سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: نفسيات  (پاڻ سڃاڻ)

باب: نائون

صفحو :12

باب نائون

حواسي خبرن مان علم ۽ سمجهه جو ٺهڻ

(1) مغز جون خابرو تحرڪي ۽ قرابتي ايراضيون

ڪتي جي مغز ۾ جي خابرو ۽ تحرڪي ايراضيون ليڪي وڃبيون ته باقي ڪو ٿورو حصو وڃي رهندس. پر ماڻهوءَ جي مغز جو گهڻو حصو اڃا به بچي پوندو، ڇاڪاڻ ته هيترين خابرو ۽ تحرڪي ايراضين جي وچ ۾ ڪيتريون ڪشاديون قرابتي ايراضيون به اچي ٿيون وڃن، جي ڪتي يا باندر جهڙن جانورن ۾ ٿوريون ۽ ننڍيون  ٿيون ٿين. البت سنگهڻ جي خابرو ايراضي ڪتي ۾ ماڻهوءَ کان گهڻي وڏي ٿي ٿئي.

اهي خابرو ايراضيون آهن، جن ۾ حواس ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇهڻ جون خبرون مغز ۾ پهچائين ٿا پر جي قرابتي لڳ لاڳاپن جون ايراضيون نه هجن ته ڪنهن به شيءِ بابت گهڻيون خبرون ڪٺيون ٿي، مناسب سلسلن ۾ سامائجي، جيڪر ڪا به جامع صورت وٺي ڪين سگهن ۽ الڳ الڳ ڇڙين خبرن جي صورت ۾ ئي رهجي وڃن. جيئن ڪو اکين سڄو هاٿيءَ تي هٿ گهمائي سندس ساري بيهڪ جي اندازي ڪرڻ کان عاجز ٿي پوي. ساڳيءَ طرح ڪلهوڪين ٻڌل خبرن کي اڄوڪن ڏٺلن واقعن سان ملائي، سندن معنيٰ ۽ مطلب تي پهچڻ لاءِ قرابتي سلسلا ضروري آهن. اهي قرابتي لڳ لاڳاپا آهن، جن جي وسيلي شين جي مختلف وصفن کي گڏ ڪري، ورڇي، ڳنڍي، سڃاڻي، سمجهي سندن مفهوم ۽ مطلب پروڙي، دنيا جي اسباب سان واسطا ٺاهي، واقفيت حاصل ٿي ڪجي. حقيقت ۾ سمجهه چئجي ئي مغز جي انهيءَ لياقت کي ٿو جنهن جي وسيلي ڪنهن به سلسلي جا لڳ لاڳاپا پوريءِ طرح ڳنڍي ڳوتي صحيح ڪري سگهجن. پر جي قرابتي جوڙ جڪ مغز ۾ نه هجي ته سمجهه ڪٿان اچي. راڳ ڇا آهي؟ هڪ ترتيبوار آوازن جو سلسلو. ساڳي طرح حساب؟ هڪ ترتيبوار رقمن جو سلسلو. فلسفو؟ هڪ مرتب خيالن جو سلسلو ۽ گرامر؟ هڪ لفظن جو سلسلو. انهيءَ دستور هر هڪ علم ۽ هنر پنهنجن پنهنجن خبرن جي سلسلن ۾ پوتل ٿو رهي ۽ سمجهه لياقت، جا سندن خبرن کي ڇني، ڳندي، سندن نسبتون ۽ قرابتون نروار ڪري سگهي.

معلوم ٿيو ته مغز جي خابرو ايراضين جا تنتي گهرڙا ٻن طرحن جا ٿين ٿا. هڪڙا اهي جي حواسن کان حواسي ڪرون ٿا وٺن ۽ ٻيا ڌار ڌار خبرن کي ملائي ترتيبوار صورت ڏئي تصويري شڪليون ۽ خيالي صورتون پيدا ٿا ڪن.

هرهڪ خابرو ايراضيءَ جي چؤڦير وڏي شاهي قرابتي ايراضي ٿي ٿئي، جنهن ۾ جامع شڪليون صورت  ٿيون وٺن، انب کي ياد ڪريو ته حوصلو، هڪدم انب بنبست اوهان جي  ڄاڻ جي سموري سلسليوار ترتيب ڪيل فلم اوهان جي خيال ۾ اکڇنڀ ۾ ڦيرائي ويندو.

تحرڪي ايراضين ۾ به ساڳي صورت آهي. ٻار کي ڪنڌ جهلڻ، ويهڪڙو ٿيڻ، بانبڙن پائڻ ۽ پنڌ ڪرڻ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪري پنهنجن ڪيترين مشڪن سان اڪيچار سلسلا ٺاهڻا ٿا پون ۽ پوءِ جڏهن قرابتي گهاٽ گهڙجيو وڃن ته بنا ڪنهن هٻڪ جي هل هليو. ياد هوندو ته اکر لکڻ ڪيئن سکيا هئاسين. ان زماني ۾ هڪ هڪ انڊي ڀرڻ تي مغز ۾ ڪيترا قرابتي رشتا ٿي ٺهيا. هاڻي جو لڳ لاڳاپا ٺهيا پيا آهن ته بنان چيٺ جي لکندا وڃون. بعضي ته ساڄي هٿ  جو ڪم کاٻي هٿ کان وٺڻو پوندو آهي ته ڪيترو نه اڻانگو لڳندو آهي.

انهن خاص خابرو ۽ تحرڪي قرابتي ايراضين کان سواءِ ٻيون وڏيون عامي قرابتي ايراضيون به آهن، جي منجمله ساري مغز سان پيچيدن خيالي سلسلن ۾ ڳنڍيل آهن، جن جي ڳنڍجڻ سبب هر طرف جي سچيتي پيدا ٿي ٿئي. جنهن کي چئجي هوش. جيترو  خيال کي ڊوڙائبو اوترو هي مرڪز زور وٺندو ويندو ۽ هوش وسيع ٿيندو ويندو. گهڻا ته هڪڙي ڳالهه جي سلسلي کي ويچارڻ ۾ منجهي پوندا آهن، ڪي ته ٻن بنهه نرالين ڳالهين تي گڏوگڏ خيال ڪندا هلندا، ڪي وڌيڪ. ٻن ڳالهين تي ويچار ڪرڻ لاءِ به ڪي خيالي مشڪن پچايل مغز کپن. هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. ڪوشش ڪري ڏسو ته قدر پوي. دماغي مشڪن ڪرڻ سبب خيال به منجهس اهڙيون مقرر صورتون ٿو ٺاهي، جهڙيون ڪي ڪاريگر نقاش ٻاهر چٽي رکي، پڪيون ۽ پختيون.

اڃا پورو پتو ڪونه پيو آهي ته ڪنهن کي سڃاڻجي ڪيئن ٿو يا ڪا ڳالهه يادگيريءَ ۾ ڪيئن ٿي اچي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته جڏهن به ڪنهن شيءِ بابت ويچار ٿو ڪجي، تڏهن ان سان لاڳاپيل سڀ مرڪز هوشيار ٿا ٿين. اهي مرڪز پکڙيل ٿا ٿين، نه هڪ جاءِ تي. امريڪي من ودوان لئشليءَ ڪئن تي باريڪ تجربا ڪري ڏيکاريو آهي ته جڏهن ڪنهن ڪئي کي منجهائيندڙ پيچرن مان کاڄ واري پيچري ڳولڻ جي حوصلي حاصل ٿيڻ بعد، اهو مرڪز آپريشن ڪري ڪوري ٿو ڇڏجي ته پوءِ به ٿوري وقت کان پوءِ ڪئو ڪنهن ٻئي مرڪز جي زور  تي واٽ سڃاڻيو هليو وڃي. ظاهر آهي ته دنيا جي شين سان دماغي قرابتون گهڻين جاين تي ٿيون جڙن، نه هڪڙي مرڪز تي. ان ڪري جي يادگيريءَ جو لاڳاپو هڪڙي هنڌ ٽٽو ته ٻيو مرڪز ڪم کي چالو ڪيو وڃي.

قرابتي رشتا بعضي غلط احساس يا غلط خيال سبب، نه رڳو غير معمولي پر اهڙا خطرناڪ به گهڙجي ويندا آهن جن جو نتيجو ڪيترين دماغي بيمارين، ماليخوليا بلڪ ديوانگيءَ تائين وڃي پهچندو آهي، انهن خطرناڪ رشته سازين جو علاج فقط اهو پروڙيو ويو آهي، ته کين آپريشن ڪري ڪپي ڇڏجي. اهڙي آپريشن کي ليوڪاٽامي چئبو آهي. آپريشن کان پوءِ ته ماڻهوءَ جا گهڻا لڳ لاڳاپا دنيا سان ٺاهيل ڪپجيو وڃن. ان ڪري وائڙو ۽ نئون وارد معلوم ٿيندو، جيسين خابرو تنتن ۽ مرڪزن سان نئين سنئين نوان ۽ مناسب گهاٽ گهڙي.

ڏٺو ويو ته ڪن دماغي بيمارين ۾ جڏهن به مريض کي مرگهي ٿي ٿي ته سندس چريائي گهڻو وقت گهٽجي ٿي وئي. مرگهيءَ جهڙو اثر ڪنهن چڱي ڀلي ۾ به ڪارڊيئيزول جي سئيءَ يا بجليءَ جي ڌار مغز ۾ اڇلڻ سان پيدا ڪري سگهجي ٿو. اهي طريقا چريائيءَ جي علاج ۾ مفيد ثابت ٿيا آهن.

حواسي ڪَرُ: معنيٰ حواسن مان ڪنهن به حواس جي مغز کي ڏنل خبر. هاڻي ڏسون ته حواسي ڪـَـرُن مان مغز سمجهه ڪيئن ٿو پيدا ڪري. ننڍڙي ٻارڙي کي جي لڪي لڪي پٺيءَ ۾ سئيءَ سان چڀڪو ڪبو ته هو هڪدم ايذاءُ محسوس ڪري، جي ويٺل هوندو ته ايذاءَ واري جاءِ ڏانهن هٿ ورائيندو ۽ جي پاسي ڀر ليٽيل هوندو ته ٻئيءَ ڀر اٿلڻ جي ڪوشش ڪندو. ان لاءِ ته ايذائيندڙ شيءِ پري ٿئي. پوءِ جي ڪجهه سمجهه وارو ٿيو هوندو ته ان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڇا هو نه ته ٺهيو. ٿي گذري، پر مغز تي انهيءَ آزمودي جو ليڪو لکجي ويو، اهڙو جو اصل نه ڊهي.

سئيءَ چمڙيءَ جي ڪنهن خابرو تنت جي پچڙيءَ کي ڇيڙيو، جنهن کي چئجي چونگ. چونگ جي اثر انهيءَ خابرو تنت تي بجلي ڊوڙائي جا کن ۾ وڃي مغز جي خابرو مرڪزن جي انهن جيو - گهرڙن ۾ پهتي جن جي شاخن جي پاڻ ٺهيل آهي ۽ چمڙيءَ جي انهي ايذايل جاءِ سان لاڳاپيل جنهن کي مغز سان ڳنڍي ٿي. مغز هڪدم تحرڪي مرڪز جي گهرڙن وسيلي تحرڪي تنتن تي بجلي ڊوڙائي، گهربل مشڪن کي چست ڪري، بدن ۾ اهڙي چرپر پيدا ڪئي، جنهنڪري بت ايذائيندڙ شيءِ کان پري ٿئي. ايذاءَ جي حواسي ڪـَـر، بدن جي چمڙيءَ واري حواس کان مغز ۾ پهتي ۽ تحرڪي ڪم جو حڪم بدن ڏانهن ويو. ٻئي ڪم، تنتن جي وسيلي بدن متعلق ٿيا. پر ذهن ۾ ڪو به خيال پيدا ڪونه ٿيو. اهڙي ڪم کي تنتي ڪم يعنينروس ائڪشن چئجي ٿو. نه ذهني خيالي ڪم. يعني مينٽل ائڪشن مغز ڪجهه به نه پروڙيو. نڪا اها خبر پيس ته ايذاءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو. نڪو ڪو خاص خيال ڪيائين، نڪو خاص حيلو هلايائين، ائين ته ڪنهن بيسمجهه جيت کي به ڇهبو ته دت هڻي پئجي رهندو. ٻار ۾ به ساڳيو هڪڙو عڪسي عمل ٿي چڪو پر خيال ۾ ڪجهه نه آيس ته ڇو ٿيو ڇا ٿيو. البت جي ايذاءُ سرس لکايو هوندائين ته ان جي تنوار مغز ۾ هوندس. ٻيو ڪجهه به نه. ان کي چئبو خالص احساس، جنهن نه مغز ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪيو نه پاڻ ئي ڪا مقرر خيالي صورت وٺي ذهني حيثيت حاصل ڪئي، اهو هو مغزي ڏوريءَ جو ڪم وڏي مغز فقط ايذاءُ لکايو.

ڪجهه وقت کان پوءِ وري به لڪي ٻار کي اهڙو چڀڪو ڪريو. هاڻي هڪدم هوشياريءَ سان بدن کي چوريندو ڇاڪاڻ ته اهو عڪسي چڪر اڳ  به عمل ۾ اچي  چڪو آهي ۽ آزمودو اٿس. هاڻي البت وڏي مغز ۾ چتاءُ ٿيندس ته اڳ به ائين ٿيو ته هو انڪري هن حواسي ڪَر کي خالص حواسي ڪـَـر ڪين چئبو. ڇاڪاڻ ته مغز ۾ به اڳين ياد پيدا ٿي، پر وري به اها خبر ڪانه پئي ته ڇا هو ڇا ٿيو. جنهن کي جيڪر پوري ذهني پروڙ چئجي.

