سنگاپور۾ گهڻائي چينين جي آهي
ملڪ جو گهڻو واپار ۽ ترقيءَ جو مدار بندرگاهه تي به آهي.
سنگاپور جي بندرگاهه ۾ هروقت_ هر ڏينهن توڙي رات_
جهازن کي سهوليت ملڻ ڪري هن پاسي سنگاپور جو
بندرگاهه به ايڏي ترقي ڪري ويو آهي، جو اڄ ڪلهه
سنگاپور جو بندرگاهه دنيا جي ٻئي نمبر تي آهي.۽
صفائيءَ ۾ ته ڪيترن ئي سالن کان پهرين نمبر تي
آهي.سنگاپور جي ڪن ڪن چينين ۽ انڊين جا پنهنجا
ذاتي گهر جاپانين جهڙاصاف سٿرا نه هجن پر، سنگاپور
جو شهر، گهٽيون، رستا چوڌاري پکڙيل باغ، باغيچا،
ريلوي اسٽيشن ۽ ايئر پورٽ وغيره جو ته ٽوڪيو به
مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. مجال آهي جو ڪو ننڍو يا
وڏو پني ڀور يا سگريٽ جو ٽوٽو_ رستي تي اڇلائي اتي
جو اتي پنج سؤ روپيا کن ڏنڊ، ڪار کي غلط پارڪنگ ۾
بيهارڻ تي ته هزار روپيا کن ڏنڊ آهي.پر زيبرا
ڪراسنگ کان سواءِ ٻئي هنڌ تان رستو ٽپڻ تي پيادي
کي پنج سؤ روپيا ڏنڊ ڀرڻو ٿو پوي ۽ اهي ۽ ٻيا
انيڪ قاعدا قانون هر هڪ لاءِ ساڳيا آهن. غريب توڙي
امير لاءِ ورڪر توڙي سياست دان لاءِ ملڪي توڙي
ڌارئين ماڻهوءَ لاءِ.
بحرحال سنگاپور حد کان وڌيڪ سکيو ستابو ۽ سهڻو ٿيندو وڃي. ان جو
اندازو ملائيشيا ڇڏي سنگاپور گهڙڻ سان ئي ٿئي ٿو.
وچ ۾ وقت جو فرق رڳو پنج منٽ ۽ مفاصلي جو فرق ٻه
ٽي ميل آهي. هونءَ ته ملائيشيا به سکيو ستابو، صاف
سٿرو، سهڻو ۽ امير ملڪ ٿيندو وڃي، پر سنگاپور جي
ڳالهه ئي ٻي آهي.سنگاپور گهڙڻ سان ئي محسوس ٿئي ٿو
ته ڪا وڏي تبديلي اچي ويئي آهي. سنگاپور به
ملائيشيا وانگرسرسبز ۽ سائو آهي، پر اتي هروڻ،
هرٻوٽو، پنهنجي جاءِ تي پيو سونهي. ڪٿي به گاهه
وڌيل نظر نه ٿو اچي.ڊگهين ۽ آسمان سان ڳالهيون
ڪندڙ عمارتن جا شيشا چمڪندا رهن ٿا. رستا صاف سٿرا
۽ لسا، ڦٽ پاٿن تي رستن ۽ بسن جا نالا ۽ نمبر لڳل.
مسافرن جون قطارون ۽ ويهڻ لاءِ اڏاوتون. چپي چپي
تي پبلڪ فون ۽ ويجهڙائيءَ جون مشهور جايون ڏسڻ
لاءِ نالا ۽ تير لڳل. وڏو توڙي ننڍو بااد ب ۽
ڊسيپلينڊ_ جنهن بابت مٿي به لکي چڪو آهيان. جيڪو
ماڻهو چين، هانگ ڪانگ، تائيوان، ملائيشيا ۽ ٻين
ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ رهيو هوندو ان کي خبر
هوندي ۽ ان ڳالهه جو قدر ڪندو ته چيني ماڻهن کي
ائين ڪنٽرول ۾ رکڻ واقعي سنگاپور حڪومت جو ڪمال
آهي_يعني ڏنڊي بنا! موچڙي بنا چيني ماڻهوءَ کي
ڪنٽرول ۾ رکي نه سگهيو.
ملائيشيا وانگر سنگاپور ۾ به سڀني مذهبن، زبانن، ۽ ماڻهن جي عزت
ڪئي وڃي ٿي. حساس عنوانن تي بحث ڪرڻ تي بندش وڌل
آهي- جيئن ڪنهن کي به رنج نه پهچي. هر هڪ آزاد
آهي ته ٻارن کي انگريزي پڙهائي يا تامل،چيني
پڙهائي يا ملئي. مندر ۾ وڃي يا مسجد ۾. گوردواريءَ
۾ وڃي يا پگوڊا ۾ پر ملڪ جي ڊاهه ڊوهه نه ڪري .
ڪيترائي يورپي ۽ مغربي ماڻهومختلف عبادت گهرڏسڻ جي لاءِ
سنگاپور ۾ اچن ٿا.جن کي حڪومت جي طرفان اهي ڏسڻ جي
اجازت ڏني وئي آهي_بشرطيڪ ان مذهب جون ضروري
اخلاقي ۽ رسمي ڳالهين جو خيال رکن_جن بابت حڪومت
طرفان ڇپيل گائيڊ بڪ ۾ واضع طور لکيل ٿئي ٿو.جيئن
مسجد لاءِ لکيل آهي ته اندر وڃڻ کان اڳ ٽوئرسٽن
لاءِ ضروري آهي ته بوٽ ٻاهر لاهين. سگريٽ ڇڪڻ يا
ڏاڍيان ڳالهائڻ کان پرهيز ڪن. اسڪرٽ يا ٻانهن بنا
بلائوز پاتل عورتون پنهنجي سڄي جسم کي ڍڪي پوءِ
اندر وڃن ۽ اها عورت جيڪا حيض وارن ڏينهن
Menstrual_
Periods
۾ آهي.اها اندر نه وڃي - وغيره وغيره.
