باب ٽيون
مغز جي تار برقي، مغز جا بدن ۽
آسپاس سان لڳ لاڳاپا
(1) مغز جا احساسي، تحرڪي ۽ جذباتي سلسلا:
مغز-
مغز مٿي جي کوپريءَ ۾ محفوظ، اهڙي ته جتن سان پاڻ
کي لڪايو ۽ سانڍيو ويٺو آهي، جو نه ذرو ظاهر
ڏسجيس نه جهڙو تهڙو ڪو ڌڪ ئي اثر ڪريس. چوٽڻ تي
گنبذ وانگر اڀريل، نراڙ کان ڪياڙيءَ تائين ائين ٻن
اڌن ۾ وراهيل، تر ۾ سنئون ۽ يڪو، اندر اڇي رنگ جو
ٻاهران ڀورو. مغز جو ماس جيڪي سو گوشت کان نرم
ٿئي، پر ڪٿي ڪٿي خاص ڪري تري ۾ سخت چڌين سان
پکڙيل، جن کي تري واريون چڌيون چئبو آهي. اهي
چڌيون ۽ مغز جو ٻاهريون ورن وراڪڙن وارو ڀورو تهه،
ٻئي مغز جا مرڪزي حصا آهن، جي اڪيچار باريڪ تنتي
گهرڙن جا ٺهيل ٿين، باقي مغز جو اندريون اڇو ڀاڱو
انهن گهرڙن جي اڇين شاخن جو ٺهيل، جي ڳچ جيتريون
گڏجي تنتون ٿيون ٺاهين.
تنتون-
هي مغز جون شاخون آهن، جن جي وسيلي مغز ساري بدن
جي ذري ذري جون خبرون به رکي ۽ بدن جي عضون کي
چوري به. پهرين کي خابرو تنتون ۽ ٻيلن کي تحريڪي
تنتون چئبو آهي. خابرو تنتون مغز مان نڪري بدن جي
مشڪن کي چورين. هيڏانهن ڪا به خبر ملي نه آهي ته
هوڏانهن گهربل تحرڪ ٿيو نه آهي،
مغزي ڏوري-
تنتن کي سولائيءَ سان بدن جي پرڀرن ڀاڱن، جهڙوڪ
ٻانهن، ٽنگن ۾ پهچڻ لاءِ،
مغز هڪ آڱر جيتري ٿلهي ڏوريءَ جي صورت ۾، ڪنڌ کان
پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ هيٺ لهيو پوي، جنهن کي مغزي ڏوري
ٿو چئجي.
اها
ڏوري بدن جي ٻنهي پاسن کان خابرو تنتون وٺندي ۽
تحرڪي تنتون ڏيندي وڃو چيلهه ڌاري کٽي. هي ڏوري جي
ڪنهن به هنڌ خراب ٿي يا زخمجي پئي ته ان کان بدن
جو هيٺيون ڀاڱو سڪي پوندو جنهن کي نه چوري سگهبو
نه وري سندس احساسي خبرون ئي مغز کي پهچي
سگهنديون.
(2) اسان کي هلائڻ چلائڻ وارو اسان جو گوشت آهي:
عام طرح ائين سمجهبو آهي ته گوشت بت کي سٻر ۽ سهڻو
ٿو ڪري، پر سندس اصلي ڪم هڏن کي سنڌن وٽ ورائي بت
کي چورڻ جو آهي، طبي زبان ۾ گوشت جي مچن کي مشڪون
چئبو آهي. مشڪون لچڪدار تاندورن جون ٺهيل آهن، جن
جي رٻڙ وانگر سسڻ انگهڻ سبب بت کي اڪيچار نمونن ۾
چوري طرحين طرحين ڪم ڪرائين ٿيون، ڪم ڪرڻ جي طاقت
کين تحرڪي تنتن جي وسيلي مغز کان ٿي ملي.
تابعدار ۽ خودمختار مشڪون:
مشڪون ٻن قسمن جون آهن. هڪڙيون ٻاهريون جن جو
گوشت ٽنگن، ٻانهن، سيني، پيٽ ۽ پٺيءَ تي چهٽيل
آهي. اهي هڏائين پڃري کي چوري اسان جا اُٿڻ ويهڻ،
هلڻ لکڻ، کائڻ جهڙا ظاهري ڪم ٿيون ڪن، هنن کي
تابعدار مشڪون چئبو آهي. ٻيون مشڪون اندرين عضون
جيئن ته دل، آنڊن، ڦڦڙن، رت نلين وغيره ۾ پکڙيل
ٿين ۽ سدائين ڪم ڪنديون رهن. اهي ڪم کان روڪيون ته
موت آيو، انهن تي اسان کي ڪو اختيار به ڪونهي،
انڪري خودمختار ٿيون سڏجن. هي مغز جي همدم تنتي
سرشتي هيٺ ڪم ڪنديون ٿيون رهن، جن کي تکي ڍلي ڪرڻ
جو ڪم جذبن جي حوالي آهي. اسين دل جي رفتار پنهنجي
اختيار موجب وڌائي نٿا سگهون ، پر شل نه ڪو خوف
کڻي، پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه ٿي دل سٽڪا ڏئي دهه
دهه
ڪري. ساڳيءَ طرح انتظار يا ڏُک جي حالت ۾ ڪيئن نه
آنڊا وٽبا سٽبا آهن. اهي زوردار جذبا ته آهن جي
اسان کي جوش ۾ آڻيو، متيون منجهايو، بلڪ مسمار ڪيو
ڪجهه نه ڪجهه ڪرايو وجهن. جذبو ڀڙڪيو ته هوش هٽيو.
ان ڪري جيسين ڪو پنهنجن جذبن کي قابوءَ ۾ رکڻ سکي
تيسين هر انسان جي روش جو راز سندس جذبن ۾ آهي.
همدم تنتي سرشتو- هر مغز جي تري وارين چڌين سان
اٽڪيل ٿو رهي. جتي جذبن جي جاءِ آهي، همدم سرشتي
کي چورڻ جو ڪم ري نالي غدودن جون رسون ٿيون ڪن. ري
نالي غدود هي آهن: ٿائرائڊ، پٽيوئٽري، ائڊرينل،
پئراٿائرانڊ، ٿائمس، پينيل، ۽ نسلي گلٽيون.
(3) ري نالي غدود ۽ اسان جي تقدير:
بدن ۾ اڪيچار غدود آهن، جن جون جوڙيل رسون ڪئين
ڪيميائي ڪم ڪنديون ٿيون رهن. هنن کي ناليءَ وارا
غدود چئبو آهي. سندن رس فقط ڪنهن خاص هنڌ ڪمائتي
ٿي ٿئي. جا ناليءَ جي وسيلي وڃو انهيءَ جاءِ تي
پهچي جتي سندس گهرج آهي. جيئن ته پڪ جي غدودن جي
رس وات ۾. پڪ فقط وات ۾ ڪمائتي آهي نه ڪي ٻئي هنڌ،
پر ري نالي غدودن جي رس بدن جي ذري ذري کي گهرجي،
انڪري رت دؤري ڪندي سندن رسون کڻي بدن جي هنڌ هنڌ
پهچائيندو رهندو آهي ۽ نالين جي نه هئڻ ڪري اهي
سڏبائي
”ري
نالي غدود“
آهن.
”ري
نالي غدود“
آهن به ننڍڙا پر جهڙا جنڙا. بدن جي اوڌ، بيهڪ،
قدبت، سونهن سوڀيا، ذهن ذڪاءُ، حشمت، همت، طبع
وضع، جنون فنون، ڪلڇڻ سلڇڻ، عزت ذلت سڀ هنن جي
ڏات. ماڻهوءَ کي انسان يا حيوان ڪرڻ وارا سندس
سياهه سفيد جا مالڪ اهي ئي آهن. قدرت اسان جي
تقدير جو راز انهن ۾ سمائي ڇڏيو آهي. سائنس کي
انهن تي گهڻي دسترس ته اڃا تائين حاصل ڪانه ٿي
آهي، پر اشرف المخلوق کي قدرت پنهنجا راز ڏيڻ لڳي
آهي ۽ عجب نه آهي ته اهي گلٽيون جي اسان کي پتليون
ڪري ٿيون نچائين، سي به قبضي ۾ اچي وڃن. سندن
سلسليوار پر خفيف جهلڪ
”تن
۽ تندرستيءَ“
جي ڪتاب ۾ ملي سگهندي.
