سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نھ سھي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :12

 

ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ

 

ڪڪرن سج کي لڪائي ڇڏيو، ھوا تکي ٿيندي وئي، ان سان گڏ سمنڊ بھ خراب ٿي ويو. ھڪ ھڪ ڇولي جبل جيڏي ٿيندي وئي ۽ ساڳي وقت ڏسندي ئي ڏسندي آسمان مان پاڻي وسڻ لڳو. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ قدرت ڪاوڙجي پئي ھجي ۽ ھي سمنڊ اھو ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ نھ رھيو ھجي، جنھن ماٺي سمنڊ بابت رومانوي ڪھاڻيون ڪتابن ۾ پڙھبيون آھن.

آئون ”چيڪاٽ“ نالي ھڪ جھاز تي پئسينجر ھوس. ھي جھاز ايڏو وڏو کڻي نھ ھو، تھ بھ چار ھزار کن ٽنن جو ٿيندو ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن جا مسافر ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين کنيائين ٿي – جت ٻيٽن تي ڪنھن زماني ۾ جپان جو قبضو ھو، پر ھاڻي انھن تي انتظام يونائيٽيڊ نيشن (گڏيل قومن) طرفان ھليو ٿي. پاڻيءَ جي ھن ويران دنيا ۾ اسان کي يارھن کان مٿي ڏينھن ٿي چڪا ھئا ۽ اسان ”گئام“ ٻيٽ کان ”ترڪ“ ٻيٽ ڏي وڃي رھيا ھئاسين، جيڪو اوڀر ڪئرولنس ۾ آھي. آئون ان صبح جو سوير ئي ننڊ مان اٿيو ھوس. سامھون ڪمري جي پورٽ ھول (دريءَ) مان پرھھ ڦٽيءَ جي ميرانجھڙي روشني اچي رھي ھئي. اوچتو جھاز جي رفتار گھٽجڻ لڳي ۽ جھاز وچ سمنڊ ۾، جتي ڪنھن بني بشر يا جبل ٽڪر جو بھ نالو نشان نھ ھو، اتي بيھڻ جي ڪري رھيو ھو.

ٽن منٽن اندر آئون ڊيڪ تي پھچي ويس. اھڙو خراب سمنڊ مون ڪڏھن بھ نھ ڏٺو. جھاز جي انجڻ آھستي ٿيڻ سان ”چيڪاٽ“ جھاز پاڻيءَ ۾ پينگھي وانگر لڏڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن سڄو پيرانديءَ سيرانديءَ سمنڊ ۾ ھليو ٿي ويو ۽ مٿان وڏي ڇوليءَ سندس اھو حصو ڍڪي ٿي ڇڏيو. ڪئپٽن ايڊورڊ مٿان نيويگشنل برج تان مون کي پاڻ ڏي سڏڻ جو اشارو ڪيو.

”ھو ڏس“ مٿي پھتس تھ ڪئپٽن سامھون اشارو ڪري چيو. مون

سامھون گھڻو ئي نھاريو، پر ڪجھھ بھ نظر نھ آيو. پنھنجا بائنا ڪيولر (دوربين) مون کي ڏيندي وري سامھون ڏسڻ لاءِ چيائين. سامھون ھڪ بنڊن مان ٺھيل ٻيڙيءَ نما شيءِ خوفناڪ سمنڊ جي ڇولين تي تري رھي ھئي، جنھن کي ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار ئي نھ پئي آيو. مون ڪئپٽن ڏي نھاريو.

”ھڪ وڏي وڻ جي بنڊ جيڏي ڪا مس ٿيندي.“ مون چيو.

”ھا بلڪل صحيح آھين. ھڪ پوراٽيل بنڊ جنھن تي سنھي ڏنڊي جو کوھو پڻ نظر اچي رھيو آھي، منھنجي خيال ۾ تھ ويھھ کن فٽن جو مس ٿيندو.“

اھڙي شيءِ ڪنھن ڍنڍ جي ماٺي پاڻيءَ ۾ ترندي نظر اچي ھا، تھ بھ ننڍڙي سڏجي ھا. ھڪ اٿاھ پئسفڪ جھڙي سمنڊ ۾ تھ رانديڪي جي ٻيڙي لڳي رھي ھئي – اڃا بھ کڻي چئجي تھ ڪنھن ڪاٺيءَ جي ڇوڏي يا ڇيت برابر ھئي. ”چيڪاٽ“ جھاز جي ڊيڪ تان اسان ھن کي گھوري ائين پئي ڏٺو ڄڻ اھا ڪنھن ٻيءَ دنيا مان آيل شيءِ ھجي.

چتائي ڏٺوسين تھ ان ٻيڙيءَ تي ڪجھھ ماڻھو ائين چري پري رھيا ھئا، جيئن ڪنھن گاھ جي پن تي ماڪوڙيون ھلن چلن ۽ اھا سڄي ٻيڙي ماڻھن سميت رکي رکي سمنڊ جي ڇولين سان ڌوپي ٿي وئي. مزي جي ڳالھھ اھا تھ اسان جي جھاز کي ڏسڻ کان پوءِ بھ ھنن بچاءَ يا مدد لاءِ اسان کي اشارو نھ ڪيو. ان جي معنيٰ تھ ھو ھھڙيءَ حالت ۾ ھوندي بھ ڪنھن مصيبت ۾ نھ ھئا؟

”جيڪڏھن ھو ان کي مصيبت نٿا سمجھن.“ ڪئپٽن ايڊورڊ چيو، ”تھ پوءَ اھڙن ماڻھن لاءِ دنيا ۾ ڪابھ مصيبت ٿي نٿي سگھي.“

اسان پنھنجي جھاز ”چيڪاٽ“ جو رخ اھڙيءَ طرح ڪيو، جيئن لڳندڙ ھوا ۽ لھرون ان ننڍڙي ترندڙ شيءِ کي اسان جي ويجھو آڻي سگھن. پئسفڪ سمنڊ جي مائڪورنيشين ٻيٽن تي استعمال ۾ ايندڙ ڪئنوز (ننڍڙين ٻيڙين) جيان ھيءَ پڻ ھڪ ڪئنو ھئي، جنھن ۾ ماڻھوءَ کي ويھڻ ۾ بھ خبرداري ڪرڻي ٿي پيئي ۽ ٿوري بھ لوڏي يا وزن جي گھٽ وڌائيءَ ڪري ھوءَ ٻڏي سگھي ٿي. ان ننڍڙي ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڇانولي لاءِ ٿورو ڪکن ۽ گاھ جو منھھ ھو، جنھن جي وچان بنا سرھ جي ڏنڊو اڀو ٿيل ھو. رکي رکي سمنڊ جون ايڏيون وڏيون ڇوليون ٿي آيون جو اسان جي جھاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ ۾ وڏي ڀت ٺھيو ٿي ويئي ۽ ھڪ ٻئي کي ڏسي نٿي سگھياسين. اسان تھ ائين ٿي سمجھيو تھ ويا ٻڏي، پر لھر لنگھي وڃڻ بعد ھيءَ ننڍڙي ٻيڙي ۽ منجھس سوار پنج ڄڻا وري چٽيءَ طرح نظر ٿي آيا. جيتوڻيڪ ڪپڙن لٽن ۽ منھن مھانڊي مان ھو موسم جا ماريل ۽ سيءَ جا سٽيل ٿي لڳا، پر سڀئي ڄڻا ڪم ۾ رڌل ھئا. ھڪ ھمراھ ٻيڙيءَ جي رخ کي پئي ڦيريو گھيريو ۽ ٻين ٻيڙيءَ اندر آيل پاڻيءَ کي ننڍن دٻن ۽ ٻڪن سان ٻاھر پئي ڪڍيو. منجھن ھڪ ھمراھ پوڙھو ٿي ڏٺو، ٻيو اڌڙوٽ ۽ باقي ٽي ڄڻا ايترا تھ ننڍا ھئا، جو مڇن جي ساوڪ ئي اڃا نھ آئي ھين. سڀني ھمراھن کي ڦاٽل گنجيون يا قميصون ھيون ۽ ھيٺان پوتڙا يا ڪڇي نما پراڻيون چڍيون.

ڏھن منٽن اندر ٻيڙي ۽ اسان جو جھاز ھڪ ٻئي جي پاسي کان پھچي ويا. اسان جي جھاز جي انجڻ ھاڻ صفا بند ڪئي وئي.

