ڪيبل ڪار جي تواريخ
جهاز جي ان غلطيءَ ۾ ڪنهن جو ڏوهه ٿي سگهي ٿو،
ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. هڪ ماڻهوءَ يا اداري جو به
ڏوهه چئي سگهجي ٿو، ته گهڻن جو به مثال طور مٿان
کان وٺي ڏسجي ته پهرين ڳالهه ڪيبل ڪار جا رسا اتان
لنگهائڻ ئي نه گهربا هئا. جڏهن جهاز هيٺيان لنگهن
ٿا. پر ساڳئي وقت ان اداري جو به ڏوهه نه ٿو چئي
سگهجي، جو آخرڪار اها ڪيبل گذريل ڏهن سالن کان پئي
هلي ۽ هيٺان لنگهندڙ جهاز به خيال سان هليا پئي.
ته پوءِ ڏوهه ان جهاز جي ڪئپٽن جو چئي سگهجي ٿو،
جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي جهاز جي عضون جي ته
چڱيءَ ريت پروڙ هجڻ گهرجي ته ڪهڙو ننڍو ٿي ويو آهي
۽ ڪهڙو وڏو! ساڳئي وقت پائليٽ جو ڏوهه به چئي
سگهجي ٿو جيڪو ان وقت جهاز کي شپ يارڊ (ورڪشاپ)
کان ٻاهر ڪڍي رهيو هو. قاعدي موجب پرائي جهاز کي
هلائڻ کان اڳ پائليٽ کي ان جهاز جي ڊيگهه، ويڪر،
اونهائي، بلندي، تور ۽ انجڻ جي رفتار وغيره پڇڻ
کپي ۽ پوءِ جهاز ٽپائڻ لاءِ هائوڪار ڪرڻ کپي.
بندرگاهه وارن جو به ڏوهه چئي سگهجي ٿو، جنهن اهڙي
جهاز کي وڏيءَ وير ۾ لنگهڻ کان منع نه ڪئي، جهاز
کي ڇڪڻ وارن ٽگ _ بوٽ
Tig _ Boats جو به
ڏوهه چئي سگهجي ٿو. وغيره وغيره
بهرحال ان بعد سنگاپور وارن آئيندي جي حفاظت لاءِ
جهازين توڙي بندرگاهه وارن لاءِ قاعدا قانون سخت
ڪري ڇڏيا آهن. ۽ هاڻ پائليٽ اڃا به وڌيڪ پڙهيل
لکيل ۽ قابل کڻڻ لڳاآهن، جن جو دنيا جي مختلف
سمنڊن تي ڪئپٽن جي عهدي تي جهاز هلائڻ جو گهڻو
تجربو هجي. ان مان اسان جي هڪ ڪليگ ڪئپٽن هرداس کي
فائدو ٿيو جو سنگاپور بندرگاهه جي چونڊ ۾ هو به
کڄي ويو ۽ ملائيشيا مان اسان وٽان نوڪري ڇڏي
ڏنائين، اڄڪلهه هو سنگاپور ۾ رهي ٿو جتي رهڻ جو
اسان مان ڪنهن کي شوق هجي يانه پر هن کي ۽ سندس
زال کي تمام گهڻو هو. سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار سسٽم جو
ڪم سئٽزرلئنڊ جي هڪ انجنيئر مسٽر وان رال (Von _ Roll) جي سپردگيءَ ۾ سنگاپور جي حڪومت
1973ع ۾ شروع
ڪرايو ۽ پندرهين فيبروري 1974ع
کان ڪيبل ڪارون هلڻ شروع ٿيون، هي رسو سنگاپور
ٻيٽ کان سينتوسا ٻيٽ تائين اٽڪل ٻه ڪلو ميٽر
ٿيندو. جنهن تي اٽڪل چاليهه کن ڪيبل ڪارون اچن وڃن
ٿيون. سندن رفتار ٽي ميٽر في سيڪنڊ آهي. ۽ ايندڙ
ويندڙ رسيون (Cables)
هڪ ٻئي کان ساڍا پنج ميٽر پري آهن. ڪيبل ڪارون
(ڏوليون) اليڪٽرڪ ذريعي ڇڪجن ٿيون ۽ هر هڪ ڪار
ساڍا چارسؤ ڪلو وزن کڻي سگهي ٿي _ يعني ڇهن ماڻهن
کان علاوه منجهس هڪ ٻه ٻار به ويهي سگهن ٿا. هونءَ
ان حفاظت جو پهلو (Factor)
تمام وڏو رکيو ويوآهي. ان ڪري هڪ ته انهن جي رفتار
مقرر حد کان نه ٿي وڌي، نه پاڻهي رسا ٽٽي سگهن ٿا
۽ نه ئي وري ڪو ڏولي اڌ رستي تي ٽنگجي بيهي سگهي
ٿي.