(4) مغز پنهنجا ڪم ڪيئن ڪندو ٿو رهي:
جيسين ڪا احساسي خبر مغز کي نٿي ملي، تيسين مغز به
ماٺ ۾ ٿو رهي ۽ بدن ۾ ڪا به چرپر ڪانه ٿي ٿئي، پر
جي خابرو مرڪزن ۾ ڪا خبر پهتي ته هڪدم ڪو نه ڪو
حصو بدن جو چرندو. احساس سواءِ ڪو به ڪم ڪو نه ٿو
ٿئي. ڪو ماڻهو مشغول هجي يا آرام ۾، ان جي ڪنڌ تي
ڪو سڳو سوريو ته هڪدم سندس انهيءَ پاسي وارو هٿ
سڳي واري جاءِ تي پهچي سرڪاٽ کي روڪڻ جي ڪوشش
ڪندو. ڪنڌ جي خابرو تنتن خبر ڏني ته ٻانهن جي
تحرڪي تنتن هٿ کي اتي پهچايو. هي ڪم ايترو جلد ٿو
ٿئي جيئن شئي آئيني جي اڳيان اچڻ شرط سندس عڪس به
آئيني ۾ اچي وڃي . ان ڪري بدن جي اهڙن ترت عملن کي
”عڪسي
عمل“
چئبو آهي، ڇڪ، کنگهه، اُلٽي، پيشاب وغيره سڀ عڪسي
عمل آهن. سرڪاٽ ٿيو ته مناسب عمل وجود ورتو.
روزاني بدي ڪاروبار ۾ اهڙا عڪسي عمل خودبخود هر
وقت رات ڏينهن هلندا رهن ٿا. ڪٿان رت جي جوش جي
خبر پهتي، ته هڪدم اتان جي رت پهچائيندڙ نبض جون
مشڪون سسي، سندس نالي سوڙهي ڪري وجهنديون ۽ رت جو
انداز گهٽجي پوندو. اهڙيءَ طرح ڪٿي ڪا هاضمي جي
رس وڌائڻي گهٽائڻي هوندي، ڪٿي گرمي لڳي ته پگهر
ڪڍي انهيءَ جاءِ کي ٿڌو ڪرڻو هوندو، ڪا تيز روشني
نظر چڙهي ته اک جي ماڻڪي سوڙهي ٿي روشنيءَ جو
انداز گهٽائي ڇڏيندي، بعضي ڪا ڪوسي شيءِ بت کي لڳي
يا ڪو پير ۾ ڪنڊو چڀيو ته لڳي جي ويرم، پير ٺهه ٺپ
اتان کڄي ويندو. اهڙا ڪئين ڪم مغز ڪندو ٿو رهي.
پوري ۽ صحيح احساس جي اهميت:
بدني ڪاروبار ساري صحيح ۽ پوري احساس سان ٻڌل
آهي. ان مان احساس جي پوري سڌ پوڻ جي ضرورت به
ظاهر آهي. جي خابرو تنتون جڏيون هونديون ۽ پوريون
خبرون نه ڏنائون ته مغز به پوري پوئواري ڪانه
ڪندو. ٻي صورت ۾ جي مغز جي هوشناڪي سالم نه هوندي،
جو سڀني احساسن ۽ حالتن کي خيال ۾ آڻي سگهي ته
نانگ جي چڪ کي به ڪنڊو سمجهي ڇڏي ڏيندو، تان جو
علاج جي حدن کان ئي نڪري وڃي. ائين به آهي ته جي
ٿوري احساس کي گهڻو لکائبو ته خسيس ڳالهين تي وڏن
ويچارن ڪرڻ سبب سودائي سڏبو. جذبا ماڻهوءَ کي
هوشيار ضرور ڪن ٿا، پر جي هوش جي هٿ کان نڪتا ته
هوڙه ڪري وجهندا پوءِ اڳلي جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه
اچڻ ڏيندا ۽ تارڪ دنيا واري اڪيلي دنيا ٺاهڻي
پوندس. پوءِ ڏيکاريندو هٿ نجومين کي ته منهنجي
قسمت ۾ ڇا آهي. حالانڪ دنيا سان ڇنندو فقط پنهنجي
غلط خياليءَ ڪري پاڻ ئي رهيو آهي. ياد رکڻ گهرجي
ته اسان کي عتاب يا خطاب ڏيڻ وارا وري به ماڻهو
آهن. هلڻو انهن سان آهي پر ڪن وقتن تي پاڻ کي
ڪيترو مٺو ڪجي، ڪيترو ڪڙو ۽ ڪيترو ڪرڙو؟
آهي لياز دنيا سازيءَ جو. ٿئي سڀ پنهنجي هٿن کان
ٿو. نفعو نقصان سڀ پنهنجي سمجهه ٿي ڏئي. پنهنجي
قسمت ٺاهڻ وارو هر ڪو پاڻ آهي. رڪاوٽون هر ڪنهن جي
راهه ۾ ضرور اينديون، پوءِ ڪو ڏاڪڻ کي اڙچڻ سمجهي،
ڪو اڙچڻ کي ڏاڪڻ بنائي.
(5) مغز جون بدني ۽ ذهني ذميواريون:
واقعي ٻه ڳريون جوابداريون مغز جي سپرد آهن.
(1) بدن جي اندرين ڪاروبار تي چوڪسي رکي جسم کي
جيئرو جڙيو رکڻ، جنهن کي
”تنظيم
بدن“
يا
”فزيالاجي“
چئجي ٿو. اهو ڪم قدرتي طرح هلندو ٿو رهي، جنهن
لاءِ اسان کي فقط بدني ڪل جي قاعدن قانونن کان
واقف ٿي ان کي مناسب خوراڪ، اجهي، آرام ۽ مرضن
کان بچائڻ جو بندوبست رکڻو ٿيندو.
(2) بدن کي ٻاهرين آفتن، سردين، گرمين ۽ خاص طرح
ماڻهن جي شرارتن، حسدن، حرفتن، گهرو نياتي، سماجي،
سياسي، قومي ڪشمڪش ۾ پاڻ کي موکڻو آهي، جنهن کي
”تنظيم
ذهن“
يا
”سيڪالاجي“
چئجي ٿو.
ٻار کي پهرين ته گهرو وهنوار سکڻو ٿو پوي ته پيءُ
ماءُ، ڀيڻ ڀاءُ، ۽ ٻين مٽن سان ڪيئن هلڻو آهي. گهر
۾ ته هرڪو سندس خيرخواهه ۽ گهڻگهرو آهي ۽ مائٽن جي
توهه تي هليو هلي. وري منزل آيس اسڪولي وهنوار جي.
هتي ٻيا قانون سکي ته ڪلاس ۾ ڪيئن هلجي، ڪلاسين
سان، ماستر صاحب سان وغيره. اسڪول ۾ هڪدم فرق
محسوس ڪندو ته هتي گهر وانگر سڀ دوست ڪين آهن.
پوءِ ٿيو جوان ته پرڻي جو وهنوار ۽ اهڙيءَ طرح
روزي ڪمائڻ لاءِ ڌنڌي جو وهنوار، سماجي، سياسي،
قومي وهنوار وغيره. نفسيات کي چٽو ڪرڻو آهي ته
ڪنهن جو مغز ڪيترو جذبي جو جڙيل آهي، ڪيترو عقل
جو. يا ائين چئجي ته ڪيترو جوش جو ڪيترو هوش جو ۽
ڪيئن ڪو پنهنجي ماحول جي اٽڪائن تي ڏاڪا ٻڌندو
هلندو ٿو هلي. انهن مختلف وهنوارن سان ڪيتري همت ۽
سلوڪ سان منهن ٿو ڏئي يا همت ڇڏي هارائي تارڪ سماج
ٿو بنجي. رسڻ يا حد کان زياده ڪاوڙ ڪرڻ هار جون
نشانيون آهن. نيڪ نيتيءَ ۽ سهڻو سلوڪ ڪڏهن ڪين
هارائيندا.
هتي ٿي خبر پوي تعليم جي ڪيڙ ۽ تربيت جي فڪر تدبر
جي، مغز جي دماغي شان جي. اها تعليم جا سيکڙاٽ کي
دنيا سازيءَ جي ڀيٽا ڀيٽيءَ ۾ پنهنجي ماحول کي
منهن ڏيڻ لاءِ تيار نٿي ڪري سا بيڪار آهي. پيٽ ته
ڪو جيو پاليندو. ٻچا ڏيندو وتي، جيڪي ڪم ٻار کي
پاڙهيا ٿا وڃن اُن مان هڪدم معلوم ٿيندو ته ٻار کي
ڪهڙي ڪم لاءِ تيار ڪيو ٿو وڃي. انجنيئر يا ڊاڪٽر،
مولوي يا جنرل. سائنس جي روشني علم جي هر شعبي تي
پئجي رهي آهي، جنهن جو تعلق هر هنر سان آهي ۽ بي
خيال قومن کي ڪافي ثابت ڪري ڏيکاريو ويو آهي، ته
قدرت جا قانون به گهڻي قدر ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ اچي
سگهن ٿا ۽ ڪيترا اچي چڪا آهن. هن زماني ۾ اجاين
گهوتن کائڻ جي ضرورت ته ٿوري ٿي ڏسجي. نڪا وري ڪا
جڙتو منصوبا ٺاهي خيال ڪلابازين ۽ فلسفياني ڌوڪن ۾
اچڻ جي حڪمت ٿي معلوم ٿئي. اڃا به ڪو خيالي خمارن
۾ حقيقتن کان بي خبر رهندو ته کٽي سندس قسمت. اسان
جي ڀل ڪلهيري تقدير، اسان جي انهيءَ بي توجهيءِ ۽
بي همتيءَ جي بار کڻڻ کان به ڪين ڪيٻائيندي. هن جا
ڪلها گٺا پيا آهن. قدرت جي بهترين نعمت عقل آهي،
جي ان کان ڪم نه وٺبو ته تقدير به اهڙي جڙندي.
