ملائيشيا ۽ سنگاپور
ملائيشيا جوملڪ ۽ سنگاپور جو ٻيٽ ائين آهي، جيئن پاڪستان جو سڄو
ملڪ ۽ منهوڙو ٻيٽ. ۽ ملائيشيا ملڪ جو جوهوربارو
شهر سنگاپور سان پل (Cause
Way)
ذريعي ائين ڳنڍيل آهي جيئن ڪراچيءَ جو شهر منوڙي
سان سمنڊ ۽ ماريپور ذريعي ڳنڍيل آهي. سو ظاهر آهي
ته جوهوربارو شهر جي ماڻهن لاءِ سنگاپور جو شهر
ائين سڏ پنڌ تي آهي. جيئن ڪياماڙي وارن لاءِ
منهوڙو. ملائيشيا جا ماڻهو زري پرزي ڳالهه لاءِ
پاسپورٽ پاڻ سان کڻي اهو ملائيشيا پيا وڃن. ڪڏهن
ڪڏهن سنگاپور ۾ ڪا نئين فلم چڙهندي ته ملائيشيا جا
ماڻهو (خاص ڪري جوهوربارو شهر جا) شام جو وڃي
پهريون يا ٻيون شو ڏسي رات جو اچي گهر به نڪرندا
آهن.
سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ فقط سمنڊ جو ٽڪرو آهي جيڪو ٻنهي
ملڪن جي وچ ۾ بارڊر طور ڪم اچي ٿو. ان سمنڊ جي
ڳچيءَ/ ٽڪري مٿان پل ٺهيل آهي. جيڪا سنگاپور ۽
ملائيشيا کي ڳنڍي ٿي. اها پل بلڪل دادو موري پل
جهڙي ۽ جيڏي ٿيندي _ جوهوربارو شهر کان ان پل
تائين بس جو ويهه سينٽ (هڪ رپيو) کن ڀاڙو آهي. پل
وٽ لهي اميگريشن جو فارم ڀري، پاسپورٽ تي
ٺپوهڻائي، ٻئي پاسي بيٺل سنگاپور جي بس ۾ ماڻهو
چڙهي پوندا آهن _ جيڪا ان پل کان سنگاپور جي آخري
پوڇڙ تائين اسي سينٽ (پنج روپيا کن) ٿي وٺي. پوءِ
ڀلي ماڻهو ڪٿي به لهي پوي وڻيس ته بارڊر وٽ
وڊلئنڊس جي علائقي ۾ لهي پوي يا اڳتي هاءِ اسٽريٽ
پيپلز، پارڪ، آرچرڊ روڊ يا شينٽن وي وغيره تي.
يعني هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڪل
ٻارنهن روپيا ۽ اهڙا ڏهه روپيا ٻيا کن خرچ ڪري فلم
شو به ڏسي سهگي ٿو ته پٽاٽا چپس وغيره کائي مانيءَ
جي اؤن به لاهي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ سنگاپور ۽
ملائيشيا جي شهر جوهورباروءَ جي رهاڪن لاءِ هڪ ٻئي
جا ملڪ گهمڻ، جيترو سستو ٿو پوي اوترو وجهه دنيا ۾
ٻيو ڪنهن کي نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسڪول جون بسون
ٻارن کان ٽي ڊالر (ويهه ويهه روپيا کن) وٺي هڪ ئي
ڏينهن ۾ ٻيو ملڪ گهمائي ڦيرائي وٺي اينديون آهن.
هتي ملائيشيا ۾ ڇنڇر اڌ ڏينهن موڪل ٿئي ۽ آچر سڄو ڏينهن جيئن
پنهنجي ملڪ ۾ پهرين هو. جمعي ڏينهن وري جمعي نماز
لاءِ ٻارهين بجي کان ٽين بجي تائين _ ٽي ڪلاڪ موڪل
ٿئي. جوهورباروءَ جا ماڻهو ته جمع نماز سنگاپور ۾
پڙهي شاپنگ ڪري انهن ٽن ڪلاڪن اندر موٽي ايندا
آهن. ان بندوبست لاءِ سنگاپور جي سياڻي حڪومت
بارڊر وٽ ئي هڪ وڏي مسجد ٺهرائي ڇڏي آهي. ۽ اتي ئي
وڏا ڊيوٽي فري شاپنگ سينٽر پڻ ته جيئن ملائيشيا جي
ماڻهن کي بس جا وڌيڪ اسي سينٽ ڀري پري به نه وڃڻو
پوي. اتي ئي نماز جي نماز ۽ شاپنگ جي شاپنگ ٿي
وڃي.
ملائيشيا جو جوهوربارو شهر ته ٿيو بلڪل ئي سنگاپور جي ويجهو ،
پر سڄي ملائيشيا جي ماڻهن لاءِ سنگاپور گهمڻ ائين
آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄامشورو ۽ پيٽارو جي ماڻهن لاءِ
حيدرآباد. بس پاسپورٽ ۽ ڪجهه ڏوڪڙ کيسي ۾ هجن پوءِ
جنهن وقت موڊ ٿئي ته هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ ۾
وڃيو نڪرن. ملائيشيا جي ماڻهن جي پاسپورٽ تي ٻئي
ڪنهن ملڪ جو ٺپو هجي يا نه پر سنگاپور جي ٺپن سان
سڄو پاسپورٽ سٿيو پيو هوندو.