هاڻي ٻار کي سئي ڏيکاريو ۽ سندس ڏسندي ڪٿي ساڳيو چڀڪو ڪريوس ته هو هڪدم انهيءَ ايذاءَ کي اڳين ٻن آزمودن سان ڳنڍي پروڙي ويندو ته اهي ايذاءَ به انهي شيءِ پيدا ڪيا هئا. هاڻي سندس ذهن ۾ ايذاءَ ۽ ايذائيندڙ شيءِ ٻنهي جي نمونن جي ڄاڻ پئي ۽ منجهن تعلق پيدا ٿيڻ ڪري ڪجهه قرابتي گهاٽ پڻ گهڙجي ويا. هن کان پوءِ جي لڪائي چڀڪو ڪبس ته ايذاءَ سان گڏ سئيءَ جي شڪل به ذهن ۾ تري ايندس ته اهو انهيءَ جو ڪم. هن سلسلي کي پروڙ ٿو چئجي. مغز ۾ پروڙ پيدا ٿئي ان لاءِ ضروري  آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه حواس مغز کي خبرون ڏين، جن تي ڪا مت قائم ڪري  ڳڻڳوت ڪري سگهي. هن ويچار بعد شيءِ جي شڪل رنگ ۽ اثر کي ملائي ٻار ان بنسبت اوائلي خيال ٺاهيندو جنهن کي چئبو مت. پوءِ جيئن جيئن سئيءَ جي ٻين خصوصيتن ۽ ڪمن مان واقف ٿيندو ويندو، جيئن ته هٿ ۾ کڻڻ سان سندس وزن، سختي، لساڻ، ٿڌاڻ، چهنب، پاکو وغيره تيئن ساڻس زياده قرابتي رشتا ٺهندا ويندس ۽ اوائلي متيون پختن خيالن جي صورت وٺنديون رهنديون. ان کي چئبو ٻوجهه. هي ڪم نـِـلو ذهن جو آهي ۽ مغز جي اندر ٿو ٿئي. يعني ته پورو مينٽل ائڪشن.

وري جو وڏي هوندي خبر پوندس ته سئيءَ ۾ ڌاڳو وجهي سببو به آهي، سئي لوهه جي ٺهيل آهي وغيره ته پنهنجي پراڻي واقفيت  سان تازي معلومات ڳنڍي، هنڍائي ترتيب وار علم بنائيندو ويندو. علم معنيٰ حقيقتن جو سلسليوار مجموعو. انهيءَ سلسليوار رٿ کي ٿو چئجي، حوصلو يا سمجهه. سچ چيو هو بيڪن ته علم حاصل ڪرڻو اٿوَ ته حقيقتون هٿ ڪريو، جن جي شاهدي حواس ڏين. خوابي خيالن مان نه وري.

چنڊ کي ڏسڻ سان مغز کي فقط اک جو هڪڙو حواس خبرون ٿو ڏئي، البت اک به طرحين طرحين خبرون ڪٺيون ڪندي رهي آهي. مثال: چنڊ روز بروز نئين شڪل ٿو وٺي، چوڏهين تاريخ تي پورو گول ٿو ٿئي، چمڪي ٿو، منجهس ڪي داغ به آهن وغيره. پر ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به حواس کي اتي پهچ حاصل ڪانه ٿي آهي ان ڪري کيس پروڙڻ مشڪل ٿي پيو آهي ۽ چنڊ بابت اسان جي ڄاڻ ڪا علمي حيثيت وٺي نٿي سگهي. هميشه حيرت ۾ ٿو رهجي ته اهو ڇا آهي. پروڙ، ٻوجهه، سمجهه کان ٻاهر، سندس متعلق ڪا به محققانه راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي.

هاڻي معلوم ٿيو ته ڪيئن نه مغز حواسن رستي دنيوي شين جي ڄاڻ حاصل ڪري، کين خيالي صورت ۾ آڻي پنهنجو ڀنڊار ڀريندو ٿو رهي. ڪيئن پربت جيڏي جبل کي خيال جو روپ ڏئي پاڻ ۾ سانڍيو رکي، گهر ۾ چار شيون رکو ته ڀريو، پر مغز سڄي دنيا جي فرنيچر سمائڻ سان به اڃا خالي!

اسان تجربي خاطر چمڙيءَ کي سئيءَ سان چونگ ڏئي ذهن کي سوچ ۾ وڌو پر فطرت ڪهڙي رستي نئين آيل ٻار کي چونگون ڏئي پنهنجي پٽي ٿي پڙهائي. سو به ڪو مزيدار طريقو هوندو، فطرت جي چونگ دلچسپي آهي، جا اسان جي گهرجن جي آڙ ۾ ضروري شين لاءِ دلچسپي پيدا ڪري من جو ڌيان انهن ۾ کوڙي، ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙيندي دنيا جي اسباب سان ذهني واقفيت ڳنڍيندي ٿي رهي، جيئن بک پيٽ کي چونگ ڏئي ٻار کي وياڪل ڪري سندس کاڌي جي ضرورت پوري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ڪري. اها ڪا نه ڪا اندرين چونگ آهي جا ٻاهرين دنيا سان اسان جو تعلق ٿي جوڙي ۽ اها دلچسپي آهي جا اسان جو ڌيان گهربل شيءِ ۾ کوڙي ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ واجهه ٿي وجهي. گهر ويٺي آواز ته ڪيترائي ڪن تي پيا پون، پر ڪنهن خاص آواز ڏانهن ڇڪجي، ان کي ڪن لائي ٻڌڻ ۽ ورنائڻ اهو ڪم دلچسپيءَ جو. جنهن جي دلچسپي جيڏانهن هوندي اهو گهربل آواز اونائيندو، جنهن جو ٻار ستل هوندو ته ان جو ڪن ٻار جي رئڻ کي پيو ڪنائيندو. جنهن کي ڪنهن دوست جي اچڻ جو انتظار هوندو سو موٽر جا آواز پيو جاچيندو، وڏڙو ٻار آئيسڪريم واري جو آواز جهٽ ٻڌندو. اهي سڀ ڌيان دلچسپي ٿي پيدا ڪري.

دنيا جي غلغش ۾، ذهن کي هڪ طرفو ڪري سوچڻ لاءِ به دلچسپيءَ جي ضرورت آهي، نه ته ماستر صاحب جي سمجهاڻي، پروڙ ۾ اچڻ کان سواءِ آواز جي صورت ۾ ئي ايندي ۽ نڪرندي رهندي، پر ذهن ۾ ڪا به خيالي صورت ڪانه وٺندي، دنيا سان قرابتي رشتيداريون فقط دلچسپيءَ سان ئي ٿي سگهن ٿيون، جا هڪ وڏو وسيلو آهي، حواسي ڪرن جي چونڊڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو. سمجهه به انهي چونڊ ۽ ڇنڊڇاڻ جي صفائيءَ سان ٻڌل آهي، جا خيال کي چٽو ٿي ڪري، نه ته خيال منجهيل هئڻ سبب نه چت ۾ جاءِ وٺندو نه جٽاءُ ڪندو.

حواسي ڪرن جو احساس ۽ پروڙ ۾ فرق: بي سمجهه ٻار به چنڊ ڏسندو پر پروڙ ۾ ڪين ايندس ته ڇا آهي، ڇا نه آهي. چوڏهين جي چنڊ ڏسندي جي خيال پيدا ٿئي ته چنڊ چوڏهين جو آهي ته اهو ڪم پروڙ جو. اڃا به جي ڪو محسوس ڪري ته سارو چنڊ هڪجهڙو روشن نه آهي، منجهس ڪي گهٽ روشن جايون يعني داغ به آهن، وري داغ به جهڙا سهي جا ڪن. شنبڪ وانگر پيو لڳي! وري دل پئي چوي ته جهڙو سنڌ جو نقشو. هاڻي ته ذهني ڀڃ - گهڙ، پروڙ کان مٿڀرو هلي، ڪنهن قدر سمجهه کي ويجهو پئي آهي.

تڪميلي متو: چنڊ کي ويچاريندي پروڙ جو هڪ وڏو اصول به پڌرو ٿي ٿو پوي، جنهن کي تڪميلي متو ٿو چئجي. تڪميلي متي جو چوڻ آهي ته ذهن ڪنهن به منجهيل شيءِ کي بي ترتيب صورت ۾ سمجهه ۾ نه آڻيندو، جيسين ان کي ڪنهن اڳي ڏٺل شڪل يا شيءِ يا سندس ڀاڱن مان ڪنهن سان نه ڀيٽي، يعني ته سندس کٽل ٽڪرن ۾ پنهنجي تصور مان پرزا شامل ڪري کيس ڪا پوري ترتيبوار مڪمل صورت نه ڏئي، جيئن اسان چنڊ جي بي معنيٰ داغن کي ڪنهن گاهل - ماهل صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

شام جو جڏهن سج لهڻ جو نظارو آسمان ۾ ڏسبو آهي تڏهن ان کي باهه سان مشابهه ڪبو آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس باهه وارا رنگ ڏسبا آهن. بعضي جڏهن آسمان سنهڙين ڳتيل ڪڪرين سان ڇانيل ڏسبو آهي ته ان کي تتر کرڙي چئبو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪو نظارو ڪنهن واقف شيءِ جي صورت ۾ پروڙبو آهي نه ته مغز ۾ جاءِ نه وٺندو ۽ ڪرُن جي صورت ۾ ئي گم ٿي ويندو.

حواسي ڪَرُن  جي ماپ: ڊيگهه، ويڪر، اُڀائي جاميٽريءَ جون ماپون آهن ۽ حواسي ڪرُن جا درجا آهن (1) سندن نمونو (2) تيزي (3) جٽاءُ. حواسي ڪـَـرُ اثر پيدا تڏهن ڪندي، جڏهن سندس هر هڪ وصف ڪنهن حد کان گهٽ نه هوندي، پر جي ڪا به وصف ٻڙي ٿي ته جاميٽريءَ وانگر نتيجو هتي به ٻڙي ٿيندو. البت هتي محسوس ڪندڙ جي ذهني ڪيفيت به وڏو اثر ٿي رکي، جنهن جي سچيتيءَ کان سواءِ ڪيتري به تيز حواسي ڪـَـرُ بي اثر رهندي.

سمجهه جا ڌوڪا:  ڪنهن به ڳالهه، خيال يا شيءِ کي هر ڪو پنهنجو موجود معلوميت ۽ آزمودي موجب ويڃائيندو. بيخبر ڪنهن بلند هوائي جهاز کي پکي سمجهندو، پر ڄاڻو ته سندس گهاٽ ۽ قسم به سڃاڻي ويندو. هڪواريءَ جي ڪنهن شيءِ جو نقشو ٻوجهه جي درجي تي اچي چڪو ته پوءِ جيڪا  ٻي اهڙي شيءِ پري کان ڏسڻ ۾ آئي جنهن جو هڪڙو پاسو ئي ان جهڙو هوندو ته اها به ساڳي شيءِ سمجهبي، جيسين ان کي ويجهو وڃي سڀ پاسا ڏسجنس. واريءَ سان ڇانيل پوٺن تي رڃ، پاڻيءَ جي ڏيکاري ڏيندي، ٻهراڙيءَ ۾ واٽ هلندي ننڍن وڏن ڳوٺن ڏسڻ تي هري ٿو وڃجي. پوءِ جي پري کان ڪٿي ڪي ٺلهيون ڀٽون ئي نظر آيون ته به سمجهبو ته ڪو واهڻ آهي جيسين ويجهو وڃجين. منهن اونداهيءَ مهل پري  کان ڪا گاهه جي دن ڏٺي ته به ڀانئبو ته ڪو گهر آهي.

انهن حالتن ۾ نظر جون ڪرُون هڪ طرفي خبر ڏيڻ سبب غلط سمجهه ٿيون پيدا ڪن ڇاڪاڻ جو ڪنهن گهر کي پري کان ڏسبو ته گهڻو ڪري سندس سامهين  ڀت ڏيکاربي. ظاهري اطوار ته اهو ٿيو باقي گهر جا اندريان اطوار، سندس صفا، در، دريون، اڱڻ، اسباب سڀ تڪميلي متي موجب ڪم ڪندي مغز پنهنجي اڳين آزمودن پٽاندر ٺاهيو وڃي، جيتوڻيڪ اهي ڏسجن به ڪين ٿا. هتي نظر جي ڪر پنهنجن اڳين قرابتي رشتن جي زور تي ڪيڏو نه ٺاٺ ذهن جي اندر ٻڌيو وڃي. پروڙ، ٻوجهه، سمجهه سڀ ذهن جا ڪم آهن. جي قرابتي ناتا ڪپي ڇڏبا ته سڀ گم ٿي وينديون، پر نظر جون ڪرون پوءِ به رهنديون، گهر جي ڀت ڏسبي پر گهر جو اندر مغز ۾ ڪونه ايندو، ڪتاب جا اکر اکيون ڏسنديون پر مطلب مغز ۾ ڪونه ايندو.

