لکين سج
لھي ويا، کيڙيندي کارو
ماڻھن کي زوريءَ خلاصيءَ طور ڀرتي ڪري، جھاز تي
وٺي وڃڻ جو رواج، غلامن جي واپار واري دور ۾ ڪيترا
ئي سؤ سال ھليو. ھيڏي سائنسي ترقيءَ جي باوجود اڄ
بھ انسان سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کي واڳ وجھي نھ
سگھيو آھي. اڄ کان ٻھ ٽي سؤ سال اڳ – جڏھن جو ھي
سفر آھي، سامونڊي سفر اڄ کان ھيڪاندو گھڻو اڻانگو
۽ ڏکيو ھوندو ھو، نھ اڄ وانگر انجڻن تي ھلندڙ ھي
آٽوميٽڪ جھاز ھئا ۽ نھ مھينن تائين کاڌي کي سٺو
رکڻ لاءِ ”ڪولڊ روم“. جھازن تي نھ مٺي پاڻي ٺاھڻ
جون مشينون ھيون ۽ نھ طاقتور نيويگيشن جا اوزار،
جيڪي سنوان سڌا رستا ٻڌائين.
ان زماني ۾ جھاز چپن تي ھلندا ھئا – يا وري وڏن
سڙھن تي. ھڪ ھڪ جھاز ۾ سوين ماڻھو/غلام/قيدي/شيدي
قطار ۾ ٿي ويھندا ھئا ۽ ڏينھن رات چپون ھلائيندا
رھندا ھئا. خراب موسم ۾ ڀلي الٽيون ڪندا رھن يا
کاڌي نھ ھئڻ ڪري بک ۾ پاھ ٿيندا رھن، پر جھازن جا
مالڪ/مالڪن جا ڇاڙتا/ڪپتان ۽ انھن جا ماڻھو ھنن کي
رسي ۾ ٻڌي، چھبڪ ھڻي، ماري ڪٽي ھر حالت ۾ چپون
ھلارائيندا ھئا. ٻيءَ صورت ۾ جھاز جي بيھڻ ڪري ٻڏڻ
جو خطرو ھو. ڪڏھن ڪڏھن کاڌو خوراڪ ختم ٿي ويندو ھو
تھ بھ بک اڃ ۾ پڻ ھنن کان ڪم ورتو ويندو ھو ۽ منزل
مقصود تائين پھچندي ڪيترا ئي موت جو شڪار ٿي ويندا
ھئا يا بک ۽ تڪليفن جو تاب نھ جھلي، موقعو ملڻ تي
يا تھ خودڪشي ڪندا ھئا يا وري جھاز تي ميونٽي
(بلوو) ڪري جھاز جي مالڪن يا انھن جي ڇاڙتن يا
پنھنجن ساٿين کي ماري، سندن گوشت کائيندا ھئا –
جيئن ھن سفر ۾ آھي.
سڙھ وارن جھازن ۾ بھ ساڳيون تڪليفون ھيون. سڙھ
ڦاٽي پوندا ھئا يا ھوا بند ٿي ويندي ھئي تھ پوءِ
ڏينھن جا ڏينھن سمنڊ ۾ ھڪ ھنڌ پيا ھوندا ھئا يا
طوفاني ڇولين جي نظر ٿي ويندا ھئا.
ھي سفر ان زماني جو آھي، جڏھن يورپ جا ماڻھو سون،
ھيرن، عاج جي تلاش ۾، آفريڪا مان شيدي جھلي، ڏکڻ
آمريڪا وڪڻڻ ويندا ھئا يا آفريڪا ۽ آمريڪا جي
مڪاني باشندن کي رم (شراب) ڏئي، کانئن مٿيون شيون
حاصل ڪندا ھئا. ھي جھاز بھ شراب جا ڊرم کڻي پيرو
(ڏکڻ آمريڪا) سون وٺڻ لاءِ وڃي رھيو ھو.
انھن ڏينھن ۾ رستو ڳولڻ لاءِ تارن ۽ سج کان مدد
وٺبي ھئي يا قطب نما ۽ سيڪسٽنٽ
(Sextant)
اوزار کان. قطب نما اوزار ٺاھڻ
تمام آسان آھي، جنھن ذريعي طرفن جي خبر پوي ٿي –
خاص ڪري اتر جي. ڪنھن بھ چقمق جي ٽڪر کي وچ ۾ ڌاڳو
ٻڌي لڙڪائبو تھ ٽڪرو اتر ڏکڻ طرف منھن ڪري بيھندو.
ٻن يا ھڪ طرف جي خبر پئجي وڃي تھ باقي طرف ڳولڻ
سولا آھن. قطب نما بھ ان ئي اصول تي ٺھيل آھي.
سيڪسٽنٽ اوزار اڄ بھ نيويگيشن ۾ استعمال ٿئي ٿو،
جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جھازن ۽ ھوائي جھازن ۾ ڊيڪا،
لورين ۽ سيٽلائيٽ نيويگيٽر جھڙا آٽوميٽڪ اوزار
نڪري پيا آھن. سيڪسٽنٽ ذريعي ڪنھن بھ آسماني چنڊ،
تاري، سج جو ائنگل (ڪنڊ) معلوم ڪبي آھي. پوءِ
ٽرگناميٽري ذريعي ٽڪنڊي جون ٻيون ڪنڊون ۽ پاسا
معلوم ڪري، اھو حساب لڳائي سگھجي ٿو تھ، جھاز دنيا
جي ڪھڙي ھنڌ تي آھي ۽ مقرر وقت ۾ جھاز ڪيترو ھليو؟
اھو مفاصلو ٽڪنڊي جو ھيٺيون پاسو
(Base)
ٿيندو. بھرحال! اڄ جي دور ۾ ھي
حساب ڪتاب تمام سولو ڪم آھي، جنھن جون ڪيتريون ئي
بنيادي جدولون (سائين، ڪوسائين فارمولا وغيره)
اڄڪلھھ ھر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ئي سيکاريا وڃن ٿا.
گذريل زماني ۾ جھاز جي ڪئپٽن کي وڏي اٿارٽي ھوندي
ھئي. ھو ئي گھڻو ڪري جھاز جو مالڪ ھوندو ھو تھ،
جھاز تي چڙھيل سامان جو مالڪ/واپاري پڻ. ھو ئي
انتظام ھلائڻ ۽ سزائون ڏيڻ وارو جج ھوندو ھو تھ،
ھو ئي جھاز راني – خاص ڪري نيويگيشن (رستو ڳولڻ)
جو ڄاڻو ھوندو ھو ۽ ھو ان رستي جي علم کي پاڻ
تائين ئي محدود رکندو ھو، جيئن ملاح ڊپ ۾ ھجن تھ
ٻيلي ڪئپٽن جي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي ويو تھ سڀ رڃ ۾
رلي وينداسون.
چون ٿا تھ واسڪو ڊي گاما جڏھن پھريون دفعو جھاز کي
ڪيپ
آف گڊ ھوپ وٽ آندو ۽ ھاڻي اڳتي ھندستان جو گس ڳولڻ
لاءِ وڌڻ وارو ھو تھ خراب سمنڊ ۽ موسم ڪري جھاز جي
خلاصين ۾ ايڏي تھ بيچيني پيدا ٿي پئي، جو واسڪو ڊي
گاما کي مجبور ڪرڻ لڳا تھ واپس وطن، يورپ ڏي ھل.
ان تي ڊي گاما جيڪو ڪري آيل پنڌ جو نقشو ٺاھيندو
پئي آيو، تنھن کي ڦاڙي ڇيھون ڇيھون ڪندي چيائين:
”ھاڻي واپس موٽي وڃڻ جو رستو فقط منھنجي دماغ ۾ ئي
محفوظ آھي، ان ڪري توھان کي منھنجي راءِ مطابق
اڳيان ھندستان ڏي ھلڻو پوندو. ان کان پوءِ توھان
کي واپس وٺي ھلندس.“
اھو ٻڌي ملاح سڀ چپ ٿي ويا ۽ ڪنھن بھ واسڪو ڊي
گاما جو نالو نھ ورتو، جو ھن کي مارڻ سان ماڳھين
سڀ ئي ڏکيا ٿي ٿيا. پر ھن سفر ۾ ملاحن ڪاوڙ ۾ اچي
في الحال تھ ڪئپٽن کي ماري ڇڏيو، پر پوءِ کين اڳتي
ھلڻ جو نھ نقشو ھٿ آيو ۽ نھ رستي ڳولڻ جا اوزار.
جھاز تي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي انچارج چيف
آفيسر ٿئي ٿو – جنھن کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ”چيف ميٽ“
يا ٺلھو ”ميٽ“
(Mate)
بھ سڏين. انھن ڏينھن ۾ اھو ضروري نھ ھو تھ چيف
آفيسر بھ ذري گھٽ ايترو قابل ۽ ڄاڻو ھجي، جيترو
ڪئپٽن جيئن ايمرجنسيءَ ۾ جھاز جي واڳ سنڀالي سگھي.
نتيجي طور جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو حساب ھو. جيئن
ھتي ڪئپٽن جي مرڻ بعد جھاز جو بورچي پاڻ کي ٺلھھ
تي ڪئپٽن سڏائي ويھي ٿو رھي.
جھاز جو انتظام صحيح نھ ھجڻ ڪري، اھو نتيجو نڪتو
تھ، مشڪل وقت تي جھاز جا ماڻھو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ
بدران ھڪ ٻئي سان وڙھندا رھيا. لائيف بوٽس ھوندي
بھ بچي نھ سگھيا، جو ھر ھڪ کي پنھنجي جان بچائڻ جي
لڳي رھي.
انسان سک جي حالت ۾ تھ ماڻھپي ۾ رھي سگھي ٿو، پر
ڏک، بک، اڃ، بيماريءَ ۾ ذھني سوچ سمجھھ بھ وڃايو
ڇڏي. انھيءَ ڪري سمنڊ يا سامونڊي سفر ۾ ڊسيپلين جي
سختي ڪئي وڃي ٿي، جيئن اھڙي مشڪل وقت تي ذھني ۽
جسماني طرح تڪليف ھوندي بھ جيتري قدر ٿي سگھي تھ
ھو ڪنھن رٿيل اصول تي پابند رھي.