سينتوسا ٻيٽ گهمڻ
سينتوسا ٻيٽ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ اڌ ڪلو ميٽر کن جو
سامونڊي مفاصلو آهي ۽ فيري، ٻيڙي، لانچ ۽ ڪيبل ڪار
ذريعي اتي ويهي وڃي سگهجي ٿو. سينتو ملئي لفظ آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ”سڪون“ يعني آرام ۽ سڪون جو
ٻيٽ. هونءَ ته هن ٻه ميل کن ڊگهي ۽ ميل کن ويڪري
ٻيٽ جي ڪا به اهميت نه هئڻ کپي _ خاص ڪري هن
علائقي ۾ جتي ميلن تائين ان کان به ننڍا وڏا
هزارين ٻيٽ انڊونيشيا، ملائيشيا، ۽ فلپائين تائين
پکڙيا پيا آهن. پر سنگاپور وارن گهمڻ لاءِ آيل
ٽوئرسٽن ۽سياحن جي وندر لاءِ هن ٻيٽ تي پڻ ڪجهه
شيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيئن هو پنهنجي وطن وڃي ڪجهه
ته پنهنجي دوستن يارن کي چئي سگهن ته اسان هي به
ڏٺو هو به ڏٺو. هر شيءِ وانگر هن ٻيٽ تي گهمڻ جي
به ڪافي ٽڪيٽ رکيل آهي.۽ آيل مسافرن مان هن ملڪ جي
خوب ڪمائي ٿئي ٿي.ان کان علاوه ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ
ٽئڪسيءَ جو ڪرايو يا ڪيبل تار جي ٽڪيٽ تي خرچ ڌار
ته هوٽل ۾ کائڻ پيئڻ تي ڌار. ڪڏهن ڪڏهن ههڙن ملڪن
۾ پئسي ڪمائڻ جا هي نموناڏسي دل چاهيندي آهي ته
اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي ڇاڇا ڏسڻ لاءِ پيو آهي،
رڳو ڪنهن نموني سان هر شيءِ ٺاهي، جوڙي، سڌاري
صحيح طرح اشتهار بازي ڪئي وڃي ۽ آيل مسافرن جو امن
امان جو بندوبست رکيو وڃي (جيڪا ڳالهه سڀ ۾ اهم
آهي) ته اسان جو ملڪ ٽوئرسٽ _ انڊسٽريءَ مان ڪافي
ڪمائي سگهي ٿو. سينتوسا ٻيٽ تي ننڍن ۽ وڏن جي وندر
لاءِ جيڪي شيون آهن. انهن مان هڪ ته مونوريل (Mono
_ Rail)
آهي. مونوريل عام ريل گاڏيءَ جهڙي ٿئي ٿي. فرق رڳو
اهو آهي ته اها ٻن پٽن (Rails)
بدران هڪ ئي پٽيءَ تي هلي ٿي. هن ريل ذريعي سڄي
سنتوسا ٻيٽ جو سير ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه هڪ
گولف گرائونڊ جيڪو اسان جهڙن غريب ملڪن جي غريب
ماڻهن لاءِ گهڻي اهميت نه ٿو رکي، پر يورپ جي ڳتيل
ملڪ جي امير ماڻهن لاءِ وڏي عياشي سمجهيو وڃي ٿو ۽
گولف راند کيڏڻ جا شوقين پنهنجن ملڪن ۾ پٽ (زمين)
جي کوٽ سبب يا گهڻي سيءَ جي ڪري ڇٻر جي نه ٿيڻ ڪري
هن پاسي ڪهيو اچن. ويندي برونائي ملڪ جي آزاديءَ
واري موقعي تي جڏهن انگلينڊ جو شهزادو چارلس
برونائيءَ ۾ آيو ته پاڻ سان گولف راند جو سامان به
کڻي آيو. ڇوته گهڻي بارش ۽ کيڏڻ جي وڏي ميدان جي
ڪري هي علائقا تمام گهڻو سرسبز ۽ گولف کيڏڻ جي
لائق آهن. ٻارن يا وڏن لاءِ سائيڪلون هلائڻ يا
اسڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ تمام ڊگها پڪا رستا ٺهيل آهن،
جيئن سائيڪلنگ جا شوقين پنهنجو شوق پورو ڪري سگهن.
ان کان علاوه چوڌاري سمنڊ جا تانگها ڪنارا هجڻ ڪري
ترڻ، ٻيڙي هلائڻ يا سرفنگ جهڙاشوق پورا ڪري سگهجن
ٿا. سينتوسا ٻيٽ تي Wax _ Museum
ميڻ جا ٺهيل بوتا پڻ رکيل آهن. جيئن لنڊن ۾ميڊم
تشو جو عجائب گهر آهي. هي ان جيڏو ته نه آهي، پر
مڙئي جن اهو نه ڏٺو هجي اهي هي ڏسي سڌ پوري ڪري
سگهن ٿا. منجهس ٻي وڏي لڙائيءَ جون اهم شخصيتون _
خاص ڪري جپاني هوبهو ساڳين شڪلين ۽ قد بت ۾ ميڻ جا
ڏيکاريل آهن. 15مئي
1942ع تي
انگريزن جپانين جي آڻ مڃي ۽ لکت پڙهت ۾ انگريزن
سنگاپور جوٻيٽ جپانين حوالي ڪيو هو. ان معاهدي وقت
جيڪي شخصيتون ٻنهي ملڪن جون موجود هيون اهي هو بهو
ان ئي حالت _ شڪلين ۽ ڪپڙن ۾ ٽيبل جي چوڌاري
ڏيکاريل آهن. ان بعد هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم
ڪرڻ بعد حالتن ٻيو رخ رکيو ۽ هاڻ جپانين کي آڻ
مڃڻي پئي ۽ سنگاپور جي ٻيٽ مان هٿ ڪڍڻا پيا.
سنگاپور وري واپس ڪرڻ ۽ آڻ مڃڻ جواهو معاهدو
12سيپٽمبر
1945ع ۾
سنگاپور جي سٽي هال ۾ ٿيو. ان وقت جيڪي جپاني يا
اميريڪن انگريز انڊين ۽ ملئي موجود هئا، اهي هوبهو
انهن شڪلين ۽ ان وقت جي ڪپڙن ۾ ڏيکاريل آهن. ڄڻ
سچا پچا ماڻهو هجن ۽ ائين لڳي ٿو ته اڄ اها ئي
تاريخ ۽ سال 1945ع
هجي. پورا چاليهه سال اڳ جو نظارو اڄ به ڏسي سگهجي
ٿو. مونوريل جي چوٿون نمبر اسٽيشن تي اهو ميڻ جو
عجائب گهر آهي.۽ اتي ئي جيت جڻين جوگهر
World _ Inspectarium
آهي جنهن اوسي پاسي جي ايشيائي ۽ ٻين کنڊن جا
ڪيترائي قسمن قسمن جا جيت جڻا رکيل آهن.خاص ڪري
پوپٽ گڏ ڪندڙن جي شوقينن لاءِ هتي گهڻو ڪجهه آهي.
