سيڪشن؛    علميات

ڪتاب: ايرڪ

باب: --

صفحو :2

ايرڪ

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ

هيستائين اڃا هن کي برابر خبر نه هئي ته اسڪول ڇا آهي. سچ آهي ته گذريل پنج-ڇهه مهينا هو مسٽر لاليءَ جي گرامر اسڪول ۾ رکيو ويو هو ۽ لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جا ٿورا گردان سکيو هو، مگر اتي مٿين ڪلاسن جا شاگرد، هيٺين ڪلاسن يا ننڍڙن ٻارن جا سبق ٻڌندا هئا، تنهنڪري ايرڪ کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي هليو. انهيءَ وچ ۾ هن فقط هڪڙو ڀيرو انهيءَ هيبتناڪ ماستر کي سبق ٻڌايو هو، ۽ سبق برابر نه پڙهڻ ڪري هن ڪن مروٽيو هوس ۽ اهڙا دڙڪا ڏنائينس جو هو پَنَ وانگي پئي ڏڪيو. ڪيترين ئي ڳالهين ڪري مسٽر لالي هن جي نظر ۾ هيبتناڪ هو. اڪثر هو ڇوڪرن کي نيٽ جي لڪڻن سان مار ڏيندو هو، ۽ هو قهر جون رڙيون ڪندا هئا. اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ به جڏهن ايرڪ اُتان لنگهندو هو، تڏهن اُهي رڙيون ياد پونديون هيس. تنهن کان سواءِ اهو ٻڍو آخوند، جو ڪاوڙ جو ڏاڍو تکو هوندو هو، تنهن جو آواز اهڙو ڳرو ۽ منجهيل هوندو هو جو ايرڪ هڪڙو اکر به سمجهي نه سگهندو هو؛ انهيءَ ڪري هميشه هو خوف ۾ رهندو هو. هڪڙي ڀيري مسٽر لاليءَ چيس ته ”ٻاهر نڪري، ديول جي وڏي گهڙيال تان ڏسي اچ ته ڪيترا لڳا آهن.“ هن رڳو ايترو ٻڌو ته ڪي ڪرڻو آهي، پر سمجهي نه سگهيو، ۽ ڊپ کان وري پڇي به نه سگهيو، جو پڪ هيس ته جي پڇندس، ته به وري سمجهي نه سگهندس. تنهنڪري ايرڪ هئن ڪيو جو ٻاهر نڪري، سڌو مسٽر لاليءَ جي گهر ڀڳو، ۽ مٿا مونا هڻي، در کڙڪائي، هن جي نوڪرياڻيءَ کي چيائين ته ”مسٽر لالي ٿو پنهنجي نوڪر کي سڏي.“ نوڪرياڻيءَ پڇيس ته ”ڪهڙو نوڪر؟ ڇوڪرو يا خانسامان يا منشي؟“ هاڻ ايرڪ ڪهڙو جواب ڏئي؟ ايترو ڄاڻائين ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن مسٽر لالي انهن مان ڇوڪري کي گهرائيندو آهي. تنهنڪري، ڌڪي تي کڻي چيائين ته ”ڇوڪري کي.“ پوءِ ڀڄي اسڪول ڏي موٽي آيو. اڃا ڊڄندي اندر گهڙيو ته مسٽر لاليءَ ڪاوڙ مان پڇيس ته ”هيتري دير ڇو ڪيئه؟“ ڊپ کان هن اهو سوال به نه سمجهيو، تنهنڪري ڌڪي تي جواب ڏنائين ته ”سائين، اچي ٿو.“ ماستر هڪدم سهي ڪيو ته ڇوڪر ڪا چوڪ ڪئي آهي، تنهنڪري ماٺ ڪري ترسي ويهي رهيو. سگهو ئي سندس جوان نوڪر لنگهي آيو، ۽ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيهي رهيو. جڏهن هن کي حيرت ۾ ڏٺائين، تڏهن چيائين ته ”سائين، ڇوڪر اچي چيو ته اوهين مون کي سڏيو ٿا.“

