ترقيءَ جو راز انگريزي زبان
سريلنڪا، انڊيا يا برما جي ڪنهن سودائي
Sailor
چيو ته سنگاپور جي ترقيءَ جو راز ان ۾ آهي ته
سنگاپور کي اسان جي ملڪن جهڙا مسعلا نه آهن. سندس
اشارو ٻولين، مذهبن، ذات نيات جي اوچ نيچ ڏي هو.
پر ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ناهي. سنگاپور ۾ اڄ به
ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. بدين ضلعي
کان به ننڍي سنگاپور ملڪ ۾ خبر ناهي ڪيترين زبانن
جا ماڻهو رهن ٿا.۽ چار زبانون؛ ملئي، تامل، چيني ۽
انگريزي ته فقط قومي زبانون آهن. ڪهڙو ملڪ آهي
جنهن ۾ ايترا گهڻا مذهب آهن، جيترا سنگاپور ٻيٽ تي
آهن. هڪ ئي گهٽيءَ ۾ مسجد آهي ته ساڳي يا ڀر
واريءَ ۾ گرجا گهر ۽ ٽينءَ ۾ پگوڊا ۽ گردوارو آهي.
فقط چائنا ٽائون ۾ ئي ڪيترا مختلف مندر ۽ مسجدون
آهن. سنگاپور ۾ رهندڙ چيني جن لاءِ لڳي ٿو ته هڪ
ئي زبان ۽ مذهب هوندو آهي، پر انهن جون به ڪئين
زبانون ۽ مذهب آهن. عيسائي به فقط ڪئٿولڪ نه آهن.
پر مئٿاڊسٽ، ائنگليڪس، پروٽيسٽنٽ، سيونٿ ڊي
ائڊويٽسٽ وغيره آهن. مسلمانن ۾ به شيعن ۽ سنين کان
علاوه ٻيا به ڪيترائي فرقا رهن ٿا. ملائيشيا ۾ ته
کڻي سڀ شافعي آهن ، پر هتي سنگاپور ۾ ته شافعي،
حنفي _ ويندي آفريڪا ۽ عرب ملڪن کان لڏي آيل مالڪي
۽ حنبلي پڻ رهن ٿا. ساڳي وقت وهابي، بوري، کوجا،
بهائي، احمدي ۽ ٻيا مختلف مذهبن ۽ فلسفن جا ماڻهو
پڻ سڀني کي هتي جي پرائيم منسٽر لي _ ڪئان _ يوءَ
جي حڪومت اهڙو خوش ۽ سڌو ڪري رکيو آهي جو
سنگاپورين ڏينهون ڏينهن دنيا جي
Well Disciplined
۽
Well Organizedقوم
ٿيندي وڃي. سڀ ماڻهو هڪ ٻئي سان پيار محبت سان هلن
ٿا. نه ته خاص ڪري چيني ماڻهو اهڙا ڏنگا آهن جو
انهن لاءِ چوڻي مشهور آهي ته چينيءَ جو فقط مٿي جو
وار سڌو ٿئي باقي تن من ڏنگو ئي ڏنگو _ ۽ جن ماڻهن
کي مائوزي تنگ جي مار موچڙي به ڪو گهڻو سڌو نه ڪيو
_ سي هتي سنوت ۾ رهن ٿا ۽ سنوت ۾ چيني يا ٻيا هجن
به ڇو نه، جڏهن موجوده حڪومت هنن لاءِ بنيادي
ضرورتون؛ گهر، تعليم، نوڪريون، اسپتالي گهرجون ۽
هر قسم جي مذهبي، توڙي سماجي آزادي مهيا ڪري ڏني
آهي.سندن اولاد جون بنيادي گهرجون؛ تعليم صحت کان
وٺي ريڊيو، ٽي وي پروگرامن تائين راندين ۽کيل
تماشن جهڙين وندرن کان اسڪائوٽنگ پڪنڪ، ڪئمپنگ
تائين مهيا ڪري ڏنيون آهن _ چاهي هو ميجارٽيءَ
واري قوم ؛ چينيءَ جو ٻار هجي يا ملئي مسلمان جو،