اسان جي شهر _ ملاڪا کان سنگاپور ايترو پري آهي، جيترو موري کان
ڪراچي، ۽ سنگاپور کان ڪوالا لمپور ايترو پري آهي،
جيترو ڪراچيءَ کان سکر. هتي جا رستا صاف سٿرا آهن.
جيتوڻيڪ پاڪستان وانگر سڌا نه آهن جو ملائيشيا
سنڌو ماٿريءَ وانگر سڌو ۽ لسو ناهي، پر ٽاڪرون ۽
هيٺ مٿانهون ملڪ آهي. سو لاهيون چاڙهيون ۽ ڦيرا
گهڻا آهن - جيئن ڪوهه مري پاسي رستا آهن. پر هتي
اها چڱي ڳالهه آهي ته هڪ ته موسم هميشه جهڙالي آهي
تنهن ڪري گرمي يا ٿڪ محسوس نٿو ٿئي ۽ چوڌاري وڻ ٽڻ
۽ سرسبز ساوڪ هجڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ ويتر فرحت محسوس
ٿئي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته جنهن تنهن رستي تي نشان لڳل
آهن، جنهن موجب ڊرائيورن کي گاڏي حفاظت ۾ هلائڻي
پوي ٿي. ملڪ ۾ پئسو جام آهي تنهن ڪري گاڏيون
لاريون توڙي ٽرڪون نيون آهن. ۽ سڀ هڪ ئي رفتار سان
هلن ٿيون. ۽ ڪنهن ٽرڪ کي رستو نه ڏيڻ يا آهستي
آهستي گاڏين کي ذري ذري اوور ٽيڪ ڪرڻ ڪري وقت نه
ٿو وڃي. ان ڪري ڪوالا لمپور کان سنگاپورتائين جو
سفر ايترو نٿو ٿڪائي. جيترو ڪراچيءَ کان سکر
شڪارپور تائين جو.
ملاڪا جو شهر، ڪوالا لمپور ۽ سنگاپور جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن
ڪراچيءَ ۽ سکر جي وچ ۾ مورو. سو ملاڪا جا ماڻهو
موڪلن ۾ ڪوالالمپور به وڃن ته سنگاپور به، پر گهڻو
سنگاپور ڏي رخُ رکندا آهن.جو سنگاپور ۾ سستي
خريداري آهي. مسجدون مندر به آهن، ٻارن جي گهمڻ
لاءِ چڙيا گهر ٽائيگر بام گارڊن جهڙا باغيچا به
آهن. شاگردن لاءِ هر فيلڊ جا اسڪول ۽ ڪاليج آهن.
فلمون آهن، وغيره وغيره.
سنگاپور باءِ روڊ
ملاڪا کان سنگاپور تائين ٽئڪسيون به وڃن ته بسون به. ٽئڪسيون
هتي گهڻو ڪري مرسڊيز هلن. ٽئڪسيون ۽ بسون
ايئرڪنڊيشنڊ آهن. ان ڪري ماڻهو پنهنجي ڪار بدران
بس يا ٽئڪسيءَ ۾ وڌيڪ سفر ڪن ٿا. ڇو جو پاڻ سان
ڪار کڻي وڃڻ معنيٰ هڪ ته پاڻ ڊرائيونگ جي تڪليف
ڪرڻ ٻيو سنگاپور جهڙي ڳتيل شهر ۾ ڪار بيهارڻ
(پارڪنگ) لاءِ منهن مٿو پٽڻ، سنگاپور ننڍڙو شهر
هجڻ ڪري منجهس پارڪنگ جي جاءِ تمام ٿوري آهي. ۽ جي
مليو به ٿي وڃي ته بيهارڻ جي في تمام ڳري آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو آهي جو ڪنهن دڪان آفيس يا
سينيما گهر ۾ وڃڻو هوندو آهي ته ان دڪان جي ڀرسان
جڳهه ملڻ بدران ميل ڏيڍ پري جاءِ ملندي آهي. جتي
ڪار بيهاري وري ساڳيو ٽئڪسي يا بس ۾ ان دڪان يا
آفيس تائين اچڻو پوندو آهي. ان ڪري هن ملڪ جا
ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ گهڻي استعمال ڪن ٿا. پر ان
هوندي به روزانو سراسري هزار کن پرائيويٽ ڪاريون
ملائيشيا کان سنگاپور اچن ٿيون. ملاڪا کان سنگاپور
تائين ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو يارنهن ڊالر (پنجهٺ کن
روپيا) آهن.