        ماستر ڪاوڙ ۾ چيو ته ”چوڪ ڪئي اٿس“، ۽ ساڳئي وقت ۾ ايرڪ ڏي اهڙي نظر ڪيائين جو هن جو ساهه ئي سڪي ويو. پڪ هيس ته يا ڪتاب مٿي تي لڳندو يا لڪڻ جو ڦهڪو ٿيندو. پر مسٽر لالي جيتوڻيڪ ترشرو ۽ شوخ طبع هو، ته به نرمدل هو. شايد ايرڪ جو ڦِڪو منهن ڏسي رحم اچي ويس، تنهنڪري وڌيڪ ڪي ڪين چيائين، رڳو گهُنڊ وجهي ڏانهس ڏنهارڻ انهيءَ مهل ڪافي سمجهيائين.

        حقيقت هيءَ هئي ته ويچاري مسٽر لاليءَ جي مغز ۾ ٿورو خلل هو. هڪڙو ته شريف ماڻهو ۽ علم وارو هو، ٻيو ته ننڍي هوندي کان زماني جون گردشون ۽ مصيبتون ڏٺيون هئائين ۽ خبرداريءَ کان سواءِ شادي ڪري ويٺو هو، جنهن ڪري لاچار ٿي اچي هڪڙي ننڍي ٻهراڙيءَ جي اسڪول جو ماستر ٿيو هو. اُتي ڳوٺاڻن جي خراب ۽ بدطبيعت ڇوڪرن هن کي ڏاڍي تڪليف ڏني، ۽ درجي بدر جي هن جي مغز ۾ خلل پئجي ويو. اڪثر هو ڇوڪرن کي چوندو هو ته ”اوهان کي پڙهائڻ، رستي تي ويهي پهڻ ڀڃڻ سولو ڪم آهي!“ نيٺ هن جا خشڪ- دماغيءَ خفقان جهڙا ڪم ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ آيا. جيئن اڳي اهڙن اسڪولن جو دستور هوندو هو، تيئن اِنهيءَ اسڪول ۾ به ڇوڪر هيئن ڪندا هئا جو اسڪول واريءَ جاءِ جو در ٻيڪڙي، انهن جي طاقن تي هڪڙو وڏو ڪتاب رکي ڇڏيندا هئا. جيڪو ڇوڪر پهرين در پٽي اندر لنگهندو هو، انهيءَ جي مٿي تي ڪتاب اچي ڦهڪو ڪندو هو، ۽ هو رڙيون ڪري چوندا هئا ته ”ڇَٽُ ڏيوس!“ ۽ پوءِ سڀئي تاڙيون وڄائيندا هئا. هڪڙي ڏينهن انهيءَ اسڪول جي ڇوڪرن به ائين ڪيو. اڃا ڪتاب رکي اچي ويٺا ته مسٽر لالي اوچتو لنگهي ايو، هڪڙو وڏو ڊڪشنريءَ يا لغت جو ڪتاب، جو مٿي اٽڪائي ڇڏيو هئائون، سو اچي هن جي ٽوپيءَ تي پيو، ۽ جيڪو ڇوڪر در جي پٺيان لڪو ٻيو هو، تنهن کي خبر نه هئي ته اهو ڪو ماستر صاحب آهي، سو هڪدم دستور موجب رڙ ڪري چوڻ لڳو ته ”ڇٽ ڏيوس، تاڙيون وڄايو!“

