سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: نفسيات  (پاڻ سڃاڻ)

باب: ٻارهون

صفحو :15

باب ٻارهون

ڪاميابي، ناڪامي، نراسائي، مايوسي

ڪهڙيون شخصيتون دنيوي ڪشمڪش ۾ هارائڻ جون سزاوار ٿيون بڻجن (1) بدني ڪمزور، بيمار ۽ ضعيف (2) ذهني ڪمزور، مت جا موڙها، ڪم عقل (3) ڪوچڙ نظر- اهي الغرض جن کي ايتري دورانديشي ڪانهي، جو پنهنجون ضرورتون سماجي ضرورتن موجب ڦيري سگهن ۽ بيخيال هوڙ ٿيو هلندا وتن، جيئن ٿيو تيئن ٺهيو (4) نفيس خيال، جيڪي پاڻ کي اتم خيال ۽ ٻين کي هيچ سمجهڻ (5) سودائي، جي پنهنجن ئي پورن ۾ گرفتار رهن ۽ ٻين سان واسطو ئي نه رکن (6) سماج ڊوها، جيڪي سماجي قانونن خلاف چور، ٺڳ، زاني ۽ خوني بنجن (7) راڄ ڊوها، جيڪي ملڪ سان غداري ڪن ۽ دشمنن کي هٿ هٿ ۾ ڏين.

ڪاميابي بدني طاقت ۾ پوري سمجهه هوندي به جذباتي اعتدال، سماجي رفاقت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي دلي گهر سان ٻڌل ٿي رهي. هر ڪو سماج جو محتاج آهي هر ڪنهن جو ڪم هر وقت ماڻهن سان آهي ۽ جيڪي ڪنهن به زور يا لاغرضيءَ سبب انهي خيال جا آهن ته اسان کي ڪنهن جي به پرواهه ڪانه آهي، اهي سخت غلطيءَ ۾ آهن. گـُـهر سان اسڪول سان، نيات سان، قوم سان، ڌارين سان سهڻي رفاقت هر وقت ضروري آهي، ساري جهان جو ڪنهن کي علم هجي، پر جي ان مان ڪنهن کي ڪو لاڀ نه مليو، ڪنهن جي ڪن تي نه پيو ته انهيءَ علم کي ڌوئي پيندو ڇا؟ عتاب يا خطاب ڏيڻ وارا وري به ماڻهو آهن، ماڻهوءَ جو ماڻهن سان ئي ڪم آهي.

هر ڪنهن کي پنهنجي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ٻين کي وڪڻو ٿو پوي. پورهيو، علم، عقل، حرفت جيڪي ڏيڻو ڪري. پوءِ جي سلوڪ،صداقت، تجويز تحمل نه هوندس ته وهنوار رکي ڪين سگهندو ۽ هارائي بيهندو. ڪاميابيءَ جو راز ان ۾ آهي ته شخصيت، سماج ۾ سمائجي وڃي. هر ڪنهن جي دل ۾ ائين گهر ڪري وڃجي جو نه ڪير ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه ڪير کائي وڃي . اهو ڪم عقل جو، پر شخصيت رغبتن، جذبن ۽ خصلتن جو هڪ جڙائو زيور آهي جا سيرت کان سواءِ ماڻهو نهايت ته سهڻو ٽوهه ٿي سگهي ٿو زياده ڪجهه به نه.

ٻار به شخصيت ٿو رکي: اُها اِها ته هو پنهنجون سڌون روڪي نٿو سگهي ۽ پنهنجن احساسن جو اظهار کلم کلا ڪري ٿو ڏئي. هو بنا ڪنهن جهل پل جي پنهنجي انگلن آرن سان روئي به کلي به، اڃا منجهس اهو خيال ڪونه پيدا ٿيو آهي ته سندس روش ٻين تي ڪهڙو اثر رکندي هوندي، جيسين مائٽن جي ڪيڙ هن کي سماجي قانونن کان واقف ڪري، سماجي قانون سندس آزاد روش تي روڪ ٿو وجهي. مائٽ سندس هر هڪ فعل تي مرڪڻ، سان منظوري ٿا ڏين ۽ منهن گهنجائڻ سان روڪ ٿا وجهن. اهي اشارا سٺا پر جيئن حد کان نه وڃن، نه ته ٻار کي پنهنجي مغز کان ڪم وٺڻ کان روڪي وجهندا ۽ ٻار هڪ قـُـْتليءَ  جي مثال ٿي پوندو. هر وقت ته هڏڏوکي مائٽ  به ڪين هوندا، جي واٽ لائين. عجب نه آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن بدخواهه جي اشارن هيٺ اچي وڃي ۽ سندس مغز کي اولي سولي سمجهڻ جي تميز رهي ڪانه هجي. ٻار کي ڊڄڻ ۽ چڙڻ کان روڪبو آهي. ٻار ائين سمجهندو ته اهي خصلتون  بالڪل خراب آهن پر واجبي ڊپ کان سواءِ احتياط ويندو رهندو ۽ مناسب ڪاوڙ کان سواءِ بنهه لڳڙ  ٿي پوندو.  ٻار تي حد کان گهڻي روڪ رکبي ته هيسجي ويندو، پر جي واجبي روڪ نه رهيس ته اڍنگو  اڙٻنگ ٿي پوندو ۽ تهذيب کان خالي. درميانو قدم هر هنڌ موزون ٿو ڏسجي.

جي توهان اٻهرا ٿي جتي ڪٿي ٽپي ٿا پئو ۽ پنهنجن اڌمن کي دام ۾ رکي نٿا سگهو، پنهنجي غلطي ڪٿي به مڃڻ لاءِ تيار نه آهيو ۽ وڏ واتا آهيو ته يقيناً اوهان تي روڪ ڪا ٿوري پئي آهي، پر جي اوهين ڪنهن نئين ڳالهه يا ڪم کان ڪيٻائو ٿا يا ڪنهن به ڪم ۾ همت رکي ڪامياب نٿا ٿيو، يا مورڳو مونجهاري ۽ ڳڻتين ۾ وقت گذاريو ٿا بلڪ ڪي ٽـُـڪون به پئجي ويون اٿو، رات جو آرام پورو ڪونه ٿو رهي، جتي وڃو اتي پٺين جاءِ وٺي ٿا ويهو، ته اوهان ضرورت کان زياده ضابطي هيٺ رهيا ٿا ڏسجو.

هاڻي ان جو علاج اهو آهي ته وڏي آواز ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ لاءِ ويچار به نه ڪريو، روزه مره جي ڪمن ڪارين ۾ پنهنجون خاميون درست ڪندا هليا هلو. پاڻ تي نڪته چيني نه ڪريو ته هيئن نه ڪيم، هيئن ڇو ڪيم. ٻين سان يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ جتي به ڪو ڪنهن ۾ گڻ يا خوبي ڏسو ته ان کي مرحبا ڪريو، جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته سندن هلتون اوهان کي پسند آهن. پنهنجي شخصيت معلوم ڪرڻ لاءِ ڏسو ته اوهان مڃائڻ وارن مان آهيو يا مڙڻ وارن مان، جذباتي يا متحمل، يارويس يا خلوت پسند.

