ديباچو
هيءُ ڪتاب ف.و. فرار صاحب پادريءَ جي ٽن مشهور ڪتابن مان هڪڙو آهي، جي ٽيئي شاگردن جي تعليم ۽ هلت چلت جي سڌاري لاءِ، توڙي انهن جي مائٽن جي فائدي لاءِ تمام ڪمائتا آهن. پهريون
ڪتاب، ”ٽي گهر“ مون اڳي ئي ترجمو ڪيو آهي؛ اهو اڳي ئي تعليم کاتي ۾ ڪم اچي ٿو ۽ عام ماڻهن کي پسند آهي. اُهو خاص انهيءَ تعليم لاءِ لکيو
ويو آهي ته ٻارن کي ۽ انهن جي مائٽن کي گهرن ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. هيءُ ٻيو ڪتاب، ”ايرڪ“ انهيءَ تعليم لاءِ آهي ته شاگردن کي اسڪول ۾ ڪيئن
هلت ڪرڻ گهرجي. ٽيون ڪتاب جنهن جو نالو ”جولئَن هوم“ آهي سو انهيءَ تعليم لاءِ آهي ته ڪاليج ۾ ڪيئن هلت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ جو به ترجمو اميد
آهي ته جلد ظاهر ٿيندو.
فيبروري، 1919ع قليچ
بيگ
باب پهريون
ٻاراڻي وهي
هڪڙو ننڍو ڇوڪر، نچندو ٽپندو ۽ تاڙيون وڄائيندو، وڏي سڏ ”هُري!
هُري!“ ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو: ”اجهو، هاڻي هفتي کن جي اندر بابو ۽ اَما ٻئي گهر ايندا، پوءِ اسين ٿورو وقت هتي رهنداسين ۽ تنهن کان پوءِ آءٌ
اسڪول ڏي ويندس.“
اُنهيءَ ساڳيءَ جاءِ ۾ اُنهيءَ ڇوڪر جي ماسات مس فئني به هڪڙي
ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ ماٺ ڪري ويٺي سُئيءَ جو ڪم ڪيائين، اُنهيءَ ڇوڪر جي خوشيءَ جي رڙين ۽ ٻولين ڏي ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنائين. نيٺ هو نچندو
ٽپندو، سندس ڪرسيءَ وٽ اچي، وري به چوڻ لڳو: ”پوءِ، مس فئني، آءٌ اسڪول ڏي ويندس!“
تڏهن فئنيءَ ڪنڌ مٿي کڻي آرام سان چيس: ”بابا، آءٌ ڀانيان ٿي ته
ورهين کن کان پوءِ تون اسڪول بابت اهڙي خوشيءَ مان نه ڳالهائيندين، جهڙيءَ مان هينئر ٿو ڳالهائين.“
هن چيو: ”ڀلا، فئني، تون ڇو نه اِئين چوندينءَ؛ تون هميشه اڳ
ڪَٿيون ڳالهيون ڪندي آهين. پر، فڪر ناهي، آءٌ ته اسڪول ڏي ويندس. واه واه! هُري، هُري، هُري!“ اِئين چئي، هو وري به نچڻ، ٽپڻ، ۽ ڪرسين ۽
ميزن تان ٽپا ڏيڻ ۽ ڳائڻ لڳو. انهيءَ خوشيءَ جي جوش ۾ هن جي نظر دريءَ منجهان ٻاهر سندس ننڍڙي ڪتي ”فلو“ تي پيئي، سو هڪدم ٽپو ڏيئي وڃي
باغيچي ۾ پيو ۽ سگهو ئي وڻن جي گهاٽ ۾ گم ٿي ويو. پر فئنيءَ اتي ويٺي هن جي کل ۽ خوشيءَ جو آواز ٻڌو.
