باب
ستون
ٻار جي جسمي ۽ ذهني ترقي،
نفس ضمير ۽ خودي
(1) ماڻهو ۽ سندس لڳ لاڳاپا
دنيوي ڪاروبار ۾ ماڻهوءَ جون ضرورتون ٻن طرحن جون
ٿيون ٿين: (1) ذاتي (2) نياتي. ذاتي ضرورتون اهي
ئي آهن جيڪي ٻين جيون جون: جيئن ته ساهه کڻڻ،کائڻ،
پيئڻ، اجها ڳولڻ، جيئڻ ۽ ٻچا ڏيڻ. پهرئين دم کان
آخري دم تائين ماڻهوءَ کي به هوا کپي ۽ ساڳيءَ طرح
کاڌو پيتو ۽ اَجها. جوڙيوال جي ضرورت سڀني لاءِ
مقدم نه آهي. ڪي محسوس نه به ڪن.
حيوان پنهنجن ضرورتن لاءِ گهڻي قدر قدرتي حالتن جا
محتاج ٿا رهن، پر ماڻهو قدرتي حالتن کي گهڻي قدر
ڦيري پنهنجي ڀيت تي آڻي چڪو آهي. حياتي تڳائڻ لاءِ
ضروري آهي ته دنيا کان ڪنهن طرح پنهنجن گهرجن
پورين ڪرڻ واريون شيون هٿ ڪجن. ان لاءِ هر ڪنهن کي
پنهنجي عقل ۽ همت
موجب تجويزون سوچڻيون ۽ سٽڻيون ٿيون پون. ظاهر آهي
ته هر ڪو سمجهه آهر پاڻ کي زياده سکيو ۽ سهنجو
ڪندو.
ماڻهوءَ جي هلت هميشه پنهنجي ماحول موجب ٿي رهي،
دنيا جون مالي طبقاتي حالتون به بعضي اهڙيون ٿيون
ٿين جن کي پنهنجي مرضيءَ موجب گهڻو ڦيرائي نٿو
سگهجي. آب هوا جو اثر ته ايترو ٿو پوي جو ڏسڻ سان
چئي سگهبو ته ڪير عربي آهي ڪير عجمي. هر هڪ ملڪ
جون ضرورتون نراليون ۽ انهن کي پوري ڪرڻ جون واٽون
به ٻيون. انهيءَ طرح ماڻهوءَ جا مطلب توڙي مقصد ۽
سندس تجويزون ۽ خيال به ماحول مطابق مختلف ٿا ٿين.
جيترو جنهن جو گذر ڏکيو اوترو ان کي زياده مغز
هلائڻو پوندو جو پنهنجون حالتون سڌاري پنهنجي لاءِ
آساني پيدا ڪري.
ماڻهو ٻين حيوانن وانگر اڪيلو رهي نٿو سگهي.
ڳالهائڻ جي لياقت هئڻ سبب هو ٻين سان ڏک سک ونڊي
صحبتي ٿي ويو آهي ۽ ويڙهه جهيڙ جون مجموعي
مجبوريون محسوس ڪندي سماجي صورت جي رهائش زياده
سلامتيءَ واري ٿو سمجهي. ايتريقدر جو سماج جا ڪڙا
مٺا قانون سڀ پاڻ سان لاڳو ڪيو ويٺو آهي. حيرت
آهي ته ڪهڙيون مجبوريون کيس پنهنجن گهڙيلن قانونن
جي سزا ڀوڳڻ تي راضي ٿيون رکنس! ڪير جو ٿالهيءَ
ڀاڄيءَ کان نڪري ته جهڙس ڪـِـريل ڪونه! اهي سماجي
ضرورتون آهن، جي کيس ٺپي ٺاهي حيوان مان انسان
ٿيون ڪن. ٻار هوڏر، هٺيلو، خودرؤ، پنهنجي مڃائڻ
وارو، پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ وارو، تنهن کي ڪيئن
ٿو سماجي قانون ڪيڙي رفاقت سيکاري. همدرد ڪري،
قومي بنائي، ايتريقدر جو اڳلي جي سک ۾ پنهنجو سک
پسي ۽ ٻين سان ونڊي کائي.
انهيءَ دستور بيخبر ٻار جون اوٽون ماحول جي چـُـڪ
تي ٺپجي گهڙجي سماجي صورت وٺيو وڃن. ٻار کي پنهنجن
اندرين ضرورتن جي ڇڪن جي سـُـڌ آهي پر انهن کي
پوري ڪرڻ جي واٽ ڄاڻي ئي ڪانه. انڪري جنهن به واٽ
لائبس ان تي هلي ويندو. ٻار کي ڪنهن به ڀيت تي پوڻ
جي وڏي لياقت آهي، مطلب سو پورو ٿئيس . سندس ڪي
ضرورتون روڪڻ فائدي واريون نه ٿينديون، پر ڪن کي
دٻائي ٻي صورت ڏئي بهترين واٽ تي آڻي سگهجي ٿو.
ٻار جو نيپاج ڪن مڃيلن قانونن مطابق هلائڻ نهايت
ضروري آهي ته سندس دنيوي سفر سڦلو ٿئي. سکيا نه
ڏيڻ ٻار سان ٺڳي ڪرڻ آهي. جي سڻوپري واٽ نه لاتو
ويو ته اجايون واٽون وٺندو. هن کي دڳ لائڻ ضروري
آهي ۽ منجهس ايتري لياقت آهي جو ڪهڙو به فلسفو سکي
سگهي. ٻار مڇ جو وار پر جي ڪچيءَ ڪنا نه پيا ته
پڪيءَ پوڻ مشڪل. البت ٻار جي ڪچي عمر به ورهه ٿي
هلي.
ڄمڻ سان ٻار جي طبعيت
ڪنهن سماجي قانون مطابق ڪانه ٿي ٿئي ۽ وڏي کي
ورائڻ مشڪل. پسونئڙي کي سمجهو ڪيڙ ٿي ڪري. ٻار
جون بدني خصوصيتون ملڪي حالتون، سماجي قانون ۽
قومي حيثيت سڀ گڏجي کيس خاص شخصيت جو والي ٿيون
بنائن. ٻار جي پوري تات ۽ تعليم وسارڻ ائين آهي
جيئن ڪنهن نفيس ٻوٽي کي پرورش نه ڏيڻ ڪري ناس ڪرڻ
۽ اجاڙڻ.
ذاتي ضرورتن ۽ نياتي ضرورتن جي چڪري:
انسان جي من ۾ هر وقت جاري آهي. دل چوي ته هيءَ
شيءِ کڻ، نيات چوي ته هن شيءِ تي تنهنجو حق ڪونهي،
تون کڻي نٿو سگهين. هڪڙي پاسي نفس، جو پاڻ سان هر
وقت موجود آهي ۽ پنهنجون ضرورتون هر وقت ڄاڻائيندو
ٿو رهي ٻئي پاسي سماجي قانون لٺ کنيو ويٺو آهي.
جاوداني اوٽون جياپي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهن،
اٽل آهن، بي قياس آهن، بيوقوف آهن. هنن کي پنهنجي
پورائي جي واٽ کپي، ضرور کپي، جيتري روڪ پوندن
اوترو تيز ٿينديون. آدم کي جيڏانهن روڪبو ويندو ئي
اوڏانهن. ان ڪري ٻار کي ائين نه چئجي ته هي نه ڪر.
البت سندس اجهل اوٽن کي واٽ لائڻو ضروري آهي ته
مناسب واٽ لڳن. رغبتن جا رستا ماحول کي ٺاهڻا آهن.
نياتي ضرورتون ٻين سان تعلق ٿيون رکن، ٻار کي انهن
جي سمڪ به ڪانهي. اهي ٻار کي سيکارڻيون آهن جي
سمجهه سان چٽيون ٿينديون رهنديون. ٻار کي ته
رانديڪن جو دڪان کپي. پئسو هجي نه هجي. ائين نه
آهي ته هن جي گـُـهر عقل نه هئڻ جي ڪري آهي پر
ڪنهن اندرين تانگهه جي هرکر سبب. جوان کي عشق جو
سامان کپي. هاڻي ته عقل هوندي به ان کي گهڻا ڀيرا
خطا ڪيو ڇڏي؟ عقل ڪٿي ٿو هلي. ٻڍي کي آرام جو
آستان کپي. اهي ذاتي فطرتي ضرورتون آهن، جن جي
مناسب پورائي جو خيال سماج کي به رکڻ جڳائي. زور
مان به ڪجهه وريو آهي. ماڻهو کي ٻارهوئي ته اشڪنجي
۾ ڪين رکبو.
(2) ٻاراڻي وهيءَ جون ذهني ضرورتون ۽ نيپاج جو
اثر:
ماءُ جي پيٽ ۾ اڃا ٻار جي مغز ٺهڻ شروع ڪيو ته مٿس
سندس ساري بدن جا احساس لکجڻ لڳن ٿا. پهرين ته
مقدس پيٽ واري اگوندري ۽ سانتيڪي زندگي پنهنجا
پورا آثار، مغز تي نقش ڪندي ٿي رهي، جنهن جي ٻار
کي ڪا به سڌ ڪانه ٿي رهي پر مغز انهن روبڪارين جا
پورا احوال مرڻ گهڙيءَ تائين سانڍيو اچي. اهڙيءَ
طرح ڄمڻ کان پوءِ به ٻار ايترو ئي تات جو محتاج
آهي جيترو پيٽ ۾ ۽ جيڪي به وارداتون ٻار جي درپيش
اچن ٿيون يا آزمودا پرائي ٿو سي اکر به اکر مغز جي
فرحيءَ تي اڪرندا ٿا رهن. ڇهن ورهين اندر ڪيتريون
لياقتون پرائيندي سندس وڏي هوندي واري هلت چلت جو
قريب قريب سارو نقشو تيار ٿيو وڃي.
ٻار جي ترقيءَ لاءِ ٻه ڳالهيون جوابدار آهن: (1)
ٻار جي مائٽاڻي موروثي موڙي (2) سندس ڪيڙ يعني ته
نيپاج ۾ ٻار کي سندس لڪل لياقتن کي هوشيار ڪرڻ جو
ڪافي وجهه مليو آهي يا نه. ڄمڻ وقت ٻار جو مغز وڏي
جي پنچين پتيءَ جيترو ٿو ٿئي. جو ٻن ورهين ۾ ٻيڻو
۽ ٻين ٻن ورهين ۾ چئوڻو ٿيو وڃي. باقي پنجون حـصو
پنجاهه ورهين تائين پيو وڌي. وري ستر کان اسيءَ ۾
پٺتي.
ٻار جي بدني پرداخت جي ضرورت ظاهر آهي، پر هاڻي
معلوم ٿيو آهي ته نپائڻ واري جي دلي همدردي ۽ پيار
ٻار جي ذهن کولڻ ۾ به گهڻو دسترس ٿا رکن. توڙي وڏي
هوندي به ڏسجي ٿو ته جنهن ماڻهوءَ کي دلي خير
خواهه ۽ گهڻگهرا ڪين آهن ته ان جو دنيوي سفر به
اهنجو ٿيو پوي. انڪري ٻار جي ذهنيت کولڻ واري
پهرين اديب ماءُ آهي، جا پنهجي شخصيت، قرب ۽ رفاقت
جي اثر هيٺ ٻار ۾ آٿت يا بيقراري، ڀروسو يا
اوائڙائي ڌيرج يا بيچيني، هوشياري يا هڙڇڙائي، ڄمت
يا تابعداري، دليري يا بزدليءَ جو سٽاءُ سٽي ٿي.
ماءُ کان پوءِ ٻار جي اوڌ ۾ پيءَ جو وارو ٿو اچي.
ٻار نه رڳو پنهنجي مائٽ جي ظاهري برتاءَ ۽ ساڻس
هلت مان سندس ذهني اثر کڻي ٿو پر سندس نشست
برخواست به. البت اهي اثر ڪنهن مقرر صورت جا نٿا
ٿين، پر ساڳيا اهڙا ڌنڌلا جيئن وڏي هوندي ڪا نئين
ڪيفيت پهرئين ڀيري ذهن نشين ٿيندي آهي يا ڪنهن
نئين جذبي جو اثر دلپذير ٿيندو آهي. ٻار پنهنجي
آسپاس کان پاڻ کي ڌار گهڻي وقت کان پوءِ محسوس ڪرڻ
لڳندو آهي ۽ دنيا جي تعلقات بنسبت ڪيترو منجهيل
رهندو آهي.