        مسٽر لالي، جنهن جي ٽوپي، چٻي ٿي، سندس اکيون ئي ڍڪي ڇڏيون هيون، تنهن اُها مٿي ڪئي ۽ لحظو کن ته منجهي ويو ۽ ڏاڍو شرمندو ٿيو، تنهن کان پوءِ، جنهن ڇوڪر اها حرڪت ڪئي هئي، تنهن تي ڪاهه ڪيائين. پر انهيءَ کي ته سور سجهندا هئا ته ڇا ٿيندو، سو اُٿي ڀڳو. نيٺ مسٽر لاليءَ وڃي پڪڙيس ۽ ڪنن ۽ پٺن تي مڪون وسايائينس. هو خوف کان ۽ مار کان رڙيون ڪرڻ لڳو. نيٺ، وٽجي سٽجي، پاڻ ڇڏائي اُتي ڀڳو. مسٽر لالي، جو هاڻ ڏاڍو ٿڪجي پيو هو، سو هن جي پٺيان نه پيو، پر تمام گهڻي چڙ وچان، کيسي مان پنهنجي سوني واچ ڪڍي انهيءَ ڇوڪري کي اُڇلائي هنيائين. اُها هن کي لڳي ڪا نه، پر گُسي وڃي ڀِت کي لڳي، ۽ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيئي.

        اها واچ ڏاڍي قيمتي هئي، ۽ مسٽر لاليءَ جي ڪنهن چڱي دوست کيس سوکڙي ڪري ڏني هئي. انهيءَ جي ڀڄڻ ڪري، پنهنجي اجائي ڪاوڙ ۽ تڪڙ ڪري، هو ڏاڍو پشيمان ٿيو. هڪدم هوش ۾ آيو. سڀني ڇوڪرن اهو رنگ ڏٺو. سڀ ڊپ کان ماٺ ڪريو، ساهه گهٽيو ويٺا هئا. ويچارو مسٽر لالي، ماٺ ڪري اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ هٿ منهن کي ڏيئي روئڻ لڳو. انهيءَ ڏک جي گهڙيءَ ۾ هن جي ساري حياتي سندس دل مان لنگهي- اوائل جون اميدون، پوءِ جون نااميديون، ڏک ۽ مصيبتون، ۽ پڇاڙيءَ ۾ ديوانگي. هن دل ۾ چيو ته ”هائو، آءٌ برابر ديوانو ٿيو آهيان.“ آخر منهن مٿي ڪري، وڏي سڏ چوڻ لڳو ته ”ڇوڪرئو، وڃو هليا، آءٌ چريو آهيان!“ وري به مٿو هيٺ ڪري، هٿن تي رکي، لڏڻ لڳو. ڇوڪرا ته سڀ هڪ هڪ ٿي نڪري ويا، ۽ هو اڪيلو وڃي رهيو. مطلب ڳالهه جو ته نيٺ هن کي اُهو ڳوٺ ڇڏڻو ٿيو، ۽ گذران جي تنگي ٿيڻ لڳس. انهيءَ ڳڻتيءَ هيڪاري ديوانو ڪري ڇڏيس، ۽ وڃي چرين جي اسپتال ۾ داخل ٿيو، ۽ ٿورن ورهين کان پوءِ اتي ئي مري ويو.

        ايرڪ جي پهرئين اسڪول ۽ ماستر جو اجهو اهو حال هو. جيتوڻيڪ اُتي هو گهڻو پڙهيو ڪين ۽ نه پنهنجيءَ چال يا ٻين جي چال جو ڪو آزمودو حاصل ٿيس، مگر ايترو ٿيو جو انهيءَ اسڪول ۾ گهڻن قسمن ۽ درجن جا ٻار گڏ ويهي پڙهندا هئا ۽ هڪٻئي سان گائل مائل ٿيندا هئا. سکرن جا پُٽ، ساڳئي بئنچ تي غريبن جي پٽن سان گڏ  ويهندا هئا ۽ انهيءَ ۾ ڪو عيب ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. ٻنهي درجن جا ڇوڪر، جي ننڍي هوندي گڏ پڙهندا هئا، سي وڏي هوندي به هڪٻئي ڏانهن چڱو خيال رکندا هئا، ۽ سکر غريبن تي انهيءَ ڪري مهربان رهندا هئا. گهڻن ورهين کان پوءِ ايرڪ کي جڏهن ڪو جوان ڪڙو ڪاسبي گڏبو هو، ۽ ياد پوندو هوس ته اُهو سندس ننڍي هوندي واري اسڪول جو سنگتي آهي، ته انُهيءَ سان ڏاڍيءَ خوشيءَ سان گڏبو هو. انهيءَ ڪري اُنهيءَ اسڪول مان هن کي اِهو فائدو ٿيو ته جن اتفاقي ۽ غير ضروري سببن ڪري ماڻهوءَ ماڻهوءَ ۾ درجي ۽ ذات جو فرق ٿو ٿئي، تن کي هو نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو.

