سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نھ سھي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :14

غوطا خوري ۽ ٽوٻو

 

جڏھن شڪار ڪندڙ، شڪارين مان ڦري پاڻ ئي شڪار ٿي پوندا آھن تھ پوءِ ڪي ٿورڙا ئي خوش نصيب بچندا آھن، جيڪي ھن قسم جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي سگھن. ھيءَ ڪھاڻي پڻ ھڪ سچي ڳالھھ آھي، جا سمنڊ ۽ ان جي ھڪ ٻئي جوکائتي پھلوءَ سان واسطو رکي ٿي، جيڪا آسٽريليا جي مشھور غوطا خور Skin Diver روڊني فاڪس کي درپيش آئي. کيس ان سچي روئداد تي ريڊرس ڊائجيسٽ طرفان فرست پرسن ايوارڊ پڻ ملي چڪو آھي.

ھڪ دفعي جپان جي ھڪ اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ھوس. منھنجي ڀر واري کٽ تي ھڪ غوطا خور علاج ھيٺ ھو. ھو ھڪ اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ جو وڏو آفيسر ھو ۽ غوطا خوري سندس وندر ھئي. تازين موڪلن ۾ شڪاڪو بيٽ وٽ غوطا خوري ڪندي ھن کي پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳي ويا ھئا.

ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد پڙھندڙن جي ذھن ۾ بھ شايد ساڳيو سوال اڀري جيڪو منھنجي ذھن ۾ مٿين ھمراھ جي حادثي جي ڳالھھ ٻڌي اڀريو تھ ماڻھو آخر غوطا خوري ڪن ڇو ٿا؟

جواب ھرڪو اھو ئي ٿو ڏئي تھ مھم جوئي ۽ ائڊوينچر جي شوق ۾. جيئن ماڻھو جبلن تي چڙھن ٿا، پوءِ ڪرندا جھرندا پيا پر پچر نھ ڇڏيندا. ويندا وڏي کان وڏي جبل جي چوٽي پار ڪندا يا جيئن ماڻھو شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ جھن جھاڳيندا وتندا آھن.

غوطا خور پاڻ سان ھوا جو سيلينڊر کڻي پوءِ سمنڊ ھيٺ وڃن ٿا، جيئن پاڻيءَ اندر ساھ کڻندا رھن. پر ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي غوطي خور جي آھي، جيڪو مڇيون ڦاسائڻ جي مقابلي ۾ بنا سوائي سيلينڊر جي سمنڊ اندر ويو. ان ڪري ھن کي ھڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪرڻا پيا: ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ، آدمخور مڇيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ اٽورجڻ کان بچڻ لاءِ ذري ذري مٿي اچي ساھ جو بندوبست ڪرڻ.

غوطا خوري وندر ۽ مھم جوئيءَ کان علاوه آرٽ ۽ ھنر پڻ آھي. سڌريل ملڪن ۾ غوطا خوري سيکارڻ جا اسڪول ۽ ادارا ائين آھن، جيئن اسان وٽ سبڻ ڀرڻ، درزڪي، واڍڪي، ويلڊن ۽ مڪينڪ وغيره جا.

سمنڊ ۾ اندر گھڻي دير رھي جھازن جي ”آب دوز ويلڊنگ“

ڪرڻ ۽ جھازن جي پنکن ۾ ڦاٿل رسا ڪڍڻ جھڙا ڪم ٽوٻن جي حوالي ڪيا ويندا آھن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نيويءَ کي پنھنجا بھترين ٽوٻو آھن. ان کان علاوه ڪيترا ئي نجي کاتا پڻ آھن، جيڪي ضرورت وقت غوطا خور مھيا ڪن ٿا ۽ اھي ”فراگ مين“ سڏجن ٿا.

 

مرندي مرندي بچڻ

 

ان ڏينھن ڏکڻ آسٽريليا جو ساليانو مقابلو ٿي رھيو ھو. مقابلي ۾ چاليھھ غوطا خور حصو وٺي رھيا ھئا، جن کي سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي ڀالي سان مڇيون مارڻيون ھيون. آءٌ پڻ انھن مان ھڪ ھوس. پروگرام موجب اھو مقابلو ڏسڻ لاءِ منھنجي زال بھ ھلڻ ٿي چاھيو، پر جيئن تھ ھوءَ پيٽ سان ھئي ۽ پھرين ٻار ڄڻڻ ۾ باقي ڪي ھفتا وڃي بچيا ھئس، سو ڊاڪٽر کيس سختيءَ سان جھليو ھو تھ گھڻي ھل چل نھ ڪري.

مقابلي واري ڏينھن آئون صبح ساجھر روانو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي زال کان موڪلائڻ آيس، جنھن کي جيتوڻيڪ نھ ھلڻ جو ڏک ھو پر مجبور ھئي ۽ غمگين صورت ٺاھي مون کي در تائين ڇڏڻ آئي.

ھينئر آئون سوچي رھيو آھيان تھ ڊاڪٽر جي اھا صلاح ڪنھن پر مون سان بھ لاڳو ھجي ھا. ٻن ڪلاڪن بعد پوري اٺين وڳي آئون ”الڊنگا“ پھچي ويس، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٽاڪرائون حصو آھي ۽ جتي اھو مقابلو پوري نائين وڳي ٿيڻو ھو. آئون جلد ان ڪري پھتو ھوس تھ جيئن ان ھنڌ واري سمنڊ جو حصو اڳواٽ جانچي ڇڏيان تھ ڪٿي اندر ٽڪريون ۽ پھڻ آھن ۽ ڪٿي تري ۾ سامونڊي واڻراھ ۽ گاھ گوچر آھي، جيئن مقابلي وقت اھي شيون ڌيان ۾ رکي لس ئي لس ترندو رھان.

الڊنگا بيچ پاڻيءَ جي ھڪ جنت آھي، جنھن اندر سامونڊي گھاٽا ٻيلا آھن – جتي ھر قسم جون مڇيون مانگر ۽ ٻيا سامونڊي ساھوارا سڪون سان رھيل آھن ۽ مون جھڙي ٽوٻو شڪاريءَ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪو بھتر شڪار گاھ نھ ھوندو.