اسان وٽ جتي ڪٿي ماتم آهي
مونوريل جي پنجين اسٽيشن وٽ فورٽ سيلوسو نالي
انگريزن جي ڏينهن جو قلعو آهي، جيڪو انگريزن
جوهورنار جي بچاءَ ۽ چڪاس لاءِ
1974ع ۾ ٺهرايو هو. ڏٺو وڃي ته هي
شيون تواريخ جي شاگردن کي ئي مزو ڏئي سگهن ٿيون ۽
تواريخي اهميت کان منهنجي خيال ۾ ته هن کان وڌيڪ
اهميت واري شيءِ ته هالا جو منزل گاهه آهي. جتي
1943ع ۾
سرچارلس نيپئر جي لشڪر نوشهري فيروز کان حيدرآباد
ويندي وقت منزل ڪئي هئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن حيدرآباد
کان ويجهو مياڻيءَ ٻيلي وٽ ميرن جي لشڪرسان مقابلو
ڪيو هئائين، جنهن ۾ هوشوءَ جهڙا پهلوان ”مرويسون
پر سنڌ نه ڏيسون“ جهڙا نعرا هڻي شهيد ٿي ويا ۽ سنڌ
سؤ سالن کن لاءِ انگريزن جي ور چڙهي ويئي.
ٻاهر ايندڙ هر پاڪستانيءَ کي افسوس ٿئي ٿو ته ههڙن
ملڪن جي مقابلي ۾ اسان وٽ ڪيتريون ئي تواريخي شيون
۽ جايون آهن؛ مونهن جي دڙي کان وٺي ڪوٽڏيجيءَ جي
قلعي تائين، هڙاپا ۽ لاهور کان وٺي اروڙهه ۽
آمريءَ تائين، ڀنڀور ۽ ڪاهوءَ جي دڙن کان وٺي
سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مقبرن ۽ مسجدن تائين، پر انهن کي
ايتري اهميت نه ٿي ڏني وڃي جيتري ڏيڻ کپي. خير
اهڙيون ٻيون به ننڍيون وڏيون شيون سينتوساٻيٽ _
بلڪه ٻيٽاري تي نظر اينديون آهن. جن جي ڏسڻ تي چڱي
خاصي ٽڪيٽ رکيل آهي. هڪ ميوزڪ وارو ڦوهارو به آهي
جنهن جوذڪر ڪرڻ وسري ٿو وڃيم. ان مان رات جي وقت
ميوزڪ سان گڏ پاڻي اچي ٿو ۽ رنگين بتيون به ٻرن
ٿيون ڪجهه پاڪستاني نوجوان، هڪ دفعي، اهو ميوزڪ
وارو ڦوهارو وڏي غورسان ڏسي سنگاپور جي سونهن،
ترقي ۽ ماڊرن هجڻ جي واکاڻ ڪري رهياهئا، اهو ڏسي
افسوس ۽ تعجب ٿيو ته هن ويهه ٻاويهه سالن جي
نوجوانن کي ڪهڙي خبر ته اڄ کان پنجويهه سال اڳ
جڏهن هو اڃا ڄاوا به نه هئا ته ڪراچي ان کان به
وڌيڪ صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر هو ۽ ان کان به وڌيڪ
سهڻو ميوزيڪل ڦوهارو ميٽروپول هوٽل جي ڀر واري
چؤنڪ ۾ لڳل هو جنهن مان ميوزڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ
مختلف رنگن جي روشني پڻ نڪتي ٿي. ان وقت سنگاپور
جي ماڻهن جي ته ڇا مجال جو سنگاپور ته اڃا به
Lime _ Light ۾ نه آيو هو، پر
چڱاخاصا مشرقي يورپي ۽ عرب رياست جا ماڻهو اهو
ڦوهارو ڏسي / ٻڌي وائڙا ٿي ويا ٿي. پر افسوس جو ان
جي نه سرڪار پرگهور لهي سگهي ۽ نه اسين عوام
ڦوهارو ته ڇا پر سڄو ڪراچي ڏينهون ڏينهن ماڊرن ٿيڻ
بدران ڊاهه ڊوهه ۽ مسئلن جو شهر ٿيندو وڃي. اڄ ان
چوڪ تي ان کان ڪا به وڏي ۽ جديد شيءِ هجڻ بدران
پراڻي ڊٺل ميوزيڪل فائونٽين (ڦوهاري) جون بچيل ڪٽ
لڳل ٻه شيخون ماتم ڪري رهيون آهن. اسان وٽ جتي ڪٿي
خوشي ۽ سونهن بدران ماتم آهي.
سنگاپور جو زولاجيڪل گارڊن
سنگاپور ۾ چڙيا گهر پڻ گهمڻ وٽان شيءِ آهي ۽ نه
فقط سنگاپور ۾ پر ملائيشيا ۾ پڻ ان چڙيا گهر جي
هاڪ آهي. سنگاپور جي ڀرواري ملائيشي علائقن مان
ماڻهو خاص چڙيا گهر ڏسڻ لاءِ سنگاپور ۾ اچن ٿا.