هن جي وڃڻ کان پوءِ فئنيءَ مٿي نهاري ٿڌو ساهه کنيو. جيتوڻيڪ مزي
جهڙو ڏينهن هو، چڱي اُس هئي ۽ باغ مان خوشبوءِ پئي آئي، ته به فئنيءَ جي دل ملول ٿيڻ لڳي. جهڙي سندس ننڍڙي سئوٽ کي خوشي هئي، تهڙي چوڌاري
سڀڪنهن شي مان خوشي پئي معلوم ٿي؛ انهيءَ هوندي به هوءَ غمگين پئي ٿي. دل ۾ چوڻ لڳي: ”ايرڪ مزي جهڙو، هوشيار ڇوڪر آهي ۽ مون کي ڏاڍو وڻي
ٿو؛ اُنهيءَ کان جدا ٿيڻ جو خيال به خراب ٿو لڳي. پر اسڪولن بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌيون اٿم، جي اُهي سچيون آهن ته هن جو الائي ڪهڙو حال
ٿيندو؟ جي هي کهري ٻوهر ٿي پيو ۽ دنيا پاڻيان ويو، ته پوءِ ڪهڙي نه مصيبت چئبي! هينئر هن جي ننڍڙي دل پاڪ آهي، ۽ هن جا چپ معصوم ٻار وانگر
بيگناهه آهن، ورهيه کان پوءِ جهڙا هن جا خيال بدلجي ويندا، تهڙا هن جا قول ۽ افعال.“ وري به ٿڌو ساهه کڻي، خدا کان دل ۾ دعا گهري، هوءَ
پنهنجي ڪم کي لڳي.
هن جي اُنهيءَ ڇوڪر سان ڏاڍي دل هئي. ننڍي هوندي کان هن کي پاليو،
سنڀاليو ۽ سيکاريو هئائين. سڀڪنهن ڳالهه ۾ هن کي هشيار ۽ چالاڪ ڏٺو هئائين. تنهن کان سوا هو سچو، تيز فهم ۽ عقل وارو هو. جنهن ڪم تي شوق
رکندو هو، سو جلد سکي ويندو هو. حيا ۽ شرم وارو به هو. ڇينڀ جي هڪڙي لفظ کان هن جو منهن، ڪاوڙ کان يا عزت آبروءَ جي خيال کان ڳاڙهو ٿي
ويندو هو. هن کي تمام نرم ۽ مهربانيءَ جي تعليم گهربل هئي، ۽ اُها هن کي ملندي هئي. هن جي طبيعت اهڙي پاڪ ۽ صاف نموني جي ٿي ويئي هئي جو
جيڪي عيب اڪثر ٻارن ۾ ٿيندا آهن، سي هن ۾ ڪين هئا. انهيءَ هوندي به، هو بلڪل بي عيب نه هو. فخر ۽ وڏائي گهڻي هوندي هيس؛ ڄاتائين ٿي ته جهڙو
هشيار ۽ خوبصورت آءٌ آهيان، اهڙا ٻيا ڇوڪر ڪي ٿورا هوندا. طبيعت جو به تکو هوندو هو، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۽ حڪم هلائڻ جو خيال گهڻو هوندو هوس. اگرچ
سنديس سئوٽ جهڻڪيندي ۽ فهمائش ڪندي هيس، تڏهن به ٿورن ڏينهن کان هن کي معلوم ٿي سگهيو ٿي ته هن کي اُنهيءَ کان روڪڻ البت مشڪل آهي. صاف
ڏٺائين ٿي ته هاڻي هو سندس حڪم کان ٻاهر ٿو وڃي، ۽ نيٺ پلجڻ جو نه ٿيندو. ڪنهن ٺهرايل عمر کان پوءِ، ڪو به چالاڪ ۽ تيز طبع ڇوڪر رڳو زال
ماڻهوءَ کان پوريءَ طرح سنڀالجي نه سگهندو.
ايرڪ وليمس هينئر ٻارهن ورهين جي عمر جو هو. هن جو پيءُ هندستان ۾
ملڪي کاتي جو هڪڙو سرڪاري نوڪر هو، ۽ گهڻن ورهين کان پوءِ وڏيءَ موڪل تي موٽي اچڻ وارو هو. ايرڪ پاڻ به هندستان ۾ ڄائو هو، ننڍيءَ عمر ۾
ماڻس جي ڪنهن ساهيڙيءَ سان گڏجي انگلينڊ ۾ آيو هو. هن جي جدائيءَ ڪري سندس ماءُ-پيءُ کي گهڻو ئي ڏک ٿيو؛ پر هو پاڻ تمام ننڍو هو، تنهنڪري
هن کي گهڻو سماءُ ڪو نه پيو ۽ نه ڏک ٿيس. سڀئي هن کي جهاز تي وٺي ويا ۽ اُتي هڪڙو مترڪو ۽ ڪي ڪليون ڏنائونس، جن سان هو وڃي راند ڪرڻ لڳو.