يارويس  ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته خوش مزاج  ٿجي، ڪنهن کي ڪم اچجي، ٻين جي ڪمن سان دلچسپي رکجي، سخاوت ۽ مروت ڏيکارجي ۽ ٻين کي وجهه ڏجي ته هو توهان سان چڱائي ڪن. ڪنهن کي برو ڀلو چوڻ يا ڇنڀڻ جو ڪڏهن به قصد نه ڪجي. ٽانءِ ٽيڳر، ٽوڪبازي، ڪوڙ ٻٽاڪ، سفله مزاجي آهن. غصو، بحث ۽ نڪته چيني سنگت جا ويري آهن. ڪنهن کي گهٽ نه ڀان، جي ڀانئين ته ڀلو پاهنجو

ڪاميابيءَ لاءِ هيٺيون ڳالهيون مدنظر رکجن:

مقرر چال، ايمانداري، ڀروسي جهڙو هئڻ، ڪم سان چاهه، سڌاري آڻڻ جي لياقت، سالم سمجهه، ترت فيصلي جي لياقت، ماڻهن  سان سهڻو سلوڪ، صحت، ڏيل ڏيک، مهذب نشست برخواست،  جوابدار طبعيت  ۽ واڌاري  جو خيال.

ناڪامياب اڪثر اهڙا ماڻهو ويندا آهن جي ڪم کان ناواقف افسر جي فرمودي کان ٻاهر، بي ڀروسي، غير جوابدار، سست، گوسڙو، نٽائو، بيخيال ۽ جهڳڙالو هوندا آهن.

تربيت ۽ گهرو ڪيڙ وڏو اثر ٿي رکي، پر بعضي ته چڱن مائٽن جو اولاد به ترڪيو پوي. ٻار تي مائٽن جي روش جو ايترو اثر آهي، جو مائٽن جي قياس کان ٻاهر. رڳو جي ماءُ پيءُ هڪ خيال جا نه هوندا ۽ ڳالهه ڳالهه تي دليل بازي ۽ بحث لڳو هلندو ته ٻار بي چيو، اڍنگو، اتامرو ۽ اڙٻنگ ٿي پوندو. جي مشرق جو پيءُ ۽ مغرب جي ماءُ  هوندي ته پوءِ نسل جو خدا حافظ. نه هيڏي نه هوڏي. اها گهرو ڪيڙ آهي، جا سماجي سٽاءَ جو رستو ٿي ڏيکاري ۽ ٻار کي هڪ مقرر طريقي تي هلڻ ٿي سيکاري، جيڪو ٻار پريندي ئي ٻن ٻيڙين تي چڙهيو اهو ته جڏهن وڃي ڪنهن ڪنڌيءَ لڳي ۽ هڪمنو ٿي عقل سان پنهنجي لاءِ فيصلو ڪري ته ڊانس ڪريان يا يڪتارو کڻان.

حيرت ته اها آهي ته ڪيترو به مغز کان ڪم وٺجي، پر سنئينءَ نه اچي سـُٽ جي هٿان نه پوي ته اتفاق ئي ڍينگو ڍيري ڪريو رکن. سڀڪجهه ته ماڻهوءَ جي وس به ڪونهي. هڪڙي بندي من ۾ ٻي جيڪا ڪري خدا. سڀئي من مرادون ته ڪنهن ڀاڳن واري ماڻيون هجن. گهڻي سوڀ ٿوري شڪست وارو به دنيا جو سفر ڪڍي ويو چئبو، پر شل سهنديءَ بار نه پون. شڪست تي شڪست آئي ته وڏا وير به منجهيو پون. پوءِ گمراهي، پريشاني، هڻيو ڊاهيو وجهي ۽ اهو ئي ورد زبان تي هوندس ته ڪڏهن هاڙهين ۾ هاڙهي هياس، اڄ ڀچان ته ڀيچي نه بيهان

جذباتي ڪشمڪش: من جون ڇڪون تاڻون لازمي آهن، هر وقت آهن. ڪو به ننڍو ڇا وڏو، انهن کان آجو ڪونهي. ماڻهو ته ڇا پر مرون به انهيءَ ڪشيدگيءَ ۾ ڦاٿل آهن. هڪڙي پاسي بک ۽ کاڄ جو لانگهرو ڀڄائيندن ته پيٽ پالجي، ٻئي پاسي ڏر ڇڏڻ جو ڊپ ته جان نه وڃي. ڪــَـرُ به کڻندا ڪؤ به کائيندا. پر جتي پورو آسرو هوندن ته هتي شڪار ملندو ۽ اتي کائيندا مار ته ڪتيءَ ڪن وڍيا. ڪو ڏينهن ته بک ئي لهي وينديـُـن. ماڻهوءَ جي به ساڳي اها حالت آهي. جتي عزت جو آسرو هجي ۽ پرائجي ذلت ته ڪمر ئي ٽٽي. وئي سڱن لاءِ پڇ به پٽائي  آئي، سخت پريشان ۽ پست  ڪندڙ  مسئلو آهي. شل ڪو به بي آس نه ٿئي.

جذبي کي اڀارڻ وارو ڪونه ڪو مطلب ٿو ٿئي. جذبو بت کي جوش ڏئي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ سگهه ٿو پيدا ڪري. جي جلد ئي مطلب حاصل ٿيو ته جذبي جو جوش به ٺري جاءِ وٺي  ويندو نه ته خواهش، هڻ تڻ ڪندي رهندي ۽ من آجو نه ٿيندو. جي ڳچ وقت رانڊڪون  پونديون رهيون ۽ آرزو پوري نه ٿي ته بت به لاڳيتو جوش جي حالت ۾ رهندو ايندو، جيسين نااميدي مايوس ڪري ۽ ناڪامي نراسائي آڻي. سهڻ جي به حد آهي. نيٺ لڏيل اٺ  وانگر پڇاڙيءَ جو ڪک به ڪمر ڀڃي وجهندو. مقصد نظر کان نڪري ويندس ۽ شتر بي مهار وانگر ٽلاٽولي ٿي. زندگيءَ جي قافلي کان ٽٽي  منهان تار مايوسيءَ ۾ ويڙهجي ويندو ۽ ڊهي پوندو.

ڪشمڪش جون صورتون: ماڻهوءَ ۾ ڪشمڪش ڪيترن نموني جي ٿي ٿئي: (1)  ته حيوانن وانگر هڪڙي اڌمي جي ٻئي اڌمي سان لڙائي ٿئي (2)وقتي اڌمي جي ڪنهن مقرر جذبي سان چوٽ لڳي، جيئن ته هڪڙي پاسي ڊپ ۽ ٻئي پاسي غيرت (3) ٻئي جذبا اٽڪن. دوستي ۽ وطن پرستي، عشق ۽ گهرو جوابداري. شخصي خيال ۽ سماجي خيال ته عام طرح ردبدل پيدا ڪندا آهن. ساڳي ڪشيدگي ڪنهن سـَـڌ جي نه پوري  ٿيڻ ڪري به ٿي سگهي ٿي . جيئن ته ڪا ٻار جي گهوري، ٻار ٿيڻ جي اميد نه ڏسي نڍال ٿئي يا ڪو مجلسي مڙس ڪچهرين جو ڪوڏيو، قسمت وڃي هيڪلو ۽ ويڳاڻو ڪري. تنگدستي ته اسان تي حاوي آهي. اهڙين ڪشيدگين جا اثر، لاڳيتو هلندي پريشان ڪري زندگي بي لطف ڪري موت جو ڪنڊو ڪڍيو ڇڏن. ڳڻتي، بيچيني، خار، ڪاوڙ، نراسائي ۽ ڇاڇا نه. ڪم به ڪين اڄهندو، ڇاڪاڻ ته ان کي به هڪ طرفو خيال کپي. ڀلا ڪو پست همت ڪهڙو ڪم ڪندو. نراس ۽ بيڪار ٿي ڊهي پوندو.