سنگاپور ۾ گهڻائي چينين جي آهي.ڪي ڏهه سيڪڙو کن ملئي ۽ هندستاني
ٿيندا. پر ماڻهن جي حساب سان مسجدون تمام گهڻيون
آهن. ملائيشيا ٽپي سنگاپور اچڻ شرط ئي هڪ تمام وڏي
خوبصورت مسجد کاٻي پاسي نظر اچي ٿي. جيڪا شايد هن
سال ٺهي راس ٿي آهي. جو هن کان اڳ هتان لنگهندي
نظر نه آئي. ان کان علاوه شهر ۾ ٻيون به ڪيتريون
ئي ننڍيون وڏيون مسجدون آهن. وڪٽوريا ۽ جالان
سلطان تي ملباري مسجد، عرب اسٽريٽ وٽ سلطان مسجد ۽
بيچ روڊ جي ڇيڙي وٽ حاجاڻي فاطمه مسجد، وڏين مسجدن
مان ڪجهه آهن.
سنگاپور ۾ ڪو به رستو پري ناهي
ملائيشيا مان نڪر ي سنگاپور ۾ داخل ٿيڻ جو ٺپو سنگاپور
اميگريشن وارن کان پنهنجن پاسپورٽن تي هڻائي پوءِ
”مئرينرس ڪلب“ ڏي روانا ٿيا سين_ جتي اسان جي ٽڪڻ
جو بندو بست ڪئپٽن ظهور ڪرايوهو. مئرينرس ڪلب
تنجنگ پگار _ سنگاپور جي مشهور شاپنگ سينٽرن مان
هڪ، جي ڀرسان ۽ زري گهٽ شهر ۾ آهي. ڪراچيءَ جي
ميڪلوڊ روڊ يا نيويارڪ جي وال اسٽريٽ وانگيان
شينٽن وي (روڊ) پڻ ويجهو اٿس، جنهن تي سڀ کان
گهڻيون بئنڪون ۽ ڏيتي ليتيءَ جون آفيسون آهن.
هونءَ ته سڄو سنگاپور جو ملڪ هڪ شهر آهي ۽ شهر به
اهڙو جهڙو هانگ ڪانگ، ڪولمبو، ڪنهن زماني جو بيروت
۽ عدن، پينانگ يا ڪجهه ڪجهه ڪراچي جنهن جي هر هڪ
گهٽي دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرن سان ٽٻ هجي ۽ دڪان
ڏينهن رات کليل هجن، جيئن ڪنهن به وقت آيل مسافر
خريداري ڪري سگهن پر اهو آهي ته ڪراچي پکيڙ ۾ تمام
گهڻو وڏو آهي. رڳو ملير لانڍي.کان ٽاور ڪيا ماڙي
تائين ويهه ميل ڊگهو ٿيندو ۽ سائيٽ ماريپور کان
نيو ڪراچي يا ڪورنگي تائين به ويهه ميل کن ويڪر ۾
ٿيندو. پر سنگاپور جو شهر بلڪل سڄو ٻيٽ ڊيگهه ۾
چوويهه ميل آهي ۽ ويڪر ۾ تيرنهن ميل. سو سنگاپور
رڳو ڳتيل گهڻو آهي ان ڪري تمام وڏو ٿو لڳي ۽ ماڻهو
ڀلجيو وڃي.
هڪ دفعي ڪيپل روڊ تي بس لاءِ بيٺو هئس (جتي سنگاپور جو مشهور
ڪيپل نالي شپ يارڊ پڻ آهي) اتان آرچرڊ روڊ وڃڻو
هوم ڀر ۾ بيٺل هڪ سنگاپوري انڊين چيو؛ ”توهان کي
جلدي هجي ته بس لاءِ انتظار ڪري وقت ضايع نه ڪريو
ٽئڪسي ڪرائي هليا وڃو“ ٽئڪسي ۾ ويهڻ وقت هڪ دم
خيال آيو ته ڪٿي ٽئڪسيءَ وارو مون کي ڌاريو سمجهي
ڏورانهن رستن کان نه وٺي هلي سو بس اسٽاپ تي بيٺل
سنگاپوري انڊين کان پڪ ڪرڻ خاطر پڇيم ”ڀائو آرچرڊ
روڊ ڪيترو پري آهي؟
کلي وراڻيائين؛ ”هتي ته ڪابه شيءِ پري ناهي. سنگاپور آهي ئي
ڪيترو ٻيٽ!“
سو واقعي سنگاپور ڪو ايڏو وڏو ٻيٽ نه آهي ۽ ٽئڪسين جا ڀاڙا به
ٻين ولايتي ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتي واجبي آهن ۽ اهئي
سرڪار طرفان مقرر ٿيل آهن. مقرر ته گهڻو ڪري سڀني
ملڪن ۾ هوندا آهن. پر سنگاپور جا ٽئڪسي ڊرائيور ان
تي عمل ڪن ٿا. ۽ سنگاپور جي پوليس ان معاملي ۾ مٿس
ڪرڙي اک رکي ٿي. سنگاپور ۾ پهرين ڏيڍ ڪلو ميٽر جو
ڀاڙو هڪ سنگاپوري ڊالر آهي - يعني ساڍا ڇهه روپيا
کن ۽ جي ٽئڪسي ايئر ڪنڊيشنڊ آهي ته هڪ ڊالر ويهه
سينٽ. ان بعد هر چار سؤ ميٽرن بعد ڀاڙو ويهه سينٽ
وڌي ٿو. انتظار لاءِ هڪ منٽ جا ڏهه سينٽ آهن.