ھن کان اڳئين سفر ۾ پاڻيءَ ۽ کاڌي جي کوٽ ھجڻ
باوجود
ڊسيپلين ھيٺ ھيترا سارا ماڻھو – عورتون مرد لائيف
بوٽ ۾ سفر ڪندا رھيا، نھ تھ جھيڙو جھٽو جي ڪن ھا
تھ بچيل پاڻي ھڪ ڏينھن ۾ چٽ ڪري وجھن ھا ۽ ايترا
ڏينھن زندگي بچائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي نھ سگھن
ھا. ھو ھر وقت ھڪ کي ليڊر ٺاھي، ان جي حڪم جي
پيروي ڪندا رھيا.
سمنڊ ۾ جتي بھ ڪا وڏي ندي ڇوڙ ڪري ٿي تھ سمنڊ جي
ان حصي جو پاڻي مٺو ٿيو وڃي – خاص ڪري وير لھڻ
مھل. يعني ان وقت سمنڊ جو پاڻي ھيٺاھون ٿيو وڃي ۽
زور نٿو رھيس ۽ ھوڏانھن درياءَ جو وھڪرو سمنڊ ۾
رستو ٺاھيندو، ڪيتري پنڌ تائين ڌوڪيندو اچي ۽ سمنڊ
جي پاڻيءَ ۾ يڪدم نھ ملڻ ڪري، اھو پاڻي ڪا دير ۽
ڪو پنڌ اصلي صورت ۾ رھي ٿو – يعني مٺو ۽ سوادي رھي
ٿو. ان جو مثال بنگلاديش جي ڪرناڦلي ندي پڻ آھي،
جنھن سان اسان جو واسطو پڙھائيءَ جي ڏيھن ۾ چٽگانگ
۾ پوندو ھو. ڇوڙ وٽ ڪرناڦلي نديءَ جي پاڻيءَ جي
وھڪري ۾ ايڏو تھ زور ھوندو ھو جو خليج بنگال/سمنڊ
۾ ميلن تائين، سندس مٺو ۽ ميرانجھڙو پاڻي مٿان
ترندو نظر ايندو ھو ۽ ساڳي وقت وير چڙھڻ وقت سمنڊ
جو کارو پاڻي نديءَ اندر ڌوڪي ايندو ھو ۽ نديءَ جو
ميلن تائين پاڻي کارو ٿي پوندو ھو. بھرحال! ھن سفر
۾ سمنڊ ۾ مليل مٺي پاڻيءَ جي وھڪري جو حساب ان ريت
آھي ۽ ٽوني ۽ ڇوڪر کي سمنڊ ۾ مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ
مليو وڃي.
اڄڪلھھ جھاز آٽوميٽڪ ھوندي بھ ڪنٽرول روم
(نيويگيشنل برج) ۾ اسٽيرنگ ويل لڳايو وڃي ٿو، جنھن
ذريعي بندرگاھ ۾ ايندي يا ويندي وقت يا ايمرجنسيءَ
۾ ھٿ سان سکان کي مرضي مطابق جھلي، جھاز جو رخ
موڙي سگھجي ٿو. پر اڳئين زماني ۾ تھ سڄي سفر دوران
ھر وقت ھڪ ھمراھ جھاز کي سڌو ڪرڻ لاءِ ان ڦيري
(Wheel)/سکان
کي رستي مطابق جھلي بيھندو ھو. عام زبان ۾ جھاز جي
ان اسٽيرنگ ويل کي فقط ”ويل“ ئي سڏجي ٿو ۽ جھاز جي
جنھن حصي/ڪمري ۾ اھو لڳل ھوندو آھي، ان کي ويل –
ھائوس (۽ برج پڻ) چئجي ٿو.
ھي خوفناڪ سفر ميچل برنانوس جو بيان ڪيل آھي، جنھن
کي پڻ ان جھاز جي ڪنھن بچيل مسافر ٻڌايو ھوندو.
ھڪ
خوفناڪ سفر
ھي خوفناڪ سامونڊي سفر ڪيئن شروع ٿيو؟ ان جي مون
کي چٽيءَ طرح ياد ناھي. ان ڏينھن منھنجي ارڙھين
سالگرھ ھئي. سج لٿي مھل دوست سان گڏ آئون شرابخاني
۾ پھتس، جتي ھڪ ٻئي پويان کوڙ گلاس شراب جا پي،
پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺس. صبح جي وقت ھوش آيو
تھ پنھنجو پاڻ کي کڙ کٻڙ تختن تي ستل ڏٺم. ستي ستي
ڪنڌ گھمائي ڏسڻ سان وائڙو ٿي ويس. ساڄي پاسي کان
انھن ٿلھن رسن جا ڍير رکيا ھئا، جيڪي گھڻو ڪري
بندرگاھ ۾ ايندڙ جھازن جي ڊيڪ تي، آئون ڏسي چڪو
ھوس. پوءِ ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندو سڙھ نظر آيو ۽ منھنجو
شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو تھ آئون ھڪ بحري جھاز جي عرشي
(ڊيڪ) تي پيو آھيان. چئني پاسي، جيتري نظر وئي ٿي
رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر پئي آيو. ھراس ۽ ڊپ کان دل
ٿي ٽٽي. ڪجھھ سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھيستائين ڪيئن
پھتس؟
ايتري ۾ ڪنھن جي پيرن جو کڙڪو ٿيو ۽ منھنجي خيالن
جو سلسلو ڇڄي پيو. مون يڪدم کڻي اکيون پوريون ڄڻ
ننڊ ۾ ھجان، پر ان جو ڪو فائدو نھ ٿيو ۽ ٻي گھڙيءَ
ڪنھن پاسراٽين ۾ زور سان ٿڏو ھڻي کھري لھجي ۾ حڪم
ڏنو: ”ڪئبن بئاءِ! اٿ. اٿي کڙو ٿي. اسان کي ڊيڪ جي
صفائي ڪرڻي آھي.“ پنھنجي ڳالھھ پوري ڪري ھن ھڪ ٻيو
ٿڏو ھنيو. آئون سور کان ڪنجھندو اٿي ويٺس. اڃا
ڏڪندي ڏڪندي سڌو بيھڻ جي ڪوشش پئي ڪيم تھ، ٻيھر
حڪم مليو: ”رڌڻي ۾ وڃي بورچيءَ کي رڌ پچاءَ ۾ مدد
ڪر.“
مون کي ڪا ڄاڻ نھ ھئي تھ رڌڻو ڪٿي آھي؟ ماٺ ۾
وائڙن وانگر نھاريندو رھيس. مون کي حڪم ڏيندڙ،
جيڪو شايد ميٽ (چيف آفيسر) ھو، ان کي باھ وٺي
ويئي. ڪاوڙ ۾ سندس ڀوائتو مھانڊو ويتر ڊيڄاريندڙ
ٿي ويو. زور سان پٽ تي پير ھڻي واڪو ڪري چيائين:
”تھ اھا ڳالھھ آھي، توکي منھنجو حڪم مڃڻو ناھي؟“
پوءِ پاسي کان بيٺل خلاصين ڏي نھاري کين چيائين:
”اڙي اھي رسيون تھ کڻجو، ڏسون تھ ھي ڇوڪرو منھنجو
چوڻ ڪيئن نٿو مڃي.“
آئون وائڙن وانگر ھن کي ڏسندو رھيس. ٻھ ملاح رسا
کڻي آيا، جن جي پڇڙين ۾ ڪجھھ بار ٻڌل ھو. انھن کي
منھنجي چيلھھ جي چوڌاري ويڙھيو ويو. پوءِ ڪيترن
ڄڻن مون کي جھلي مٿي کنيو ۽ ھيٺ سمنڊ ۾ لڙڪائي
رسيءَ کي آھستي آھستي ڍر ڏني. سمنڊ ۾ تمام جوش ھو.
پاڻيءَ جون ڇوليون گجي اڏائينديون جھاز سان اچي ٿي
لڳيون. اھو حال ڏسي ڊپ ۽ ھراس کان مون کان رڙيون
نڪري ويون، پر پٿر دل خلاصين جي دل کي ٿورو بھ
جھٻو نھ آيو. مون کي بي وسيءَ جي حالت ۾ ھٿ پير
ھڻندو ڏسي، ماڳھين ٽھڪ ڏيڻ لڳا. مون جھاز جي نڪتل
حصن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي. آڱريون سڄيون ڦٽجي پيون،
پر پنھنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نھ
سگھيس. آلاڻ ڪري منھنجا ھٿ ھر ڀيري ترڪي ٿي ويا.
مايوس ٿي مون پنھنجو پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪري
ڇڏيو.
