٿو:
”ان تي مسلمانن طرفان شاندار تبليغي ڪم ڪري، شڌي ۽
سنگهٽن تحريڪن کي سخت شڪست ڏني ويئي.“
نتيجو اهو نڪتو جو فرقه وارانه جذبات ۾ شدت پيدا
ٿي ويئي.
دهليءَ جي مهاسڀائي ۽ متعصب اخبار ’تيج‘ ۾ هڪ نظم
شايع ڪئي وئي، جنهن جا ٻه ٽي شعر هن طرح آهن:
کام شڌي کا کبهي، بند نه هوني پائي
هندئو تم مين هي، مگر جذبهء ايمان باقي
بهاگ سي وقت يه قومون کو ملاکرتي هين
ره نه جائي، کوئي، دنيا مين مسلمان باقي
هندو محلن ۾ آکاڙا قائم ڪيا ويا، تن ۾ لٺ هلائڻ،
بم اڇلائڻ جي تربيت کان سواءِ، پيٺل مرچن ۽ سرن
اڇلائڻ جي تعليم به ڏني ويئي. هڪ هندو پنجابي شاعر
هن طرح، تلقين ڪئي آهي:
اڻهه تي بهابهي، اڻان مار!
مسلي، آگئي وچ بزار!
”اي ڀاڀي! اٿ ۽ اٿي سرون وساءِ، ڇو ته مسلمان وچ
بازار ۾ اچي چڪا آهن.“
شرڌانند جو قتل
1926ع ۾ هڪ مسلمان ڪاتب عبدالرشيد جي هٿان شرڌانند
قتل ٿي ويو، ۽ ان تي فسادن جو سلسلو وري شروع ٿي
ويو.
4 مئي 1927ع جي رات، لاهور جي حويلي ڪابلي مل جي
مسجد ۾، عشا جي نماز پڙهندڙ نمازين تي سکن، جي
پوليس مان سبڪدوش ٿيل هئا، تن تلوارن سان حملو
ڪيو، ۽ ٽي مسلمان شهيد ڪيا ويا.
ٻئي ڏينهن، جئن ئي شهيدن جا جنازا کڻي، مسلمان
لوهاري گيٽ وٽ آيا، تئن ڀرسان وارن گهرن تان جنازن
تي پٿربازي ڪري، بي حرمتي ڪئي وئي. مسلمان وڌيڪ بي
حرمتيءَ جي خيال کان خاموش رهيا، پر جڏهن مسلمان
قبرستان مان واپس وريا، تڏهن هندن کين روڪيو ۽ ان
تي ساري شهر ۾ خنجر زنيءَ جا واقعات شروع ٿيا ۽ ٻن
ٽن ڏينهن تائين ڪشت و خون جي بازار گرم رهي، جنهن
۾ 2 سو مسلمان ماريا ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا
۽ سوين مسلمان گرفتار ڪيا ويا.
فيبروري 1929ع تي بمبئيءَ ۾ افواهه اٿاريا ويا ته
پٺاڻ چوڪيدار ٻارن کي کڻي ٿا وڃن. ان تي شهر جي
پٺاڻن تي حملا ڪري کين ماريو ويو. ان تي ڪن هنڌن
تي پٺاڻ مشتعل ٿي، مقابلي ۾ آيا ۽ 2 هندو
ماريائون.
9 اپريل 1929ع تي، غازي علم الدين نالي هڪ غيور
شخص، مشهور متعصب آريه راجپال کي ماريو، ان تي علم
الدين کي ڦاسي ڏني ويئي. سندس جنازي ۾ لک کان مٿي
مسلمان شريڪ ٿيا، جلوس جي هلندي ڪيترن هندن مٿن
چٿرون ڪيون، پر مسلمان پنهنجن رهنمائن جي چوڻ تي
خاموش رهيا، ورنه ان ڏينهن تي لاهور ۾ رت جون
نديون اٿلي هلن ها!
1930ع ۽ 1932ع ۾، ڪشمير ۽ سرحد ۾ مسلمانن تي جبر ۽
تشدد کان ڪم وٺي، سندن گهر جلايا ويا ۽ مال لٽيو
ويو ۽ هزارين مسلمان قتل ڪيا ويا.