بعضي ته اهڙي ڇڪتاڻ  فقط سمجهه ساڻي ڪرڻ سان لهي پوي. جيئن ته جن حالتن ڇڪتاڻ پيدا ڪئي هجي تن ۾ ڪو ٺاهه آڻجي ۽ پرچاءَ سان صورتحال بدلائجي يا بنهه کين ڦيري ڇڏجي ته جان ڇٽي. پر ٻن باهين ۾ ايندو ئي اهو آهي، جو يا ته سڀڪجهه ڪرڻ چاهيندو آهي يا فيصلي ڪرڻ جي طاقت جڏي هوندي اٿس. اهڙن وقتن تي ڪنهن هڏڏوکيءَ سچي دوست جي صلاح ڪم ڏئي، يا پاڻ انهيءَ راءِ تي اچي ته اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. آخر دنيا جا سڀ ڪم ته هڪڙو ڪري ڪين سگهندو.

ماڻهوءَ جي مطلبن کي اڳ ڪير ٿو ڦري

(1) قدرتي لاچاريون، ٻوڏ، سوڪ، ماڪڙ، مهامريون، موت ۽ ٻيا به اهڙا ڪئين اتفاق ڪم لاهيو ڇڏين.

(2) ماڻهن جون رنڊڪون، ڀيٽاڀيٽي، ضد، زور حسد، سياسي جهڳڙا ، حڪمراني پابنديون وغيره.

(3) پنهنجون مجبوريون، ڪو ڪمزور لٺ  کڻي نه سگهي، ڪو لڄارو همٿ نه ٻڌي، ڪو هڪڙ ڳالهائي نه سگهي، ڪو ٻوڙو ٻڌڻ کان عاجز، ڪنهن راڳ جي دلداده جو گلو چيو نه ڪري، بيماري، بک، مطلب ته جيڪي دل گهري ان کي حاصل ڪرڻ جي پهچ نه هجي.

(4) ٻن جذبن جي ڪشيدگي، پئسي ڪمائڻ جي لالچ به هجي ۽ مارشل لا جو خوف به هجي. ڪنهن تي اک به ميري ٿئي ۽ لوڪ لڄا به ماري. اهڙن معاملن ۾ ڇڪتاڻ کان بچاءَ جو سهڻو رستو اهو آهي ته قانون واري پاسي ورجي، ۽ اجائي لالچ کان منهن موڙجي. پر بعضي اهڙا جذبا به اٽڪي سگهن ٿا، جتي هيڏانهن باهه ته هوڏانهن پاڻي. تسڪين ڪنهن به پاسي نه ٿئي. ڪنهن زال کي عصمت بچائڻ لاءِ ٻچو ڪهائڻو پوي، جوان کي ملڪ تان پاڻ کي گهورڻو پوي، هاڻي يا فوج ۾ ڀرتي ٿئي يا ڪانئر چوائي. ٻن جذبن جي جـُـڌ کي تيز ٿيڻ ڏنو، ته جان جـُـهري، ترت فيصلو کپي.

بنا فيصلي جي اهڙي جـُـڌ کي جٽاءَ  مليو ته فيصلي جي طاقت ويتر گهٽبي ويندي ۽ چڱي مٺي جي تميز جڏي ٿيڻ سبب نقصان منهن ڪڍندا، ۽ نقصان ايترو ته پست همت ڪري ڇڏيندس، جو هر هڪ ڳالهه کان ڇرڪڻ لڳندو. خبر ڪانه رهندس ته هر قدم کڻان يا نه. رواجي حالتن  لاءِ به فيصلو ڪري ڪين سگهندو ته هيءَ خوفائتي يا بيخطر. پوءِ اجايا ڊپ ذهن نشين ٿيندس، ڪو اڪيلائيءَ کان ڊڄندو، ڪو وڏيءَ جاءِ کان. اهڙيءَ طرح اونداهي، تيز روشني، گوڙ، کنوڻ، مينهن وڏو ميدان وغيره ڊپ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. چڱي مٺي جي سمجهه وئي ته خفقان آيو. پوءِ اجاين بيڪار ڪمن ۾ رڌو رهندو. هرهر هٿ ڌوئڻ، طهارت بيحد، خسيس شين جي سهيڙ، هلڻ ۾ وکون ڳڻڻ، ڏاڪا ڳڻڻ، وهمن ۾ ايمان وغيره.

مطلب ۽ جذبو من جي ساڳئي سلسلي جون ٻه ڪڙيون آهن، جي گهرج مطلب کي منهن سامهون نه آڻي ته جذبو به نه اڀري. جذبن مان به ڪيترا ڪم ٿا ڇٽن. جڏهن ڪنهن تي ڪاوڙ ايندي آهي ته ڀانئبو آهي ته ڇا ڇا نه ڪريانس. ساڳيءَ طرح حسد، ڊپ، محبت ۾ ڪيتريون نه واٽون کليو پون. مطلب خطرناڪ ڪين ٿين پر جذبا خطري کان خالي نه آهن. ان ڪري انهن کي حد ٽپڻ نه ڏجي اها عقلمندي آهي.

مطلب وارو ڪم جي وت کان ٻاهر نه هوندو ته نقصان ۾ نه ويندو. جذبو ته دل جو دهڪو، بلڊپريشر وڌائڻ، سهڪو، مونجهارو، بک وڃائڻ، ننڊ ڦٽائڻ کان ڪين رهندو. اڳتي ته ڪو به بيقانون ڪم، ماراماري، خون ڪرائي وجهي پوءِ ته ڇٽو.

جذبن کي ختم ڪرڻ ته انسان جي وت کان ٻاهر آهي، جيسين پاڻ کي پورو فنا نه ڪري، پر انهيءَ فنائيءَ مان حاصل ڇا؟ نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀؤ. پاڻ به بيوس ۽ بيڪار.مهذب ماڻهو جذبي تي گهڻي قدر قابو رکي سگهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن ڪو شريف انسان کلي ڳالهائي ته هروڀرو ائين نه وسهجي ته هو مونسان ملڻ ڪري نهايت خوش ٿيو آهي ۽ منهنجو دوست آهي. شڪ نه آهي ته هو سخت خلاف هجي پر اهو جذبو ظاهر نه ڪندو هجي.

من جا دفاعي منصوبا

نراسائي ۽ ڊهڻ کان بچڻ لاءِ من ڇا ٿو ڪري

مراد حاصل نه ٿيڻ جي حالت ۾، جذبي جي ناڪام وڃڻ سبب، بت  ۾ پيدا ٿيل جوش ڪم نه اچڻ ڪري بت ۾ گڏ ٿي، بيچيني ۽ غصي جي صورت وٺندو ٿو رهي. اهو به قدرتي منصوبو آهي ته بت زور ۾ هجي پر ڊهي نه. پوءِ پنهنجي جسمي، ذهني، مالي حالتن موجب ڪانه ڪا هيٺ ڏيکاريل هلت هلندو، جيئن جوش خرچ ٿئي ته بت نه جهري.

