سيڪشن؛    علميات

ڪتاب: جام جم

باب: --

صفحو : 5

جام جم

غلام محمد گرامي

 

ارادا:

اُن ئي ذهنيت جي پيداوار آهي ساري دنيا تي هندو حڪومت! ديانند سرسوتي چيو:”ڪعبي تي ’اوم‘ جو جهنڊو چاڙهينداسون.“ مسلمان هندوستان مان لڏي عرب ڏانهن هليا وڃن مسلمانن کي شڌي ڪري، هندو ڌرم ۾ آندو وڃي. ان طرح جديد هندو ذهن جو معمار گروگولوا پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:

”اسان وري به چئون ٿا، ته هندوستان ۾، جا هندن جي سر زمين آهي، جتي هندو قوم رهي ٿي، ۽ صرف اها ئي قوم رهي سگهندي.“ (ص 52)

”ان نقطه انداز سان، جنهن جي تائيد قومن جي تجربه مان ٿي آهي، هندوستان ۾ رهندڙ غير هندو تهذيب ۽ هندي زبان اختيار ڪرڻ گهرجي، انهن کي هندو ڌرم جي تقدس کي مڃڻ گهرجي. انهن کي پنهنجي ذهن ۾، هندو نسل ۽ تمدن جي عظمت کان سواءِ، ڪنهن به ٻئي خيال کي نه آڻڻ گهرجي. هڪ جملي ۾، کين بيروني ۽ وديشي اثر کان بلڪل پاڪ هئڻ گهرجي. ورنه هت کين ڪلي طور، هندو قوم جو غلام ٿي رهڻو پوندو، نه ته پوءِ ڪو مطالبو ڪري سگهندا. نه ڪو ڪنهن حق جي تحفظ جا مستحق ٿيندا. ڪنهن به ترجيحي  سلوڪ جو ته سوال ئي نه ٿو اٿي سگهي. شهريت جي حقن جو ته انهن لاءِ ڪو جواز ئي نه ٿو اٿي سگهي.“

(ص 55 – 56)

 

لاله هرديال جو ارشاد:

فرمائي ٿو:

”مان چوان ٿو ته هندو نسل جو مستقبل چئن ٿنڀن تي آهي: (1) هندو سنگهٽن (تنظيم) (2) هندوراج (3) مسلمانن جي شڌي (4) افغانستان جي فتح. جيستائين هندو اهو سڀ ڪجهه حاصل نه ڪندا، تيستائين اسان جو ايندڙ نسل هميشہ خطرن ۾ گهيريل ۾ هوندو.“

(لاله هرديال جي تقرير مطبوء تيج، 20 جون 1924ع)

انهن چند مثالن مان واضح آهي ته آزاديءَ جي تحريڪن هلائيندي، ڪن جلد باز ۽ اشتعال انگيز هندو ليڊرن جو خيال ڇا هو. جنهن جي رد عمل ۾ سر سيد احمد کان وٺي قائداعظم تائين، مسلمانن مسلسل دفاعي جدوجهد ڪئي، ۽ آخرڪار هڪ جداگانه مملڪت حاصل ڪئي.

افسوس اهو آهي ته انهن حقيقتن تي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان غور نه ڪيو ويو آهي. پروپيگنڊا جو هڪ طوفان آهي، جنهن ۾ جيترا آهن منهن اوتريون آهن ڳالهيون:

ورنه اگر ڪو حق پسند محقق ٿي ڪري، تحقيق ۽ ديانتداريءَ کان ڪم وٺي ته پوءِ هوند کيس خبر پئجي وڃي ته هڪ مجبور ۽ معذور قوم اهڙين حالتن ۾ ڇا ڇا ڪري ٿي سگهي.


 

هندو ڌرم ڇا ۽ ڇو؟

 

’هندو ذهنيت‘ ۽ برهمنزم جي تشڪيل ۽ تعمير ۾، خود ’هندو ڌرم‘ جي حيثيت ۽ تجرياتي عناصر جي مطالع کان پوءِ، نڪرندڙ نتيجن جو وڏو دخل آهي. مذهب ۽ ڌرم، ڪن اصولن جي بنياد تي، انساني ذهن کي متاثر ڪري ٿو ۽ ڪن اخلاقي قدرن جو پابند بنائي ٿو، پر جو ’ڌرم‘ اصول ۽ فروغ جي حيثيت سان، توڙي اخلاقي قدرن جي موجودگيءَ سان، وابسته ئي نه هجي، سو هڪ فرد ۾ ذمه دارانه احساس ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪري، سو قطعاً ناممڪن آهي.