اسان به پاڪستان کان جيئن ئي ملاڪا رهڻ لاءِ آيا سين ته اچڻ سان
آنڌ مانڌ ٿي ته پهرين فرصت ۾ سنگاپور ضرور گهمڻ
هلجي، جنهن جهڙي ڊيوٽي فري پورٽ لاءِ جهاز تي
نوڪري ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پڻ هميشه آتا هوندا
هئاسين. سنگا پور ۾ جهاز ٻن چئن ڪلاڪن لاءِ بيهندو
هو ته به غنيمت سمجهندا هئاسين. ۽ جهاز پهچڻ کان
اڳ جهيڙا شروع ٿيندا هئا. ته اندر بندرگاهه ۾ پهچي
ڪير ڊيوٽي ڪندا ۽ ڪير گھمڻ ويندا – ڇو جو هڪ ئي
وقت سڀ همراهه به جهاز کي ڇڏي نٿا سگھن - ۽ پوءِ
جڏهن جهاز فقط چئن پنجن ڪلاڪن لاءِ ترسندو هو، ته
ظاهر آهي سڀ نه ويندا هئا، فقط اهي ويندا هئا،
جيڪي ڊيوٽي ڪري ان وقت واندا ٿيندا هئا. پوءِ اهو
چار پنج ڪلاڪ آرام وارو سمورو وقت هل هلان ۾ گذاري
وري ساڻا ٿي جهاز تي اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهندا هئا. ۽
جن کي موڪل نه هوندي هئي، اهي به ذهني طرح ٿڪ
محسوس ڪندا هئا. نتيجي ۾ جهاز جڏهن سنگاپور کان
نڪرندو هو ته ڪي ڪلاڪ بلڪه ايندڙ ڏينهن تائين سڀ
ٿڪل هوندا هئا. پر هاڻ اسان جو هيءُ پهريون دفعو
سنگاپور وڃڻ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ پٺيان جهاز يا ان
تي ڊيوٽي ڪرڻ جو فڪر نه هو. جيتري دير وڻي اوتري
دير دڪانن تي خريداريءَ ۾ لڳائي ٿي سگهياسين. بلڪ
وقت جي کوٽ يا ڊيوٽيءَ جي ڊپ کان تڙ تڪڙ ۾ خريداري
ڪرڻ بدران آرام سان سوچي سمجھي ضرورت جي شئي وٺي
سگھياسين ٿي. جهاز وارن ڏينهن ۾ جي ڪنهن شيءِ جي
ضرورت نه هوندي هئي ته به وٺبي هئي ته متان ان
شيءِ جي ضرورت پوي يا متان اها ٻئي ملڪ مان نه
ملي. پر هن دفعي اسان جو سنگاپور وڃڻ ٻئي نموني جو
هو. هن دفعي چرين وانگر هر شيءِ تي لامارو هڻي
خريداري ڪرڻ بدران فقط ضرورت جي شيءِ وٺڻ جو سوچيو
هئو سين. جو ڪنهن وقت به ضرورت پوڻ تي اچي وٺي ٿي
سگهيا سين جو ويٺائي هتي آهيون. بلڪه ڪيتريون ته
سنگاپور واريون شيون ملائيشيا ۾ به ساڳئي اگهه تي
عام جام ملن ٿيو. ڪن شين تي قيمت جو فرق ضرور آهي.
جو سنگاپور ۾ نه برابر ٽئڪس آهي ۽ ملائيشيا ۾ ڪجهه
گهڻو آهي. خاص ڪري اليڪٽرڪ جي شين وي سي آر،
ريڊيو، ٽي وي، وغيره تي.
شاپنگ لاءِ سنگاپور
ملائيشيا ۾ نوڪريءَ خاطر اسانکي ڪجهه وقت اتي رهڻو هو، سو
ملائيشيا پهچڻ سان اسان گهڻو تڻو سامان ملائيشيا
مان ئي ورتو سين. خاص ڪري اهي شيون جن جي قيمت ۾
گهڻو تڻو فرق نه هو. بس فقط وي سي آر جي قيمت ۾
گهڻو فرق هو، جيڪو ملائيشيا ۾ نَوَ هزار کن ۾ مليو
ٿي ۽ سنگاپور ۾ ڇهه هزار روپيا هو. پر ملائيشيا ۾
آڻڻ وقت ٻه هزار روپيا کن ٽئڪس ڏيڻ کانپوءِ فرق ۽
فائدو فقط هزار روپين جو ٿي ٿيو. پر ڪئپٽن
ذوالفقار اچڻ سان چيو هو ته هو سنگاپور مان ئي
وٺندو ۽ کانئس ٽئڪس هر گز نه وٺندا جو هو ملائيشيا
جو رهاڪو نه آهي ۽ بارڊر تي ڪسٽم وارن کي ڪهڙي خبر
ته اسان ملائيشيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال رهڻ لاءِ آيا
آهيون. هو ڪسٽم آفيسرن کي _ هن جي چواڻي ٻڌائيندو
ته ”لڪ سر!وي آر گيسٽس اِن ملائيشيا.“ اسان ته
ملائيشيا ۾ فقط ڪجهه ڏينهن لاءِ مهمان آهيون.
بحر حال اهي ته هيون اسان جي طرف جون ڳالهيون. هو ڇا چوندا ته
بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي آصف ته اڳهين
کيس چتاءُ ڏيندو رهيو ته هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ قابل
آهي. جيئن سرجن آپريشن ڪرڻ ۾، وڪيل ڪيس وڙهڻ ۾،
تيئن ڪسٽم وارا ڊيوٽي ٽيڪس (Tax
) هڻڻ ۾. اهي ڪي چريا نه آهن جو انهن ڳالهين تي
وسوڙجي وڃن. هنن جي عمر ان ڪم ۾ گذري آهي، سو ڪجهه
نه ڪجهه ان جو جواب هنن وٽ به هوندو.