جھاز جي پاسي ۾ بيٺل ھيءَ بنڊ نما ٻيڙي صفا ننڍڙي نظر اچي رھي ھئي. اسان جو چيف ميٽ اسٽينلي ان ٻيڙيءَ جي سڌائيءَ ۾ مٿان ڊيڪ تي بيھي ساڻن خبر چار ڪرڻ لڳو. جھاز جا خلاصي، جن کي ٻيڙيءَ وارن جي ڪجھھ ڪجھھ ٻولي سمجھھ ۾ آئي ٿي، سي سندن ڳالھھ ٻولھھ ترجمو ڪري چيف آفيسر کي ٻڌائڻ لڳا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل بدنصيب مسافرن کي دراصل سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ آيا کين ڪنھن مدد جي بھ ضرورت آھي يا نھ؟ ماڳھين ھنن اسان کان پڇيو تھ اسان جو جھاز ڪيڏانھن وڃي رھيو آھي؟ انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي آھي ڇا جو بيھاريو اٿانو؟

”ترڪ ٻيٽ ڏي اسان وڃي رھيا آھيون.“ جھاز جي ڪنھن خلاصيءَ کين ٻڌايو.

آخرڪار ڪجھھ بحث مباحثي بعد چيف آفيسر ڊيڪ تان رڙ ڪري ڪئپٽن کي ٻڌايو:

”ھي چون ٿا تھ جھاز تي اينداسين پر ان شرط تي تھ ساڻن گڏ سندن ٻيڙيءَ کي بھ مٿي چاڙھيو وڃي.“

”اسان تي چڱو ٿورو ٿا ڪن. ھڪ تھ سندن حالت ڏسي کين بچائڻ لاءِ بيٺا آھيون.“ ڪئپٽن وراڻيو. ”چڱو ڀلا، چاڙھين. ڇا ياد ڪندا. ٻيڙيءَ کي بھ ڊيرڪ ذريعي مٿي ڇڪراءِ.“

ونچن جي مشينري ھلائي وئي ۽ ڇڪڻ وارو ڏنڊو ٻيڙيءَ جي سنوت ۾ اڀو آڻي رسو ڍرو ڪري ٻيڙيءَ کي ٻڌيو ويو. ماڻھو ھڪ ھڪ ٿي ٻئي رسي جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙھي آيا – سواءِ پوڙھي جي. ھو ٻيڙيءَ ۾ ئي ترسيو ۽ پوءِ ونچ ذريعي جڏھن ٻيڙيءَ کي مٿي کنيو ويو تھ ان سان گڏ گڏ پاڻ بھ مٿي آيو. ڊيڪ تي پھچڻ بعد بھ پوڙھو ڏاڍي سڪون سان ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺو رھيو. ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڌاڳي ۾ ھڪ لاڪيٽ چمڪي رھيو ھوس. پري کان مون تھ سمجھيو تھ ڪا قيمتي شيءِ ھوندس. ويجھو اچي معلوم ٿيو تھ ٻاٽليءَ جي کولڻي (اوپنر) آھي. سندس ھنج ۾ ڀڳل قطب نما ھئي. اڳواٽ چڙھيل باقي چار ماڻھو بھ ھن سان وڃي مليا.

ھي ٻيڙو، پھرين جيڪو اندازو لڳايو ھئوسين، ان موجب ويھھ فٽ کن جو ئي ھو – اھو ھڪ ئي بنڊ مان ٺھيل نھ ھو، پر ڪٺل جي وڻ مان نڪتل تختن جھڙن پترن کي سمنڊ جي ڪورالي کونئر سان چنبڙائي ٻيڙي ٺاھي وئي ھئي. ڪٿي ڪٿي ناريل جي کونڌي سان ٻڌل ھئي. منجھس ڪو ھڪ بھ ڪوڪو يا ڪلي ٺوڪيل نھ ھئي. بھرحال! اھا ٻيڙي ايتري تھ سنھي ۽ تانگھي ھئي، جو ماڻھو منجھس پلٿ ماري يا گوڏا ڀڃي ويھي ٿي سگھيو ۽ ڇانوري لاءِ جيڪو منھھ ٺاھيو ھئائون، سو ڏيڍ فٽ کن مس مٿي ٿيندو.

ٻيڙيءَ جو سڙھ ڇا ھو؟ ھڪ پراڻن ٿلھن ڪپڙن کي ڳنڍ ٽوپو ڪري ٺاھيو ويو ھو. کاڌي پيتي جي شين جو تھ نالو نشان بھ نھ ھو. فقط ڪجھھ آلن ڪوئلن جا ٽڪر ھئا ۽ ڪجھھ چٻا ٿيل جست جا ديڳڙا – جن ۾ کاڌو پيتو تھ خير ڪو رڌو ھوندائون، ٻيڙيءَ مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ جو ڪم ئي انھن کان ورتو پئي ويو. ھن حالت ۾ بھ ان ٻيڙيءَ ۾ فٽ کن پاڻي اڃا موجود ھو ۽ ان جا مالڪ – پنج ئي ڄڻا انھن ٿانون سان پاڻي ڪڍڻ ۾ مشغول ھئا. کلئي سمنڊ ۾ ان ۾ ترڻ ائين ھو، جيئن وھنجڻ جي ٽب ۾ پاڻ کي وجھي نل کولي ڇڏڻ.

پنھنجي ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ سڙھ لاھي سڪائڻ لاءِ ڊيڪ تي وڇايائون. جتان جتان ڦاٽل ھئو، اتي ٽوپا ڏنائون. ناريل جا رسا جتان ڍرا ٿي ويا ھئا، انھن کي ڇڪي ٻڌائون. سندن سڄو ڌيان پنھنجي ان ننڍڙي ٻيڙي ڏي ھو. ھنن مان ڪنھن ھڪ کي بھ ڪنھن دوا درمل جي ضرورت نھ ھئي – نھ تھ اھڙين حالتن ۾ ماڻھو اڌ مئو ٿيو وڃي. ڌڪ سور ۽ ڦٽ ڦرڙيءَ کان علاوه اڻ پوري کاڌي خوراڪ ۽ سامونڊي لوڏن ڪري الٽيون، دست، بخار، ٻيون ڪيتريون ئي ڪمزوريءَ جون بيماريون ٿيو پون. بھرحال! في الحال ھنن کي کائڻ لاءِ ڪجھھ کتو ٿي. کين نيٺ جڏھن چيو ويو تھ بابا! ھاڻ ڇڏيو انھيءَ ٻيڙيءَ کي، اھا بلڪل سڄي سنئين آھي. تڏھن اٿي رڌڻي ڏي ھليا ۽ پيٽ ڀري ماني کاڌائون. ھن ھن کان ڪڇا، چڍيون يا ٽوال وٺي کين ڏنا ويا، جيئن ڦاٽل ۽ پسيل ڪپڙن جي جند ڇڏين. انسان تھ ھئا ئي، سو ڪجھھ دير ننڊ ڪرڻ ٿي چاھيائون. ٿڪ ڪري ايڏا ساڻا ٿيل ھئا جو ليٽڻ سان کونگھرا ھڻڻ لڳا. ننڊ کان پوءِ اسين انھن جي چوڌاري ويھي، سندن ڪھاڻي ٻڌڻ لڳاسين. جھاز جا خلاصي سندن ۽ اسان جون ڳالھيون وري ترجمو ڪرڻ لڳا.

سڀني ۾ جيڪو وڏيءَ عمر جو ھو، اھو حال احوال ٻڌائڻ لڳو. ھن جو نالو ”سرناس“ ھو. ٻيا جيڪي ھئا، سي ھن جا مائٽ ھئا يا شايد ذات ڀائي. ھو پولاپ ٻيٽن کان اچي رھيا ھئا ۽ کين ”ترڪ“ ٻيٽ ڏي وڃڻو ھو.

”پولاپ کان توھان ھن ٻيڙيءَ ۾ پيا اچو؟“ ڪئپٽن نقشي تي آڱري رکندي، ھنن کان پڇيو. ”پر پولاپ ھتان کان ٽي سؤ ميل اوڀر ۾ آھي ۽ ترڪ ٻيٽ پولاپ کان 150 ميل اڃا بھ اڳتي ھلڻ بعد ٿو اچي، تنھن جي معنيٰ تھ توھان کان رستو وڃائجي ويو آھي.“

”نھ، اسان ھن پاسي اڇلجي آيا آھيون.“

ھنن کي سمنڊ تي ھن حالت ۾ ٽيھھ ڏينھن ٿي چڪا ھئا. سرناس پنھنجي ٻنھي ھٿن جون ھڏائون آڱريون ٽي دفعا کولي ڏينھن جو انگ ٻڌايو.

”ٽيھھ ڏينھن“ ھن وري ورجايو. جيتوڻيڪ اھو سفر چئن ڏينھن جو آھي – جيڪو ھو پھرين بھ ڪندو رھيو آھي. پر ھن دفعي سمنڊ ۾ ھوائون اھڙيون تھ خراب ۽ سامھون جون ملين جو ھو پٺتي اڇلجي ويا. ان کان علاوه ھن دفعي ھن جو قطب نما بھ صفا جڏو ٿي پيو. اھو ڪمپاس (قطب نما) کين ھڪ جپاني مڇي ماريندڙ ٻيڙيءَ مان مليو ھو.