باب ٻيو

نئون گهر

 

نيٺ اهو ڏينهن اچي ويجهو پيو، جنهن جو انتظار هو: مسٽر ٽريور جي گهر خط آيو، جنهن مان معلوم ٿيو ته مسٽر ۽ مسز وليمس پنجين تاريخ جولائي جي ”سودئمپٽن“ ۾ ايندا، ۽ ٻئي ڏينهن شام جو شايد ”ايئرٽن“ ۾ اچي پهچندا. هنن خاص طرح لکيو هو ته بندر تي لهڻ مهل هنن کي ڪو به نه اچي گڏجي، جو هو ٿڪجي ٽٽجي لتڙيل حال ۾ ايندا، ۽ شام جو ستين بجي هو پاڻيهي ”فيئر هوم“ ۾ ايندا.

ويچارو ايرڪ، جو انهيءَ خبر ٻڌڻ کان پوءِ انهيءَ وقت لاءِ ڏاڍو منتظر ٿي رهيو، تنهن جو شوق هينئر حد کان زياده ٿيڻ لڳو. اهڙو بي آرام اچي ٿيو، جو ڪنهن به ڪم سان دل نه ٿي لڳيس ۽ گهڙي گهڙي ورهيه ٿي نظر آيس.

نيٺ پوياڙي ٿي، ۽ ڦيٿن جو گڙڪو ٿيو ۽ گاڏي اچي بيٺي. لحظي ۾ ايرڪ ڊوڙي، ”اما! اما!“ ڪري، وڃي ماءُ جي ڀاڪر ۾ پيو، ۽ ماڻس به ڏاڍي پيار مان چنبڙي وئيس. ٿوري تائين ته جيئن هنن ٻنهي هڪٻئي جي منهن ۾ پئي نهاريو، تيئن سندس اکين ۾ ڳوڙها وهي آيا. انهيءَ دم وري ايرڪ وڃي پنهنجي پيءَ جي ڇاتيءَ سان لڳو، ۽ ننڍڙي ڀاءُ ”ورنان“ به ڊوڙي اچي ٻَک وڌس. انهيءَ وقت جي خوشيءَ جو ڪير بيان ڪري سگهندو: اها ڪا ٿوري وقت جي خوشي نظر نٿي آئي، پر مدامي ٿي ڏٺي.

پهرين رات ته خوشيءَ جي ڪري هو سوير ئي وڃي سمهي رهيا. ايرڪ به پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي ڀاڪر وجهي، ساڻس سمهي رهيو. فجر ٿيڻ تي، پيءُ-ماءُ چپ چپ ڪري پنهنجن ٻارن جي هنڌن جي پاسي کان اچي بيهي رهيا. انهن کي ڏسيو نهال پئي ٿيا. اڃا چانڊوڪي انهيءَ جاءِ ۾ پئي پيئي، جنهن جي سوجهري تي هنن ستلن ٻارن جون خوبصورت شڪليون گلابي ڳلن ۽ گهنڊيدار وارن سان، گڏ ستل ڏسڻ ۾ پئي آيون، ۽ سندن مائٽ انهن کي ڏسي حد کان وڌيڪ خوش ٿي ٿيا ۽ سندن حق ۾ دعائون ٿي گهريائون.