۽ واقعي ٿيو به ائين. واپسيءَ تي سنگاپور کان ملائيشيا اچڻ وقت
جوهوربارو ۾ سامان جي چيڪنگ تي جڏهن هنن ٽي سؤ
ڊالر وي سي آر جي ڊيوٽي گهري ته ڪئپٽن ذوالفقار
کين ريهرسل ڪيل مٿيان ڊائلاگ ٻڌايا .
ڪسٽم آفيسر اکيون ڇنڀيندي ڌيرج سان چيو؛ ”ته پوءِ ڀلا هيئن
ڪريو؛ ٽي سؤ ڊالر ڊيوٽي نه پر گيرنٽيءَ طور جمع
ڪرائي وڃو. ٽن مهينن جي اندر جي ملائيشيا مان هليا
ويائو ته پوءِ رسيد ڏيکاري پنهنجا جمع ڪرايل پئسا
وٺي وڃجو، پر جي ملائيشيا ۾ ئي رهي پيائو ته اهي
پئسا ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ شمار ڪيا ويندا.“
ذوالفقار پنهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو؛ ”منهنجو خيال آهي
ته ڪسٽم ڊيوٽي ئي هڻو جو آئون نه ٿو سمجهان ته
توهان جهڙن دلبر ماڻهن کي ٽن مهينن اندر ڇڏي وڃڻ
تي دل چوندي.“
ابو بڪر بن هاشم (ڪسٽم آفيسر) کلي اسان کان نوڪريءَ ۽ رهائش جو
پڇيو. ان سان گڏ ايترو سو ڪيائين جو ٽي سؤ بدران
اڍائي سؤ ڊالر ڊيوٽي لڳايائين جيڪا وي سي آر لاءِ
تمام گهٽ ڊيوٽي آهي. ٻئي ورتل سنهي سنهي سامان کي
کولي به نه ڏٺائين. جيتوڻيڪ هي پنهنجي ماڻهن سان
تمام سختي ڪري رهيا هئا، پر اسان جهڙن ڌارين سان
ڪافي رعايت ڪيائين جيڪي ٿورا، اسان ارادو ڪيو ته
ملئي ماڻهن جا لاهي ته ڪونه سگهنداسين پر
ڳائينداسين ضرور.
بحر حال اهو وي سي آر ئي هو جنهن ڪئپٽن ذوالفقار ۾ سڀ کان
وڌيڪ سنگاپور وڃڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. ان کان
علاوه ٻئي نمبر تي سنگاپور جون گهٽيون گهمڻ ڦرڻ
هو.
جتي جهاز کي سنگاپور ۾ چند ڪلاڪن لاءِ اچڻو ٿو پوي اتي ڪڏهن
ڪڏهن اهڙا موقعا پڻ هر
هڪ
جهازيءَ
کي
مليو وڃن جو سنگاپور ۾ هن جو جهاز مهينن جا مهينا
ترسيو پوي.
اسان جو ٻيو يار ”چيف انجنيئر آصف غيور“ ٻه دفعا کن
جهاز جي وڏين مرامتن لاءِ سنگاپور ۾ مهينو مهينو
به رهي چڪو آهي. ان کان علاوه جنهن هڪ دفعو ايراني
جهاز تي چڙهڻ لاءِ ڪراچيءَ کان فلاءِ ڪري سنگاپور
آيو هو،
اهو جهاز ايران ۽ عراق جي جنگ ڪري وقت تي سنگاپور
ئي نه
پهتو ۽ آصف کي ان جهاز جي
ڪمپنيءَ
جي
خرچ
تي ٻه مهينا سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ رهڻو پيو هو،
اهڙي نموني سان ڪئپٽن ذوالفقار پڻ ڪيترائي دفعا
مهيني مهيني کان وڌيڪ سنگاپور ۾ رهي چڪو آهي. ۽
ساڳي طرح سامونڊي نوڪريءَ دوران منهنجي پڻ سنگاپور
۾ ڊگهي رهائش ٿي چڪي آهي.
اهڙيءَ
طرح
هرهڪ جهازيءَ جي سنگاپور سان ڄاڻ سڃاڻ آهي ئي آهي
-
چيني دڪاندارن سان تامل ۽ ملئي مسلمان هوٽل وارن
سان،
جهازران
ڪمپنين جي آفيسن ۽ سفارتخانن سان، اسپتالن جي نرسن
۽ چيني ويٽريسن سان، عرب اسٽريٽ جي نالي ماتر
مولوين ۽ ٺڳ ٻانڀڻن ٻاون سان، ته يونيورسٽيءَ جي
ملياڻين ۽ ذهين ماسترياڻين سان به .
سنگاپور
گهڻ
- قومو
ملڪ آهي.