رسو آھستي آھستي ھيٺ گھرڪي رھيو ھو. منھنجي ۽
پاڻيءَ جي وچ ۾ رھيل مفاصلو تکو تکو گھٽجن لڳو،
تان جو منھنجا پير پاڻيءَ کي ڇھڻ لڳا. مون ڊپ کان
اکيون کڻي بند ڪيون ۽ بدن سيٽي ڇڏيو. پاڻي جڏھن
مٿي تائين پھتو تھ مون ھڪ ڊگھو ساھ کڻي ڦڦڙن ۾ چڱي
ھوا ڀري ورتي ۽ اھو ئي سوچيم تھ پاڻيءَ ۾ اندر
گھڙڻ وقت دير تائين ساھ جھلي سگھندس. پر سڀ اجايو
ثابت ٿيو. اڌ چرين خلاصين رسو ڇڪي اھڙيون تھ سٽون
ڏنيون جو منھنجي سھپ جي قوت جواب ڏئي وئي ۽ ساھ
سڪڻ لڳو. ساھ کڻڻ لاءِ مون لاچار وات کوليو. سمنڊ
جو لوڻ ھاڻو کارو وھ جھڙو پاڻي نڪ ۽ وات ۾ ڀرجي
ويو. نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا چڀڻ لڳا. ڦٿڪندي اکيون
کوليم. پاڻي وڃڻ ڪري اھي بھ پوسرڻ لڳيون ۽ آڏو ڌنڌ
اچي ويو. جسم سان گڏ جھڙو ذھن بھ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو
۽ ڪجھھ بھ خبر نھ پئجي سگھي تھ ڇا پيو ٿئي؟
پوءِ جڏھن ھوش آيو تھ پاڻ کي پينگھي جھڙي ھنڌ تي
ستل ڏٺم. چوڌاري اوندھ ڏسي سمجھي ويس تھ رات ٿي
وئي آھي. ڪجھھ فٽن جي فاصلي تي ھڪ ڪام ۾ ٻڌل ڏيئو
لڏي رھيو ھو. ان جي جھيڻي روشنيءَ ۾ مون ھڪ گھنجن
سان ڀريل منھن وارو ھمراھ پنھنجي اڳيان بيٺل ڏٺو.
ھن جي ننڍڙين اکين ۾ جيتوڻيڪ رحم ۽ ٻاجھھ نھ ھئي،
پر ساڳئي وقت عياري ۽ لچائيءَ جو ڏيک بھ نھ ھو.
مون کي اکيون ڇنڀيندو ڏسي، ھن چيو: ”ڇوڪرا توکي
آخر ھوش اچي ويو! اٿ، اٿي ماني کاءُ. گھڻي دير
تائين پيٽ کي خالي رکڻ نقصانڪار آھي. ٽن ڏينھن بعد
توکي ھوش آيو آھي. تنھنجي قسمت سٺي ھئي جو گوڙ
ٻڌي، ڪئپٽن مھل تي پھچي ويو ۽ توکي ٻاھر ڪڍيو ويو،
نھ تھ خلاصين تنھنجو ساھ ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نھ ڇڏي
ھئي. ھاڻي سيگھھ ڪر، اٿي ويھھ. مون کي رڌڻي ۾ ھڪ
مددگار گھرجي سو تون مون سان گڏ رھ.
”آئون جھاز ۾ پھتس ڪيئن؟“ ڊڄي ڊڄي سوال ڪيومانس.
”توکي ياد نٿو اچي تھ تو ھڪ ڇپيل پني تي صحيح ڪري
سال جو معاھدو ڪيو آھي. توسان گڏ ھڪ دوست بھ ھو،
پر ھو توکي ڪئپٽن جي حوالي ڪري ھليو ويو.“
دوست جو لفظ ٻڌي مون کي اوچتو سالگرھ واري شام ياد
اچي ويئي. يڪدم سمجھي ويس تھ پئسن جي لالچ ۾ حرام
خور دوست مون کي جھاز تي ڇڏي ويو ۽ ھنن ماڻھن نشي
جي حالت ۾ مون کان معاھدي تي صحيح ڪرائي ورتي.
ھاڻي ڇا ٿي سگھيو ٿي؟ زھر جا ڍڪ پي ماٺ ڪري ويھي
رھيس. پوڙھو ملاح منھنجي ذھني ڪيفيت کان بي خبر،
پنھنجيءَ ئي ٻولي ٻوليندو رھيو: ”پاڻ سون جي ڳولا
۾ پيرو پيا ھلون. انگريز ۽ اسپيني ماڻھن سان ڦڏو
نھ ٿيو تھ شايد منزل تي پھچي وڃون.“ پوءِ ھو مون
کي ھٿ کان جھلي رڌڻي ۾ وٺي آيو، جتي چوڌاري گندگي
پکڙي پئي ھئي ۽ ٿلھا ٿلھا ڪينئان ۽ جيت پئي ھليا.
پوڙھي بورچيءَ جو نالو ٽوني ھو. سوپ ۽ ڊبل روٽي
مون کي کائڻ لاءِ ڏني ۽ پوءِ اتي ئي ھڪ پينگھي
جھڙي ھنڌ تي سمھاري ڇڏيو.
آئون ٽونيءَ سان جلد ئي ھري مري ويس. ھو گھڻ
ڳالھائو، ھر ڳالھھ منھن تي چوڻ وارو ۽ مٿي ڦريل
ضرور ھو، پر ٻين وانگر پٿر دل ۽ ظالم نھ ھو.
منھنجو چڱيءَ طرح خيال ٿي رکيائين. ھڪ دفعو خلاصين
مون کي وري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ، ھن کڻي چاقو
ڪڍيو ۽ مقابلي لاءِ سندن آڏو آيو. ھو ھيءَ حالت
ڏسي چپڙي ڪري ھليا ويا. ان کان پوءِ مون کي تنگ
ڪرڻ جي ڪنھن کي ھمت نھ ٿي ۽ آئون ٽونيءَ سان گڏ
رڌڻي ۾ مزي جا ڏينھن گذارڻ لڳس.
ھڪڙي صبح جو اک کلي تھ خلاف معمول چوڌاري ماٺ ئي
ماٺ ھئي. ٽوني اڃا ستل ھو. ھو بھ اوچتو ڀڻڪندي
اٿيو ۽ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، رڙ ڪندي چيائين: ”مار پويس
بيھي رھي.“ ۽ پوءِ مون کي جاڳندو ڏسي چيائين:
”توکي ڪجھھ آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“
آئون حيرت مان ھن جي منھن ڏي ڏسڻ لڳس. ڪجھھ سمجھھ
۾ نھ پئي آيو تھ ھو ڪھڙي شيءِ بابت پڇي رھيو آھي؟
مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيومانس: ”نھ، مون کي تھ
ڪجھھ بھ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ڪھڙي شيءِ آھي؟“
”ھاڻ تھ ڏاڍي ڳالھھ ٿي. بس ڦاسي وياسين جو ھوا بند
ٿي وئي آھي. پاڻ سمنڊ جي جنھن حصي ۾ آھيون، اتي
پاڻيءَ ۾ صفا چرپر ناھي ۽ ھيءَ حالت ڪيترا ئي
ڏينھن، ھفتا، ڪڏھن ڪڏھن تھ مھينو سوا بھ ھلي سگھي
ٿي.“
ٽونيءَ جو انومان بلڪل صحيح ثابت ٿيو. جھاز ھڪ ئي
ھنڌ تي ائين ڄمي بيٺو، ڄڻ لنگر ڪيرائي بيٺا ھجون.
اسان کي اٺ ڏينھن کن ھوا جي انتظار ۾ گذري ويا، پر
اميد ڪنھن طرح بھ پوري نھ پئي ٿئي. گرمي روز بروز
سھڻ کان ٻاھر ٿيندي وئي ۽ ملاحن ۾ بي چينيءَ جا
آثار پيدا ٿيڻ لڳا. خبر ناھي اھي گرميءَ جا آثار
ھئا يا ماني ٽڪي ۽ پاڻيءَ جي اڻ ھوند جا نتيجا، جو
سڀني جا چپ ۽ مھارون سڄي سڄي چيرجي پيون ھيون.
ڪئپٽن ان مصيبت وارو وقت ڪٽڻ لاءِ رم (شراب)
ورھائڻ جو حڪم ڏنو، جنھن جو ھن وٽ وڏو ذخيرو ھو.
ھن قيمتي شراب جي بدلي ۾ ھن کي پيروءَ جي جھنگلي
قبيلن کان سون وٺڻو ھو. لڳاتار ٻھ چار ڏينھن رم
ورھائڻ سان ان جو ذخيرو گھٽ ٿين لڳو ۽ ڪئپٽن ان جي
وڌيڪ ورھائڻ تي بندش وجھي ڇڏي.
چاليھين يا ايڪيتاليھين ڏينھن ٽماٽا سڙي ڍونڍ ٿي
پيا. ھي ئي ھڪ کاڌو ھو، جيڪو اڃا سڙڻ کان بچيل ھو.
منجھس ايڏي تھ اچي ڌپ ٿي جو ڪئپٽن فيصلو ڪيو تھ سڀ
ٽماٽا سمنڊ ۾ اڇلايا وڃن، پر ڪجھھ بھ نھ ھجڻ کان
تھ ھي سڙيل ٽماٽا چڱا. ڪجھھ ڏينھن تھ پيٽ جو دوزخ
ٿڌو ٿي سگھندو.
ڪئپٽن ڪيڏو سمجھاين تھ ان سان بيماري پکڙبي، پر
ھنن اڇلڻ نھ ڏنا. آخر ھن کي پنھنجو ئي حڪم رد ڪرڻو
پيو. جيڪي خلاصي بک کان ھيڪاندا بي حال ھئا، سي
انھن سڙيل ٽماٽن مٿان وڃي ڪريا ۽ کين بنا ڌوئڻ يا
پچائڻ جي کائڻ لڳا. ٿوري دير بھ نھ ٿي ھوندي جو
ھنن جي پيٽ ۾ سور جون سيٽون اچي پيدا ٿيون ۽ فرش
تي کريون ھڻي ھڻي مري ويا. ھن نظاري کان باقي
خلاصي سراٻجي ويا ۽ ايترو ڊنا جو ڪئپٽن ھنن جي
سامھون سڀ ڳوڻيون اڇلائي ڇڏيون تھ بھ ڪو اکر بھ نھ
ڪڇيائون.
ٽونيءَ اٽي جي ھڪ ڳوڻ لڪائي رکي ھئي. اسان ٻئي ڄڻا
ڏھاڙي لڪي لڪي ان مان پيٽ ڀريندا ھئاسين. ھڪ اڌ
دفعو مون ڪوشش ڪئي تھ ان مان ٻين کي بھ کائڻ لاءِ
ڏنو وڃي، پر ٽونيءَ مون کي دڙڪا ڏيندي سمجھايو تھ
خبردار جو ان جي ڳالھھ ڪنھن سان بھ ڪئي اٿئي! ھڪ
ڳوڻ مان اسان سڀني جو پيٽ ڀري نھ سگھنداسين. اھي
ڏينھن توکان وسري وسيا، جڏھن انھن سوئر جي ڦرن
توکي رسيءَ سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ھو. مون کڻي ماٺ
ڪئي.