پنجاپي سک جو هجي يا هندو سنڌي واپاريءَ جو، اڇي
چمڙيءَ واري انگريز جو هجي يا ڏکڻ هندستان جو هڪ
اڇوت هندو جو _ جنهن جو اولاد ذات پات ۽ مذهب زبان
جي چڪرن مطابق پنهنجي اباڻي وطن انڊيا ۾ هجي ها ته
اڇوت سمجهي کيس تعليم کان پري رکي کيس ڪسيون ڌوئڻ
۽ گونهه کڻڻ جو جاب ڏنو وڃي ها ۽سندس پاڇو پوڻ به
پاپ سمجهيو وڃي ها، پر هتي اهو به آمريڪن اسڪول ۽
سينٽ لارينس اسڪول مان تعليم وٺي، محنت ۽ پورهئي
آهر اعليٰ نوڪري ۽ ڌنڌو ڪري سگهي ٿو. نه فقط هر
ماڻهوءَ جي اولاد کي نوڪريون ملن ٿيون، پر کين
انهن نوڪرين جو حقدار بنائڻ لاءِ تعليم جو نظام پڻ
برابر رکيو ويو آهي. ائين نه ته ڪي وڏن شهرن ۾
رهندڙ خاص ماڻهن جا ٻار خاص اسڪولن مان اوچي ۽
انگريزي تعليم وٺي وڏيون نوڪريون ماڻين ۽ باقي
غريب عوام کي لولن لنگڙن اسڪولن مان نعرن جي ڇانوَ
۽ ٿڌڪار ۾ فقط قومي، صوبائي يا مذهبي زبانن ۾
تعليم ڏئي سٺين نوڪرين کان اڇوت بڻايو وڃي. اهو ئي
سبب آهي جڏهن سنگاپور ۾ ملئي ماڻهن گوڙ ڪيو ته هن
ٻيٽ جا اصل رهاڪو ملئي مهاڻا هئا ۽ هيءَ ڌرتي
ملايا جي سرزمين جو حصو آهي ان ڪري اسڪولن ۾ فقط
ملئي پڙهائي وڃي، چينين چيو ته ائين نه ٿيندو سڀني
کي اسان جي زبان سکڻ کپي جواسين چيني ميجارٽيءَ ۾
آهيون. انڊين چيو ته نه انهن سڀني زبانن کان اهم
اسان جي تامل زبان آهي ۽ هي ٻيٽ سنگاپور انگريزن
جي ڏينهن کان مدراس سان ڳنڍيل هو، ان ڪري تامل
نادو صوبي جي زبان سڀني کي پڙهڻ کپي.
هتي جي پرائيم منسٽر ماڻهن کي ٿڌو ڪندي سمجهايو ؛ ”بابا ڀاشائون
ته سڀ اهم آهن. ڪير پنهنجي مادري زبان ڇڏيندو. پر
انگريزي جيتوڻيڪ ڌارين جي زبان آهي، پر بين
الاقوامي زبان آهي. سائنس جي زبان آهي ۽ ان ۾
ايترا ته گهڻا ڪتاب لکيل آهن، جو ان جي اهميت عرب
۽ اسرائيلي به مڃين ٿا ته جپاني ۽ جرمن به مڃين
ٿا. بهرحال ٻين قومن کي ڌارئين زبان زوريءَ سيکارڻ
بدران هرڪو پنهنجي زبان جي اسڪول ۾ پنهنجا ٻار
موڪلي ۽ سڀني زبانن جا اسڪول کوليا ويندا ؛ تامل،
ملئي ۽ چيني. ان سان گڏ انگريزي به کوليون ٿا جيئن
ڪو چاهي ته ان ۾ پنهنجا ٻار موڪلي سگهي.“
نتيجو اهو نڪتو ته سڀني پنهنجا ٻار وڃي انگريزي اسڪولن ۾ داخل
ڪرايا. جنهن کان کڻي پڇ ته بابا تون تامل آهين تو
ته چيو پئي ته تامل اهم زبان آهي ٻيا به پڙهن. پر
هاڻ ماڳهين تون پنهنجا ٻار به داخل نه ٿو ڪرائين!