(1) اڳرائي ڪرڻ: ڪنهن اٽڪائيندڙ شيءِ جو رواجي علاج آهي ان کي هٽائڻ يا پاسو ڪري نڪري وڃڻ. پر ناڪاميءَ جون واٽون ئي نراليون. ڀلا جي ڪنهن آفيسر حق ماري مونجهاري ۾ وڌو هوندس ته ان سان ته فساد ڪري نٿو سگهي، پوءِ شير شاهه جي شڪري وانگر ماريندو گهر جون ٻليون. خار ڪڍندو گهر مان ۽ واقفن مان، مائٽن کي گاريون، سندن گلائون ته ٺهيو، پر جي اٽڪاءَ ڪندڙ ماڻهوءَ جو هٿ زور سان هٽائي نه سگهيو ته تهذيب اورانگهي سندس  زال ۽ ٻارن تي ئي هٿ ٺاريندو يا انهن جي عزت خلاف پرچار ڪندو. بعضي ته بنهه ڪاٽڪو ٿي بيهي ۽ ساري سماج مان باهه ڪڍي. پر دلي تسڪين ته اهڙين روشن سان هٿ ڪانه ايندس پوءِ ٿيندو نشئي.

(2) ٻاراڻيون هلتون هلڻ: ڪي مايوسيءَ جا منجهايل وري پراڻين جهنگلي چالن يا ٻاراڻين هلتن ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو ڏسندا آهن. ٻار غيرجوابداريءَ جي زماني ۾ ڪجهه به ڪري وجهي ته سندس چالون اعتراض جوڳيون نٿيون لڳن، پر وڏا جي اهي غير مهذب روشون وٺن ته سماج ته ڪڏهن به انهن کي منظور ڪانه ڪندي، پر کين به پنهنجي روش مناسب ڪانه لڳندي ان ڪري نڪو سندن جوش  جهڪو ٿيندو نڪا تسڪين حاصل ٿيندن. جيڪڏهن ڪنهن به وڏي پريي کي ڪا ٻاراڻي روش وٺندو ڏسجي ته ائين ئي سمجهي ته ڌڪ کائي دل ٿو وندرائي.

(3) جذبي کي سڦلو  ڪرڻ: ڪيئن ته ويڙهه جي اڌمي کي ڪنهن اصولي جڌ جوٽڻ يا پراپڪاري ڪم خاطر ڪم آڻي سڪارتو ڪرڻ. ماءُ جي اڀريل جذبي کي ٻين جي ٻچن سانڍڻ ۾ صرف ڪرڻ. شهواني جوش کي ذهني ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ، نراسائيءَ ۾ ناڪامي جي اثر کان بچڻ لاءِ هي طريقو نهايت فائدي وارو آهي. شخصي توڙي قومي نقطه نظر کان، ڇاڪاڻ ته بهتري ۽ خدمت جو اعليٰ انگ اٿس، جو ئي انسان کي اُتم ٿو ڪري ۽ بلندي ٿو بخشي. تمدن، تهذيب، حقيقت شناسي ۽ انسانيت جا علمبردار اهي ئي ٿا ٿين جيڪي نفسي مزن واري طاقت کي پاڻ کان وانجي، سماجي مزو پيدا ٿا ڪن. اهڙي اوجر کان سواءِ ماڻهو حيوان ئي رهي ها. نه هجي ها لحاظ نه مروت نه خلق، نه حيا. انسان جي برتري ان ۾ آهي ته پنهنجي اٿاهه جذباتي طاقت کي حيوانيت جي گهيڙ مان ڪڍي انسانيت جي راهه ۾ سڦلو ڪري، نيڪي ۽ بلنديءَ جو درجو حاصل ڪري. کائڻ ۽ ٻار ڄڻڻ مڇر به ڄاڻي. جي ماڻهوءَ به ايئن ڪيو ته آخر ڇا ڪيائين؟ هر هڪ ڪم کي تڪميل تي آڻڻ لاءِ طاقت جي گهرج آهي. طاقت جو موجود ڪندڙ  جذبو ئي آهي. جي هرڪو جذبو پنهنجي مزي لاءِ ڪم آڻبو ته حيوان جي درجي تي ئي رهبو. پڙهڻ، سمجهڻ، ياد ڪرڻ، امتحان ڏيڻ، برک ٿيڻ جي طاقت ڪٿان ايندي! جيڪڏهن حيوانن کان بهتر ڪجهه به ڪرڻو آهي ته فرائڊ جي زرين قول کي ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي نفسي مزي جي ملهه سان ئي برتري ملي سگهندي.“

(4) جذبي کي دٻائڻ: جي ڪنهن اڌمي کي سڦلو ڪري نه سگهجي ته ان کي دٻائي پٺيءَ پلئه ڪري اڇلي به نه ڇڏجي، ڄڻ ته هو ئي ڪونه. سچيتيءَ مان ڪنهن جذبي کي زوريءَ تڙي ڪڍڻ ڪري ڪو جذبو کپي ڪونه ٿو وڃي پر وڃو اچيتيءَ ۾ آرامي ٿئي. هن طرح نه جذبو من مان ويو نه اختيار جي ڪڙي ۾ آيو. هي ڪڏهن نه ڪڏهن ڀڙڪي کائي اڀرندو ۽ ڪيترن نمونن ۾ من کي وياڪل ڪندو.

پاڻ پلڻ هڪ اختياري عمل آهي، جوکلم کلا اڌمي جي مخالفت ٿو ڪري. سندس واٽ وٺڻ جو انڪاري ٿو ٿئي ۽ بت کي ساڻس رفاقت ۾ قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. خود ضابطو هن کي چئبو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غصي تي قابو ڪري ان کي قابوءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تڏهن هو بيهودي قدم کڻڻ کان پاڻ کي روڪي ٿو. اختيار هلائي، مڙسان مڙسيءَ  پاڻ کي پلي ٿو. انهيءَ هلت کي پٺيءَ پويان اڇلڻ ڪين چئبو. پٺيءَ اڇلڻ جي حالت ۾ هن کي ڪاوڙ ايندي ئي ڪانه.

اڌمي کي زور ڀرڻ کان اڳيئي روڪڻ، پاڻ پلڻ، سوچ ۽ فيصلي جا ڪم آهن، جن مان ڪو به نقصانڪار نتيجو نڪري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪم پوري سچيتيءَ ۾ آيا ۽ مغز خيال ڪري ترتيبوار نيڪال ڪيا ۽ من ۾ سندن ذري ڀر کٽڪو به ڪونه رهيو.