کيس سڄي ايشيا جو سهڻو چڙيا گهر ته چئي نه ٿو
سگهجي پر ائين ڪولمبو وارو هن کان زور آهي. پر
تڏهن به ڏٺو وڃي ته هي به گهٽ ناهي ۽ اٽڪل ٽيهه
هيڪٽرن (ٻاهتر ايڪڙن) ۾ پکڙيل آهي. جنهن ۾ ڪيترن
ئي قسمن جا جانور آهن. روزانو جانورن جو شو پڻ
ڏيکاريو وڃي ٿو جنهن ۾ اورانگ اتان (ماڻهوءَ سان
تمام گهڻو ملندڙ ڀولڙا) هاٿي، نانگ ۽ لڌڙا اهم
ڪردار ادا ڪن ٿا. سنگاپور جو هي چڙيا گهر مندائي
روڊ تي آهي ۽ شهر کان بسون ۽ ٽئڪسيون جام وڃن ٿيون
منجهس چوڏهن سؤ کن جانور چيا وڃن ٿا. صبح جو اٺين
بجي کان شام جي ڇهين بجي تائين ڏسندڙن لاءِ کليل
رهي ٿو. پکين جي پارڪ وانگر هن جي به ساڍا ٽي ڊالر
ٽڪيٽ آهي. هڪ ڳالهه آهي ته سنگاپور جي چڙيا گهر
توڙي پکين جي پارڪ ۾ يا ويندي ملاڪا، ڪوالا لمپور،
جي چڙيا گهرن ۾ صفائيءَ جو ڏاڍو خيال رکيل آهي، ۽
جانورن جي پرگهور ۽ کاڌي خوراڪ جو پڻ تمام سٺو
بندوبست آهي.خيرسنگاپور ۾ ته وڏي ٽڪيٽ هجڻ ڪري
ايڏي ڪمائي ٿيندي هوندي جو جانورن کي روزانو هڪ
ويلو ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ به کارائي سگهن ٿا.
پر ملاڪا واري زو ۾ جتي ٽڪيٽ بنهه ناهي، اتي به
جانورن کي سندن قد بت ۽ خوراڪ مطابق کاڌو ڏنو وڃي
ٿو. ان ڪري چڙيا گهر جي رکوالي / ٺيڪيدار سان گڏ
جانور به صحتمند ۽ تندرست نظر اچن ٿا.
سنگاپور ۾ چيني ۽ جپاني باغيچا
سنگاپور جي پکين جي پارڪ ڀر ۾ هڪ ننڍڙو چيني ۽ هڪ
جپاني اسٽائل جو باغيچو آهي. هنن باغيچن کي ڏسي
چين ۽ جپان جي عام باغيچن جي آئيڊيا ٿي سگهي ٿي.
چيني باغيچن جو نالو يو _ هُو _ ايئان آهي ۽
جورانگ ڍنڍ جي هڪ تيرهن هيڪٽرن جيڏيءَ ٻيٽاريءَ تي
آهي. هن باغيچي جو نمونو چين جي سنگ گهراڻي جي
ٺهرايل پيڪنگ جي محلات جهڙو آهي. منجهس نون قبن
وارو پگوڊا (ٻڌن جو عبادت گهر)، چيني نموني جون
اوطاقون ۽ اوتارا، ڳاڙهين ڪمانن واريون پليون ٺهيل
آهن.
جپاني باغيچي جو نالو ”سيئي وائن“ آهي. جيڪو چيني
باغيچي کان سڏ پنڌ پري آهي. هن باغيچي جو نمونو ۽
نقشو بلڪل جپان جي روايتي باغيچي جهڙو آهي. پٿر جا
ٽڪيل لالٽين، پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ٿيل لسا پٿر، ڪاٺ
جون پليون ۽ ڍنڍون باغيچي ۾ نظر اينديون.
مانگر مڇن جو فارم
سنگاپور اچڻ سان هوٽل،ايئر پورٽ يا وڏن دڪانن تي
ڪيترائي اشتهاري پنا ۽ ڪتابچا ملن ٿا جن ۾ سنگاپور
جي هوٽلن، دڪانن ۽ مختلف گهمڻ جي جڳهين جي اشتهار
بازي هوندي آهي. انهن ۾ ٻين شين کان علاوه (جن مان
ڪجهه جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.) مانگر مڇن جي
فارم جي پڻ واکاڻ ٿيل آهي مون پاڻ اهو ڪڏهن نه ڏٺو
آهي پر هڪ دفعي منهنجا ڪجهه واقف ڪار حيدرآباد ۽
نواب شاهه کان سنگاپور گهمڻ آيا هئا. تن ڏينهن ۾
منهنجو جهاز سنگاپور ۾ هو سو ساڻن ملڻ لاءِ
وڪٽوريا اسٽريٽ تي سندن رهائش واري هوٽل تائي پان
Tai _ pan تي پهتس،
خبر پئي ته هو صبح ساڻ اپر سرنگون روڊ تي مانگر
مڇن جو فارم ڏسڻ ويا آهن. ٿوري ئي دير ڪا لائونچ ۾
انتظار ڪيو هوندم ته هي اچي نڪتا. کانئن مانگر مڇن
جي فارم جو احوال ورتم، سخت بيزاريءَ مان
وراڻيائون. ”ته اها اجائي تعريف! اها اهڙي ته ڪا
ڳالهه آهي ئي ڪونه جنهن لاءِ ماڻهو هلي وڃي رڳو
چند واڳون پاڻيءَ ۾ تڙڳي رهيا هئا. اهڙا واڳون ته
منگهو پير تي به پيا ڌوڙ پائين ۽ بنا ٽڪيٽ جي ڏسي
سگهجن ٿا. هتي ته انهن جي ڏسڻ جي به ڳري ٽڪيٽ رکي
اٿن. اڌ ڏينهن هڪ طرف ضايع ٿيو ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو
وغيره ٻئي طرف.“
ڳالهه مون کي به دل سان لڳي ته واقعي ڪي ڪي شيون
اهڙيون آهن جن ۾ بنهه ڪا ڪشش يا نواڻ ناهي، جيتري
ان ملڪ جي حڪومت طرفان ان جي ڏسڻ لاءِ ڪيل آهي. پر