قدرت نڪا ڪنهن کي گهڻو گهري نه ڪا ٿورو. جيڪو لوچي
سو لهي. ڪارزار دنيا جي ڪشمڪش ۾ پير کوڙڻ لاءِ
جيڪي لياقتون کپن، سي صحيح تعليم ڏئي سگهندي، جنهن
جو گهرو ويچار هر هڪ انسان جي نازڪ جوابداري آهي ۽
تعليمي مدبرن جي خاص ذميواري. ٻي صورت ۾ قومي
تباهي يقيني آهي ۽ پنڻو ئي پوندو.
ظاهر آهي ته بدن جي اندرين توڙي ٻاهرين ڪاروبار
ٻنهي جو مقصد آهي سندس پائداري ۽ بهتري، جيئن
حڪومت جا ٻه پاسا ٿين: امور داخليه ۽ امور خارجيه.
هتي انهن کي ڌار ڪري ڏيکارڻ جو مطلب فقط اهو آهي
ته نفسيات جو تعلق خاص طرح مغز جي ٻاهرين پاليسيءَ
سان آهي.
(6) مغز جي بدني ۽ ذهني ڪاروبار جا چڪر:
بدني تنظيم جي ڪمن ڪارين ۾ عڪسي چڪر ئي ڪم ۾ آندا
ٿا وڃن، جن ۾ احساس خابرو تنت تان خابرو مرڪز ۾
پهتو ته تحرڪي مرڪز مان تحرڪي تنت تي احساس جي
مناسب تعميل ۽ پوئواري ٿي. احساسي مرڪز مان تحرڪي
مرڪز تائين جيڪي تنتون وڃن ٿيون، انهن کي قرابتي
تندون چئبو آهي، جن جو مفصل بيان اڳتي ايندو. بدني
ڪاروبار گهڻي قدر ساڳين چڪرن تي هلندي ٿي رهي،
انڪري منجهن خيال جي ضرورت مغز کي پيش ئي ڪانه اچي
۽ ڪم جهٽ پٽ ٿيندا وڃن.
ذهني تنظيم جا ڪم نرالين حالتن پٽاندر ٻي - ٻي
صورت وٺندا ٿا رهن. ڇاڪاڻ جو ماڻهوءَ جون ٻاهريون
حالتون نراليون ٿينديون ٿيون رهن ۽ ڦرندي ويرم ئي
نٿيون ڪن. انهن کي پوريءَ طرح بار بار سوچڻ، حواس
ڪم آڻڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي ضرورت ٿي ٿئي ۽ خيال هلائڻ
ڪري وقت به کايو وڃن. تجربي ظاهر ڪيو آهي ته جي
حواسن کي پنهنجي آسپاس سان نه رنڀائبو ته خيال، جو
ماحول سان ئي ٻڌل آهي، جهيڻيو پوندو ويندو ۽ ٻار
جي بي خيال رهڻ سبب سندس سمجهه، هوش ۽ حوصلو ترقي
ڪرڻ کان روڪجي ويندا. ساڳيءَ طرح جي ڪنهن عضوي
مثال ٻانهن جون احساسي تارون بيحس ڪري سـُـنَ ۾
آڻي ڇڏيون ته سندس مشڪن جي چرپر خودبخود گهٽجي
ويندي ۽ گوشت بيڪار رهڻ سبب نجهرندو رهندو ۽ ٻانهن
سنهي ٿي ويندي. احساسي تنتون تحرڪي تنتن کان
پنجوڻيون ٿيون ٿين. احساس کان سواءِ نڪو خيال
اُڀري نه عمل پيدا ٿئي.
مغز جو ذهني چڪر، اوٽ، اڌما، جذبا ۽ شرطي عڪسي عمل
ٻچن واري ڪڪڙ جي نظر ڪنهن لاماري ڏيندڙ سرڻ تي پئي
نه آهي ته منجهس ڪهڪاءُ جي اوٽ اڀري نه آهي. اکيون
ڦيرائي ڪنڌ موڙي، سرڻ کي تاڙي غون غون ڪندي، چي
ٻچن جو خير ڪونهي. هڪدم ساري بدن جي طاقت ڀڙڪي
کائي جوش ۾ ايندس ۽ کن ۾ ويجهن ٻچن کي پرن هيٺان
سميٽيندي سرڻ کي ٽيٽيندي، پرڀرن کي ڪلڪ ڪلڪ ڪري
سڏيندي ويندي.
جيسين سڀ اچي ڀيڙا ٿينس. سرڻ به ڪڪڙ کي ڪافي سجاڳ
ڏسي لاماري ڏيڻ جي هروڀرو همت ڪانه ڪندي. کيس به
اک ڪڍرائڻي ڪانه آهي. هي آهي مغز جي ذهني چڪر جو
ڪم. پهرين اک جي حواس ڪڪڙ کي، سرڻ جي آگاهي ڏني.
ٻچي جي جان وڃڻ جو خيال جاڳيس. ڪهڪاءَ جي اوٽ
اڀريس جنهن جسم ۾ سگهه ڀڙڪائي ۽ آخر ٻچن کي ڪوڙي
۾ ڪرڻ جو عمل اختيار ڪيائين.
اڌمو:
ذهني چڪر جي پهرين ڪڙي آهي. اڌمو يعني اوٽ جو
اڀرڻ.”اوٽ“
جانور جي انسٽنڪٽ کي ٿو چئجي، جنهن کي ماڻهوءَ ۾
”اڌمو“
يا
”امپلس“
سڏجي ٿو. اڌمو اوچتو اڀرندو آهي ۽ گهڻو جٽاءُ ڪين
ڪندو آهي، آيو ويو پر جي لاڳيتو هليو هلي ته چئبس
”جذبو“
يعني پئشن. اڌمو هڪدم اندرين عضون جي خود مختار
مشڪن کي هڪل ڪري هوشيار ڪندو ته خبردار. هڪدم دل
جي رفتار تيز ٿيندي ته چستيءَ سان رت ڦري. پوءِ ته
سارو بدن مغز سميت هوشيار ٿي ڦڙتيءَ ۾ اچي ويندو ۽
ڪم اڪلندو ويندو. ڊپ، اون ۽ سياڻپ جي نشاني آهي،
پر جي حد کان نڪتو ته دل کي بي حد ده ده ڪرائي
ساڻو ڪري وجهندو ۽ ماڻهو مورڇا ٿي پوي. ڪي اڌما دل
کي سست به ڪندا آهن جيئن ته ڏک. اڌمن جا مرڪز مغز
جي تري وارين چڌين ۾ ٿا ٿين،
جن ۾ دل کي هلائڻ، ساهه کڻڻ، رت جي داٻ پوري رکڻ
وغيره جا به مرڪز آهن، جن تي جياپي ۽ اڌمن جي ڪم
جو مدار آهي. انڪري اهي چڌيون هر ڪنهن جانور ۾
قدرت ڪنهن نه ڪنهن تجويز سان ضرور موجود رکيون
آهن.
بدن جو بجلي گهر:
اسان جي بدن ۾ بجلي ڊوڙائڻ لاءِ اڌمي جي صورت ۾
ڄڻڪ هڪ طاقتور
”ڊئنمو“
موجود آهي جو ڏکئي وقت ۾ آئيءَ ويل سگهه پيدا ڪري
عزت ۽ جان بچائي ٿو. اهي اڌما ته آهن جي خوف،
خوشي، ڏک، ڪاوڙ، غيرت جي صورت ۾ وقت بوقت اسان جي
جان، مال، اولاد، ملڪ ۽ عزت جا راکا بنجن ٿا، جن
جي توهه ۽ طاقت تي لڙائي لاءِ به تيار ٿيو وڃجي.