بھرحال! پوڙھي ٻڌايو تھ سامھون جون ھوائون ۽ لھرون کين روزانو پٺتي اولھھ ڏي ڌڪيندويون رھيون. سامھون جو واءُ ايڏو تھ تکو لڳندو رھيو، جو ھو ان اڳيان بي وس ھئا. سمنڊ جي وڏين ڇولين سان سڄي ٻيڙي ڀرجي ٿي وئي ۽ ھو ڏينھن رات واري وٽيءَ تي ان مان پاڻي ئي ڪڍندا رھيا – نھ تھ ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جو خطرو ھو. ان ھوندي بھ ڪڏھن ڪڏھن ”سانتا – مارئيا“ پاڻيءَ سان اڌ ٿي ٿي وئي.

”سانتا – مارئيا“ سندن ان لاڏلي ٻيڙيءَ جو نالو ھو. تنھن جي معنيٰ ھنن جي ٻيٽ تي مذھب جھڙي شيءِ پڻ آھي ۽ ان نالي مان لڳو ٿي تھ ھو عيسائي (ڪيٿولڪ) آھن. پڇڻ تي سرناس ڇاتيءَ تي صليب جو نشان ٺاھيو.

کاڌي پيتي جو ڇا ٿي ڪيانو؟ اسان پڇيوسون. ھنن ٻڌايو: شروع ۾ ھنن وٽ ڪجھھ ناريل، ڪٺل ۽ ٻيو ڪجھھ جھنگلي ميوو ھو. باھ ٻارڻ لاءِ ڪھھ تيليون ۽ ڪوئلا بھ ھئا. جڏھن ميوو ختم ٿي ويو ۽ ڪوئلا سڀ پسي ويا تھ پوءِ روز مڇيون ڦاسائي ان تي گذارو ڪندا ھئا. ڀاڳ سٺو ھئن جو روز ڪا نھ ڪا مڇي ڦاسيو ٿي وئي. آخري ڏينھن تائين ھنن ڪل ٽيھھ مڇيون جھليون – يعني سراسر ھڪ مڇي روز ٿين، جيڪا ھو حصا پتيون ڪري ڪچي کائيندا ھئا. پاڻيءَ جي معاملي ۾ بھ ڀاڳ وارا ھئا جو ٿورو گھڻو روز مينھن وسندو ھو ۽ پيئڻ لاءِ چڱو پاڻي گڏ ڪري وٺندا ھئا. ڇڙو راتيون سخت ٿينديون ھيون جو ڪپڙو گندي نھ ھئڻ ڪري سڄي رات پاڻيءَ ۾ پسندا ۽ سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا.

ھڪ ڳالھھ غور طلب اھا تھ جڏھن اسان ھنن ھمراھن کي کنيو، ان وقت کين اھا سڌ سماءُ ھئي تھ ھو ان وقت سمنڊ جي ڪھڙي حصي ۾ ھئا؟

ھائو، بلڪل. ھنن جي خيال موجب ھو افاليڪ واري حصي ۾ ھئا، جيڪو ياپ علائقي ۾ آھي ۽ ھتان اتر – اولھھ پاسي ٿيندو. ڪئپٽن ۽ چيف آفيسر وري نقشو ڏٺو ۽ تعجب مان ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. افاليڪ واقعي ايڏانھن ئي ھو. کين اسان جتان کنيو ھو، اتان کان پنجٽيھھ ميل پري ھو ۽ پورا پنج سؤ ميل پر ڀرو سندن منزل – ترڪ ٻيٽ ھو.

ان کان پوءِ اسان پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳاسين تھ ڪمال آھي، پاڻ پارا جيڪڏھن اھڙي قسم جي ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾، اھڙي خراب سمنڊ ۾ ٽيھھ ڏينھن ھجون ھا تھ ڪھڙي نھ حالت ٿي وڃي ھا. جسماني طرح بھ تھ ذھني طرح بھ ۽ پوءِ مدد ملڻ تي ڪيڏي نھ خوشي ٿئي ھا. پر ھنن ھمراھن لاءِ ھر ڳالھھ نارمل ھئي. ھنن جي دل ۽ دماغ تي ڪنھن بھ قسم جو بار يا پريشاني نھ ھئي. ”جيڪڏھن سمنڊ تي گم ٿي وڃون ھا تھ پوءِ ڇا ٿيو؟“ ھنن ٻڌايو. ھن کان اڳ بھ ائين ٿيندو رھيو آھي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪي ملندا آھن تھ ڪڏھن نھ. ڪي تھ وري ٻين دور دراز ٻيٽن کان وڃي نڪرندا آھن ۽ اتي ئي پنھنجو ٺام ٺڪاڻو ٺاھين.

اڄ بھ ڪيترا ئي اھڙي قسم جا ماڻھو نيو گائنا کان فلپين جي ٻيٽن تي ملندا.

ھھڙي ٻيڙيءَ ۾ کاڌي پيتي بنا، سمنڊ تي ٽيھھ ڏينھن، منزل کان پنج سؤ ميل ڏور ڌڪجي وڃڻ، اھو ڪيڏو نھ وڏو حادثو چئي سگھجي ٿو. پر ھنن ماڻھن جون دليون تھ ڏسو، ڄڻ ڪا ڳالھھ ئي نھ ھجي. ان جي شاھدي سندن پرسڪون جسم ۽ اکيون بھ ڏئي رھيون ھيون.

سرناس ڪجھھ وري چئي رھيو ھو. خلاصين ٻڌايو تھ ھو ٿو پڇي تھ ھاڻ تھ بس! ٻيو تھ پڇڻو نھ اٿو؟ جيئن ھو وڃي پنھنجي ٻيڙيءَ جي ٽھل ٽڪور ڪن. ھو چاھين ٿا تھ ھوءَ اھڙي مضبوط ٿي وڃي جو ترڪ ٻيٽ کان واپس پنھنجي ٻيٽ پولاپ ويندي منجھس پاڻي نھ سمي.

”ڀلي“ ڪئپٽن کلندي کين موڪل ڏني، پر وري کيس اھو ڌيان ۾ اچي ويو تھ کانئن اھو تھ پڇجي تھ ھو ھھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ھيترو پري، آخر ويا ڪھڙي ضروري ڪم لاءِ پئي؟

سرناس ان جو بھ جواب ڏنو، جيڪو خلاصين ترجمو ڪري ٻڌايو: ”سائين ھي ٿو چوي تھ بس ائين ويٺي ويٺي خيال آيو تھ ھلي ڀر واري ٻيٽ تان سگريٽ وٺي اچن.“

”بس! رڳو سگريٽن ڪارڻ؟“ ڪئپٽن سان گڏ اسان بھ وائڙا ٿي وياسين.

”جي ھا! رڳو سگريٽن لاءِ. ٻي ڪنھن شيءِ جي في الحال ضرورت نھ ھئي.“

اسان ھڪڙو سڄو ڏنڊو (ڪارٽن) سگريٽن جو کين کولي ڏنو، جيڪو ھو باقي واٽ ڇڪيندا بھ ھليا تھ پنھنجي ٻيڙي سانتا – مارئيا تي ڪم بھ ڪندا رھيا. ڪھڙي برانڊ جا سگريٽ وٺڻ پئي ويا؟ ھنن وري اھو بھ نھ ٻڌايو. جيڪي پراڻي سراڻي اسٽاڪ جا سگريٽ ڪڍي ڏناسين، سي خوش ٿي ڇڪيندا رھيا.

 

 

S.O.S ناٽ – ناٽيڪل ميل ۽ سمنڊ

 

پھرين وڏي لڙائيءَ جي ڏينھن ۾ ڪيترا ئي سامونڊي حادثا پيش آيا. ايندڙ ڪھاڻي ”جھاز جو ٻڏي وڃڻ“ سڀ کان وڏي مسافر جھاز لوسيتانيا جي حادثي جي آھي، جنھن بابت انھن ڏينھن جي اخبارن ۾ حادثي کان اڳ کان وٺي، باقي بچي ويلن جي انٽرويو جي آڌار تي ٺھيل ڪھاڻي آھي، جيڪا ايم اي ھوئيلنگ جي مشھور ليک ”دي لاسٽ وائيج آف لوسيتانيا“ جو تت آھي.

لوسيتانيا جھاز انھن ڏينھن جي مشھور ڪمپني – ڪونارڊ جو سڀ کان وڏو جھاز ھو. ڪونارڊ ڪمپني اڄ بھ دنيا جي وڏي ۽ ساک واري ڪمپني مڃي وڃي ٿي ۽ ”ڪئين ايلزبيٿ“، ”ڪئين مئري“ ۽ ”مئري ٽو“ جھڙا ناليرا پئسينجر جھاز، ان ڪمپنيءَ جا آھن.