بهرحال تڏهن به ماڻهو وڃيو نڪري ۽ حقيقت تائين
پهچڻ کان اڳ هر ڪوئي سوچيندو ته الائي مانگرمڇن جو
فارم ڇاهوندو. اهوئي ساڳيو حال مختلف ملڪن ۽ شهرن
گهمڻ جوآهي. ڏهه پنڌرهن ملڪ ڏسڻ بعد هر هڪ کي
اهوئي احساس ٿئي ٿو ته منجهن ڪابه نواڻ ناهي سڀ
ملڪ ۽ شهر ذري گهٽ هڪ جهڙا آهن. هرشهر ۾ ساڳا
ريڊين، واچن، ڪيمرائن ۽ ٽي وين جا دڪان آهن.اهي ئي
چڙيا گهر ۽ سينيما ٿيٽرن جا اڏا، اهي ئي ايئرپورٽن
۽ هوٽلن جا نمونا، اهي ئي تڪلف ۽ رک رکاءَ جا
طريقا. سنگاپور جهڙن ملڪن مڙيئي ٻين کان ڪجهه شيون
اهڙيون مختلف رکي ڇڏيون آهن، جن کي ڏسي پئسا خرچ
ڪرڻ وارو ٽوئرسٽ پنهنجي ملڪ پهچي شرم کي پرچائڻ
لاءِ پنهنجن دوستن عزيزن کي سڪائڻ ۽ هرکائڻ لاءِ
چئي سگهي ته ٻيلي ولايت ۾ واه جو مزو هو. مون هي
به ڏٺو ته هو به ڏٺو. سستائي به ڏاڍي هئي. واه جا
شاپنگ جا مزا هئا. سنگاپور ۾ چڙيا گهر به ڏٺم ته
مانگرمڇن جو فارم به وغيره وغيره. (ٻيو ڀلاڇا چوي
ته هوٽلن ۽ ٽئڪسين جي اجائي خرچ ماري رکيو، اجايو
ويس.) پر يارو هن ٽي ويءَ، ويو ڪارڊ، سفرنامن جي
دور ۾ سنگاپور توڙي هانگ ڪانگ يا دنيا جو ڪو ٻيو
ملڪ اڄڪلهه گهمڻ ڪا اهم ڳالهه ناهي. گهر ويٺي ٽي
وي، تان ملڪ ملڪ جا نظارا ڏسڻ ۾ وڌيڪ تفصيلي
معلومات ملي ٿي. اهو ائين جيئن ڪو خرچ ڪري اس ۾
سڙي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ کان گهر ويٺي آرام
سان ٽي وي تي ڏسي.
واپاري ٽرپ تي، يا نوڪري يا ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ ڪو
ولايتي ملڪ ۾ اچو ٿو نڪري، ته ضرور هيڏانهن
هوڏانهن ٽنگون هڻي وقت گذاري، نه ته پنهنجي خرچ
تي، پنهنجو وقت وڃائي پڳ ٻڌي گهران نڪرڻ نسورو ئي
بيوقوفي آهي. ان کان بهتر اهو ئي مٿيون طريقو آهي
_ يعني گهر ويٺي ٿڌي ڇانوَ ۾ ولايت جا نظارا ٽي
ويءَ تي، يا ڦوٽو ڪارڊن ۽ رسالن ۾ ڏسي دل خوش ڪري
ڇڏي. يا وري ڪو سفر نامي جو ڪوڙو سچو ڪتاب پڙهي
ڇڏي . باقي جيڪڏهن ڪو توهان کي ولايت گهمڻ جي صلاح
ٿو ڏئي ته اهو پڪ توهان جو همدرد يا سڄڻ ناهي. هو
پنهنجو وقت ۽ ٽڪا ته وڃائي آيو آهي ۽ هاڻ چاهي ٿو
ته توهان جو به خرچ ٿئي. توهان به پراين ملڪن جي
ايئرپورٽ لائونچن ۾ وڃي ڌڪا کائو ۽ نٽهڻ اس يا سخت
سرديءَ ۾ پڪن رستن تي ٽئڪسيءَ لاءِ رڙيون ڪريو.
ڪئپٽن رشيد ابڙي سان ملاقات
بهرحال هي سڀ سنگاپور جا کيل تماشا _ يعني گهمڻ
ڦرڻ جون جايون ۽ گهاٽ گهاٽ هينئر هن سفر نامي ۾
لکي چڪو آهيان. نه ته ان مهل ننڊ آڻڻ لاءِ سنگاپور
جي شهر بابت ٿوري دير ضرور سوچيو هوم. خاص ڪري
سندس ماضي قريب ۽ ان سان گڏ پنهنجي ماضي قريب بابت
پڻ، جنهن جو ڪجهه حصو سنگاپور ۾ گذاري چڪو هوس.
پوءِ خبر ناهي ڪنهن وقت اک لڳي وئي ۽ سڄي ڏينهن جي
ٿڪ ڪري يڪدم اهڙي گهاٽي ننڊ وٺي ويئي جو درتي ڪنهن
جي ڀرپور مُڪن جي آواز تي هوش نه پئي آيو. در تي
مُڪن لڳڻ ۾ جڏهن بنهه ٺاپر نه آئي، ته پهرين ننڊ ۾
پوءِ اڌ سجاڳ ۽ اڌ ننڊ ۾ اهو محسوس ڪيم ته ڪو
منهنجو در زور سان کڙڪائي رهيو آهي. اکيون کولڻ ۽
هنڌ مان اٿڻ تي دل ئي نه پئي چيو. ائين پئي لڳو ڄڻ
ننڊ صفا نه ٿي هجي. گهڻي اوجاڳي وانگيان اکيون سڙي
رهيون هيون. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته واقعي ايترو
جلد صبح ٿي ويو آهي يا ڪنهن آڌيءَ رات جو اچي
اٿاريو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه سوچڻ جو موقعو ڪٿي جو
ٻاهران ڪو در کي اصل ٿڦڙن سان ڀڃڻ جي موڊ ۾ هو.
جلدي بتي ٻاري اٿڻ سان وقت ڏٺم ته اڃا هڪ ٿيو هو _
معنيٰ اڌ منو ڪلاڪ ڪو مس ستو هوس. ”
Who کون؟
Saipa _ ؟“
انگريزيءَ سان گڏ ملئيءَ ۽ اڙدو ۾ ٻاهران واري کان
پڇيم ته ڪير آهي.