اڌمي اڀرڻ سان ساري بدن جا وار ڪانڊارجو وڃن ۽
سنسيءَ جي لهر رڳ رڳ ۾ اڀريو اٿي، رڳو جي ڪنهن
گذريل واقعي جي يادگيري ئي خيال کي تحرڪ ۾ آڻي، يا
ايندڙ حالتن جي ڳڻ ڳوت ڪنهن جذبي کي جهُٻو
ڏئي اڀاري ته بدن جو سک ڦٽو. جذبن مان ڪي پنهنجي
جان، ٻچن ۽ عزت جي بچاءَ جو سامان موجود ڪن ٿا ته
ڪي ترقيءَ جي واٽ ڏسين ٿا.
جذبي کان سواءِ نه گهر هلي نه هر هلي. نه ماءُ ٻچي
لاءِ
ننڊ ڦٽائي نه مرد ڪٽنب لاءِ ڪمائي. سونهن جي احساس
کان سواءِ نه شعر ٺهي نه راڳ، نه مصور پيدا ٿئي نه
نقاش، الفت ۽ ڪلفت جو راز به جذبن ۾، راهه لڳائڻ
وارا به اهي ته گمراهه ڪرڻ وارا به اهي، ٺاهڻ وارا
به اهي، پر جي حد گذريا ته ڊاهڻ وارا به اهي، پوءِ
مجنون ۽ بر، هلندو هل . دنيا جون موجون به اهي،
مسئلا به اهي. جذبي کان سواءِ ماڻهوءَ ۽ ڀتر ۾
فرق ئي ڪونهي. جذبا تعليم سان ترقي ڪن، اعتدال سکن
۽ ٻين کي سکئي ڪرڻ جي واٽ ڏسين. پر انسان جو شان
ان ۾ آهي ته ٻين جو به قياس ڪري. ٻين لاءِ به
جيئي،
نه ته سندس خير به شايد نه رهي.
اوائلي ۽ اعليٰ جذبا:
خوف، خوشي، ڏک ڪاوڙ جهڙا جذبا اوائلي جذبا سڏبا
آهن، ڇاڪاڻ ته پريندي ئي سڀني ۾ موجود ٿا ٿين، هر
ڪو جيو، جيتامڙي کان ماڻهوءَ تائين پنهنجي ڏک، سک،
لاڳيتن حالتن ۽ جان تڳائڻ ۽ بچائڻ جي طريقن جا
اهڃاڻ ۽ مناسب بچاءَ جي هلت چلت م پيڙهي به
پيڙهيءَ ٻج جي معرفت پنهنجي اولاد کي، سندس جسمي
ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پهچائيندو ٿو رهي. انڪري
هر ڪو جانور پيڙهي به پيڙهيءَ زياده کڙڳ، هوشيار ۽
پنهنجي دائري جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ زياده
خبردار ۽ ڪارائتو ٿيندو ٿو رهي. ٻيءَ صورت ۾ جي
پوئتي پوندو ويو ته بيڪار به ٿي سگهي ٿو. ارتقا جي
مدنظر فقط ترقي نه آهي پر لائقن جو چڙهڻ ۽ سستن جو
ڊهڻ ٻئي سندس ڪرتب آهن.
انسان جي دنيوي وهنوار کي سڦلي ڪرڻ لاءِ ۽ کيس
ترقي ڏيڻ لاءِ سندس ذهني طاقت ۽ ان کي ڪڙيءَ رسائڻ
لاءِ سندس گهرو ڪيڙ، اسڪولي تعليم، مالي تسلي،
سماجي ٺاٺ، قومي اقتدار ۽ ملڪي حرفيات يعني سندس
تعليم جو ذخيرو ۽ تربيت نهايت ضروري آهن، جن جي
گڏيل اثر هيٺ ماڻهو اعليٰ جذبا پرائي ٿو جهڙوڪ:
قرباني، خيرخواهي، پاڪدامني، همدردي، اخوت، حب
الوطني، قوميت، ڪل مخلوق جو ڀلو گهرڻ وغيره، جيترو
ماڻهو خود غرضيءَ کان مٿڀرو، اوترو انسانيت ڏانهن
زياده مائل يعني زياده ڪـِـڙيل (ڪلچرڊ).
هرڪو تحرڪ ڪنهن احساس جو نتيجو آهي:
ذهني انتظام جي انهيءَ قانون کي يعني ته مغز تيسين
ڪو به تحرڪ بدن کي نه ٿو ڏئي، جيسين کيس ڪا خبر
پهچي. ٻئي پاسي کان ڏسڻ سان اهو قانون به ٻڌي
سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪا بدن ۾ ٿوري يا گهڻي چرپر
پيدا ٿئي جيئن ته ڪو ٿڌو ساهه ڀري، آهه ڪري، ڪجهه
چوي، هٿ پير يا ڪو به بدن جو ڀاڱو چوري يا منهن جو
تاثر بدلائي، ڪا نه ڪا ويچار جوڳي خبر اچي وئي.
ڀلي ڪو ننڊ ۾ چري پري ته به ڪا خبر مغز کي ضرور
پهتي. شايد پاسو گرم ٿيو هوندس، اهنجو ليٽيل
هوندو، ڪنهن مڇر يا منگهڻ چڪ هنيو هوندس، ڪو آواز
ڪن پيو هوندس، ڪا ڪڙي باس آئي هوندس، سور جي ٽاٽ
اڀري هوندس وغيره، جاڳندي ته ويتر ڪيترا حواسي
احوال ۽ خيال به شامل ٿي سگهن ٿا. ڪو ڏکويل ڏسجي،
ڪو ويڻ ٻڌجي ته بت ڀڙڪي ضرور کائيندو ۽ مناسب تحرڪ
اختيار ڪندو.
(7) مغز جون قرابتي تندون ۽ مرڪزن جو گڏجي ڪم ڪرڻ:
قرابتي تندون:
مغز جي جوڙجڪ ۾ خابرو ۽ تحرڪي تنتن کان سواءِ ٽئين
قسم جون تارون به عام جام ٿيون ٿين. جي فقط مغز جي
اندر مختلف مرڪزن کي ڳنڍين ٿيون پر مغز کان ٻاهر
ڪو نه نڪرن. انهن کي قرابتي تندون سڏجي ٿو. سندن
ڪم آهي مغز جي خابرو ۽ تحرڪي مرڪزن کي پاڻ ۾ ۽ هڪ
ٻئي سان ڳنڍي قريب ڪري، منجهن رشتا قائم ڪرڻ. اهڙن
رشتن ۽ قرابتن جڙڻ سبب جڏهن به ڪا بدن کان خبر
هڪڙي مرڪز ۾ پهتي ته کن ۾ ٻين تعلق دار مرڪزن ۾
خود به خود پکڙجي ويندي. انهيءَ لاءِ ته سڀ لاڳاپي
وارا مرڪز خبردار ٿي پاڻ ۾ ملي ڪم ڪن جيئن ڪا
اسيمبلي ڪم ڪري.
ذهني تنظيم ۾ ته قرابتي تندن جو ڪم ظاهر ڏسڻ ۾
ايندو. سمجهو ته ٻيلي مان لنگهندي ڪا شينهن جي گروڙ
ڪن تي ٿي پوي، هاڻي مغز نه رڳو اهو آواز محسوس
ڪندو پر ان سان گڏوگڏ کن ۾ شينهن جي ڀيانڪ صورت،
سڀ تري ايندس. پوءِ جي ٺهه ٺپ فيصلو ڪري ٽپ ڏئي
چڙهيو ڪنهن وڻ تي ته واهه نه ته آنڊا ٻاهر هوندس.
ذهين مغز جي فضيلت اها آهي جو وقت جي نزاڪت خيال
۾ رکي، حالتن پٽاندر هڪدم ڇڏي! اهو سارو ولولو اهي
قرابتي تارون ٿيون پيدا ڪن جي خابرو توڙي تحرڪي
مرڪزن کي عام جام هڪ ٻئي سان ڳنڍيو بي شمار عڪسي
پيچرا ٺاهيو وجهن، جن جي وسيلي اڪيچار ذهني عمل
وقت بوقت ٿيندا رهن ٿا. اهي قرابتي سلسلا مغز جي
ٻاهرئين ڀوري تهه ۾ ٿا جڙن.
هڪ طرفي چڪر جي ضرورت
عقل جي ڳالهه آهي ته ڪو به تحرڪ ڪارگر تڏهن ٿيندو،
جڏهن ان جو رخ هڪ طرفو ڪبو. نار جو ڍينگو جي ذري
ابتو ذري سبتو هلي ته ڪهڙي ڪم جو. ڪنهن وڏي ريلوي
اسٽيشن تي ڏسبو ته گاڏين جي هلڻ لاءِ ڪيتريون
لائينون نظر اينديون، جي سڀ ڪٿي نه ڪٿي آڏين لائين
سان ڳنڍيل هونديون آهن. جڏهن به ڪنهن گاڏيءَ کي
ڪنهن مقرر لائين تي آڻڻو هوندو آهي ته ڪانٽا مٽائي
گهربل لائين کي سڌو ڪري ٻين کان بالڪل الڳ ڪري
ڇڏبو آهي. اهڙيءَ طرح جو گاڏي سنئين سڌي هلي وڃي
پوري پاسي کان نڪري.