پھرين وڏي لڙائي، جنھن جي ھيءَ ڪھاڻي آھي، 1914ع کان 1918ع تائين ھلي. اھا شروع يورپ ۾ ٿي، پر سندس اثر پوري دنيا جي ٻين کنڊن تائين پڻ رسيو. ھڪ پاسي جرمني ھئي، جنھن جو پاسو آسٽريا، ھنگري، بلغاريا ۽ ترڪيءَ جھڙن ملڪن کنيو ۽ ٻئي پاسي انگلينڊ (۽ ان جون ڪالونيون آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره)، آمريڪا، فرانس، روس، اٽلي، جپان ۽ بيلجم وغيره ھئا.

ھن کان پھرين بيان ڪيل سامونڊي سفر ٻي وڏي لڙائيءَ جو ھو، جيڪا 1939ع کان يورپ ۾ شروع ٿي ۽ دنيا جي ٻين کنڊن، سمنڊن ۽ ھوائن ۾ نھ فقط پکڙجي وئي، پر اتي وڙھي پڻ وئي. ٻيءَ وڏيءَ جنگ ۾ جرمني، جپان ۽ اٽلي ھڪ طرف ھئا تھ، ٻئي پاسي ساٿي ملڪ: آمريڪا، روس، انگلينڊ، فرانس، چين، ھندستان، پولينڊ، يوگوسلاويا وغيره ھئا.

S.O.S جو مطلب آھي Save Our Souls – اسان جون جانيون بچايو. جھاز ٻڏڻ وقت ھي سگنل ڏبو آھي، جيئن اوسي پاسي جا جھاز ۽ ڪناري وارا اھو نياپو ملڻ سان مدد لاءِ نڪرن. اڄڪلھھ تھ ھر جھاز تي اھڙو سسٽم رکيو ويو آھي، جو جھاز جي ٻڏڻ سان اھو سگنل پاڻھي ٽرانسميٽ ٿيندو رھي ٿو ۽ اوسي پاسي جي جھازن جا رسيور چاھي بند ھجن، تھ بھ ھو اھڙي نموني سان ٺھيل آھي، جو ھن سگنل جون لھرون ھوا ۾ پيدا ٿيڻ سان پاڻھي ئي آن ٿيو وڃن ۽ ان سان گڏ الارم بھ وڄيو وڃي، جيئن ريڊيو آفيسر ننڊ ۾ ھجي تھ بھ ھن سگنل حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿي وڃي.

ناٽ ۽ ناٽيڪل ميل

ناٽيڪل ميل ڪناري واري (Statue – Mile) ميل کان ٿورو وڏو ٿئي ۽ ٻي ڳالھھ تھ ناٽيڪل ميل دنيا جي قطبن وٽ ٿورو ننڍو ٿئي ۽ خط استوا وٽ وڏو – جو ناٽيڪل ميل دراصل ڪنڊ (Angle) جي حساب سان ماپيو وڃي ٿو. ھيءَ دنيا گدري وانگر گول آھي ۽ سڄي گول ۾ 360 ڊگريون ٿين ٿيون. وري ھر ھڪ ڊگريءَ جا سٺ حصا ڪبا تھ ھر ھڪ حصو منٽ ٿيو، يعني 360 ڊگرين جا ٿيا 21600 منٽ. ھاڻي اھو ھڪ ھڪ منٽ ھڪڙو ناٽيڪل ميل سمجھڻ کپي ۽ دنيا جي گولي جو گھيرو 21600 ناٽيڪل ميل ٿيو. پر جيئن تھ گدري جون فارون ڪبيون تھ ھر ھڪ ڦار وچ تي ٿلھي ۽ پاسن کان (قطبن کان) مٿان ھيٺا سنھي ٿئي ٿي، اھڙو ئي حساب ڌرتيءَ جي گولي جي ماپ جو آھي. يعني صحيح ۽ گھڻي کان گھڻو ناٽيڪل ميل – مفاصلو وچ تي – خط استوا تي ٿيندو. بھرحال! سمنڊ تي رستو ماپڻ ۽ سولي حساب ڪتاب لاءِ ڊگرين ۽ منٽن ذريعي ناٽيڪل ميل رکيو ويو آھي. باقي ھونءَ دنيا جو گھيرو خشڪيءَ جي ميلن جي حساب سان 24900 کن ميل ٿئي ٿو.

ناٽ رفتار جو ماپو آھي: 15 يا 20 ناٽ. معني اوترا ناٽيڪل ميل ڪلاڪ ۾ جھاز ھلي ٿو. پاڻيءَ جا جھاز ويھن پنجويھن ناٽن تائين ھلن ٿا، پر جنگي جھاز ٽيھھ پنجٽيھن تائين بھ ھلن. ھونءَ اڄڪلھھ تيل جي مھنگائيءَ ڪري مال بردار ۽ مسافر جھاز گھڻو ڪري 15 کان 20 ناٽ تائين ھلن ٿا.

لاگ بڪ

ھر جھاز تي لمحي لمحي جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪار ھڪ

ڊگھي نوٽ بک تي لکيو ويندو آھي، جنھن کي لاگ بڪ سڏجي ٿو. اھو لاگ بڪ اڳتي ھلي ثبوت طور ڪم آڻي سگھجي ٿو تھ فلاڻو ڪم ڪنھن ڪيو، ڪڏھن ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ يا فلاڻي وقت فلاڻي جي ڊيوٽيءَ ۾ ھي ڳالھيون رونما ٿيون، وغيره.

ائٽلانٽڪ سمنڊ – دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ آھي، جنھن جي ايراضي اٽڪل ٽي ڪروڙ ارڙھن لک چورس ميل آھي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تھ سڄي پاڪستان جي ايراضي اٽڪل ٽي لک چورس ميل آھي. يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ پاڪستان کان سؤ دفعا وڏو ٿيو. پھرين نمبر تي وڏو سمنڊ پئسفڪ آھي، جنھن جي ايراضي ڇھھ ڪرور اٺٽيھھ لک چورس ميل آھي – يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ کان بھ ٻيڻو آھي ۽ ٽين نمبر تي ھندي وڏو سمنڊ ٿو اچي.

 

 

جھاز جو ٻڏڻ

 

ھي پھرئين مئي 1915ع جو صبح ھو. نيويارڪ شھر مٿان آسمان ڪڪرن سان ڀريو پيو ھو ۽ جيتوڻيڪ رکي رکي سنيھون بوندون وسي رھيون ھيون، تھ بھ ماڻھو خوش ھئا، جو ھفتي جو آخري ڏينھن ھو ۽ اڳيان موڪلون ھيون. اونھاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ تمام گھڻا آمريڪي يورپ وڃڻ جو پروگرام ٺاھي ويٺا ھئا، پر ماڻھن جيئن ئي صبح جي اخبار ورتي تھ سندن اميدون پاڻيءَ ۾ لڙھي ويون. اخبار جي پڇاڙڪي صفحي تي جرمن سفارتخاني طرفان ھڪ چتاءُ ڇپيل ھو:

”ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار وڃڻ وارن مسافرن کي ٻڌائجي ٿو تھ جيئن تھ جرمني ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ جنگ ھلي رھي آھي، سو ائنٽلانٽڪ سمنڊ جي ھن پار، برطانيھ ويندر مسافر پنھنجي سلامتيءَ جو ذمو پاڻ کڻي وڃن.“

افسوس ۽ تعجب جي اھا ڳالھھ تھ ان نوٽيس جي پاسي ۾ ئي ھڪ ٻيو اشتھار ڏنل ھو. ھي ڪونارڊ ڪمپنيءَ طرفان ھو:

”دنيا جو وڏو جھاز لوسيتانيا، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سفر تي روانو ٿي رھيو آھي. دنيا گھمڻ جو سنھري موقعو.“

نيويارڪ جي اخبار نويسن جرمن سفارتخاني کان معلوم ڪيو تھ سفارتخاني جي ترجمان، ان ڳالھھ جي تصديق ڪئي تھ اھو نوٽيس واقعي اسان جي حڪومت طرفان شايع ڪرايو ويو آھي. آمريڪا جيئن تھ اسان جو دوست ملڪ آھي، ان ڪري اسان چاھيون ٿا تھ ھن جا شھري ھر قسم جي نقصان کان بچيل رھن.

”لوسيتانيا“ جھاز لنگر کڻڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. بندرگاھ تي مسافرن جي پيھھ پيھان ھئي. ماڻھو ھڪ ٻئي کان موڪلائي رھيا ھئا. اميگريشن ۽ ڪسٽم جا آفيسر انھن سوين مسافرن جا ڪاغذ پٽ ۽ سامان جانچڻ جي ڊيوٽي ڏئي رھيا ھئي. مسافرن ۾ عام شھرين کان وٺي ڪروڙ پتي واپاري ۽ نوان شادي شده جوڙا شامل ھئا. انھن ۾ جارج ڪينسلر، شراب جو مشھور واپاري بھ ھو، جنھن وٽ ويھھ لک ڊالرن جي وڏي رقم ھئي. ان کان علاوه ٿيٽر جي شھرت يافتھ اداڪارا مس جوليٽ بھ ان جھاز ۾ سفر ڪري رھي ھئي. ھڪ صحيح اندازي مطابق اٺھٺ تھ رڳو ٻار پنھنجن مائٽن سان گڏ ھئا.