مقابلي ۾ حصو وٺندڙ مون سميت چاليھھ ڄڻا ھئا. پوري وقت تي پنھنجن رٻڙ جي ڪپڙن ۽ مڇيءَ جھڙن وڏن بوٽن، شيشي جي دريءَ واري عينڪي کوپي، ساھ کڻڻ لاءِ رٻڙ جي نڙانڊي، بار ٻڌل پٽي ۽ ڀالي ھڻڻ واري بندوق سميت تيار ٿي اچي بيٺاسين ۽ مقابلي لاءِ ريفريءَ سيٽي وڄائي.

ھر ھڪ کي مقابلي لاءِ پنج ڪلاڪ ھئا، جنھن ۾ سمنڊ اندران مڇيون ماري کاريون ججن اڳيان رکڻيون ھيون. پوءِ جنھن جي گھڻي تور ٿئي ۽ جيڪو مڇين جا جھجھا قسم ماري.

منھنجي کٽڻ جو وڏو آسرو ھو. ان ڪري جو ھن کان اڳ بھ ٻن سالن جا لاڳيتا مقابلا کٽيندو آيو ھوس. آئون پنھنجي زال سان واعدو ڪري نڪتو ھوس تھ ھي منھنجي زندگيءَ جو آخري مقابلو ھوندو. منھنجو مطلب ھو تھ ھن سال بھ پھرئين نمبر تي چيمپئن ٿي، پوءِ عزت سان رٽائرڊ ٿيندس. ان کان پوءِ ڪڏھن ٻنھي جي دل ٿي تھ ائين شوق خاطر غوطا خوري کڻي ڪبي، ٻيو مڙوئي خير.

آئون ان وقت ٽيويھن سالن جو ھوس ۽ ان مقابلي لاءِ ڪيترا ئي مھينا مون سکيا ورتي ۽ مشق ڪئي ھئي. اسان آزاد نموني جي غوطا خوري ڪندا ھئاسين. منھنجو مطلب آھي تھ پاڻ سان ساھ کڻڻ لاءِ ھوا جا سيلينڊر يا ٻي شيءِ کڻڻ بنا سمنڊ جي اندر ويندا ھئاسين. مون ايترو تھ ساھ پچايو جو سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي سؤ فٽ کن ھيٺ تائين پھچي ويندو ھوس ۽ پوءِ اتي بنا ڪنھن تڪليف جي ھڪ منٽ کن ترسي سگھندو ھوس.

ريفري جي سيٽي وڄائڻ سان اسان پاڻ کي سمنڊ اندر کڻي ڇڏيو ۽ سڀني مڇين پٺيان وٺ پڪڙ لاھي ڏني.

ھر ھڪ ماڻھوءَ پنھنجي چيلھھ ۾ ٻڌل بيلٽ ۾ رسي ذريعي پلاسٽڪ جو ھڪ وڏو ڇٻو ٻڌي ڇڏيو ھو، جيئن ڦاسايل مڇيون ان ۾ گڏ ڪيون وڃن. مڇيءَ کي ڀالو ھڻڻ سان اسان اھا ڪوشش ٿي ڪئي تھ زخمي مڇي جھٽ پٽ ان ڇٻي ۾ وڌي وڃي، جيئن مڇيءَ جو گھٽ کان گھٽ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڃي. اھا خبرداري ان ڪري ڪرڻي ٿي پيئي جو رت جي ڌپ تي متان ڪا وڏي بکايل مڇي – شارڪ جھڙي، پريان اونھي سمنڊ مان ھيڏانھن ھلي اچي – جيڪي ڏکڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ عام جام ڦرندي ملن ٿيون. شارڪ کان علاوه ھتي ھلندڙ ٻيون وڏيون مڇيون ايڏيون ويڙھاڪ قسم جون نھ آھن ۽ غوطا خورن سان ھري مري ويون آھن.

ھونءَ شارڪ جھڙين خطرناڪ مڇين جي ھجڻ جي ھتي اميد

نھ ھئي. تھ بھ احتياط خاطر ٻھ لائيف بوٽون سمنڊ جي ان ٽڪري تي نگاھ رکنديون رھيون، جتي اسان غوطا خوري ڪري رھيا ھئاسين.

ان ڏينھن موسم سٺي ۽ صاف ھئي. سمنڊ مان منھن ڪڍڻ مھل ڪناري تان لڳندڙ ٿڌي ھير فرحت بخش محسوس ٿي رھي ھئي، پر سمنڊ اندر ڏيک چٽو نھ ھو. مٽيءَ جي ذرن وانگر ميرانجھڙو ڌنڌ ڇانيل ھو. اھا حالت ڀالي سان مڇيون مارڻ لاءِ سٺي نھ سمجھي ويندي آھي جو اھڙي حالت ۾ شڪاري جڏھن مڇيءَ جي بلڪل ويجھو وڃي پھچي ٿو، تڏھن ھن کي خبر پئي ٿي تھ سامھون ھن جي اڳيان مڇي آھي ۽ ايترو ويجھو پھچي جيسين ھو ڀالي سان حملو ڪري، ان کان اڳ ڊپ ۾ مڇي ڀڄيو وڃي.

ساڍي ٻارھين تائين مون پنھنجين مڇين جي ڍير ڏسي اندازو لڳايو تھ آئون سڀني کان گوءِ کڻي پيو وڃان. نھ فقط تور ۾، پر نموني نموني جي مڇين ۾ پڻ آئون مٿي ھوس. طوطا مڇي. سنئپر، سنڪو، سور مڇي، شھنائيءَ جھڙي مڇي ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون منھنجي ڍير ۾ ھيون، جيڪي ٻين جي ڍڳ ۾ نھ ھيون. منھنجي ڍير جي تور ذري گھٽ مڻ اچي ٿي ھوندي ۽ مڇين جا ڪل چوڏھن قسم ٿي ويا ھئا. ٽائيم ھاڻي ٻارھن لڳي پنجٽيھھ منٽ ٿيو ھو ۽ مقابلو ٻي بجي ختم ٿيڻو ھو. جنھن حصي ۾ اسان مڇيون ماري رھيا ھئاسين، اتي مڇين جو تعداد چڱو گھٽ ٿي چڪو ھو. وڏي ۽ بھتر مڇيءَ لاءِ مون ان علائقي جو منو ميل کن جھاڳي ورتو ھو. آخري غوطي مھل اٽڪل سٺ ستر فٽ کن ھيٺ ھڪ ٽڪنڊي ٽڪريءَ جي قدمن وٽ ڪجھھ وڏيون مڇيون نظر آيون ھيون، جن لاءِ پڪ ھيم تھ ڪيڏانھن وينديون ڪونھ ۽ آئون کين وري اچي ٿو ڳولي ماريان. انھن مان ٻھ مضبوط ۽ ڳريون مڇيون ھيون، جن کي اسين آسٽريليا جا شڪاري فيصلو ڪندڙ مڇيون ٿا سڏيون. انھن مان ڪا ھڪ بھ ڪنھن جي ور چڙھي وڃي تھ ان کي ھارايل بازي بھ کٽائي سگھي ٿي ۽ اھي ٻئي جي مون کي ملي وڃن تھ پوءِ باقي کپي ئي ڇا؟ آئون ان ھنڌ ڏي تري پھتس. پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿوري دير نڙانڊيءَ رستي ساھ بھ کڻندو رھيس تھ شيشي جي عينڪي کوپي مان حالتن جو جائزو بھ وٺندو رھيس تھ ڪھڙي ريت سامھون ٽڪريءَ وٽ ويٺل انھن ٻن مڇين کي ڀالو ھڻي ماريان؟ پوءِ ڪجھھ ڊگھا ساھھ کڻي ھڪ تمام گھڻي ڊگھي ساھ کي جھليم ۽ وڌيڪ ٽٻي ھڻي انھن مڇين ڏي وڌيس ۽ لس ئي لس ترندو سندن مٿان سامونڊي گاھ وٽ اچي بيٺس ۽ کين ڀالو ھڻڻ وارو ھوس. پر......