مغز جي قرابتي تندن جو ڪم به ساڳيو اهڙو آهي،
جهڙو ريل جي آڏين لائينن جو. البت مغز جون آڏيون
لائينون ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن. پنجن - پندرهن جي ته
ڳالهه ئي ڪانهي. ڪنهن سولي ڪم لاءِ به جهٽ پٽ
هزارين لائينون قرابتي تندن جي وسيلي ڳنڍجو وڃن.
هزارين روڪجو وڃن ۽ ماڻهو بي خطا مناسب نموني
هلندو هلي، پر بعضي فيصلي نه هئڻ جي حالت ۾ ائين
ته حوصلا خطا ٿي ويندا آهن جو مغز جا ڪانٽا بعضي
هيئن ڦرن بعضي هونءَ ۽ ماڻهو به ذري هيڏي ٿئي ذري
هوڏي تان جو سڌو آفت جي منهن ۾. ڪڏهن ته غلط فيصلي
جو شڪار به ٿيو پوي. آزمودو هوندو ته ڪنهن ڏاڪڻ
تان لهندي جڏهن ائين سمجهبو آهي ته هاڻي ڏاڪا پورا
ٿيا تڏهن مغز به ٽنگن جي مشڪن کي سنوت تي هلڻ جو
رستو جاري ڪري ڇڏيندو آهي، خبر تان پوندي جو اوچتو
ڌم ڪري پير وڃي هيٺ پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ
ڏاڪي لهڻ لاءِ مشڪن کي نه ضروري هدايتون مغز ڏنيون
هيون نه انهن لاءِ واٽ ئي ٺاهي هئي.
قوت فيصلي جي اهميت:
ظاهر آهي ته مغز اهو ڪارگر ٿيندو جو هوش حواس
سنڀالي سچيتيءَ سان
ٺهه
پهه فيصلو ڪري عين وقت تي پنهنجو اختياري ڪم عمل ۾
آڻي. جي
”گول
ڪيپر“
سيڪنڊ دير سان لت هنئي ته بال گول ۾ هوندو.
هڻتڻ ڪرڻ مان گهڻي قدر نقصان ئي نصيب ٿيندو. روز
مره جي رواجي ڳالهين ۾ به جي فيصلو نه ٿي سگهندو
هجي ته اکر - ڀوري ڪري به ڳالهه جو نبيرو ڪري ڪم
اڪلائي ڇڏجي ۽ پوءِ ان بابت خيال اصل نه ڪجي نه ته
مغز کي سٺي سکيا نه ملندي.
ترت فيصلو ڪرڻ وڏي خوبي آهي، جا مغز ۾ جيترو جلد
پيدا ڪري سگهجي اوترو چڱو. فيصلو ٿيو نه آهي مغز
ڪانٽا مٽايا نه آهن ۽ پوءِ مغز لاءِ به ڪيڏو نه
آرام. هڻتڻ مغز لاءِ وڏو کاپارو آهي. بعضي جي ڪا
سماجي قانون جي خلاف اجائي لالـچ مغز ۾ پيدا ٿئي
ته هڪدم ان کان نفرت سان منهن موڙي دل جي دفتر تان
لاهي مغز کي مونجهاري کان آجو ڪجي. هيئن ڪريان يا
هونءَ ڪريان، هيئن نه ٿيو هونءَ ٿيو ڪرڻ سان ٿي
خفي کي دعوت ڏيڻي ۽ پوءِ خفقان به پري ڪونه آهي.
قرابتي اصول:
جڏهن به ڪي ٻه شيون گڏ احساس ۾ اچي سچيتيءَ کي
پهتيون، ايتريقدر جو حافظي ۾ جاءِ وٺي وڃن پوءِ جي
منجهانئن ڪابه هڪڙي ڪڏهن به محسوس ٿي ته ٻيءَ جي
سار پيدا ڪندي. مثال جي ڪن ٻن ڄڻن کي گڏ گهمندو
ڏٺو ويو هوندو پوءِ جي انهن مان ڪو به هڪ نظر
چڙهيو ته ٻيو ياد پوندو. ڪو خاص عطر ڪم آڻيندڙ
شخص، جي ڪٿي به اها بوءِ آئي ته ياد ايندو، يا ان
کي ڏٺو ويو ته بوءِ ياد ايندي. ڪا نئين شيءِ ڪنهن
مجلس ۾ ڏٺي هوندي ته ان جي ٻيهر ڏسڻ سان اها مجلس
اکين اڳيان تري ايندي. ڪنهن باغ ۾ ڪو کاڌل ميوو جي
ٻيهر ڪٿي ڏسڻ ۾ آيو ته باغ ياد ايندو.
قرابتي اصول نه رڳو جنسي شين يا جيون سان لاڳو
آهي، پر جذبن، خيالن، يادگيرين سان به ساڳيءَ طرح
لاڳو آهي. جن مان ڪو به ٻئي کي ساڳين
حالتن جي پيدا
ٿيڻ تي اڀاري وجهندو. قرابتي رشتن ٺهڻ لاءِ ڪنهن
جاءِ جگهه يا وقت جي به ضرورت ڪانه آهي. فقط ڪتاب
جي وسيلي ئي ڪنهن شخص نظاري يا جذبي سان رفاقت ٿي
سگهي ٿي ۽ جي من کي مراقبي ۾ ڦولهبو ته اهڙا ڪيترا
رشتا نڪري نروار ٿي پوندا، بعضي ته ڪيترا خيال،
شڪليون يا ساروڻيون اڀري اٿنديون آهن، پر سندن پتو
ڪونه لڳندو آهي ته ڪيئن پيدا ٿيون.
لائڊ مارگن، اهڙين وساريل قرابتن جو هڪ دلچسپ مثال
ڏنو آهي جنهن جو بنياد به لڀي پيو. موسيقي محفل ۾
ڪا ساز جي گت ٻڌندي سندس خيال ۾ ڇپري تي چڙهندڙ
باندرن جي شڪل مستقل طرح ياد ايندي رهي. کوجنا
ظاهر ڪيو ته اٺن ورهين جي عمر ۾ ڪيترا ڀيرا هن اها
گت ٻڌي هئي ۽ کيس کيچل ڪرڻ کان رڌل رکڻ لاءِ هڪڙو
مورتن جو ڪتاب ڏنو ويندو هو، جنهن ۾ ڇپري تي
چڙهندڙ باندرن جون شڪليون هيون.
قرابت عامي يا لهر:
نکمڻائيءَ ۾ جڏهن مغز ڪنهن خاص خيال سان رڌل نه
هوندو آهي، تڏهن قرابت عامي ٺهي پوندي آهي، جنهن ۾
هيڏنهن
هوڏنهن
رشتن ٺهي پوڻ سبب ڪئين خيال ڇڙي پوندا آهن، ڪي
ڪٿان جا ڪي ڪٿان جا، ڪيڏهن پيا ايندا ڪيڏهن پيا
ويندا، نه رٿ نه رس نه منهن نه سر. اهڙا خيال اڪثر
ڪري مزيدار هوندا آهن. اهو ئي وقت آهي پنهنجي
خيالن جي تپاس يعني مراقبي جو، جڏهن ڪنهن به خيال
کي ڪٿي به روڪي سندس هر پهلوءَ کان پوري پرتال ڪري
سگهجي ٿي. هلڪڙي نشي جو به مغز تي اثر اهو ٿيندو
آهي جنهن ڪري ماڻهو موج ۾ اچي ويندو آهي. ڪن
نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سچيتيءَ جي سطح
اندر هڪ اچيتيءَ جو ڀنڊار به آهي، جنهن ۾ خيال عام
جام موجود رهن ٿا، پر اسان جي ڌيان تائين نٿا اچن،
انڪري اسين انهن کان بيخبر ٿا رهون. اهڙا خيال
مسمريزم جي اثر هيٺ ظاهر ڪري سگهجن ٿا.
(8) هٿرادو
قرابتون يا شرطي عڪسي عمل:
فطرتي طرح ته جيئن ٻار وڌندو ٿو رهي، تيئن سندس
علم ۽ عمل نت نوان قرابتي گهاٽ سندس مغز ۾ گهڙيندا
ٿا رهن، پر اهڙا گهاٽ هٿرادو
تجربن سان به گهڙجي سگهجن ٿا، جن کي شرطي عڪسي عمل
يان
”ٽڪون“
چئجي ٿو.