اخباري رپورٽر ۽ ڦوٽو گرافر جھاز جي عملي جي چوڌاري ڦريو بيٺا ھئا. جھاز جو اوڻھٺ سالن جو ڪئپٽن ٿامس پرسڪون نظر اچي رھيو ھو. ھڪ اخباري رپورٽر جرمن سب مئرين جي خطري جي ڳالھھ ڪڍي تھ، ھن کلندي جواب ڏنو:

”جيڪڏھن ھن جھاز لوسيتانيا کي خطرو ھجي ھا تھ مسافر ايتري گھڻائيءَ ۾ ھن جھاز جي سفر جون ٽڪيٽون ھرگز خريد نھ ڪن ھا. توھان بي اونا رھو، ٽارپيڊرو جو ڊپ اجايو آھي، جرمن پنھنجي ”يو – بوٽن“ جو سڄو ٻيڙو بھ سمنڊ ۾ آڻين، تھ بھ اسان جو وار ونگو نٿا ڪري سگھن. مون کي خبر آھي تھ جرمن سب مئرين جي رفتار اسان جي جھاز کان تمام گھٽ آھي.“

ھي جھاز جي عملي ۽ سفر ڪرڻ وارن جو حال ھو. پر عوام جي ڪيفيت ان کان گھڻو مختلف ھئي. اخبار ۾ جرمني وارن جو چتاءُ ڇپيو تھ، ھر ماڻھو منجھي پيو. عام خيال اھو ھو تھ جھاز کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي.

ڪونارڊ ڪمپني جي مالڪن ۽ آفيسرن کي ڪيتريون ئي تارون مليون، جن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو سفر رد ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني وئي. ھڪ تار ۾ تھ ايتري قدر نياپو موڪليل ھو: ”آئون اھا ڳالھھ پڪ سان چئي رھيو آھيان تھ، لوسيتانيا جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويندو. چڱو ٿيندو جو توھان ھي سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو.“ ذاتي طرح ڪجھھ مسافرن کي بھ ان قسم جون تارون مليون ھيون، پر ان ھوندي بھ جھازران ڪمپنيءَ جو فيصلو اھو ئي ھو تھ، جھاز پنھنجي شيڊول (پروگرام) مطابق سفر تي روانو ٿي وڃي.

لوسيتانيا جھاز جي ماسٽ تي آمريڪي جھنڊو ڦڙڪي رھيو ھو ۽ چوڌاري رنگا رنگ لغڙين سان جھنجھيل ھو. جھاز جا چارئي اسٽيم ٽربائين گھٽيل آواز ۾ ھلي رھيا ھئا. پورا ساڍا ٻارھن وڳا تھ ڪئپٽن ھلڻ جو حڪم ڏنو ۽ جھاز نيويارڪ جي خليج ھڊسن جي گودي نمبر 54 کان روانو ٿيو. ھن چرپر ڪندي اھڙي تھ خوفناڪ وسل وڄائي، جو ماڻھن کڻي ڪنن تي ھٿ رکيا. جھاز جي ڊيڪ تي ڄڻ ميلو متو پيو ھو. نچندڙن جون ٽوليون ڳائڻ وڄائڻ ۾ مصروف ھيون. گوديءَ تي آيل ماڻھو گلن جون پتيون مٿان اڇلي رھيا ھئا.

جھاز گوديءَ مان نڪري کليل سمنڊ ۾ اچي ويو، پر ماڻھو اڃا تائين رومال ۽ ٽوپلا لوڏي پنھنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کان موڪلائي رھيا ھئا. ڪجھھ ماڻھن جي ھٿن ۾ اتحادي ملڪن جا جھنڊا ھئا، جن کي ھو اعتماد سان ھوا ۾ لوڏي رھيا ھئا.

يورپ جي جنگ جو ڄڀيون ڏينھون ڏينھن وڌي رھيون ھيون. برطانيا جي شاھي بحري فوج (Royal Navy) جرمن يو بوٽن جي ھڪ اڏي زيبرگ تي بمباري ڪئي ھئي، جنھن جي جواب ۾ جرمنن ٻائيتاليھھ سينٽي ميٽر جي پري مار ڪندڙ توبن سان ڊنڪرڪ تي بمباري شروع ڪري ڏني ھئي. ڏور اوڀر ۾ جپانين، پيڪنگ کي الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو ھو. چوڌاري جنگ جي باھ ڀڙڪي رھي ھئي، پر واشنگٽن جا حاڪم اڃا تائين پنھنجين جاين تي مطمئن ھئا. آمريڪا جي صدر کي پڪ ھئي تھ ھن جو ملڪ ان جنگ ۾ نھ ٽپندو.

ائٽلانٽڪ ۽ ڀؤنچ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ جرمن سڀ مئرين تباھي مچائي ڏني ھئي. اھي برطانيھ ٻيٽ جي چوڌاري گھمنديون رھيون ٿي. ھو پنھنجي بحري ھيڊ ڪوارٽر تان حڪم ملندي ئي، پنھنجي مھم تي روانيون ٿي ٿي ويون ۽ بنا ڪنھن خيال ۽ لحاظ جي ھر جھاز کي تباھ ڪرڻ ٿي لڳيون.

ھيگ ڪنوينشن موجب واپاري ۽ مسافر بردار جھاز تي حملو ڪرڻ ھڪ غير قانوني قدم ھو، پر ان جي ڪنھن کي بھ پرواھ نھ ھئي. آئرلئنڊ جي ڏکڻ اولھھ ۾ جرمن سب مئرين ”يو 20“ اٽڪل ٽي برٽس جھاز ۽ ھڪ روسي اسٽيمر ٻوڙي چڪي ھئي. ھڪ آمريڪي ٽئنڪر ”سي گل فلائيٽ“ سسليءَ جي ويجھو تارپيڊرو جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو ھو. ڊئنمارڪ جو اسٽيمر جھاز ”ڪئٿي“ نارٿ سيءَ ۾ اھڙيءَ طرح آيو.

جرمني، زھريلي گئس جا بم ايجاد ڪري چڪي ھئي ۽ انھن جو پھريون نشان اھي ڪئناڊا جا فوجي ھئا، جيڪي ايپري نالي شھر ۾ موجود ھئا.

ٻٽيھن سالن جو ڪئپٽن شويگر، جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر ھو. ھيءَ سب مئرين ايمڊن جي گوديءَ ۾ لنگر انداز ھئي، جو کيس ”نارٿ سي“ جي مھم تي روانو ڪيو ويو ۽ ھوءَ لوسيتانيا جي رواني ٿيڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ، پنھنجي مھم تي رواني ٿي چڪي ھئي.

لوسيتانيا جھاز ھڪ تمام وڏو مسافر بردار جھاز ھو. ھن ۾ ھڪ سؤ پنجھتر ڪمپارٽمينٽ ھئا ۽ ھر ھڪ ڪئبن ۾ جديد ترين اوزار لڳل ھئا. سمنڊ ۾ ٻيڙيون (لائيف بوٽ) لاھڻ جو بندوبست بھ آٽوميٽڪ نموني ھو ۽ تمام ئي ماڊرن پڻ ۽ انھن ئي سٺائين ڪري ھن جھاز کي ان زماني جو تکي ۾ تکو ۽ محفوظ جھاز سمجھيو ويو ٿي.

آچر 3 مئي جو صبح ٿيڻ تي خبر پئي تھ، لوسيتانيا گرئنڊ بئنڪس جي پاسي سفر ڪري رھيو آھي. نائين وڳي تائين مسافرن نيرن پاڻي ڪري ورتو. ٻاھر اس ۾ گرمي وڌي رھي ھئي. ٿرڊ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس لاءِ ڊائننگ ھال ”ڊيمي ڊيڪ“ تي ھئا. سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڇھھ سؤ ھڪ مسافر ھئا، جن ۾ گھڻيون تڻيون زالون ۽ ٻار ھئا.

ٻئي ڏينھن جرمن سب مئرين – يو 20 برطانيھ ٻيٽ جي چوڌاري ڦري رھي ھئي. ھوءَ پنجين مئي تي پنھنجي سفر تي روانو ٿي تھ، ڪجھھ ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ برٽش جھاز ”ارل آف ليٿم“ تي نظر پيس، جيڪو آئرلئنڊ کان سڪل گوشت، بيضا ۽ پٽاٽا کڻي لورپول پئي آيو. جھاز تي نگاھ پوڻ شرط جرمن ڪمانڊر شويگر بمباري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي قطر واريون توبون باھ وسائڻ لڳيون. فقط اٺ رائونڊ ساڙڻ کان پوءِ خبر پيئي تھ انگلينڊ جو جھاز ”ارل آف ليٿم“ ڀور ڀور ٿي چڪو آھي.