ٻاراڻي وهيءَ جون ٽي پڌريون منزلون ڏسبيون: (1)
ڪنڌ جهلڻ ۽ ويهڪڙو ٿيڻ (2) ريڙهيون ڏيڻ (3) پنڌ
ڪرڻ. هرهڪ منزل تي سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ گهڻي
تبديلي ۽ ترقي ايندي ٿي رهي. اها ٻار جي اڇلون ڏئي
وڌندڙ سمجهه، سندس آسپاس سان دلچسپي ۽ پنهنجي بت
کي اٿلائڻ پٿلائڻ ۽ مطلب حاصل ڪرڻ جي لذت، جدوجهد
جو نتيجو آهي. پهرين ته ڪنڌ جهلڻ جي ڪثرت مان نڪري
پوءِ ويهڻ سکي، وري ريڙهين ڏيڻ تي سندس بازن جون
مشڪون اهڙو ته ٺهيو ٺپجو وڃن، جو جيسين چئن پيرن
تي
بانبڙا
نه پائي، تيسين اٿي بيهي نه سگهي. پوءِ پير کڻڻ
سکي، پنڌ ڪري، هلي، ڊوڙي ۽ ضرورت موجب هرهڪ اڱرو
۽ مشڪ چوري، موڙي، پنهنجي وس ۾ آڻي ته اڳتي دنيا
جي ڪار ڪرت ۾ اٿلڻ پٿلڻ سولو ٿئيس.
گئسل:
ٻار جي اوڌ جو سلسلو هن طرح ٿو ڄاڻائي. پهرين ته
ٻار مٿي جي رڳن تي قابو پائي ڪنڌ جهليندو. پوءِ
ٻانهون ڪم آڻڻ سکندو، آڱوٺي ۽ ڏسڻيءَ تي قبضو
ٻارهين يا پندرهين مهيني ٿيندس، جڏهن ڪٿي آڱر ٽنبي
يا چپٽيءَ سان ڪا شيءِ ڇڪي يا ڇني سگهندو. اکيون
پهرين سطحي چرپر محسوس ڪنديون، پوءِ اڀي ۽ اڙي.
پهرين گول ليڪي سگهندو، پوءِ چورس ۽ پوءِ ڇهه - اٺ
پاسي شڪل. ڏاڪڻ تي پهرين چڙهڻ سکندو پوءِ لهڻ.
پهرين شين جا فرق سمجهندو پوءِ هڪجهڙايون. شين جا
نالا سندن ڪمن پثاندر رکندو. ڪرسي ويهڻ لاءِ آهي،
نه ته ڪو ان کي گهرو سامان جو جزو سمجهندو. اهي
متيون ڪن کي اڳي اچن، ڪن کي پوءِ،
پر سندس سلسلو ساڳيو رهندو.
ٻانهن کي موڙڻ ۽ سنئين ڪرڻ وارين مشڪن جو ڪم ابتڙ
ٿو ٿئي. جيسين انهن ابتڙ ڪمن تي عضوا هرن، تيسين
ڪو نئون ڪم بت ڪري نٿو سگهي. پهرئين سال فقط سڌي
ويهڻ لاءِ ٻار کي ٽيويهن منزلن مان نڪرڻو ٿو پوي.
پوءِ بيهڻ، هلڻ، ڳالهائڻ، ڳڻڻ، پڙهڻ ۽ ٻيا ڪم سکي.
ٻن پاسن جي اڻ پوري هئڻ سبب ٻنهي هٿن سان ته ڪو ڪم
ڪري نٿو سگهجي. ساڄو پاسو زياده ڪارائتو ۽ قوي ٿو
ٿئي. هنڌ تي پٺيءَ ڀر ليٽيل ٻار کي ڏسبو ته پنهنجو
مٿو سڄي پاسي موڙي، سڄي ٻانهن ساڳئي پاسي سڌي
جهليندو ۽ کٻو هٿ ورائي ڪٻي ڪلهي ڏانهن ڪندو.
اهڙيءَ طرح ٻار جي ضرورتن موجب تنتي سرشتو به ساڻس
رفاقت ۾ هلندو ٿو هلي، جيئن جيئن ٻار جو جيوت منڊل
بدلبو ٿو رهي، تيئن سندس بدني تحرڪ ٻيا ٻيا ٿيندا
ٿا رهن.
ٻار، جو ٻئي مهيني اوڻيهه ڪلاڪ ستل ٿو رهي، سو
ڏهين مهيني اچيو تيرهن ڪلاڪن تي بيهي، ڪنهن مهيني
هڪ هنڌ بيهي رهي ته ڪنهن مهيني اڳتي پٺتي وڃي. ٻار
جي بدني يا ذهني ترقي هر وقت هڪ ڪڙيءَ ڪانه ٿي
رهي. پهريان ٻه مهينا ٻار انيڪ آواز پيو ڪندو. ٻي
- ٽئين مهيني لڱائي چڱائي ڏک سک جو اظهار ڪندو.
اٺين نائين مهيني ڪن مقرر معلوم اکرن تي ڌيان
ڏيندو. نوين يارهين مهيني ڪن اشارن جون رمزون
سمجهندو. باءِ باءِ چوندو. ٻئي سال گهڻا اکر چئي
سگهندو. هڪ سال کان پوءِ ساڳيو اکر ٻه ڀيرا چئي
سگهندو. دا دا، با با، وغيره. ارڙهين مهيني اکرن
کان سٽن جو ڪم وٺندو. ستين ورهيه ستن اکرن جي سٽ
ڳالهائي ويندو. ٻوليءَ تي گهرو تهذيب جو اثر گهڻو
ٿو رهي.
راند:
ٻار جي سڀ کان زياده دلچسپي راند سان ٿي رهي (1)
راند ٻار جي گڏ ٿيل سگهه کي واٽ ٿي ڏئي (2) ٻار کي
وڏائيءَ جي ڪمن ڪارين لاءِ تيار ٿي ڪري: هنري،
سماجي ۽ شخصي (3) اسڪول، پوسٽ آفيس، ريلوي اسٽيشن،
ڪورٽ، دڪان سڀّ راند ۾ نقل ٿا ڪن (4) راند روءِ
سوءِ پنهنجي مرضيءَ تي بنا ڪنهن حڪم جي ٿا ڪن،
جنهن ڪري سندن حوصلو کلي ٿو. (5) کلڻ، خوش ٿيڻ،
پاڻ تي ضابطو رکڻ سکن ٿا. (6)حقيقي دنيوي مسئلا
راند ۾ فيصل ٿا ڪن. مباحثا، عمل وغيره. (7) سخت
محنت ۽ مشقت ڪرڻ سکن ٿا. ذهن کلين ٿو، جذبن کي
واٽ ٿي ملين. پنهنجا احوال ۽ ضرورتون هڪٻئي سان
اورين ٿا، ٻارن جي راند، دنيا جي اسباب بنسبت هڪ
ويچار آهي، ڪنهن وڏي کي ڪو نئون آزمودو ٿيو ته ٻين
کي ٻڌائيندي هو ان کي پنهنجي توڙي ٻين جي شخصيت جي
جز بنائي ڇڏيندو. ٻار به راند ۾ وري وري چوڻ ۽ ڪرڻ
سان پنهنجي ماحول کي پاڻ ۾ جذب ڪندو، ان کي پنهنجو
حصو بنائيندو ٿو رهي. راند دنيا جي روزانن مشغلن
جي مشق ڪرائيندي دنيا سان تعلق ٿي جوڙي. جيڪو ٻار
پنهنجي جذبن کي واٽ نه ڏيڻ جي ڪري موڙهو ٿو رهي،
اهو شايد دنيا سان مناسب ناتا نه به جوڙي ۽ يگانو
لڳي، پر جيڪو ٻار ڪنهن جوش اچڻ تي پنهنجي راند جي
لشڪر کي ڀڃي پورو ڪيو رکي، ان کي به وهلور وڃڻ جو
ايترو انديشو ڪونه آهي.
رانديڪا:
هميشه وڏا خريد ڪندا آهن، پنهنجي مرضيءَ ۽ چونڊ
تي. پوءِ ٻار کي ٻڌائيندا رهندا آهن ته هيئن ڪر
هيئن نه ڪر. بهتر آهي ته ٻار کي بنهه ردي شيون
پاٺي جون پيتيون، بٽڻ، زنجيرن جا ٽڪر، ڌاڳا، پنا،
ڪپڙي ٽڪر، ڪوڏيون، پٿريون، جام شيون ڏجن ۽ پوءِ
ڇڏجيس ته پنهنجي خيال موجب پنهنجي دنيا ترتيب ڪري،
اٽو، مٽي، ريتي ڏجيس ته پنهنجي مرضيءَ تي ڪجهه
ٺاهي.
ٻار جي راند مان سندس ڪميون بيشيون معلوم ڪري
سگهجن ٿيون ۽ اهو به ته هو آئيندي ڇا ڪندو. ستن
ورهين تائين ته ٻار کي گهڻي راند ۽ ٿورو پڙهڻ ڏجي.
ستن - يارهن تائين ٻار کي ڪيڙ کپي، مگر هاڻي سمجهه
ايترو تکي نٿي وڌي جيترو ستن ورهين تائين. ڏٺو ويو
آهي ته پاڙهڻ ۾ به ڪفايت شعاري ڪم ٿي ڪري. ڪم جي
ڪلاڪن وڌائڻ سان ڪو ٻار کي فائدو ڪونه ٿو ٿئي. بلڪ
ڪم جي گهٽ ٿيڻ جو انديشو آهي، اوڌ کي به فطرتي رخ
ٿو ٿئي. ان کي ڌڪي ڌڪي تڪڙي وڌائڻ مان فائدو مشڪل
نڪري. هن کي
”نئچرلزم“
چئبو آهي، ٻيو فلسفو تعليم جو آهي.
”آئيڊيلزم“
جو ته ٻار کي پنهنجي وت کان مٿڀرو ڇڪيندو رهجي ته
هن ۾ ترقيءَ جو روح ڦوڪبو رهي.
ٻار جي ذهني واڌ لاءِ سندس آسپاس سان گهري واقفيت
۽ دلچسپي ضروري آهي. اها دلچسپي منحصر ٿي رهي انهن
خبرن تي، جيڪي پاڻ پنهنجي مغز ۾ احساسن جي صورت ۾
محسوس ڪندو ٿو رهي. احساسن پهچائڻ جا ذريعا سندس
حواس آهن. هر هڪ حواس ٻار جي سمجهه انوسار ٻن طرحن
جون خبرون رسائيندو ٿو رهي. وڻندڙ يا ڏکوئيندڙ. ٻي
ڪا به تميز ٻار کي ڪانه آهي. ظاهر آهي ته ٻار جي
دلچسپي ۽ رغبت فقط اهڙن احساسن سان ٿيندي، جيڪي
کيس وڻندڙ لڳندا. ٻار کي ايترو عقل ڪونه آهي جو
سمجهي ته جيڪو ايذاءُ مون کي هاڻي ٿو اچي، سو اڳتي
مون کي فائدو ڏيندو، هن جو سارو ڪم هن وقت جي سک
سان ٻڌل آهي. هن کان پوءِ ڇا ٿيندو، ان جو ٻار به
پسن وانگر خيال ڪونه ٿو ڪري.
هيءَ ته ڳالهه ڪئيسون هڪ ابهم پسونئڙي جي، پر
اسان جي ڪوتاهه نظر پير نابالغن کي به ته ڏسو، ته
اهي وڏا سڄا وقتي احساس جي مزي تي ٿا هلن يا
دورانديش ٿي سمجهه کان ڪم ٿا وٺن. اهڙا ڪي ٿورا
ڏسبا جي آئيندي جي نتيجن کي مدنظر رکي وقتي مزن کي
درگذر ڪن. اهڙا ڪيترا ڏسبا جي وقتي مزي لاءِ پاڻ
کي پاڻيهي پنهنجي هٿ سان تباهه ڪيو ڇڏين يا ته عيش
پرستيءَ ۾ لوڪ لڄا لاهيو، ننگ ناموس برباد ڪيو
ڇڏين. بيماري هجي ته هجي پر ڪـِـري ڪين ڪبي. تپ ڀل
ته ڳاهي پر ڪوئن ڪؤڙو ڪير کائي. مطلب ته اسين اڃا
حيوانيت جي احساسن کان مٿي ڪونه نڪتا آهيون. نڪوڪو
اعليٰ احساس ماڻيو اٿئون. اڃا بوالهوس عيش پسند
احساسي نفس جا غلام ٻارڙا آهيون.
آسپاس سان دلچسپي ڏيکاري ٿي ته پنهنجي ذهني ترقيءَ
لاءِ ٻار کي خود ڪم ڪرڻو آهي، جنهن سان سندس ذهن
زور وٺي، مائٽن کي فقط هن لاءِ اهڙيون حالتون
ٺاهڻيون آهن جنهن ۾ هو سهولت سان پنهنجي فطرتي
اوٽن ۽ احساسن کان ڪم وٺي سگهي ۽ اٽڪي نه پوي. ٻار
ڪو ڳوهيل اٽو ڪين آهي جو خمير جي زور تي ازخود بنا
پنهنجي ڪوشش جي اڀامندو رهي، هن کي پنهنجي تعمير
پاڻ ڪرڻي آهي. ذرو ذرو ڪري پنهنجن تحرڪن، تجربن،
آزمودن سان تاڃي اُڻڻي آهي پر انهن شين سان، جيڪي
مائٽ موجود ڪري ڏيندس.