جھاز کي ھڪ ئي ھنڌ بيھندي ھاڻي پنجيتاليھھ ڏينھن
ٿي ويا ھئا ۽ گذريل ٽن ڏينھن کان ڪنھن کي بھ نھ
ماني نصيب ٿي ھئي ۽ نھ پاڻيءَ ڍڪ. بک ۽ اڃ کان سڀ
چريا ٿي پيا ھئا. ڪئپٽن کي رم جي ڏاڍي اؤن ھئي. ھن
ان جي چوڪيداريءَ ۾ ڪا اوڻائي نٿي ڇڏي. پر ھڪ رات
خلاصي ڪھاڙين ۽ لٺين سميت رڙيون ڪندا اچي رم تي
ڪريا ۽ شراب جا پيپ جھاز جي ڊيڪ تي کڻي آيا. ٽوني
۽ آئون اھو منظر رڌڻي جي روشن دان مان ڏسي رھيا
ھئاسين. لالٽين جي ھلڪي روشنيءَ ۾ ھنن جا منھن
ھيبتناڪ نظر اچي رھيا ھئا. ھيڻائيءَ کان اکيون
اندر گھڙي ويون ھين ۽ پري کان فقط ٻھ کوپن جا نشان
نظر ٿي آيا.
شراب پي ھو ھل مچائڻ لڳا. ڪجھھ تھ خنجر ڪڍي ٻين
ساٿين کي ڊيڄارڻ لڳا ۽ ڌمڪائڻ لڳا. ٽونيءَ رڌڻي جو
دروازو پيچائي بند ڪيو ۽ چيو:
”اڄ رات ضرور ڪو نھ ڪو حادثو ٿي رھندو. اسان کي
ھوشيار رھڻ کپي.“
ان ئي وقت ڪئپٽن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اسان وري اچي
روشندان اڳيان بيٺاسين ۽ ٻاھر ليئو پائي ڏٺوسين.
شراب ۾ مست خلاصي چاقو گھمائي رھيا ھئا ۽ باقاعدي
ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري رھيا ھئا. نشي جي گھڻائيءَ
۽ حواسن تي ضابطو نھ ھئڻ ڪري، ھو پنھنجو پاڻ کي
سنڀالي نھ پئي سگھيا. دانھون ڪوڪون ٻڌي ڪئپٽن
پنھنجي ڪئبن مان نڪري آيو ھو. ھن جي ٻنھي ھٿن ۾
پستول ھئا. ھن کين دڙڪا ڏنا ۽ ماٺ ڪري ويھڻ جو حڪم
ڏنو. خلاصي ماٺ ٿي ويا، پر اھا ماٺ گھڻو دير ھلي
نھ سگھي. ھڪ ڦڙتيءَ سان اوچتو چاقو اڇلايو، جيڪو
ڪئپٽن جي ڳچيءَ ۾ کپي ويو ۽ رت جو ڦوھارو وھڻ لڳو.
ڪئپٽن کي گھوماٽ وٺي ويئي، پر ھن ڪرندي ڪرندي ٻنھي
پستولن کي ڇوڙي ورتو، جن مان ھڪ گولي ھڪ ھمراھ جو
پيٽ چيري رکيو ۽ ھو بھ دانھون ڪري ڊيڪ تي ڍيري ٿي
پيو.
رت ڏسي خلاصين تي جنون طاري ٿي ويو. انھن ڪئپٽن کي
جھلي مٿي اڇلايو ۽ ھاڻ کيس سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارا ھئا
تھ ھڪ رڙ ڪري چيو:
”اڙي متان سمنڊ ۾ اڇلايوس. ان کي کائي تھ ڏسو. واھ
جو گوشت ھوندو.“
گھڙي کن لاءِ سڀ ماٺ ٿي ويا. ان کان پوءِ چرين
وانگر ڪئپٽن جي لاش تي ائين ڳجھن وانگر اچي لڙيا
جو کن پل ۾ ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ڪئپٽن جو
گوشت کائڻ کان پوءِ ھنن وحشين جي بک اڃا بھ وڌي
ويئي. ھنن جو ڌيان پنھنجي زخمي ٿيل ساٿيءَ ڏي ويو.
ھنن جي بکايل نظرن جو تاب نھ جھلي ھو دانھون ڪوڪون
ڪري رحم لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، پر ڪنھن بھ ھن جي نھ
ٻڌي. ڪيترن مضبوط ھٿن ھن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ جيئري
جاڳندي ماڻھو کي چيري ڦاڙي حصا ڪري ڇڏيائون. ھي
وحشتناڪ نظارو ڏسي آئون تھ ڏڪي ويس. ڪراھت کان دل
ڪچي ٿيڻ لڳي. روشن دان بند ڪري پري وڃي ويٺس.
ٻئي ڏينھن آئون ٻنپھرن تائين ستو رھيس. اک کلي تھ
گذريل رات وارو وحشتناڪ نظارو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو
۽ منھنجي دل ٻڏڻ لڳي. ھن دوزخ مان ٻاھر نڪرڻ جي
ڪابھ صورت نھ ھئي. اھو سوچيم تھ ھاڻ جلد يا دير
سان منھنجو ئي وارو ايندو ۽ ھي وحشي مون کي چيري
ڦاڙي ڇڏيندا. اھو سوچيندي منھنجي بدن ۾ سيڪارو
پئجي ويو ۽ اندر مان ھڪ آھ نڪتي. ٽوني روشندان تي
چنبڙيو بيٺو ھو. آئون اٿي وڃي روشندان تي بيٺس.
خلاصي وري شراب نوشيءَ ۾ مست ھئا. انسان جي گوشت ۽
شراب ھنن جي معدي ۾ باھ ٻاري ڏني ھئي. ھو ان کي
وسائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ شراب پيٽ اندر اوتڻ لڳا. پر
اڃ مرڻ يا باھ اجھامڻ بدران ويتر وڌڻ لڳي. رکي رکي
ھنن جانورن وانگر دانھون ٿي ڪيون. ڪيترن ملاحن بي
مستيءَ جي عالم ۾ کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنا ۽ پنھنجي جان
کان ھٿ ڌوئي ويٺا.
ٽوني ڪا دير ماٺ ۾ ھو. اوچتو ھن منھنجي پٺي ٺپيندي
چيو: ”ڏٺئي نينگر! انسان چريو ٿيو پوي تھ ھن جي
حالت ڀاڳل ڪتي کان بھ خراب ٿيو وڃي. ھنن جي زبان
انساني رت جو چسڪو وٺي ڏٺو آھي، ھن وقت سندن پيٽ
ڀريو پيو آھي، ان ڪري دانھن ڪوڪن ۾ لڳا پيا آھن.
ٿوري دير کان پوءِ بک ستائيندن تھ وري ھڪ ٻئي کي
چيرڻ ڦاڙڻ ۾ لڳي ويندا. الله ڄاڻي تھ ھيءَ نڀاڳي
ھوا وري ڪڏھن لڳندي.“
وحشي خلاصي ڪنھن وقت بھ اسان تي اوچتو حملو ڪن، ان
خطري کي اڳواٽ منھن ڏيڻ لاءِ اسان رڌڻي جون سڀ
دريون دروازا ۽ روشندان بند ڪري ڇڏيا. ٻنپھرن جي
وقت، گرميءَ جي تپش ۽ گھٽ سھڻ کان ٻاھر ٿي وئي.
ٽونيءَ اٿي ھڪ دري کولي. ڊيڪ ويران حال ۾ ھو. سج
جي تپش کان بچڻ لاءِ ملاحن اندر ڇانو ۾ وڃي پناھ
ورتي ھئي. ڪپئٽن جون ھڏيون اڃا تائين ڊيڪ تي پيون
ھيون. اس جي ڪري ڪاراٽجي ويون ھيون ۽ ڌپ بوھاڙا
ڏئي اچي رھي ھئي. دري کلي تھ ساھ کڻڻ بھ ڏکيو پئي
لڳو. آخر ٽونيءَ کان سٺو نھ ٿيو. باردي کڻي اٿي
بيٺو ۽ چيو: ”ڪلاڪ اڌ لاءِ اھا ئي حالت رھي تھ ھن
ڍونڍ ۾ پنھنجو دماغ ڦاٽي پوندو ۽ چريا ٿي
پونداسين. آئون ٻاھر وڃي ڊيڪ ٿو صاف ڪريان. دروازو
کولڻ کان اڳ ھن ھڪ پستول ۽ خنجر چيلھھ جي پٽي ۾
ٻڌو. مون بھ ھن سان گڏ ھلڻ لاءِ زور ڀريو. ڏاڍي
مشڪل کان پوءِ مڃيائين ۽ ھڪ ڀريل پستول منھنجي
حوالي بھ ڪيائين.
ٻاھر سخت گرمي ھئي. ڊيڪ تپي ٽانڊو ٿي پيو ھو. اسان
جا پير سڙي رھيا ھئا، پر اسان پرواھ نھ ڪئي.
باردين سان سمنڊ مان پاڻي ٻاھر ڇڪي ڊيڪ تي
ھاريوسين. ٽونيءَ رت جا ڪارا ٿي ويل داغ ڌوئي صاف
ڪيا. پوءِ ھڏيون کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارو ھو تھ
گدام جي دروازي وٽ ويٺل ھڪ خلاصيءَ ڏاڙھيو:
”خبردار! انھن کي ھٿ نھ لائجانءِ. اھو منھنجو کاڌو
آھي.“ ان سان گڏ ھو لوھي بانٺو لوڏيندو ٽونيءَ کي
مارڻ لاءِ وڌيو.