”ٽيليفون“ (تنهنجو فون) ٻاهران جواب آيو. تيسين
ڪنڊي لاهي در کولي چڪو هوس. سامهون مائوزي تنگ کان
اڳ واري دور جو چين جو چرسي مهانڊي وارو اڌڙوٽ
چيني بيٺوهو. چڙ مان چيائين؛
”هيٺ هل ٽيليفون آيو آهي.“
”دل ۾ چيم ته چاچا ڪاوڙ ته نه ڪر. هڪ ته آئيندي
هتي رهڻ جي غلطي هن جنم ۾ ته نه ڪبي. ٻيو ته اهو
فون هن ويلي، هن ٽاڻي مون کي ڪير ڪندو. گهڻوشڪ
ڪئپٽن ظهور ۾ هو. يا وري آصف ۽ ذوالفقار ۾ هو جيڪي
ماني کائي ۽ ڊنر سيٽ وٺڻ لاءِ رات جو دير سان تنجم
پگار وڃي رهيا هئا. ٿي سگهي ٿو انهن سان ڪو مسئلو
ٿيو هجي. باقي ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته آئون
سنگاپور ۾ آيل آهيان ۽ هتي رهيل آهيان. ريسيپشن تي
رکيل فون کڻي هيلو ڪيم ته ٻئي طرف کان ظهور عالم
يا آصف جو انگريزي يا اڙدوءَ ۾ آواز اچڻ بدران
سنڌيءَ ۾ ڪئپٽن رشيد ڳالهائي رهيو هو.
اسان جي ڳوٺ جو رشيد ابڙو جنهن جهاز جو ڪئپٽن آهي
ان جي اڄڪلهه هيءَ روٽ آهي _ يعني ڪراچيءَ کان
جپان واري. رستي تي ايندي ويندي ڪولمبو، پينانگ،
سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي بندرگاهن تي پڻ ترسن.
هينئر سندس جهاز جپان کان واپس ڪراچيءَ ڏي موٽي
رهيو هو. سنگاپور مان ڪجهه سامان کڻڻ ۽ ڪجهه مرمت
ڪارڻ گذريل هفتي کان هو هتي ترسيل هئا. مونکي ان
جي اوچتي خبر شام جو پيپلس پارڪ ۾ پيئي هئي. جتي
ان جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر شاپنگ ڪري
رهيو هو. انهن ٻنهي ڄڻن ڪنهن زماني ۾ مون سان گڏ
پڻ
Sail ڪيو هو. کين
خبر هئي ته رشيد منهنجو ڳوٺائي آهي، سو انهن مونکي
يڪدم ٻڌايو ته هن دفعي موڪلن تان جيئن ئي ڪئپٽن
رشيد موٽيو ته کيس انگلينڊ واري روٽ ڏيڻ بدران هن
جهاز تي رکيو اٿن.
ٻه ٽي مهينا اڳ جڏهن آئون هيڏانهن ملائيشيا اچڻ
کان اڳ ڳوٺ موڪلائڻ ويو هوس ته رشيد موڪل تي هجڻ
جي ڪري اتي مليوهو. پاڻ به ڏهاڪو کن سال جهازن تي
Sail ڪري چڪو هو ۽ هر
جهازيءَ وانگر هن جو به هاڻ پروگرام هو ته ٻارن
ٻچن سان گڏ جهاز ۾ هيڏانهن هوڏانهن سڄي دنيا کي
اورانگهڻ بدران هڪ هنڌ ڪناري جي نوڪري
Shore job وٺي هڪ
منو ٿي ويهجي. جيتوڻيڪ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ تڪليف
يا جوکو نه هجڻ ڪري پگهار سامونڊي نوڪريءَ جي
چوٿين حصي جيترو به نه ٿو ملي، پر هڪ اهڙي عمر، حد
يا حالت اچي ٿي جڏهن هر هڪ جهازي Settled
زندگيءَ جي لاءِ، ٻارن جي پڙهائيءَ جي لاءِ
هيڏانهن هوڏانهن آفريڪا جي تپندڙ ۽ اتر قطب جي يخ
نما سرد بندرگاهن ۾ ڀٽڪڻ بدران هڪ هنڌ رهڻ چاهي
ٿو.
هڪ اهو به سبب آهي ته مون کي جيئن ئي ملائيشيا ۾
يڪا ٽي سال رهڻ جي آفر ٿي ته هليو آيس هيڏانهن اچڻ
لاءِ رشيد پڻ خيال ظاهر ڪيو هو. پر هو ٿورو ٻڏ تر
۾ هو ته ملائيشيا ملڪ، ماحول، نوڪري ۽ ماڻهو ڪيئن
هوندا ۽ ان وقت مونکي به ملائيشيا جي هن نوڪريءَ
جي چڱي طرح پروڙ نه هئي ته آيا ڪيتري قدر اسان
لاءِ صحيح ثابت ٿي سگهي ٿي.۽ ڪنهن حد تائين نباهي
سگهجي ٿو. پر کيس چيو هوم ته اتي پهچي ڪجهه عرصي ۾
اتي جي حالتن جو جائزو وٺي توکي ان بابت سٺا ۽
خراب نقطا لکندس، جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجين
حالتن سان ڀيٽ ڪري هيڏانهن اچڻ يا جهاز تي ئي
Sail ڪرڻ بابت فيصلو
ڪري سگهين .ملائيشيا پهچي جيڪو مون جائزو لڳايو سو
منجهائيندڙ هو ۽ ڀلين ۽ ڪسين ڳالهين کي ساهميءَ جي
مختلف پڙن ۾ وجهڻ سان ڪڏهن هي پڙ ڳرو ٿي ٿيو ته
ڪڏهن هو پڙ. بهرحال اهي سموريون ڳالهيون رشيد کي
لکڻ کان اڳ سندس جهاز جي نالي جي ڳولا ۾ هوس ته
ڪراچي هيڊآفيس يا هانگ ڪانگ، لنڊن، ترڪي، نيويارڪ
جي ريجنل آفيسن کي لکي معلوم ڪجي ته رشيد ڪهڙي
جهاز ۽ روٽ تي آهي. اڄ اوچتو اهو معلوم ڪري خوشي
ٿي ته سندس جهاز فقط هن _ ڏور اوڀر جي روٽ تي آهي.