بدني تنظيم جي هڪ روسي ماهر پاولو، ڪتن تي نفيس
تجربن ڪندي ڏيکاريو ته فطرتي عڪسي عمل، جي دستوري
طرح، فطرتي چونگن تي ڪم ڪندا رهن ٿا، تن کي هٿرادو
چونگن سان به تحرڪ ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن تجربي هيٺ
آڻڻ وارن ڪتن تي آپريشن ڪري گگ، جي گلٽيءَ واري
نالي هر هڪ جي ڳل جي ٻاهريان اهڙيءَ طرح اٽڪائي
ڇڏي، جو جيڪا گگ جڙي ته ٻاهر نڪري اچي ۽ اندر وات
۾ نه پوي جيئن معمول آهي. گگ جي ڳڙڻ مان هڪ ته اها
خبر ٿي ملي ته سواد جو عڪسي چڪر جوش ۾ اچي ويو ۽
ٻيو گگ جي انداز ماپڻ مان اهو پتو به ٿي لڳو ته
ڪيتري قدر جوش ۾ آيو، گهڻو يا ٿورو. اهو عڪسي ڪم
ته ماڻهوءَ ۾ به خوب هلندو آهي. اڃا کٽاڻ تي نظر
پئي ته وات پاڻي ڪندو يعني ته گگ ٽپڪي يا کاڌو وات
۾ پيو ته پڪ هڪدم نڪري گرهه کي لوئڻ لڳندي، ڪـُـتي
کي به کاڌو وات ۾ پيو ته گگ نڪتي.
جيڪو پاولو راز ڳولي لڌو سو هي ته ڪتي کي سکيا ڏيڻ
سان هٿرادو
چونگن تي هيري شرطي عڪسي عمل پيدا ڪري سگهجن ٿا،
جي نه رڳو فطرتي طرز عمل تي ٻڌي ٿا سگهجن، پر غير
فطرتي طور تي به. هن ڏيکاريو ته ڪتي کي جي کاڌي
ڏيڻ سان گڏ يا ٿورو اڳي گهنڊڻي وڄائبي رهبي ته ڪتو
ٿورن ڏينهن ۾ گهنڊڻيءَ وڄڻ کي به کاڌي جو اشارو
سمجهندو ۽ گگ ڳاڙڻ شروع ڪندو، کاڌو ڏجيس يا نه.
انهيءَ گهنڊڻيءَ جي چونگ جيڪو کاڌي جو ڏسڻ يا
سنگهڻ واري فطرتي چونگ وارو ڪم ڪيو يعني ته گگ
ڳاڙي، ان کي شرطي عڪسي عمل چئجي ٿو. اهو شرطي عمل
ته فطرتي عمل سان متفق ٿيو ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو نتيجو
ٿيو گگ پيدا ڪرڻ. پر شرطي عڪسي ڪم فطرتي عمل جي ابتڙ
به ٿي سگهي ٿو. جو ڪتي کي کاڌي کان ٿورو اڳي يا گڏ
ڪو اثرائتو ڪهڪاءُ به ڏئي ڇڏبو ته گگ نڪرڻ هيڪر ته
مورڳو رڪجي ويندي. جي ڪتو ڪنهن در مان لنگهي ۽
بجليءَ جو جهٽڪو ڏجيس ته جلد ئي انهي در کان وک ئي
ڪانه پوندس. ڪن ڪتن کي مارفيا جي سئي لڳائي ويئي
جا ڪتي کي آنڌ مانڌ پيدا ڪري آت ڏياريندي آهي،
ٿورن ڏينهن ۾ اڃا تجربيڪار کي هٿ ۾ سئي ڏٺائون ته
آت شروع ٿي ويندن. ماڻهوءَ سان به ساڳيو ئي قانون
لاڳو آهي، ڪنهن اُگري شئي جي کائڻ سان جيڪا بدن کي
پريشاني ٿي هوندي، سا ٻئي ڀيري ان جو ڏسڻ سان ئي
شروع ٿي ويندي. ڪتيءَ کي لڳا هئا اُمڙ ته تارا ڏسي
ٿي ڪوڪاٽ ڪيائين.
پاولو جا تجربا ايڏي عقلمنديءَ سان رٿيل ۽ ايتري
عمدگيءَ
سان عمل ۾ آندا ٿي ويا، جو انهن جا نتيجا سيڪنڊ به
سيڪنڊ ڪل وانگر ملندا هئا. ڏٺو ويو ته کاڌي ملڻ
وقت جي ڪتي جو ڌيان کاڌي ڏيندڙ جي شڪل يا ڪنهن
آواز ڏانهن ڇڪجي ٿي ويو ته نتيجا ايترو صحيح نٿي
مليا، جن تي ڪو تحقيقاتي اصول ٻڌي سگهجي. انڪري
جلد ئي اهڙو بندوبست رٿيو ويو جو سارو ڪم بنا آواز
جي بجليءَ تي ٿيندو ٿي رهيو، بٽڻ دٻايو ته ٽلي به
وڳي ۽ کاڌو به اڳيان پهچي ويو. ڪن ڪتن کي وري
گهنڊڻيءَ جي عوض ڪنهن بتيءَ جي چمڪي تي ڪم ڪرايو
ويندو هو، پر ڳالهه تهان ئي تيتري ٿي بيٺي.
ڪتن جي وقت جي پابندي:
وري ڪتن جي وقت جي عبرت خيز ڪٿ جو داد به ڏيو. ڏٺو
ويو ته جي کاڌي ڏيڻ کان اڳي پورا ٽي منٽ گهنٽي
وڄائي ٿي ويئي ته ڪتو به جلد ئي سکي ٿي ويو، ۽
گهنٽيءَ جي پهرئين ٺڪاءُ تي نه پر پورن ٽن منٽن
کان پوءِ گگ ٿي ڳاڙيائين. جي گهنڊڻي وڄائي بند ڪرڻ
کان پورا ٽي منٽ پوءِ کاڌو ڏبو هو، ڪتا به پورن ٽن
منٽن کان پوءِ گگ ڳاڙيندا هئا. ڏٺو ويو ته اڌ ڪلاڪ
تائين بنهه پورو وقت ٿي رکيائون.
شرطي عڪسي عملن کي ڦيرڻ:
هڪ واريءَ ٽڪ ٻڌي ڪنهن شرطي عمل کي پڪو ڪرائي وري
ان کي ڦٽائي به سگهجي ٿو، جيئن ته گهنڊڻي وڄائجي
پر کاڌو نه ڏجي رفتي رفتي گگ وهڻ گهٽبي ويندي ۽
ڏهاڪي ڏينهن ۾ روڪجي ويندي. البت ڏٺو ويو ته ڪنهن
به پوري ڄميل شرطي عمل کي صفا ڪڍي ڇڏڻ ڏاڍو مشڪل
ٿو ٿئي.
تجربن ظاهر ڪيو ته جانورن جو ڪو به ڪم هٿرادو
چونگ ڏيڻ سان شرطي عمل بنائي سگهجي ٿو، بشرطيڪ
اُها چونگ ايتري تيز نه هجي جو پنهنجي ذاتي زور تي
ڪو ڪم ڪرائي سگهي. جيڪا چونگ ڏکوئيندڙ يا
ڊيڄاريندڙ هوندي ته جانور جي ڪيتري به تعليم بيڪار
ويندي. ڪتن کي ڏٺو ويو ته تيز يا هولناڪ آواز تي
گگ نٿا ڳاڙين، نڪي ڪو تيز بجليءَ جو اشارو ڪارگر
ٿو ٿئي، پر هلڪي ايذاءَ، جهڙوڪ ٿوري سئي جي چُڀڪي
تي گگ ڳاڙيو ڏين.
ڪتي جي امتيازي حد:
شرطي عملن جي سلسلي ۾ ڪتي جي تفريقي امتياز تي به
ڪافي روشني پئچي چڪي آهي. ڪتي کي سيکاري سگهجي ٿو
ته گول شڪل کي ڏسي گگ ڳاڙي ۽ پوءِ جي بيضوي شڪل ٿي
ڏيکارجيس ته نٿو ڳاڙي. هاڻي جي آهستي آهقستي بيضوي
شڪل کي زياده گول ڪبو وڃبو ته ڪنهن هنڌ اچي گگ
ڳاڙيندو، ۽ اها هن جي امتيازي حد چئبي، جتي گول ۽
بيضوي شڪل جي فرق محسوس ڪرڻ کان قاصر رهجيو وڃي.
اهڙيءَ طرح ٻن آوازن جو فرق يا رنگن جو اثر جاچي
سگهجي ٿو.
تجربن مان ائين به ظاهر ٿيو ته ڪتي جي نظر ماڻهوءَ
کان گهٽ درجي جي آهي. پر ٻڌڻ جي طاقت گهڻو بهتر ۽
سنگهڻ ۾ ته شايد ئي ڪو جانور پهچيس.