اهو مهينو خير خوشيءَ سان گذري ويو. ايرڪ جي لاءِ اعليٰ قسم جي پيار جو عالم کُلي پيو. هن جي لاءِ پيءُ ۽ ماءُ- خاص طرح ماءُ دنيا ۾ سڀڪجهه هئي. تنهن سان گڏ وري ”ورنان“ سندس ٻاراڻيءَ دل جي رهيل جاءِ ڀريو بيٺو هو ۽ انهيءَ سان راند ڪرڻ ۽ ڊوڙڻ ڊڪڻ، ۽ نديءَ توڙي ٽَڪر جي پاسي گهمڻ کان ٿڪو ئي نٿي. ڏهاڙي رات جو سمهڻ مهل، پنهنجي ننڍي هوندي جي عادت موافق، پنهنجيءَ ماءُ جي گوڏي تي دعا گهرندو هو.

هڪڙي ڏينهن، آرڙهه جي موسم ۾، جڏهن دعا گهري وڃي سمهڻ تي هو ۽ ڏاڍو خوش هو، تڏهن چوڻ لڳو ته ”اما!، جڏهن تون هتي آهين، تڏهن آءٌ ڏاڍو خوش آهيان ۽ دعا گهرڻ مون کي پيئي وڻي.“

ماڻس چيو ته  ”هائو، ابا ڌڻيءَ کي به دعا ٻڌڻ وڻندو آهي.“ هن وري پڇيو ته ”اما، ڪي اهڙا به آهن، جي دعا نٿا گهرن؟“ هن چيس ته ”گهڻا ئي هوندا.“ هن چيو ته ”اهي ڪهڙا نه نڀاڳا ۽ ناخوش هوندا! آءٌ هميشه خوشيءَ سان دعا گهرندس.“ ماڻس چيو ته ”ايرڪ، شل ڌڻي ائين ڪري!“ ۽ ماڻس کي اها اميد هئي ته هو هميشه ائين ڪندو رهندو. پر اهي لفظ ايرڪ جي حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هن کي وري وري ياد ايندا هئا، جن نڀاڳن ڏينهن ۾ ماءُ جو هٿ مٿانئس نه هو، ۽ سندس سهڻيون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل رهنديون هيون، ۽ هن جي دل، بلڪه حياتي، بدلجي ٻي ٿي پيئي هئي، ۽ اڪثر مئل دل سان، دعا گهرڻ کان سواءِ، وڃي پنهنجي هنڌ تي ڪرندو هو ۽ سمهندو هو.