سنگاپور ڇو سُهڻو آهي
سنگاپور ۾ ماڻهو هوائي جهاز، سامونڊي جهاز ۽ خشڪي رستي ملائيشيا
کان اچي سگهي ٿو هن کان اڳ اسان جو هميشه سمنڊ
رستي اچڻ ٿيندو هو. ۽ جهاز ايسٽ ڪوسٽ (اوڀرڪناري)
ڪلفرڊ پيئر جي ڀرسان اچي بيهندو هو، جتان ٻن منٽن
جو پنڌ ڪندا هئا سين. رستي جي ٻئي ڪپر تي چئينج
ايلي (ڪراچيءَ جهڙي بوهري بازار)، رئفل روڊ، هاءِ
اسٽريٽ، (ڪراچيءَ جي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ_بلڪه
حيدرآباد جي شاهي بازار) هل اسٽريٽ، نارٿ برج روڊ،
جهڙا مشهور روڊ، رستا ۽ بازاريون، سامهون هوندا
هئا . يا جهاز ويسٽ ڪوسٽ پاسي اچي بيهندو هو. جتان
پوءِ ٻيڙي (لانچ) ٽئڪسيءَ ذريعي عرب اسٽريٽ، تنجم
پگار يا پيلس پارڪ جهڙن شا پنگ سينٽرن ۽ بازارين ۾
اچي نڪرندا هئاسين. اهي رستا سالن کان ڏٺل وائٺل ۽
ياد هئا. بلڪه ڪيترا رستا ۽ عمارتون اسان جي اکين
جي اڳيان گذريل ڏهن يا پندرنهن سالن ۾ ٺهيون.
سنگاپور جو ايئر پورٽ ۽ ملائيشياڏي ويندڙ رستي
واري علائقي ووڊ لئنڊس
Wood lands
پاسي لاءِ ٻڌبو پيو هو ته اتي به تبديلي اچي رهي
آهي. سرڪار جهنگ وڍرائي باغ، ۽ بنگلا، رستا ۽ روڊ
ٺهرائي رهي آهي، پر ان پاسي ڪڏهن به وڃڻ جو وقت ۽
ضرورت پيش ڪونه آئي. پر هاڻ جيئن ته اسان ملائيشيا
کان باءِ روڊ اچي رهيا هئاسين سو سنگاپور جو اهو
سڄو پٺيون پاسو ڏسڻ جو وجهه ملي ويو ۽ ساڳئي وقت
ڪراچيءَ کان ملائيشيا هن دفعي هوائي جهاز ۾ ويندي
وقت سنگاپور جي هوائي اڏي تي لهڻ ڪري چانگي وارو
علائقو پڻ ڏسڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. ڪنهن زماني ۾
بس رستي چانگي وڃبو هو ته اهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ خانوٺ
ڀاڻوٺ يا سيکاٽ جهڙو الڳ ٿلڳ لڳندو هو. پر هاڻي
سڄو ملڪ هڪ ٿي ويو آهي. جيئن ڪراچيءَ جا ڏورانهان
علائقا؛ ملير، لانڍي، لسٻيلو، منگهو پير، ڪورنگي،
اورنگي، شهر سان ملي هڪ ٿي ويا آهن. يا حيدرآباد ۾
ٽنڊو آغا، ٽنڊو ولي، محمد چنڊ جو ڳوٺ، جاني شاهه،
ڪچو قلعو وغيره سڀ وڌي وڌي هڪ يڪو حيدرآباد شهر ٿي
ويو آهي. اهو ضرور آهي ته سنگاپور شهر وڌيو آهي.
پر حساب ڪتاب سان ڪٿي به گهر دوڪان يا هوٽل ٺاهي
وئي آهي ته ان کان اڳ پهرين پڪا رستا، گٽرسسٽم،
پاڻيءَ جاپائيپ، مينهن جي پاڻيءَ جي نيڪال جون
ناليون، اليڪٽرڪ ۽ ٽيليفون جا ٿنڀا ۽ تارون، ڪارين
بيهارڻ لاءِ پارڪنگ جا بندوبست پهرين ڪيا ويا آهن.
ويندي ٻهراڇلائڻ لاءِ دٻا ۽ آهر، ٻارن لاءِ پارڪ ۽
پينگهون، اسڪول ۽ اسپتالون، عورتن ۽ پوڙهن لاءِ اس
۽ مينهن جي بچاءَ لاءِ اڏاوتن وارا بس اسٽاپ ۽
بينچون - پهرين مهيا ڪيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي
۽ اها ئي اڳ جي پلاننگ ۽ سوچ آهي جنهن ڪري سنگاپور
سهڻو شهر ٿي پيو آهي. سنگاپور نه فقط صاف ۽ سهڻو
شهر آهي، پرسندس رهاڪوءَ لاءِ هر سک ۽سهولت موجود
آهي. هيڏو ڳتيل ۽ آباد شهر هوندي به هر عمارت جي
هر فليٽ ۾ رهندڙ کي فون جهڙي عياشي ايترو آسانيءَ
سان مليو ٿي وڃي جيترو پوسٽ آفيس تي وڃي ٽڪليون
وٺڻ، يا پساريءَ جي دوڪان تان سڪاڪائي، يا ڏوڏي،
پست جي ڪڻ، يا مٺي ڪاٺي، وٺڻ. پر جيڪا شيءِ
سنگاپور ۾ آسانيءَ سان نه ٿي ملي سگهي اها آهي
موٽر ڪار. حڪومت طرفان ان ڳالهه تي سختيءَ سان زور
وڌل آهي ته سنگاپوري گهٽ کان گهٽ ڪارون خريد ڪن.