حواس جو ڪم آهي ذهن کي خبر ڏيڻ، حواس ذهن نه آهي پر جي حواس کريل هوندو ۽ غلط خبرون ڏيندو ته ذهن جو ڪم به کري پوندو. جي ٻار بورڊ جا اکر ئي برابر ڪين ڏسي سگهندو هوندو ته صحيح سمجهه ڪيئن سامائبس، پر قصور سمجهه جو ڪين چئبو. ساڳيءَ طرح اون اوسيڙو ۽ تانگهه پروڙ کي مورڳو تيز ڪيو ڇڏين. جهنگ ۾ هلندي جي اُڃ به لڳي ته نه رڳو ڀتين کي گهر سمجهبو، پر اندر گهڙو پاڻيءَ جو ۽ چمڪڻو وٽو به پيو ڏيکاربو. وري جي ڪو بگهڙ جو کٽڪو پيدا ٿيو ته ننڍڙا وڻ به بگهڙ جي ڏيکاري ڏيندا. ڪا کٻڙن جي ويڙهه پري کان ڏٺي، ته ڦورن جي ٽولي سمجهي، ڪو رفيق هلندي هلندي جدا ٿي ويو ته ان کي ووڙيندي ڪا بنڊي ڏسبي ته به هڪلي وڃبس  ته اُهو آيو. ڪو ماڻهوءَ جو آواز ڪن پيو ته به پهرين انهيءَ وڇڙيل رفيق جو سمجهبو جيسين پڪ پوي. اڻتڻ ڪيترو نه سمجهه کي ڌوڪو  ٿي ڏئي! مطلب ته جيترو ڪا خواهش مغز  جو ڌيان هڪ طرفو ڪندي، اوترو جلد ذهن اها شيءِ محسوس ڪندو.

دماغي خلل ڪيترا اهڙن ڌوڪن جي ڪري ٿيندا آهن. سالم دماغ وارو به ڌوڪو کائي سگهي ٿو پر جلد ئي پروڙي ويندو ته ڀلو هوس. منجهيل مغز پاڻ کي غلطيءَ کان آجو ڪري ڪين سگهندو ۽ انهيءَ  ڌوڪي ۾ ئي هلندو رهندو جيسين مغز جاءِ ٿئيس.

حواسي دائره جي ترتيب جو ذهن تي اثر: حواس سڀ مغز کي هوشيار ٿا ڪن. جڏهن به ڪجهه نظر ٿو اچي ته ذهن ۾پروڙجڻ کان پهرين مغز ۾ سجاڳي پيدا ٿي ٿئي نه ته جيڪر ڏسجي به ڪين. مغز کي هوشيار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حواسي ڪـَـرُ ڪنهن قدر تيز هجي، جو اثر پيدا ڪري سگهي. جهيڻو آواز يا ڌنڌلو نظارو پورو اثر نه ڪندا. بعضي ڪي نظارا اهڙا به ڏسبا، جن جو نه منهن نه سر، نه رٿ نه رمز صفا بي تالا. سج لهندي آسمان جو نظارو بعضي اهڙو ته يلان ڦلان لڳندو آهي جنهن ۾ نه ريت نه رٿ. ڪٿان ڳاڙهو، ڪٿي پيلو، ڪٿي اڇا ڪارا ڪڪر، ڪٿي نيلو آسمان. بعضي ته وري رنگ اهڙا رٿائتا ۽ ترتيبوار ڏسبا، ڄڻ ته نقش چٽيو پيو آهي، هموار ۽ دلڪش. ظاهر آهي ته رٿ ۽ ترتيب ذهن ۾ جلد جاءِ ٿي وٺي، ڇاڪاڻ ته من کي وڻي ٿي. وري جو تارن ڀري رات جو آسمان ڏانهن نظر ڪبي ته تارا بنهه ترتيب ۽ کنڊريل ڏسبا. ڪي چمڪڻا ته ڪي ڏسڻ ۾ نه اچن. ڪٿي ڳت ڳتي پئي آهي ته ڪٿي ڳچ ٽڪر خالي. جيڪڏهن تارا به ڪن جاميٽريءَ جي شڪلين پٽاندر بيٺل هجن ها ته آسمان جو نقشو به ڪڏ هوڪو گهڻن جي مغز ۾ اچي وڃي ها.

منجهيل حالتن کي سمجهڻ لاءِ مغز پنهنجي قرابتي ايراضين جي توسلي سان، وائڙين حواسي ڪرُن کي رٿائتي ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هيٺيون تجويزون ڪم ٿو آڻي:

(1) رٿڻ ۽ ترتيب ڏيڻ: جيڪي ويجهيون شيون ڏسبيون تن کي گڏي جملا ٺاهڻ، جيئن تارن ۾ ڪتيءَ  جو جهڳٽو. جي اٺ ڄڻا ٻن چؤنڪڙين ۾ ويٺا ڏٺا ته چئبو ته چار- چار ٻن جملن ۾ ويٺا هئا. جي ٻه ليڪون بنهه ڀرسان هونديون ته ٻٽي ليڪ چئبس. نه ته ٻه ڌار ليڪون.

(2) هڪجهڙائي: چمڪڻا تارا ڪيترو به پري هجن پر هڪجهڙائيءَ ڪري ڌار ڪري وڃبا. ميوي جي ڍڳ ۾ جنس جنس جا عدد ڌار ڪبا، اَٺ انب، ويهه ڪيلا وغيره. ماڻهن جي ميڙ ۾ مرد زالون ڇوڪرا ڇوڪريون ڳڻي وڃبا.

(3) سلسلو: ٽيڙو، سلسلي جي ڪري مغز ۾ ويهي ويو آهي.

(4) پوري شڪل ڏيڻ: کوهه، کٽ، ٻيڙي، وڇون، تارن ۾ رٿي ته ڇڏيا اٿئون، پر سالم شڪل ته ڪنهن جي به ڪانه ٿي لڳي، البت تڪميلي متي موجب کوٽ کي تصور سان ڀريو ڇڏيون.

(5) سڊولائي: چنڊ پوري گول هئڻ سبب ڪنهن ڏنگي ڦڏي ڪڪر کان جلد ٻار جي ذهن ۾ به جاءِ وٺي ويندو.

(6) چِٽ ۽ پَٽ: جيڪڏهن ڪپڙي تي ڪو گل ڀريل هوندو ته گل ٿيو چٽ ۽ ڪپڙو پٽ. وڻ جو گل يا ميوو چئبو چٽ ته پن ٿيا پٽ. ڪنهن جبل کي ڏسبو ته سندس پٽ ٿيندو آسمان. فوٽي ۾ ماڻهو چٽ ته باقي اوسو پاسو سندس پٽ. ساڳيو توسلو ٻين حواسن سان به لاڳو آهي. راڳيندڙ چٽ ته سندس سازن وارا پٽ. شرنايو چٽ ته دهلاري پٽ. ذائقي ۾ ڪباب چٽ ته ماني پٽ. مطلب ته مکيه نروار شيءِ کي چٽ ٿو چئجي ۽ ٻين کي پٽ. قلعي تي توب رکيل ڏسجي ته توب چٽ، قلعو پٽ. پر جي توب تي طوطو ويٺو هجي ته توب کي پٽ چئبو ۽ طوطي کي چٽ. مطلب ته چٽ کي سندس پٽ چٽو ڪري ٿو بيهاري. ان ڪري پٽ هميشه جهڪو رکجي ته چٽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي.

لِڪَ: چٽ ۽ پٽ جي اصول موجب ڪٿي به ڪنهن جو ڌيان ڇڪي سگهجي ٿو.پر جي ڀانئجي ته ڪنهن جو ڌيان نه ڇڪجي ته لڪ ڪبي آهي يعني ته چٽ ۽ پٽ ٻئي اهڙا رکبا جيئن چٽ چٽو نه ڏيکارجي. جيڪڏهن ڪا توب جهنگ ۾ رکجي ته ان جو رنگ به اهڙو ڪجي. جهڙو ڀروارين شين جو. قدرت ته پنهنجن جيون کي جيئندان ڏيڻ لاءِ لڪ جو اصول گهڻي قدر ڪم آندو آهي. مٽيءَ ۾ هلندڙ ڪيڙن ۽ بلائن جو رنگ به مٽيءَ جهڙو. اڪ مڪڙ، سائي گاهه ۾ يا وڻ تي ويٺو هوندو ته ڏسبوئي ڪين. جهڙا پوپٽ اهڙا گل.

بعضي هلندي هلندي ڪا شيءِ ڌيان ڇڪائي وري ٿڙي ويندي. تتر جي ڇپ هڻي ويٺو ته شڪاري ويٺو ڳوليس. جهنگ جا جانور ته عام طرح لڪ جي تجويز سان جان بچائيندا رهندا آهن.

گيسٽالٽ متو: گيسٽالٽ لفظ جي معنيٰ ئي آهي شڪل يا صورت. جڏهن ٻار پنهنجي ماءُ کي ڏسي ٿو ته هن جو سارو قد بت سندس  ذهن نشين ٿو ٿئي وري جڏهن اسڪول ۾ بورڊ، رول، ميز، بينچ ٿو ڏسي ته هرهڪ جي پوري شڪل ٿو پروڙي. مٿي ڏيکاريل تجويزون جيڪي ذهن، منجهيل صورتن کي سمجهڻ لاءِ ڪم ٿو آڻي، سي سندس ذاتي ڄائي ڄم جون لياقتون آهن يا پوءِ آزمودي مان ٿو پرائي، اها گهڻو وقت تڪراري ۽ فيصلي طلب ڳالهه رهي آهي. قديم من ودوانن ائين ٿي سمجهيو ته من اُهي لياقتون تجربي مان ٿورو ٿورو ڪري حاصل ٿو ڪري. هنن جو چوڻ هو ته ٻار جي حواسي دنيا منجهيل ۽ باريڪ حواسي ڪرُن جي ٿي ٿئي، جن کي پوءِ هو ترتيبوار ڪري موڙي جوڙي جداگانه صورت ڏئي حواسي نشان ٿو ٺاهي. انهيءَ متي تي اسٽائوٽ 1896ع ۾ ردبدل شروع ڪئي ۽ پوءِ به ڪيترا جرمن محقق گيسٽالٽ متي جا حامي ٿيڻ لڳا. هنن جو رايو هو ته مغز ڄائي ڄم کان پوريون شيون احساس ۾ ٿو آڻي ۽ نه ذرو ذرو ڪري. ڄمڻ کان پوءِ آزمودي مان ٿو پروڙي. البت شين جي سڃاڻپ ۽ واقفيت آزمودو ٿو ڏئيس. پر ڏسي ساري شڪل هڪدم ٿو، نه ذرو ذرو ڪري، جيئن جو گيسٽالٽ جي لفظي معنيٰ ئي آهي شڪل يا بيهڪ.

ٻار ڪيئن ٿو شيون ڏسي ۽ پروڙي ان بابت ڪا ثابتي هٿ ڪانه آئي آهي، باقي اهڙا ٻار جي ڄائي ڄم کان بي نور هئا ۽ پوءِ کين آپريشن جي ذريعي نظر ملي، سي ڏسڻ سان ئي سڄون ساريون پوريون شيون ڏسڻ لڳا نه ذرو ذرو ڪري. البت انهن شين جي ڄاڻ ڪانه هين، ان ڪري کين بروقت سڃاڻي نٿي سگهيا. انڌا جي ڇهڻ سان اکر پڙهندا هئا، تن جڏهن نظر سان اهي اکر پهرين ڏٺا ته ڏسي پڙهي ڪين سگهيا، جيسين آڱر سان ڇهي سڃاتائون ته ساڳيا اکر ڏسڻ سان ڪيئن ٿا لڳن. ساڳيءَ طرح ٻيون شيون جي ڇهڻ سان سڃاتل هئن، پر ڏسڻ سان سڃاڻي نه سگهيا، جيسين واقفيت ٿين پر ڏسڻ ۾ سڄون ٿي آين. ظاهر آهي ته شيءِ سموري ٿي ڏسجي. ڀل ته ڪيترا به پاسا، ڪنڊون، گولايون هجنس. جاءِ هجي، جبل هجي يا ڪو نظارو ته سارو ئي ڏسبو ته نمبروار پهرين هيءُ ڀاڱو پوءِ هو ڀاڱو. حواسن جو ڪم مڪمل شين سان آهي نه پرزن سان ۽ سمجهه حواسن جي ڏنل خبرن سان ٻڌل آهي.

ڪن جي حواس جو به ساڳيو ڪم آهي، هرهڪ راڳ ۾ سا، ري، گا، ما جا آواز آهن. پر انهن کي وقت وڇوٽي ۽ مهل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ورڇڻ سان هزارين راڳڻيون ۽ سر ٺهيو پون، جن جو روپ، رنگ، بيهڪ، اثر هر هڪ جو نرالو . آزمودو آهي ته ڪـَـنُ، راڳ  جا ڌار ڌار آواز ساري، گا، ما محسوس ڪين ٿو ڪري پر ساري راڳڻيءَ جي ڇايا، ۽ جي ڪٿي ڪا غلطي ٿي وئي ته چئبو ته راڳڻي نه بيٺي، پر ائين ڪين چئبو ته ري، غلط وئي يا گا غلط ٿي ويو.

پروڙڻ ۾ نه رڳو حواس ڪم ٿا ڪن پر  اڳيان  آزمودو، ذهني سٺا طبعي لاڙا، پنهنجون گهرجون ٻين جي صلاح وغيره ۾ ڪم ڪندا ٿا رهن.

(1) آزمودو: ڪو ماڻهو قد ۾ ننڍو ڏسڻ ۾ اچي ته آزمودي مان سمجهبو ته پري آهي، چٽي شي‌ءِ ڏٺي ته سمجهبو ته ويجهي آهي.