آئون اھا گھڙي ڪيئن بيان ڪريان جنھن وقت سمنڊ جي ھيٺين تھن جي خاموشيءَ ۾ اوچتو چرپر جو آواز ڪن تي پيو ۽ آئون جيسين مڙي ڏسان، تيسين ڪا پربت جيڏي شيءِ سڄي طاقت سان مون کي کاٻي پاسي کان اچي لڳي ۽ رفتار سان اڳتي پاڻيءَ منجھھ ڌڪيندي وئي. منھنجا تھ ھوش ئي خطا ٿي ويا.

ھاڻ اھا شيءِ مون کي چرين وانگر لڳاتار ٿيلھا ڏيندي آئي. مون کي ڦيري ٿيڻ لڳي. منھنجي ڇاتيءَ تي اڳيان پاڻيءَ جو دٻاءُ ۽ پٺيان ان شيءِ جي دٻاءَ منھنجيون تھ ھڻي پاسراٽيون ئي ڀڃي رکيائين. ان ڌڪ ڌڪان ۾ منھنجي منھن تي چڙھيل شيشي جو کوپو ۽ ساھ کڻڻ جي نڙانڊي اڇلجي وئي ۽ ڀالي ڇوڙڻ واري بندوق بھ ھٿن مان ڇڏائجي وئي.

اھا شيءِ مون کي پاڻيءَ اندر ايڏو تھ لڳاتار ۽ يڪ ساھيءَ ٿيلھو ڏيندي رھي جو مون کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ مون پنھنجو پاڻ کي ان شيءِ کان پري ڪرڻ ٿي چاھيو پر منھنجو جسم ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان جھڙوڪر ڪنھن انبوريءَ ۾ ڦاٿو پيو ھجي. آخر گھڻي ڪوشش بعد مون غور سان ڏسي محسوس ڪيو تھ آئون ڪھڙي ويڌن منجھھ ھوس: ھڪ شارڪ مڇي پنھنجين ڄاڙين ۾ مون کي جھلي کائڻ لاءِ وڃي رھي ھئي.

آئون سڄي جانور کي تھ ڏسي نٿي سگھيس، پر اھو اندازو لڳائي ويس تھ پڪ آفت جيڏي مڇي ھوندي، جنھن جو مان ڪو گرھ بھ مس ٿيندس. ھن جا ڏند منھنجي ڇاٽيءَ ۽ پٺ تي ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر رکيا ھئا ۽ کاٻي ڪلھي وارو پاسو ھن جي نڙيءَ ڏي ھو. ھوءَ مون کي وات ۾ جھلي ھاڻ ھيٺ تري ڏي ڌوڪي رھي ھئي.

جيتوڻيڪ آئون خوف ڪري ھراسجي ويو ھوس، پر سور محسوس نھ پئي ڪيم. دراصل ھن جي ڏندن جي تکائي نھ پئي لڳي، پر وات ڀڪوڙڻ ڪري چيڀاٽجي رھيو ھوس. مون پنھنجيون ٻانھون پريان موڙي مڇيءَ جي منھن ڏي اھو سوچي ھٿواڙيون گھمائڻ لڳس تھ جيئن منھنجا ھٿ ھن جي اکين تائين پھچي وڃن تھ انھن کي زور سان چلھيان.

اوچتو ڪو ڪرشمو ٿيو ۽ دٻاءُ گھٽجي ويو. ان وحشي جانور پنھنجو وات ٿورو ڍرو ڪيو ۽ مون پٺيان زور ڏئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي – پر منھنجي سڄي ٻانھن ھن جي وات ۾ ھلي وئي.

ھاڻي مون کي اھڙو تھ سور وٺي ويو جو ان سور بابت مون ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھو. ان سور جي سيٽ کان مون کان رڙ نڪري وئي ۽ جي پنھنجي ٻانھن کي سٽ ڏئي شارڪ جي ڀچيل ڏندن مان ڇڏائڻ جي ٿي ڪيم تھ سور ماري ٿي رکيو، پر بھرحال ھن آفت مان پاڻ ڇڏائي ورتم.

آئون ٽنگن جي زور تي سڌو مٿي سمنڊ جي مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. شارڪ پٺيان آئي پئي جو منھنجيون لتون ھر ھر ھن جي جسم تي پئي لڳيون. آخرڪار آئون مٿي پھچي ويس ۽ مٿو پاڻيءَ کان ٻاھر نڪري آيو. مون جلدي جلدي ڊگھا ساھ کڻي ورتا.

مون کي پڪ ھئي تھ شارڪ مون کي کائڻ لاءِ وري ضرور ايندي. ايتري ۾ مڇيءَ جي ڪلي منھنجن پيرن کي لڳي. ان بعد منھنجن گوڏن ھن جي کھري پاسي واري جسم کي ڇھي ورتو. مون ٻنھي ٻانھن سان ان آفت کي ٿيلھو ڏئي پوءِ ھڪ ئي وقت ھٿ ۽ ٻانھون ويجھو ۽ پري ڪرڻ لڳس – اھا ئي اميد رکي تھ ائين ڪرڻ سان آئون ھن جي وات ۾ اندر وڃڻ کان بچي ويندس. انھيءَ وٺ پڪڙ ۾ منھن ٻاھر ڪڍي ڊگھا ڊگھا ساھ بھ کڻي پئي ورتا.