ان جوسبب اهو ناهي ته ڪو سنگاپور چاهي ٿي ته
سنگاپوري پيدل هلن. پر ان ڪري جو سنگاپور تمام
ننڍڙو ملڪ/ شهر آهي ۽ ماڻهو ته ڏينهون ڏينهن امير
ٿيندا وڃن. سو جيڪڏهن هرهڪ ڪار وٺڻ شروع ڪندو ته
رستا ۽ فٽ پاٿ سڀ ڪارين سان ڀرجي ويندا پوءِ پنڌ
هلڻ وارن لاءِ مصيبت ۽ ڪمن ڪارين ۾ رنڊڪ پئجي
ويندي. ان ڪري گهٽ کان گهٽ ڪارون هجڻ شهر جي سونهن
۽ سهولت لاءِ فائديمند آهن.
سنگاپور ۾ ڪار رکڻ وڏو شان آهي
جيستائين سواريءَ جو سوال آهي حڪومت طرفان بسون ايتريون ته
گهڻيون ۽ آرامده هلن ٿيون جو بس ۾ سفر ڪرڻ وڌيڪ
سستو، آسان ۽ سلامتيءَ وارو ٿي پيو آهي. سنگاپور ۾
پنهنجي ڪار رکڻ مان ڪو گهڻو فائدو ناهي.ڇو جو هڪ
ته لکا روپيا سيڙائي ڪار وٺجي جو هتي جي حڪومت
سنگاپورن کي دلشڪستو ڪرڻ لاءِ ڪار جي قيمت، روڊ
ٽئڪس، رجسٽريش في، ڪار پارڪنگ چارجز وغيره تمام
ڳري ڪري ڇڏي آهي. مثال طور اها ٽويوٽا ڪار جيڪا
جاپان ۾ چاليهه هزار روپئي کن ملي ٿي ۽ پاڪستان
جهڙي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽئڪس لڳڻ کان پوءِ به سوا لک
روپئي کن وڃيو پوي پر هتي سنگاپور ۾ ان جي قيمت
اڃا به ڳري رکي ويئي آهي - اٽڪل ٻه سوا ٻه لک کن.
جيتوڻيڪ جنهن حساب سان ريڊيو، ٽي وي، ۽ واچون
وغيره سنگاپور ۾ سستيون آهن. ان حساب سان ڪار جي
قيمت به سستي هئڻ کپي جيتري جاپان ۾ آهي. پر
سنگاپور ۾ ڪارون ڄاڻي واڻي مهانگيون ڪيون ويون
آهن. مثال طور؛ رجسٽريشن في ۽ روڊ ٽئڪس جيڪو
پاڪستان ۾ گهڻي ۾ گهڻو ته به ساليانو ڇهه سؤ يا
وڏين ڪارن جو اٺ سؤ روپيه آهي. پر هتي سنگاپور ۾
اهو ڏهه ويهه هزار کن (ڪار جي وڏائيءَ موجب) آهي.
پر هن سال کان ته هن کي به ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيو
اٿن. بلڪه ڪار وٺڻ جي ان کي ئي اجازت ڏين ٿا جيڪو
اڳهين ڪار جو خريدار آهي ۽ پنهنجي پراڻي ڪار جنڪ
يارڊ (ڪارن جي قبرستان ) ۾ وڃي جمع ڪرائي. يعني ان
ڪار کي ردي سمجهي ڦٽو وڃي ڪري. (جنهن کي حڪومت
پوءِ رجائي لوهه جي ڪم ۾ آڻي ٿي) ۽ مالڪ پوءِ ان
جي بدلي ۾ نئين ڪار وڃي وٺي - پنهنجن پئسن سان.
ڏٺو وڃي ته سنگاپور ۾ ڪار رکڻ جي ڪابه ضرورت ناهي جو ماڻهو
سنگاپور ۾ ڪٿي به هجي ته هو بس اسٽاپ کان پري
ناهي. ڪيتريون ڪمپنيون آفيسون ڪارخانا پنهنجن
ماڻهن کي گهر کان آفيس آڻڻ ۽ پهچائڻ لاءِ مني بسون
هلائن ٿا. ٽئڪسيون عام جام آهن يا ٽئڪسيءَ جي لاءِ
ڪٿان به مفت ۾ فون ڪري سگهجي ٿو. سو اهڙِي حالت ۾
پنهنجي ڪار رکڻ انگريزيءَ جو مثال ”اڇو هاٿي پالڻ“
آهي. جنهن تي رڳو خرچ ئي خرچ آهي. پر تنهن هوندي
به سنگاپور ۾ ڪار رکڻ وڏ ماڻهپي جو نشان
Status Symbol-
آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جو بئنڪ بئلنس کڻي لکا روپيا
هجي . گهر ۽ آفيس ۾ کڻي ٽيليفون ۽ ٽئڪسيون هجن.