(2) ذهني سٽا: ذهني سٽا يعني مغز جو رُخ. جي ذهني سٽا اوچتو بدلجي وئي ته مغز ۾ مونجهارو پيدا ٿيندو. سوال آهي ته هڪڙي بس ۾ ڇهه ڄڻا آهن. گهٽيءَ مان هلندي ٻئي نمبر گهر وٽ بيهي ٿي، جتي ٻه لهن ٿا، چار چڙهن ٿا. ڇهين نمبر گهر تي چار چڙهن ٿا ۽ هڪ لهي ٿو، اٺين نمبر گهر تي ٻه لهن ٿا ٽي چڙهن ٿا. ٻڌايو ته بس گهڻا ڀيرا بيٺي؟ في الحال ته سڀ منجهي ويندا ڇاڪاڻ ته سلسلو اهڙو سٽيو ويو هو، جنهن مان ذهني سٽا وڃي ماڻهن جي ڳڻڻ تي کتي هوندي، نه بس جي بيهڻ جي ڀيرن تي. ظاهر آهي ته ٻڌندڙ هٻڪي جواب  ڏنو هوندو. خيال کي هڪ طرف رجوع ڪري وري جو کڻي اوچتو رخ بدلبو ته في  الحال ته مونجهارو وٺي ويندو.

(3) طبعي لاڙا: حقيقت ۾ طبعي لاڙا به ذهني سٽائون آهن، جن جي مدنظر ڪي مقرر مطلب ٿا ٿين. ڪنهن جو لاڙو مذهب ڏانهن، ڪنهن جو علم ڏانهن، ڪو راڄ سان، ڪو لڙائيءَ سان. سمجهه ته طبعي لاڙن جو اثر هيٺين تجربي مان ظاهر ٿيندو. ماليات، جماليات، سماجيات ۽ الاهيات جي اميدوارن کي خطي امتحان مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪي لفظ فانوس جي وسيلي سيکاريا ويا. لفظ هڪ هڪ ڪري ڏيکاريا ويا پر اهي، جن جو تعلق سندن ڪمن سان هو، مثال ماليات جي متعلق هئا. آمدني، وصولي، واپار، نفعو وغيره. جماليات بابت هئا: سونهن، راحت، نفس، لطافت وغيره ۽ ساڳيءَ طرح ٻين لاءِ. پوءِ انهن کي چيو ويو ته ڏيکاريل لفظن مان ڪي به ٽي لفظ لکو ته انهن گهڻا لفظ اهڙا لکيا جي سندن ڪمن سان لاڳاپيل هئا. مثال الاهيات وارن لکيو: پاڪائي، پرهيزگاري، بهشت وغيره ته سماجيات وارن لکيو: ڀائٽي، لڇڻ، محبت وغيره.

(4) جذباتي ٺاٺ: اهو اثر متعصب ماڻهوءَ ۾ ته سولو ڏسي سگهبو، ڪن شخصن ۾ خار پيدا ڪري ، مثال شيعن ۾ سنين لاءِ يا مظلومن ۽ ظالمن لاءِ. ٻين غير متعصبن سان گڏي هڪڙي شڪلين جي لانڍ، هڪ هڪ ڪري ڏيکاري وئي . پهرين شڪل هئي ڪتـُـي جي، پوءِ ڪيتريون شڪليون نمبروار ڪتي کان ڦرنديون وڃي ٻليءَ تي بيٺيون. هرهڪ کي فقط هڪڙي شڪل بابت لکڻو هو ته شڪل ڪنهن جي هئي، ڏٺو ويو ته تعصبين گهڻين وچولين شڪلين لاءِ لکيو ته، ڪتو.

(5) پروڙ تي گهرج جو اثر: ڪنهن شيءِ جي جاچي ڏسڻ مان اندازو ڪري سگهبو ته ماڻهو ڪهڙي شيءِ جو ڳولائو آهي، بازار جي نمائشي ڪٻٽن ۾ ڪو مردانين شين کي نهاريندو ڏسبو، ته ڪو زنانين کي، ته ڪو فقط غير ضروري سهڻين شين کي. بکايل جي اڳيان ڪا مبهم شيءِ يا ڪا اڻپوري شڪل رکو ته هو انهن ۾ ڪانه ڪا پنهنجي کائڻ جهڙي شي‌ءِ ڏسندو.

(6) ٻين جي چئي جو اثر: فانوس جي وسيلي هڪ شڪل لحظي لاءِ ڏيکاري وئي، شڪل ۾ ٻه ننڍا گول، وچين ليڪ سان ڳنڍيل هئا، جنهن ٽوليءَ کي چيو ويو ته  شڪل عينڪ جهڙي هئي، پوري ڪمانن کان سواءِ عينڪ جي شڪل ڪڍي، جن کي چيو ويو ته شڪل ڊمبيل جهڙي هئي، انهن پورو ڊمبيل ڪڍيو. اصل شڪل ته بالڪل سادي هئي يعني ليڪ سان گنڍيل ٻه گول.

ڪن وجهڻ:

ڪُنِ وجهڻ معنيٰ گوش گذار ڪرڻ، صلاح يا راءِ ڏيڻ. اهو چوڻ صلاح يا رايو، نيڪ هجي يا بد، اڳلي جي فائدي لاءِ يا بنهه کيس گمراهه ڪري پنهنجي فائدي لاءِ، ان سان هتي اسان جو مطلب ڪونه آهي. هتي فقط اهو ڏسڻو آهي ته ڪنهن جي چئي جو، ٻڌندڙ جي ذهن تي ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر ٿو پوي.

معلوم آهي ته ٻار تي چئي جو اثر وڏي  کان گهڻو ٿو ٿئي. وڏو به جيڪو پنهنجي خيال، نفعي نقصان جاچڻ ۽ فيصلي جو ڪوچڙ هوندو سو ٻئي جي چئي تي جهٽ لڳي ويندو. بنهه بيخيال کي پورو پرمتڙيو چئبو ۽ بنهه خود خيال کي پورو پنهنجي مرضيءَ وارو اڙٻنگ، جنهن تي ڪنهن جي نيڪ صلاح به اثر نه ڪري. وچين وهه وارا وري ٻين جي چوڻ ۾ ڪجهه پنهنجو خيال به شامل ڪري کڻي ڪا راءِ قائم ڪندا، پر پوري خوض ۽ ويچار وارا ذري ذري ڳالهه کي ڳڻي ڳوپي متڀيد لهندا ته فلاڻي جو هيئن چيو سو ڪهڙي مطلب سان. ان ۾ منهنجي ڀلائي يا نقصان؟

روزه مرهه جي هلچل ۾ اسين اهو وچون وهه وٺندا آهيون پوءِ ڪٿي کٽيو ڪٿي هارايو. پر منزل ڪڍي وڃبي آهي. البت جي چوڻ واري جي ديانتداريءَ ۾ شڪ هجي پوءِ ته حواسن کي پوريءَ طرح کليل رکڻ ضروري ٿيندو. هونءَ ته واپاري چوندو ته هيءُ سير، هيءُ پاءُ، هيءُ هيترو آهي، چڱو ٺهيو. هيءُ زعفران آهي. چڱو. پيٽرول پمپ وارو آواز ڏيندو ته اٺ گئلن آيا، چڱو.  پر ڪجهه نظر پنهنجي به چست هئڻ مناسب آهي.  البت هر هڪ شيءِ کي برابر تپاسڻ ته ورچايو وجهي. بعضي ته کير وارو چوندو ته بنهه نجو کير آهي ۽ خاطري به هوندي ته اڌ ڊيئريءَ جو مکڻ نڪتل کير ۽ اڌ پائوڊر جو پاڻي هوندو ته به چئبو  ته ٺهيو. ڀلا ڇا ڪجي! ساڳي حالت آهي روزانن ٻين ڪمن، ڳالهين ۾ ۽ خيالن جي.

تشويش ۽ بدني توڙي ذهني ٿڪ ته هڪدم ٻين جو چوڻ قبول ڪرائي ڇڏيندو. اهڙن منجهلن ۽ ٿڪلن جي آسري تي ته نجومي، هٿ ڏسڻ وارا، تعويذن ۽ طلسمن ڪرڻ وارا پنهنجو سکيو گذر ڪندا ٿا رهن. نه رڳو پرمتڙيا پر چڱا پڙهيل به انهن جي ڦندي ۾ اٽڪي اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، جي کل جهڙيون، پر نجومين جون ڳالهيون به سندن چيو ٿيو. سندن نيت الائي ڪهڙي.

مسمريزم وارا ته کلم کلا ٿڪ پيدا ڪري پنهنجي چئي جو اثر ڪنهن جي دماغي ڪمزورين تي وجهندا آهن. سندس سامهون تيز روشني رکندا ۽ هو ان ۾ اکيون کوڙي ڏسندو. جڏهن ڀانئيندا ته هاڻي مغز موڳو ٿيو هوندس تڏهن هن تي پنهنجي چئي جو اثر وجهندا هاڻي تنهنجون اکيون ڳوريون ٿيون آهن....بالڪل ڳوريون. ننڊاکريون... بنهه ننڊاکريون. هاڻي ڄاڻ ته توکي ننڊ آئي... آئي ڪي آئي. ائين ڪندي ننڊ آڻي ڇڏيندس. هن جي مغز ۾ ايتري طاقت نه رهندي، جو سندس  چئي جي خلاف ڪجهه عقل به ڪم ڪري. تنهنجي نرڙ تي مک ويٺي آهي، ان کي هڪل، ته هو هٿ کڻي ان کي هڪليندو ، حالانڪ اهو رڳو عامل جو چوڻ هو نه حقيقت. هاڻي پنهنجا ڪپڙا مٽاءِ“ ته هو ائين ڪندو ۽ بالڪل بيخياليءَ سان.

مسمريزم رستي ڪيترن دماغي خللن ۽ وهمن جو علاج به ڪندا آهن ته هاڻي توکي سور لهي  ويو، صفا لهي ويو. سور ڪونهي، بالڪل ڪونهي، بنهه ڪونهي. تانڪ ماڻهو سجاڳ ٿيو ته سور به ڪونه ڀانئيندو. اهڙن علاجن لاءِ به بنهه دماغي ڪمزور، دربدر ٿيندا آهن يا مطلبي استاد.

خواب، وڦل، اوٿارا بلڪ ننڊ ۾ هنڌ ڇڏي گهمي ڦري وري اچي هنڌ ۾ پوڻ، حقيقتون آهن، پر اڃا ته ننڊ بابت به پوري چٽائي ڪونهي ته ڪيئن ٿي اچي!

ذهني سٽا، لاڙن ۽ رغبتن ۾ فرق: هر ڪنهن جي ذهني سٽا ساڳي نٿي ٿي، ڇاڪاڻ جو طبعي لاڙا ۽ رغبتون جي فقط واٽون آهن، پنهنجن مطلبن حاصل ڪرڻ جون، هر ڪو پنهنجي ماحول ۽ وس موجب تجويز ٿو ڪري. هر ڪو ڄائي ڄم کان ذاتي طلبون ساڻ ٿو آڻي، جيئن ته کاڌي جي ضرورت ۽ پرايل مطلب، جيئن ته آسودگيءَ جو سامان هر وقت سندس مدنظر رهن ٿا، جن جي پورائي لاءِ هو پنهنجي جسمي ۽ مالي پڄنديءَ آهر اپاءَ پيدا ڪندو ٿو رهي. جتي ڪنهن جي دل جي چاهنا سندس موروثي حاصلات پوري نٿي ڪري سگهي ته کيس ڪو هنر يا علم پرائڻو ٿو پوي. ان کي ٿو چئجي تعليم، جا اکرن جو علم ڏئي يا ڪنهن هنر جو. اها تعليم هرڪو پنهنجي وس آهي ڪيتري ۽ ڪهڙي حاصل ڪرڻ جي مدعا مقرر ڪري، ان موجب پنهنجا لاڙا ۽ رغبتون پنهنجي روش ۾ ڏيکارڻ ٿو لڳي ۽ هر ڪنهن جون ضرورتون ماحول ۽ خيال مختلف هئڻ سبب، هر ڪنهن جي ذهني سٽا نرالي صورت ٿي وٺي.

رفته رفته اهي ضرورتون پورين ڪرڻ جون واٽون رسمي ٿي ويون آهن ۽ پڙهڻ، هنر پرائڻ يا ڪو ڌنڌو ڪرڻ عادتي صورتون وٺي چڪيون آهن. ڪو به خيال ڪونه ٿو ڪري ته ڇو يا ڇا. ان ڪري ڪا بهتريءَ جي صورت  به ڪانه ٿي نڪري، ڄڻڪ خيال جي حد اها آهي. رسم روز مرهه جي روش کي سولو ضرور ڪري ٿي پر بهتر ڪانه ٿي ڪري. بهتري واڌاري سان ٿيندي. ترقي چستيءَ جو نتيجو نه سستيءَ جو، ۽ رسمي حالتون هڪڙي ڍنڍ جي مثال آهن، جتي پاڻي لاڳيتي بيهڻ ڪري ڪنو  ٿيندو رهندو. ضروري آهي ته تعليم جو رخ بلنديءَ ڏانهن رهي نه ته تنزل لازمي ٿيندو.

ڌيان:

جاڳندي ته پل پل من ۾ ڪيترائي خيال، موجي من گهڙتون، حواسي ڪرون، وسوسا لاڳيتا هلندائي رهن ٿا، پر پوري پروڙ يعني سچيتيءَ ۾ بنهه ڪي ٿورا ٿا اچن، عيد نماز جي خطبي ٻڌندي، جڏهن چت کي پوريءَ طرح ان ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي تڏهن به گهٽيءَ وارين گاڏين جي آواز، ٻارن جي ڊڪ ڊوڙ، اگربتين جي خوشبو يا مسجد جي چٽساليءَ ۾ گهڻي قدر ڌيان ورڇجي ويندو آهي، ويتر جي اٿي ڪا خيرات جي ٽولي اوڳر تي ۽ ڏسبو ته ٻٽون به غسلخاني ۾ رهجي ويو ته ڌيان خطبي مان بنهه نڪري  ويندو. پوءِ واعظ جو آواز، حرام جو سمجهه ۾ اچي. اهو ان ڪري جو سچيتيءَ تي ڪن ٻين اثرائتين حقيقتن جو اثر پئجي چڪو آهي.  ظاهر آهي ته ڌيان سچيتيءَ جي پسنديءَ سان ٻڌل ٿو رهي، جيڏانهن به ڇڪيس، من ۾ ڪئين ڳالهيون هلنديون ٿيون رهن ۽ ڌيان به پنهنجو مرڪز بدلائيندي ايترو ته ٿورو ٿي وڃي جو ڪا به خيالي صورت چٽائيءَ ۾ نه اچي. ڌيان پروڙ کي پوريءَ طرح هڪ هنڌ کوڙڻ کي چئجي ٿو.