ڀوائتين ۽ مزيدار چونگن جو گڏيل اثر:
حيرت جهڙو تجربو هي ٿيو ته شرطي ٽڪ ٻڌل ڪتي کي
گهنڊڻي وڄائي يعني کاڌي جي شوق ۾ آڻي جي تيز هوا
يا بجليءَ جي ڌار ٿي ڏجي ته ايترو پريشان ۽ خوفزده
ٿيو وڃي جو وار کڙا ٿيو، اکيون ڦاٽيون وڃنس ۽
ماندو ٿيو وڃي، ٿورن آزمودن کان بعد کاڌو اکڙيو
وڃيس موڳو ٿيندو مورڇا ٿيو پوي، جيئن ماڻهو ڪنهن
سخت ڪشمڪش ۾ اچي ڍرڪي پوندو آهي. هڪڙي ڪتي تي ته
اهڙي تجربي جو اثر تيرهن ورهيه هليو.
ماڻهوءَ جي لاءِ به هن کان وڌيڪ تلخ تجربو ڪهڙو
ٿيندو جو فائدي جي آسري ۾ رکي نقصان ڏجيس. سخت
صدمو اتي ئي رسندو، جتي بهتريءَ جي اميد ۾ بدتري
پرائجي. جاڙ ڪرڻ ان کي چئبو آهي. وڃجي سڱن لاءِ ته
ڪن به ڪپائي اچجن.
ماڻهوءَ ۾ شرطي عمل:
امريڪن من ودوان وئٽسن، ٻارن تي ڊپ جي اثر بنسبت
تجربا ڪيا جن مان ظاهر ٿيو ته ٻار کي ٽي ڳالهيون
فطرتاً
ڊيڄارين ٿيون: (1)سور (2) ڪرڻ جو احساس (3) زوردار
آواز. جي انهن سببن مان ڪنهن سان به ڪو شرطي اهڃاڻ
شامل ڪبو ته اهو به خوف پيدا ڪندو.
وئٽسن رقمطراز آهي ته ائلبرٽ يارهن مهينن جو ٻار
آرام سان پنهنجن سهن، ڪئن ۽ ٻين جانورن سان کيڏندو
هو. تجربي جي پهرئين ڏينهن، هڪڙو اڇو ڪئو جنهن سان
هن ڪي هفتا راند ڪئي هئي، اوچتو ڇٻيءَ مان ڪڍي
سندس اڳيان رکيو ويو ۽ ائلبرٽ پنهنجو ڏائو هٿ ان
ڏانهن وڌايو. اڃا هن جو هٿ ڪئي کي لڳو ئي مس ته
ڪياڙيءَ وٽ هڪ لوهي لٺ تي ،حـُـرڪي جو سخت ڌڪ لڳو.
ٻار ڇرڪ ڀري آڏو اٿلي پيو ۽ پنهنجو منهن هنڌ ۾ هڻڻ
لڳو پر دانهن ڪانه ڪيائين. اهڙي ڪيترين وارداتن
کان هفتو پوءِ ساڳيو ڪئو سندس سامهون آندو ويو.
ٻار ڪَئـُه کائي هيسجي رڙڻ لڳو ۽ پاسو ورائي چؤ
پيرو
بانبڙا
ڏئي وڃي هنڌ جي ڇيڙي تي پهتو. پوءِ ته ائلبرٽ جو
اهو شرطي عمل جو خوف، هر قسم جي بوجري جانور، سهي،
ڪتي بلڪ پشميني جي ڪوٽ ۽ ڪوچ تائين وڃي پهتو.
اهڙا شرطي ڊپ وري لاهي به سگهجن ٿا:
وئٽسن هڪڙي ٽن سالن جي ٻار پيٽر جو ذڪر ٿو ڪري،
جنهن جو سهن لاءِ شرطي پيدا ڪيل ڊپ هن طرح لاٿو
ويو، هڪڙي پڃري ۾ بند ٿيل سهو هڪ ڊگهي هال جي هڪڙي
ڇيڙي تي رکيو ويو، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي پيٽر کي
کاڌو ڏنو ويو، جيئن هي کائڻ کي وچڙيو، تيئن سهي کي
ويجهو ويجهو آندو ويو ۽ جتي پيٽر ۾، چورا کورا ڏسڻ
۾ آئي، اتي ان کي روڪيو ٿي ويو. روز بروز سهو ٿورو
ٿورو اڳڀرو ڪندي نيٺ حالت اتي اچي پهتي جو پيٽر جو
هڪڙو هٿ مانيءَ ۾ ته ٻيو سهي ۾.
ڏٺو ويو آهي ته جوانن تي ڪنهن به ٽڪ ٻڌڻ لاءِ گهڻو
جهد کپي، ڇاڪاڻ ته هو عقل کان ڪم وٺيو پاڻ بچايو
وڃن. البت جي سمجهه ڪٿي کٽي ته پوءِ ته شرطي ڪم
آسان آهن، ڪنهن مت موڙهي تي چٿر ٺاهڻ به شرطي عمل
جو هڪ نموني آهي. اسان جا آزمودا ۽ اسان جي تعليم
اهڙا شرطي عمل ڳنڍ ٻڌايو ڇڏين جي مرڻ تائين پچر
نٿا ڇڏين.
”بهيوئرسٽس“
يعني مشاهدي، جن جي دلچسپي انسان جي عمل ۾ آهي سي
ته ماڻهوءَ جي هر هڪ فطرتي عمل کي عڪسي عمل ۽ هرهڪ
پرايل عمل کي شرطي عڪس عمل ٿا ٺهرائين، جنهن کي
”نيئوائسوسيئيشنزم“
چيو ٿو وڃي. ائسوسيئيشنزم جو مرڪز هو احساس ۽ هن
جو آهي عمل. شرطي عملن مراقبي جي پوئلڳن کي گهڻو
دلگير ڪيو.
اختياري يعني ارادي عمل ۽ عڪسي عمل ۾ فرق اهو آهي
جو عڪسي عمل بنا خيال جي ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان
لاءِ مغز ۾ پيچرا ٺهي چڪا آهن. ارادي عمل خيال سان
ڪرڻو پوندو، جيسين عادت ان جا پورا پيچرا مغز ۾
ٺاهي. جڏهن پهرين ٻار پنڌ ڪرڻ سکندو آهي يا وڏي
هوندي سائيڪل هلائڻ سکبي آهي ته ارادي سان پاڻ کي
انهيءَ عمل ڪرڻ تي هير جو آيو. جڏهن مغز ۾ انهيءَ
ڪم جا گهاٽ گهڙجي ويا ته ٻار لاءِ پنڌ ڪرڻ يا وڏي
لاءِ سائيڪل هلائڻ هڪ عڪسي عمل ٿيو وڃي.
(9) ماڻهوءَ ۽ ٻين جانورن جي مغز ۾ فرق:
مغز ۾ احساسي ۽ تحرڪي مرڪز بنهه ٻنو ٻني سان ٻٽ ٿا
ٿين، انڪري قرابتي تندن کي ڪو پري وڃڻو ڪونه ٿو
پوي. جتي احساسي خبر پهتي ته بنهه ڀر کان تحرڪي
حڪم نڪتو. تحرڪي ايراضيءَ جي اڳ واري جاءِ قرابتي
تندن سان ڀريل آهي ۽ ان جي اڳ کان پيشانيءَ وارو
ڀاڱو سوچ ۽ سمجهه جو حصو ليکيو ٿو وڃي، جتي آئيندي
بنسبت ڀڃ-گهڙ جي لڳ لاڳاپن جا مرڪز آهن، نون ڪمن
جو سٽاءُ هتي ٿو ٿئي، نراڙ تي ڌڪ لڳڻ سبب ممڪن آهي
ته هر ڪنهن قسم جي اڳڪٿي ڪرڻ جي طاقت ويندي رهي ۽
ڪنهن نئين ڪم کي ڪامياب ڪرڻ جي همت
ئي نه ٿئي ۽ ماڻهو مستقبل جي ويچار لاءِ بنهه قاصر
۽ پست همت
ٿي پوي. نراڙ جا ڌڪ سمجهه کي گهڻو نقصان ٿا
پهچائين. قرابتي تارون انهيءَ هنڌ ۾ گهڻيون ٿيون
ٿين. قرابتي تندن جي ڦهلايل خبرن کي ڇنڊي ڇاڻي
ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کي ته سمجهه چئجي ٿو. مغز جي
پيشانيءَ واري حـصي جي پوئتان ڳالهائڻ جو مرڪزي
آهي ته ان جي هيٺان اک کي چورڻ پورڻ وارين تحريڪي
تنتن جا مرڪز احساسي جو پٺيون ڀاڱو وري احساسي
تنتن سان ڳتيل آهي، لئوندڙيءَ وارو حصو ٻڌڻ جي
احساس ۽ ساڻس لاڳاپيل مرڪزن جي تارن سان ڀريل آهي،
ڪياڙيءَ وارو ڀاڱو ته سارو ڏسڻ جي بندوبست سان رڌل
آهي. مغز جي تري واريون چڌيون جذبن ۽ جياپي جي
بندوبست ۾ محو. سارا اندريان عضواساڻن لاڳاپيل.