ٻار کي به اختيار آهي. ماءُ جڏهن رئندڙ ٻار کي هنڌ
تان کڻي ارهه لائڻ جي ارادي سان سندس قريب ايندي
آهي، ته ٻار به ماءُ جو ارادو سمجهي، پنهنجي بت کي
ڀڪيڙي اهڙو سپڪڙو ڪري جهليندو آهي جو ماءُ جي هنج
۾ آسانيءَ سان ماپي آرام سان ٿڃ پي پيٽڙو ڀري. وري
جي چولي مٽائڻ تي ڪروڌ ڪيائين ته ماءُ ٻانهن ورائڻ
تي ته هي پري ڪرڻ تي. ٻار جي مرضيءَ کان سواءِ
ڪؤڙي ستي پيارڻ ته ٺهي پر چولو مٽائڻ به ڏکيو. شل
نه کيٽو شروع ڪري ته جيجل ماءُ به هارائي بيهي.
ٻار کي به پنهنجو اختيار آهي. هو ٻڌائي ٿو ته مرضي
منهنجي اها آهي، وڻيو توڙي نه وڻيو. مائٽ جو ڪم
ٿيو ترڻ سيکارڻ، ترڻ جي واٽ وٺڻ وري به سندس ڪم.
ترقيءَ جون منزلون:
جيسين ٻار مٿانهين منزل لاءِ لائق نه ٿيو آهي،
تيسين سندس ڪچڙي هڏ ۽ ماس کي ان ۾ آڻڻ جي ڪوشش
اجائي ٿيندي. پر هڪ واريءَ ٻار هلڻ جي ڪري پوءِ
ڦيٿن تي هلڻ سيکاريوس يا تار تي ته اهڙو مزو ۽ شان
سان هلڻ لڳندو جو وڏي جي ڇا مجال. ٻار ڇا وڏي ۾،
جسمي توڙي ذهني ترقيءَ جي روانيءَ جون منزلِ وار
اڇلون ٿيون ٿين، جي ڪو به انهن کي تاڙي پوري مهل
تي پنهنجي زندگانيءَ جي ڇولين تي سوار ٿي پوي ته
اوج سندس اڳيان آهي، پر اسان اڃا سمجهه کان ڪم وٺڻ
جي واٽ ئي ڪانه ورتي آهي، انڪري اهڙي مهل فقط ڪنهن
قسمت واري کي اتفاقي هٿ اچي ويندي آهي، باقي
آهيون ته سڀئي گدڙ وانگر ٻگهه پکيءَ جا مهمان.
جيڪي گگهيءَ جي ڪنن کي لڳو سو اسان جو. ايترو به
لک ٿيو! اسان جي سمجهه کي پٿر پيل آهن. شل ڪا چڱي
وڻيس.
ٻار جي اوڌ جي ڇولين جا، جي اهي وقت گسي ويا ۽ ٻار
جي وقتي لياقتن کي ڪسرت ڪرڻ جو وجهه نه مليو ته
ضرور ڪٿي نه ڪٿي سندس دماغي ترقي روڪجي پوندي ۽
ٻار جي ذهني بهار، ڦوهه ۾ اچڻ کان ڇٽي. ويتر جي
حالتون اڃا به خراب ٿيس ته مورڳو پوئتي هليو
ويندو، ٻاراڻين خصلتن وارا پريا پير يا ٻار غور
سان ڏسو ته ڪيترا لڀندا. ائين نه ته هو هنڌ خراب
ڪندا يا ٻانهن سان ٻوٿ اگهندا، پر سندن خوف ۽
خطرا، جذبا ۽ خيال، امنگون ۽ افعال بنهه ٻارن وارا
ڏسبا. نه سٿ جو ڍنگ، نه مسيت جو رنگ گو ساله ما
پير شد ولي گاؤ نه شد.
ڇوڪراڻي وهي:
ٻالپڻي کان جوانيءَ جي وچ واري عمر کي ڇوڪراڻي وهي
چئجي ٿو. هن وقت ۾ کيس نياتي تعلقاتن، پابندين،
علم حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ٻارڻ سيکارجي.
ٻار جي بدني واڌ پهرئين سال ۾ سڀ کان تڪڙي ٿي ٿئي
. سندس ڄمڻ جي وقت واري ڊيگهه 20 انچن مان 28 انچ
ٿيو وڃي ۽ تور 8-9 پائونڊن مان 20 پائونڊ. اهي 40
۽ 50 فيصد واڌون، اڳتي وڃي 125 ۽ 100 في صدي
بيهنديون. يارهين سال سراسري قد 52 انچ ۽ تور 66
پائونڊ وڃو ٿئي. هن عمر ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کان
سرسيون ڏسبيون. پر 13-14 ورهين ۾ ڇوڪرا گوءِ کنيو
وڃن. ڇوڪري جلد وڏي ٿي ٿئي، پر ڇوڪرو نسلي آزمودا
کانئس اڳي ٿو ڪري جي ڪـُـند ڪيو ڇڏنس.
هن عرصي ۾ جڳائي ته پنهنجي بدن جي پوري پرورش ۽
سنڀال ڪجي جيئن ٻئي جنسون سگهاريون، وڻندڙ ۽ هڪ
ٻئي لاءِ ڪارائيتون ٿين. هن عمر ۾ جذبا به خوب
ڌونڌاڙين ٿا. مائٽن جي ڪرڙي اک ضروري آهي، نه ته
ارن کان نڪرڻ جو انديشو آهي. مقصد اهو آهي ته
سماجي قانون تي هلي، پنهنجيءَ وارو ٿئي ۽ قوم جو
ڪارائتو فرزند، تعليم به اهڙي ڏجي جا کيس انهن
ڪمن کي نباهڻ لاءِ مفيد ٿئي . اسڪول ڇڏي ڪاليج وڃڻ
سان ته سندس آزادي گهڻو وسيع ٿي ٿئي، سئنيما ،
سگريٽ، ايڪسڪرشن، راڳ ۽ تماشا.
گئسل:
وڌندڙ ٽهيءَ جو وستار هئن ٿو ڪري: ڏهن سالن وارو
ٻار گهر، اسڪول ۽ راند روند سان ٻڌل ۽ پنهنجي ڊڪ
ڊوڙ ۾ پورو. يارهن ورهين وارو ائونٿرو، سک ڦٽو،
بڙبڙئو، بکيڙائي ۽ اڻگهڙيو، بي لحاظ، ٻارهن ورهين
جو پڪو جوشيلو، ڦڙت، همت وارو. تيرهين ورهين وارو
ويچار وان، پاڻ ۽ ٻين لاءِ نڪته چين، عيب، ثواب
جاچڻ وارو . چوڏهن ورهين جو دوستدار، رلڻو ملڻو ۽
رفيق ۽ انسانذات سان دلچسپي رکندڙ. پندرهن وارو ڇڪ
تاڻ ۾، بعضي بي قربو بعضي يار ويس ۽ هميشه پنهنجي
روءِ سوءِ ٿيڻ جي انتظار ۾. سورهن ورهين وارو
بردبار، خوشمزاج، بي تعصب ۽ ٻين جو خيال رکندڙ. هي
عمر پٽاندر وصفون، ڪي مقرر قانون ڪين چئبا، پر
وڌندڙ ٻار جو نمونو آهن ، جنهن ۾ گهڻي ڦير ڦار جو
امڪان آهي.
جواني:
هن وهيءَ ۾ جذبا تيز ٿا رهن، پاس ناپاس تي ڪيتري
خوشي يا ڪيترو اندوهه. پيءُ
جي ڇينڀ تي مٺيان، پنهنجيءَ ٻارڻ جو خيال، ڪم سان
لڳڻ جي هوس، نينهن جا نشا، ٻين سان رستا، ذهني شڪ
شڪوڪ ۽ تشويشون بعضي وري قومي ۽ ملڪي خيال، ٻين
سان نيڪي ۽ خدمت جا خيال سڀ اچيو وارد ٿين.
هيءَ وهي پنهنجي ٽهيءَ سان خوش. گڏ گهمڻ کائڻ اٿڻ
ويهڻ، رسم رسومات
جي ٻنڌڻن کان آجو. هرلاڪ جو خيال آهي ته هيءَ ئي
وهي آهي جا سماجي ڪمن ڪارين لاءِ نهايت موزون آهي.
انهن ڪمن ڪندي کيس مزو، آٿت، دلجاءِ ۽ ماڻهن سان
ڀلائي ڪرڻ جو کيس موقعو ملي ٿو، سپتيائي، وفاداري،
ٻين سان ڀلائيءَ جو اُنگ سڀ عشق جي لهر سان جاڳيو
اٿن. بعضي وري ٽانءِ ٽيڳر، آڪڙ شاڪڙ، هٺ وڏائي ۽
الغرضائي به ٿيو پوي. البت اهي وصفون اهڙن ڳڀرن ۾
ڏسبيون جي شڪيل نه هوندا آهن يا ڪو ٻيو بدني عيب
هوندن يا ڪند فهم هوندا يا بدامنيءَ جو شڪار هوندا
يا بلڪل ڏڏ يا بلڪل ذهين. اهڙين وصفن وارا وري
ليڊر ٿيندا آهن.
اها ئي عمر آهي جنهن ۾ زندگيءَ جي هر ڪا صورت بحث
مباحثي هيٺ ڇنڊي ڇاڻي صفا ڪبي آهي. رسمون، رواج،
مذهب، فلسفه، شخصيت، سماج، ننگانيت، فضيلت، علم،
رانديون، نيڪ، بد، سياست، مدبري، راڳ، ناچ، ناٽڪ،
شعر، مصوري، ۽ ڇا ڇا نه. هن عمر ۾ خودي ڄمائڻ ۽
سماجي ضرورتن کي سمجهڻ، نيڪ بد کي پروڙڻ سان
مذهبي، معاشرتي، ذهني، سماجي ڀيد معلوم ڪرڻ ۽
اڳواڻ ٿيڻ جي واٽ ملي ٿي. هڪ ٻئي سان دوستي رکجي
ٿي. بعضي اهي دوستيون حياتيءَ تائين هليون هلن،
مباحثا ته زندگيءَ جي هر هڪ پهلوءَ تي ٿيندا ئي
رهندا.
البت مائٽن کي اها ڳالهه ڪان وڻندي ته ٻار پنهنجي
دوستين جا ناتا جوڙيندو کانئن پري پوندو وڃي. پٽ
جو دير سان گهر موٽڻ به ڏکيو لڳندس. هاڻي مائٽ
اکڙندا ويندا. پيءُ سان گڏ هلڻ جي بدران پنهنجي
سنگت چاهيندو. مائٽن سان محبت ڪين مٽبيس باقي سندن
ضابطا، قانون، طعنا، تنڪا ضرور لکائيندو. جيترو
ٻاراڻي وهيءَ جي پيار جو ناتو مائٽن سان ڳوڙهو
هوندو اوترو ان کي ٽوڙڻ ڏکيو. پر ٻيءَ صورت ۾
پنهنجي پيرن جهلڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪندو. ڇو جو ان کي
مائٽن جي رهنمائي گهرجي نه نڪته چيني. فقط همدردي
۽ رهنمائي کين حقيقت بين، حقيقت جو ۽ حقيقت پسند
بنائيندي.
شخصي ضابطو سواءِ بيجا جذباتي روڪ جي به ممڪن آهي
۽ سماجي احساس سواءِ هر وقت ڪنهن مجموعي ۾ هجڻ جي
به رکي سگهجي ٿو. سختي ۽ نرمي گڏ رهي سگهن ٿيون.
قابل ڪڙيءَ رسيل جوان، پنهنجا مقصد ۽ مرادون خيالي
منزل کان نڪري صحيح معنيٰ ۾ ڏسي ٿو ۽ انهن کي حاصل
ڪرڻ جون واٽون سوچي ۽ ڳولي ٿو. هاڻي هو پاڻ لاءِ
بهترين آسودگيءَ جي واٽ وٺي ٿو، پر اها جا ٻين کي
به پسند اچي، ٻين جو خيال هن عمر جو لب لباب آهي.
تعليم جوان جي شخصيت ٺاهڻ ٿي گهري، سندس چال يا
سندس دنيوي علم. مقصد موجب نصاف ٺاهڻو پوندو،
اخلاق وڌائڻ يا عام احوال ڏيڻ يا ڪو خاص هنر جنهن
سان روزي ڪمائي. فقط اسڪولي تعليم ته اسڪول ڇڏڻ
سان ڪافور ٿيڻ لڳندي.