ڌيان کي قائم رکڻ جا ٻه رستا آهن: (1) مفعولي (2) فاعلي. مفعولي اهي ڳالهيون آهن جي خود مغز کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ۽ فاعلي منحصر آهن خود من جي لاڙن، رغبتن گهر، پسنديءَ ۽ دلچسپيءَ  تي. ڪا به ڳالهه ڌيان تي آڻڻي هجي ته فاعل جي دلچسپيءَ کي خيال ۾ رکي ان کي اهڙو رنگ ڏجي جو هن ۾ دلچسپي پيدا ڪري ته سندس ڌيان ڇڪجي. اڄڪلهه اهو اصول اشتهاري هنر ۾ گهڻي قدر ڪم آندو ٿو وڃي. ڪيئن نه اشتهار ڪشش ٿا ڪن، ڪانه ڪا سونهن منجهن شامل ضرور آهي جا ڌيان ڇڪي. ان کان سواءِ ٻيون ڳالهيون به ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪارگر آهن جيئن ته:

(1) تيزي: تکو آواز يا تيز رنگ ڌيان ڇڪائي ٿو. ان ڪري جهيڙن ۽ مناظرن ۾ طرفين آواز کي تکو ڪندا رهندا آهن ته ٻڌندڙن تي اثر پوي. هوٽلن وارا ته لائوڊ اسپيڪر ڪم آڻيندا آهن. رنگن رنگن جا شيشا ڀري رکندا آهن، يا رنگين بلب لڳائي ڌيان ڇڪائيندا آهن.

(2) مقدار: معمولي ماپن کي مدنظر رکندي جي ڪا بـُـنڊ جيڏي پينسل ڏجي ته هڪدم ڌيان ڇڪيندي.

(3) چـُـرپـُـر: ڪنهن به چرندڙ يا صورت بدلائيندڙ شيءِ کي ڌيان ڇڪائڻ جي خاصيت آهي، انهي خيال تي واپاري پنهنجن نمائشي ڪٻٽن کي سينگاري منجهن روشنيءَ جو اهڙو بندوبست رکندا آهن جو بلب پاڻيهي وسامندا ٻرندا رهن، يا ڪڏهن اڇا ٻرن، ڪڏهن رنگين، يا ڪا ريل گاڏي رکندا جا هلندي رهي يا رنگين پاڻي شيشي جي بلبن ۾ ڦرندو رهي. چؤڏول ۽ ميري گورائونڊ ۾ به ساڳي ڪشش ٻارن کي ڇڪيندي آهي.

ٻين حواسن تي به ساڳيو اثر ٿو ٿئي، ڪو آواز گهٽ ٿي تيز ٿئي، وري گهٽجي ته هڪ ڪري آواز کان گهڻو ڌيان  ڇڪائيندو. تقرير ڪرڻ وقت هن اثر جو فائدو وٺڻ گهرجي ۽ وقت بوقت آواز جو وزن سرتال ڦيرائيندو رهجي.

(4) ورجائڻ:  وري وري ڪجهه چوڻ يا ڪرڻ سان به ڌيان ڇڪجي ٿو جيسين ان سان هري وڃجي. پوءِ ايتري دلچسپي نه رهندي. دروازي تي ٻه ٽي ڀيرا ٺڪ ٺڪ ڪرڻ ۾ به اهو ئي راز آهي، هڪڙو ٺڙڪو يا هلڪو آواز ايترو اثر نه ڪندو.

(5) ڊؤل: ڪا به سڌي سوڌي ترتيب واري شيءِ ناهمار ۽ بيڊؤلي  شڪل کان زياده ڌيان ڇڪائيندي. ان ڪري اشتهار اهو اثر رکندو جيڪو ليڪن جو چوڪڙيءَ اندر هوندو ۽ منجهس دلپذير خالي جڳهيون ۽ ٿلها اکر هوندا.

(6) نواڻ: ڪا به نئين ڍنڪ رنگ جي شيءِ يا حقيقت ڌيان ڇڪيندي. ميونسپالٽيءَ جي پريذيڊنٽ کي ٻهاري پائيندو ڏسبو ته هرڪو واٽهڙو ڏسڻ لڳندس. ڪو باغيچي ۾ نئون گل ڦٽو ته ڌيان ڇڪائيندو.

ڌيان جا فاعلي فقرا:

شيءِ ڪهڙي به هجي پر جيسين فاعل جي ڪنهن نفسي اوٽ تي سندس اشتهار اثر نه ڪيو آهي، تيسين ڌيان تي نه ايندي.ڪي هيسائڻ لاءِ ڊپ کي ڀڙڪائيندا. خبردار ملڪ ۾ ملڪيت جو ڪو احساس ڪونه رهيو آهي. قوم تباهه ٿيڻ تي آهي يا ملڪ ۾ سلهه جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي ڪنهن جي خودداريءَ کي جاڳائڻ لاءِ چوندا اي غافلو! يا اي اهل تميز! ڪهل کي اڀارڻ لاءِ وري ضعيف ۽ بيمار ٻارن جي ٽولي ڪري ڇاپيندا يا هڪ توانو تندرست ٻار، ٻاڙرن لاءِ دلچسپيون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪڍندا. جفتي اوٽ ته هر هنڌ شايد ڪارگر ٿي رهي آهي، هر ڪنهن اشتهاري شيءِ جي  ڀرسان ڪا پري پيڪر نازنين به هوندي پوءِ ڌيان ڪيئن نه ڇڪجي! وري ڪو لڙائيءَ جو موقعو بڻيو ته ورديءَ ۾ جوان تمغن ۽ هٿيارن سان نوجوانن کي ڀرتي ٿيڻ تي ڇڪيندو، تعجب کي تيش ڏيڻ لاءِ لکندا: هي خالي جڳهه جلد ڪنهن دلچسپ احوال سان ڀربي. انتظار ڪريو.“

رنگ به سڀ عام پسند نه آهن، ڪو ڪنهن کي وڻي ڪو ڪنهن کي بڇان ڏئي. سوار گهوڙن کي جاچي، قدامت پسند آڳاٽين شين کي، کوجنا پسند چُرن ۽ غارن کي، حياتيات سان دلچسپي رکندڙ رنگين مکين ۽ پوپٽن ۾ محو. ٻار جو روئڻ ماءُ جهٽ ٻڌي، پنهنجي نالي تي ته هرڪو عاشق ، اڃا ڪو اهڙو پڙلاءُ پيس ته ڪن کڙا ڪندو.

ڌيان تي نه رڳو دلچسپيءَ جو اثر آهي پر طبعي لاڙن، موڙن، رغبتن، پـَـهن پـَـورن جو به گهرو اثر ٿو رهي. ڪو صفائي پسند شل نه باغيچي تي ڪو پني جو ذرو ڏسي ته کڻڻ کان ڪين رهندو. ڪٿي ڪک پيو نه سهندو. ڪنهن جي دل ۾ پور پيو ته دنيا کان ڦري وئي آهي ، پوءِ شل نه ڪنهن ۾ اڻلکي بيرخي  ڏسي ته هڪدم محسوس ڪندو جا رواجي حالتن ۾ بالڪل ڪين لکائي ها. جي ڪنهن کي بيمارين يا ناڪامين پست همت ڪري وڌو ته ويٺو سوڻ جاچيندو. ڏٺائين ڪانوَن جو ڪانگيرو ته موٽ پوئتي. اڄ سوڻ سٺو نه ٿيو. پادر اونڌو ٿيس ته قسمت ئي اونڌي. جي ڪا رات جو ڪـُـتي اونائي ڪئي ته اهو آسمان مان ڪا آفت لهندي ڏسي ٿو دانهون ڪري. مطلب ته دلچسپيءَ ۽ پور موجب  هر ڪا خسيس شيءِ به وڏو  اثر رکندي. وري جي ڪيڏانهن طبعيت جو رخ نه هوندو ته ڳوري ڳالهه به بي اثر رهندي. پوءِ ڀلي ان بيخياليءَ جا نتيجا ستائيندا رهنس پر وقت تي ڌيان نه ڇڪائيندس.سچ ته پنهنجو مغز اسان کي ٻين کان گهڻا ڌوڪا ٿو ڏئي، ڏوهه ته هميشه ٻين کي ڏبو آهي ته مون سان فلاڻي هيئن ڪيو، فلاڻي هونءَ ڪيو پر پاڻ کي ڏسڻ کان هرڪو پري.

رستي تي هلندي به هر ڪو پنهنجي رغبتن ۽ دلچسپيءَ موجب نظر ڦيرائيندو. نظر ڪم آڻڻ بابت سبق نه پڙهيو اٿئون پر اهو معلوم ڪونه ڪيو هوسين ته دل جي گهر کان سواءِ يادگيري به ڪنهن جي ڪانه رهندي. رڳو هڪڙي دڪان جون سڀ شيون ڌيان ۾ آڻڻ به ناممڪن ڪم آهي. شاگرد جو خيال ڪتابن جو دڪان ڇڪيندو، سگريٽ جو دڪان ٻيڙي پياڪ جو، جنهن سان جنهن شيءِ جي رغبت يا واقفيت اهو ان ڏانهن لڙندو. اها دلچسپي آهي، جا هر ڪنهن کي گهيريو وڃي.

وٿيرڪو ڌيان: گهڻين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندي ڌيان به ورڇبو ۽ سارو هڪ طرف نه رهندو. اها به حقيقت آهي ته ٻن ڳالهين تي ساڳئي وقت ويچار ڪرڻ معمولي نه آهي، ان ڪري ڌيان وٿيرڪو ٿي نٿو سگهي. ممڪن آهي ته جن ٻن ڳالهين تي ويچار ٿو ڪجي، سي مکيه ويچار طلب ڳالهه جا لاڳاپيل جزا هجن، پر جي برابر ٻه ڌار ڳالهيون هونديون ته ڪانه ڪا هيٺ ڏيکاريل صورتن مان هڪڙي هوندي: (1) ٻن مان فقط هڪڙي ڳالهه ڌيان طلب هجي. جن کي مڙهڻ جي پوري مشق هوندي، سي ساڳئي وقت پڙهي به سگهندا، ڇاڪاڻ ته پڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ جي لاڳيتي ضرورت ڪانه ٿي ٿئين. بعضي ته ڪنهن کي کڻ تي اٽڪ ٿي يا نمونو بدلبو ته پڙهڻ کان ڌيان وقتي ڦيرڻو ٿيندو. (2) ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڌيان ٻن ڳالهين ۾ تڪڙو تڪڙو ڦرندو رهي. مجلس ۾، ڀرواري سان به ڪن رس ڪبو اچبو آهي ۽ اجلاس جي مدنظر مباحثي تي به خيال ڏبو رهبو آهي، پر ڪنهن به وقت ٻنهي تي لاڳڙ ڌيان ڏئي ڪين سگهبو، يا هيڏي ٿيندو يا هوڏي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي رقمون جوڙ ڪرڻ لاءِ ڏجن ۽ کيس گڏوگڏ چئجي پڙهي ٻڌاءِ وري جو چئجيس ته لکي ڏي ته اهڙي ڪم ۾ چاليهه سيڪڙو غلطي ضرور ٿيندي. (3) وٿيرڪو ڌيان، بعضي اتي محسوس ڪبو آهي، جتي چـِـت، نه ته ڪن جدا مسئلن ۾ مشغول هوندو آهي پر هڪڙي پيچيدي شيءِ ۾. نار جي ارڙي مالهه ۽ سارو نار ٽي شيون آهن پر هڪ کان ٻي پيچيدي. جڏهن نار جي ذري پرزي سان واقفيت ٿي وئي ته نار سارو هڪ شيءِ ٿي پوندو ۽ خيال ڪرڻ تي سندس سڀ پرزا ڪم ڪندي تصور ۾ هڪدم آڻي سگهبا. پوءِ جي ٻه ٽي نار لاڳيتا هلندا هوندا  ته به سڀني تي نظر رکي سگهبي نه ته هڪڙي شيءِ آهي پر هڪجهڙين شين جو ميڙ.

ٻوجهه جو دائرو: من وديا جي هڪ دلچسپ کوجنا اها رهي آهي ته ڪيڏي ايراضيءَ جون شيون وچور وار هڪ لمحي ۾ ٻوجهه ۾ اچي سگهن ٿيون. هڪ جهٽڪڻي بتيءَ جي وسيلي ڏسڻ واري کي ڪي شڪلين يا ٻڙين وارا پتا سيڪنڊ جي ڪا پتي ڏيکاري سندس تعداد پڇيو ويندو آهي ته گهڻا ايڪا  هئا؟ ٻن چئن ڀيرن  سان جيڪو گهڻي ۾ گهڻو عدد ڌيان ۾ آڻي ٻڌائي سگهيو ته اهو ئي سندس ٻوجهه جو دائره سمجهبو.