شام جي وقت ناروي جو ٽي سؤ ٽن وزني جھاز ڏسڻ ۾ آيو. ھن ڏي تارپيڊو اڇلايو ويو، پر اھو صحيح نشان تي نھ لڳو. شويگر سمنڊ اندر وڌيڪ اونھو وڃي، ھن جي ڪڍ لڳو پر جھاز جي خوش قسمتي چئجي جو بچي ويو.

مئي جي ڇھين تاريخ لوسيتانيا، آئرلئنڊ جي ڪناري کان پنج سؤ ميل پري ھو، پر ھو جنگي زون (علائقي) ۾ گھڙي چڪو ھو. ان ڳالھھ کي ڌيان ۾ رکي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪئي وئي. سمنڊ ۾ لائيف بوٽ لاھڻ جي پريڪٽس ڪئي وئي، جيڪا تمام گھڻو ڪامياب رھي. اھي ٻيڙيون ڪل ٻاويھھ ھيون. ان کان علاوه گھڻي تعداد ۾ لائيف جئڪيٽ ۽ لائيف بئاءِ (ٻوچن جا گول ٺھيل) بھ موجود ھئا. زندگي بچائڻ جو ھي ساز سامان ڇويھھ سؤ مسافرن لاءِ پورو ھو، جڏھن تھ مسافرن جو جھاز ۾ تعداد ان کان گھٽ ئي ھو. لوسيتانيا جھاز جو ڪئپٽن ٿامس ان حفاظتي بندوبست کان خوش ھو.

لوسيتانيا جھاز پنھنجي وڏين چمنين Funnel مان دونھون اڏائيندو، وڏي شان سان وڃي رھيو ھو. ھن جا اوڻيھھ بئالر باھ جي گرمائش پيدا ڪري رھيا ھئا، جنھن ۾ پاڻيءَ طاقتور ٻاڦ جي شڪل اختيار ڪئي ٿي. ھر بئالر ۾ ٻاڦ جو دٻاءُ ھڪ سؤ پنجانوي پائونڊ في چورس انچ ھو. لائيٽ پيدا ڪرڻ وارا جنريٽر ٽي سؤ ڪلو واٽ اليڪٽرسٽي پيدا ڪري رھيا ھئا. ڪئپٽن کي يقين ھو تھ جي موسم سازگار رھي تھ جھاز جي رفتار ايڪيھھ ناٽن تائين وڌائي سگھجي ٿي.

خميس ڏينھن شام جو ناچ گاني جي محفل ٿي. مختلف جوڙا ميوزڪ جي لئھ تي ٿڙڪڻ لڳا. ڪيترا ئي مسافر تھ شراب پيئڻ ۾ مست ھئا. اداڪاره جوليٽ جي چوڌاري ھن جي پرستارن جو ميڙو متل ھو. شڪاگو جو چارلس گھڻي کان گھڻو شراب پي پنھنجي شاديءَ جي ڇٽيھين سالگره ملھائي رھيو ھو.

شام جو ساڍي ستين وڳي ڪئپٽن ٿامس کي برطانيھ جي نيويءَ طرفان نياپو مليو تھ آئرلئنڊ جي ڏاکڻين ڪناري وٽ، جرمن سب مئرينس موجود آھن، جن کان ھوشيار رھڻ ضروري آھي.

ساڍي اٺين وڳي رات جو ريڊيو آفيسر کي ان سلسلي ۾ ھڪ ٻيو نياپو مليو، جنھن ۾ پڻ جرمن سب مئرين جي اوچتي حملي کان آگاھ ڪيل ھو.

ڪئپٽن پنھنجي ڪمري ۾ آيو ۽ سگار دکائي فائيل اٿلائڻ لڳو. ھڪ صفحي تي ان جي نظر ڄمي وئي. ھي جرمن حڪومت جو ھڪ اعلان ھو، جنھن تي چوٿين فيبروري 1915ع جي تاريخ لڳل ھئي:

”برطانيھ ۽ ان جي آس پاس جي سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ جھاز ھن جي حملي جو نشان بڻجي سگھن ٿا.“

ھي اعلان پڙھڻ سان ڪئپٽن جي پيشانيءَ تي گھنج اچي ويا، پر ھو جلد ئي نارمل ٿي ويو. ھن دل ۾ پڪو پھھ ڪيو تھ ھر صورت ۾ ھاڻ خطري کي منھن ڏبو.

نيويارڪ ۾ اخباري آفيسن مان ذري ذري ماڻھن پڇا ڪئي تھ لوسيتانيا جھاز جرمن سب مئرين جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو آھي يا آئرلئنڊ جي ڪناري تي پھچي ويو آھي؟

7 مئي جو سج نروار ٿيو تھ خبر پيئي تھ لوسيتانيا آئرلئنڊ جي ڪيپ ڪليئر کان پنجھتر ميل پري تائين پھچي چڪو آھي. ان وقت ھلڪو ڪوھيڙو ڇانيل ھو. ڪئپٽن حڪم ڏنو تھ جھاز جي رفتار گھٽائي ارڙھن ناٽ ڪئي وڃي. ھي احتياط ان لاءِ ضروري ھو جو اھڙيءَ حالت ۾ جھازن جي ٽڪرائڻ جو خطرو رھي ٿو. جھاز لڳاتار وسل وڄائيندو ھليو.

ٻئي پاسي ڪئپٽن شويگر ھڪ سؤ ٽيھھ ميل پري، پنھنجي سب مئرين يو 20 جي ڊيڪ تي، پنھنجن ھمراھن سان چرچا ڀوڳ ڪري رھيو ھو – سب مئرين جون بيٽريون چارج ٿي چڪيون ھيون ۽ ٽارپيڊو بلڪل تيار ھئا.

سوا يارھين وڳي نيويءَ طرفان نياپو مليو: ”آئرش چئنل ۾ دشمنن جون سب مئرينون موجود آھن. انھن کي آخري دفعو ڪوننگ بي کان ويھھ ميل پري ڏکڻ ۾ ڏٺو ويو ھو. لوسيتانيا کي خبردار رھڻ جي ضرورت آھي.“

ٻارھين وڳي ڌاري ڪوھيڙو گھٽيو ۽ موسم سٺي ٿي وئي، ڀوري اڇي رنگ جا سامونڊي ٻگھھ پکي (Seagulls) جھاز جي چوڌاري اڏامندي ڏاڍو سٺا لڳي رھيا ھئا. انھن جي موجودگيءَ مان اھا ڳالھھ ظاھر ھئي تھ ڪنارو ڪو پري ڪونھي.

ڪئپٽن ٿامس جو خيال ھو تھ جرمن يو بوٽ ڏکڻ اولھھ روٽ جي آس پاس ھوندي، ھن ڪري ھن جھاز جو طرف ڦيرائڻ جو حڪم ڏنو. الھندي ڪناري ڏي وڃڻ جو اھو ئي محفوظ ترين رستو ھو. ڏينھن جو ڏيڍ وڳي آئرلئنڊ جو ڪنارو بلڪل چٽو نظر اچي رھيو ھو. وڻ، گھرن جون ڇتيون ۽ گرجائن جا چھنبدار منارا پري کان اڀرندا نظر اچي رھيا ھئا. ھاڻي ڪئپٽن ٿامس تمام گھڻو مطمئن ھو، ڇو تھ ان علائقي ۾ برطانيھ جون گن بوٽون موجود ھيون. ھو اھو سوچي خوش ھو تھ ھو جنگي زون مان سلامتيءَ سان ڀڄي ويندو. ٻھ لڳي نون منٽن تي ٿرڊ آفيسر ۽ عملي جي ٻين ماڻھن جھازن جي چارج سنڀالي. ڪنھن کي بھ اھا خبر نھ ھئي تھ ايندڙ سٺ سيڪنڊ موت جو پيغام آڻيندا.

يو 20 جو ڪمانڊر شويگر، لوسيتانيا جي ويجھو پھچي چڪو ھو ۽ پيري اسڪوپ تي جھڪي آخري سمجھاڻيون ڏئي رھيو ھو.

”مٿي! ٿورو اڃا مٿي! ھڪ ڊگري ساڄي! ريڊي....! فائر!!“

يو بوٽ ٿورو لوڏو کاڌو ۽ ھڪ ٽن ڳري ٽارپيڊو کان آزاد ٿي وئي.