اهو نفس تي ضابطو ته آهي. جو انسان ۽ حيوان ۾ فرق ٿو آڻي. جڏهن ڪو ٻار لاڳيتن سوالن سان ڪم ۾ رخنو وجهي صبر تي هلان ڪري ان کي ڀڃڻ تي هوندو آهي يا ڪيو (قطار) ۾ بيهي بيهي ڀانئبو آهي ته ٽپو ڏئي وڃي بس ۾ چڙهان، يا ڪنهن انجام نه پاڙڻ جي هرکر ٿيندي آهي، يا ڪو ماڻهو اهڙو نقل ٻڌائڻ تي هوندو آهي، جو ٽي ڀيرا اڳي ئي ٻڌل هوندو آهي، پر ته به سانڃهه ساڻي ڪري، صبر سان ٻڌي ٻڌائيندڙ کي رنج نه ڪبو آهي، يا ٽرڙائپ، جي ڪنهن به هلت، کل، ڇڪ، اٻاسيءَ کي قابوءَ ۾ رکي، پاڻ کي ٿوري تڪليف ڏئي ، سماجي سنجيدگيءَ جو خيال رکبو آهي، تڏهن پاڻ کي پلي، انسان چوائڻ جو لائق بنائبو آهي. پاڻ پلڻ جي ڏنل چند مثالن مان ظاهر آهي ته پاڻ پلڻ ۾ ڪو ذاتي مزو ڪونه آهي، پر سماجي فضيلت ۽ قانوني زندگيءَ لاءِ نهايت ضروري آهي.

نفسياتي علم جي نقطه نظر کان، ايترو سمجهڻ ضروري آهي ته پاڻ پلڻ جي حالت  ۾ اسين اڌمي جو اڀرڻ ۽ سندس موجودگي پوريءَ طرح محسوس ٿا ڪريون، پر ان کي زور ڀرڻ کان اڳي پنهنجو اختيار هلائي ان کي اپڙڻ نٿا ڏيون، نڪي ان کي پنهنجي ساڃهه تي قبضو ڪرڻ ٿا ڏيون، پر پٺيءَ پلئه اڇلڻ جي حالت ۾ ته هڪ اڻسهائيندڙ ڪيفيت جي موجودگيءَ کان ئي انڪار ٿا ڪريون. جڏهن ڪا به اهڙي ڳالهه جا اسان جي غيرت کي لوڏي، محسوس ٿا ڪريون ته اسين ان کي سچيتيءَ جي شعور ۾ اچڻ کان تڙڻ جي ٿا ڪريون ۽ جي اسان جي ڪوشش ڪامياب ٿي ته اها واردات سچيتيءَ کان ايترو نڪري ٿي وڃي، جو مراقبي ۾ به ان کي ڳولي لهڻ محال ٿيو پوي پر ته به ان جو وجود مغز مان نڪتو ڪين چئبو. اڌما، جذبا ۽ ناتا، جهڙوڪ خار، حسد ۽ يادگيريون پٺيءَ اڇلڻ جي اثر هيٺ اچي سگهن ٿا.

ڪنهن به ڳالهه کي ان ڪري دٻي نه ڇڏبو آهي جو اڻوڻندڙ هئي. اهڙا ڪيترا آزمودا ٿين ٿا، جي اڻوڻندڙ هوندي به وقت گذرڻ بعد پاڻ هڪڙو عجيب مزو ڏيندا آهن، پر اهي وقت، جن تي ڪا گهٽتائي يا بيعزتي ٿي هوندي، سي ڪير به ياد ڪرڻ پسند ڪين ڪندو. اهڙا موقعا، جن تي ڪنهن پاڻ کي بيوقوف بنايو هوندو، يا ناشائسته هلت ورتي هوندي يا پاڻ کي پڏائيندي مورڳو پاڻ کي ڪيرائي وڌو هوندو، نهايت جهوريندڙ ٿا ٿين، اهڙيون ڪڙيون يادگيريون ڪؤ  کائي پٺيءَ پلئه اڇلبيون آهن.  ڪيتريون اهڙيون يادگيريون به ٿڏي  ڇڏبيون آهن، جي ڪڏهن ته بالڪل وڻندڙ هيون، پر پوءِ شرمساريءَ جون باعث بنيون. ساڳيءَ طرح ڪي اڌما ۽ امنگون به پٺيءَ پائبيون آهن نه انهيءَ ڪري، جو سندن حاصلات مشڪل  هوندي آهي، پر سندن احساس وياڪل ڪندڙ هوندو آهي. مطلب ته پٺيءَ اهڙيون ڳالهيون اڇلبيون، جن سان شڪي لڳبو آهي، جن ۾ شرم، عتاب ۽ گهٽتائي محسوس ڪبي آهي.

اهي سڀ حد بنديون، جي اسان جي ذاتي فطرتي اڌمن کي بيجا ٺهرائن ٿيون، شخصي مدنظر کان غير واجبي ۽ خلاف فطرت آهن، پر سماجي ٽيڪ هئڻ سبب ۽ مذهب، جو به سارو سماجي قانون ئي آهي، اسان ۾ گنهگاريءَ جو احساس پيدا ڪيو، ڌمڪايو، هيسايو ڇڏين. سماج سان اسان جي ترقي آهي ۽ اها ئي اسان کي حيواني زندگيءَ کان پري رکڻ ٿي چاهي. مذهب به فقط سماجي قانون جي تائيد ڪري ان کي برقرار رکڻ ٿو چاهي. واقعي انسان جي برتري انساني سلوڪ ۾ آهي، نه جهنگ ۽ بـَـر وسائڻ ۾.

اڌمن کي دٻي ڇڏڻ جا خراب اثر: اڌمو ايترو ڀـُـلائڻ، جو بنهه گم ٿي وڃي سو ته مشڪل آهي، ان ڪري کٽڪو ضرور رهندو. اڃا سچيتيءَ کي پهتو ته من ان کي تڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. چڪر چالو رهيو اچي. اهو مغز کي زيربار ڪري ٿڪائيندو ٿو رهي. هر وقت، بي سبب ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ جو سبب، اها اندرين ڪشمڪش آهي، جنهن مان خواب، بي خوابي ۽ ٻيا ڪيترا خراب نتيجا نڪرن ٿا.

جڏهن به اڌمو اڀرڻ جي ٿو ڪري ته روڪيندڙ طاقت جنهن کي فرائڊ سينسر ٿو چوي، ان کي اسرڻ کان روڪي ٿو ۽ اڌمو ڦٿڪندو دٻجو وڃي، پر ڇڪتاڻ لايو اچي. جيڪڏهن  ڪنهن سان خار يا ساڙ پيدا ٿئي ته بهتر آهي جو ان کي سهي سمجهي ان کان پاڻ کي آجو ڪجي. بلڪ اهڙي چٽاڀيٽي ئي ڇڏي ڏجي، جا ڪنهن لاءِ حاسدانه نظر پيدا ڪري. مـَـنَ کي جهڳڙي کان آزاد ڪرڻ جي هيءَ بهترين واٽ آهي. دٻائي ڇڏڻ جا ٻن قسمن جا نتيجا ٿي سگهن ٿا: (1) ته هن لاءِ پيار ۽ دوستي مورڳو وڌيل ڏيکاري  (2) ته هن کي ڳجهه ڳوهه ۾ نقصان رسائيندو رهي، گلا سان يا ضروري ڪمن ۾ رڪاوٽن وجهڻ سان. ڀل ته پنهنجي دل کي پوريءَ طرح صاف به سمجهجي پر دٻيل جذبو لڪڇپ ۾ اهڙي طرح ڪم ڪندو هلندو جنهن جي اڳلي کي ٽيٽ به نه پوي.