اسان ٻئي وري ھيٺ تري ڏي ھليا وياسين. شارڪ مون کي پاسن کان اھڙو تھ ڌڪو ڏئي گھليندي وئي جو تري جي سڄي ريتي بھ روڙجي وئي. ھڪ دفعو مون وري پنھنجي طاقت سان شارڪ کي ٿيلھو ڏنو ۽ مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. مٿي پھچي مون کي ساھ کڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ آئون ڊگھا ڊگھا ساھ کڻڻ لڳس، پر منھنجي چوڌاري پاڻيءَ جو رنگ رت سان ڳاڙھو ٿي ويو ھو - ۽ اھو رت ٻئي ڪنھن جو نھ پر منھنجو ئي ھو. شارڪ بھ مٿاڇري تائين اچي وئي ۽ مون کان ڪجھھ فٽ پري پاڻ کي موڙڻ لڳي. سندس کلوتڻو جسم ٿلھي ڇوڏي واري وڻ جي ٿڙ وانگيان ٿي لڳو. رنگ ۾ ناسي ڀورو. يعني اھا شارڪ بنا ڪنھن شڪ جي ويڙھاڪ ۽ خوني قسم جي شارڪ مڇين مان ھئي.

ھوءَ مون ڏي مڙڻ لڳي. ھڪ اھڙو خوف جنھن کي بيان نٿو ڪري سگھجي، منھنجي جسم ۾ ٿڙڪڻي پيدا ڪرڻ لڳو. اھا ھڪ ڀوائتي ڳالھھ ۽ حقيقت ھئي تھ ان شارڪ جو مون تي راڄ ھو جنھن کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگھي ۽ انھيءَ علائقي ۾ آئون اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي. آئون ھتي ھڪ آفيسر مثال نھ ھوس، پر ھڪ تڏ وانگر ننڍڙي کائڻ جي شيءِ ھوس، جيڪو ھن آفت لاءِ پورو گرانھھ بھ نھ ٿئي ۽ شايد ھضم ٿيڻ کان اڳ ئي کيس وري وڃي تھ ڪجھھ دير اڳ ھن مون کي ڳڙڪايو ھو.

مون چڱي طرح ڄاتو ٿي تھ شارڪ مون تي وري حملو ڪندي ۽ ڏندن سان ڪرٽي کائيندي يا وات اندر وجھي سڄو ڳھي ڇڏيندي. ٻنھي صورتن ۾ ڄاڻ تھ چيچلائي چيچلائي مئس. بس ھاڻ رڳو ان موت جو آئون انتظار ڪري سگھان ٿو. مون تکو تکو ھڪ ساھ ۾ پنھنجي زال ۽ ايندڙ نئين ٻار لاءِ الله کان دعا گھري.

پوءِ اھو ڪجھھ ٿي پيو، جنھن جي ڪا اميد ئي نھ ھئي، جنھن جو ڪو سوچي بھ نٿو سگھي. مون ڏٺو تھ اھا شارڪ مون ڏي وڌڻ بدران، پاسيرو ٿي سڌو ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ سڌو ٿي پٺيان مڙڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ دفعو وري مون ڏي منھن ڪري پاسو ڏئي ٻي طرف تري وئي – پر ھي ڇا؟ سندس پٺيان پٺيان آئون بھ گھلجڻ لڳس.

منھنجي چيلھھ جي پٽي سان ٻڌل سنھي رسي جيڪا ھن کان اڳ پاڻيءَ ۾ ائين ئي ڍري ٿي لڙڪي پئي، سا مڇيءَ جي پري ٿيڻ ڪري ڇڪجڻ لڳي ۽ مڇي سان گڏ آئون بھ ڇڪجڻ لڳس. دراصل آخري دفعي جڏھن شارڪ مڇيءَ مون تي حملو ڪيو ھو تھ سندس چڪ مون کي لڳڻ بدران پلاسٽڪ جي ڇٻي کي وڃي لڳو ھو ۽ ھوءَ ڪنھن طرح سان ڇٻي جي ٻڌل رسيءَ ۾ وچڙي پئي ھئي ۽ پوءِ گھڻو ئي پاسا ورائي پاڻ ڇڏيائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر آجي نھ ٿيڻ ڪري منھنجي پيئي ۽ ھاڻ ڊپ ۾ ڀڄي رھي ھئي. مون پنھنجو بيلٽ ھڪدم کولي پاڻ کي آجو ڪرڻ ٿي چاھيو پر منھنجي ٻانھن ۾ ايتري سگھھ نھ ھئي جو اھو پٽو کولي سگھان – خاص ڪري ساڄي ٻانھن ۾.

ھاڻ اسان ٻئي پاڻي اندر تکو تکو وڃي رھيا ھئاسين ۽ اتڪل ٽيھھ چيليھھ فٽ کن سمنڊ اندر شارڪ پٺيان گھلبيو ويس. جيتوڻيڪ کاٻو ھٿ بيلٽ جي بڪل کولڻ ۾ لڳل رھيو. دل ئي دل ۾ مون چيو تھ مڇيءَ منھنجي جان ڇڏي. ھاڻ ھيئن ٻڏي مرڻ کان تھ پاڻ جيڪر بچائي وٺان. پوءِ آخري ڪرشمو رونما ٿيو. گھڻين سٽن اچڻ ڪري رسي پنھنجو پاڻ بيلٽ مان ڇڄي ڌار ٿي وئي ۽ ائون ھڪ دفعو وري آزاد ٿي ويس. ٻين مون کي ٻڌايو تھ سمنڊ کان ڪنڌ ٻاھر ڪڍي آئون ھي ئي رڙيون ڪنديو رھيس: ”شارڪ.... شارڪ.... شارڪ!“ ۽ اھو ئي گھڻو ڪي ڪجھھ ھو.

پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پنھنجن دوستن جا آواز منھنجي ڪنن تي پيا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مون وٽان اچي نڪتا. مون وڌيڪ ھٿوراڙيون ھڻڻ ڇڏي پنھنجو پاڻ ھنن جي حوالي کڻي ڪيو ۽ ھنن مون کي مٿي ڇڪي ورتو ۽ آئون مرڻ کان بچي ويس.

ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھ مون کي رسيل ايڏا اونھا زخم ۽ ڌڪ ڏسي ڏڪي ويا. منھنجي ساڄي ٻانھن ۽ ساڄو ھٿ شارڪ جي وات ۾ اچڻ ڪري انھن تان ايترو تھ ماس روڙجي ويو ھو جو جتان ڪٿان رڳو ھڏيون پئي نظر آيون. منھنجي ڇاتي، پٺ ۽ کاٻو ڪلھو سندس ڄاڙين ۾ چپجڻ ۽ رھنڊجڻ ڪري جتان ڪٿان چيرجي ويو ھو ۽ ڇاتيءَ جون پاسيريون، ڦڦڙ ۽ آنڊا نظر پئي آيا.

پوليس کي اطلاع ڪرڻ سان ھنن رڪارڊ قائم ڪرڻ واري حد تائين جھٽ پٽ ايمبولينس موڪلي مون کي اسپتال پھچايو، جتي قابل سرجن ۽ اسٽاف اڳواٽ تيار ھئا. مون کي آپريشن ٿيٽر ۾ ٽيبل تي ليٽائي نشو ڏنو ويو. اکين مٿان بلبن جي ٻرندڙ ڇٽ جي روشني ڏسندي ڏسندي چونجھي ٿي وئي. اک منھنجي ٻئي ڏينھن کلي تھ منھنجي زال ڀر ۾ بيٺي ھئي.

مون چيو: ”سور اٿم.“

جواب ۾ ھوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

ڊاڪٽر رڙھي اڳيان آيو ۽ آٿت ڏيندي چيائين:

”گھٻرائڻ جي ڳالھھ ناھي. ھاڻ بچي ويندين.“

اڄ پورن ٻن سالن بعد منھنجا ڦڦڙ چڱي طرح ڪم ڪري رھيا آھن، جيتوڻيڪ منھنجي ڇاتيءَ ۾ اڃا سيٽ ٿئي ٿي. منھنجو ھٿ جيتوڻيڪ ڏسڻ لائق شيءِ نھ رھيو آھي، پر آئون ان کي چوري پوري سگھان ٿو. منھنجي ڇاتيءَ، پٺ، دڏ ۽ ڪلھن تي مڇيءَ جي چڪن ۽ آپريشن جي وڍ ڪٽ ۽ ٽوپن جا ڪيترا ئي نشان ۽ داغ آھن.

ھڪ خدا ئي ڄاڻي ٿو تھ مون نٿي چاھيو، پر منھنجي زال شروع کان ئي محسوس ڪيو تھ ھڪ ڏينھن آئون وري غوطا خوري لاءِ ويندس. انسان اڌ ماڻھو آھي – جيڪڏھن خوف ھن تي واسو ڪري وڃن. صحتياب ٿيڻ کان پورا پنج مھينا پوءِ، آئون سمنڊ تي وري موٽي آيس ۽ پنھنجا ڊپ ڊاءَ اتي ئي اچي ڦٽا ڪيم جتان مون کي مليا ھئا.

پر ھاڻ منھنجي اڄ جي غوطا خوري اڳ کان بلڪل نرالي آھي – مون کي جيتوڻيڪ پاڻ تي وري اعتماد اچي ويو آھي ۽ دانائي پڻ. ان جو مطلب اھو ناھي تھ آئون ڪو شارڪ سان مقابلو ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ بھ زندگيءَ ۾ ٻيا جوکم جا ڪم ڪي گھٽ آھن جو اجايو پاڻ لاءِ پاڻھي ھڪ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪريان.

سو بھرحال! ھاڻ غوطا خوريءَ جي مقابلي کان پري ئي رھندو آھيان ۽ ان سمنڊ جي حصي ۾ اھي ئي دلير غوطا خوري مقابلي ۾ حصا وٺندا رھندا، جن پنھنجين ڇاتين تي شارڪ مڇيءَ جون ڄاڙيون محسوس نھ ڪيون ھونديون.

 

اڄ جا جھاز

 

پدين ڳان دنيا تي ٺمنڏن ٻي تهاز هلي رهيا آهن. ڀلا گهڻو نه ٻه نوٿ نبي تي ٻيڙي ڳان ئي ٺهي. تهاز تي ننذ وڙائي مٽٻلڇ ثين تي ٿوالي ٺان ڱٿي وڃي ٿي. تهاز تي هڱ ڱنڏ ڳان ٻي ڱنڏ ٻائين ڏيگهه، تنهن ڳي Overall length ٺڙتي ٿو يا تهاز تي ان ٿپي تي ڏيگهه، تٻي هن ڳي پاڻيءَ تو ٺڄٿ ڇُهي، تنهن ڳي Waterline length ٺڙتي ٿو. تهاز تي اونهائيءَ تي ٿٺاب ٺان يڃني تهاز تي ڏيڱ (ڃرثي) ڳان هيٺين ٻري (Keel) واري ٻٽٻي ٻائين تي اونهائي ۽ ڏراڇٽ تي ٿٺاب ٺان پڻ، تهاز تي ننذ وڙائي ماپي وڃي ٿي. ڏراڇٽ ڇا آهي؟ تهاز تي ٻري (Keel) ڳان وٺي تهاز تي واٽر لائين (پاڻيءَ تي ٺڄٿ) ٻائين تي اوچائي. تهاز تي ننذ وڙائي، ان تي وزن مان به لڳائي ٺگهتي ٿي- يڃني تيڱو گهڻو ٺامان ڳڻي ٺگهي اهو وڙو تهاز ٿيو.