سنگاپور
۾ سينيمائون آهن، ڪلب آهن، بار ۽ ڊسڪوٿي آهن ته
مندر ۽ مسجدون پب ۽ لئبرريون پڻ. باغ باغيچا ۽
گولف گرائونڊ آهن ته خاموش پارڪ ۽ ڪن کائيندڙ جاز
۽ ٽرمپيٽ ٻڌائيندڙ پڻ. سنگاپور ۾ جاپاني ۽ يورپي
کاڌا آهن ته ملئي ”مرتباڪ“ ۽ ”ايام“ ”گورينگ“ جهڙا
کاڌاپڻ آهن. تامل ۽ ملباري مرچن هاڻا ٻوڙ ۽
بريانيون آهن ته ناريل جون مٺايون ۽ اڦراٽا پڻ
آهن. چيني چاؤ آهن ته نوڊل ۽ مي پڻ ان کان علاوه
مغربي کاڌا پيتا _ مئڪڊونالڊ، ڪئنٽڪي، بگ برگر کان
بيئر بارلي، ڪوڪ ۽ ملڪ
شيڪ
پڻ آهن. لڇمڻ مير چنداڻيءَ جي دڪان جي سستي شاپنگ
کان اسٽريٽ ۽ هاءِ اسٽريٽ جي ڳري شاپنگ پڻ آهي.
دنيا جا ماڻهو ڪٿان ڪٿان ٿي سنگاپور گهمڻ اچن ٿا ۽
اسان در تي هوندي به يعني ملائيشيا ۾ هوندي به
سنگاپور نه وڃون
- بقول
آصف جي ”اهو ڪٿي جو انصاف چئبو.“ پر سندس
ئي چواڻي ته سنگاپور هلبو ضرور، پر سال جي ٻڌل
موڪل مان ڪو به ڏينهن ضايع نه ڪبو، اها ڀلي بچيل
رهي ته جيئن انهن ڏينهن ۾ ٿورو پرين ملڪن:
ٿائلينڊ، انڊونيشيا ڏي وڃي سگهجي. باقي سنگاپور
وڃڻ جي لاءِ آچر جو ڏينهن يا ٻيا موڪلن جا ڏينهن
- عيدون
ڏياري، چينن جي عيد، نئين سال يا ڪرسمس جي موڪل
وارا ڏينهن استعمال ڪبا.
ملائيشيا ۾ مهينو کن مس ڪو گذريو هوندو ته هڪ
ڏينهن ڪئپٽن ذوالفقار رسيس واري چانهن تي رڙ ڪري
چيو: ”اڙي خبر اٿَوَ ايندڙ مهيني جي پهرين جمعي تي
هندن جي ڏياري آهي. ۽ هتي ڏياريءَ جي موڪل ٿيندي
آهي.آچر به ٿي موڪل.باقي
وچ وارو ڏينهن ڇنڇر موڪل وٺي هلو ته هلون
سنگاپور.“ سڀني واه واه ڪئي.
سنگاپور
۽ ملائيشيا گهڻ قومن وارا (Multiracial)
ملڪ آهن. يعني منجهن ڪيترن ئي مذهبن ۽ زبانن جا
ماڻهو رهن ٿا. جيئن هتي ملائيشيا ۾ ملئي مسلمان
آهن. ۽ سني فرقي جي شافعي اسڪول سان واسطو رکن
ٿا. ٻئي نمبر تي چيني آهن. جيڪي ايامن کان هتي رهن
ٿا جن جا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا چين، تائيوان، هانگ
ڪانگ وغيره کان هتي آيا جيڪي ڪيترن ئي قسمن جون
چيني زبانون ڳالهائين ٿا. جهڙوڪ: منڊران،
ڪئنٽونيز، هئنڪو، هئڪن، ٽيو چو وغيره وغيره ۽ گهڻا
ڪئنفيوشس مذهب سان تعلق رکن
ٿا. ڪجهه ڪرسچن ۽ مسلمان آهن
۽ ڪجھه
بي دين پڻ، انڊين ۾ گهڻي ڀاڱي سائوٿ انڊين تامل ۽
سک آهن. تامل هندو به آهن ته مسلمان ۽ عيسائي
به، اهي تامل زبان
ڳالهائين
ٿا،
ڪجهه
مليالم ۽ تيلگو ڳالهائين ٿا.
سک
پنجابي ڳالهائين، پر لکن گرمکيءَ ۾ اهي گرو نانڪ
کي مڃين. ڪجهه ملبار جا ملباري مسلمان آهن. ڪجهه
گجرات (هندستان) جا گجراتي آهن ۽ ڪيم ڇم_ مزاماڇو
واري زبان ڳالهائين ڪجهه سنڌي آهن، جيڪي گهڻو ڪري
سڀ هندو آهن. (منجهن ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سک به آهن) جيڪي
سنڌي ڳالهائين ۽ گهڻو ڪري واپار انهن حوالي آهي.
ڪجهه انهن مان نوڪرين ۾ پڻ آهن ۽ ڪجهه
اسان جهڙا ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان کان آيل مسلمان
سنڌي آهن، جيڪي نوڪريون ڪن. ڪجهه ٻيا پاڪستان جي
مختلف صوبن جا مسلمان آهن. انڊين ۽ يورپ جي ماڻهن
۾ جيڪي ڪرسچن آهن سي به مختلف فرقن جا ڪرسچن آهن.