ماءُ جو اولانگهو پيٽ هئڻ سان ئي شروع ٿو ٿئي:
سنڌ ۾ اڪثر اها رسم ڏسبي ته پهرئين پيٽ تي ستين
مهيني ٻن- جيئن واريءَ کي زالون تيل جو سوڻ ڪنديون
آهن، خبر نه آهي ته انهيءَ ساٺ ۾ سهاڳڻين جي سٽا
الائي ڪهڙي پر ان جو سٺو اثر اهو ضرور ٿو ٿئي ته
حامله جو خيال هاڻي پاڻ مان نڪري پيٽ واري جي طرف
ٿو ٿئي. سندس اجايو اٿڻ، ويهڻ، گهٽ ۽ سانگائتو،
اويل ۽ اوندهه جو خيال، ٻار لاءِ اونو ۽ سندس آمد
لاءِ سئيءَ سڳي سوڌي تياري.
ٻار جنهن حالت ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ رهي ٿو اها جاءِ
نهايت آرام واري ٿي ٿئي ۽ هر هڪ جهوٻو جو ماءُ جي
اڍنگائيءَ ڪري ٻار لکائي ٿو، سو سندس نفيس مغز تي
انهي آزاريندڙ اثر جو ليڪو لکندو ٿو رهي. وري ڄمڻ
جي ڪشمڪش سوڙهه ۽ ڀڪيڙ ۾ ايترو ته مغز تي احساسي
بار ٿو پويس ۽ رت ۾ ڪاربن ڪٺي ٿيڻ ڪري سندس دل ۽
ڦڦڙ ايترو تيزيءَ سان ڪم ٿا ڪن جو نهايت پريشانيءَ
جهڙو. ٻار کي اهو وقت برابر ياد ڪونه ٿو رهي پر
مغز ته سندس هڪ هڪ آزمودي کي ائين ٿو سانڍي جو پٿر
تي ليڪو، وڏي هوندي به ڪا پريشاني ٿيس ته ساڳيو دل
جو دهڪو، ساهه اُڀو، ۽ مونجهه ڏيکاريندو ايندو.
ڄمڻ کان پوءِ ٻار کي پنهنجي آسپاس جي خبر ڪانه ٿي
رهي، سواءِ ان جي ته ساري دنيا هن لاءِ يڪي هڪ ڌون
ڌان ۽ ٺـُـو ٺا جي ٺهيل آهي. شل نه ڪو تکو آواز ڪن
پئيس ته ڇرڪ ڀريندو. انڪري ماءُ جي هر وقت موجودگي
ٻار کي وحشتناڪ اثرن کان بچائڻ لاءِ نهايت ضروري
آهي. جي هنڌ نرم گرم نه هوندس يا ڪٿي ڏاڍيرو لڳس
ته هڪدم لکائي ڪـَـرَ سوئيندو. اهڙيءَ طرح ٺلهن
آنڊن ۾ به جي بک جي هلچل ٿيس ته رئندو. ٿڃ ملڻ تي
پرچندو آرام ڪندو. ڪٿي ايذاءَ آيس ته ڪيهون ڪندو.
اهڙن آزمودن ٿيڻ سان وڻندڙ احساس جي ڄاڻ، سڃاڻ ۽
گهرج محسوس ڪندو، انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ رئندو ۽
ملڻ تي ماٺ ڪندو. خاص ڪري وات جي چشڪي لاءِ ته
ايترو تانگهيندو ۽ واجهائيندو ڄڻڪ سندس بي آراميءَ
۽ آسائش جو راز فقط ٿڃ ۾ سمايل آهي.
ڌائڻ جي لذت کان پورو واقف آهي پر اها لذت ڪيئن ٿي
حاصل ٿئي ان کان بلڪل بي خبر. کيس پياس لڳي ٿي ۽
ڪنهن طرح لهي ٿي، وچ واري وسيلي جي ڪا خبر ڪانه.
اهي جيڪي مغز تي اکر لکبا وڃن ٿا، اهي آهن بنياد،
وڏي هوندي جي جادن ۽ طلسمات ڏانهن لڙڻ جا ۽ ڪنهن
نامعلوم حاجتن پورين ڪرڻ واري بيوسيلن جي وسيلي جي
خيال کي جاءِ ڏيڻ جا.
ٻار کي پيٽ واري سانت ۽ سڪون جي آرام ڏيندڙ
زندگي، اهڙي ڀيت تي پئجي ٿي وڃي، جو ڄمڻ کان سواءِ
به ڀانئي ته ماٺ ئي ماٺ هجي. اڃا ڪو آواز ٿيو ته
ڇرڪ ڀريندو. ڇرڪ تڏهن ڀربو آهي جڏهن ڪا ڳالهه جا
پنهنجي خيال ۾ نه هوندي آهي، اها اوچتي پيدا ٿي
پوندي آهي ۽ سڄو بت لڏي
ويندو
آهي. ٻار کي ته اهي ڇرڪائيندڙ احساس اهڙو ٿا
ڏڪائين جو اڃا ڪنهن آرام ۾ وگهن وجهندڙ اهنجي
احساس سندس نازڪ مغز تي اثر ڪيو ته هڪدم ڪنبيو وڃي
۽ اکيون پوري، هڪدم پاڻ کي آرام ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري
ته ٺڪاون ۽ تيز روشنيءَ کان بچان. هو هر آواز جو
دفع سانت ۽ آرام ۾ ٿو ڏسي. هتي آهي ويراڳ ۽ ايڪانت
پسنديءَ جو بنياد. جڏهن هراسيل انسان خوفن ۽ خدشن
کان خفي ٿي مونن ۾ منهن وجهي ماٺ ۽ آرام ۾ ڇوٽڪارو
ٿو ڳولي. پر جي اڃا به ڪو ايترو صدمن جو ستايل آهي
جو سندس من ڪنهن به صورت خودبخود سڪوت پذير نٿو
ٿئي، ته لاچار ڪنهن نشي جي مدد وٺي به پنهنجي هوش
۽ حواسن کي سجاڳيءَ کان ڪڍي، پنهنجن احساسن کي
ماٺي ڪرڻ سان هرکر ٿو لاهي. پوءِ سسئي ۽ پنڌ،
جيسين پنهون پاڻ ٿئي.
ظاهر آهي ته ٻار کي گهڻي روئڻ کان بچائجي. بعضي
مائٽ ٻار کي رئارڻ سان پختو ڪندا آهن پر ٻار کي
ڪهڙي خبر. ٻار تڏهن رئندو آهي جڏهن ڪنهن اهنجي
احساس جو اثر سندس نازڪ مغز تي سهڻ جي حد ٽپي
برداشت جو ليڪو لنگهي ويندو آهي. ان کان سواءِ
ڪهڙي خبر ته ڪو وڇون بلا وڃي پهتا هجنس. گهڻي
رئارڻ ڪري وڏي هوندي ٿوريءَ کي به گهڻي سمجهندو ۽
مائٽن ۾ ڀروسو به ڪو ٿورو رهندس.
ٻار جي دنيا، ماءُ آهي سو به تڏهن جڏهن کيس پوريءَ
طرح سڃاڻي. اها سمجهه ٻار کي اٺين مهيني ڌاري مس
ٿي اچي، جنهن کان پوءِ کيس ڪنهن دائيءَ جي حوالي
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. انهيءَ عمر ۾ ٻار سمجهڻ لڳي
ٿو ته مان ڌار آهيان. ماءُ ڌار.پهرين ته ٻار لاءِ
ڪوٺي، هنڌ، پينگهو، ماءُ يڪي هڪ شيءِ آهي. پوءِ
رفتي رفتي جڏهن پنهنجون ضرورتون ڌار ڌار شين سان
پوريون ٿينديون محسوس ٿو ڪري، تڏهن ٿي ٻوجهه اچيس
ته هنڌ ٻئي شيءِ آهي، پينگهو ٻيو. اما ٻي!
ٻار پنهنجن اهنجن جو ڇوٽڪارو پهرين ماءُ جي راهه ۾
ٿو ڏسي، پوءِ سندس منهن ۾، آخر سندس ڏيل ۾. بعضي
ٻار ٿڃ ڌائيندي اهڙو ته راحت ۾ اچي ويندو آهي جو
حيرت ۾ ڀرجي ماءُ جي منهن کي تڪي تڪي نهايت
دلچسپيءَ سان پنهنجي اٿاهه آرام جو اسباب سمجهي
ڏسندو آهي. هاڻي ماءُ سان سندس گهرو سٻنڌ ٿي چڪو،
جنهن کان پوءِ ناراض ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو ته رسي
نه پئي. ماءُ جو رنج هن کي سخت صدمو ٿو ڏئي. هي
سندس محبت جي داستان جو پهريون باب آهي، ٻين سان
رلي ملڻ جو بنياد به اتي ئي سمايل آهي.
ٻار جي پهرئين پيار مان معلوم ٿيو ته پيار ان سان
ٿو ٿئي جنهن مان سک ۽ آرام حاصل ٿو ٿئي. ساڳيءَ
طرح ٻي ڪنهن ۾ پاڻ لاءِ پيار پيدا ڪرڻو هجي ته
پهرين ان جي خدمت ڪجي، ان جي سک جون واٽون نهارجن
۽ هر طرح سندس دلجوئي ڪجي نيڪ نيتيءَ سان.
ٻار جو ٻاهرين دنيا سان مقرر ناتو، پهرين ماءُ جي
منهن سان ٿو جڙي، جڏهن هو ٿڃ ڌائيندي حيرت زده ٿي
کيس چتائي ٿو ڏسي. هاڻي ماءُ جو منهن سندس مطلوب
ٿو بڻجي. هيل تائين سندس عزيز ترين شيءِ هئي ارهه
جي ڏنڊي، جنهن سان وات جو چشڪو ٿي مليس. منهن جي
سڃاڻڻ کان پوءِ هو پنهنجي آسائش فقط ارهه ۾ نٿو
ڏسي، حالانڪ وات جي چشڪي تي ٻار ايترو ته مست ۽
موهت هوندو آهي جو پنهنجو سکڻو آڱوٺو به ڪهڙي نه
چاهه سان چوسيندو آهي. پوءِ وات سان بڙ بڙ ڪرڻ،
بوڙيا ڪڍڻ، سندس مزيدار ۽ دلپسند ورونهن ٿي پوندي
آهي. جيڪا شيءِ هٿ آيس ته وات ۾. نه ته ڪا بک اٿس
پر ان جو سواد کپيس. هاڻي دنيا جي شين ۾فرق ڪرڻ جو
حواس اهو اٿس، ان ۾ قدرت وڏو راز رکيو آهي. هي اها
فطرتي رغبت آهي، جا ٻار کي مزي سان ڪجهه کائڻ تي
راغب ٿي ڪري ۽ ايتري مزي سان جو ڇتو ٿيو پوي. وات
مان چوپڻي ڪڍي ته ڏسوس. اسين ٻار کان زوريءَ ڪجهه
ڪرائڻ گهرندا آهيون، سندس هيڻائپ ۽ عاجزيءَ جو
فائدو وٺي، پر قدرت جي قانونن کان غير واقف رهي
اهو عقل ڪين ايندو اٿئون ته ٻار جي اوٽن تي اثر
وجهي منجهس ڪنهن ڪم لاءِ ڪيئن ذاتي الفت يا نفرت
پيدا ڪجي، جو خود موهجي ڪنهن ڪم کي وچڙي يا ان کان
ڀڄي پاسو ڪري. زوريءَ ٻار کي ستي پيارڻ به ڏکي،
پاڙهڻ پڙهائڻ ته پري ٿيو.
قدرت جڏهن کاڄ جي لذت ۾ ٻار کي گرفتار ٿي ڪري،
تڏهن کيس مچائي مڙس ڪرڻ لاءِ سندس پهريون جيءَ جي
جيارڻ جو مقصد مدنظر اٿس. جوانيءَ جي ڦوهه ۾ اچڻ
کان پوءِ اها ساڳي ڪشش ڦريو وڃو جسم جا ٻيا پاسا والاري
ته قدرت جو ٻيو ڪم، ڦر ڦل پيدا ڪرڻ وارو پورو ٿئي.
پوءِ ته نرم گرم هنڌ وارو آرام ڪنهن پريتم جي لڱن
مان ٿو لهي ۽ خود پسندي مطلوب پسنديءَ ۾ مضمر ٿيو
وڃي.
قدرت جي عياريءَ جو ڪمال ته انهيءَ الجهن ۾ آهي.
شل نه پيار جو پکيئڙو پنهنجا پر پکيڙي، ٻن نوآموز
آشفته دلين کي ڀيڙو ڪري پنهنجي ڪوڙي ۾ ڪري ته عيار
فطرت جهٽ کين نينهن جي نشي ۾ چڪناچور ڪري، هوش کي
بي هٿيار بنائي، طرفين کي بنهه جامي کان ڪڍي،
پنهنجو ڪم ٽپايو وڃي، ڪنهن جي مجال جو قدرت جي امر
کي پٺيرو ٿئي.