نتيجن ظاهر ڪيو آهي ته جهڳٽي جا ايڪا، جي بي ترتيب کنڊريل هوندا ته رواجي ماڻهو فقط چار يا پنج ايڪا ٻڌائي سگهندو. انهيءَ عدد کان مٿي غلطيون ڪثرت سان پيش اينديون. صحيح عدد به ڪو اتفاق سان ٻڌائي سگهندو. جيڪڏهن پتي تي ٻڙين بدران اکر هوندا ته به، هڪ ڀيري ڏسڻ سان فقط چار يا پنج  ڏسي سگهبا. البت جي ٻڙيون رٿائتيون هونديون ته اکر جملن جي صورت ۾ چئن پنجن کان زياده صحيح ٻڌائي سگهبا. جي چئن ٻڙين جا چار جـُـهڳٽا هوندا ته هرڪو سورنهن ٻڙيون ٻڌائي ويندو. اهڙين حالتن ۾ به ائين چئبو ته ٻوجهه جو دائرو ڪو صحيح معنيٰ ۾ وڏو اٿس. چئن ايڪن جي عيوض چار جهڳٽا، ٿيا ته اوترائي ۽ ايڪن جو تعداد 4x4 ڪري ٻڌائجي ٿو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته سندس نظر سورهن ئي ايڪن تي ڦري آئي هوندي. چار لفظ به ساڳيءَ طرح خاص ڪري جي ڪنهن عام چوڻيءَ جا لفظ هوندا ته ايتري آسانيءَ سان پروڙي وڃبا جيئن چار اکر. ڇاڪاڻ ته لفظ به هـِـجي ڪري ته ڪين ٿا پڙهجن. لفظن جي صورت به اکرن وانگر مغز ۾ مقرر صورت وٺيو وڃي، ايتري قدر جو سنهيون ٿلهيون صورتخطيءَ جون غلطيون به نظر ڪين اينديون آهن.

ڌيان لڳائڻ سان وڌ ۾ وڌ ڪيترو ٻـُـڌي سگهبو، اهو به معلوم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن تڪڙا ٺڪاءَ ڪبا، ايترا جو ڳاڻيٽي ۾ اچڻ کان ٻاهر ته پنج- ڇهه مس ڳڻي سگهبا، پر جي ڪنهن سُر موجب ترتيبوار ٺڪاءَ ڪبا ته گهڻا ۽ زياده ڳڻي وڃبا.

ڌيان جو ٿڙڪڻ: ڌيان ڦٽائڻ بنسبت ڪيترا تجربا ڪيا ويا آهن،  خاص ڪري آوازن سان. نتيجن  ظاهر ڪيو آهي ته ڌيان جي ڦٽڻ  ڪري جيترو نقصان سمجهيو ٿو وڃي ان کان گهڻو گهٽ ٿو ٿئي، ڪيترن ماڻهن کان ذهني ڪم، خطرناڪ آوازن، گهوگهن، گهنڊن، راڳن، وڻندڙ لطيفن، مترڪن سان ڌم ڌم ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن نمونن سان ڌيان ڦٽائيندي ورتو ويو. ڪيترن چيو ته آواز نهايت منجهائيندڙ ۽ خار ڏياريندڙ هو. پر حيرت  اها رهي ته ڪم جي صحت تي سندس اثر ڪو ٿورو ڏسڻ ۾ آيو. ڪن حالتن ۾ ته ڪم مورڳو سڌريل ٿي لڳو.

آواز به  ڪي گهٽ ڪي وڌ منجهائيندڙ معلوم ٿيا. رکي رکي ٿيندڙ ۽ ڇرڪ ڀرائيندڙ آواز، خاص ڪري اوچتو ، لاڳيتن آوازن کان زياده ڌيان ڦٽائيندڙ ثابت ٿيا . معنيٰ خيز آوازن جهڙوڪ ڳالهين ٻولهين، اجاين آوازن، جيئن ته گاڏين جي هلڻ ۽ هلچل جي آوازن ٻين کان زياده ڌيان ٿي ڦٽايو.

انهيءَ فيصلي تي قائم رهڻ ته ڌيان ڦٽائڻ ڪري ڪم ۾ گهڻو خلل ڪونه  ٿو پوي ان ڪري خير جي گذري، خامين کان خالي نه ٿيندو. اهڙين پريشان ڪندڙ حالتن ۾ ڌيان کي کوڙي ڪم ڪرڻ ٻيو نه ته بدني سگهه جو ڪيترو زيادهه کاپو ڪندو ۽ ٿڪ گهڻو ۽ جلد لکائبو. ويتر جي لاڳيتو ڪم سندس موجود  سگهه جون حدون لنگهي ويو ته نهايت ٿڪائيندڙ ثابت ٿيندو ۽ جي اهڙيءَ حالت ۾ گهڻا ڏينهن گهارڻا پيس ته عجب نه آهي، جو سندس صحت ڊهي پوي.

شخصي تفاوت به ڪافي ۽ قوي ڏسبا. ڪي ريڊيي جي هلندي ذهني ڪم ڪيو وڃن، ڪي ته ان جي راڳن جي تانن ۾ ايترو محوَ ٿي وڃن، جو مورڳو ڪم ڇڏائي وڃين. ان کان سواءِ ڪم جي ضرورت به ڪافي اثر ٿي رکي. بهرحال مناسب ائين ٿيندو ته گوڙ ۾ زور لائي ڪم ڪرڻ تي جو پاڻ کي هيرجي ان کان بهتر آهي ته گوڙ کان پري رهجي ڇاڪاڻ ته گوڙ ايتري طاقت مفت ٿو گنوائي،جنهن جي عيوض ڪو واجبي فائدو ته ڪوبه حاصل ڪونه ٿئي.

ڌيان ڏيڻ ۾ بت به هڪ مقرر صورت وٺيو وڃي. حواس سڀ کڙا تڙا پوري پرجهه پيدا ڪرڻ لاءِ هوشيار ٿيو وڃن. بدني مشڪون به مزي ۾ اچو بت کي کوڙي هڪڙي هنڌ جهليو بيهن. ڪنڌ ۽ ڪلها چرڻ کان سوگها ٿيو وڃن، ساهه اونهو کڄندو هلي، ان ڪري تڪڙو به ٿيندو ته سگهه جي وڌيل خرچ جي تلافي ٿئي. ڪو به بدني ڪم وڌيو ته ڪاربان زياده ٿيندي. جنهن کي ساهه جي ذريعي ئي بت مان ڪڍڻو آهي ته آڪسيجن سان جلي ٻاهر نڪري. ڌيان ڏيڻ ۾ ويٺل ماڻهو بت کي ٿورو اڳتي آڻيندو. پوري ڌيان ۾ بدن اها صورت خودبخود وٺي ويندو. ڀل ته ڪو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هجي. پر جي ڪنهن ڳالهه سندس ڌيان ڇڪايو ته آهستي آهستي اها صورت پاڻيهي وٺي ويندو. مزو ته اهو آهي ته جي ڌيان نه لڳندو هجي ته بت کي انهيءَ صورت ۾ وجهڻ سان گهڻي قدر ٽڪاڻي لڳي ويندو. ڏسجي ٿو ته هر هڪ دماغي صورت پنهنجي ظاهري بدني صورت به رکي ٿي. ڪيافه شناسيءَ جو راز هتي آهي.

فتحمنديءَ جو راز ان ۾ آهي  ته جيڪو به ڪم ڪجي، سو پوري تاڪيد باريڪيءَ ۽ ڌيان سان ڪجي. جنهن زماني ۾ جو ڊارون کي ڏسندا هئا ته آتشي ڪاوا کنيو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنهڙن جيتن کي ويٺو جهنگ جي دُٻن ۾ جاچي ته گهڻا فقط کلندا ويندا هئا ته ڪري ڇا ٿو؟ پر جيڪي سندس سهڻي عشق جي اڻٿڪ  ۽ اٿاهه ڪوشش علمي دنيا کي ڏنو سو ويچار کان ٻاهر آهي. نفسي عشق مان پتو ٿو لڳي ته عشق ڪيڏو نه ولولو ٿو جاڳائي. ايتري قدر جو کاڌو پيتو ننڊ آرام حرام ٿيو وڃي. ڪيئن ٿو مجنون بر ۾ ڀٽڪي ۽ فرهاد جبل ٽاڪي.انهيءَ اکٽ سگهه کي بت ۾ چاپڻ لاءِ عشق جو ڊئنمو (موٽر) ضرور کپي. عقل ان ۾ نه آهي ته عشق جي پاڙ پٽي پاڻ کي اجڙيل  بئٽريءَ وانگر کوکو بنائي ڇڏجي پر عشق کي واٽ لائي ڪنهن سجائي ڪم ۾ لڳائجي، جنهن مان انسان ذات جو ڀلو ٿئي. جيئن محمود اياز جي شوق ۾ ائين ملي ويو هو جو نه ڪوئي بنده رها اور نه ڪوئي بنده نواز اهڙيءَ طرح پنهنجي ڪم ۾ به ائين سمائجي وڃجي جو ڪم ۾ پاڻ به ٻه ڏسڻ ۾ نه اچن. انهيءَ عاشق حقيقت ۾ کيرون لهڻيون، جنهن جي عشق باريڪ بين پيدا ڪري دنيا کي باريڪ ڌيان سان حقيقتن کي  جاچڻ ۽ معلوم ڪرڻ جو سبق سيکاريو. اڄ ته ان جي پوءِ لڳن ائٽم جي جزن جا فوٽا به ڪڍي رکيا آهن. سبحان الله.

تصور ۽ تخليق

شين جي موجودگيءَ ۾ ته مغز انهن جي پروڙ ۾ رڌل رهندو آهي، پر بعضي ته غير موجود شين ۾ گذريل ڳالهين جي تصور ۾ ئي لڳي ويندو آهي. ڪڏهن ته بنهه اهڙين ڳالهين ۾ اٽڪي وڃي، جي نه ڏٺيون نه ٻڌيون. اهي من جا ڪرتب ته خاص من گهڙت چئبا، نه ٻاهرين شين جي حواسي خبرن ۽ پروڙ جي پيدائش.

من گهڙت مشغلا ٻن قسمن جا ٿا ٿين: هڪڙا حافظي مان ڪڍيل ٻيا پنهنجا ٺاهيل پر ٻئي ڪنهن نه ڪنهن حواس سان ضرور لاڳاپيل هوندا. حافظي مان ڪڍيل تصور ان کي ٿو چئجي جو ڪنهن ڏٺل ماڻهوءَ جي شڪل من جي آئيني اڳيان آڻي ان جي خيالي تصوير مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي يا ڪنهن ٻڌل سريلي آواز کي پنهنجي خيال ۾ سرائي ان جي روپ بنائڻ جي ڪوشش ڪجي يا ڪنهن شيءِ جو ذائقو دهرائي چشڪو وٺجي. اهڙيءَ طرح ڪهڙي به حواس سان تعلق رکندڙ آزمودي کي وري خيالي شڪل ڏئي سگهجي ٿي. بخمل جي لاس، باهه جو سيڪ، برف جي ٿڌاڻ، ڪنهن ڌڪ جو ايذاءُ، ڪنهن عطر جي خوشبو جي خيالي تصوير ٺاهڻ کي ورجايل تصور چئجي ٿو. پر جي ڪنهن جي مغز ۾ اهڙو سمنڊ اچي جنهن تي سج جو ڪرڻو نه ڪريو هجي يا ڪو جيو جنهن جو ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري هجي يا جسم مڇيءَ جو منهن زال جو هجي ته ان کي تخليقي تصور چيو ٿو وڃي، اهڙا تصور به هر ڪنهن حواس سان تعلق رکي سگهن ٿا.

عجب نه آهي ته هاڻي به ڪو سريلو اهڙا راڳ پيش ڪري، جي اڳي ڪنهن نه ڪڍيا. افسوس! جو راڳ به رسمي ٿي روڪجي پيو آهي. ايجاد ۽ تخليق اسان کان کسجي ويا! آخر موجوده سُر به ڪن جي رسيلن ڪنن جي لرزشن جي پيدائش آهن. قصه نويس نيون شخصيتون ۽  وارداتون بيان ڪن، شاعر نوان احساس  ۽ اُمنگون، نوان ڌنڌا نيون مشينون، نوان هنر، نيون تصويرون، نيون شيون، نوان خيال سڀڪجهه ٿي سگهي ٿو پر تصور کپي. اسين ته اوائلي جذبن ۾ ئي مست آهيون.

ائين آهي ته ماڻهوءَ جي تصوري تخليق ڪا صحيح معنيٰ ۾ تخليق ڪين چئبي، ڇاڪاڻ ته جي ظاهري روپ سندس خلقيل آهي ته روپ جا جزا ته سندس خلقت نه آهن. جسم مڇيءَ جو ۽ منهن زال جو ٻئي قدرت جي پيدائش آهن، باقي انهن کي ڳنڍي ڪا سونهن پيدا ڪرڻ سندس مغز جو ڪم. ايترو چئبو ته اهڙو سمنڊ خيال ۾ آڻڻ، جو هزارها ڪوهن ۾ پکڙيل هجي، پر ڪنهن اکٽ غار ۾ سمايل هجي جنهن تي ڪڏهن سج جو ترورو نه پيو هجي، جي خيالي خلقت نه ته به خيالي دليري ضرور چئجي.