ائين به ٿي سگهي ٿو ته دٻيل پيار عداوت جي واٽ وٺي. زال ذات ۾ ائين اڪثر ٿيندو آهي. مردن ۾ به پوشاڪ، کاڌي پيتي ۽ رهائش ۾ ٺٺ ٺانگر ۽ نفيس  خيالي پيدا ٿي پوندي آهي. دٻيل جذبو عام طرح ٻٽاڪي به ڪري وجهندو آهي. عمدو لباس، نٽ شٽ، ٽڪاش ۽ آبرو جو خيال گهڻو ٿي پوندو. ٻٽاڪي ۽ چيڙاڪ پنهنجي غلطي يا بي علمي ڪڏهن ڪين باسيندو. هو ته ظاهر ظهور پنهنجي گهٽتاين کي لڪائي سهڻو ڪري ڏيکاري رهيو آهي. گلا غيبت، اوگهڙ سان دلچسپي، تنگ پوشاڪ يا اڌ اگهاڙي پوشاڪ جفتي جذبي کي دٻائڻ جو نتيجو آهن.

پهه پچائڻ

دٻيل جذبن کي واٽ ڏيڻ جو ٻيو طريقو آهي پهه پچائڻ. جي هن ڀيٽان ڀيٽيءَ جي دنيا ۾ ضروري تمنائون به پوريون نه ٿيون ته اوسيڙو، بيچني ۽ نراسائي، فڪر کي ڪم لائي هن اجائي دنيا  کي اڇلي پنهنجي آسرن اميدن واري دنيا ٺاهڻ ۾ محو رهندا. پهن پچائڻ ۾ بعضي حقيقتون به هٿ اچي وينديون آهن، پر بعضي ته پهه خوابن کان ڪجهه ٿورو ئي بهتر هوندا آهن، ڪيترين حالتن ۾ ڪو نه ڪو رستو کلي پوندو آهي، جنهن تي همٿ سان هلي سگهجي، پوءِ کٽن ڀاڳ. پر جي پنهنجي پيدا ڪيل رستي وٺڻ جي ٿوم به ڪانه هوندس جو انهن تي عمل ڪري، ته پوءِ پنهنجي پهن جي ٽٻين ۾ ئي خيالي پلاءُ پچائيندو رهندو ۽ ڇٽو. پهن جي موج به ري خرچ نشو آهي. جي نشو هوندو واجبي ته گهيڙ مان ڪڍي به وجهي پر پو تار ۾ ته الله توهار. پورالو ۽ متوالو بيڪار ته آهن.

(5) يڪسانيت: جڏهن ڪو اڌمو ڪنهن ۾ ڪامياب نه ٿي بيڪار ويندو آهي تڏهن هو پاڻ واريون اڻلڀ لياقتون ٻئي ڪنهن ۾ ڏسي انهيءَ تي ناز ڪري پاڻ کي هن ۾ ڏسندو آهي. مان نه ٿيس ته هو ٿيو. اهڙي موافقت پيدا ڪرڻ ۾ به گهڻي مسرت حاصل ٿيندي آهي، جيئن ڪو فوجي سپاهي دل وارا تمغا ٻئي کي ڏسي پاڻ کي ان ۾ سمائي، يڪسان سمجهي، خوش ٿئي. ٻئي جون فتحون پنهنجون سمجهڻ ۽ انهن تي ناز ڪرڻ ۽ ان ۾ پاڻ کي سمائي ساڳيو سمجهڻ، سماجي شراڪت کي پختي ڪرڻ جو هڪ قدرتي دليل پيو لڳي. هيرو ورشپ جو بنياد هتي ٿو ڏسجي.

ٻارن ۾ ته يڪسانيت جو مادو گهڻو ڏسبو آهي. ڪنهن کي پيءُ، استاد، فوجي سالار، ريلوي گارڊ، پوليس مئن، پوسٽ مئن  سان ڪو خاص جذبو ڳنڍجي ويو ته پنهنجي راند ۾ به اهو پارٽ ادا ڪري، هن سان يڪسانيت پيدا ڪري حظ حاصل ڪندو. وڏي هوندي به ڪو يوسف سان يڪساني ٿئي ته ڪا زليخا سان، ڪو صلاح الدين ٿئي ته ڪو تاج الملوڪ. ناولون پڙهبيون ئي ڪنهن کي دل ڏيڻ لاءِ آهن!

شل ته ڪو ڪتاب فقير مان امير جي نالي سان نڪري، پوءِ ڏسو ته اميريءَ جي خواهش وارا ڪيترا نراسيل ڪيئن نه ٿا اهو ڪتاب ڳنهن ۽ پڙهن. ڏسون ته هي ڪيئن امير ٿيو؟ ڪو ته ٿيو نه؟ نااميدي ته ڪانهي. ويتر جي انهيءَ امير جو اٺسٺو اهڙو هوندو جنهن سان پنهنجا مشڪل به آسان ٿي سگهن ته ٻيڙائيءَ پار. ڏسڻ ۾ يڪسانيت ۽ پهه پچائڻ قريب پيا لڳن.

دماغي خلل ۾ ته يڪسانيت ايترو وڌي ويندي آهي جو ڀانئبو ته سڪندر، سقراط، زليخا، الله مان آهيان. ڪنهن به دماغي اسپتال ۾ اهڙن بيمارن جي کوٽ ڪانه ڏسبي.

جيڪڏهن ڪو ڪنهن اهڙي گهرو معاملي ۾ گرفتار هجي جنهن مان هو پاڻ کي آزاد ڪري نه سگهندو هجي ته ڪنهن ٻئي کي ساڳئي حالت ۾ ڏسي ڀانئيندو ته هن کي ته ڇڏايان. ڪيترا مائٽ جي ڪو مطلب حاصل نه ڪري سگهندا ته ڪوشش ڪندا آهن ته اها مراد، من پنهنجو پٽ ماڻي. ڪا ماءُ وري پنهنجي ويرين کان انتقام وٺڻ لاءِ پنهنجي اولاد ۾ سمائجي يڪساني ٿيندي. مطلب ساڳيو اهو ته جيڪي مون کي مرغوب هو، سو جي مون کي نه مليو ته من ڪنهن کي ته ملي.

(6) پنهنجو پرتوو ٻئي ۾ ڏسڻ: جڏهن ڪا پاڻ ۾ اهڙي رغبت پيدا ٿئي جا شڪي ڪري ۽ ٻئي ڪنهن کي انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ ڏسجي ته ان تي انگشت نمائي ڪرڻ کان رهي ڪين سگهبو، ڇاڪاڻ جو ساڳي ڪيفيت ساڻ اٿس. جيڪو ٻين جي آڪڙ، هٺ يا ڪميڻپ جي شڪايت ڪري، سو پاڻ به انهن عيبن کان خالي نه هوندو. بعضي ته ائين به ڪري جو پنهنجون خطائون ٻين تي هڻي چوي ته  اهي خيال ۽ خواهشون منهنجا نه آهن پر ڪنهن ٻئي جي اثر هيٺ پيدا ٿي پيا. اهڙا ماڻهو هميشه پاڻ کي تصوري نڪته چينيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڏسبا. هو هر وقت پاڻ کي ويڙهيل چادر هيٺ محسوس ڪري پنهنجو پرتوو ٻئي ۾ ڏسي ڀائيندا ته اڳلو جو مون کي گلا منهن ۾ ڏئي، تنهن کان ڇو نه اڳي ئي آئون ڌڪ هڻانس. حالانڪ اڳلي جي من ۾ اهڙي ڪا پچار به ڪانه هجي. دماغي خرابيءَ جي حالت ۾ ته هي احساس ايترو وڌي وڃي ٿو جو پاڻ ڏي خيالي آواز ايندا ٻڌي يا خيالي آڱريون کڄنديون ڏسي. اهڙن وقتن تي جي ڪنهن کي واٽ هلندي کلندو ڏٺائين ته هڪدم ان تي تهمت رکندو ته مون کي گلاري ڪرڻ وارو اهو ڪميڻو آهي.