هاڻي جيتوڻيڪ مزي وارا مڪان ڪي ٻيا وڃو ٿين، جن جي
احساسن اڳيان وات جو چشڪو ڪا شيءِ ئي ڪانهي، تڏهن
به ساري بدن جي سازن کي سر ۾ آڻڻ جو سامان وري به
وات ۾ ئي ٿو رهي. جانور ته سنگهڻ، چمڻ، بلڪ چٽڻ
تائين حظ حاصل ڪندا ڏسبا آهن، پر ماڻهوءَ جو ٻچڙو
به پٺتي پوڻ جهڙو ته ڪونهي، جيڪو سو قدم اڳڀرو
الائي ڇا ڇا نه ڪندو هوندو! پر وات ته هر وقت
چوريندو ئي رهندو آهي. ٻيو نه ته به تڙ چٻيندو
رهندو. استاد واپاري به نفس شناس وات کي چشڪي
وٺائڻ لاءِ نئين سج نيون شيون ٺاهيندا شاهوڪار
ٿيندا وڃن، پهرين ته ميٽ مستيءَ تي ئي ماڻهو راضي
هو پر هاڻي ته پان سوپاريون، کٽمٺڙا، چاڪليٽ،
ٽافيون، ٽڪيون، چيگم،
ڪئنڊي، آئسڪريم، ڪباب، ڪوفتا، مال، مٺايون ايتريون
ته وات جي چشڪي جون شيون بزار ۾ هلن ٿيون جن تي
ڪروڙن جا واپار هلندا ٿا رهن.
سائنسدان ملڪن جي آسودگيءَ جو راز فقط اتي آهي جو
هو قدرت جون رمزون تاڙي ان جي طرزن تي عمل ڪري،
تجارت کي انهن طريقن تي آڻيو ماڻهن جون مجبوريون
پوريون ڪندي بي تاج بادشاهه بڻيا ويٺا آهن. رڳو
هڪڙي قسم جو ڪو لذيذ دنداگيري حلوو ته بازار ۾
آڻيو پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿا پاهوڙين سان پئسا ميڙيو.
ٿڃ ڇڏائڻ:
سچ چيو اٿن ته ٿڃ ڇڏائڻ ٻار کي کٽ تان پٽ تي اڇليو
وجهي. پر هاڻي جو ٻار جو مطلوب خود ماءُ بنجي چڪي
آهي ته ان کي ڏسندي کير به پٺيءَ پلئه ڪيو وساريو
ڇڏي.
سي سڀ ڀانئي سک پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
اهو ماءُ جو سچو پيار آهي جو ٻار جي لونءَ لونءَ ۾
بجلي ڀڙڪايو، کيس دنيا جي جدوجهد ۾ همٿ سان گهڙي
پوڻ جي هشي ٿو ڏئي ۽ ٻار کي مچايو مڙس ٿو ڪري.
ننڍي ماءُ، وڏي جوءِ.
اها آدم جي فطرت ۽ مجبوري ضرورت آهي ته پيار ونڊڻ
واري شيءِ هر وقت ساڻس هجي، جنهن کي پيار ڏئي ۽
وٺي، نه ته سندس زندگيءَ جو ساءُ نه رهندو ۽ اجهو
ٿو آخري سفر جي تياري ڪري. جي ڪنهن جي دل گهري
شيءِ اوچتو هٿان کسڪي ٿي وڃي ته سندس باقي زندگي
هن لاءِ گهڻي قدر تلخ ۽ تاريڪ ٿيو پوي. پر ڪجي ڇا؟
فاني دنيا جا مطلوب به ته فاني آهن. هتي ٿا دانائن
جا قول ڪم اچن ته دل پريندي ئي ڪنهن غير فاني شيءِ
سان اٽڪائي وجهجي ته بهتر، جا آخري دم تائين ساڻ
هجي. پوءِ اها خدمت خلق هجي يا عشق الاهي. ڪنهن
ايجاد جو فڪر هجي يا ڪنهن قدرت جي راز معلوم ڪرڻ
جو شوق. جيسين ڪو عشق طبعيت
۾ نه هوندو، تيسين زندگي بي مزي، بي مقصد، بي لطف
معلوم ٿيندي ۽ هر هر سوال اٿندو ته آخر جيئڻ جو
مطلب ڪهڙو. جنهن وقت اهڙو سوال تري اچي ته سمجهڻ
گهرجي ته زندگيءَ جو مقصد گهربل آهي ۽ ان کي ڳولڻ
ضروري ٿيندو. باقي پيٽ ڀرڻ ۽ ٻار ڄڻڻ سو ته حيوان
به ڪندا ٿا رهن. البت بکين لاءِ کاڌو پيتو هٿ ڪرڻ
به وڏو مقصد بنجي سگهي ٿو، جيسين انهيءَ منزل تي
اچن جو جيوت جي اوائلي ضرورتن جي پوئواري ڪري،
عيشن کي پري رکي ڪنهن پراپڪاري ڪم کي لڳن.
ماءُ جو ٻار جي سمجهه تي اثر:
داين جي تاتيل ڌالڙي ٻار جي سمجهه، ڪڏهن به ماءُ
جي نپايل ٻار جي ڪڙيءَ کي ڪين رسندي. ماءُ ۽
دائيءَ ۾ سچ ڪوڙ جا فرق آهن. پوءِ ائين چيو ويندو
آهي ته ڄٽيءَ جي ٿڃ جو ٻيو ڪهڙو اثر ٿيندو! ٿڃ
جهڙي ڄٽيءَ جي، تهڙي بي بيءَ جي، پر اهو پيار ڪٿي
جو ٻار جي سرود کي سر ۾ آڻي. نه ترتيب، نه تربيت.
ٻار صفاتي وصفن کي به فقط جسمي جامي ۾ ڏسي سگهي
ٿو. ماءُ جي ڪهل ۽ قرب جي ڪوتاهي سبب نه اتم خيال
پيدا ٿيندس، نه وري ڪو آدرشي روپ ئي تصورّ ۾ آڻي
سگهندو. نه اخلاقي معيار هوندس نه مذهبي نفاست، نه
خدا جي عظمت. اهي سڀ لياقتون ماءُ جو سچو پيار،
همدردي ۽ هڏڏوکي دل ٿي پيدا ڪري. جيڪو پاڻ ڌڪ کائي
نپنو هوندو سو ٻين کي ڪهڙا سک ڏيندو، ۽ نفاستون
محسوس ڪندو.
شين جي ڄاڻ ۾ فرق:
آسپاس کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ جا ذريعا حواس ئي آهن ۽
پهريون حواس، جو ٻار ڪم ٿو آڻي، جنهن سان شين جا
فرق معلوم ٿو ڪري سو آهي چکڻ جو. هتي ٿو بنياد
پوي سمجهه جو، ۽ اوائلي خوديءَ جو، ڇاڪاڻ ته هو
هاڻي پاڻ کي ٻين شين کان ڌار سمجهي فاعليت ۾ قدم
ٿو رکي. ٻار کي ڳچ عرصو واحد غائب ۾ گذارڻو ٿو
پوي. جيسين متڪلم کي پهچي ۽ خودي محسوس ڪري. لڄاڙو
ٿئي، ٻارن جون ٻوليون ياد هوندوَ ته ٻارڙا پهرين
پنهنجي لاءِ به واحد غائب ۾ ڳالهائي چوندا ته
”دادا
پمو وڃي ٿو“
ايتري ۾ ڏسڻ جي حواس سان ماءُ جو مهانڊو ۽ پوءِ
سندس سارو بدني ڏيل ڌار ڏسي، پاڻ کي خاطريءَ سان
جدا ٿو سمجهي.
ٻار کي پهرين محو ڪندڙ شيءِ آهي ٿڃ. ان کي ته ڳهڻ
تي هريو وڃي. ٻي پياري شيءِ جا پسند ٿو ڪري سا آهي
ڏنڊي. ان کي ڦدين سان چٻڪا ڏيندي ڏيندي ايترو ته
طيش ۾ اچيو وڃي جو ڀانئي ته ان کي به کائي وڃان.
سو اڃا ڦديون ڦٽنس ته کوڙيو هڻي چڪ، ته ماڻس وجهي
گهنڊ. جي وري به چٻ ڏئي ته کائي ٿڦڙ. جهيڙو وڌيل
ڏسي ڪؤ کايو. چڪ پائڻ ڇڏيو ڏئي ته پياري شيءِ نه
وڃائي ويهان. اتي چڱي مٺي جي تميز يعني ويچار شروع
ٿو ٿئيس. پوءِ چڪ جي هوس وري ٻين هنڌان پوري ڪندو
رهي، پر پياري شيءِ سان چرچ ڪانه ڪري. انهيءَ عمر
۾ جيڪا ٻار کي شيءِ هٿ ۾ آئي ته ان تي ڏندن جا
نشان ضرور ڏسبا. هيءَ آهي خوديءَ جي ٻي منزل، جنهن
۾ پنهنجو وحشي زور ۽ ٻين کي ناس ڪرڻ جي طاقت ٿو
لکائي. هاڻي ڏندن کي ڪنهن سان اڳرائي ڪرڻ يا پاڻ
بچائڻ خاطر ڪم آڻيندو ۽ فرق سمجهڻ شروع ٿو ڪري.
هاڻي جيئن جيئن ماڻس کير ڏيڻ ۾ دير ڪندي ۽ پاڻ تنگ
ٿيندو تيئن پاڻ کي ماءُ کان مقرر ڌار شيءِ سمجهندو
رهندو ۽ خودي جتائيندو رهندو ۽ تانگهيندو ته انهن
ٻنڌڻن کان ڇٽان، جي مون کي ايترو ستائن ٿا. هاڻي
خار کائي محتاجيءَ کان آزادي ٿو ڳولي ته ٻين جي
احساس کان ڇٽان.
البت ڪيترا لِڳڙ
ٻار اهڙا ڳِڪَ ٿي پوندا آهن جو ٿڃ ڇڏائڻ کان پوءِ
به گاهه بيگاهه ماءُ کي چهٽي ويندا. هتي ان ڳالهه
کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته ٻار جي ڌائڻ ۾ ماءُ
کي به گهڻي مسرت حاصل ٿي ٿئي. انڪري اهڙين حالتن
۾ ڪجهه ماءُ جو ضعف به شامل ٿو رهي پر جيسين ٻار
جي ٿڃ ڇڏائي نه وئي آهي، تيسين هروڀرو هن کي رئاري
تيسر ڪرڻ ۽ دڙهيون هڻائي جهيڙاڪار بنائڻ ۽ ٻار کي
آئيندي دنيا کان نراس ڪرڻ ۾ نه ماءُ جي فضيلت آهي
نه ٻار جي چڱائي.
ٻار جي پنهنجي پهرين پيدائش:
وڏي جي وسهڻ کان ٻاهر آهي ته ٻار کي هنگڻ ڪندي
ڪيترو نه مزو ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي عمر جا
پهريان باب گهڻي قدر وساري چڪو آهي. ويتر جي ائين
چئجي ته ٻار کي پنهنجي پهرين پيدائش ڪيترو نه
مزيدار مرغوب ٿي لڳي ته ڪراهت ايندس.
ٻار جو هنگڻ عڪسي عمل جي تجويز موجب ٿيندو ٿو رهي،
جنهن جي ٻار کي سڌ به ڪانه ٿي پوي، پر ان جي نڪرڻ
وقت ڪو اهڙو وڻندڙ ۽ مزي وارو سرڪاٽ ٿو ٿئيس، جو
سندس سارو ڌيان وڃو منجهس کپي. پنهنجي ويهڪڙو ۽
ريڙهين پائڻ واري زماني ۾ جڏهن ڦڙت ۽ ڦٽرو ٿيندو
آهي ۽ ڦڙتيءَ سان بازون ڪم آڻڻ سکندو آهي، تڏهن
ڪنهن مهل اوچتو هن کي پنهنجي خارج ڪيل خزاني کي
نهايت دلچسپيءَ سان ڦولهڻ ۽ ڦلهورڻ ۾ مشغول ته
ڏسو. پهرين هٿ ۾ کڻندس، پنهنجو بت ۽ اوسو پاسو
ٿڦيدو، ڪجهه کڻي کائڻ ۽ چکڻ جي هوس پوري ڪندو،
ساڳئي چشڪي سان جيئن کير ۾ ڏنڊي. نرم گرم شيءِ جو
گڙپ ڪري نڪرڻ جو احساس آنڊي جي بلغمي پردي تي ڪو
ايترو مزو ٿو ڏئيس، جو ماءُ کان ٻئي درجي ۾ سندس
مطلوب هنگڻ ٿو ٿئي. پوءِ ان جي خاطرداري ڪيئن نه
ڪري. ارهه ۽ ٻنڊڙ جي ساڳي ڳولائي ۽ مزي جي هڪ
جهڙائي هن جو سارو ڌيان اتي کپايو ڇڏي. آزمودو
هوندو ته ٻارڙوجڏهن ماءُ جي چوڻ تي راغب ٿي خوديءَ
جي پابنديءَ ۾ حجاب جي پهرئين سبق تي عمل ڪري،
پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ جي تعميل ڪندو آهي، تڏهن ٽوالڙو
يا پنهنجو لاٿل چولڙو کڻي چيلهه کان ڦيرائي ٻنڊڙا
ڍڪي اڳ کي بنا غيرت جي مزي سان کليل ڇڏي، غسل
خاني ۾ شير پٽ وانگر هليو ايندو آهي، سبب فقط اهو
جو ان پاسي جي احساسن جي اڃا خبر ئي ڪانه پئي اٿس.