هرڪمري ۾ ٽي وي ، وي سي آر هجيس. پر تيسين هو پاڻ
کي غريبڙو محسوس ڪري ٿو، جيسين ڪار نه وٺي. ۽ جيڏي
وڏي ڪار اوڏو وڏو ماڻهو. ڪيترا اهڙا به وڏا ماڻهو
آهن جن وٽ وڏيون ڪارون ائين بيٺيون آهن. جيئن ڪن
جاپاني وڏن ماڻهن وٽ گيشائون (رکيلون) يعني رڳو
رکڻ لاءِ
-
ڀلي استعمال نه ڪن، ۽ جاپانين وانگر ڪيترائي
سنگاپوري دولتمند خاص ڪري چيني، ڪارون فقط ان لاءِ
وٺن ٿا ته جيئن ماڻهن تي رعب ويهي ته هو ايڏي وڏي
ڪار رکي سگهن ٿا. ان جو خرچ ادا ڪري سگهن ٿا.
ڪيترا اهڙا به سنگاپور جا واپاري هاءِ اسٽريٽ ۾
پنهنجن ٻڌي واپار جي ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ ٽيليفونن
جي وچ ۾ ويٺل نظر ايندا جن جو گهر آفيس کان فقط
فرلانگ کن پري هوندو. ۽ هو سڄو ڏينهن آفيس ۾ وهڪ
ڪري گهر پنڌ وڃڻ پسند ڪند ا پر ڊرائيور ڊيوٽيءَ
موجب صاحب/ سيٺ جي ڪار گهر کان آفيس ۽ آفيس کان
گهر آڻيندو نيندو رهندو. جيئن اوڙي پاڙي خاص ڪري
واپاري پارٽيءَ کي خبر پوي ته سيٺ جو ڪيڏو رتبو،
شان، ۽ ساک آهي.
سنگاپور ۾ ڪارون گهٽائڻ جا اپاءَ
سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ڪارون وٺڻ کان ته ڪافي
جهل پل ۽ دلشڪستو ڪري ٿي پر ڀر واري ملڪ ملائيشيا
کان ايندڙ ڪارن جي ٻوڏ کي ڪيئن جهلي؟ صفا جهلي ڇڏڻ
ته معنيٰ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ. ڇو جو سنگاپور
وارن جو گذران ٻاهران آيل ماڻهن تي آهي ۽ هو جيترو
يورپ آمريڪا کان آيل ماڻهن مان ڪمائن ٿا اوترو ئي
ملائيشيا جي ماڻهن مان. ملائيشيا جا ماڻهو به ڪافي
امير آهن ۽ سنگاپور ڏي ته امير توڙي غريب خرچڻ
لاءِ ڀڄي ٿو. غريب اهو سوچي سنگاپور اچي ٿو ته گهر
لاءِ سستي شيءِ وٺان؛ ڪپڙا،گنديون، ٿانوَ، ٿپا،
اليڪٽرڪ جو سامان، وغيره ۽ امير ماڻهو جنهن وٽ گهر
۾ هر شيءِ موجود آهي. سو عياشيءَ لاءِ سنگاپور ڀڄي
ٿو. خاص ڪري اها جاءِ جيڪا ملائيشيا ۾ موجود ناهي.
يا جيڪا عياشي هو آزاديءَ سان پنهنجي ملڪ ۾ نٿو
ڪري سگهي. جو پنهنجن ۾ هن ڪجهه ٻيو ئي اميج ڏنو
آهي. جيئن ڪيترا ئي هند، سنڌ، ۽ عرب دنيا جا ”معزز
ماڻهو“ جيڪي پنهنجن ڳوٺن، قومن، ۽ قبيلن ۾ ته
پرهيزگار، متقي ۽ خبر ناهي ڇاڇا سڏائين ٿا، سي
ههڙي ٻاهر جي دنيا ۾ جيڪي ڪم اچي ڪن ٿا، تن جو ذڪر
جيڪر سندن مريدن يا قوم جي ماڻهن سان ڪجي ته هو
پاڻ خودڪشي ڪن يا ٻڌائڻ واري جو انت آڻين. بحر حال
سنگاپور سڃاڻپ ڪري انسان جي انهن ڪمزورين جو پورو
فائدو وٺي رهيو آهي ۽ جيڪا سروس ڪنهن زماني ۾
بيروت، ڪولمبو، ۽ ڪجهه ڪجهه ڪراچيءَ ٿي ڏني سا
هاڻ بئنڪاڪ، بمبئي ۽ سنگاپور ڏئي رهيو آهي. ۽
سنگاپور ڪڏهن به نه چاهيندو ته ملائيشيا جا مال
دولت وارا ماڻهو نه اچن. باقي سندن ڪارن جي اچڻ تي
ٿورائي ڪرڻ لاءِ ”سنگاپور حڪومت“ ڪجهه اپاءَ ورتا
آهن، جن ڪري هن ملڪ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ۾ رکي ورتو
آهي؛ هڪ ته سنگاپور ۾ ڪار بيهارڻ جي پارڪنگ في ڳري
رکي وئي آهي ۽ وچ شهر ۾ گاڏي بيهارڻ جي في ڪلاڪ جا
ٻه ڊالر آهي. سو به ڪلاڪ يڪو هڪ جڳهه تي بيٺي ته ،