گهڻي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اهڙي ڪا تجويز ڪڍجي جنهن سان تصوري صورتن جي پوري پيمائش ڪري سگهجي، جيئن حساب ۾ آڻي، سائنس جي درجي تي پهچي، پر اڃا اها مراد حاصل نه ٿي سگهي آهي. في الحال تصورات جي چٽائيءَ بنسبت پنج درجا ٺاهيا ويا آهن: بلڪل چــِـٽا، چـِـٽا، وچٿرا، منجهيل. اصل چٽ. تجربن ظاهر ڪيو آهي ته اها تفريق ڪنهن منزل تي پهچائڻ کان بالڪل قاصر رهي آهي.

ڏٺو ويو آهي ته نظر جا تصورات سڀني کان چٽا ٿا ٿين، ٻئي نمبر ۾ ٻڌڻ جا. نڪ ۽ چمڙيءَ جا اثر سڀني کان گهٽ، مغز جي بناوٽ به انهيءَ حقيقت جي تائيد ٿي ڪري. مغز جو وڏو حصو ڏسڻ لاءِ ڪم ٿو اچي ۽ سنگهڻ لاءِ بنهه ڪو ٿورو. ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن عطر جي بـُـو تصور ڪندي، پهرئين ته سندس رنگ ۽ بوتل نظر ٿي اچي. ساڳيءَ طرح ڪنهن شيءِ جي ذائقي پيدا ڪرڻ لاءِ پهرين انهيءَ شيءِ جي شڪل ظاهر ٿيندي. پر نظر ڪنهن ٻئي حواس جي محتاج ڪا ورلي ڏسبي، سرهه جي گلن جي رنگت تصور ڪرڻ لاءِ ضروري نه آهي ته ڪن به شاهدي ڏين ته وڻ مان هوا ڪيئن ٿي سوساٽ ڪيا يا سندس گلن جي بو ڪهڙي هئي. تصور لاءِ پهرين ضرورت آهي شڪل ٺاهڻ جي. اک شيءِ جو جسم ٿي جاچي ۽ ٻيا حواس سندس صفاتي حقيقتون.

ائين به نه آهي ته نظر هر ڪنهن ۾ برک آهي يا حواسي امتياز ۾ شخصي فرق ڪين آهن. البت گهڻن ۾ چشمي تصور ٻين حواسن کان زور ٿا ٿين، پر ڪن ۾ ٻڌڻ يا ڇهڻ جا حواس به زور ٿي سگهن ٿا. اهڙا ماڻهو ڪنهن جي صورت تصور ۾ آڻڻ کان اڳي سندس آواز تصور ۾ آڻي سگهندا. ڪي وري جسم جي موڙن ۽ ناز نخري کي چٽو ڏسن. اهڙا ماڻهو راندين، ناچ، دستڪارين ۽ هٿ ناٽ جا مشتاق ٿين.

لفظي صورتون: خيال ڪندي گهڻي قدر لفظن جون شڪليون تصور ۾ پيون اينديون آهن نه شين يا واقعن جون، خاص طرح جڏهن خيال صفاتي هوندا آهن ته ذاتي يا جسمي، بعضي ته اکرن جا آواز به ٻـُـرائيندا آهن. ڪڏهن ته اکرن ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ جيڪي زبان هٿ يا بت کي موڙ ايندا آهن سي به پيا ڏسبا.

تصوري صورتون حواسي ڪرون ڪين چئبيون. تصور غير موجود شيءِ جو ٿو ٿئي ۽ حواسي ڪرون حاضر شين مان ٿيون اڀرن. شين جو تصور اونداهيءَ ۾ به ٿي سگهي ٿو. ساڳيءَ طرح بالڪل سانت ۽ آواز جا تصورات تري اچن. تصور حواسن جي اثر هيٺ بالڪل نه آهي، بلڪ تصور جو شغل شروع ئي تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن حواس ڪم کان فارغ ٿا رهن. ڪٽهڙيءَ کي جهلي جهاز مان ڪو نظارو پيو ڏسبو آهي، پر پوءِ سمنڊ کان موٽڻ کان بعد به اهو نظارو، اهو ڪٽهڙو وري مغز ۾ آڻي سگهجي ٿو. اهو آهي تصور.

البت عام طرح تصوير اهڙي چٽي ڪين هوندي آهي جهڙي اکين ڏٺي تصوير، پر ڪن ۾ فرق ڪو ٿورو ٿو رهي. ڪي مشاق ته ڪنهن  کي تختي جي اڳيان بيهاري پري کان سندس منهن جي ٻنهي پاسن کان چهنبارا ڇرا، بنهه زور سان اڇلي هڻي ويندا آهن. هي ته ٿي سندن هٿ جي استادي. وري  ماڻهوءَ جي تصوير پنهنجي چت ۾ ڄمائي، اکيون ٻڌي ائين ڪري ويندا. هي ٿي سندن تصوري شڪل جي چٽائي . انهن ماڻهن جي تصوري شڪل به اهڙي پوري چٽي ۽ حقيقي ٿي بيهي جهڙي حواسي پروڙ جي.

تصور ۽ مصور ٻئي قريب آهن. چٽي تصور کان سواءِ سٺو مصور ٿيڻ ممڪن نه آهي. ڏهن، پندرهن ورهين جي ٻارن ۾ هي ملڪو خوب ڏسبو. ڪيترا اهڙا نينگرا ڏسبا جي هيٺ ڏيکاريل اکرن جو نقشو ائين ته مغز ۾ اڪيري ڇڏيندا جو گهڙي کن کي ڏسڻ کان پوءِ اکر ياد ٻڌائي ويندا. البت نوَ اکر ياد ڪيترائي ٻار ڪري ويندا پر تصور ياد کي نٿو چئجي. ياد ڪرڻ وارا ي ج هه س ف ع ب ط م چئي ويندا پر کٻي پاسي کان يا هيٺ کان مٿي يا ڪنڊائتو

ي                 ج             هه

س               ف            ع

ب                ط            م

ڪڏهن ڪين ٻڌائي سگهندا. مگر تصور جي تکي ٻار کي سارو نقشو ڄڻڪ اکين اڳيان آهي. هو ائين چوندو هلندو ڄڻڪ  ڏسو پيو پڙهي. وڏي هوندي هي لياقت جن ۾ آهي تن ۾ به گهٽجيو وڃي. ائلپورٽ جي تجربن ظاهر ڪيو آهي ته اهڙا ٻار پنجٽيهه سيڪنڊن جي ڏسڻ سان سارو نقشو مغز  ۾ چٽيو ڇڏين.

وڏي هوندي هي ملڪو بالڪل ٿورو وڃيو رهي. پر ڊؤلس جو هڪڙي شطرنج جي کيڏاريءَ جو ڏنل احوال به چڪر ڏيو ڇڏي. هي کيڏاري هڪ ڀيري شطرنج جي تختي تي نظر ڦيرڻ سان اکيون ٻڌي راند ڪري سگهندو هو پر ٻه رانديون به گڏ کيڏي ويندو هو. جنهن به راند جو چئوس ان جي ساري هلي ڏيکاريندو. ڪيترا واعظ يا شاعر، ائين چوندا ويندا ڄڻ ته ڏسندا پڙهندا ٿا وڃن.

تصور جون نعمتون:

(1) تصوري نقشڪاري مغز جو  هڪ حيرت انگيز ڪارنامو آهي ۽ سندس ڪار گذاريون ويتر عبرت خيز ۽ ڪيترو نه سودمند. تصوري صورتن جي ٺهڻ ڪري ڪيترو نه خيال چٽو ۽ پائدار ٿيندو. شيون ڏسجن يا سندس احوال پڙهجن، پوءِ به ذهن ۾ پورو پنهنجو نقشو ڇڏين ته خيالي انسان لاءِ ان کان زياده ٻي نعمت ڪهڙي. نه رڳو ٿي گذريل ڳالهيون، جي هينئر غير موجود آهن پر ايندڙ يا فقط ٿي سگهندڙ به ساڳي صورت وٺي سگهن ٿيون. جيئن پروڙ لاءِ حواسي ڪـَـرُن جو هئڻ لازمي آهي. تيئن ٻوجهه جي پيدا ٿيڻ لاءِ تصوري ٽڪساٽ ۽ صورتون ضروري آهن. اهڙين خيالي شڪلين  ٺهڻ کان سواءِ خيال پڪي پائي ته پهچي ڪين سگهندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن منزل تي مڪمل صورت وٺڻ کان اڳي ئي ڪافور ٿي ويندا. جيڪڏهن ڪا عڪسي صورت ڌيان ۾ نه آئي ته خيال جٽاءُ ئي ڪونه ڪندو.

(2) تصوري تصويرون، يادگيريءَ کي قائم رکڻ لاءِ به نهايت ڪارگر آهن، ڪنهن به ڳالهه يا شيءِ جو عڪس مغز ۾ ڄمي ويو. سا ڪيئن وسرندي، ان ڪري شين جو تعلق حافظي کي گهڻو پڪو ٿو ڪري. وئلينٽائين تجربا ڪري ڏيکايو آهي ته ڪي به ٻه هڪجهڙا خيالي تواريخي احوال جي هڪڙو لفظي ٻڌائي وڃبو ۽ ٻيو نقشي جي ذريعي ڏيکاربو ته پهرئين کان ٻئي قسم جي ليڪچر جو اثر زياده پختو رهندو.

(3) لفظن جا عڪس، صفاتي خيالات کي گهڻو چٽو ٿا ڪن پر ڊاڪٽر پيئر ڏيکاريو ته جنسي شين جا عڪس، خيالات کي چٽي ڪرڻ لاءِ ويتر  ڪارگر آهن، جيئن انصاف جي خيالن لاءِ ساهميءَ جي شڪل جي ڪنهن جي مغز ۾ انصاف جي لفظي شڪل کپي نه سگهندي هجي ته تارازيءَ جي جنسي شڪل لفظن جي صفاتي شڪلين کي پوريءَ طرح ڄمائي ڇڏيندي.

(4) تصوري شڪليون، ايجاد لاءِ نهايت ڪارگر آهن. حسابي ڪمن ۾ ته سندس ضرورت پڌري  آهي، تارن جي علم کي سمجهه ۾ آڻي ڪين سگهبو. جيسين تصوري شڪليون نه ٺهن. ڪنهن عاليشان عمارت ٺاهڻ لاءِ به ان جو عڪس مغز ۾ آڻڻ ضروري ٿيندو. زيرآبد، ترتيب ڪرڻي هجي يا شطرنج کيڏڻي هجي. پر تصور سواءِ ڪم نه هلندو. رڳو ڪنهن وڏي ٽپي ڏيڻ مهل به خيال ۾ اچي ويندو ته ٽنگن کي  ڪيتري  ضرب ايندي، سهي سگهبي يا نه. اهڙيءَ طرح هر هڪ ڪم، ڳالهه، هلت جو روپ پهرين تصور ۾ ٿو ٺهي ۽ پوءِ ظاهر وجود ٿو وٺي.

(5) لطيف هنرن لاءِ ته تصور سندن جان آهي، حرفيات هجي يا مصوري، صنم سازي يا موسيقي. شاعري ته صاف جذبن جي نقاشي آهي. پر نثر به تصور کان سواءِ هلي ڪين سگهندو.

ائين برابر نه آهي  ته تخليقي ملڪو ڄائي ڄم کان ٿو ٿئي. تخليق  استعمال سان ترقي وٺي سگهي ٿي. خيالي مسئلا ٺاهيندا سليندا هلو. ڀلا سرون فقط عمارتي ڪم ۾ ڇو ٿيون آڻجن. ٻيو ڪو ڪم انهن مان ڪڍي نٿو سگهجي ڇا؟ ڪا نئين شڪل ڏئي سگهجي ٿي. زياده مضبوط ڪري سگهجين ٿو. ضروري آهي ڇا ته نهريون هجن، سندن  ڪم ڪن ٻين شين مان به وٺي سگهجي ٿو؟ رنگ بدلائڻ  ڪري ڇا نتيجو نڪرندو. اهڙيءَ طرح هر هڪ شيءِ ڳالهه خيال مسئلي کي اٿلائڻ پٿلائڻ سان مغز کلندو رهندو.

اسين ته خيال ڪرڻ به ڪونه سکيا آهيون. مغز هلائڻ ته پرتي ٿيو. رڳو ڪنهن جي شخصيت جي ڪٿ ڪندي جي هوندي دوست ته جيڪي گڻ منجهس نه هوندا سي به چئي وڃي  چوٽ چاڙهبس ۽ جي هوندي دشمن ته جيڪو عيب نه هوندو سو به ساڻس سلهاڙي وڃبو.  اها ته آهي اسان جي خيال جي صداقت، منطقي صورت ته پري ٿي.

سمجهه جي پرک ۽ ڪَٿَ:

سمجهه مغز جي اها وصف آهي جا ڪنهن ڳالهه جي نزاڪتن ۽ لڳ لاڳاپن کي جمع ڪري هنڊائي نتيجا ڪڍي.

سپيئرمن 1904ع ۾ ڏيکاريو ته مغز جون اهي وصفون جن جي تڪ تور ٿي سگهي ٿي، سي سڀ پاڻ ۾ لاڳاپيل آهن. حسابداني يا موسيقي شناس، ڪلن جي رفاقت يا منطقي حوصلو. هڪڙي وصف ڏسڻ ۾ اچي ته اتي ٻين لياقتن جو به آسرو رکي سگهجي ٿو. ائين نه جيئن عام راءِ آهي ته مغز ڪن ڪمن ۾ اوڻو ته ڪن ۾ سوايو.