اُنهيءَ راند سان هن جي دل هوندي هئي. هو انهيءَ راند ۾ مشغول هو ته سندس پيءُ-ماءُ، دل ڏاڍي ڪري، موڪلاڻيءَ جي ڀاڪر وجهڻ ۽ چميءَ ڏيڻ کان
به سواءِ، چوريءَ جهاز مان نڪري، بتيلي تي چڙهي، ڪناري تي وڃي نڪتا. جڏهن جهاز هلڻ لڳو، تڏهن ٻڌايائونس ته هاڻي وري ماءُ-پيءُ کي ڪن ورهين
کان پوءِ ڏسندين. ويچاري گهڻو ئي رُنو ۽ رڙيون ڪيون، پر چئن ورهين جي ٻار جو ڏک گهڻو جٽاءُ نه ڪندو آهي. هفتي جي اندر سڀڪنهن سان ٺهي ويو،
۽ ڪپتان کان وٺي ڪوٺين جي صفائي ڪندڙ ڇوڪرن تائين، سڀ هن کي پيار ڪرڻ لڳا. اُنهن ئي ڇوڪرن سان هو راند ڪرڻ لڳو. انهيءَ هوندي به، هفتي ۾ ٻه
ڀيرا هو پنهنجي خوشي روڪيندو و، جڏهن سندس ماءُ جي ساهيڙيءَ، مسز منرو، جي گوڏن تي جهڪي، خدا کان دعا گهرندو هو ۽ چوندو هو: ”اي ڌڻي
منهنجا، منهنجن پيارن پيءُ-ماءُ کي خوش رکج، ۽ مون کي چڱو ڇوڪر ڪج!“ جڏهن ايرڪ انگلينڊ ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي ماسيءَ جي حوالي ۾ رهڻ لڳو. اها
رن زال هئي، ۽ سندس ئي ڌيءَ، فئني، پهرين ايرڪ کي سنڀاليندي ۽ تعليم ڏيندي هئي. پهرين هيءُ ڇوڪر البت حرڪتي هوندو هو ۽ تڪليف ڏيندو هو، پر
پوءِ ڏاڍو چڱو ٿيو ۽ گهر جو سڀڪو ڀاتي منجهانئس خوش ۽ راضي هو. سندس ماسي، مسز ٽريور، کيس ماءُ وانگي پيار ڪندي هئي، ۽ جڏهن ڪا حرڪت ڪندو
هو، تڏهن نرميءَ سان روڪندي ۽ فهمائش به ڪندي هيس. پيءُ-ماءُ کان خط به پيا ايندا هئس، جن ۾ هن کي سنڀالي هلڻ
جون نصيحتون اينديون هيون، انهيءَ ڪري هو ڪچيءَ کان قائم مزاج ۽ مضبوط دل
وارو ٿيڻ لڳو. وري ٻي خبر آئي هيس ته سندس وڃڻ کان پوءِ هندستان ۾ کيس ننڍڙو ڀاءُ ڄائو آهي، تنهن جي خوشيءَ ۽ خيال ۾ هو محو رهندو هو. سندس
سمهڻ واريءَ جاءِ ۾، ماڻس جي نڪتل، هڪڙي ننڍڙي ملائڪ جي تصوير ٽنگيل هئي، تنهن کي ڏسي هو ڀانئيندو هو ته سندس ننڍڙو ڀاءُ ”ورنان“ به اهڙو
هوندو، تنهنڪري انهيءَ کي ڏاڍو پيار ڪندو هو. جڏهن ڪو غلط ڪم ڪندو هو، تڏهن اِها ڳالهه سندس دل تي بار ڪندي هئي، جو چوندو هو ته جي آءٌ
خراب ڇوڪر ٿيس، ته جڏهن منهنجو ننڍڙو ڀاءُ ورنان هتي ايندو، تڏهن آءٌ هن کي به کاري ڇڏيندس.