نه ته جي ڪلاڪ ۾ ٽي چار هنڌن تي بيٺي ته اوترا
دفعا ٻه ٻه ڊالر پوءِ چاهي ڪنهن هنڌ چاهي پنج منٽ
بيهي. سو توهان فقط ڏينهن جا ٻارنهن ڪلاڪ شهر ۾
مختلف هنڌن تي بيهاري ته به چوويهن ڊالرن کان ٽيهه
چاليهه ڊالر پارڪنگ في ٿي سگهي ٿي يعني ٻه اڍائي
سؤ روپيه اهي ٿي ويا. ۽ اها في ان ئي ڏينهن ڀرڻي
آهي.جي هفتو کن دير ٿي وئي ته معنيٰ ٻيڻ ٽيڻ ۽
مٿان ڏنڊ پڻ. (اهو قائدو ملائيشيا ۾ پڻ آهي.) ٻي
ڳالهه ته سنگاپور جي شهر ۾ اچ وڃ گهٽائڻ لاءِ
ڪيترن ئي رستن تان لنگهڻ جا ٻه ڊالر في رکي وئي
آهي. جيئن مثال طور حيدرآباد ۾ رسالاروڊ، اسٽيشن
روڊ، ۽ فردوس سينيما، ڏي ويندڙ رستي تان لنگهڻ جا
ٻه ٻه ڊالر في هجي ته اهو ماڻهو جيڪو گورنمينٽ
اسڪول وٽ بيٺو هجي ته ان کي فردوس سينيما ويندي
وقت رسالا روڊ ڇڏي گول بلڊنگ وٽان ڦري، اسٽيشن
روڊ. ڏئي سلطان هوٽل، وٽان مڙي، ٿڌي سڙڪ تي اچي،
سامهون فردوس سينيما اچڻو پوندو جيڪو ڪل رستو اڌ
ميل به نه ٿيو ۽ وقت ڏهه منٽ به نه پر ون وي جي
ڪري هن کي ٽن رستن؛ رسالا روڊ، اسٽيشن روڊ، ٽپي
پوءِ ٿڌي سڙڪ تي اچڻو پيو. معنيٰ هن تي انهن ٽنهي
رستن جا ڇهه ڊالر ٿي ويا جيتوڻيڪ ان کان ته بهتر
هو ته هو وچان ئي وچان پنڌ هليو وڃي ها. اتي ته
فقط ٽي رستا ٿيا پر سنگاپور ۾ ڪڏهن ڪڏهن ون وي ڪري
ڪيترا ئي رستا ٽپڻا پون ٿا جن جي ٻه ٻه ڊالر في
آهي. سو سڄي ڏينهن ۾ فقط پنجن ڇهن ڪمن لاءِ ويهه
ٽيهه ڊالر اهي ٿي ويا. ان کان ته بس ۾ گهٽ خرچ
بلڪه نه برابر اچي ٿو. سو پنهنجي ڪار ڪري رستن ٽپڻ
جي في الڳ ته پارڪنگ جي الڳ. ان کان علاوه پيٽرول
جو خرچ ۽ پاڻ هلائڻ جو مٿي جو سور ڌار. ان ڪري ان
خفي کان گهڻي قدر ماڻهو پنهنجي ڪار گهر ۾ ئي
بيهارين.
سنگاپور ۾ ملائيشيا کان ڪار آڻڻ
مٿين ڳالهين کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ننڍا ننڍا مسئلا آهن،
جي پرائيويٽ ڪارن وارن لاءِ مونجهارو آهن. مثال
طور رستن تي هلڻ جا هڪ ته ٻه ڊالر في آهي ۽ ٻيو ته
اڪيلي سر وڃڻ جي اجازت ناهي. يعني ان رستي تان
لنگهڻ لاءِ ٻه ٽي ٻيا پيادا پنهنجي ڪار ۾ کڻو _
پيادا سواريءَ وارن کي منٿون ڪن ان بدران سواريءَ
وارن کي پيادن کي منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. يعني تلڪ
چاڙهيءَ کان اڳ ئي توهان پنڌ ويندڙن کي منٿون ڪرڻ
شروع ڪيو ته ٻيلي ڏاها ٿيو جي اسٽيشن تائين وڃو
پيا ته ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ بدران منهنجي ڪار ۾ سوار ٿي
هلو جيئن آئون پوءِ اڳتي گڊس ناڪي ڏي هليو وڃان.
جي توهان ٻه ماڻهو نه ويهاريا ته ٻه ڊالر رستي جي
فيءَ کان سواءِ پنج ڊالر ان ڳالهه جو ڏنڊ ته اڪيلا
ڇو ويائو. اهو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن ٿورين
سوارين ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو سفر ڪن. ٻين لفظن ۾
ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪار ڪڍڻ بدران بس ۾ يا ٻئي ڪنهن
کان لفٽ وٺڻ جو توهان به سوچيو ۽ پنهنجو خرچ ۽
سنگاپور جي رستن کي ڪارين جي پيهه کان بچائي سگهو.