(7) بهانا بنائڻ: جيڪي ڪرڻو يا مڃڻو اٿئون يا اڳئي ڪري چڪا آهيون، پر سماجي نظر ۾ ڪريل ڏسڻ ۾ اچي ته ان کي مناسب ٺهرائڻ لاءِ پاڻ کي دليل ڏئي، آٿت ڏبو ته ان ۾ ڪهڙي خطا ٿي؟ جيڪي ڪيم ان لاءِ واجبي سبب هئا. منهنجو ڪهڙو قصور، ائين ڪرڻ ضروري هو.

من، هي طرز گهڻو ڪري انهن حالتن ۾ وٺندو آهن جن ۾ ڪي اڌما اخلافي ڇڪتاڻ پيدا ڪندا آهن ۽ پاڻ کي آجي ڪرڻ لاءِ عذر گهڙيندو آهي. جي ڀاڙي ڏيڻ کان اڳئي بس مان لهي پيو ته چئبو ته سارو وقت بيٺو ته هوس، ڀاڙو وري ڇاجو. جي آفيس جا پنا پينسلون ٻارن کي لکڻ لاءِ آڻي ڏبا ته ضمير جي هرکر لاهڻ لاءِ چئبو ته اسين به سارو ڏينهن رات پيا ڳهون، ايترو اسان به لهڻو. ڪو عادي پياڪ وري دل کي پرڀائيندو ته هونءَ ته ايڏو ڪم دل کي ڊاهي رکندو. ٽيڪ کان سواءِ ڪم به نٿو اڪلي.

هڪڙو مغز جو خلل اهڙو به ٿيندو آهي جنهن ۾ نڪ سڻڪڻ جهڙي خسيس ڳالهه لاءِ به لاڳيتي لانڍ دليلن جي ڏئي ويندو ته ائين ڪرڻ فائدي وارو آهي. شڪ جا بيمار ته دليلن گهڙڻ جا استاد ٿين. ڪنهن کي اهو شڪ ويٺو ته گهر وارا مون کي ٿورو زهر پيا ڏين، پوءِ جي ڪو ڊاڪٽر ئي چويس ته ائين نه آهي ته هڪدم خيال ايندس ته مار ڊاڪٽر به هنن سان ملي ويو آهي.

ناڪاميءَ جي اثرن تي غالب پوڻ لاءِ من ٻه صورتون وٺندو آهي: (1) سڌو رستو، جنهن ۾ هو پنهنجن انهن لياقت کي وڌائي ڏيکاريندو جن ۾ هو ڪريل هوندو (2)اڻ سڌو رستو، جنهن ۾ هو ڪرڻ واري واٽ جي خامي سمجهي ان کي ڇڏي ٻي واٽ لڳندو. هيءَ معاوضي روش جي شراڪتي اصولن موافق هوندي ته کيس ڇوٽڪارو ڏئي سگهي ٿي.

(8) لڪ ڪرڻ: جيئن دل گهرندي هجي ان جي ابتڙ  هلت هلڻ کي لـِـڪ ڪرڻ ٿو چئجي. ڪو ڊيڄو پاڻ کي بهادر ڏيکاري، ڪو شهوت پرست پاڻ کي پاڪ پوتي چوائي، ڪو رشوتي پاڻ  کي زور زور ڪري ايماندار چوي، ڪو زوراور پاڻ کي سڀني جي خيرگهرو ڏيکاري. هي لـِـڪ ڇپ جي کيڏ گهڻو جٽاءَ ڪين ڪندي ، ڪٿي نه ڪٿي ٽٽي پوندو.

(9) بيماري: بعضي من ناڪاميءَ جو تدارڪ بيماريءَ ۾ ڏسندو آهي، بيماري به واقعي هوندي آهي. ڍئونگ ڪونه ڪندو پر پنهنجي عاجزيءَ جو فائدو وٺندو. ڪڏهن ذهن ۾ ڪو اهڙو جهلڪو آيو هوندس، هسٽيريا هڪ انهيءَ قسم جو من جو ويس آهي ۽ ڪيتريون ديوانگيون.

(10) شراب: جيئن مغز جون بيماريون من جي سچيتيءَ کي ماٺو ڪري، صحيح ماحول کان ڪڍي پنهنجي آسن اميدن جي نئين نرالي دنيا ٺاهيو وجهن، تيئن شراب به ساڳيو  ڪم ٿو ڪري. سچيتيءَ کي جهڪو ڪري ناڪامين ۽ نراسائيءَ جي ڏنگن جو سور گهٽايو ڇڏي. نشئي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي. نشي جي خرابي اها آهي، جو هڪڙي ناڪاميءَ جي تلافيءَ جي آڙ ۾ پاڻ به عادت جي صورت وٺيو ٻي ناڪامي به شامل ڪيو ڇڏي.

ظاهر آهي ته ناڪاميءَ جي مايوسيءَ کان ڇوٽڪارو وري به ائين ملندو، جو هڪ واريءَ حالتن کي غور ۾ آڻي نروار ڪري، سوچي سمجهي کين سلجهائڻ جي سڻوپري واٽ هٿ ڪجي. اها ضرور مهذب ۽ قانوني هوندي، تعصب  ۽ نفرت ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه کي عقل جي دائري ۾ آڻن ڪين ڏيندا. البت جي مطلب ايترو اوکو آهي جنهن کي پهچڻ محال ته ڏينس ٻن. اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. ڀڱي سان ئي ڀير جيسين رتو راس ٿئي. ان کي ڇڏي ڪا هيٺڀري منزل مدنظر رکجي ته لڙائي لهي پوي. من جڳهڙي کان ڇٽي پوي. جتي پڄڻ ناهي جاءِ اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.

(11) پاڻ ڪڍائڻ: بعضي مغز گنهگاريءَ جو ڪم ٻئي کان وٺڻ ڪري، پاڻ کي گناهه جي بار کان آزاد سمجهندو آهي، ڪڏهن ته جان بچائڻ يا عزت بچائڻ خاطر ڪوڙ ڳالهائڻ مباح سمجهي. پورا مذهبي يهودي ڪوڙ ڳالهائڻ کي وڏو عذاب سمجهندا آهن ۽ آهن به گڙنگ واپاري. سچو اگهه به ته نه ڏسن. تجويز  اها ڪيائون ته هڪ ٻه پگهاردار اهڙا رکن جن کان ڪوڙ چوائن،  جهڙا اسان جي پوليس جا پاڙهيل مشير. پاڻ اصل ڪوڙ نه ڳالهائن. انسانيت ته گهري ٿي ته انسان ذات سان نيڪي ڪجي ۽ صداقت سان هلجي پر جو لالچ به واسو ڪيو ته دليل اهو قائم ڪريو ته اخلاق آهي  پنهنجن لاءِ، نه غيرن لاءِ. خبر تان پوي جو غيرن تان هلندي پنهنجن کان به نه گسي. ڪهڙو عجب ته پالٽڪس به رومالي ڌوڪا هجن جي بين الاقوامي منظوري ماڻي رهيا آهن.