هي مطلوب ته ٻار جي هٿ وس ٿيو سو وڻيس ته روڪيس
وڻيس ته ڪڍيس. کيس جهلڻ ۾ به ساڳيو مزو ٿو اچي،
جيڪو ڪرڻ ۾، هي وقت ٻار جي ذهنيت ٺاهڻ جي تربيت ۾
وڏو اثر ٿو رکي. هاڻي جي مائٽ بي پرواهي ڏيکاري ته
پوءِ ٻار مشڪل چئي ۾ اچي. ضابطي ۽ قانون جي قابوءَ
۾ اچڻ يا کسڪڻ جو وقت هي آهي. هي پهرين منزل آهي.
جڏهن ٻار پنهنجي نفسي احساسن ۽ گهرجن تي قبضو رکي
سگهي ٿو. وڻيس ته روڪي، وڻيس ته ڪڍي. سندس مرضيءَ
۽ مزي جي ڳالهه آهي. پنهنجي هلائي يا مائٽ جي چئي
تي
لڳي. فيصلو هتي آهي. هاڻي جي ٻار مائٽ جي چوڻ کان
نڪتو ته پوءِ مشڪل مڃيس. پوءِ نه سماج جي قانون جو
پورو پابند ٿيندو، نه چال پختي ٿيندس. نڪا محڪم
شخصيت جڙندس. پهرين فضيلت، جا سماج ٻار کان طلبي
ٿي سا اها، ته پنهنجي غلاظت کي قابوءَ ۾ رکي ۽ وڏن
واري جاءِ ۽ وقت مقرر ڪري. جيئن هو سندن ڪمن
ڪاريون کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڪم يا آرام ڪرڻ وقت
اوچتو اٽڪاءَ جو سبب نه بڻجي. جي وقت تي جاءِ ضرور
وڃڻ نه سکيو ته ڪنهن نه ڪنهن مهل، ڪٿي نه ڪٿي،
پرائي گهر يا اوجهڙ هنڌ بي مهل مائٽن کي ضرور تنگ
ڪندو. ڪي مائٽن جا آزاريل ٻار ته کانئن فقط سندن
ستمن جي عيوض وٺڻ خاطر کين بيجا ۽ بي مهل رفع حاجت
جو خيال ڏيکاري تنگ ڪندا آهن ته ڀل پريشان ٿين.
ٻار کي سماجي قانون ۾ پابند ڪرڻ ۽ مهذب شخصيت
بنائڻ جو هي پهريون ڏاڪو آهي، جو خيال سان اڪارڻ
ضروري آهي. هن قاعدي کي لاڳو ڪرڻ جو وقت تڏهن آهي
جڏهن ڏسجي ته ٻار هاڻي پنهنجي مرضيءَ سان جاءِ
ضرور جو وقت ٽارڻ يا گسائڻ لڳو آهي. ان کان اڳي ته
هن تي اهو قاعدو جاري ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. ڇاڪاڻ
ته جيڪي ٻار جي وس ۾ نه آهي، ان لاءِ هو ڇا ٿو ڪري
سگهي. مائٽ جي لاغرضي ۽ ٻار جي مجبوري، گڏجي کيس
پريشان ۽ نٺر ڪري وجهندا ۽ اها طبعيت
هن جي آئينده هلت جي جز بنجي ويندي. وري جي پوري
وقت تي هن سان اهو قاعدو لاڳو نه ڪيو ويو ۽ سندس
نفسي رغبت سندس خوديءَ جي ضابطي ۾ نه آئي ۽ سماجي
قانون کي تسليم نه ڪيو ته وڏي هوندي به خوديءَ جو
ضعف وک وک تي ڏيکاريندو رهندو ۽ نفسي خواهشن کان
ڪڏهن به پاڻ ڇڏائي يا انهن کي روڪي نه سگهندو. اڃا
ڪا دل پسند شي ڪٿي ڏٺائين ته گگ ڳڙي پوندس ۽ ڏٺو
ٿي پوندو. ايتري همت نه هوندس جو پاڻ کي روڪي وقت
گذاري وڃي. خوديءَ وارو ماڻهو اندر ڪيتري به ولڙ
هوندس ته ڪا شيءِ کان، ڪا ڏسان پر لوڪ کي پنهنجي
پريشاني اصل نه ڏيکاريندو.
مزو ته اهو آهي ته نفسي خواهش جو غلام ٻين کي هيچ
پاڻ کي حق تي سمجهندو، ڄڻڪ ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي واٽ
ئي هڪڙي آهي ۽ اها پاڻ ٿو ڄاڻي. ظاهر آهي ته اهڙي
اڍنگي هلت ٻين کي ضرور ناگوار گذرندي ۽ سندس
مخالفت ضرور ٿيندي. هاڻي نفسي ڇڪن، سماجي قانون ۽
خوديءَ جي ڪشمڪش شروع ٿي ٿئي.
ڪي ٻار ته ايتري قدر ڪوشش ڪري پنهنجي مرضيءَ سان
پيٽ اچڻ کي روڪيندا آهن جو جلاب کان سواءِ بنهه
بس. اهڙا ٻار وڏي هوندي به هميشه مائٽن جا محتاج
رهندا. سندس آڌر ۽ آٿت تي هلندا، باقي پنهنجي ٻارڻ
کان پري. پنهنجي مڃائڻ ته هنن کان گهڻو پري.
صفائي سٺائي ۽ وقت جي پابنديءَ جو قانون فقط ماءُ
ئي ٻار تي جاري رکي سگهي ٿي، ڇو ته ٻار هن جي پيار
سهسائڻ لاءِ تيار نه آهي.اهو مائٽ آهي جنهن جو هن
کي قدر آهي، جنهن جو ناراضپو ۽ وڇوڙو سهڻ هن لاءِ
ناگوار آهي. انهيءَ هوندي به ماءُ هن کي ڪنهن رٿ
سان پيار ۽ لالچ ڏئي اهو ڪم ڪرائي سگهندي نه زور
سان.
ٻار سان جتي به ضد ڏيکارڻو پوي، اتي مناسب آهي ته
مائٽ عقل کان ڪم وٺي نه هوڏ کان. هوڏ ته اوائلي
نفسي هٿيار آهي. جنهن جي ٻار وٽ ڪمي ڪانهي. مائٽ
ٻار کي لاجواب فقط عقل ۽ هوش سان ڪري سگهي ٿو، نه
جوش سان. بهرحال، هي پهرين وڏي منزل آهي، جتي ٻار
جي نفسي خواهش ۽ خوديءَ جي جـُـڌ آهي، جيڪڏهن انهي
چڪريءَ ۾ مائٽ سندس خوديءَ کي اُڀاري، سوڀارو ڪري
نه سگهيا ته ٻار جي مچي مڙس ٿيڻ جي ڪيڙ ۾ لاتلافي
نقصان ٿي چڪو.
مـُـٽڻيءَ کان واقفيت:
چوٿين کان ڇهين سال تائين ٻار جي مزيدار احساسن
جو مرڪز سندس مـُـٽڻي (لـُـلـِـي) ٿي ٿئي. منجهس
ڪسڪويون ۽ سـُـرڪا ايترو دلڪش ۽ وڻندڙ ٿا ٿين جو
ٻار مجبوراً ان کي هٿ ۾ جهلڻ ۽ مهٽڻ لڳيو وڃي. کيس
اها ته خاڪ به خبر ڪانه آهي ته ماڻهوءَ جو وڏو
سماجي گناهه ڪو انهيءَ هنڌ سان اٽڪيل آهي. وري جو
مائٽ روڪينس ته اتي هٿ نه لاءِ ته هو حيران رهجيو
وڃي ته ڇو؟ ٻئي هنڌ کنهڻ ۽ انهيءَ هنڌ کنهڻ ۾ هن
لاءِ ته ڪو فرق ئي ڪونهي. پوءِ مائٽن جي جهل ڇا لاءِ!
ٻار کي ته ٻين جي سمجهڻ جو سامان به پنهنجو بت ئي
آهي. سو لڳي ماءُ کي چنبڙڻ ۽ ٻين کي جاچڻ ته اهڙي
حالت ۾ هو ڇا ٿا ڪن. پر نڪو پورو پتو پويس نه تعجب
لهيس. نڪو نه مهٽڻ ڪري سندس سرڪو لهي، نڪا حيرت ئي
ختم ٿئي، پوءِ ٻين کان لڪي لڪي هٿ لائي آزار لاهي.
پر هورا کورا لڳي اچيس ته مون کي مائٽ ڇو ٿا
جهلين؟
اڃا ڪنهن گهر جي يا پاڙي واري ٻار کي ڏٺائين ته
مائٽن جي پرپٺ نويڪلائيءَ ۾ گڏجي ڳالهيون ڪرڻ،
گڏجي پيشاب ڪرڻ، هڪ ٻئي کي جاچڻ، ڀيٽڻ، ڇوڪرين ۾
فرق ڏسڻ، وڏن کي گاهه بيگاهه ليئا پائي ڏسڻ جي
ڪوشش ڪرڻ، سوڙ ۾ ڇپي ڇپي جاچڻ. مطلب ته انهيءَ
اسرار جي سمجهڻ جي وسوسي کي مارڻ جي ڪسر ڪابه ڪانه
ٿا ڇڏين، وڏا به رڳو نٽائڻ تي، خيال ڪونه ڪن باقي
روڪڻ تي زور. ٻارن کي ته اها هرکر ايڏو وياڪل ڪندي
آهي جو نوڪرن کي به وڃي اجايا سوال ڪن پر راز اهو
ئي رهندو رهي.
هي مونجهارو گهڻي قدر ٻار کي گمراهه ٿو ڪري، پر ان
جو ڪو ڪافي شافي رستو هٿ ڪونه آيو آهي ته ڪيئن
بيخبر کي واٽ لائجي. هر ڪو پنهنجي حالتن موجب
هلندو وتي يا ويسر کي ساڻي ڪري ڳالهه وساريو ڇڏي
يا جسمي تقاضا کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿ سان
پاڻ کي ڳارڻ شروع ڪيو ڏئي. بڇڙي سنگت کي الزام ڏيڻ
واجبي نه آهي. اها ساري ولڙ ذاتي آهي. اندر مان ٿي
اڀري ۽ بي خطا هٿ انهي هرکر کي لاهڻ لاءِ اتي وڃو
سهڙي. ان ۾ شڪ ڪونه آهي ته مرمٽيءَ جي گڏ ٿيڻ سبب
خارش ويتر زوردار ٿيندي، انڪري ٻار جي صفائي پوري
رکجي.
طهر ڪرائڻ جو جيڪڏهن ڪو به عقلي دليل ٿي سگهي ٿو
ته اهو ته جيڪا کل ڪتري ڇڏبي آهي، ان ۾ احساسي جزا
تمام گهڻا ٿا ٿين ۽ ان جي نڪري وڃڻ ڪري ٻار گهڻو
آرام ۾ رهندو. پر جي سال کن کان زياده ٻار وڏو ٿي
ويو ته اهو فائدو به گهٽبو ويندو. هڪ واريءَ ٻار
جي ڌيان تي سرڪا آيا ته نه وسرندس. ٻي تجويز جنهن
سان ٻار جو ڌيان اتان ٿيڙي سگهجي ٿو، سا آهي هن کي
پنهنجي آسپاس جي شين سان پوري دلچسپي پيدا ڪرڻ جي.
ٻار کي قدرتي پڇ پڇ جي عادت ته هوندي آهي ته هي
ڇا، هو ڇا؟ اهو ٻار جو شوق ڪڏهن به وڃائڻ نه
گهرجي. جيئن ٻاهرين دنيا سان واقفيت وڌندي ويندس،
تيئن سمجهه به ويندي رهندس ۽ انهن نين شين جو خيال
سندس بدني شين کان خيال کي گهڻو ڇڪي ويندو. ٻار
جو خيال پنهنجي بدن ڏانهن اصل نه ڇڪائجي. ٻاهرين
شين جو خيال ذهن وڌائيندس ۽ بدني خيال نفسي خواهشن
کي، سهڻا ڪتاب ۽ رانديڪا وٺي ڏجنس.