سپيئرمن  جي خيال مان ظاهر آهي ته مغز جي هڪڙي لياقت اهڙي آهي  جا مغز  جي هر ڪنهن ڪم لاءِ کپي. ان کي عام لياقت ٿو سڏي. ٻئيءَ کي خاص لياقت ٿو چوي.  جنهن جو تعلق ڪنهن خاص ڪمن سان ٿو ٿئي نه ته اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو. حسابي ڪم لاءِ وڏو حصو عام لياقت جو کپي پر مصوري يا ٻئي هنر  ۾ وڏو حصو ڪنهن خاص لياقت جو هئڻ ضروري آهي. چٽيءَ  نظر کان سواءِ نقاشي ناممڪن، سرلي ڪن کان سواءِ موسيقي مشڪل.

عام لياقت جو ڪم آهي لڳ لاڳاپا هڪيا ڪرڻ ۽ سندن واسطا سڃاڻي  نتيجا ڪڍڻ. جيڪڏهن ڪو پڇي ته ڪاري جو اڇي سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ۽ ان جي جواب ۾ چئجي ته ابتڙ، ته اسان ڪاري اڇي جي هڪ واسطيداري ٺاهي. پر جي ڪو پڇي ته ڪاري جو ابتڙ ڇا آهي ته اسين ان جي لاڳاپيل نتيجي تي پهتاسين . پهرئين سوال ۾ ٻه فقرا ڏنا ويا ته انهن جو پاڻ ۾ تعلق ٻڌايو ۽ ٻئي ۾ هڪڙي بنيادي ڳالهه ۽ سندس رشتيداري ڏيکاري وئي ته ٻي بنيادي ڳالهه ٻڌايو. جيڪڏهن ٻه بنيادي فقرا آهن ڪ ۽ الف ۽ سندس رشتو ر ته پهرئين ۾ ڪ ۽ الف ڏنا ويا آهن ته ر ٻڌايو ۽ ٻئي ۾ ڪ ۽ ر ڏنا ويا آهن ته الف ٻڌايو.

مٿئين مثال مان ظاهر آهي ته عام سمجهه ۽ حسابي لياقت هوبهو ساڳيون شيون آهن، يا ائين چئجي ته عام سمجهه حسابي لياقت ٿي رکي. مطلب ته حسابن سان ڪنهن جي عام سمجهه جي پوري ڪٿ ڪري ٿي سگهجي. اها عام سمجهه آهي جا شطرنج يا جاميٽريءَ  جي ڪنهن پرابلم (مسئلي)  سلڻ ۾ مدد ڪري يا ڪنهن ڪل جي سڌارڻ جي ٽيٽ ڏئي. انهن سڀني ڳالهين ۾ اصول ساڳيو آهي ته شين جا بنيادي رشتا قائم ڪري، نيون بنيادي شيون پيدا ڪرڻ. هڪڙي ڳالهه ضروري آهي ته معلوم ڪيل لاڳاپن سان، اخذ ڪيل نتيجا تعلق رکندا هجن. هڪڙي گهر جي صفائي ڪرڻ واري کي سمجهايو ويو ته جڏهن به گوڙ، کنوڻ گهڻي هجي ته ريڊيي کي ڍڪي ڇڏڻ گهرجي. هو وري فوني کي به ڍڪي ڇڏيندو هو. رشتي جو خيال ضرور ڪيائين پر غير متعلق.

سمجهه جي ڪٿ ڪرڻ جون تجويزون به انهن ئي اصولن تي رٿيل آهن ته چڪاس هيٺ اميدوار کي بنيادي رشتيداريون سوچي، زياده بنيادي فقرا ۽ سندس واسطا قائم ڪرڻ اچن ٿا يا نه.

پهرين پهرين نسبتي پرکون برٽ عمل ۾ آنديون: ڪـُـتي، گلر سان ائين آهي جيئن ٻلي آهي. ڪوئي، پـُـڇ، پونگڙي، کير سان. اميدوار کي مناسب لفظ جي هيٺان ليڪ ڏيڻي آهي. هتي طالب کي پهرين ڪـُـتيءَ ۽ گلر جي پاڻ ۾ نسبت جاچي فيصلو ڪرڻو آهي ته ٻليءَ جي ساڳي نسبت ڇا سان ٿيندي. يعني ته جيڪو رشتو ڪتيءَ جو گلر سان آهي سو ٻليءَ جو ڪنهن سان ٿيندو. ساڳي تجويز تي ڏکيرا سوال به ٿي سگهن ٿا. مطلب آهي طريقي سان، جيئن ڇو آهي؟ طرح، پرک، ڇالاءِ، ڪيئن، سان. بلبل آهي جانور سان جيئن پن آهي؟ گل، پکي، ساڳ، وڻ سان.

هنن آزمائشن ۾ ٿوريون مارڪون کڻڻ معنيٰ پوريون نسبتن جي سمجهه جي تميز نه رکڻ. پويان ٻه مسئلا هيئن ٿيندا. مطلب ڪنهن گهربل شيءِ جي خواهش ٿي ڏيکاري. خواهش حاصلات جو رستو نهاريندي ۽ عمل ڏانهن ڇڪيندي ته ڪنهن طرح طلب پوري ٿئي. ساڳي طرح ڇو، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ڇا جي لاءِ، ڪهڙي ڪم لاءِ، ڪيئن سان ويندو.  ڇاڪاڻ ته ڪيئن وري به رستو ٿو نهاري. جنهن سان ڇو جو جواب ملي. ٻئي سوال ۾ جواب ٿيندو ساڳ، ڇاڪاڻ ته جيئن بلبل بنهه جانور آهي تيئن پن بنهه ساڳ آهي. پن نڪي وڻ آهي نڪي  گل. وڻ ۽ گل پوريون نسبتون ٿا ڏيکارين.

اهڙا لفظي سلسلا انگن ۾ به آڻي سگهجن ٿا:

1-3، 2-5، 3-7، 4-9 ڏئي پڇجي ته ساڳئي سلسلي ۾ ٻه انگ اڳئي درج ڪريو. اڻ پڙهيلن لاءِ اهڙيون نشانيون به ڪيترن نمونن جون ڏئي سگهجن ٿيون.

سمجهه  جو معمول مقرر ڪرڻ:

جيڪڏهن ڪو طالب 120 مارڪون کڻي ته ان مان ڪو نتيجو ته نڪتو ئي ڪونه، ته سندس قدر ڪيترو چئجي. معمولي ٿيو يا گهٽ يا وڌ، ان ڪري ضروري آهي ته پهرين ڪو معمول مقرر ڪجي. معمول سراسري درجي تي مقرر ڪبو آهي. پهرين ته ڪنهن خاص عمر يا درجي جا جيترا گهڻا فرد تپاسجن اوترو چڱو. پوءِ انهن جي سراسري ڪڍي معمول مقرر ڪجي. هاڻي ڪنهن ساڳيءَ عمر يا درجي واري کي ڏسبو ته معمول کان ڪيترو مٿي يا ڪيترو گهٽ آهي. جيڪڏهن ساڳيءَ عمر جي سؤ ڄڻن ۾ پنجاهه  ڄڻا  90 کان 110 مارڪون کڻن، پنجويهه ڄڻا 100 مارڪون. سؤ جي هيٺين ڇيڙي تي ٿيندو بنهه ڏڏ ته مٿئين پاسي بنهه ذهين ۽ معمولي وچ تي.

هاڻي جي ڪو ڏهين ورهين جو ڇوڪرو ٻارهن ورهين جي سراسري ڇوڪري جيتريون مارڪون کڻي ته ان جي ذهني عمر چئبي  ٻارهن ورهيه ۽ ميعادي عمر ڏهه ورهيه ۽ سندس سمجهه جو ڇيد (س. ڇ) ٿيندو 120. حساب هن طرح بيهندو.

 

 

 

 

 

تجربن ظاهر ڪيو آهي ته يورپ ۾ سمجهه جو وڌڻ سورهن- سترهن سالن کان پوءِ بيهو وڃي. جيڪي ٿيو سو ٿيو. اهو سمجهه جو درجو ٽيهن ورهين تائين ساڳيو ٿو رهي. ستر ورهين ۾ ستر سيڪڙو وڃو رهي، وڌي ته ڪونه ٿو. ڏسجي ٿو ته وڏن جي پرايل علم، آزمودي ۽ بردباري ماپڻ لاءِ ڪن ٻين آزمائشن جي ايجاد ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي.

سمجهه جو مائٽاڻو ورثو:

سمجهه جي چڪاسن  مان گهڻي قدر معلوم ٿيو آهي ته سمجهه موروثي آهي. ماحول جو به ڪافي اثر ٿو ٿئي ۽ ساڳيءَ طرح بيماري، بي علمي ۽ ضعف به کيس پوريءَ ڪڙيءَ تي پهچڻ کان روڪيو ڇڏين، پر سمجهه جي مٿين حد مائٽاڻي ذهني ورثي سان ٻڌل ٿي رهي. ڪند ٻار کي ڪيتري به انوکي تعليم ڏبي ته ڪوري جو ڪورو. البت ائين به آهي ته ڍلن پيٽان ڀلا، ڀلن  پيٽان ڍِلا، پر اهي امر غير معمولي چئبا نه معمولي.

ٻيون به ڪيتريون حقيقتون معلوم ٿيون آهن جيئن ته:

(1) گورن کان ڪارن جي سراسري سمجهه گهٽ ٿي ٿئي پر ڪيترا ڪارا، گورن جي سراسريءَ کان مٿي ٿا وڃن ۽ ڪيترا گورا  ڪارن جي سراسريءَ کان هيٺ.

(2) زالن ۽ مردن جي سراسري سمجهه ۾ ڪو فرق ڪونهي.

(3) ته سنها تيز فهم ٿا ٿين، درست نه آهي. البت بعضي ڪلاس ۾ ڏٽا ڏوڙا هيٺ ويٺا ڏسبا آهن. شايد وڏي عمر جا هجن. ڏڏن کان ذهين ٻار، گهڻو ننڍا ٿي سگهن ٿا. حقيقت ۾ جيتري ٻار جي صحت سالم اوترو ذهن جو چوکو.

(4) ڪُند ٻار، گهڻو ڪري بداخلاق ڏسبا، ائين به نه آهي ته سڀ بداخلاق  ڪُند ٿا ٿين، ڏٺو ويو آهي ته بداخلاق مان اَٺ فيصد ۽ چڱن لڇڻن وارن مان ٻه سيڪڙو ڪـُـند ٿا ٿين يعني ته اهي جن جي سمجهه جو ڇيد 70 کان جيڪي سو ڪريل آهي.

سمجهه جي ڪَٿَ ڪرڻ جا فائدا:

سمجهه پيمائيءَ مان گهڻا فائدا آهن. هر ڪو هر ڪنهن ڪم لاءِ لائق نه آهي. ڪنهن جون آڱريون سڻوپريون هونديون ته اڻت جو ڪم نفيس ڪري ڏيکاريندو. مضبوط هٿن وارو واڍڪو سٺو ڪندو. ڏورا سگها اٿس ته لهر سٺو ٿيندو. وري حواسن تي به ڪيترو مدار آهي. اک تکي مصور ڪري، سٺو ڪن راڳ جو فهم ڏئي. نڪ عطريات کان واقف ڪري. ذائقو رڌڻ جي ڪم جو افلاطون ڪري.

هرهڪ ڪم کي پوريءَ طرح ادا ڪرڻ ۽ ڪمال تي پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته هرهڪ ٻار جون رغبتون، خوبيون، خاميون جاچي ان کي اهڙي ڪم ۾ لائجي، جتي هو پاڻ به ڪمال حاصل ڪري سوڀارو ٿئي ۽ نا اميدين ۽ نراساين کان بچي ۽ ملڪ جو به ڀلو ٿئي، جو ڪنهن ڪاريگر جون لياقتون اجايون نه وڃن.

هرڪنهن ڌنڌي لاءِ خاص لياقتن جي ضرورت آهي نه فقط جسمي ۽ ذهني، پر طبعي رغبت ۽ دلچسپي به وڏو ڪم ٿي ڪري. گهڻي سمجهه ڪٿي به ڪارائتو ڪري سگهندي، پر ڪاميابي ڪن ٻين وصفن سان به ٻڌل  آهي. جتي به ڪي سمجهو پنهنجي طبعيت جي خلاف ڪن ڪمن ۾ لڳل آهن ته اهي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن. مناسب آهي ته ڏسي وائسي پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪم ڳولي کڻجي، جتي مالي حالتون ڪنهن حسابي مغز واري ٻار کي تعليم ڏيڻ کان عاجز هجن ته قوم جو ڪم آهي ان کي مدد ڪرڻ. سڀئي سکين گهرن جا ٻار ڪي اعليٰ تعليم جا لائق به ڪين ٿا ٿين.

هي وقت خوابن جي دنيا ۾ گذارڻ جو نه آهي. حقيقتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڀيٽان ڀيٽيءَ جو زمانو آهي. اهو هاڻي ۽ هتي آهي. جيڪو چڙهي جيڪو ڪري. بني جي فقط دلچسپيءَ جي ڪٿ واري سوالنامي ۾ 420  سوال آهن. هر هڪ جي جواب لاءِ ٽي خانا آهن: پسند، ناپسند، وچٿرو. ٽنهي مان مناسب خاني ۾ نشان ڪرڻو آهي. سوالنامي ۾ ڌنڌا، وندرون، خفت، شوق، شخصي ارڪان، لڇڻ، لاڙا، مقصد، اسڪولي ڪم، ڇا ڇا نه ڏنل آهي. وري پارکو اهي مشاق جو پتر مليو نه آهي اتي جو اتي خاطريءَ سان ٻڌائيندا ته ڪير ڪٿي ڪامياب ٿيندو، ڪو ڪٿي. طب ۾، راڳ ۾، واپار  ۾، وڪالت ۾، يا انجنيريءَ ۾! سمجهه، ڪوشش ۽ ڪم، ڇا ڇا نٿا ڪن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org