رياست الور جي هندو راجا پنهنجي رياست ۾ سوين
مسلمان پوليس هٿان مارايا.
4 جنوري 1931ع تي مولانا محمد علي لنڊن ۾ انتقال
فرمايو. ا تي ڪانپور جي مسلمانن هڙتال ڪئي، ليڪن
هندو واپارين ساڻن ساٿ نه ڏنو.
23 مارچ تي، جڏهن ڀڳت سنگ کي ڦاسي ملي، تڏهن هندن
جلوس ڪڍيو ۽ مسلمانن کي هڙتال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
نتيجو اهو ٿيو جو زبردست فساد ٿيو، ۽ پنج سو
مسلمان ماريا ويا ۽ گولين جو شڪار ٿيا.
1944ع ۾ رياست ڪپورٿله جي هڪ ڳوٺ سلطان پور جي
مسلمانن هڪ جلوس ڪڍيو غير مسلمان آفيسرن پنهنجي
فرقه وارانه ذهنيت جي مظاهري ڪندي، پوليس کي گولي
هلائڻ جو حڪم ڏنو. ان ۾ 22 مسلمان شهيد ٿيا ۽ بي
شمار زخمي ٿيا ۽ پنجاب ۾ شور مچي ويو.
1935ع ۾ جيپور رياست جي مسلمانن کي، ڪنهن سبب کان
سواءِ تشدد جو شڪار بنايو ويو. بيشمار مسجدن ۾
نماز پڙهڻ کان منع ڪئي ويئي. هزارين مسلمان هجرت
ڪري، ٻين علاقن ڏانهن هليا ويا.
آڪٽوبر 1938ع ۾ ملتان ۾، مارچ 1949ع ۾ امرتسر ۾،
مارچ 1941ع ۾ ۽ مئي 1941ع حصار ۾، هندو مسلم فساد
ٿيا، جن ۾ هزارين مسلمان ماريا ويا.
ان ئي زماني ۾، سکر ۾ هندو مسلم فساد ڪرايا ويا،
جن ۾ سکر جي آريه سماج ۽ هندو مهاسڀا جي ليڊرن جو
هٿ هو. هنن وچ بازار ۾ مسلمانن کي ماريو ۽ تباهه
ڪيو، جنهن جو انتقام اڳتي هلي مسلمانن منزلگاه جي
موقعي تي ورتو.
ان ئي زماني ۾، سنڌ جي مکيه شهرن، حيدرآباد، سکر،
شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر سونجي، هٿ ۾ ننگي تلوار
کڻي، تقريرون ڪيون ۽ چيو ته ”مسلمانن کي ماريو.“
بنگال به فساد کان بچي نه سگهيو.
آگسٽ 1940ع ۾ ڍاڪا ۾، سيپٽمبر 1940ع ۾ بردوان ۾،
مارچ 1941ع ۾ کلنا ۾ فساد ٿيا، جن ۾ مسلمانن جا
دڪان ۽ محلن جا محلا جلايا ويا، مسجدون جلايون
ويون ۽ گهر لٽيا ويا.
مسلم ليگ ۽ پاڪستان
هندو ذهنيت جو اهو رد عمل ٿيو، جو مسلمانن جي حقن
جي حفاظت جي سلسلي ۾ ’مسلم ليگ‘ هڪ انقلابي جماعت
بنجي وئي ۽ خود قائداعظم، جنهن کي سروجني نيڊو
’سفير اتحاد‘ سڏيو آهي، سو به آخرڪار تنگ ٿي پيو ۽
ان نظريه تي پهتو ته هندو مسلم اتحاد ناممڪن آهي،
ٻنهين قومن ۾ مذهب ثقافت، ادب، زبان، نسل ۽ نظريات
جو فرق آهي.