ٽوني ھن اوچتي حملي کان ڏڪي ويو. ھن کي پستول ڪڍڻ
جو موقعو بھ نھ ملي سگھيو. مون يڪدم پنھنجو پستول
ڪڍي بنا ڪجھھ سوچڻ سمجھڻ جي مٿس فائر ڇوڙي ڏنم.
گولي ان وحشيءَ جي پيشانيءَ ۾ ٽنگ ڪندي ٻئي پاسي
کان نڪري وئي ۽ ھو ڪنھن قسم جي دانھن ڪرڻ بنا اتي
ئي ڦان ٿي ڪري پيو. ٽونيءَ رڙ ڪئي: ”شاباس بھادر
ڇوڪرا! تون نھ ھجين ھا تھ ھي خبيث منھنجو ميڄالو
ڪڍي رکي ھا ۽ منھنجي لاش تي ھي دعوتون ڪن ھا. خير
اٿ تھ ھن کي پاڻيءَ ۾ اڇلايون. ٻين کي خبر پوندي
تھ ھن کي بھ کائڻ شروع ڪري ڏيندا.“
اسان ٻنھي ڄڻن گڏجي لاش کي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ ماٺ
مٺوڙي ۾ بورچي خاني ۾ موٽي آياسين، جتي ٻاھر جي
مقابلي ۾ چڱي خاصو ٿڌڪار ۽ سڪون ھو. پوءِ اسان
دروازو ۽ روشندان بند ڪيو ۽ سمھڻ لاءِ ليٽي
پياسين.
کاڌي پيتي جي گوڙ شور ۽ ھنبوشيءَ جي آواز کان اک
کلي تھ رات ٿي چڪي ھئي. ٽونيءَ ڄاڻي واڻي لالٽين
نھ ٻاريو جو خطرو ھو تھ متان روشني ڏسي وحشي ٽولن
جو ڌيان اسان ڏي ڇڪجي. روشندان کان ٻاھر ليئو پائي
ڏٺم تھ خلاصي ھڪ ڊرم جي چوڌاري ويھي جام مٿان جام
پيا خالي ڪن. مون پنھنجن سڪل چپن تي ڄڀ ڦيرائي ھنن
ڏي سڪڻين نگاھن سان ڏٺو. اسان جي پاڻي ۽ اٽي جو
ذخيرو ڪجھھ ڏينھن ٿيا جو ختم ٿي چڪو ھو ۽ ھاڻي اڃ
۽ بک کان حالت خراب ھئي. گھڻي دير بيٺو بھ نٿي
ٿيو. جلد ئي پنھنجي ھنڌ ڏي موٽي آيس. ٽونيءَ کي
ٻڌائڻ سان ورڻو ڪجھھ بھ نھ ھو. ھن جي حالت بھ مون
کان ڪا لڪل ڪانھ ھئي. ھو منھنجي مدد بھ ڪھڙي ٿي
ڪري سگھيو؟
رات ڊيڄاريندڙ خواب ڏسندي گذري. صبح جو سوير ڇت تي
ٽپ ٽپ جا سنھا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڄڻ سوين ٻليون
پنھنجن چنبن سان ڇت کرڙي رھيون ھجن. ٽوني ڪجھھ دير
لاءِ ڇت تي ڪن رکي غور سان ٻڌو، پوءِ ھنڌ تان ٽپ
ڏئي، خوشيءَ مان نچي چوڻ لڳو: ”مينھن بابلا
مينھن!“ ھن ڦڙتيءَ سان دروازو کوليو. اسان ٻئي
ٻاھر نڪري ڊيڪ تي اچي پٺن ڀر سمھي رھياسين ۽ وات
کولي چرين وانگر مينھن جي بوند سان پنھنجي اڃ
اجھائيسين. ان وقت ھنن خوني ملاحن کان اسان کي تِر
جيترو بھ ڊپ نھ لڳو.
اسان وانگر ٻيا بھ مينھن مان مزو وٺي رھيا ھئا. اڃ
لھڻ کان پوءِ ھنن سڙھ کولڻ شروع ڪيا ۽ سفر جو
سانباھو ڪيو. ماڻھن جي کوٽ ۽ ڪمزوريءَ جي کين
تڪليف ٿي رھي ھئي. ٽوني دير لاءِ ماٺ ڪيو ھي تماشو
ڏسندو رھيو. آخر ھن کان رھيو نھ ٿيو ۽ اٿي ھنن کي
ھمراھي ڪرائڻ لڳو. موسم سٺي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ھو
پنھنجي ڪاوڙ ۽ ڏک سور وساري، ھنن سان رلي ملي ويو.
مون کي ھڪ رول ڪڪر وانگر ھن جي پيروي ڪرڻي پئي.
اڌ ڪلاڪ بعد مينھن جھليو ۽ ھلڪي ھلڪي ھوا چرڻ لڳي.
دلين ۾ خوشين جي لھر ڊوڙڻ لڳي ۽ سڀ مستن وانگر نچڻ
لڳا. اوچتو ٽونيءَ مون کي ڪلھي کان ڇڪي چيو:
”ايتري خوشي ڪھڙي ڳالھھ جي؟ مصيبتون ختم تھ نھ
ٿيون آھن. ھاڻ پاڻ کي جھاز کي صحيح رستي تي آڻڻو
آھي. اچو تھ سکان (اڄ جي نيويگيشنل برج) تي ھلي
ڏسون تھ اتي ڇا پيو وھي واپري؟“
چارٽ روم ۾ ميٽ (چيف آفيسر) اسان کان اڳھين موجود
ھو. ھن پنھنجي سامھون ميز تي نقشا پکيڙي رکيا ھئا.
اسان اندر گھڙياسين تھ ھن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ حيرت مان
اسان کي ڏسڻ لڳو. ٽونيءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو:
”شل ڪئپٽن جي حالت تي الله رحم ڪري.“
ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي. ميٽ ان ئي وقت جواب جو جواب
ڏنو: ”۽ تنھنجي حالت تي بھ.“ ان کان پوءِ ٻئي ماٺ
ٿي ويا. پوءِ ميٽ ماٺ کي ختم ڪندي چيو: ”تون ڪئپٽن
سان گڏ ڪيترن سالن کان ھن سمنڊ تي سفر ڪندو رھيو
آھين؟ اھا خبر اٿئي تھ ڪئپٽن ھن سمنڊ جا نقشا ۽
جھازرانيءَ جا اوزار ڪٿي رکندو ھو؟“ ھن ڀيري سندس
ڳالھائڻ جو لھجو اميد جي خلاف تمام نرم ۽ شريفاڻو
ھو.
”نقشي تي پھرين ھن جاءِ جو تھ نشان لڳاءِ، جتي ھن
وقت بيٺا آھيون.“
”نشان ڪيئن لڳايان؟“ ميٽ مسڪين منھن ٺاھيندي چيو.
”ھي تھ نقشو ئي ڪو نئون آھي، جيڪو مون کي تھ سمجھھ
۾ ئي صفا نٿو اچي ۽ بنا اوزارن جي جھاز جي پوزيشن
ڪيئن ٿو لھي سگھان؟“
”سج ۽ تارن جي مدد سان.“
”واھ ڙي واھ.“ ميٽ ٽونيءَ جي اکين ۾ گھوريندي چيو،
”ھن جھاز تي تارن جو علم اچي ئي ڪنھن کي ٿو؟“
”آئون تنھنجي مدد ڪري سگھان ٿو.“
ٽونيءَ جو جواب ٻڌي، ميٽ جون اکيون تعجب کان ڦاٽي
ويون. ھن کي شايد پنھنجي ڪنن تي يقين نھ پئي آيو.
پاڻ ٽونيءَ کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو، پر ٽونيءَ
پنھنجي کيسن ۾ ھٿ وجھي ڏاڍي آرام سان تماڪ
چٻاڙيندي، بي نيازيءَ سان چيو: ”آئون تارن جي مدد
سان طرفن جو اندازو لڳائي سگھان ٿو. مون کان سواءِ
توھان ڪڏھن بھ پنھنجي منزل ماڻي نھ سگھندؤ. توھان
جي مدد ڪرڻ ۾ مون کي ڪو بھ اعتراض ناھي، پر منھنجو
ھڪ شرط آھي. آئون ھن جھاز جو ڪئپٽن ٿي رھندس.“
”ڪئپٽن..... تون؟“ ھي عجيب شرط ٻڌي ميٽ حيرت مان
کڻي ڇرڪ ڀريو. مٺيون ڀيڙي منھن ۾ گھنج آندائين.
منھنجي دل تکي تکي ڌڙڪڻ لڳي. ڪٿي مار ڪٽ تائين
نوبت نھ پھچي. پر ٽوني ھن جي ڪمزوريءَ کان واقف ٿي
چڪو ھو. پھرين وانگر ھو خاموش ۽ بي نياز بيٺو
رھيو. ھن کي ميٽ جي ڪاوڙ جي ڪا پرواھ نھ ھئي. ميٽ
ڪجھھ سيڪنڊ تھ ھن کي ماٺ ڪري گھوريندو رھيو، پوءِ
ڪاوڙ کي جھلي ٿوري کھري لھجي ۾ چيائين:
”ٽوني! تنھنجو دماغ تھ جاءِ تي آھي نھ؟“
”منھنجو دماغ صحيح آھي يا خراب، ان سان تنھنجو
ڪھڙو واسطو؟ وڃ، ڀلي پنھنجي باقي ساٿين سان صلاح
ڪري اچ. ھن وقت جھاز گول ڦيري جي صورت ۾ چڪر ھڻي
رھيو آھي. منھنجي مدد کان سواءِ توھان ھتان نڪري
نھ سگھندؤ. تون جيڪڏھن منھنجو نائب ٿي رھين تھ مون
کي ڪوبھ اعتراض نھ آھي.“
ميٽ ڪجھھ چوڻ لاءِ منھن کوليو، پر ٽونيءَ کي بي
تعلق ڏسي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين ۽ ٻاھر نڪري ويو.