’هندو ڌرم‘ ڇا آهي ۽ عالمن ان جي ڪهڙي تشريح ڪئي آهي، ان کي غور سان مطالعہ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هندو ڌرم کي سمجهڻ نهايت مشڪل آهي. ’هندو مت‘ سچ پچ ٻين مذهبن وانگر ڪنهن بااصول ۽ مقرر نظام جو نالو ناهي، نه اهڙو ڪو مقرر مقدس ڪتاب آهي، جنهن تي سڀني هندن جو اتفاق هجي ۽ نه ڪو ’هندومت‘ جو ڪو هڪ باني ۽ پيشوا آهي، جنهن تي سڀني هندن جو مضبوط ايمان هجي؛ جئن ٻين مذهبن جا پيغمبر ۽ باني آهن، جي بلڪل مشهور آهن، ۽ انهن کان پوري دنيا واقف آهي.

 

(1) جان ڪلارڪ آرچر جي تحقيق:

”هندومت جو ڪو به باني ناهي، جنهن ڪو بنيادي ۽ اصولي پيغام ڏنو هجي. نه ڪو هندن وٽ زردشت، عيسيٰ ۽ محمد صلي الله عليه وسلم وانگر رهنما ۽ پيشوا ۽ پيغمبر آهي. هندن وٽ ڪنفيوشس وانگر به ڪو شخص ناهي، جو طول طويل موروثي روايتن کي پوريءَ طرح مرتب ئي سڏي سگهجي. سنئين سڌي حقيقت اها آهي ته هندن وٽ اهڙيون شخصيتون به ڪين آهن، جئن جين ڌرم وارن وٽ مهاوير سامي آهي، يا جيئن ٻڌ ڌرم وارن وٽ ’گوتم ٻڌ‘ آهي. ٻيو ته ٺهيو، رڳو سکن وانگر گرونانڪ جهڙي شخصيت به وٽن ڪا نه آهي. ان جو نتيجو اهو ئي ڪڍي سگهجي ٿو ته هندومت جو باني هڪ انبوه آهي، جنهن انبوه جون سڀ شخصيتون اونداهي ۽ ميٿالاجيءَ ۾ لڪل آهن.“

(The Great Religious of the modern world. P-44)

ممڪن آهي ته هڪ غير هندو عالم ۽ محقق جو هي رايو تعصب جي پيداوار چيو وڃي.

 

(2) پنڊت جواهر لال جا لفظ:

پنڊت جواهر لال نهرو فرمائي ٿو:

”هندومت، ڪنهن هڪ مقرر عقيدي، مقرر مذهب ۽ مقرر اصول جي حيثيت سان مبهم، بي ترتيب ۽ منتشر آهي. ان جي تعريف ۽ تشريح بيان ڪرڻ، يا مذهبن جي عام مفهوم جي اعتبار سان متعين ۽ باضابطي نموني ۾ اهو چوڻ ته اهو مذهب آهي يا نه، ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي، بلڪ ناممڪن آهي. هو موجوده توڙي گذريل دور ۾، تمام گهڻن منتشر ۽ متضاد عقيدن ۽ عملن تي مشتمل آهي. بلند ترين تعليم کان وٺي پست ترين تعليم تائين، هڪ ٻئي جي متضاد ۽ متضادم!“

(تلاش هند ص 37)

(3) مهاتما گانڌيءَ جو ارشاد:

ان طرح مهاتما گانڌيءَ لکيو آهي:

”هي هندومت جي خوش قسمتي آهي، يا بدقسمتي آهي، جو ان جو ڪوبه سرڪاري عقيدو ڪو نه آهي. سادن لفظن ۾ اگر مان ڪا تعريف ڪريان ته فقط ائين ئي چوان ته هڪ شخص خدا تي اعتقاد نه رکندي به پاڻ کي هندو سڏائي سگهي ٿو.“

(هندو ڌرم ص 4)

ان مان ڇا ثابت ٿيو ته سڀني مذهبن وانگر خدا تي ايمان آڻڻ، هندومت ۾، ڪو لازمي ۽ اصولي شرط ناهي!