قائداعظم کان گهڻو اڳ، ان قسم جي جدوجهد، خود سر
سيد احمد جي زماني ۾ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏ
آئيني اصلاحات جو سلسلو به جاري هو، جنهن ڪري،
رفته رفته مسلمانن جي الڳ حيثيت متعين ٿيندي رهي،
مسلمانن جي الڳ حيثيت جي متعين جو سلسلو ان
ميموريڊم کان شروع ٿئي ٿو، جو 1 - آڪٽوبر 1906ع تي
مسلمانن جي هڪ وفد سر آغا خان مرحوم جي قيادت ۾،
وائسراءِ هند لارڊ منٽو کي پيش ڪيو.
1909ع ۾ منٽو مارلي سڌارن، مسلمانن جي آئيني
جدوجهد جي لاءِ چڱا موقعا پيدا ڪيا.
1919ع ۾ مانٽيگو چيلمسفورڊ اصلاحات ۾، مسلمانن جي
جداگانه نيابت جو اصول تسليم ڪيو ويو.
اڳتي هلي 1948ع ۾ قائداعظم، هندو مسلم اتحاد ۽
اتفاق لاءِ ’چوڏهن نڪات‘ پيش ڪيا. قائداعظم جي ان
بصيرت افروز قدم سان مسلمانن جي جداگانه حيثيت
لاءِ راه هموار ٿي.
1935 ۾ گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ جي تحت صوبائي
خودمختياري جو نفاذ ٿيو. جتي مسلمانن جي اڪثريت
هئي، اتي کين مڪمل سياسي اقتدار حاصل رهيو، جو
اڳتي هلي ’پاڪستان‘ جي حصول تائين پهتو.
ٻيو ته جڏهن 1934ع ۾ قائداعظم، مسلم ليگ جو مستقل
صدر بنايو ويو، تڏهن سندس جدوجهد ۽ بيباڪ
ترجمانيءَ سان، ليگ ۾ از سر نو، زندگي بخش انقلاب
پيدا ٿيو.
1 - اپريل 1937ع ۾ نئون ’قانون هند‘ نافذ ٿيو ۽
36- 1937ع ۾ انتخابات ڪرايا ويا. ڪانگريس کي
مدراس، يوپي، بمبئي، سي – پي، بهار، اوڙيسا ۽
سرحد، ستن صوبن ۾ اڪثريت حاصل ٿي؛ پنجاب، سنڌ،
بنگال ۽ آسام ۾ مسلمانن کي ڪاميابي نصيب ٿي.
ڪانگريس انهن ستن ئي صوبن ۾ ڪانگريس وزارتون
ٺاهيون.
ڪانگريس وزارتون
ڪانگريس وزارتن جي دور ۾، مسلمانن خلاف جي ظلم ۽
تشدد آميز ڪار گذاريون ٿيون، سي برصغير جي تاريخ
جو هڪ تاريڪ باب آهن، جا به جا فسادات ٿيا، پر
ڪانگريس ان کي فرضي روايات چئي دنيا کي فريب ڏيڻ
جي ڪوشش ڪئي.
آخرڪار مسلم ليگ، 10 مارچ 1938ع تي، هڪ ڪميٽي زير
صدارت راجه سيد محمد مهدي آف پيرپور مقرر ڪئي،
جنهن جي سپرد اهو ڪم سونپيو ويو ته هو انهن واقعن
جي تحقيق ڪري، جي واقعا ڪانگريس وزارتن جي دور ۾
رونما ٿيا آهن.