لوسيتانيا جي ھڪ خلاصيءَ پاڻيءَ ۾ ليڪ اڀرندي ڏٺي تھ ھن وٺي ميگافون تي رڙ ڪئي: ”ٽارپيڊو.“

سيڪنڊ آفيسر بھ اھو ٻڌڻ سان دانھون ڪرڻ لڳو: ”اسان تي ٽارپيڊون سان حملو ٿي چڪو آھي.“

۽ ان کان ٿوري دير بعد جھاز کي ھڪ زبردست ڌچڪو لڳو. ڪيترن ئي مسافرن منھن ڀر وڃي ڦھڪو ڪيو.

ھنن اٿڻ جي ڪوشس ڪئي، پر ٻئي ڌچڪي ۾ وري اتي جو اتي رھجي ويا. انھيءَ وٺ وٺان ۾ ھڪ تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. ٽارپيڊو لڳڻ سان جھاز جي تر واري اٺ انچ لوھ جي چادر ڇيتون ڇيتون ٿي وئي. ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جا ٽڪرا چئني طرف اڏامڻ لڳا. ڪيترا ئي وڏا ٽڪر ھڪ سؤ سٺ فٽن جي بلنديءَ تي پھچي واپس فرش تي اچي ڪريا. انجڻ روم ۾ موجود ٽيڪنيڪل عملو باھ جي ڄڀين ۾ ڦاسي ويو.

لوسيتانيا ڪناري کان فقط يارھن ميل پري ھو. ٻھ ڏينھن اڳ برطانيھ جو جھاز ”ارل آف ليٿم“ انھيءَ ھنڌ ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ريڊيو آپريٽر رابرٽ سيڪنڊ ڪلاس جي ڊائننگ روم مان ماني اڌ ۾ ڇڏي ٻاھر نڪتو. سگنل روم ۾ پھچي ھن کي خبر پئي تھ جھاز جي اليڪٽرڪ پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. ايمرجنسي ڊائينامو ڪنڊ ۾ پيو ھو – آپريٽر ھن کي اسٽورڊ بيٽريءَ ذريعي ھلايو. ٽرانسميٽر پئنل جون سيون ڏڪڻ لڳيون ۽ ٻھ وڄي چوڏھن منٽن تي ”ايس او ايس“ موڪليو ويو.

”بچايو! بچايو! اسان جي مدد لاءِ پھچو. اسان ڪنسيا علائقي کان ڏھھ ميل ڏکڻ ۾ آھيون.“

اھو پيغام برٽش ٽئنڪر جھاز ”نرگنسٽ“ تي ٻڌيو ويو، جيڪو لورپول (انگلينڊ) کان نيوجرسي (آمريڪا) وڃي رھيو ھو. ھو بدقسمت لوسيتانيا کان پنجٽيھھ ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ھو. ان جي ڪئپٽن اھو پيغام ٻڌڻ سان پنھنجي جھاز جو رخ ٻڏندڙ لوسيتانيا ڏي ڪيو ۽ رفتار يارھن کان چوڏھن تائين وڌائي.

لوسيتانيا جي ڊيڪ تي ڀڄ ڊڪ متل ھئي. ھر ماڻھو ڪوشش ڪري رھيو ھو تھ ھن کي لائيف بوٽ ۾ جاءِ ملي وڃي. جھاز لڳاتار لڏي رھيو ھو. مسافر لائيف جئڪيٽون کڻي ڀڄي رھيا ھئا.

انڱرن جي وڏن کورن ۾ پاڻي وڃڻ سان دونھين جو ھيبتناڪ ڪڪر ٻاھر نڪتو ۽ گرم بدبودار ڦلھير جو مينھن وسڻ لڳو.

مسافرن سان ڀريل ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاٿيون ويون. ڪيترا ئي ماڻھو رسيءَ جي ڏاڪڻين (Pilot Ladder) ذريعي ھيٺ سمنڊ تي ٽپ ڏئي رھيا ھئا. افراتفريءَ جو اھڙو عالم ھو جو مسافرن سان ڀريل ھڪ ٻيڙي سمنڊ ۾ لاھڻ مھل ھڪ پاسي جھڪي پئي ۽ ان ۾ ويٺل سڀ مسافر سامونڊي ڇولين جي ڀيٽ چڙھي ويا.

لوسيتانيا جو ”ايس او ايس“ ڪناري جي اسٽيشن ڪنسيل ۽ بحري جھازن کي بھ مليو.

خبر ٻڌندي ئي ڪنسيل بندرگاھ جي لائيٽ ھائوس وٽ سوين ماڻھو اچي گڏ ٿيا. سامھون سمنڊ ۾ لوسيتانيا مان دونھين جا گھاٽا ڪڪر اڀري رھيا ھئا. ھر ماڻھوءَ جي زبان تي اھو ھو تھ اھڙو ڀيانڪ حادثو ڪڏھن بھ پھرين پيش نھ آيو.

ڪئپٽن ٿامس پنھنجي عملي جي ماڻھن کي ھدايتون ۽ سمجھاڻيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر ماڻھو ھن کي ورندي ڏيڻ بنا اڳيان نڪري ٿي ويا ۽ ھرڪو پنھنجيءَ ۾ پورو ھو. ڪوبھ ڊسيپلين قائم ٿي نھ سگھيو.

جھاز جو اڳيون حصو آھستي آھستي مٿي اڀو ٿيندو ويو ۽ ھي ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. ھر ماڻھو اھو بھ محسوس ڪري رھيو ھو تھ ٻيڙين رستي جان بچائي ڀڄڻ بھ ممڪن نھ ھو، ڇو تھ جرمن سب مئرين جو عملو انھن کي ڏسندي مشين گنن سان ڀڳڙا ڪري رکندو. پوءِ بھ جان بچائڻ جي جدوجھد ھلندي رھي. ويھارو کن زالون ۽ ٻار ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، پر ھيٺ ويندي ھن جو ھڪ رسو ڪٿي ڦاسي پيو. ھيءَ ھڪ خطرناڪ صورتحال ٿئي ٿي. گھٻرايل حالت ۾ ھڪ ھمراھ ڪھاڙيءَ سان رسو ڪپيو تھ ماڳين ٻيڙي اونڌي ٿي ويئي ۽ اڀاڳ مسافر سمنڊ جي تکين لھرن ۾ وھي ويا.

چارليس لاريٽ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري رھيو ھو. ھن جي ڪئبن ۾ زندگيءَ جون مڙيئي آسائشون موجود ھيون. حادثي کان پوءِ ھن لائيف بيلٽ ٻڌو ۽ سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو. ھو لھرن مٿان اڀريو تھ معلوم ٿيس تھ ھن جي اوسي پاسي ڪيترا ئي ماڻھو موت ۽ زندگيءَ جي ڏي وٺ ۾ مبتلا ھئا. لاريٽ پنھنجي اکين تان سمنڊ جو کارو پاڻي اگھيو ۽ جھاز ڏي نگاھ ڊوڙايائين. اڃا تائين سوين مسافر جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھئا. جھاز جو اڳيون حصو سٺ فٽ کن مٿي کڄيل ھو. ايڏيءَ اتاھينءَ تان بل ڏيڻ موت کي سڏڻو ٿيو.

ڪجھھ ماڻھن ھڪ لوھ جي پراڻي رسي ذريعي لھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي نڪتل تارن سندن ھٿن تان گوشت بھ ڇلي رکيو.

جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر شويگر اڃا ويجھو ئي ھو. ھن پنھنجي لاگ بڪ ۾ لکيو:

”جھاز سڙي رھيو آھي، مسافر مونجھاري ۾ آھن، سمنڊ ۾ ٻيڙيون لاٿيون پيون وڃن. انھن مان ڪيتريون اونڌيون بھ ٿي پيون آھن. جھاز جي اڳئين حصي تي لوسيتانيا جا لفظ پڙھڻ ۾ اچي رھيا آھن.“

ڪيترا ئي مسافر ھيٺين ڊيڪ تي ڦاٿا پيا ھئا. ڊيڪ تي عيسائي

پادري (فادر) جي چوڌاري ماڻھن جو ميڙ لڳل ھو. جيتوڻيڪ پادري پاڻ بھ ڊپ ۾ ڏڪي رھيو ھو، پر ان ھوندي بھ ماڻھن لاءِ دعا گھري رھيو ھو.

باڪسر فري مئن مشھور برٽش چيمپئن ھو. ھن پنھنجي ھوش حواس کي قابوءَ ۾ رکندي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر ھيٺ وڃڻ سان سندس ڪلھو ٻيڙيءَ سان ٽڪرايو ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳس، پر جلد ئي ڌڪ بچائي ورتائين ۽ ترڻ لڳو.

ورجينا تمام سٺي تيراڪ عورت ھئي. جھاز ھڪ طرف جھڪيو تھ ھن سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو ۽ ترندي باھ لڳل جھاز کان پاسو ڪيائين. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي جھاز ڏي ڏٺائين تھ سندس ماءُ پيءُ لاچاريءَ جي عالم ۾ جھاز جي ٻنوڙي (Bulwark) کي جھلي بيٺا ھئا. ھوءَ کين فقط ڏسڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھھ بھ نٿي ڪري سگھي.