هڪ ٻي ڳالهه يا قائدو جيڪو سنگاپور سرڪار ڪار وارن لاءِ مقرر
ڪيو آهي. خاص ڪري ملائيشيا وارن لاءِ اهو اهو ته
ملائيشيا ۾ رجسٽر ٿيل ڪار يعني ملائيشيا ملڪ مان
آندل ڪا ر، سنگاپور ۾ فقط نوي ڏينهن لاءِ رهي سگهي
ٿي. ۽ هن سال کان ته ٻڌجي پيو ته اهي نوي ڏينهن
گهٽائي پندرنهن يا ويهه ڪرڻ وارا آهن. پوءِ چاهي
ڪو اهي سمورا ڏينهن هڪ ئي وقت سنگاپور ۾ گذاري يا
ٿورا ٿورا ڪري گذاري. سندس ڪار جو سنگاپور ۾ هجڻ
جو حساب بارڊر وٽ آٽوميٽڪ ٿيندو رهي ٿو. اهو حساب
ڪتاب ڪيئن ٿو ٿئي؟ اهو هن ريت آهي؛
جيئن ئي ملائيشيا کان ڪار پل
Cause _ Way ٽپيو سنگاپور جي سرحد تي پير / ڦيٿو ٿي رکي ته ڊيوٽي تي ويٺل
ڇوڪريون ان ڪار جو نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهن ٿيون. پوءِ
اها ڪار سنگاپور ۾ ڏينهن ٻه يا وڌيڪ رهڻ بعد وري
جڏهن موٽي ٿي ته بارڊر وٽ وري ان ڪار جو نمبر
ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ڪئلڪيوليٽر ۽
ٽائيپ رائيٽر وانگر چاٻيون/ بٽڻ آهن جن کي دٻائين
ٿيون. ڪمپيوٽر جي حساب ڪتاب واري خاني ۾ ان نمبر
واري ڪار جو حساب ٿيو وڃي ته فلاڻي تاريخ سنگاپور
وئي ۽ فلاڻي ڏينهن موٽي پئي _ يعني هيترا ڏينهن
هينئر سنگاپور ۾ رهي. پوءِ اهو حساب ڪمپيوٽر جي
ياداشت ۽ گدام
Memory & Storage
واري دماغ ۾ وڃي ٿو. جتي پهرين جي حساب ۾ جوڙ ٿي
يادگيريءَ ۾ رهي ٿو، جيئن وري به ڪڏهن ان سال
سنگاپور اچي ته پراڻي حساب ۾ جوڙ ٿي سگهي. پوءِ
ساڳي ڪار سال ۾ کڻي ويهه دفعا اچي هر دفعي سندس
سنگاپور ۾ رهائش جو حساب ٿيندو، گذريل حساب ۾ جوڙ
ٿيندو رهي ٿو. جيسين اهي مقرر ڏينهن پوراٿين. جيئن
ئي مقرر ڏينهن پورا ٿين ٿا مثال طور نوي ڏينهن ته
پوءِ اها ڪار جهڙو پل (سرحد) وٽ پهچي ٿي ته ان جو
نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهڻ سان ڳاڙهي بتي ٻري ٿي ۽
الارم وڄي ٿو پر اليڪٽرڪ ذريعي ڪمپيوٽر ان ڪار جو
رستو روڪي ڇڏي ٿو جيسين ڪار وارو مقرر ٿيل ڏنڊ ڏئي
يا واپس موٽي وڃي. ان ڊپ کان هر ڪو خيال ٿو ڪري ۽
سنگاپور ۾ پنهنجي ڪار حساب سان ٿو آڻي. جيئن اسان
جو ڊرائيور نورالدين ۽ هڪ ٻيو سندس دوست ڊرائيور
ابراهيم آهي. پوءِ هڪ جي ڪار جا نوي ڏينهن پورا
ٿيڻ تي ٻيو پنهنجي ڪار آڻي ٿو. يا ٻه چار دوست
گڏجيو هڪ ڪار ۾ اچن ٿا، جيئن هڪ ئي ڪار جا ڏينهن
ڳڻجن ۽ سنگاپور جي به ان ۾ ئي دلچسپي آهي ته ماڻهو
گهڻا اچن ۽ ڪارون گهٽ .
سنگاپور جو جنگل ووڊلئنڊ
ملائيشيا کان اچڻ مهل سنگاپور جي جنهن پهرين علائقي ۾ گهڙجي ٿو،
اهو ووڊ لئنڊس آهي.
Wood Lands
هينئر تازو ٺهيل علائقو آهي جتي گهڻائي ملئي ماڻهن
جي آهي. کين اتي رهڻ ۾ اها سهولت آهي جو هو هڪدم
ملائيشيا خاص ڪري ملائيشيا جي جوهوربارو شهر ۾ ،
پهچيو وڃن. انهن ۾ گهڻائي انهن ملئي ماڻهن جي آهي،
جيڪي سنگاپوري آهن پر نوڪري ملائيشيا جي شهر
جوهوربارو ۾ ڪن ٿا، ڇو جو انهن لاءِ آساني آهي.
مثال طور اسان جو هڪ ملئي آفيسر موسيٰ آدم جو ڀاءُ
سالن کان سنگاپور ۾ رهيل آهي _ جڏهن سنگاپور ملايا
جي هڪ رياست هوندو هو جيئن جوهور، ملاڪا، سريمبان
وغيره آهي. پوءِ
1963ع
ڌاري سنگاپور الڳ ملڪ ٿيو ته هو اتي ئي رهيو. سو
ظاهر آهي ته هو ڳالهائي ته ملئي پيو پر سندس قوميت
سنگاپوري ٿي. يعني هڪ ڀاءُ ملائيشيا ۾ رهڻ ڪري
ملائيشين ٿيو ۽ ٻيو سنگاپوري. سو سنگاپوري ڀاءُ جو
پٽ نوڪري جوهورباروءَ جي بئنڪ ۾ ڪري ٿو. يعني هو
روز صبح جو سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر
جوهورباروءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو. جتي
(ووڊلئنڊس ۾) هو رهيل آهي اتان جوهوربارو فقط ڏهن
منٽن جي پنڌ تي آهي. کيس جيتوڻيڪ ساڳي بئنڪ جي
سنگاپور برانچ ۾ نوڪري ملي ٿي جيڪا آرچرڊ روڊ تي
آهي. پر آرچرڊ روڊ تي پهچڻ ۾ هن کي اڌ منو ڪلاڪ
لڳي ٿو ۽ هوڏانهن جوهوربارو شهر فقط ڏهه ٻارهن منٽ
پري آهي. ان ڪري هو پنهنجي ملڪ سنگاپور ۾ نوڪري
ڪرڻ کان ملائيشيا روز اچڻ وڃڻ بهتر سمجهي ٿو. هي
حساب ائين آهي جيئن ڪو ڪوٽڙيءَ جو رهاڪو پنهنجي
ضلعي جي شهر سيوهڻ جي حبيب بئنڪ ۾ نوڪري ڪرڻ کان
وڌيڪ ڌارئين ضلعي حيدرآباد جي شهر گدوءَ ۾ نوڪري
ڪرڻ بهتر سمجهندو، جو ڪوٽڙيءَ کان گدو اچڻ ۾ فقط
چند منٽ لڳن ٿا ۽ هوڏانهن پنهنجي ضلعي جي سيوهڻ ۾
ڪلاڪ ڏيڍ!