ان ڪميٽيءَ جي صحيح رپورٽ ”پيرپور رپورٽ“ جي نالي
سان شايع ٿي. جئن ئي هي تاريخي دستاويز شايع ٿيو،
تئن ڪانگريس جي ايوان ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو. ان
رپورٽ جو هڪ اقتباس ڏجي ٿو:
”ڪانگريس متن صوبن ۾ رام راڄ قائم ڪيو، اعلان
ڪيائون ته سوراج ملي ويو! هندو ئي سرڪاري حاڪم
آهن. هر هنڌ عيد ۽ محرم تي 144 قلم لڳايو ويو، پر
دسهڙي، ڏياري ۽ هوليءَ ۽ ٻين هندن جي ڏڻن کي 144
کان آزاد رکيو ويو. مسلمانن کي گاءِ ڪشيءَ کان
جبراً روڪيو ويو، ان متعلق اهڙو انتظام ڪيو ويو،
جئن ڪو شخص، مسلمان کي ڳئون وڪڻي نه سگهي. مدراس ۽
ٻين صوبن ۾، قانوني طرح سان ’قربانيءَ‘ جي خلاف بل
پيش ڪيو ويو، پر مسلمانن جي احتجاج جي ڪري، ڪٿي به
پاس ٿي نه سگهيو. قرآن شريف جلايا ويا، مسجدن ۾
خنزير جو گوشت اڇلايو ويو. ڪن هنڌن تي مسلمانن کي
سوئر جي گوشت کارائڻ ۽ پيشاب پيارڻ تائين وارداتون
پيدا ڪيون ويون. يو – پيءَ جي هڪ شهر بسوا ۾ هڪ
هندو جهڳڙي ۾ مارجي ويو، ان جي بدلي وٺڻ لاءِ 43
مسلمانن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن مان 6 کي ڦاسي
ڏني ويئي ۽ 24 کي عمر قيد جي سزا ڏني ويئي ۽ عدالت
عاليه ۾ اپيل ڪرڻ جو حق کسيو ويو.“
(پيرپور رپورٽ، تمهيد – الف – ب)
پيرپور ’رپورٽ‘ جي واقعات جي ترديد لاءِ ڪانگريس
ڪافي شور برپا ڪيو، پر ڪجهه به نه وريو.
اڃا ’پير پور رپورٽ‘ جي زلزله افگن اثرات کان
ايوان ڪانگريس جا درو ديوار ڏڪي رهيا هئا ته مٿان
ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڪوپ لينڊ جي رپورٽ
شايع ٿي، جنهن ڪانگريس حڪومتن جي نظم و نسق لاءِ
هيٺين رپورٽ درج ڪئي آهي:
”آڪٽوبر 1937ع جي شروعات کان وٺي، سيپٽمبر 1939ع
جي آخر تائين، ڪانگريسي صوبن ۾، 57 زبردست فساد
ٿيا. انهن مان بهار ۾ 15، يو – پي ۾ 14، سي – پيءَ
۾ 11، مدراس ۾ 8، بمبئيءَ ۾ 7، اوڙيسا ۾ 1 ۽ سرحد
۾ 1 – انهن فسادن ۾ قتل ٿيل مسلمانن جو انداز
17000 هزار هو!“
مطلب ته اهو فسادن جو سلسلو هلندو رهيو.
1944ع ۾
قائداعظم 1944ع ۾، علي ڳڙه ۾ هڪ تقرير ۾ پرزور
انداز ۾ اعلان ڪيو ته:
”مسلمان، انهن فسادن سان ناس ٿي نه سگهندو.
’پاڪستان‘ ان ڏينهن تي وجود ۾ آيو هو، جڏهن
هندوستان ۾ پهريون غير مسلمان – ’مسلمان‘ ٿيو هو.
هيءُ ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن هت اڃا مسلمانن جي
حڪومت ئي قائم نه هئي.“
قائداعظم جي ان مختصر فقري ۾ جنهن بنيادي اصول جي
وضاحت ڪئي وئي آهي، ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ڪو
’غير مسلم‘ ’اسلام‘ کي قبول ٿو ڪري، تڏهن هوڪفر جي
دائري مان نڪري، امت مسلمہ جي دائري ۾ داخل ٿو
ٿئي. سندس اصول حيات، قوميت، تهذيب ۽ تمدن ۾ فرق
ٿو پيدا ٿئي. ان ڪري جنهن پهرئين غير مسلمان شخص،
هت سڀ کان اول اسلام قبول ڪيو هو، سو هندو قوم جو
نه رهيو، پر نئين دائري ۾ آيو، جنهن جو مطلب اهو
هو ته هندوستان ۾ هڪ نئين قوميت جنم ورتو آهي،
جنهن جي تصور حيات هندن کان جداگانه آهي.