ايرڪ بابت سندس مائٽن هاڻ اهو ٺهراءُ ڪيو ته ٻئي هفتي ۾ هو ”راسلن“ جي ٻيٽ واري اسڪول ۾ وڃي پڙهي. پڻس، ”ايلان“ جي شهر ۾ هڪڙو گهر ڀاڙي ڪيو هو، ۽ ارادو هوس ته  پنهنجو موڪل وارو ورهيه اتي وڃي گذاري، انهيءَ جي پوري ٿيڻ تي، ورنان کي وري ”فيئر هوم“  ۾ ڇڏي، ۽ ايرڪ کي انهيءَ اسڪول جي وڏي ماستر سان گڏ رهائي. ايرڪ اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، جو ڄاڻندو هو ته پيءُ- ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ سمنڊ جي ڪناري تي گذارڻ ۽ اسڪول جو شاگرد ٿي گذارڻ بهشت کان گهٽ ناهي. جڏهن انهيءَ درياهي سفر جو وقت آيو، تڏهن اجهاڳ سمنڊ ڏسي ۽ تختن جي جهاز تي چڙهي، انهيءَ جي مٿان هلڻ جو خيال ڪري، حيرت ۾ پئجي ويو. اهو ڏينهن بلڪل صاف هو ۽ ڪڪر ڪو نه هو. نيري اسمان جي ليڪ، نيري سمنڊ جي ليڪ سان وڃي ٿي گڏي، ۽ هوا ۾ چوڌاري سج جي روشنائي هئي. شام جو انهيءَ ٻيٽ تي وڃي پهتا، گاڏيءَ تي چڙهي ”ايلان“ ۾ آيا. رستي ۾ ايرڪ وڏا مضبوط ٽَڪر به ڏٺا ۽ جڏهن شام جو پنهنجي نئين گهر ۾ وڃي لٿا، تڏهن عجيب عجيب نوان خيال دل ۾ اٿڻ لڳس.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو سجاڳ ٿيو، ۽ آهستي ورنان جي پاسي مان اُٿي، دري پٽي ڏٺائين. رات جو اونداهيءَ ۾ اُتي آيا هئا، تنهنڪري انهيءَ جاءِ جي ڊول ۽ نماءَ جو هن کي پورو سماءُ پئجي نه سگهيو هو، سو هاڻ ٻاهر جو ههڙو خوبصورت قدرتي نظارو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو- اهڙو، جو ورهين تائين اهو سندس پهريون اثر دل تان لهڻ جو نه هو. گهر جي اڳيان، ويهن يارڊن کان به گهٽ پنڌ تي، ايلان جو اپسمنڊ هو، جنهن جون لهريون، صبح جي تازيءَ هوا ۾ ۽ اُڀرندڙ سج جي روشنائيءَ ۾ پئي چمڪيون. ڄڻ ته اهو سونن چپن سان پيو کِلي. اپسمنڊ جي ٻنهي پاسن مٿانهين، پڪي ۽ ٽڪرائتي زمين هئي. هڪڙي پاسي ڀڳل ٽڪرين اچي پاڻيءَ تائين ڇيڙو ٿي ڪيو، ۽ ٻئا پاسي هڪڙو وڏو اُڀو ٽڪر هو، جنهن کي ان جي ظاهري شڪل ڪري ”انبار“ سڏيندا هئا. انهيءَ جي ڪري سڄي هٿ پاسي شهر هو، جنهن ۾ هڪڙو جهونو قلعو هو، ۽ جبل مان هڪڙي نهر انهيءَ مان لنگهي وڃي سمنڊ ۾ ٿي پئي. کٻي هٿ پاسي، ڪناري تي، هڪڙو ڦٽل ڪوٽ بيٺل هو، جنهن جي پٺيان راسلن جي اسڪول جون عاليشان عمارتون هيون. انهيءَ هنڌ جي اها صورت ڏسي ايرڪ نهايت خوش ٿيو، ۽ ڄاتائين ته آءٌ ڪو نصيب وارو ڇوڪر آهيان جو ههڙي هنڌ پڙهڻ آيو آهيان. سمنڊ تي نهارڻ ۽ ترندڙ چمڪندڙ نشان کي ڏسڻ کان ٿڪو ئي ڪين ٿي. پوءِ ڏاڍي خوشي ۽ اميد ۾ موٽي پنهنجي هنڌ تي آيو، ۽ پنهنجي ستل ڀاءُ جو خوبصورت منهن ڏسي ڏسي هن کي جاڳائڻ لڳو. هو ٽِپ ڏيئي اُٿيو، انهيءَ کي چوڻ لڳو ته ”هاڻ، ورنان، جيسين آءٌ نه چويئن تيسين ٻاهر نه نهارج.“ پوءِ هن جي اکين تي هٿ ڏيئي، هن کي دريءَ وٽ وٺي آيو. پوءِ ڪپڙو پاسي ڪري چيائينس ته ”هاڻ ڏس.“ ورنان ڳچ تائين نهاري نهاري، رڳو هيترو چيو ته ”واهه! واهه! ايرڪ، واهه واهه!“