بهرحال سنگاپور ۾ گهڙڻ سان پهرين ووڊلئنڊس جو علائقو اچي ٿو
جيڪو ڪجهه سال اڳ گهاٽو جهنگ هو ۽ ڀولڙا پيا
گهمندا هئا. پوءِ ماڻهن جي رهائش، رستن، آفيسن، جو
مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ سرڪار هڪ ته هي جهنگل وڍرائي
گهر، دڪان، ۽ آفيسون ٺهرايون ۽ ٻيو ڪلفرڊ پاسي
واري سمنڊ جو چڱو حصو مٽيءَ سان ڀرائي شهر جي
ٻاهران ان تان وڏا رستا ٺهرايا جيئن هڪ ڪنڊ کان
ٻيءَ ڪنڊ تائين وڃڻ لاءِ شهر جي اندران لنگهڻ
بدران ٻاهران هنن رستن تان تکو پهچي سگهجي.
ٿورو اڳتي وچ شهر ڏي وڌڻ سان سيمباوانگ جو علائقو اچي ٿو _ جيڪو
هونءَ پاڻيءَ جي جهاز ۾ ڪلفرڊ پيئر پاسي اچبو هو
ته پري لڳندو هو. هن علائقي جي ڀر ۾ سنگاپور جو
چڙيا گهر (Zoo
) آهي. سنگاپور جو زو تمام وڏو ۽ سهڻو آهي. اهڙو
ملائيشيا ۾ به نه آهي. بلڪه ملائيشيا ۾ نه هجڻ ڪري
سنگاپور حڪومت وڏو خرچ ڪري سنگاپور ۾ هي چڙيا گهر
وڌايو آهي. جيئن ملائيشيا جا ماڻهو به هتي اچي
ڏسن. ملائيشيا جي اخبارن ۾ هر هفتي خميس ۽ جمعي
ڏينهن سنگاپور جي چڙيا گهر جو اشتهار ايندو آهي.
جنهن ۾ هاٿيءَ اڳيان ٻار هوندا آهن يا گوريلا ٻارن
کي چوندو آهي ته مونکي سنگاپور جي زو ۾ اچي ڏسو.
اهي اشتهار ملائيشيا ۾ ٻار ڏسي خميس ۽ جمعي جي
ڏينهن کان مائٽن کي سُر کڻائيندا آهن ته سنگاپور
هلو اسان زو ڏسندا سين. ڇنڇر يا آچر ڏينهن موڪل
تي، مائٽ چاهين يا نه پر ٻارن ڪري سنگاپور ضرور
هلن ۽ پوءِ ڪيترو به پاڻ کي جهلين ته به ڪجهه نه
ڪجهه شاپنگ ته ضرور ٿي ويندي آهي.يا ٻيو نه ته
سنگاپور جي ڪنهن هوٽل ۾ ٿڌو پيئن يا ماني کائين.
نتيجي ۾ ڪنهن سنگاپوريءَ جي ڪمائي يعني ملڪ جي
خوشحالي!
سنگاپور ۾ گهڙڻ سان ووڊلئنڊ جي علائقي ۾ جيڪا تمام وڏي ۽ سهڻي
مسجد نظر اچي ٿي اها ٺهرائي ته سرڪار آهي، پر چندا
ماڻهن ڏنا آهن. سنگاپور ۾ هر مسلمان جي پگهار مان
سرڪار هر مهيني هڪ ڊالر ڪٽيندي آهي جنهن کي
M.B.F
(ماسڪ بلڊنگ فنڊ) سڏجي ٿو. هن فنڊ مان سنگاپور جي
سرڪار هر نئين رهائشي علائقي ۾ پنهنجي نظرداريءَ
هيٺ تمام سهڻيون ۽ وڏيون مسجدون ٺهرائي رهي آهي.
ووڊلئنڊ واري هن مسجد لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته
سنگاپور حڪومت ڄاڻي واڻي اها بارڊر وٽ ٺهرائي آهي.
جيئن ملائيشيا جي شهر جوهورباروءَ کي تمام ويجهو
هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو به سنگاپور ۾ نماز پڙهڻ اچن
۽ پوءِ واپسيءَ تي ڪجهه خريداري ڪندا وڃن.
ملائيشيا جي ملڪ ۾ آچر جو سڄو ڏينهن موڪل ٿئي ۽
ڇنڇر جو اڌ ڏينهن. جمعي جي ڏينهن نماز پڙهڻ لاءِ
ٻارهين کان ٽين بجي تائين ٽي ڪلاڪ موڪل ٿئي. سو
نماز پڙهڻ بعد به ڪافي وقت بچي ٿو. وقت گذارڻ لاءِ
جوهور جي آفيسن جا ماڻهو سنگاپور هليا وڃن. پوءِ
نماز به اتي پڙهن ته خريداري به اتي ڪن. ان ۾ ڪو
شڪ ناهي ته ان مسجد ۾ هر جمعي تي سنگاپوري مسلمانن
کان وڌيڪ ملائيشيا جا مسلمان هوندا آهن ۽ ڏسندي ئي
ڏسندي مسجد جي اوسي پاسي واري علائقي ۾ دوڪانن جون
قطارون ۽ خريدارن جا ميڙ وڌندا وڃن. |