هيٺين جانورن جي نفسي اوٽن جي جاءِ به اها آهي.
مغز جي ارتقائي نقشي ۾ ڏسبو ته مغز جي تري واريون
چڌيون هر ڪنهن جيو ۾ آهن ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪم آهي
حياتيءَ سان، ۽ حياتي ته هر ڪنهن لهڻي. اڳتي جيئن
جانور سمجهه ۽ سرس ٿيندو وڃي، تيئن سندس مغز جي
مٿي گولائي به وڌندي وڃي. ننڍو مغز وري پکين ۾ سرس
پيو ڏيکارجي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪم آهي جانور کي
توازن ۾ رکڻ، جيئن ساڄو کاٻو ٻئي پاسا هڪ ڪرا رهن،
۽ اڏامندڙ پکين کي ته هموار رهڻ جي زمين تي هلندڙ
جانورن کان ظاهر ظهور زياده ضرورت آهي.
(10) مغز جو سامان ۽ سندس شعبا:
مغز جي بناوت مان معلوم ٿيو ته (1) اوٽن ۽ جذبن جي
جاءِ تر ۾ اٿس ۽ اهو سندس اوائلي ۽ بنيادي حصو آهي
(2) حواسن جا مرڪز چؤ ڦير ورڇيل اٿس (3) بت کي
چورڻ لاءِ تحرڪي مرڪز ۽ تارون اٿس (4) قرابتي تندن
جي وسيلي ڦهلايل خبرن کي ڇنڊي ڇاڻي سوچڻ سمجهڻ ۽
سرت جو سامان اٿس.
مغز جي بناوت مان مغز جون مشغوليون به ظاهر پيون
معلوم ٿين:
(1) اڌمن ۽ حواسن سان بدن جون اندريون ٻاهريون
حالتون معلوم ڪرڻ (2) انهن کي ويچار ۾ آڻڻ ۽ (3)
فيصلي موجب بت کي چورڻ يعني ته احساس، خيال ۽
اختياري عمل. احساس سان پنهنجي آسپاس کان واقف
ٿئي، خيال سان انهن جي چڱاين مداين کي پروڙي ۽ عمل
سان وڻيس ته انهن جي ويجهو وڃي يا ڀڄي پاسو ڪري.
کيس پورو اختيار آهي ته حالتن جي مدنظر تي جيئن
وڻيس تيئن ڪري. نفسيات جو تعلق به ماڻهوءَ جي فقط
احساس، خيال ۽ عمل سان آهي جتي به ڪنهن ڳالهه جو
اثر، خيال يا عمل تي پوي ته نفسيات کي ويچار ڪرڻو
ٿيندو.
ارتقا: مطلب ته اهو مغز آهي جو حواس هلائي ضرورتن
موجب پنهنجا اندريان ٻاهريان ڪم ڪندو ٿو رهي. هٿ
پير ته فقط سندس هٿ ٺوڪا اوزار آهن، جي سندس آگيا
انوسار گهربل ڪم ڪندا ٿا رهن. مغز ڪٿي الر ڪرڻ جو
حڪم ڏئي ته ڪٿي ڪـَـئـَُـه کائي جان بچائڻ جو،
اختيار سندس تعميل بدن جي. مغز موڳو ٿيو ته جان
بچائڻ مشڪل. دنيا جون اڇلون، ارڏايون ۽ ڪشمڪشون ته
مغز کي اجارين ٿيون نه ته سندس جوهر ڪيئن کلي.
جڏهن واٽ وڃائي اوجهڙ نڪري وڃبو آهي، تڏهن ته مغز
تي بار پوندو آهي ته سمجهه ساڻي ڪري حافظي جي
حوصلي کي تاڻي، همٿ سان حيلو ڪري وري دڳ لڳي.
تڪليف آئي مونجهارو ٿيو پر مغز کي به ڪافي ورزش
ملي ۽ حوصلو به وڌيو.
ڏکين حالتن کي سلجهائڻ جي ڪشمڪش ۾ تدبر سان پير
جهلي اسرڻ ۾ ته ترقيءَ جو راز رکيل آهي، مغز جي
خوبين ۽ خامين جي پرک ۽ سندس برتري دنيا جي ڪارزار
۾ آهي نه تياڳ ۾.کٽ تان لهي جو پٽ تي ستو ان کي
ڪرڻ جو ڊپ ته ڪونه آهي پر پوئتي ويو نه اڳتي.
ماڻهوءَ جا ڪي خيال پراڻا ٿي بيڪار سمجهجي
ميسارجيو وڃن، پر وري دماغي ضعف جي حالت ۾ ڪنهن
نه ڪنهن مهل ٻي جوڻ ۽ ٻئي روپ ۾ موٽيو اچن. اسلام
جي اچڻ کان پوءِ تياڳ ته رخصت ورتي پر وري
انڪساريءَ جي روپ ۾
”خاڪ
شو پيش از آنڪ خاڪ شوي“
جي شڪل وٺي اچي سهڙيو. هي رڳو پستيءَ جو دلاسو
آهي.ترقيءَ جي راهه فقط اها آهي جو چئجي ته
”همت
مردان مدد خدا،“
ڪم ڪرڻ کان آءٌ هٽندس مور ڪين،
جي ميس ته به مون کي چوندا آفرين.
مطلب ته بدن جي ٿوري يا گهڻي چرپر مطلب سان آهي،
مغز جي مرضيءَ مطابق آهي جنهن لاءِ کيس هرڪو حق
حاصل آهي ته ان ۾ حالتن موجب اهڙي ڦير گهير ڪري
جنهن سان مطلب کي رسي. مغز جي احساس، خيال ۽
اختيار جو شغل هر وقت جاري آهي، جنهن جي مدنظر
ڪونه ڪو آئيندو مقصد آهي ئي آهي ۽ هو ان ڏانهن
پوري توجهه سان قدم کڻندي به ايتري آسانيءَ سان
هلندو ٿو رهي جو گهڻو ڪري اسان کي خبر به ڪا نه ٿي
پوي ته ڇا پيا ڪريون. ائين پيو ڀانئبو ته جيئن نه
ڪو ٻيو هٿ اسان کي وٺي پيو هلندو هجي ۽ اسين بنان
چون چرا جي هلندا وڃون. مغز جي اها روش ٻاراڻيءَ
وهيءَ ۾ مائٽن ۽ ٻين لاڳاپي وارن ننڍن وڏن سان
جدوجهد ۾ ائين ته ٺهيو وڃي جو وڏي هوندي به ساڳئي
نموني از خود هلندي هلي. جتي ڪن نين نرالين حالتن
جي پيدا ٿيڻ ڪري ڪنهن ڦير گهير جي ضرورت ٿئي ته
اتي ئي احساس ٿيندو آهي ته ڪجهه ڪري رهيا آهيون.
مغز جو پهريون ڪم آهي جان بچائڻ ۽ تڳائڻ ۽ ٻيو
پنهنجي لاءِ بهتريءَ جو سامان موجود ڪرڻ. ضروري
آهي ته هن کي مخالفن سان مقابلو رٿڻو ۽ ڪرڻو پوي.
انڪري سندس روش جو رخ هار-جيت جي سلسلي ۾ اٽڪيل ئي
رهندو. هار پست همت ڪندي، نراسائي ڏيندي ۽
ڪـَـئـَـه کارائي قدم هٽائي ويندي. اهڙي وقت ۾ وري
پنهنجي طاقتن کي هيڏهن هوڏهن گڏ ڪري همٿ ٻڌي
جوابداريءَ ۽ دل جي صفائيءَ کي ساٿي ڪبو ته وري به
آسن اميدن سان پاڻ کي مقابلي جي پهرين صف ۾ ڏسبو.
ظاهر آهي ته اسان جي روش جو هر هڪ فعل سماجي ماحول
جي ڪشمڪش جو نتيجو آهي، مغز کي ته هميشه سماجي
مسئلن کي منهن ڏيڻو ۽ شراڪتي مشڪلن کي حل ڪرڻو
آهي، انڪري جي ڪنهن جي خيالن کان واقف ٿيڻو هجي ته
ڏسجي ته پنهنجي لڳ لاڳاپي وارن سان ڪيئن ٿو هلي.
اسان جي فعلن مان اسان جا خيال ۽ خواهشون ظاهر ٿيو
پون. |