جهڙوڪ: ڪئٿولڪ، پروٽيسٽنٽ، ميٿاڊسٽ، هولي فئملي،
سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ وغيره وغيره هر هڪ کي پنهنجا
پنهنجا مندر ۽ گرجا گهر آهن. سو هتي موڪلون به
مسلمانن جي ڏينهن کان علاوه هندن، ڪرسچن ۽ چينين
جي ڏينهن تي پڻ ٿين. ڪجهه سال اڳ تائين ته هتي
ملائيشيا ۾ پڻ
سنگاپور
وانگر چار زبانون: ملئي، انگلش، چيني ۽ تامل هليون
ٿي، پر هاڻ سڄي ملڪ ۾ فقط هڪڙي ملئي ڀاشا (Bhasha_
Malaysia ) ڪري
ڇڏي اٿن.
سنگاپور
ڪيئن هلجي
بحرحال
ڏياريءَ جي موڪل ڪري سنگاپور جو پروگرام ٺاهڻ لڳا
سين ته ڪيئن هلجي. هتان ملاڪا کان ڪوالا لمپور هلي
پوءِ هوائي جهاز ۾ سنگاپور هلي سگهجي ٿو، پر اهو
ڊگهو پنڌ ۽ خرچ ٿيندو. ان کان ملاڪا کان ئي باءِ
روڊ يا باءِ سي (سمنڊ_ملاڪا نار) رستي هلڻ سولو ۽
سستو هو. پر سڀني چيو ته پاڻيءَ جي جهاز کي ڇڏي
وري ان جو نالو کڻڻ دل ڪچي ڪرڻ آهي. باقي باءِ روڊ
هلڻ لاءِ ٽيڪسي ڪجي ياِ بس ۾ سوار ٿجي، باقي
ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڪار ۾ هر گز نه.
ذوالفقار
اسان سڀني ۾ ننڍو آهي. پر خريداريءَ ۾ ڪنهن
پروگرام ٺاهڻ ۾ يا ڪنهن فنڪشن ڪاڄ
جي
بندوبست ۾ سڀني کان سرس آهي. تنهن صلاح ڏني ته صبح
جو سوير جيڪر هلجي ۽ سڄو ڏينهن سنگاپور ۾ رهي شام
جو موٽي اچجي. صلاح ته سٺي هئي. اسان جي اڪيڊمي
_جتي رهيل آهيون، ان کان ملاڪا شهر
جو
بس اسٽاپ چڱو پري آهي. پهچڻ لاءِ ڪلاڪ سوا کپي ۽
سواري پڻ _ جيڪا صبح ساڻ ملاڪا جي بس اسٽاپ تائين
ڇڏي اچي. ذوالفقار چيو ته ان جو بندو بست ٿي
ويندو. هتان هڪڙيون پائريٽ
Pirate
_
چوريءَ جون ٽئڪسيون (يعني بنا پرمٽ ٽئڪسيءَ تي
هلندڙ پرائيويٽ ڪارون) مسجد تاناح ڳوٺ تائين هلن
ٿيون. اتان پوءِ ٻي قانوني ٽئڪسي ملاڪا جي بس
اسٽاپ تائين ڪري سگهجي ٿي.
اسان جي اڪيڊمي ائين آهي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽
مالاڪا شهر ائين سمجهڻ کپي جيئن حيدر آباد جو شهر
ڪئڊٽ ڪاليج پٽارو کان ۽ مسجد تاناح ائين آهي جيئن
ڄامشورو _۽ ذري گهٽ مفاصلو به ايترو ئي ٿيندو. هتي
جيڪي ٽئڪسيون بنا لائسنس جي هلن ٿيون، انهن کي
پائريٽ ٽئڪسي سڏجي ٿو. (اهڙي طرح بنا لائسنس جي
گانن سان ڀريل ڪئسٽن کي پائريٽ ڪئسٽ سڏين.)
مٿيون ٺهيل پروگرام وري ٻئي ڏينهن ڪئنسل ڪري
ڇڏيوسين جو ڪنهن هتي جي ماڻهوءَ ٻڌايو ته ڏياريءَ
جي ڪري بسن ۽
ٽئڪسين ۾ رش ٿي ٿئي ۽ اڳواٽ سيٽ رِزَرِوڊِ ڪرائڻ
کپي. ۽ رزروڊ
ڪرائڻ
بعد وقت تي ماڻهو نه پهتو ته بس به وئي ته سيٽ جو
ڀاڙو به چٽ
نيٺ اها صلاح ڪئيسين ته هڪ ڏينهن اڳ ۾
يعني خميس ڏينهن شام جو ئي ملاڪا جي جالان منشي
عبدالله (روڊ) تي يا جالان بندر تي هلار تي ڪنهن
هوٽل ۾ هلي رات رهجي،
جتان
بس اسٽاپ ويجهو آهي. ۽ صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان
پيرين پنڌ بس اسٽاپ تي پهچي ويندا سين. اهڙيءَ طرح
ڪلاڪ ٻه وقت به بچي پوندو،
پر پوءِ سگهو ئي اهو عقل اچي ويو ته سنگاپور ۾ رات
نه ٽڪي جيڪي پئسا بچائي رهيا آهيون سي ته ساڳيا
ملاڪا جي هوٽل ۾ رهڻ سان خرچ ٿي ويندا.جي اهو خرچ
ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ ڇو نه سنگاپور ۾ هلي ڪنهن
هوٽل ۾ رات رهجي ۽ ٻئي ڏينهن به سنگاپور گهمجي.