 

(4) راڌا ڪرشنن:

ان سلسلي ۾، ڊاڪٽر واڌا ڪرشنن، سابق صدر جمهوريه هند، جو هندومت جو بلند پايه محقق تسليم ڪيو ويو آهي، لکي ٿو:

”هندومت جو بنياد، ڪنهن به نسلي سبب اسباب ۽ عامل تي رکيل ناهي. هيءَ فقط فڪر ۽ جذبات جي وراثت آهي، جنهن ۾ هر نسل ۽ هر قوم، پنهنجو پنهنجو خصوصي حصو ادا ڪيو آهي - ۽ بس.“

(ايسٽرن رليجن ائنڊ ويسٽرن.... ٿاٽ ص 307)

مطلب هي آهي ته هندومت جي ترڪيب ۾ بي شمار قومن ۽ تهذيبن ۽ ڌرمن جا عناصر مليل آهن، ورنه هي ڪا مستقل ’مت‘ نه آهي ۽ نه ڪا سندس الهامي حيثيت آهي. ظاهر آهي ته هر سماج ۾ هر نسل ۽ هر قوم جا اعمال ۽ اخلاق سراسر درست نه ٿيندا آهن، تاهم جو ڪجهه به سامهون آيو، اهو ترتيب کان سواءِ هندومت ۾ گم ٿيو.

 

(5) شري آروبندر گهوش جي راءِ:

هندو فاضل شري آروبندو گهوش، پنهنجي ڪتاب، ’هندستاني تهذيب جا بنياد‘ ۾ لکي ٿو:

”پهرين شڪل، جا هر اهل دماغ جو مٿو ڦيرائي ٿي ڇڏي ۽ جنهن متعلق مغربي عالمن جو دماغ بري طرح سان الجهي چڪو آهي، سا اها آهي ته آخر ’هندومت‘ آهي ڇا؟ مغربي ذهن سوال ٿو ڪري، ته هن مذهب جو آخر روح ڇا آهي؟ ان جو ذهن ۽ ان جو متعين فڪر آخر آهي ڪٿي؟ ان جي جسم جو مخصوص ڊول ڪهڙو آهي؟ ڀلا ڪو به مذهب ان طرح ٿيندو آهي، جو ان جو نه ڪوئي محڪم عقيدو هجي، جنهن جي انحرافيءَ لاءِ عذاب جو ڊپ هجي ۽ جنهن تي ايمان آڻڻ لازم ٿي پوي. يا اهڙو ڪو مذهب آهي، جنهن ۾ دينيات جا مقرر ٿيل اصول ئي نه هجن، نه ڪا منجهس ’دينيات‘ هجي، نه ڪو بنيادي عقيدو هجي، جو کيس ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ امتياز بخشي. ڇا ڪو اهڙو ٻيو مذهب آهي، جنهن جو ڪو پوپ ۽ مذهبي پيشوا نه هجي، انتظام ڪندڙ ڪو ڪليسائي نظام ئي نه هجي، نه ڪو ان لاءِ چرچ ۽ مسجد ۽ ديول ۽ ڪليسا جهڙو نظام هجي، نه ڪو ان لاءِ ڪعبه ۽ يروشلم وانگر مشهور عبادت گهر هجي. ڪا جماعتي تنظيم نه هجي، ڪا لازمي مذهبي شڪل نه هجي، جنهن ڪري سندس پوئلڳ ڪن واجبي اصولن تي هلي سگهن.“

هندو مت کي هڪ مذهب ڪئن ٿو چئي سگهجي، جڏهن هو سڀني عقيدن کي تسليم ٿي ڪري! ايتريقدر جو ’الحاد ۽ لا ادويت‘کي به قبول ڪري ٿي. هڪ چيز، جا ’هندومت‘۾ متفقه طور آهي ۽ واضح آهي، سو آهي ’سماجي قانون‘. پر اهو به افسوس جو مختلف ذاتين، مختلف گروهن ۽ مختلف ملڪن ۽ حصن ۾ هڪٻئي کان مختلف آهي. اصل ۾ ذات پات جو نظام ئي هندن تي حڪومت ٿو ڪري.“

(ص 139 – 141)

ان مان صاف واضح ٿيو ته هندو مذهب، ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي مختلف ۽ متضاد خيالن جو مجموعو آهي، جنهن جو نه پيغمبر ۽ پيشوا آهي، نه عبادت گاه آهي ۽ نه اصول حيات.