اوڻهين پدي تي ثروڃ وارن ٺالن ڳان وٺي، تهاز ڱلَ، يڃني مثينري ٻي هلڻ ثروڃ ٿيا آهن. يڃني ٿجرٻ نوٿ ڃليھ الٺلام تي ڙينهن يا ان ڳان به اڳ تي دور ڳان وٺي 1807ڃ ٻائين- هزارين ٺال، تهاز ڱپڙي تي ٺڙه (Sail) ٻي هلندا رهيا يا وري چپوئن (Oars) ذريڃي- تنهن ڳي Rowing ٺڙتي ٿو. ٺڙهن ٻي هلندڙ تهاز هر وحٻ هوا ۽ ٺامونڏي ڇولين تي آڍار ٻي هليا ٿي. تنهن ڄرڇ هوا يا ڇولين تو رُٽ، ان ڄرڇ تهاز وڍيا ٿي. تنهن ڙينهن يا تنهن وحٻ هوا بند ٿي ٻه تهاز بيهي ٿي رهيا ۽ پوءَ اهڙن موحڃن ٻي اوٺي پاٺي تي ٻيٽن وٽ لڱل ٺامونڏي ڍاڙيلن (حزاحن)، بيٺل تهازن ٻي ٿملو ڱري، هنن تو مال ۽ ماڻهو کريا ٿي. ان وحٻ تا ٺڙهن وارا تهاز اڄ تي تهازن وانگر گهڻو ڳلئي ٺمنڏ مان نٿي لنگهيا. هڱ بندرگاهه ڳان ٻئي بندرگاهه ٻائين پهچڻ لاءَ ڱنارو ڱنارو ڙئي ٿي هليا. تيئن ڱنهن ثيءَ تي  جرورٻ پوي يا ڱا اهڙي ايمرتنٺي ٿي پوي ٻه، مدد لاءَ يڱدم ڱناري ٻي پهچي وڃتي. ٺاڳي وحٻ تيئن اڄڱلهه ٺنڍ تو ڱچي وارو ڃلائحو ڍاڙيلن ڳان مثهور آهي، ٻيئن پراڻي زماني ۾ دنيا تا ڱيٻرائي ڃلائحا ٺامونڏي ڍاڙيلن (Pirates) ڳان مثهور هئا. ٺنگاپور، پينانگ تهڙا ان وحٻ تا ويران ٻيٽ ٻوڙي ملاڱا نار، هندٺٻان تو مالا بار ڱنارو، ڀوڄ مڱران ڍاڙيلن (حزاحن) ڳان مثهور هو. ٿتات بن يوٺڇ تي ڙينهن ۾ تڙهن تهاز ديبل، ٺٽو، بدين وارو ڱنارو ڙيئي لنگهندا هئا، ٻڙهن هنن (يڃني ڃربن) تي پٿيٿ ڳالهه هتي ٻه ٺنڍي حزاحن ٺلون ڳان ايندڙ ڃربن تي تهاز (يا ثايد تهازن) ٻي ٿملو ڱيو. ڱيو هوندو. ٺنڍ ۾ رهندڙ ٺڀ ٺنڍي ڱي چڱا مڙٺ به نه هئا. هر ملڱ ۽ هر حوم ۽ ٺوٺائٽيءَ ۾ ٽراب ۽ ٺٺا ماڻهو ٿين ٿا. اهڙي ڄرٿ ان وحٻ تي ٺنڍين تي اها ثڱايٻ ٻه هنن تيڱا تهازن ٻان مال تي کر ڱئي ۽ انهن تهازن ٻي ويندڙ ڃورٻون اچوا ڱيون، ٺي ڱي ڃربن تون مائٽياڻيون نه هيون، پر ان وحٻ تي ڃرب ٿاڱمن ٺلون ۽ اوٺي پاٺي تي ڃلائحن تون زالون ڃياثيءَ لاءَ ڃراح ۽ ثام پئي گهرايون ۽ ان ۾ به ڱو ثڱ نه آهي ٻه، ان وحٻ تا ڱيٻرائي ڃرب ٿاڱم ۽ اٻي تا وڙيرا پير ڱي اهڙا ثريڇ به ٻه نه هئا. هڱ ٻه پدي اڳ (تڙهن انگريزن ثيدي چلامن تي وڱري ٻي بندث وڍي ٻڙهن) وڃي ڱا ٺاپر ٿي، نه ٻه اومان پاٺي ڃربن تي آٽر ٻائين وڙي ڱمائي ٻه هئي ئي انٺانن تي وڱري مان. هي ٺنڍ ۾ ميرن پيرن يا ٻرڱيءَ تي ٿرمن ۾ زئنزبار تي مارڱيٽن مان چلام ڱنهن ٿي پهچايا؟ آڇريڱا تي اوڀر واري ڱناري تي هر ملڱ تي ٺاهوڱي ۽ توان ثيدياڻي ٻوڙي ثيديءَ تي ڃزٻ ۽ تان مٿڇوظ نه هئي. هنن ڳي وهٽن وانگر ماري ڱٽي، کاٺائي، وڱرو ڱري ڃربن ٽوب پئٺو ڱمايو ٿي، تيٻوڻيڱ اٺلام چلاميءَ ٻي بندث وتهي ٿو ۽ اهوئي ٿال آڇريڱا تي اولهه واري ڱناري تي ملڱن تو هو، تٻي يورپين ۽ آمريڱن باهه ٻاري ڙني هئي ۽ ڱنهن به توان ثيدي ڃورٻ ۽ مرد ڳي نٿي بٽثيائون. ڳين تانورن وانگر آمريڱا پورهئي لاءَ نيو ويو ٿي. مٺ مٺ پوءَ ابراهام لنڱن تهڙن وڃي چلاميءَ ٻي بندث وڍي ۽ هاڻ يورپي ٻوڙي آمريڱن وڙا ٺاڍ ٿي ويا آهن ۽ انٺانيٻ ۽ انٺان ذاٻ تي ڳالهه ڱندي ڱندي اوٻائيءَ پئتي ٿا وڃن.

بهرٿال ٺامونڏي ڍاڙا (Piracy) اڄ به ٽٻم نه ٿيا آهن، ان تو اٿوال ڱنهن ٻئي هنڍ ڱبو. هٻي تهازن تو ذڱر ڱريون ٿا ٻه اوڻهين پديءَ تي ثروڃ ٿيڻ ٺان آگبوٽ (Steamships) ثروڃ ٿيا، تيڱي پنهنتي مرجيءَ ٺان هلڻ لڳا. هونءَ تو ٺڙهن وارا تهاز بندرگاهه ۾ بيٺا هوندا هئا ۽ هوا تو انٻظار ڱندا هئا ۽ پوءَ ان ڄرڇ هلڻ ثروڃ ڱندا هئا، تنهن ڄرڇ اها ڳين وٺي وڃي- ان بدران ڱل ٻي هلندڙ تهاز ڱنهن وحٻ به ٺڇر لاءَ نڱٻا ٿي ۽ ڱيڙانهن به وڃي ٺگهيا ٿي. نه ٻه ٺياري ۾ تڙهن اٻر واء لڳندو هو ٻه ڃرب ملڱن ڳان ٺڙه ٻي هلندڙ تهاز، هند ٺنڍ ڙي آيا ٿي ۽ هند ٺنڍ تا تهاز لنڱا ڙي روانا ٿيا ٿي ۽ پوءَ تون، تولاءَ ۽ آگٺٽ ڍاري تڙهن ڙڳڻ ڇوٽ ٿي لڳو، چوماٺي تون هوائون ثروڃ ٿي ٿيون ٻه، اهي تهاز پٺيان ٿي مڙيا يڃني لنڱا ڳان هند ٺنڍ ۽ ڃرب ملڱن ڙي روانا ٿي ٿيا.