سنگاپور
هلڻ لاءِ ٽئڪسي
ان بعد ڪنهن ٻئي مقامي ماڻهوءَ صلاح ڏني ته سڄي
ٽئڪسي ڪرڻ ڪري ٽئڪسيءَ وارو اسان کي گهران يعني
(اڪيڊميءَ
تان)
ئي کڻي سگهي ٿو. ان لاءِ ڪيترن ئي اسان کي چيو ته
جيڪڏهن چاهيو ته هو اسان لاءِ ڪنهن ٽئڪسيءَ واري
کي چئي ڇڏين. پر جيئن ته اڃا ڏياري (ديپاولي) جي
موڪل ۾ هفتو پيو هو سو ذوالفقار چيو ته اڃا ترسو
متان ڪا ٻي صلاح دماغ ۾ اچي وڃي.
۽
ٿيو به ائين.
ٻئي ڏينهن آصف
سان
سندس ڪار ۾ ذوالفقار ۽ آئون آفيس وڃي رهيا هئا سين
ته پارڪنگ ۾ آصف جي ڪار ڀرسان هڪ پراڻي ڪار بيٺي
هئي، جيڪا ڪو همراهه خريد ڪرڻ لاءِ ڏسي رهيو هو.
وٺڻ لاءِ اسان کان به صلاح ورتائين ته ذوالفقار
چيس: ”او ويري گڊ ڪار _ اسپيشلي فار پائريٽ جاب“
يعني ٽئڪسي ڪري هلائڻ لاءِ سٺي ڪار اٿئي. همراهه
وراڻيو ته هن کي واقعي کپي به ان ڪم لاءِ ۽
ٻڌايائين ته پاڻ ٽئڪسي ڊرائيور آهي.
اهو ٻڌي ذوالفقار يڪدم چيس: ”سنگاپور هلندين؟“
اسان ڪجهه دوست ٽئڪسي ڪري هلڻ ٿا چاهيون. گهڻو
ڀاڙو وٺندين؟ ٽي سؤ ڊالر اوٽ جا ۽ جي واپس به
ايندائو ته ٽي سؤ ڊالر موٽ جا-
ڪل
ڇهه سؤ ڊالر“
-
يعني ساڍا ٽي هزار روپيا کن ٿيا.
ذوالفقار نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس:
”
نه سائين اهي تمام گهڻا آهن. ”محل! بوليح ڪرا
نگڪان هرگا:“ ( گهڻي اگهه کي ملئي زبان ۾ محل ٿا
چون. ۽ هر گا معنيٰ اگهه. يعني ڪجهه اگهه گهٽائي
سگهندين.
”تون
ٻڌاءِ“ ڊرائيور پڇيو.
”اسان
پنج ڄڻا آهيون هر هڪ پندرنهن ڊالر ڏيندءِ. يعني
اوٽ موٽ جو ڀاڙو نوي ڊالر ملندءِ قبول اٿئي.“
ذوالفقار جيئن ئي ائين چيس ته مون چيو مانس ته
ڀاڙو ايترو به ته گهٽ نه ڪرينس
-
اهو ته بس جي ڀاڙي کان به گهٽ ٿيو. سو به ملاڪا بس
اسٽاپ
کان
سنگاپور
تائين
جو.
يعني هتان
گھر
کان
ملاڪا بس اسٽاپ جو ڀاڙو به بچت ٿيو. پر ذوالفقار
مون
کي
اشارو ڪري چيو ته ماٺ ڪرهي پاڻهي هلندو. آخر ڏهه
پندرنهن منٽن جي بحث بعد همراهه ٻه سؤ ڊالرن تي
سنڌي ڪنوار واري هلڪي ڪنڌ ڌوڻ ڪري رضامندي ڏيکاري
۽ جمعي ڏينهن صبح جو ڇهين بجي اسان کي گهران کڻڻ
جو وعدو ڪيائين. اسان به خوش ٿيا سين ته کيپ
کٽيسين.
جڏهن
هڪ ٻه ڏينهن جمعي ۾ وڃي بچيا ته سڀني کي اهو اچي
فڪر ٿيو ته هاڻ جي اهو ڊرائيور نه ٿو اچي ته اسان
جو ته سڄو پروگرام دربدر ٿي ويندو. مون چيومانس ته
يار ان ڊرائيور کان ويهه پنجويهه ڊالر کن ڊپازٽ
وٺي رکون ها. جيئن دادوءَ ۾ اسٽيشن وڃڻ وارا ماڻهو
ٽانگي واري کان ٻه ٽِي روپيا اڳواٽ وٺي رکندا
آهن. اهي پئسا ان ڳالهه جي گيرنٽي هوندا آهن ته
ٽانگي وارو ريل اچڻ کان اڳ وقت تي توهان کي فجر
کان اڳ گهران کڻي اسٽيشن تي پهچائيندو. ٻي صورت ۾
اهي پئسا ضبط..
ڳالهه ته سڀني کي وڻي پر هاڻ ڇا ٿي سگهيو ٿي، پر
اتفاق سان خميس جي ڏينهن اهو ڊرائيور اسان کي ملي
ويو. اسان هڪ هٽڙيءَ وٽ بيٺا هئا سين ته ان
ڊرائيور پاڻ اچي پڇيو ته سڀاڻي هلڻ جو پروگرام ته
پڪو آهي يا نه، اسان کان ته دراصل سندس شڪل ئي
وسري وئي هئي. سو پهرين ته چيو سين ته الائي ڪير
آهي. پر پوءِ يڪدم سڃاڻي خوشي ٿي پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو سين صبح جو ڪيڏي مهل ايندين.