پر بلڪل هن ئي بندرگاهه سنگاپور ۾ آهي. جتان ٿي
سگهي ٿو ته ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ به اچي.
پينانگ فاصلي ۾ ملاڪا کان 320
ميل کن ٿيندو، سنگاپور وري به ويجهو آهي ۽ ملاڪا
کان 200 ميل
کن مس آهي. سو پيپلس پارڪ ۾ مليل جهازين کي مون
اتي جو اتي دڪاندار کان پني ڀور وٺي ڪئپٽن رشيد
لاءِ ٻه ٽي سٽون لکي موڪليون ته آئون فلاڻي هنڌ
رهيل آهيان منهنجو هي فون نمبر آهي. مون سان فون
تي ڳالهاءِ يا ٻئي ڏينهن سڌو ملاڪا پهچي وڃ جيئن
توکي هتي جي واسطيدار عملدارن سان به ملائي سگهان.
سو اهي جهاز جا آفيسر گهمندا ڦرندا رات جو ٻارهين
بجي جڏهن جهاز تي موٽي پهتا ۽ موٽڻ وقت رشيد جي
حوالي منهنجي چٺي ڪيائون. رشيد ان ئي وقت مون سان
ڳالهائڻ چاهيو.
هن پاسي نوڪريءَ بابت ڪجهه ڳالهيون
ساڻس خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ٻڌايو مانس ته هن
ملڪ(ملائيشيا) جي هن نوڪريءَ جون هي هي ڳالهيون
آهن؛
جنهن اداري سان واسطو آهي اهو تمام وڏو ادارو آهي
۽ ان ۾ نوڪري ڪرڻ جو تجربو اڳتي هلي ڪم اچي سگهي
ٿو ۽ ان بعد پنهنجي ملڪ يا ڌارين ملڪن ۾ سٺي
پوزيشن حاصل ڪري سگهجي ٿي.
پگهارسعودي عرب ڪويت يا ٻين عرب يا يورپين ملڪن
جهڙو گهڻو نٿا ڏين پر ايترو آهي ته هن ولايت ۾ سٺو
گذارو ٿي سگهي ٿو.باقي بچت ڪجهه به نه.
ملٽري ڪنٽونمينٽ ٽائيپ زندگي آهي. يعني جتي نوڪري
۽ رهائش آهي اها جڳهه ملاڪا شهر کان پر ڀرو آهي.
هڪ پنهنجي ننڍڙي دنيا آهي جتي سخت سڪيورٽي آهي.
نوڪري ڪندڙ ۽ سندن فئملين لاءِ اندر ڪلب،
ڪئنٽينون، راندين جا ميدان، لئبرريون، سُئمنگ پول،
پارڪ، جمناسٽڪ هال ۽ هوٽلون آهن. شهر جي گوڙ
گهمسان کان پري هجڻ ڪري ڪن کي هيءَ سانت واري
زندگي وڻي ٿي ۽ ٽن سالن جو هڪڙو مدو پورو ڪرڻ بعد
ٻيو به ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. ڪن کي ته بنهه نٿي
وڻي. هو سنگاپور يا آسٽريليا ۾ نوڪرين لاءِ
واجهائي رهيا آهن. سو اهڙين ڳالهين لاءِ تون پاڻ
ئي فيصلو ڪري سگهين ٿو.
هتي ملائيشيا ۾ ڪجهه سالن کان جيتوڻيڪ سڀ اسڪول ۽
ڪاليج ملئي زبان جا ڪري ڇڏيا اٿن، پر ملاڪا شهر ۾
جيئن ته بين الاقوامي هوٽلن، ڪارخانن ۽ هن قسم جي
ادارن ۾ فارينر ڪم ڪن ٿا سو انهن لاءِ هڪ انگريزي
اسڪول جو پڻ بندوبست آهي.
اسڪول جي في جيتوڻيڪ قاعدي موجب اڌ ٻارن جي مائٽن
کي ۽ اڌ اداري کي ڀرڻي آهي. پر اڃا تائين سڄي في
ادارو ئي ڀري پيو. ويندي اسڪول تائين ٻار ڇڏي اچڻ
۽ وٺي وڃڻ لاءِ بس رکي آهي.
ملائيشيا جا ماڻهو محبتي ۽ سادا سٻاجهڙا آهن. ان
ڪري هتي رهڻ ۾ اهو سڪون آهي. جيڪو اڄڪلهه دنيا جي
فقط ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن؛ جپان، سئيڊن، ناروي، چين ۽
ڪجهه سوشلسٽ ملڪن ۾ وڃي رهيو آهي.
ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ هر هنڌ حلال شي ملي
ٿي، سو هتي اهي ڏکيائون نه آهن جيڪي آمريڪا، جپان
يا روس جهڙن ملڪن ۾ نوڪري ڪندي درپيش اچن ٿيون _
يعني حلال گوشت به ڪجهه شهرن جي ڪن خاص دڪانن تان
ملي يا وري ملڪي ايمبسيءَ جي معرفت.
ملائيشيا ۾ نماز روزي ويندي ٻارن کي قرآن شريف
سيکارڻ ۽ پڙهائڻ جو ڳوٺ ڳوٺ / ڪمپونگ ڪمپونگ ۾
بندوبست آهي.
ملائيشيا ۾ پاڪستانين جي چڱي گهڻي عزت آهي، جو اڃا
تائين هتي ڪنهن ورلي پاڪستانيءَ چوري چڪاري، چرس،
جهڳڙي، ڦڏي يا بناويزا پاسپورٽ جي اچڻ جهڙو جڏو ڪم
ڪيو هوندو _ جنهن کان انگلينڊ آمريڪا يا عرب ملڪن
۾ اسان لاءِ دانهن آهي ۽ اتي جو ماڻهو اسان مان هر
هڪ کي شڪي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان ڪري اهڙن ملڪن ۾
هڪ حساس ماڻهوءَ لاءِ رهڻ ڏکيو ٿيو پوي.