انهيءَ ڏينهن ايرڪ جي ، پنهنجي وڏي ماستر ڊاڪٽر رولنڊس سان پهرين ملاقات ٿيڻي هئي. اسڪول اڳ ئي کليو هو، ۽ اڃا هنن ناشتو ويٺي کاڌو ته سندن دريءَ وٽان هڪڙو ڇوڪر به اچي اتان لنگهيو. اُهو ڏاڍو خوش ٿي ڏٺو، ۽ آهستي ڀُڻڪندو، راڳ ڳائيندو ويو. ايرڪ، ٽپ ڏيئي، اُٿي دريءَ مان ڏٺس. انهيءَ کي ڏسي حيرت ۾ پيو، ۽ اها خبر نه هيس ته شام کان اڳي پاڻ به انهيءَ جهڙو، راسلن جي اسڪول جو هڪ شاگرد ٿيندو دل ۾ اهو خيال آيس ته ”الائي اسڪول ۾ وري انهيءَ ڇوڪري کي ڏسندس يا نه؟ ۽ هن کي سڃاڻندس ۽ هن سان سنگت رکندس يا نه؟ ايرڪ! ڀلي تون انهيءَ کي ڏس، اُنهيءَ ڇوڪر جي قسمت تنهنجي قسمت سان ڳنڍي پيئي آهي. اوهان جي سنگت گهڻا ڏينهن هلندي. سگهو ئي توکي معلوم ٿيندو ته اُنهيءَ جو نالو ”مانٽيگيو“ آهي.

جڏهن نَو، لڳا، تڏهن مسٽر وليمس پٽ کي وٺي اسڪول ڏانهن هليو. سمنڊ جي ڪناري تان هلي، واري جهاڳي، ڦٽل ڪوٽ مان لنگهيا، جنهن جي پاڙ ۾ سمنڊ جي لهرن پئي ڦهڪو ڪيو. ٻئي ڪنهن وقت جيڪر ايرڪ اهو لهرين جو سٽڪو ۽ جهازن جو نظارو ۽ ڪناري تي رنگا رنگ ڪوڏن ۽ سپن جو تماشو ڏسي خوش ٿئي ها، ۽ حيرت ۾ پوي ها؛ پر هينئر هن کي فقط اسڪول ڏانهن وڃن جي هڪڙي ڳڻتي هئي. جڏهن راند جو سائو ميدان لتاڙي هو هيڊ ماستر جي جاءِ جي در تي اچي پهتا، تڏهن هن جي دل ڦٿڪڻ لڳي، ۽ ڏاڍيءَ مشڪلات سان پنهنجي بُت جي ڏڪڻيءَکي روڪي سگهيو.

مسٽر وليمس پنهنجو نالي وارو ننڍڙو پتو اندر ڏياري موڪليو، جنهن تي هنن کي داڪٽر رولنڊس جي جاءِ ۾ وٺي ويا. هو ڏاڍو چڱو ماڻهو ۽ مروت وارو ٿي ڏٺو، ۽ جڏهن هن ٿوريءَ گفتگو کان پوءِ ڦري ايرڪ ڏانهن منهن ڪيو ۽ ساڻس ڳالهايو، تڏهن هن جي خوش طبعي ۽ صافدلي ڏسي هن کي ڏاڍي همت آئي. ٿوريءَ پڇا کان پوءِ معلوم ٿيو ته ايرڪ گهڻو نه پڙهيو هو، ۽ سڀ کان هيٺئين درجي ۾ ويهارڻ جهڙو هو، جنهن جو ماستر هڪڙو پادري ”هينري گارڊن“ نالي هو. ڊاڪٽر رولنڊس پينسل سان هڪڙو پرزو لکي ايرڪ کي ڏنو، ۽ پٽيوالي کي چيائين ته هن کي مسٽر گارڊن جي ڪلاس ۾ وٺي وڃ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org