”ستين وڳي“
”اڙي بابا ستين وڳي نه پر ڇهين وڳي“ اسان درستي ڪندي
چيو. ”ڇهين چڱو آئون دوست کي چئي ڇڏيندس ته ڇهين
بجي توهان کي کڻي. دراصل مونکي هتي ڪم آهي سو آئون
ته نه هلندس، پر منهنجو دوست نورالدين توهان کي
وٺي هلندو. هن جي نئين ۽ وڏي گاڏي آهي. اهو سڌو
سنگاپور توهان کي وٺي هلندو.“
اسان وري به هن کي پارت ڪئي ته ڇهين وڳي اصل هليا هلندا سون
جيئن ته سنگاپور جلدي پهچي سگهون.
رات جو سڀ گهڙيال ٺاهي پنهنجن گهرن ۾ ستا سين ۽ پنجين بجي اٿي
جلدي جلدي تيار ٿي آصف جي گهر پهتاسين. پاڻ سان
سامان ڪو گهڻو نه کنيو سين. اهو ئي سوچي ته ڪپڙا
خراب ٿي ويا ته هڪ ٻه وڳو جيڪو سنگاپور مان وٺندا
سين ان مان ئي ڪڍي پائيندا سين. بس رڳو پاسپورٽ
امئگريشن جو ڪارڊ ۽ شيونگ جو سامان کنيو سين.
ڪئپٽن مکڙي_ ماسٽرمئرينر
سنگاپور وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ اهو خيال آيو هو ته سنگاپور ۾
رهجي ڪٿي.؟ اسان جو ڪو پراڻو ٽيچر ڪئپٽن مکڙي
سنگاپور ۾ هو ۽ تازو اسان وٽان ملائيشيا مان به ٿي
ويو هو. ۽ اسان کي هميشه چوندو هو ته سنگاپور جڏهن
به اچون ته هن وٽ رهون. پاڻ اسان کي چٽ گانگ جي
مئرين اڪيڊميءَ ۾ اڄ کان ويهه سال اڳ پڙهايو
هئائين. ان بعد ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ جي مئرين
اڪيڊميءَ ۾ به رهيو هو. پوءِ انگلنڊ ۾ ”ايڪسٽرا
ماسٽر مئرينر“ جو ڪورس ڪري سنگاپور هليو آيو.
سنگاپور وارن به انهن ڏينهن، مئرين اڪيڊمي نموني
جو هي درس گاهه، ”سنگاپور پوليٽيڪنڪ“ کوليو هو.
منجهس مئرين جي سبجيڪٽن کان علاوه سول، مڪينيڪل،
اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جون برانچون به کوليائون. ۽
هاڻ ته ڪيتريون ئي ٻيون ٽيڪنالاجيون شروع ڪري
ڏنيون اٿن. منجهس پڙهائڻ وارواسٽاپ ۽ شاگرد جتان
ڪٿان اچن ٿا. خاص ڪري ”آسين“ ملڪن مان
يعني فلپائين، انڊونيشيا، ملائيشياوغيره کان، هو
پوليٽيڪنڪ سنگاپور ۾ ڊاور روڊ (Dover Road)
تي آهي. ڪئپٽن مکڙي ان ۾ ڇهن سالن کان جهازرانيءَ
جو سبجيڪٽ
Navigation
پڙهائي ٿو اڄ ڪلهه پنهنجيءَ نوڪريءَ جي ٽرم جو
آخري سال پورو ڪري رهيو آهي. کيس سنگاپور حڪومت
سنگاپور جي قوميت
Nationality
ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر پاڻ قبول نه ڪيائين ۽ چاهي کيس
پاڪستان ۾ نوڪري ملي يا نه ملي پر هو پاڪستان ۾
رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس ملڪ ۽ مذهب لاءِ پيار
قابلِ داد آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ جڏهن اسان کي
پڙهائيندو هو تڏهن به ٺاهوڪو جوان هو. اسان کي ياد
آهي ته هوءُ ڪڏهن به نماز جو وقت نه وڃائيندو هو.
اڄ ويهن سالن کان پوءِ ڪافي ڪمزور لڳي ٿو. پر کاڌي
تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ لڳاتار ورزش ڪرڻ ڪري پنجونجاهه
سالن جي عمر ۾ به چڱو تندرست ۽ سمارٽ لڳي ٿو.نماز
کي قائم رکڻ تي جس ڏيندي چيو مانس: ”سائين توهان
جي اها عادت ڏاڍي سٺي آهي جو هڪڙو به وقت نماز
ڪذا نٿاڪريو. توهان واقعي عظيم آهيو.“
بنا ڪنهن فخر جي نماڻائيءَ سان وراڻيائين: ”ان ۾ ڪابه
وڏي ڳالهه نه آهي ۽ نڪو مان ٿورو ٿو ڪريان. نماز
اهڙي شيءِ آهي جيڪا نبين تان به معاف نه ٿي. ۽ ان
فرض جي پورائي لاءِ اسان
DutyBound
(ٻڌل)آهيون.“ |