ھن جي وڃڻ سان ئي ٽوني چوڻ لڳو: ”پھريون مرحلو تھ
خير خوبيءَ سان طئھ ٿي ويو. تارن جو علم ڪنھن گڏھ
کي ٿو اچي؟ ماٺ ڪري ڏسندو وڃ تھ ڇا ٿو ٿئي. الله
گھريو تھ پاڻ جلد ئي ڪنھن نھ ڪنھن بھاني ھنن جا
ھٿيار بھ گڏ ڪري وٺنداسين.“
ٿوري دير کان پوءِ ميٽ آيو ۽ پري کان ئي رڙ ڪري
چيائين:
”ٺيڪ آھي چيف، منھنجي ساٿين توکي ڪئپٽن چونڊيو
آھي، پر ھنن کي فقط نائب مقرر ڪرڻ تي اعتراض آھي!“
”اعتراض......!“ ٽونيءَ سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪٽيندي
چيو: ”انھن کي ٻڌائي ڇڏ تھ مون کي جي ڪئپٽن چونڊيو
اٿو تھ پوءِ منھنجو حڪم ھلندو. آئون ٻين کان صلاح
وٺڻ جو عادي نھ آھيان.“
ھي جواب ٻڌي ميٽ جي وات مان ٻي ڪا ڳالھھ نھ نڪتي.
ماٺ مٺوڙي ۾ ڪنڌ جھڪائي ھليو ويو. انھيءَ دوران
واءُ بھ تکو ٿيندو ويو ۽ جھاز خطرناڪ حد تائين ھڪ
طرف جھڪندو ويو، پر ڪنھن کي بھ ھن نازڪ موقعي ۽
مونجھاري جو احساس نھ ھو. ٽوني ڪي گھڙيون چپ چاپ
سوچيندو رھيو، پوءِ ڀوپو وات تي رکي زور سان حڪم
ڏنو:
”وچيون سڙھ ويڙھيو وڃي.“
ڊيڪ تي موجود خلاصي پھرين تھ نٽائڻ لڳا، پر پوءِ
آخر کين حڪم مڃڻو پيو ۽ اھڙيءَ طرح ٽوني پنھنجو
پاڻ کي ڪئپٽن ٺاھي ورتو، جيتوڻيڪ ھن کي جھازرانيءَ
جو الف بھ ڪونھ ٿي آيو.
ڏينھن خيريت سان گذري ويو. رات آئي، ٽوني اندازي
سان ھڪ جلرندڙ تاري کي ڌيان ۾ رکيو، جنھن جي سڌ ۾
جھاز ھلندو رھيو. اسان ٻنھي اھا رات ڪئپٽن جي
سھڻي، ويڪري ۽ آرامده ڪئبن ۾ گذاري.
صبح جو اک کلي تھ ڪئبن ۾ آئون اڪيلو ھوس. ٽونيءَ
جو ھنڌ خالي ھو. جھاز اھڙا تھ لوڏا کائي رھيو ھو
جو دماغ ٿي ڦريو. روشندان مان ليئو پائي ڏٺم تھ
چوڌاري غضبنام لھرون گجي اڏائينديون نظر آيون.
اسان طوفان جي گھيري ۾ اچي چڪا ھئاسين. آئون
ڪنٽرول روم ڏي ڀڳس، خيال ھوم تھ ٽوني اتي ھوندو.
ڊيڪ ڏي ويندڙ دروازو مضبوطيءَ سان بند ھو. ان کي
کولڻ لاءِ مون کي چڱو خاصو زور لڳائڻو پيو. ٻاھر
نڪتس تھ اوچتو ھڪ وڏي لھر جھاز سان ٽڪرائي. جھاز
جھوٽا کائڻ لڳو. آئون پنھنجو پاڻ کي سنڀالي نھ
سگھيس ۽ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ پاڻيءَ جي ڇولن سان گڏ ڊيڪ
تي گھلبو ويس. وڏي ڪوشش سان پاڻ کي جھلي ورتم ۽
برج تي پھتس. ٽوني اتي بھ نھ ھو. ھيڏانھن ھوڏانھن
ڳوليومانس. آخر ھو ڊيڪ واري ويل ھائوس ۾ مليو، جتي
جھاز جو ڦيٿو (اسٽيرنگ ويل) جھليو بيٺو ھو.
طوفاني ھوائن جي ٿڦڙن اڳيان جھاز ھڪ بي وس ڪک
وانگر لڙھي رھيو ھو. جبلن جيڏيون ڇوليون رکي رکي
جھاز مٿان چڙھي ٿي ويون ۽ اسان سڄا آلا ٿي وياسين.
ٽونيءَ جي سامھون اچي بھ ان اڳيان پھچڻ سولو ڪم نھ
ھو. مون ڏھ يارھن دفعا ڪوشش ڪئي، پر ھڪ ٻئي پويان
لڳندڙ ڇوليون ڀت وانگر آڏو ٿي پيون ۽ آئون ڊڄي
پٺيان موٽي ٿي ويس. ٽوني رڙيون ڪري مون کي ڪجھھ
چئي رھيو ھو، پر واءُ ۽ لھرن جي گوڙ ۾ ڪجھھ ٻڌڻ ۾
نھ پئي آيو. مون دل نھ لاٿي ۽ ٽونيءَ تائين پھچڻ
جي ڪوشش جاري رکي. آخر ھڪ ڇول منھنجا پير ڪڍي ڇڏيا
۽ آئون اڇل سان وڃي ٽونيءَ اڳيان ڪريس. ٽوني بل
ڏئي منھنجو ھٿ جھلي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو ۽ آئون سمنڊ ۾
ڪرڻ کان بچي ويس. ٿوري دير بعد سامت ۾ آيس تھ
ٽونيءَ چيو: ”ڇوڪر! تون صحيح وقت تي اچي نڪتو
آھين. ھن طوفان ۾ ڦيٿي کي جھلي بيھڻ مون اڪيلي جي
وس جي ڳالھھ ناھي. مون کي ھمراھي ڪراءِ.“
ھوا ڄڻ گجگوڙون ڪري رھي ھئي ۽ سمنڊ جي ڪروڌ ۾ اڃا
بھ واڌارو ٿي رھيو ھو. مرڪزي سڙھ وارو کوھو ھوا جو
وڌيڪ زور جھلي نھ سگھيو ۽ اوچتو ٻھ ٽڪر ٿي ڪري پيو
۽ اسان ٻئي ڦيٿي کي چھٽي پياسين، پر اھو ذري ذري
اسان جي ھٿن مان ڇٽائجي پئي ويو. ڪلاڪ کن کان پوءِ
ميٽ جي شڪل نظر آئي. ٽونيءَ ھن کي پنھنجي جاءِ تي
بيھاريو ۽ اسان ساھي پٽڻ لاءِ ڪئبن ڏي ھليا
آياسين. اتي ھن ٻڌايو تھ صبح سوير ھڪ ملاح سندس
پٺي ۾ خنجر ھڻڻ جي جيئن ئي ڪوشش ڪئي تھ ھن يڪدم ان
کي جھلي اھڙي تھ خبر ورتي جو ھاڻ سڀ سڌا ٿي بنا
ڪنھن انڪار جي حڪم مڃي رھيا آھن.
آلا ڪپڙا لاھي اڃا ويٺا ئي مس ھئاسين تھ اوچتو زور
سان ڌڌڪو ٿيو ۽ ان بعد ٿوري ٿوري دير بعد ٻيا بھ
ٽي چار ڌماڪا ٿيا.
”خدا خير ڪري.“ ٽوني ٽپ ڏئي اٿي بيٺو. ”لڳي ٿو تھ
پاڻيءَ جون ڇوليون ڊيڪ وارا ڪمرا پاڻ سان گھلي
ويون آھن.“
ھن اڳيان وڌي پنھنجي ھنڌ ھيٺان ھڪ رسي ڪڍي، جنھن
جو ھڪ پاسو پنھنجي چيلھھ سان ٻڌو ۽ ٻيو منھنجي ھٿ
۾ ڏئي چيو: ”پھرين آئون ٻاھر ٿو وڃان، تون ڏاڪڻ وٽ
بيھي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جھلجانءِ. ڪنھن مضبوط
جاءِ تي پھچي پوءِ توکي مٿي ڇڪي وٺندس.“ ڊيڪ جو در
کولي ٻاھر ليئو پاتم تھ ٽونيءَ جو خيال صحيح نڪتو.
ڊيڪ تي جيڪا رھائش ھئي، تنھن جو ھاڻ نالو نشان بھ
نھ بچيو ھو. اڳيون سڙھ وارو کوھ طوفان جي دٻاءَ
ڪري سڄو چٻو ٿي ويو ھو. ٽونيءَ ھڪ ڪچي گار ڏني ۽
پوءِ مون کي حڪم ڏنائين تھ ھيٺان وڃي ڪھاڙو کڻي
اچان. ھن جو خيال ھو تھ شايد اڳيون سڙھ سميت ڏنڊو
ڪپڻ سان طوفان جو دٻاءُ جھاز تان گھٽجي ويندو. مون
ڪھاڙو کڻي اچي کيس ڏنو. ھو پاڻيءَ جي لھرن سان زور
آزمائي ڪندو آھستي آھستي اڳئين سڙھ تائين پھتو.
ڊيڪ تي بيھڻ ۾ ئي ڏکيائي ٿي ٿي. پر ھو پنھنجي ڪم ۾
لڳو رھيو. رسيون وڍڻ کان پوءِ ڏنڊي کي ڪھاڙي سان
ھڪ ٻھ ڌڪ مس ھنيا ھوندائين تھ اوچتو ٻھ ملاھ ظاھر
ٿيا ۽ دانھون ڪري ھن ڏي وڌيا. شايد ھن کي وڍڻ کان
جھلي رھيا ھئا ۽ پوءِ ڪا دير ھڪ ٻئي سان زباني
جھيڙو ڪندا رھيا. اوچتو ھڪ جبل جيڏي ڇولي آئي ۽
ائين لڳو ڄڻ سڄي جھاز کي غرق ڪري وئي. آئون ڊپ کان
اکيون بند ڪري رسيءَ کي زور سان جھلي ڏاڪڻ ھيٺان
ٿي ويس.
ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي ڏٺم تھ ٽوني ڏنڊي کي
زور سان چنبڙيو پيو ھو ۽ پاڻيءَ جون لھرون ميٽ ۽
ملاح کي پاڻ سان ڇڪي ويون ھيون ۽ ھو بي وسيءَ جي
عالم ۾ سمنڊ ۾ ھٿ پير بھ ھڻي رھيا ھئا تھ غوطا بھ
کائي رھيا ھئا. ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ وڏي لھر ڊيڪ ڏي
وڌي. ٿوري دير لاءِ ميٽ ۽ سندس ساٿي سمنڊ جي
مٿاڇري تي اڀري پوءِ ھميشھ ھميشھ لاءِ سمنڊ جي
ھيٺاھين تھھ ۾ لڙھي ويا.
لھرن جو آخري زور ڀڳو تھ ٽوني ٻيھر پنھنجي ڪم کي
لڳي ويو. اوچتو اڳيون سڙھ چرچر ڪري ڌماڪي سان اچي
ھيٺ ڦھڪيو ويو. آئون ان سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۾ محو
ھوس. ھاڻ جو ھن ڏي ڏٺم تھ ھينئون ٻڏي ويو. منھنجو
پوڙھو ھمدرد اتي موجود نھ ھو. ٻڏندڙ دل سان رسيءَ
کي ڇڪون ڏنم پر ٻئي پاسي کان ڪو جواب نھ مليو. مون
کي ڊپ لڳو تھ ڪٿي ٽوني سڙھ جي ڏنڊي ھيٺان اچي دٻجي
مري نھ ويو ھجي.
ڊيڪ تي ڇولين جو لڳاتار حملو اڃا تائين جاري ھو.
ڏاڪڻ ھيٺان نڪري ھن کي ڳولڻ جي ھمٿ بھ ڪانھ ٿي ٿي.
اوچتو رسيءَ کي سٽ آئي. آئون يڪدم خبردار ٿي ويس ۽
آھستي آھستي رسي ڇڪڻ لڳس ۽ پوءِ ٻئي پوڇڙ کان ٽوني
ظاھر ٿيو. ھن کي ائين ڍير ڏسي مون کي شڪ ٿيو تھ
شايد مري چڪو آھي، پر پوءِ ھن جو سينو اڀامندو ۽
سسندو ڏسي مون کي بھ ساھ پيو. ھو جيئرو ھو پر في
الحال بيھوش ھو. ھن جي مٿي مان رت وھي رھيو ھو.
مون وڏيءَ مشڪل سان ھن کي ڇڪي ڪئبن تائين آندو ۽
ھن جي چيلھھ مان رسو کولي ھنڌ تي سمھاريومانس.
مٿي جو ڌڪ ايڏو اونھو نھ ھوس. رت صاف ڪري پٽي
ٻڌيمانس. پوءِ شراب جا ٻھ چار ڦڙا سندس وات ۾ وڌم.
ڪجھھ ڪلاڪن بعد ھن اکيون کوليون، پر انھن ۾ اھا
جرئت نھ ھئي. ھن جا حواس اڃا چڱيءَ طرح بحال نھ
ٿيا ھئا. مون کيس زوريءَ ٿورو ٻيو بھ شراب پياريو،
پر ڪوبھ کڙتيل نھ نڪتو. ھو پھرين وانگر ستو رھيو ۽
خالي خالي اکين سان ھيڏانھن ھوڏانھن جو جائزو وٺي،
مون کي گھورڻ لڳو.
ڏينھن گذرندو رھيو. منھنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي
ذري ذري اکين ۾ ڳوڙھا تري ٿي آيس. ڪيترا ڏينھن
گذري ويا ھئا جو ھڪ تولو بھ کاڌي جو پيٽ اندر نھ
ويو ھو. ڪنھن نھ ڪنھن طرح رڌڻي ۾ پھتس. اتي ھر طرف
سڃ لڳي پئي ھئي. ٿانو ڀڳا ۽ ٽڙيا پکڙيا پيا ھئا.
خلاصين ڪابھ شيءِ صحيح سلامت نھ ڇڏي ھئي. ڪنڊ ڪنڊ
ڪري ڳولڻ جي باوجود ڪابھ شيءِ کائڻ لاءِ نھ ملي.
اوچتو طوفان جي گوڙ شور ۾ پستول ڇٽڻ جو آواز آيو.
روشندان مان ليئو پائي ڏسان تھ ڊيڪ تي ڏھھ ٻارھن
خلاصي ھڪ لائيف بوٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ ۾
نبيرو ڪري رھيا ھئا. زندگي ۽ موت جي ھيءَ جنگ اڃا
تائين جاري ھئي تھ ھڪ لھر آئي ۽ سڀني کي ٻيڙي سميت
گھلي وئي. ان ئي مھل ھڪ ٻئي سڙھ جي ڏنڊي ڌماڪي سان
اچي ھيٺ ڊيڪ تي ڦھڪو ڪيو ۽ جھاز لاٽمي وانگر گھمڻ
لڳو. مون کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بھ اھڙن حادثن سان
واسطو نھ پيو ھو، پر ان ھوندي بھ سمجھي ويس تھ
جھاز ڪنھن ڪن منجھھ ڦاسي پيو آھي.
ڪئبن ۾ پھتس تھ ٽوني ھنڌ تي اٿي ويٺو ھو. خدا جو
شڪر ادا ڪيم. ھاڻ ھو بلڪل چڱيءَ طرح ھوش ۾ ھو. مون
مختصر لفظن ۾ سڀني واقعن کان کيس آگاھ ڪيو. ڪن ۾
ڦاسڻ جي خبر ٻڌي ھو ڏڪي ويو ۽ اکيون مھٽيندي
چيائين: ”اسان طوفان اندر اچي ويا آھيون. ڇا توکي
پڪ آھي تھ ھن وقت جھاز تي پاڻ ٻن کان سواءِ ٻيو
ڪوبھ بني بشر ناھي؟“
مون ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. ھو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽
چيائين: ”پاڻ کي ھتان جھٽ نڪرڻ جي ڪا تدبير ڪرڻ
کپي.“
ھن کي ٿاٻڙندو ڏسي، مون کي خيال آيو تھ ھي ويچارو
پوڙھو ۽ ڪمزور ساٿي ڪڏھن بھ ڊيڪ تائين پھچي نھ
سگھندو، پر منھنجو اندازو غلط ثابت ٿيو. پوڙھي ۽
ٿڪ ۾ بيحال جسم ۾ خبر ناھي ڪٿان ايتري سگھھ اچي
وئي، جو ھو نھ فقط پاڻ اٿي ھليو، پر مون کي بھ
سھارو ڏيڻ لڳو. اسٽيرنگ ويل ھيڏانھن ھوڏانھن
پنھنجي مرضيءَ سان تکو گھمي رھيو ھو. ٽونيءَ ھن کي
جھلڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ يڪدم پٺٽي موٽي آيو ۽
چيائين: ”دير ٿي وئي. ھاڻي سؤ ماڻھو گڏجي بھ ھن
ڦيٿي کي جھلي نھ سگھندا.“
جھاز آھستي آھستي طوفان جي اک ۾ ئي اچي رھيو ھو ۽
ايترو تھ گھوماٽجي ۽ لڏي رھيو ھو جو اسان ڊيڪ کي
ئي چھٽيا پيا ھئاسين. ايتري ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽
شايد باقي بچيل سڙھ ڏنڊي سميت سمنڊ ۾ وڃي ڪريو.
خوش قسمتيءَ سان ان سان گڏ ھوا جو دٻاءُ ھڪدم
گھٽجي ويو ۽ جھاز جيڪو پھرين لاٽمي وانگر گھمي
رھيو ھو، ھاڻي آھستي آھستي لڏڻ لڳو. اسان سک جو
ساھ کنيو پر جھاز سڄو ڌڏي رھيو ھو ۽ جنھن پاسي
اسين ھئاسين، ان پاسي کان ھيٺاھون ٿي ٻڏڻ لڳو.
ٽونيءَ رڙ ڪئي:
”جھاز ٿو اونڌو ٿئي. رسين کي جھلي ٻئي طرف پھچڻ جي
ڪوشش ڪر، جيڪو مٿاھون آھي، نھ تھ بچڻ جي ڪا اميد
نھ رھندي.“
رسين جي مدد سان اسان جلدي ئي ٻئي پاسي پھچڻ ۾
ڪامياب ٿي وياسين. مون کي ترڻ صفا نٿي آيو، پر ان
وقت اھڙي ڳالھھ بھ ذھن ۾ نھ آئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ
ھيءَ سڄي ڪارگذاري مون سان نھ، پر ڪنھن ٻئي
ماڻھوءَ سان ٿي رھي ھجي. ٽوني جي گڏ نھ ھجي ھا تھ
آئون ڪڏھوڪو ٻڏي وڃان ھا. ھن مون کي جھلي ورتو ھو
۽ منھنجو منھن پاڻيءَ کان مٿي ڪڍي رکيو ھو. پوءِ
ترندي ھڪ ڪاٺ جي ٽڪري ڏي وڌيو، جيڪو چڱي فاصلي تي
ھو. اوچتو منھنجي اکين اڳيان ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ۽
مون اڌ بيھوشيءَ جي حالت ۾ جھاز ڏي آخري نظر وڌي.
مون کي پنھنجي اڳيان پويان جي ڪا خبر نھ رھي.