چريائيءَ جي حالت ۾ ته ٻئي پاسا کلي پوندا آهن. اڻهوند هوندي لک پتي چوائڻ، نيٺ مغز کي ڀلائي  ڀيلو ڪري ارن کان ڪڍي وجهندو. سڏائيندو سيٺ، سوال ڪندو سگريٽ جو. چي مئنيجر ڪارخانو بند ڪري ويو آهي تڏهن ٿو گهران. خراب حالتن ۾ انهيءَ قسم جي ٻه- چتائي ايترو زور وٺي وڃي، جو هڪ مان ٻه ماڻهو ٿي پون. ننڊ ۾ ڪجهه لکڻ لڳي وڃي يا گهمي ڦري موٽي اچي هنڌ تي ليٽي. وري جو ننڊ اکليس ته خبر نه هجي ته ڇا لکيم يا ڪيڏي ويس. هڪڙو ننڊ ڪري ٻيو پيو لکي يا پنڌ ڪري.

(12) هسٽيريا: هيءَ هڪ مجذوبي بيماري آهي، جنهن ۾ جذباتي ڪشمڪش ڪنهن بيماريءَ جي صورت وٺندي آهي . گهڻو ڪري ڪٿي سخت سور لکائبو يا ڪو سنڌ چرڻ کان بيهي ويندو ۽ پريشاني ته هر وقت هوندي. جذبن جو جسم تي اثر لازمي آهي. ڏک يا غصي ۾ بک مارجي ويندي. زوري گرهه ڀربو ته هانو تي چڙهيو بيٺو رهندو، ڪيترا ته کاڌي کي ڏسن ته اوڪارا اچنن. ڊپ جي اثر هيٺ ته تپ به چڙهي وڃي.

هسٽيريا ۾ جسمي علامتن سان گڏ جذبن جو مظاهرو به خوب ڏسبو. مٿي جي ڦيري، هَڪڙو ڳالهائڻ، بي سرتي، ڳڍڙيون، ٻوڙاڻ، نظر نه پوڻ، اوچتو ڪنهن عضوي جو سڪي پوڻ، پيٽ ۾ اهڙو سور، جو ڪنهن قول نه لهي. پر جي هسٽيريا جي بيمار تي ڪنهن جو اثر پئجي وڃي ته بيڪار سـُـڪل گوڏو ٿوري مالش ۽ دلجوئيءَ سان جهٽ چوري وجهي.

هسٽيريا جي مدنظر اڪثر ٽي مطلب ڏٺا ويا آهن: (1) ڪن اڻوڻندڙ حالتن کان نڪرڻ (2) ڪنهن جو ڌيان  ڇڪائڻ يا سندس همدردي حاصل ڪرڻ (3) زور هٿ ڪرڻ. انساني تهذيب موجب بيمار سان قياس ڪرڻ جڳائي. ڪي سندس ڀلون چڪون هونديون ته به درگذر ڪبيون هتي به مطلب اهو آهي.

(13) قصور واري ۽ احساس گناهه: رواجي فڪر ته لڳائي ٿا رهن: امتحانن جا، ڪمائيءَ جا، بيماريءَ جا. وقت گذريو ته ڳڻتي به لٿي. اها ڳڻتي جا پنهنجي قصور واريءَ ۽ عزت جي معاملي سان اٽڪيل ٿي ٿئي سا نه رڳو پائدار ٿي ٿئي، پر خطرناڪ به. اهڙيون ڳڻتيون جي ٻين سان ته ڇا، پر پاڻ سان به سلڻ ڏکيون، سي ممڪن آهي ته جذبن ۽ امنگن وانگر دٻجي وڃن. اهڙين حالتن ۾ ڳڻتي پنهنجو اصلوڪو ويس مٽائي غريبت، چريائي يا ڪنهن وڏي بيماريءَ جو روپ وٺي. بعضي ته انهيءَ خاص ڳڻتيءَ جي عوض گهڻين هلڪين سلڪين ڳالهين جي فڪر ۾ ڦاسجي وڃجي. نئين سر نيون ڳڻتيون، هجن به بنهه خسيس ڳالهين بابت. الائي ٻاهريون در بند ڪيم يا نه خبر نه آهي ته منهنجي ڳالهه ڪا غلط فهمي پيدا نه ڪئي هجي خط ته بند ڪيم پر شل ڪاغذ نه مٽجي ويا هجن. مزو ته اهو آهي جو پاڻ به پيو سمجهندو ته ڳالهه ۾ ڪي به ڪين آهي پر ته به ڪا نه ڪا ونڌ کنيو ويٺو هوندو.

اهڙين حالتن ۾ جيڪو هڻ تڻ جو ظاهري سبب  ڏيکاريو آهي، سو سچو نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته سچي سبب  سان ڪنهن گناهه جو احساس ضرور شامل هوندو آهي. اهي تشويشون جن سان شرمساري شامل نه هوندي آهي سي ڪيترو به وقتي ڏک ڏينديون، پر جڏو ڪين ڪنديون، زلزلا، ڪئين آفتون سر تي نازل ڪندا، پر ايترو نه لوڏيندا جيترو ڪي اخلاق سوز خطائون، ڇاڪاڻ ته اهي انسانيت جي درجن تان سٽيو رکن.

تعجب اهو آهي جو گنهگاريءَ جي احساس جي ماريلن جو گناهه به نه جهڙو هوندو آهي، پر ضمير ايترو قوي هوندو اٿن جو اڻلکو گناهه به لکائيندا آهين. سندن اخلاقي منزل بلند هوندي آهي ان ڪري ٿوري خامي به پئي جهوريندن. ماڻهوءَ ۾ لالچ ۽ ضمير جي چڪري ته لڳي ٿي رهي، جا ڪڏهن برداشت جي حد کان نڪريو پوي. پوءِ تشويش ۾ سوچيندي سوچيندي خفقان ۾ ويڙهجو وڃن. ساده مزاج ماڻهوءَ ۾ جتي ضمير ضعيف هوندو آهي، اتي هسٽيريا منهن ڪڍندي آهي.

دٻيل ڳڻتيءَ جون علامتون: خسيس ڳالهين جو خفو، اجايا ڊپ، ٿوري سفر لاءِ ايڏيون تياريون ڪبيون، جو هر هڪ آفت جا ممڪن هجي، پر شدنيءَ کان پري ان جون به ذريون پرزيون جاچي سندن تدارڪ سٽبو. اوندهه، پوٺا، گوڙ، ٽنڊڻ، چچڙي، ڪوريئڙا، ڪئا، ٻليون، سوڙهيون جايون، ماڻهن جو انبوهه، رت وغيره ڪنبائيندس. ڪنهن به خسيس ڳالهه جو مقرر هراس، پڪي نشاني سمجهڻ گهرجي.

تلاطم مين پهنس کر پکڙتا هون موجين،
سمجهتا هون دامان ساحل يهي هي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org