ڪَلَ تي هلندڙ جهازن تي بئالرن ۾ ٻاڦ تيار ڪئي ٿي وئي. پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ بئالرن ۾ پهرين ڪاٺ ساڙيو ويو ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪوئلي جو استعمال ٿيو ۽ پوءِ ويهين صدي ڌاري تيل (Heavy fuel oil) ڪتب اچڻ لڳو جيڪو گهٽ جاءِ والاري ٿو ۽ پمپ ذريعي جهاز جي ٽانڪين ۾ اچيو وڃي، نه ته جڏهن ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي ته، هڪڙن مزورن جهاز تي ڍوئڻ وارو سامان جهاز تي چاڙهيو ٿي ته، ٻين بئالر کي ٻارڻ ۽ ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ، سوين هزارين ڳوڻيون ڪوئلن جون جهاز تي چاڙهيون ٿي. تن ڏينهن ۾ اڃا ڪرينون ۽ ڊيرڪون عام نه ٿيون هيون، جن ذريعي اهو سامان جلدي چاڙهي سگهجي. مزورن جون قطارون سامان جون ڀريون ۽ ڪوئلي جون ڳوڻيون پٺيءَ تي رکي، جهاز جي ڏاڪڻ تي قطار ۾ چڙهيا ۽ لٿا ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي ڪولمبو، مدراس ۽ ڪلڪتي بندرگاهن جون تصويرون، يورپي ميوزيم ۾ نظر اينديون، جن ۾ ڪاري رنگ جا تامل ۽ بنگالي پٺيءَ اگهاڙا، انگوڇا ٻڌل، هڪ ڊگهي تختي ذريعي جهاز تي، پٺيءَ تي بار هجڻ ڪري ڊونڊا ٿي رڙهندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

بئالر ۾ پاڻي وجهي، گرم ڪرڻ سان تيار ٿيل ٻاڦ ”اسٽيم انجن“ جي پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪيو ٿي، جنهن ذريعي پئڊل هليا ٿي ۽ جهاز اڳتي وڌيو ٿي. بعد ۾ پئڊلن بدران پروپيلر استعمال ٿيڻ لڳو. پسٽنن جي هيٺ مٿي ٿيڻ واري عمل (Reciprocating) کي ڪرئنڪ شفٽ ذريعي گول ڦرڻ (Rotary motion) واري عمل ۾ تبديل ڪري، جهاز جي پٺيان لڳل ٽن يا چئن پرن واري پنکي (Propeller) کي گول گهمايو ويو ٿي. پاڻيءَ اندر پنکي جي گول گهمڻ ڪري جهاز اڳتي ڌڪجي ٿو. جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ لاءِ بريڪ تي ٿئي ڪانه. پنکي کي ٻئي طرف هلائڻ سان، جهاز جي پٺتي هلندڙ رفتار اڳتي واري کي ختم ڪري زيرو ۽ رفتار تي آڻي ٿي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهيو رهي. ۽ پوءِ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي اتي ترسائڻ لاءِ، جهاز جي لنگر کي رسي ذريعي سمنڊ ۾ اڇلڻو پوي ٿو، جيڪو سمنڊ جي تري ۾ ڦاسيو پوي ۽ جهاز ڪِلي ۾ ٻڌل مينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ بدران ان ڪِليءَ جي چوڌاري ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز کي بندرگاهه ۾ ڪنهن جيٽيءَ وٽ بيهارڻ لاءِ جهاز ۾ لڳل ڪِلي ۾ رسو ٻڌي، ان جو ٻيو پوڇڙ جيٽيءَ ۾ کتل ڪِليءَ سان ٻڌي ڇڏجي ٿو. اهو رسو ڪافي مضبوط ۽ ماڻهوءَ جي ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿئي ٿو. لنگر (Anchor) جنهن چين (رسي) ذريعي اڇلائبو آهي، اها چين لوهه جي ۽ ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن جو هڪ هڪ ڪڙو (ڪنڍو) ايڏو ڳرو ٿئي ٿو، جو هڪ ماڻهو هڪ ڪڙو مس کڻي سگهي ٿو. جهاز هلڻ مهل ونڊلس نالي طاقتور مشين سان، ان لوهي زنجير (چين) کي ڇڪي لنگر کي ٻاهر ڪڍبو آهي.

اسڪول وارن ڏينهن ۾، لنگر بابت هڪ عام ڳجهارت ڏني ويندي هئي ته، اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ضرورت وقت اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته ان کي کڻي رکيو وڃي ٿو. جڏهن به کلئي سمنڊ ۾ جهاز جي انجڻ خراب ٿئي ٿي، يا طوفان لڳن ٿا يا بندرگاهه ۾ اندر هلڻ لاءِ کلئي سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ، جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت پوي ٿي، ته اسان لنگر (Anchor) کي جهاز جي ڊيڪ تان کڻي، هيٺ اڇلي ڇڏيون ٿا ۽ جڏهن جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت نٿي پوي ته ان لنگر کي سمنڊ مان ڪڍي حفاظت سان رکي ڇڏيون ٿا.

پسٽنن واري اسٽيم انجن بعد ٽربائين به آيا. ان ۾ پسٽنن واري هيٺ مٿي واري Movement جي ضرورت نٿي پوي. اها شئفٽ جنهن جي ڇيڙي تي پروپيلر ٿئي ٿي، ان شئفٽ جي چوڌاري چوڏل وانگر پئڊل يا پترا (Blades) لڳايا وڃن ٿا. بئالرن ۾ پيدا ٿيل ٻاڦ انهن بليڊن تي جيٽ سان گڏ شئفٽ ۽ پروپيلر هلي ٿو. ٽربائين جهاز ٻي جنگ عظيم کان گذريل صديءَ جي آخر تائين چڱا مشهور رهيا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن آئون جهازي دنيا ۾ آيس ته پاڪستان وٽ به هڪ حاجين جو جهاز سفينه حجاج ٽربائين جهاز هو، جيڪو جرمنيءَ ۾ ٺهيو هو. اڄڪلهه 95 سيڪڙو جهاز ڊيزل انجڻ وارا آهن، جو ٽربائين جهازن جا انجنيئر به مشڪل سان ملن ٿا. هرهڪ ڊيزل انجڻ ۾ ايڪسپرٽ ٿيڻ چاهي ٿو. اسان جي سڄي بئچ ۾ فقط هڪ، مرحوم آصف غيور، ٽربائين جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو، پر هو به سفينه حجاج جهاز جي اسڪرئپ ٿيڻ تي، پنهنجي Specialty بدلائي، ڊيزل جهازن ڏي هليو آيو.