آسپاس جي قدرتي نمائن به هن کي تمام عمدي، ڏاهپ ۽ مروت ۽ پاڪائيءَ
جهڙي تعليم ڏني. سندس ماسيءَ جو گهر ”فيئر هوم ڪاٽيج“، هڪڙي سهڻيءَ ماٿري ۾ بيٺل هو ۽ ان جي باغيچي جي ڀرسان هڪڙي صاف پاڻيءَ جي نهر ٿي
وهي. انهيءَ نهر هي ساوڪ وارن ڪنارن ۽گلن ٻوٽن وارين ٽَڪرين تي گهمڻ هن کي گهڻو وڻندو هو. اڪثر ڇڏيندا هئس ته اڪيلو گهمي، جنهن مان هن کي
چڱو فائدو پهتو، جو هو بيڊپو ۽ همت وارو ۽ پاڻ تي ڀاڙيندڙ ٿيو. هميشه هڪڙي نه ٻي وندر يا مشغولي رهندي هيس. باغ ته هن جي لاءِ هڪڙي تماشي
جي جاءِ هو. اتي هو ٽپندو هو ۽ رانديون ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن راندين ۾ سندس ماسات ۽ سندس ڪتو به شامل ٿيندا هئا، ۽ ڪڏهن ته ڳوٺ جا ڪي
ڇوڪرا به ايندا هئا، جي سندس همعمر هئا. سگهو ئي انهن مزن ۾ هن هندستان وساري ڇڏيو- رڳو ڌنڌ جهڙي اڻچٽي يادگيري پوندي هي. جڏهن پڇندا هئس
ته هندستان ڪي ياد پويئي ٿو؟ تڏهن خيال ڪري چوندو هو ته ”خواب ۾ يا ڪن ٻين وقتن تي، آءٌ هڪڙو ننڍڙو ٻار، وڏن گهنڊيدار وارن سان، باغ ۾ گلن
جي ٻارين منجهه، نديءَ جي پاسي کان، گهڻيءَ روشنائيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندو ڏسندو آهيان.“ پر اهو چئي نه سگهندو هو ته اهو ٻارڙو پاڻ هو يا
سندس ڀاءُ ورنان هو، جنهن کي اڪثر هو ڏسندو هو.
پر سڀ کان چڱي هيءَ ڳالهه هئي ته ايرڪ کي مذهبي ۽ سڌريل تعليم
ملندي هئي. مسز ٽريور ۽ سندس ڌيءَ جي نظر ۾ مذهب رڳو ظاهري تعليم نه هو، پر عادت هو، روزمره جي تعليم جي شي هو، حياتيءَ جي ڪم ڪار جو ضروري
فرض هو. هنن جي بندگيءَ ۽ خيرات جي ڪمن ۾ ڪو به ڏيک ڪو نه هو؛ اُهي سڀ سادا سودا ۽ دل کي وڻندڙ هئا. هنن جي ڌڻيءَ سان محبت هئي، ۽ آسپاس
وارن انسانن سان جيڪا چڱائي پڄي سگهندي هين سا ڪنديون هيون. انهيءَ ننڍڙي ڳوٺ جون اجايون واهياتي ڳالهيون ۽ خراب عادتون هنن تي ڪو به اثر
نه ڪنديون هيون. هنن جون دليون اهڙيون سڌريل هيون، جو جنهن جي ساڻن صحبت ٿيندي هئي، سو ساڻن ٻڌو پيو هوندو هو. پادريءَ کان وٺي کير-ڏڌ وڪڻڻ
واري تائين، سڀڪو هنن کي پيار ڪندو هو ۽ عزت ڏيندو هو؛ هنن کان صلاح مصلحت پڇندو هو، ۽ هنن جي همدردي ۽ مدد ڳوليندو هو.
هو ڪنهن به فرقي يا طرف سان واسطو نه رکنديون هيون، نڪي تعليم جي
ڪنهن خاص قسم يا اصول کي پسند ڪنديون هيون. نرم تعليم ۽ پرورش سان گڏ، ٻارن کي پنهنجي منهن هلڻ چلڻ جي رخصت به ڏينديون هيون.ا يرڪ جي چال ۾
ٻيو ڪو ڌاريون زور سان سيکاريل سڌارو ڪو نه هو. هو ڪو ملائڪ جهڙو چڱو ڇوڪرو نه هو، ۽ نه هو عمر کان وڌيڪ عقل جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، مگر
سچو، ايماندار، نرمدل ۽ همٿ وارو هو. اُهي سبق هن کي سيکاريا ويا هئا، جي هن کي وسرڻ جا نه هئا، نه وري وڏي هوندي جي حياتيءَ جي ڏکن ۾ هن
ڪڏهن وساريو ته ماڻهوءَ جي مٿان پيءُ جهڙو مهربان، محبت ڪندڙ ۽ معافي ڏيندڙ خاوند موجوده رهي ٿو. |