پشاور ۾
27 نومبر 1945ع تي قائداعظم مزيد وضاحت
ڪندي فرمايو:
”اسان ٻنهي قومن ۾، صرف مذهب جو فرق ناهي؛ اسان جو
ڪلچر، هڪ ٻئي کان جدا آهي؛ اسان جو دين، اسان کي
هڪ جداگانه قانون حيات ٿو ڏئي، جو زندگيءَ جي هر
شعبي ۾ اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان ان
نصب العين تي زندگي بسر ڪرڻ گهرون ٿا.“
(27 نومبر 1945ع، ايڊورڊز ڪاليج پشاور)
ان طرح جون 1945ع ۾، فرنٽيئر مسلم اسٽوڊنٽس جي
نالي پنهنجي پيغام ۾ چيائين:
”پاڪستان مان اسان جو مطلب اهو ناهي ته اسان غير
ملڪي حڪومت کان آزادي ٿا گهرون، پر ان مان اها
مراد آهي ته اسان جو ’اسلامي نطريه حيات‘ زنده
رهي، جنهن جي حفاظت ضروري آهي. اسان کي رڳو پنهنجي
آزادي حاصل ڪرڻي ناهي، پر ان طرح مستعد ۽ قابل به
ٿيڻو آهي، جئن اسان ان جي حفاظت به ڪري سگهون ۽
اسلامي تصورات ۽ اصولن تي زندگي به گذاري سگهون.“
قائداعظم جي مٿين تقريرن ۾ پاڪستان جو مقصد واضح
طور ٻڌايو ويو آهي، باوجود ان جي، جواهر لال نهرو
اعلان ڪيو ته:
”هندوستان ۾ فقط ٻه قومون آهن، هڪ انگريز ٻي
ڪانگريس!“
جنهن جي جواب ۾ قائداعظم للڪاريو ته ”بيشڪ! ٽين
قوت به آهي، جا آهي مسلمان!“ جا اڳتي هلي ثابت ٿي.
1946ع ۾، برطانيه مان هڪ وزارتي مشن آئي، جنهن
هندو مسلم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، مختلف سياسي
جماعتن ۽ رهنمائن سان گفتگو ڪئي. جڏهن ته انهن جي
راين ۽ فيصلن ۾، مسلمانن جي مطالبن جي تڪميل جو ڪو
به عنصر نه هو، تنهن ڪري مسلمانن ان کي رد ڪري
ڇڏيو. ان جي رد عمل طور بمبئيءَ ۾ مسلم ڪائونسل
’راست اقدام‘ جو اعلان ڪيو. ’راست اقدام‘ جو اعلان
ٻڌي، ڪانگريس ڪن کڙا ڪيا، ۽ مسلمانن سان لڙڻ لاءِ
تياري ڪئي.
چنانچه 16 - آگسٽ 1946ع تي ڪلڪتي ۾ هولناڪ فساد
ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين مسلمان هلاڪ ٿيا، ان کان
پوءِ بمبئي، ڳڙه مڪتيشر، ڪوئٽا ۽ الهه آباد ۾ فساد
ٿيا. نواکلي ۽ بهار ۾ جي خونريز واقعا ٿيا، ان کان
ڪو به نا آشنا ناهي، هزارين مسلمان ماريا ويا،
ڪروڙن جي جائداد ساڙي وئي، خود هندن جا ڪنڌ به
انهن واقعن کان جهڪي ويا. قائداعظم اعلان ڪيو ته:
”پاڪستان هاڻي مسلمانن لاءِ زندگيءَ جو هڪ لازمي
شرط بنجي چڪو آهي، ان کي دنيا جي ڪا به طاقت ٽاري
نه ٿي سگهي!“
جائزو ۽ احتساب
’جام جم‘ ۾ بلبل مرحوم، سر عبدالرحيم، مرڪزي
اسيمبليءَ جي صدر جي تقرير ڏانهن پڻ اشارو ڪيو
آهي، پر تقرير جا ڪي به اقتباس نه ڏنا آهن. مناسب
آهي ته ان تقرير جو هڪ اقتباس پيش ڪجي. سر
عبدالرحيم فرمايو آهي:
”مان اوهان جو توجہ، شڌي ۽ مهاسڀا ۽ سنگهٽن تحريڪن
ڏانهن ڇڪائڻ گهران ٿو. پهرينءَ جو مقصد آهي
مسلمانن کي هندو بنائڻ، ۽ ٻيءَ جي مدعا آهي
مسلمانن سان لڙڻ لاءِ تيار ڪرڻ. مسلمان، لجپتراءِ
۽ شرڌانند ۽ مهاسڀا جي ان قسم جي تحريڪن کي پاڻ
لاءِ چئلينج تصور ٿا ڪن. هندن جو اهو قدم عيسائي
جهاد کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، جو صديون اڳ فلسطين ۾
برپا ٿيو هو. اهو ڪو مذهبي چئلينج ناهي، پر
مسلمانن لاءِ وڏو خطرو آهي ان جي جواب ۾ مسلمانن
پاران دفاعي تنظيم ٿي آهي. اهو سچ آهي ته تاريخ ۾
هن کان اڳ، ايتري ڪشيدگي پيدا نه ٿي هئي، جهڙي اڄ
آهي. هندو ليڊر صاف صاف چون ٿا ته مسلمان هندوستان
مان نڪري وڃن، جئن اسپين مان خارج ڪيا ويا هئا. يا
شڌ ٿي هندو بنجي رهن ۽ سندن سياسي خيال سان هم
نوائي پيدا ڪن. ان حالت ۾ ايراني قول ’دشمن نه
توان حقير و بيچاره شمرد‘ کي ياد ڪرڻ گهرجي. هندو
اسان کان بهتر حالت ۾ آهن، خود انگريز به سندن زهر
افشانيءَ کان مرعوب ۽ خائف آهن. هي هڪ اهڙو مهلڪ
اوزار آهي، جنهن جنگ عظيم ۾ تباهي آندي. اها روش
يورپين قوميت جي برڪتن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. هي
مسڪين ۽ معصوم صورت حضرات برابر ڪم ۾ مشغول آهن،
انهن جي هڪ جماعت، خود اسلام ۽ اسلامي تعليمات تي
به حملي ڪرڻ ۾ يد طوليٰ رکي ٿي ۽ ٻي جماعت تاريخ
کي مسخ ڪري رهي آهي. اها ثابت ڪرڻ گهري ٿي ته
هندوستان کي ’اسلام‘ مان ڪو به فائدو نه پهتو آهي!
مسلم قوم بيڪار قوم آهي، اها اڇوتن ۽ شودرن کان به
ڪريل آهي، هو اسان جي بزرگن جي تذليل کان به نه ٿا
مڙن، سواءِ چند مسلمانن جي، جي سندن هم خيال ۽ هم
نوا آهن. انهن ڳالهين جو لازمي نتيجو آهي، فساد ۽
خونريزي. اهي حضرات خوش ٿا ٿين جڏهن ڪو غيور
مسلمان، غصي مان، ڪنهن ’شاتم‘ (گارين ڏيندڙ) کي
قتل ٿو ڪري، ان لاءِ ته کين عام مسلمانن کان بدلي
چڪائڻ جو زرين موقعو ٿو ملي، هو مسلمان جي مذهبي
ديوانگي ۽ جوش و خروش کي بدنام ڪرڻ لاءِ، اهڙن ڪمن
کي بهانو ٿو بنائي اهڙن ڪمن سان هندن ڪهڙي سرخرو
ئي حاصل ڪئي آهي؟ انهن پنهنجي جارحانه عمل سان صاف
ظاهر ڪيو آهي ته ’مسلمان‘ ڪڏهن به کين پنهنجي قسمت
حوالي نه ڪندا. چنانچه مسلمانن کي پنهنجي مدافعت ۽
تحفظ لاءِ هر ممڪن تدبير بڻائڻ گهرجي. اسان
مسلمانن کي، انهن مدبرن سان، جي هندو آهن، صاف صاف
ٻڌائڻ گهرجي ته سندن اها دعويٰ ته هندوستان رڳو
هندن جي ملڪيت آهي، سراسر باطل بي بنياد آهي.“
- ”آزاد قوم کي تعمير اور پاکستان“ از ڊاکڻر ناموس
(187 - 188)
|