وري جو ڏسي ته ابو گهر ۾ آيو آهي ته امان هنڌ ۾
سمهڻ به نٿي ڏئي ۽ بابي سان لهه وچڙ به گهڻي ٿي
ڪري ته مورڳو جي پيءَ سان سندس ايتري رفاقت نه ٿي
آهي ته ان سان خار ٿيو پويس. هڪڙي طرف پيءَ جي
پادرن جو ڊپ، ته ٻئي پاسي ماءُ جي پيار وڃائڻ جو
سوداءُ، سو مڙيو ئي درگذر ڪيو هلندو هلي، پاڻ اڃا
پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙو نه آهي، عاجز آهي انڪري
پيءُ سان ڇني به نٿو سگهي، خبر اٿس ته ڏک سک ۾ ابو
امان ڪم ٿا اچن، کارائين پيارين ٿا، پئسا شيون ٿا
ڏين، انڪري پيءُ سان صفا ڦٽائي نٿو سگهي، باقي
پيءُ لاءِ هاڻي پيار سان گڏ ٿوري ڌڪار به شامل ٿيو
وڃي.
هاڻي ماءُ سان به ٿورو رنجيده ٿي ساڻس پوري پيار
وارو ناتو ٽوڙڻ لڳندو ۽ پيءُ کي پاڻ جهڙو سمجهي،
ان سان گهڻي قدر دوستانه سلوڪ پيدا ڪندو رهندو. هن
وانگر اٿڻ ويهڻ، هلڻ نقل ڪندو رهندو ويتر جو ڏسي
ته پئسي ڏيڻ وارو به اهو آهي ته رفته رفته ماءُ
وارو اولانگهو سارو پيءُ ڏانهن هليو ويندس.
قادريت جي خيال جي جڙ اتي آهي، جي مائٽ قادريت جون
وصفون ٻار کي عمليءَ طرح پيش نه ڪري ته الله جون
وصفون هو ڪڏهن به ذهن ۾ آڻي ڪين سگهندو ڪيترو به
پاڙهيوس. ٻار ته هرڪا ڳالهه پاڻ سان لاڳو ڪري
سگهندو آهي. پاڻ کان ڌاري ڳالهه هو نڪا وسهي نه
ڄاڻي.
ٻار پيءُ کي هر ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کان گهڻو مٿي
سمجهي بعضي ايڏيون وڏيو طلبون ڪندو آهي جو عاجز
ڪرڻ جهڙيون ۽ پيءُ کي لاچار ٿي کيس سمجهائڻو پوندو
آهي ته سڀڪجهه منهنجي هٿ وس ڪونه آهي. متان ٻار جي
مت خراب ٿئي. ٻار ته ائين به سمجهندو آهي ته ڏک سک
بلڪ حياتي به ابي جي هٿ ۾ آهي. ڀلا هو جو ڏيندو ٿو
رهي ته سندس سڀ حاجتون پيءُ جي هٿان ئي پوريون
ٿينديون ٿيون رهن، واقعي قادر مطلق ۽ ٻار جي وچين
منزل پيءُ آهي.
ٻار جي انهيءَ خيال مٽائڻ لاءِ ضروري آهي ته کيس
ڪن مناسب مهلن تي مڇرائبو کيس ٿورو نااميد به ڪندو
رهجي ته پاڻ تي ڀاڙڻ سکي ۽ خودداري
وڌيس. وري ٿورو دلاسي ۾ به رکجيس جيئن بنهه نااميد
به نه ٿئي. ٻار کي گهڻو هيسائي، دٻائي، ڊيڄاري
پوءِ گهڻي پيار ۽ سخا ڏيکارڻ کان بهتر آهي جو هن
کي ٿوري نااميدي، ۽ ٿورو ڊپ، وري مهر جي نظر
ڏيکارجي ته برداشت ڪري ويندو، ڪنهن به جذبي جو وڏو
وزن هن جي برداشت کان ٻاهر آهي. هن وقت مائٽ کي
ڪجهه سختي ضرور ڪم آڻڻي پوندي. ٻار کي فطرتي
مجبوريءَ ۾ لاچار سمجهي، نرمي ڪرڻ خطرناڪ ٿيندي
آهي مجبوريون ماڻهوءَ پٺيان هر وقت آهن جن کي
شيطان چيو ٿو وڃي.
ضمير جي تعمير:
ٻار جي ماءُ تان هڪ واريءَ دل کنئي ته ٻيو چارو ئي
ڪونهيس سواءِ پيءُ جي لڙهه لڳڻ جي ۽ پوءِ پيءُ جون
پوريون هلتون خيال ۽ خصلتون پاڻ ۾ سمائڻ لڳندو.
ايتري قدر ته پيءُ جي ڀيت تي پئجي ويندو جو اٿڻ،
ويهڻ، هلڻ سارو پيءُ وارو ٿيندو ويندس. پيءُ جو
دڙڪو، تاب، چوڻ، نصيحت سڀ هنڍائيندو ايندو تيسين
جيسين هاڻي ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي جو جواب سندس اندر
مان جاڳي. ايتري ذهني ترقيءَ بعد ٻار کي ڏس ڏيڻ
وارو فقط مائٽ نه آهي، هاڻي ڪو ڏس ڏيڻ وارو وڏو
مائٽ اندر ۾ به پيدا ٿي پيو اٿس. اهو آهي ضمير.
ضمير به هڪدم مٿس غلبو ڪيو قابو پايو وڃي. ڇاڪاڻ
جو پيدا اهڙي وقت تي ٿو ٿئي جڏهن ٻار اندر جي نفسي
طلبن جي گهل گيندڙ ۽ ٻاهرين پادرن جي ڊپ جي ڪشمڪش
۾ پورو گرفتار ۽ پريشان ٿي، ڪنهن ڇوٽڪاري جي واٽ
نهاري رهيو آهي، ۽ خودي، کيس عزت سان ساڻس سلوڪ
ڪرڻ لاءِ مائل ڪري رهي آهي.
ٻار ڪو غلط ڪم هيل تائين ڪونه ٿو ڪري پر هن لاءِ
غلط ڪم يا فقط ان جو سکڻو خيال ۽ خواهش ٻئي هڪجهڙا
آهن ۽ خواهش ته کيس ٿيندي ٿي رهي، انڪري پاڻ کي
خاطي ۽ مائٽ کي سيکت ڏيندڙ ڄاڻي هن کي پنهنجا ٽپڙ
سنڀالڻا ٿا پون ۽ اک پنهنجي جسمي ڇڪن ۽ مائٽن جي
ڪـَـرڙاين کي ويچاريندي کليو پويس، ڏسي ٿو ته هاڻي
پنهنجن انگڙاين کي جهلڻو آهي يا پادر جهلڻا آهن،
خبر تان پوي جو پادرن ڏيڻ وارو اندر پيدا ٿيو پوي.
اهو به اهڙو سخت ۽ نٺر، جو نه ٻڌي نه ورائي. دليل
دلائل هن جي دفتر ۾ ٿين ئي ڪين.
”بس
خبردار! ائين نه ٿيندو،“
فقط ائين چئي ڄاڻي.
هاڻي ابي جي بجاءِ ضمير ٿو ٻار جي رهبري ڪري ۽
نياتي قانون ٻيهر سندس ذهن ۾ دهرائي. مائٽ ته ڪنهن
مهل ڇينڀين پر هن جو اٿندي ويهندي هٿ لٺ ۾ لڳو
اچي، هر وقت سچيت. هر وقت اندر ۾ سندس چورا کورا
هلي اچي. ڀل ته ڪو عدالت جي سزا ڪاٽي چڙهي، پر
ضمير جي سزا آخري دم تائين نه ڇڏيس. بس ٻار جي
ڪايا پلٽ ٿي چڪي. هاڻي هو نڪو ڪاريءَ کي سمجهڻ ۽
سڃاڻڻ لڳو آهي. جيترو نفسي زور بدن ۾ هوندس
اوتروئي ضمير سگهارو ٿيندس. ٻار پاڻ کي سڌاريل
محسوس ڪري سٺا پير کڻڻ لڳندو. مٽن مائٽن سان ادب
سان هلڻ، پاڙي سان نيڪيءَ جو سلوڪ ڪرڻ، مذهبي جذبو
ڏيکارڻ ۽ پوريءَ طرح پاڻ کي نياتي قانون جو پابند
سمجهڻ سندس خصلت بنجي ويندي.
پيءُ جي ڪرڙي نظر کان سواءِ ضمير طاقت وارو نه
ٿيندو پر جي ٻار ۾ گناهه جو احساس پورو نه هوندو
ته به ضمير سالم نه جڙندو. ڇوڪرين ۾ اها ڪمي ڳچ
رهجي ويندي آهي. سندن ضمير ڇوڪرن جيترو پختو نه
ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وهيءَ ۾ هو گناهه جي
گرفت ۾ نه اينديون آهن، جن ڇوڪرن ۾ گناهه جو احساس
معمول کان مٿي هوندو آهي سي پيءُ جو ڊَپ به حد کان
گهڻو لکائيندا آهن. سودائي طبعيت
جو بنياد هتي ٿو پوي. هڪڙو سمجهه جي حدن کان ٻاهر
گناهه جو خيال، ٻيو ڊپ، جي گڏيا ته خفقان پري
ڪونهي. اهڙين حالتن وارا ٻار هميشه خوف ۾ رهي،
پنهنجي نفسي ڇڪن کي غلط رستي پورو ڪندي ته مغز جي
ڪمزوري پيدا ڪندا آهن، پوءِ نه پڙهڻ جا نه ڪڙهڻ
جا، جڏهن ڪو وڃي پنهنجي تاريءَ تڳن.
جنهن ٻار تي پيءُ جي غير موجودگيءَ سبب يا ٻار جي
دادلي هئڻ سبب پورو ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو ٻار
خودپسند ۽ پنهنجيءَ مت وارو ٿي پوندو. پيار سندس
خوديءَ کي همٿ ڏئي وڌائيندو، پر ضمير ڪوچڙ رهندس.
انڪري خودي گهڻي ۽ ٻين جو خيال ٿورو رهندس. پنهنجي
خنڪي ۽ ٺاٺ ٺوهه ۾ مست، ٻين کان بيخبر، پاڻ سان
پورو پيار برادريءَ لاءِ شفقت ذرو ئي ڪانه.
ڊيڄو طبع واري ٻار کي جڏهن گناهه جو خيال دل ۾ گهٽ
پيءُ جي دهشت گهڻي ويٺل هوندي آهي، تڏهن ٻار اجائي
تنبيهه سبب ايترو ته پست همت ٿي پوندو جو شل نه ڪو
خسيس ڪم آڏو اچيس ته ان ۾ هٿ وجهڻ کان به پيو
ڪيٻائيندو. ٿوري گهڻيءَ ته اهو خيال هوندس ته
ماڻهو الائي ڇا چوندا. پنهنجي هر هڪ خيال ۽ خواهش
کي ائين ڏسندو ته ڄڻ ڪو راڪاس لٺ کنيو بيٺو آهي.
خودي گهڻي قدر ماريل رهندس.
شخصيت جي عمارت جا ٽي بنيادي پٿر:
قدرت ڪريمه دنيا جي نووارد بيخبر هستيءَ کي پنهنجي
زندگي برقرار رکڻ لاءِ ڪي وسيلا ضرور سپرد ڪري ٿي،
جن جي توهه تي ٻار بنان سوچ ويچار جي پنهنجن
ضرورتن کي منهن ڏيندو تڳندو، تڙڳندو، اسرندو ٿو
رهي. هي آهن نفساني اوٽون، جن کي ٻار جي جسمي
تڳاءَ لاءِ قدرت ڪارگر ڄاڻي کيس عطا ڪيون آهن،
انهن جو ڪم فقط جسم کي صحيح سالم رکڻ جو آهي، ٻين
کي سڃاڻ ئي ڪونه، جڏهن ٻار ڏسي ٿو ته سندس ضرورتن
جو پورائو ڪن ٻين جي هٿ وس آهي، تڏهن هن کي گهرجن
جي پورائي لاءِ بعضي پنهنجي هستي لـَـکائڻي پوي ٿي
۽ انهيءَ مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ خودي ٺهڻ شروع ٿي
ٿئي، جڏهن اڃا به وڏڙو ٿئي ٿو ۽ محسوس ٿو ڪري ته
مان هڪ نيات جو ڀاتي آهيان ۽ نه اڪيلو زمين جو
مالڪ، تڏهن هن جو ضمير ٺهڻ ٿو لڳي. جيئن سماجي
جوڙجڪ نرالو تيئن ضمير به هر هڪ ڪٽنب جو پنهنجو.
ضمير فقط ڪنهن به قوم جي ٻاهرين قانونن جو اندريون
عڪس آهي. جيڪي خيال ۽ قاعدا سماج جا، اهي ساڳيا
ضمير جا، ڌاڙيل قوم جي فردن جو ضمير ڪهڙو، ته صلح
پسند مهذب قوم جو ٻيو. حاڪمن جو پنهنجو عاجزن جو
پنهنجو. اهي آهن ڪنهن به شخص جي عمارت جا ٽي
بنيادي پٿر، جن کي نفس خودي ۽ ضمير چئجي ٿو. سندس
مفصل احوال هيٺ اچي ٿو.