ڊيزل جهازن تي ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ وڏن بئالرن جو کٽراڳ نٿو ٿئي. ڦيول (ڊيزل آئل) انجڻ اندر ئي ٻاريو وڃي ٿو، ان ڪري ڊيزل انجڻ کي انٽرنل ڪمبشن انجڻ به سڏجي ٿو. ائين ته پيٽرول انجڻ به ڊيزل انجڻ جي سوٽ ماسات آهي، پر پاڻيءَ وارن جهازن تي پيٽرول جهڙين شين کي Explosion جي خوف کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته پاڻيءَ وارا آفت جيڏا جهاز ڊيزل انجڻيون ئي هلائي سگهن ٿيون. ڊيزل انجڻ جي سيلينڊر ۾ ايڏو ته مٿاهين درجي جو پريشر پيدا ٿئي ٿو ۽ ايڏي ته گرمائش پيدا ٿئي ٿو، جو ڏامر جهڙو ڪارو تيل جيڪو ”هيوي فيول آئل“ سڏجي ٿو، اهو آسانيءَ سان ساڙيو ٿو وڃي ۽ اهو تيل پيٽرول کان تمام گهڻو سستو آهي. اهو سمجهو ته بنا صفائيءَ جي زمين مان نڪتل تيل ٿئي ٿو، جنهن کي جهاز جي رفائينري روم ۾ جهڙو تهڙو صاف ڪري، ٻاري ڇڏيندا آهن.

ڊيزل انجڻ جا به ٻه قسم آهن: فور اسٽروڪ ۽ ٽو اسٽروڪ. جيئن ڪرڪيٽ جو رانديگر بئٽ هلائڻ کي اسٽروڪ سڏي ٿو، تيئن سيلينڊر اندر پسٽن جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچڻ، هڪ اسٽروڪ آهي ۽ وري ساڳي هنڌ واپس موٽڻ، ان جو ٻيو اسٽروڪ آهي. فور اسٽروڪ واري انجڻ ۾ پسٽن جي اهڙين چئن چرپرن (Strokes) ۾ هڪ دفعو تيل ساڙيو وڃي ٿو ۽ ٽو اسٽروڪ انجڻ ۾ هر ٻئي اسٽروڪ ۾ انجڻ تيل سڙي ٿو. هاڻ ظاهر آهي ته ٽو اسٽروڪ (Two stroke) انجڻ ۾ تيل گهڻو سڙندو، ان ڪري طاقت به گهڻي حاصل ٿيندي. ان ڪري جهاز هلائڻ لاءِ هميشھ ٽو اسٽروڪ انجڻ رکي وڃي ٿي ۽ جهاز تي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ جنريٽر يا ايئر ڪمپريسر وغيره لاءِ Four Stroke انجڻيون رکيون وڃن ٿيون.

ڊيزل انجڻ وارا جهاز، ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان سمنڊ تي آيا. Vandal نالي جهاز، پهريون ڊيزل انجڻ وارو جهاز چيو وڃي ٿو جيڪو 1903ع ۾ سمنڊ تي لٿو. جهازن بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه ته انهن جي خشڪيءَ تي هلندڙ گاڏين يا هوائي جهاز وانگر هڪ حد کان وڌيڪ رفتار وڌائي نٿي سگهجي. جهاز يا ٻيڙي وغيره سمنڊ تي تڏهن ٿي هلي، جڏهن ان جو پنکو (Propeller) جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهي ٿو، گول ڦري ٿو. جيئن جيئن اهو تيز هلي ٿو، تيئن تيئن اهو پاڻيءَ کي تکو تکو ڪپي ٿو ۽ جهاز اڳتي وڌي ٿو. پر هڪ رفتار کان پوءِ اهو پاڻيءَ کي ڪپي نٿو سگهي، جو خال (Vacum) پيدا ٿيو پوي. هو ان خال ۾ ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز جي رفتار ويتر گهٽجيو وڃي. جهاز جي پروپيلر کي هلائڻ وارين انجڻين جي رفتار، هڪ سؤ کان ٻه سؤ RPM مس ٿئي ٿي، ان ڪري جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڊيزل انجڻيون، جيڪي مئرين انجڻيون سڏجن ٿيون، Slow اسپيڊ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي اسپيڊ گهڻي هوندي آهي ته انجڻ ۽ پروپيلر جي وچ ۾ گيئرون هڻي، گهٽ ڪئي ويندي آهي، جيئن پروپيلر جي رفتار سؤ ڏيڍ سؤ RPM رهي. (آر پي ايم Revolution Per Minute جو مخفف آهي).

مئرين ڊيزل انجڻ جي تواريخ کي سؤ سال اچي ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انجڻيون مشهور ٿيون ۽ ڪجهه ته اڄ تائين هلنديون اچن، جهڙوڪ انگلينڊ جي ڊاڪسفورڊ، جرمني جي MAN، جپان جي متسوبشي، اهڙي طرح پِيل اسٽڪ، B & W، سلزر وغيره وغيره. منهنجو تقريباً سڀني انجڻين وارن جهازن سان واسطو پيو آهي. سڀ ۾ گهڻي مشهور ۽ ڪامياب مئرين انجڻ ”سلزر“ چئي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته رپيئر توڙي Maintenance جي حساب کان سلزر وڌيڪ بهتر انجڻ آهي ۽ منهنجو پنهنجو اهو رايو آهي ته سلزر انجڻ واري جهاز جا مئرين انجنيئر، سانتيڪي سمنڊ توڙي طوفاني راتين ۾ وڌيڪ سک جي ننڊ ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه اها ته سلزر انجڻ سئٽزرلينڊ ملڪ جي آهي، جنهن کي پنهنجو سمنڊ آهي ئي ڪونه. افغانستان وانگر هن جي چوڌاري ملڪ ۽ جبل آهن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org