ملائيشيا ۾ موڪلون هر سال نه ٿيون ملن، پر ٽن ٽن
سالن بعد ڏين ٿا. اهو مدو پورو ڪرڻ تي پگهار سان
گڏ ٽن مينهنن جي موڪل ڏين ٿا ۽ سڄي فيمليءَ جي اوٽ
موٽ جي ٽڪيٽ پڻ.
انهن موڪلن کان سوءِ سال ۾ پندرنهن ڏينهن آرام ڪرڻ
يا ملائيشيا گهمڻ ڦرڻ لاءِ موڪل ڏين ٿا. اهو دستور
هن پاسي جي سڀني ملڪن؛ سنگاپور، برونائي،
پاپئانيوگني ۽ انڊونيشيا وغيره ۾ ساڳيو آهي. هن
پاسي هر سال موڪل ان ڪري نه ٿا ڏين جو هڪ ته هي
ملڪ پاڪستان کان پري آهي ۽ ڀاڙو ڳرو آهي. (ڪراچيءَ
کان جدو فقط ٻه ڪلاڪ هوائي سفرآهي پر ڪراچيءَ کان
ڪوالالمپور ڇهه ڪلاڪ آهي.) ۽ ٻيو ته هتي جي زندگي
عرب ملڪن وانگر بور ۽ بندش واري ناهي. ان ڪري هتي
وقت جلدي گذري ٿو. هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ چر پر جي کليل
آزادي آهي. موڊ ٿئي ته ڪوالالمپور هليو وڃجي يا
ڪيڊاح پينانگ هليو وڃجي يا پيراق. ويندي جنهن وقت
دل چوي ته ڀر وارن ڌارين ملڪن؛ سنگاپور، يا
ٿائلينڊ، انڊونيشيا يا فلپين بس، ٽئڪسي، يا هوائي
جهاز ۾ اچي وڃي سگهجي ٿو.
ملائيشيا دنيا جي بهترين
Touroist _ Resorts مان هڪ
آهي. جنهنجو چپو چپو نرالو ۽ گهمڻ وٽان آهي.
خوشنصيب ماڻهو ويندي يورپ ۽ آمريڪا جي ڏورانهن
هنڌن تان ڪهي ڏينهن ٻن جي جهلڪ لاءِ هتي اچن ٿا.
ان خيال کان پاڻ ته ڄڻ ويٺائي هتي آهيون .
پر ساڳئي وقت اها ڳالهه به آهي ته ٽي سال چڱووڏو
عرصو آهي. پنهنجو اباڻو گهر، ڳوٺ ۽ وطن _ ڪهڙو به
هجي، ڪٿي به هجي ته هر انسان کي ياد اچي ٿو.
نوڪريءَ جي نوعيت به ڪجهه اهڙي آهي، جو پنهنجي خرچ
تي وڃڻ لاءِ به موڪل جي اميد نه برابر سمجهڻ کپي،
جو جهجهي جوابداريءَ جي ڪري هڪ ماڻهوءَ جي غير
حاضري به اداري کي ڪافي نقصان رسائي ٿي ۽ سڄو ڪم
درهم برهم ٿيو وڃي.ان ڪري ٽن سالن جي اندر ڪنهن کي
سخت مجبوريءَ جي حالت ۾ شايد موڪل ملي ته ٻي ڳالهه
آهي ۽ اهو ٽن سالن جو عرصو گذارڻ ڪنهن لاءِ سولو
آهي ته ڪنهن لاءِ ڏکيو.
اداري طرفان سڄي فيمليءَ جي لاءِ فري ميڊيڪل ۽
انشورنس پڻ آهي.
ٽن سالن بعد هر ڪو آزاد آهي. وڌيڪ ٽي سال نوڪريءَ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏيل
رضامندي لازمي آهي _ يعني نوڪري ڪندڙ ۽ هتي جي
حڪومت. جي نه ته نه. ڇو جو هونءَ ملائيشيا جي
حڪومت جي قاعدو قانون به پاڻ جهڙن ملڪن جيان آهي
ته جيسين پنهنجو ماڻهو ناهي تيسين ڌارئين کي رکجي.
جيئن ئي پنهنجا ماڻهو تيار /
Train ٿي وڃن ته
ڌارئين جي نوڪري ختم. سو هنن وٽ جيئن ئي پنهنجا
ڪئپٽن، چيف انجنيئر، ۽ پائليٽ ٿيندا ته پنهنجي
موڪل، سو هن نوڪريءَ ۾ اهو خوف ۽ خطرو هر وقت رهي
ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ ٽي ڇهه يا نَوَ سال کن
نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي يا پهرين ئي ٽن سالن
بعد هتي جي به نوڪري ختم ته پنهنجي ملڪ جي نوڪريءَ
تان به هٿ ڌوئڻا پون.
بهر حال پهريان ٽي سال هتي نوڪري ڪرڻ ۽ پاڪستان جي
نوڪري قائم رکڻ جو هڪ اهو ئي طريقو آهي ته
پاڪستاني نوڪريءَ مان ٽن سالن جي موڪل
N.O.C وٺي اچجي. جيئن وري واپس
ساڳي نوڪريءَ ۾ لڳي سگهجي.
هونءَ ملڪ جي فائدي ۾ اهو آهي ته گهڻي کان گهڻا
پاڪستاني هتي اچي نوڪري ڪن ته جيئن پنهنجي ملڪ جي
هنن ملڪن ۾ نمائندگي رهي ۽ ساڳي وقت اسانجي ڇڏيل
جاين تي ٻيا جونيئر پروموشن حاصل ڪري سگهن. آخر
انڊين، بنگلاديشي، فلپيني ۽ سائوٿ ڪورين ان کان
گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به ٻاهر نوڪري ڪن پيا.
|