 

(6) سوامي وويڪانند:

هندومت جو بلند پايه محقق ۽ عالم سوامي وويڪانند پنهنجي مقالي ”Hinduism a universal religion (هندومت هڪ عالمگير مذهب) جي منڍ ۾ فرمائي ٿو:

”هندومت ڇا آهي ۽ ڇا نه آهي، سڀ ڪجهه آهي ۽ ڪجهه به ناهي! ڀانت ڀانت جي ديومالا سان گڏ، بت پرستيءَ جي پست تصووات تائين، ’ٻڌ‘ وارن جي ’لا ادويت‘ ۽ ’جين‘ وارن جو ’الحاد‘. ان مان هر هڪ جدا جدا، توڙي پاڻ ۾ مليل جليل. سڀ هندومت ۾ ڪو نه ڪو مقام رکن ٿا!“ (1)

سوامي وويڪانند جي چوڻ موجب هندومت ۾ هر چيز موجود آهي: ويدانت به ته بت پرستي به، ديومالائي عقل کان ٻاهر قصا ۽ افسانا به، ته روايتون ۽ ڪرشما به ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتائن کي مڃڻ به ته خدا کان انڪار به، لا ادري به ته ملحد ۽ منڪر به.

 

(7) ’هندو‘ ڇا؟

خود لفظ ’هندو‘ پڻ عالمن ۽ محققن وٽ زير بحث رهيو آهي. اهي عالم ’هندومت‘ جي اختلاف ۽ تضاد کي ڏسي، حيران رهجي وڃن ٿا. انهن کان جڏهن پڇا ڪئي ويئي ته ’هندومت‘ جي تعريف ڪهڙي آهي، تڏهن جواب ڏنائون:

”هندومت جي ڪا به تعريف سمجهه ۾ نه ٿي اچي سگهي. ائين کڻي چئجي ته ’هندومت‘ اهو مذهب آهي، جنهن کي ’هندو‘ ٿا مڃين.“

جان ڪلارڪ آرچر ان تي لکي ٿو:

”عجب آهي، اها ته ڪا تعريف نه ٿي، نهايت مبهم تعريف آهي. ڪنهن بهتر تعريف جي نه ڪري سگهڻ ڪري، اسان لاچار، ان لفظ جو استعمال ’هندوءَ جي مذهب‘ جي مفهوم ۾ ئي ڪري ٿا سگهون.“

(The great religious of the modern world)

اتي اچي اهو مشڪل سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڀلا ’هندو‘ جي تعريف ڪهڙي آهي؟ ”برطانوي هند ۾ هندو قانون“ جو مصنف ٿو فرمائي:

”هاڻي رهيو اهو سوال، ته جو سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، ۽ ان سان گڏ دشوار ترين به آهي ته آخر ’هندو‘ ڪير آهي؟ هندوءَ جو نالو پنهنجي مفهوم جي لحاظ سان ڪجهه زياده متعين ناهي!... ’هندو‘ لفظ سنسڪرت جي قديم ڪتابن ۾ به ناهي. هي لفظ اصل جي اعتبار سان ’ٻاهريون‘ آهي. اهو لفظ ’انڊس“ يا سنڌو (سنڌ)، مان نڪتو آهي. اهو لفظ سنڌو درياء جي اوڀر وارن ماڻهن لاءِ، مسلمانن استعمال ڪيو ۽ رفته رفته اهو لفظ هند جي باشندن تي حاوي ٿي ويو. معنيٰ ته هندو هندوستان جو.“(ص 7)

ان جي تائيد ڀائي پرمانند، آل انڊيا مهاسڀا جي صدر، پڻ ڪئي آهي.

ايتري بحث مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته هندو ۽ هندومت جي حقيقت ڪنهن اصول ۽ آدرش، نصب العين ۽ مذهبي نظام وانگر ناهي، پر هي هڪ ’سماج‘ آهي. ان ڪري هندوءَ جي ذهني نشوو نما ۾ ڪا به معنوي حقيقت سمايل ناهي. هو ڪنهن ٻئي سماج، ٻئي مذهب، ٻئي نصب العين ۾ نه ڪو پاڻ شريڪ ٿئي ٿو ۽ نه ڪو ان کي پاڻ سان گڏ رهڻ ڏئي ٿو.


 

(1)  هي مقالو شڪاگو ۾ منعقد ٿيل مذهبن جي پارليامينٽ ۾ 1893ع ۾ پڙهيو ويو آهي.

(وڏيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org