ھڪ لائيف بوٽ ٿورو اڳيان وڃي اونڌي ٿي پئي. ان تي ٽيھھ ماڻھو سوار ھئا ۽ ائڪٽريس جوليٽ بھ انھن ۾ شامل ھئي.

ڪئپٽن ٿامس يونيفارم ۾ اداس لڳي رھيو ھو. ٿڌي سائي پاڻيءَ جون لھرون ھن جي پيرن کي چمي رھيون ھيون. ڪجھھ دير ماٺ ئي ماٺ بيٺو رھيو. ان کان پوءِ ڏاڪڻ تي چڙھيو. جھاز کي لڳل ڪاراڻ ۾ ھٿ ڪارا ٿي پيا ھئس. ان وقت ھن جي دماغ ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون يادون گڏ ٿيڻ لڳيون. اھا ڳالھھ ھن کي تمام گھڻو ڏک پھچائي رھي ھئي تھ، جنھن عظيم جھاز جو ھو ڪئپٽن آھي، اڄ اھو سمنڊ جي تھن ۾ ٻڏي رھيو آھي. ايتري ۾ جھاز جي ڪوارٽر ماسٽر جانسن تي نظر پيس. کيس رڙ ڪري خطري کان آگاھ ڪيائين: ”جانسن! پنھنجي جان جلدي بچائي وٺ. جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. تمام ٿورو ڪو وقت وڃي بچيو آھي.“

ھو ڏاڪڻ تان وري ھيٺ لھي آيو. پاڻيءَ جي وھڪري ۾ ھڪ ڪرسي ترندي نظر آيس. ھن وڌي کڻي ھن کي جھليو ۽ ان جي سھاري ترندو وائرليس ڊيڪ کان اڳتي وڌي ويو.

جھاز جي اڳئين حصي تي مسافر اڃا موجود ھئا. ھاڻ انھن بابت سوچڻ اجايو ھو. جھاز جو ھي حصو ھڪ سؤ فوت مٿي کڄي ويو ھو. پاڻي ڌڪڻ وارا پنکا (Propellers) پاڻيءَ کان مٿي نظر اچي رھيا ھئا. جھاز سمنڊ اندر گھڙندو ويو ۽ ٽارپيڊو لڳڻ کان فقط ارڙھن منٽ پوءِ، ھو اونھي پاڻيءَ اندر سڄو غرق ٿي ويو.

ٻٽيھھ ھزار ٽن وزني ۽ اٺ سؤ فٽ ڊگھو ۽ سھڻو جھاز، آئرلينڊ جي ڪناري کان فقط ڪجھھ ميل پري، انسان جي جنگي چريائپ تان قربان ٿي ويو. سمنڊ ۾ اڌ ميل تائين ماڻھن جا مٿا نظر اچي رھيا ھئا. ڪيترا ئي ويچارا رسن ۽ تارن ۾ ڦاسي اجل جو شڪار ٿي ويا. ھڪ ڪئنڊين زال پاڻيءَ جي وھڪري ۾ وھي جھاز جي چمنيءَ ۾ ھلي وئي ھئي. ڪجھھ دير بعد بئالر ڌماڪو ڪري ڦاٽو. ٻاڦ جو دٻاءُ ايترو تھ گھڻو ھو جو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر جيڪو ڀر پاسي ۾ جيئرو بيٺو ھو، ان جو بھ خاتمو ٿي ويو. ڪئنڊين عورت جو لاش توپ جي گولي وانگر مٿي آسمان ڏي کڄي ويو ۽ پوءِ پري وڃي ڦھڪو ڪيائين.

لوسيتانيا جھاز ھاڻ سڄو ٻڏي ويو ھو. سندس جاءِ تي فقط ھڪ ھلڪي دونھين جي لڪير نظر اچي رھي ھئي، جيڪا اولھھ کان لڳندڙ ھوا جي زور تي پري ٿي رھي ھئي.

انگلينڊ جي اخبارن ۾ اھا خبر آئي تھ ماڻھن کي ماٺ لڳي وئي. آئرلئنڊ جي ڪناري تي رھندڙ مھاڻا پنھنجيون ٻيڙيون ۽ جھاز کلئي سمنڊ ۾ ٻاھر ڪڍي آيا تھ جيئن زندھ بچڻ وارن جي ڳولا ڪري سگھجي، پر ھاڻي ھتي ڪير جيئرو ھو؟ جيڏانھن بھ نظر ٿي وئي تھ لاش ئي لاش ترندا نظر ٿي آيا. پر ايڏي وڏي حادثي ھوندي ڪجھھ ماڻھو اڃا زندھ ھئا.

مدد لاءِ آيل جھازن ۽ ٻيڙين، انھن کي وڏي ھمت سان بچايو. ان سلسلي ۾ ڪجھھ اھڙا بھ واقعا نظر آيا، جو ھر ھڪ اھو ٿي چاھيو تھ: ”بيشڪ موت ۽ زندگي خدا جي ئي ھٿ ۾ آھي.“

ھڪ نوجوان ڇوڪري مس پيوي پاڻيءَ ۾ ڪري تھ سندس اسڪرٽ ڦوڪڻي وانگر اڀامي پيو ۽ ھوءَ چڱي دير ھن جي سھاري ترندي رھي ۽ ايتري ۾ امدادي ٻيڙي اچي پھتي ۽ امدادي ٻيڙيءَ جي عملي ھن کي بچائي ورتو.

ٽئنڪر جھاز اڃا تيرھن ميل پري ھو تھ، يو 20 سب مئرين جي سامھون اچي ويو ۽ ڪئپٽن شويگر ان کي آخري ٽارپيڊو ھنيو، پر خوش قسمتيءَ سان نشانو خطا ٿي ويو ۽ ٽئنڪر جھاز بچي ويو.

ان بعد ان ٽئنڪر جي ڪئپٽن پنھنجي جھاز جو رخ ھڪدم موڙي ڇڏيو. ھن کي خيال آيو تھ ڪنھن ڪوڙو ايس او ايس ڏئي ھنن کي ڦاسائڻ ٿي چاھيو.

لوسيتانيا جي ٻڏڻ جي خبر آمريڪا پھتي تھ جتي ڪٿي روڄ راڙو مچي ويو. ڪونارڊو ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر اھا خبر ٻڌي غشيءَ جي حالت ۾ اچي ويو.

آمريڪا جي سرڪاري ادارن ۾ بھ ھن خبر ڪري ڏک ڇانئجي ويو. آمريڪي سياستدانن جو رد عمل نھايت سخت ھو. ليڊي روزويلٽ پنھنجي بيان ۾ چيو:

”ان کي قتل عام ۽ سامونڊي ڦر جو واقعو سڏڻ کپي. سچ تھ اھو آھي تھ ظلم ۽ سنگدليءَ جو اھڙو خراب مظاھرو ھن کان اڳ اڄ تائين نھ ٿيو آھي.“

نيويارڪ ۽ ڀر وارين رياستن ۾ ان موقعي تي غم وچان جھنڊا اڌ تائين چاڙھيا ويا.

ان حادثي بعد ڪيترن ماڻھن اھو بھ چيو تھ اسان تھ اڳھين ٿي چيو تھ ھي جھاز ٻوڙيو ويندو.

بھرحال! ھن جھاز جي ٻڏڻ سان آمريڪا ۾ ھڪ طوفان مچي ويو. وڪٽوريا (ڪئناڊا) ۾ ھڪ ھجوم جرمن ڪلب تي حملو ڪري، ان کي ڊاھي رکيو. سمورو فرنيچر گڏ ڪري باھ کڻي ڏنائون.

جيئرا بچڻ وارا جسماني طرح ڪمزور ٿي ويا. ڪيترا تھ ھلڻ جي قابل بھ نھ رھيا. بدن تي ڌڪن ۽ ڦٽن جا نشان ٿي پين. ڪيترن جون ٻانھون ڀڄي پيون ۽ ٽنگون خراب ٿي ويون.

جرمنيءَ خلاف آمريڪا ۾ ڪيترا ئي ڏينھن مظاھرا ھلندا رھيا. ماڻھن جو اھو مطالبو ھو تھ جرمنيءَ سان ھر قسم جا تعلقات ختم ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ جرمني اھو بھانو ڏيندو رھيو تھ، ان جھاز تي انگلينڊ لاءِ بارود کڄيو پئي ويو، ان ڪري اسان اھو جھاز نابود ڪيو.

نھ فقط ان جھاز کي نقصان رسايائون، پر ان قسم جون ٻيون بھ ڪيتريون ئي ڳالھيون جرمن ڪندا رھيا. نتيجي ۾ اڳتي ھلي نيٺ آمريڪا بھ جرمنيءَ سان جنگ جي حالتن جو اعلان ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org