ھوش آيو تھ چئني پاسي اوندھ ھئي. ڪجھھ خبر نٿي پئي
تھ آئون ڪٿي آھيان؟ پوءِ سمنڊ جي گجگوڙ ۽ ھوا جي
سيسراٽ ان تلخ حقيقت جو احساس ڏياريو ۽ گذري ويل
خوفناڪ لمحن جي ياد ذھن ۾ تازي ٿي وئي. آئون سڙھ
جي ٿلھي لڙھي سان رسيءَ ذريعي ٻڌل ھوس ۽ ڪنھن بھ
قسم جي چرپر ڪري نٿي سگھيس. ٽوني ڪٿي بھ نظر نھ
پئي آيو. مون ھن جو نالو کڻي سڏ ڪيو، پر پاڻيءَ جي
گوڙ گڙڪي ۾ منھنجو آواز ڄڻ دٻجي ٿي ويو. اڪيلائيءَ
جي زھر ڀريل احساس رڳن ۾ خوف جون لھرون ڊوڙائي
ڇڏيون ۽ آئون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس.
روئڻ سان اندر جو بار تھ ھلڪو ٿيو، پر پوءِ بک ۽
سيءُ ورائي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي.
مون وات کڻي کوليو، جيڪو اڃ کان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي
لاءِ سڪي رھيو ھو. مينھن جھليو تھ آسمان تي تارا
ٽمڪڻ لڳا. ھوا جي گھٽجن ڪري ڪجھھ ٺار بھ گھٽيو، پر
تنھن ھوندي بھ منھنجو جسم ۽ دماغ سيءَ کان ٺري
کيرو ٿي پيو ھو. نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ ائين
محسوس ٿي رھيو ھو، ڄن منھنجو جسم ھوائن ۾ اڏامي
رھيو ھجي ۽ آئون جنت ۾ داخل ٿي رھيو ھجان.
خيالن جي دنيا مان نڪتس تھ روشني پکڙجي رھي ھئي.
سمنڊ بھ ھاڻ سانتيڪو ٿي رھيو ھو. ڪنڌ موڙي پويان
کڻي ڏسان تھ ٽوني سڙھ جي ڏنڊي جي ٻي ڪنڊ تي چھٽيو
پيو ھو. ھن جون اکيون بند ھيون ۽ بيھوش ٿي لڳيو.
مون کيس سڏ ڪيا، جيئن مون ڏي نھاري، پر ڪجھھ بھ ھڙ
حاصل نھ ٿيو. پوءِ دل ۾ خيال آيو تھ ڪنھن طرح رڙھي
ھن جي ويجھو وڃجي، مگر ڪيئن؟ سمنڊ جي پاڻي لڳڻ ڪري
رسي اڀامي پئي ھئي ۽ ھاڻي ڳنڍيون کولڻ ناممڪن ڪم
ھو. پنھنجو پاڻ کي جيئرو ڏسي ٿوري دير اڳ جا خوشي
ٿي ھئي، سڀ ڌوڙ ۾ ملي وئي. سمنڊ جي ظلم ۽ غضب بعد
ھڪ ٻيو ڪوڙڪو ڳچيءَ ۾ ڦاسي ويو ھو، جنھن مان آزادي
ملڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. سڙھ جي ٿلھي ۽ کھري
ڏنڊي سان چھٽندي ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري چڪا ھئا. ڇاتي
۽ پاسراٽي سور کان ڏکوئجي رھيون ھيون. ساھ کڻڻ ۾
بھ تڪليف پئي ٿي، پر صبر کان سواءِ ٻيو ڪو چارو بھ
تھ نھ ھو.
پري پري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نظر نھ پئي
آيو. ڏينھن جي روشني ڳاڙھاڻ سان شروع ٿي. ٽونيءَ
کي ھوش اچي چڪو ھو. آئون پنھنجي رسيءَ جون ڳنڍيون
کولڻ لڳس. آخر چڱيءَ جدوجھد کان پوءِ رسيءَ جون
ڳنڍيون کولي ورتم ۽ آھستي آھستي سري ٽونيءَ جي
ويجھو آيس.
اسين ٻئي ماٺ ۾ ھئاسين. گرمي ايتري تھ وڌي ويئي جو
ڄڻ تھ بدن جي کل ٿي سڙي ۽ اسان ذري ذري سمنڊ ۾
غوطو ٿي ھنيو. ھڪ تھ بک ۽ اڃ ۾ باھ ٿي رھيا
ھئاسين، مٿان وري ھن ورزش ھڻي اڌ مئو ڪري رکيو.
شام ڌاري ھڪ ٻھ وڏيون شارڪ مڇيون نظر آيون. اسان
سمجھيو تھ ڄاڻ تھ ھو اسان کي چيرڻ ڦاڙڻ آيون، پر
خوش قسمتيءَ سان ھو پاسو ڏئي لنگھي ويون. ٿي سگھي
ٿو ڪنھن ٻئي قسم جون مڇيون ھجن ۽ ماڻھوءَ تي حملو
نھ ڪنديون ھجن. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪي ڪي اھڙيون
مڇيون بھ ترندي نظر آيون، جن مان کير جھڙي روشني
ٿي نڪتي، پر تمام ھلڪي ھلڪي. قدرت جون ھي عجيب
شيون ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي.
ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس تھ صبح ٿي چڪو ھو. مون
کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھھ نھ وڻيو. ھن مون
کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو ھو، ڪنھن ۾ نھ بک جو
احساس ھو ۽ نھ اڃ جي پيڙا. گذريل سڀ ڏک درد وسري
ويا ھئا. صبح جي اڀرندڙ سج ۾ مون ذرو بھ دلچسپي نھ
ورتي. ڪمزوريءَ ڪري اکين اڳيان تارا نظر اچي رھيا
ھئا. چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڏسي، اڃ جو احساس
ھيڪاندو وڌي ويو. ٽونيءَ منھنجي اھا حالت ڏسي چيو:
”پٽ! سمنڊ جي پاڻيءَ سان پنھنجا چپ کڻي آلا ڪر، اڄ
جي تڪليف ڪجھھ گھٽ ٿي ويندي. پر خبردار رھجان!،
متان سمنڊ جي پاڻيءَ جو زھر جھڙو ڍڪ ڀري وٺين.“
مون ھن جي نصيحت تي عمل ڪندي ھٿن سان چپ آلا ڪيا
پر گرڙي ڪرڻ مھل پنھنجو پاڻ کي قابو ۾ ڪري نھ
سگھيا ۽ پاڻيءَ جو ڍڪ پي ورتم. پر ھي ڇا؟ نڙيءَ ۾
نھ ڪنڊا چڀڻ شروع ٿيا ۽ نھ وري ساڙو. پاڻي اميد جي
خلاف لوڻ کان پاڪ ھو – پاڻي حد درجي جو مٺو ھو
جھڙو پيئڻ جو پاڻ وٽ ڪناري تي ٿئي. آئون پنھنجو
وات پاڻيءَ ۾ وجھي غٽ غٽ پاڻي پيئڻ لڳيس.
ٽوني وائڙن جيان ڏسڻ لڳو. ھن سمجھيو تھ منھنجو
دماغ خراب ٿي پيو آھي. پر پوءِ لڳاتار پاڻي پيئندو
ڏسي پاڻ بھ مون وانگر پيئڻ لڳو. جڏھن ٻنھي پاڻي پي
ڍؤ ڪيو تھ ان معجزي بابت مون ٽونيءَ کان پڇيو.
ھن ڪلھن کي لوڏو ڏيندي چيو، ڪڏھن وڏو درياءَ جڏھن
سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آھي تھ وھڪري جي زور ڪري اھو
درياءُ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملڻ کان اڳ ڪافي پري
تائين پنھنجو رستو ٺاھي وھندو رھندو آھي. لڳي ٿو
تھ پاڻ ڪنھن درياءَ جي ڇوڙ وٽ آھيون ۽ جي واقعي ڪو
درياءُ ويجھو آھي تھ معنيٰ زمين بھ ويجھي ٿي.
ٻنپھرن مھل اڻ چٽا جبل نظر آيا ۽ پوءِ ڪيتريون ئي
ٻيڙيون پري کان ترنديون نظر آيون، پر اسان ڇولين
جي مٿان ستل ڪنھن کي نظر نھ اچي سگھياسين. ڪجھھ
ڪلاڪن بعد جھرڪيون اڏامنديون نظر آيون، جنھن مان
پڪ ٿي وئي تھ آبادي ويجھي آھي، جو اھو پکي اھڙو
آھي جيڪو گھر ۾ ئي رھي سگھي ٿو. پر جي ڪا آبادي نھ
بھ ھوندي، تھ بھ مڇين تي بھ گذاريو ڪري وٺنداسين –
ھن سمنڊ جي عذاب کان تھ بچي وينداسين.
رات جو اسان ترندا ھڪ کاڙيءَ مان وڃي نڪتاسين ۽
صبح جو ھڪ وارياسي ڪناري تي پاڻ کي ستل ڏٺوسين.
اسان جي سامونڊي سفر جي اھا آخري گھڙي ھئي. ان بعد
ڪناري تي ھڪ نئين زندگي شروع ٿي. اھو ڪنارو جيڪو
ھڪ ٻيٽ ھو، جنھن تي رھندڙن جي زبان اسان لاءِ
اوپري ھئي ۽ ماڻھو نوان ھئا، پر وقت سان گڏ اسان
انھن سان رلي ملي وياسين. شاديون ڪيوسين، ٻچا ٻار
ٿيا. يورپ جا ماڻھو نئين دنيا جي ڳولا ۾ لڳا رھيا،
غلامن جو واپار ھلندو رھيو، جھاز ھلائڻ لاءِ
زوريءَ ملاح ۽ نوڪر چڙھندا رھيا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا
جي ميدانن ۽ جھنگلن تي قبضو جاري رھيو، جھنگ وڍڻ ۽
پوک لاءِ اوڀر آفريڪا مان شيدي غلام ايندا رھيا،
آمريڪا کنڊ ۽ ڀر وارن ٻيٽن جي اصلي رھاڪن کي ماري
ڪٽي يا ڀڄائي يورپين پنھنجيون ڪالونيون ٺاھيندا
رھيا.....
|