(1) نفس:
هي انهن نفسي اوٽن جو مجموعو آهي، جي ٻين جانورن
وانگر ماڻهوءَ سان به گڏ ٿيون ڄمن، هن جو ڪم آهي
سرير جي مختلف حصن جون گهرجون پوريون ڪرڻ جيئن
بدني ڪـَـل آسودي ۽ چالو رهي. انهن گهرجن پوري ڪرڻ
لاءِ کيس
”سگهه“
کپي، ڇاڪاڻ ته بت کي چورڻ پورڻ کان سواءِ ته ڪا به
گهرج پوري ڪانه ٿي سگهندي ۽ چرڻ پرڻ لاءِ طاقت
کپي. انڪري ساري بدن جي سگهه سندس حڪم ۽ حوالي ۾
رکي وئي آهي، وات جو چشڪو جنهن سان هو کائڻ تي
مجبور ٿئي، جي کاڌو نه مليس ته ان لاءِ رڙي دانهون
ڪري، ٻين کي هوشيار ڪري ته مون کي ڏيو ۽ آرام جو
عيش به کيس سونپيو ويو آهي ته کائي پـِـي مگهن ٿي،
سمهي رهي ته فرحت ۾ سندس دماغ ۽ جسم زور وٺن ۽ وڌن
ته قدرت جو ڪم پورو ٿئي.
جيءُ خوش ته جهان خوش. پر جيءُ ڪو هڪڙو ته ڪونهي.
ڪيترا سارا آهن ۽ سڀني جون گهرجون ساڳيون، انڪري
هر وقت ۽ هر هنڌ امڪان آهي ته انهن کي حاصل ڪرڻ ۾
چڪري به لڳي. انڪري هوڏ، اڳرائي ۽ ويڙهه جا اسباب
کيس سونپيل آهن ته انهن کي ڪم آڻي، پنهنجو مطلب
حاصل ڪري، پر اهڙا اوزار ٻين کي به آهن، عجب نه
آهي ته ڇڪتاڻ بعضي ايتري ٿئي جو نفس کي ڪجهه به هٿ
نه لڳي ۽ هارائي بيهي. هاڻي وڃي سـَـڌن تي پوندو.
اها لا حاصل مزي جي اڻتڻ آهي جنهن کي سـَـڌ ٿو
چئجي.
(2) خودي:
هاڻي خودي هوشيار ٿي ٿئي، پنهنجي ڏکيري ڏيل ۽
ڪـِـريل پياري سرير کي سڌير ٿي ڪري. چي ڀلي بک ڀرم
جي شال نه وڃي شان. ساک پت آهي ته سڀڪجهه آهي. پاڻ
کي ڏٺو ڪين ڪبو. دشمن خوش ڪين ڪبا:
”لوڙهي
۾ هجي لانڍي رهڻ ڪاڻ ڪکن جي،
دشمن جي اڳيان لــوڏ ڪجي مگر لکن جي“
اٿي مڙس ٿي، نڪ کي مر نه لاءِ،
سڀڪي ٿي پوندو.
خودي نفس جي کنڊريل تانگن کي پري ڪرڻ جي متلاشي نه
آهي. بک، بيغيرتيءَ مان ڄاڻيئي ڪانه. هنن جي
ذميداري آهي عزت سان گذارڻ، سماجي سرخروئي حاصل
ڪرڻ، نفسي مجبورين کي شان جي پوشاڪ پهرائڻ،
زندگيءَ جو زيور بنجي ان کي زيبوَر ڪرڻ. اها خودي
ته آهي جا شان شوڪت جو جلوه ۽ سونهن سوڀيا جو
جهلڪو پاڻ ۾ پسيو لا ثانيت ۽ ڪماليت جي متلاشي ٿي
سورهن جي صف ۾ اچي لڙائيءَ جي ميدان ۾ سر تريءَ تي
رکي، پنهنجي جان لڙايو وجهي. انا الحق جي حد به
اها خودي وڃو کڻي، ٻئي جي مجال آهي؟ واقعي انسان
کي عنقا جي بلند پروازيءَ لاءِ ڪي پـَـرَ مليا ته
خودي ڏينديس، جيسين قطره درياء
جي قريب رسي.
نفس ته اهڙو لالچي آهي، خود غرض بيمحابو آهي، موهه
جو متوالو بيغيرت آهي، جو ڪنهن به ڳڻ پهه کان
سواءِ گڇرو ٿي ڪـِـري پوي، نه پنهنجي ننگ ناموس جو
خيال ڪري نه ٻئي جو. خودي نفس کي ٿڦ هڻي، موهه جي
مانڌاڻ مان ڪڍي، لوڪ لڄا جي ڄاڻ ٿي ڏئي، نفس جي
لور لور جنهن کي احتياج ٿو چئجي، اهڙو آهي جو شل
نه ڪـُـور ڪـُـور ڪن پويس ته وٺي ڪڍ لڳندس، پوءِ
شينهن مان گدڙ. اهڙي موهه جي ماريل مدهوش مڄوءَ
کي مانجهي مڙس ڪرڻ خوديءَ جو ڪم. کڙائي ، ڀڀڪو،
ٽنڊ، ٽيڳر، مخول ۽ معتبرائي سڀ سندس ويس ته آهن.
ڏڍ ڏئي همت وٺائڻ آئيءَ ويل آٿت جو هٿ هٿ ۾ ڏئي،
ڏک ۾ حامي ٿيڻ سندس ڪم. جڏهن ڪنهن نفسي تانگهه کي
رفع ڪرڻ جو رستو وڃائجي ويندو آهي، جيئن ته دولت،
زور، رفيقه يا اولاد جنهن تي آدم جو اڪثر آسرو ٿو
رهي ته نفس چوٽ کائي، صدمي کان چڪناچور ۽ ناچار ٿي
ڪري پوندو آهي ۽ جسم پنهنجي ڏِئي جي وٽ ڍرڪائي،
اجهامڻ جي ڪندو آهي ته خودي پنهنجي پوريءَ طاقت
سان کيس سڌير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ سمجهائڻ
لڳندي آهي. چي: فاني شيءِ سان به ڪو باور هلندو؟
اڄ نه وئي سڀان وئي. لؤن لائجي ته ڪنهن پائدار
شيءِ سان. عزيز ۽ هڏڏوکي به، جي اهڙن وقتن تي ڪنهن
ڪريل کي گهيڙ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن سي به هن
جي خوديءَ کي جاڳائڻ لاءِ.
جي اندر خودي نه رهي آهي ۽ سموري نفس جي تمنائن جي
وهڪري ۾ وهي وڃڻ ڪري بيخود ٿي چڪي آهي ته ٻاهريان
اَٺسٺا اجايا ٿيندا. آخر خودي به ته دنيا جي گهيري
۾ نفس مان ئي پيدا ٿي ٿئي. نفس جي قوت تي ئي
پنهنجو زور ٿي هلائي، جيڪڏهن نفس پاڻ ئي پنهنجو
فرض وساري جسم جي ضرورتن پورين ڪرڻ جي بدران
پنهنجي مزي ۾ اچي مخمور بيخبر ٿي بيڪار ٿي چڪو
آهي، ته خودي به ختم سمجهڻ گهرجي. جسم کي اُڀارڻ
جون طاقتون وري به نفس جي حوالي آهن. اهو ئي ختم
ٿي ويو ته کيل به ختم سمجهڻ گهرجي.
(3) ضمير:
ضمير ته گهرو ڪيڙ ۽ سماج جي پيدائش آهي ۽ سماج عقل
جي، انڪري ضمير عشق جو غلام ٿي ڪونه ڄاڻي. نفس،
مطلب لاءِ عشق جو ويس ڌاري ٻين کي اکين ۾ سرمو
پائيندو وتندو پر ضمير خوب سڃاڻيس. اڃا پاڻ کي خوش
ڪرڻ لاءِ ڪا بيجا سٽ سٽيندو ته ضمير موچڙو
ڏيکاريندس. افسوس اهو آهي جو ضمير موچڙو ڏيکاري پر
هڻي ڪونه سگهي، نه ته نفس جي ڪهڙي مجال جو اجايو
هلي. ضمير کي ڄاڻ گهڻي، سمجهاڻيون گهڻيون ڏئي
ڄاڻي، اختيار گهڻو پر اختيارين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ
زور ٿورو. تڏهن به سندس هئڻ ئي لک آهي.
نفس سان ٺاهه ته بنهه ڪونهيس، پر خوديءَ جي کڙڪي
کان پري. ضمير ته سماجي ذهنيت جو پرتوو آهي، جو
ٻار کي سماج جي پاران سندس پيءُ کان پلئه ٿو پوي.
ضمير سراپا قانون آهي ۽ بس. پر خوديءَ جو ڪم ئي
ٻيو. جڏهن به ڪو دشمن پوري قبضي ۾ اچي ويو ته خودي
چوندي ته مار مردار کي ڪرينس پورو. پر ضمير اتي به
انسانيت جي واٽ ڏسيندس ته خبردار! اڄ هو تنهنجي
آور ۾ آهي تون هن لاءِ ڏاڍو آهين، سڀاڻي تون به
ڪنهن جي هٿ چڙهي ويندين، مڙي وڃ، مارئي کان پڏايو
ڀلو.
ضمير ٻار جي ڊگهي ۽ ناچارگيءَ واري تات جو نتيجو
آهي. ڄمڻ سان ٻار بااخلاق ڪونه ٿو ٿئي، نڪا ڪا
سماجي قانون جي خبر ئي اٿس. هو فقط پنهنجو چشڪو
ڄاڻي ٻيو ڪل جو ڀلو. ڪا به اهڙي طاقت ڪانه آهي جا
کيس چشڪي کان ڇني، سواءِ سندس ابي امان جي، جي
سندس انگل ٿا کڻڻ. ابي امان جون بندشون به لاچار
ٿا سهائينس. جو هنن سان ناتا ٽوڙي نٿو سگهي. رفتي
رفتي مائٽن جا قانون ۽ فرمودا، ٻار جو هڪ اندر جو
قانون بنجيو
وڃن، جنهن کي ضمير ٿو چئجي، هر هڪ ٻار جو ضمير اهي
حڪم قبوليندو، جيڪي سندس نفسي ٺاٺ سان ٺهڪي ايندا
۽ سندس سڌاري لاءِ ضروري هوندا، هڪ واريءَ پيءُ جي
شخصيت جو نچوڙ. سندس مغز ۾ جاءِ وٺي سو وڃي، پوءِ
رهبر ساڻ اٿس، ضمير هڪ متوازن قانون آهي، جياپي جي
مزن کي نه ڄاڻي نه سڃاڻي. صاف صاف نياتي اخلاق ۽
اخلاص آهي.
جيسين ضمير نه جڙيو آهي تيسين حرص هوس کي جهل نڪا
پل. اهو ذاتي قانون آهي جو اتي نفس کي آڏو ٿو اچي.
ضمير کان سواءِ ڀل ته نيات قانون ٺاهي. حڪومت ٺاهي
يا الاهي ارشاد ٿئي. پر سنئينءَ نه اچي سٽ. حيواني
نفسي اُڌمي کي به ايڏو قدرتي زور آهي جو شل نه
ضمير ۽ خوديءَ جي ڪڙن کان نڪري، نه ته انسانيت
ڍرڪيو پوي ۽ لوڪ لڄا منهن ويڙهيو پئجو رهي ۽ ڪڌو
نفس پنهنجو ڪم ڪريو وڃي. پر پوءِ به اڃا نفس جو
جوش ٿورو ڍور ٿيو ته ضمير به ناصحانه تنبيهه شروع
ڪندو. چي: ٿوري لالچ لاءِ ماڻڪ مٽائي وئين! ڇو ڪچ
ڪمايهءِ،
نڪو نيات جو مرم نڪو پنهنجو شرم، خوب طعنن تنڪن
سان ڇينڀي ڇنڊون ڪڍندس. اهو آهي اسان کي سمجهائڻ
وارو ضمير . جو جيسين نيات کي خبر پوي، تنهن کان
اڳيئي اندر کان شروع ڪري ڏئيس.
هن منزل کان پوءِ گناهه جو اڌ مزو ويو ۽ ماڻهوءَ
مان ٻه ڄڻا ٿي پيا. هڪڙو ظاهر ڏسڻو وائسڻو فضيلت
جو صاحب، ٻيو لڪل اندر جو ڪڌو. جنهن کي سماج کان
ڪڍي اڪيلو ڪنهن ٻيٽ تي ڇڏيو پوءِ ڏسو ته هر ڪا
شيءِ کڻندو ڪيئن نه ٿو پنهنجو گهر ڀري. اهڙي ڪشمڪش
۾ ويچارو عاجز انسان پنهنجي ضعيفاين جي پگهر ۾
پريشان جيڪر احساس ڪمتريءَ جي فڪر ۾ ئي ڳري وڃي،
جي خودي ياد نه ڏياريس ته فڪر نه ڪر، جي ڪريو
آهين، اڳيتي ائين نه ٿيندو، اٿي کڙو ٿيءُ. |