ته هن ککو وکو ٿي جواب ٿي ڏنو ته اها ته اسان جي
مادري زبان آهي ۽ ٻار گهر به سکي ويندا ۽ هيٺين
ڪلاسن ۾ به اعليٰ تعليم ۽ سکيا لاءِ انگريزي ضروري
آهي. ڏسندي ئي ڏسندي سڀني زبانن جا اسڪول بند ٿي
ويا _ سواءِ انگريزيءَ جي. ڇو جو هرهڪ دل ئي دل
اندر سمجهي ويو ته اڄ جي دور ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ
يا ترقيءَ لاءِ انگريزي زبان ضروري آهي. بقول هڪ
ايڪنامسٽ جي ؛ سنگاپور جي ترقيءَ جي لاءِ وڏو راز
اهو به آهي ته هنن برما، سريلنڪا يا ملائيشيا ۽
انڊونيشيا وانگر جوش ۾ اچي اسڪولن ڪاليجن مان
انگريزي کي تڙي نه ڪڍيو.
سنگاپور جون نديون نالن جو ڪم ڏين
سنگاپور وارن انگريزيءَ سان گڏ هڪ ڪم سٺو ڪيو آهي، ته هر هڪ
سنگاپوريءَ کي انگريزيءَ کان علاوه هڪ سبجيڪٽ
مادري زبان جو ضرور کڻڻو آهي، جيئن مادري زبان _
جنهن جي اهميت، ضرورت ۽ جذبو پڻ پنهنجي جاءِ تي اڻ
مٽ آهي، ساسکي سگهي. يعني اهوئي حساب جيڪو اڳ ۾
پاڪستان ۾ اسان وٽ هوندو هو. جتي هاڻ ظاهري طرح ته
انگريزي تعليم بند ڪئي وئي آهي، پر اڃا بچيل چند
مشنري _ عيسائي اسڪولن اڳيان ملڪ جي اهم شخصيتن،
ويندي سياستدانن ۽ وزيرن کي پنهنجن ٻارن جي داخلا
لاءِ منٿون ڪندو ڏسي افسوس ٿو ٿئي ته اهي حقيقت
پسند فقط ٻارن جو مستقبل سنوارڻ بدران سڄي قوم جي
ٻارن جو ڀلو ڪرڻ خاطر سڀني لاءِ انگريزي اسڪول ڇو
نٿا رائج ڪرائين.
هڪ انڊونيشيءَ مون سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته؛ ” توهان ڀاڳ
وارا آهيو جو انگريزيءَ جي ڄاڻ ڪري توهان جا نه
فقط ڊاڪٽر انجنيئر ولايتن ۾ نوڪري ڪري سگهن ٿا، پر
هلڪين نوڪرين وارا پڻ. اسان جي ملڪ جا ته ڊاڪٽر
انجنيئر به روزگار لاءِ ٻاهر هٿ پير نه ٿا هڻي
سگهن جو اسڪولن ڪاليجن ۾ هو انڊونيشي زبان ۾
پڙهيا، پوءِ ڊاڪٽري ياانجنيئريءَ جا ڪتاب جيتوڻيڪ
انگريزيءَ ۾ کين پڙهڻا پيا پر ڪچيءَ ۾ انگريزي نه
سکڻ ڪري توهان پاڪستانين، هندستانين وانگر انگريزي
لس ئي لس نٿا ڳالهائي سگهن. نتيجي ۾ نوڪريءَ لاءِ
جنهن انٽرويو ۾ ويهن ٿا فيل ٿيو پون.“
پر هاڻ ننڍي کنڊ جي تعليم جو معيار به ڇا ٿيندو وڃي _ سٺو يا
خراب _ اسان جي اکين اڳيان آهي. ۽ ان جو فائدو
ڪنهن کي رسندو _ سمجهه ۾ نه ٿو اچي!
بهرحال هي هڪ سفر نامو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ هتي سنگاپور بابت
تعليم کان علاوه ٻه چار ٻيون ڳالهيون لکڻ پڻ بي
مهل نه ٿينديون.
سنگاپور جو ٻيٽ فقط ٻه سؤ ڏهه چورس ميل آهي. سڄي سنڌ جي پکيڙ
چوونجاهه هزار چار سؤ کن چورس ميل آهي _ ان ما
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنگاپور جو ٻيٽ ڪيترو
ننڍڙو آهي. ان کان علاوه سنگاپورجو ٻيٽ ڪافي
هيٺاهون آهي. يعني سمنڊ جي ڪناري کان ڪو گهڻو
مٿڀرو نه آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪيترائي علائقا مٿاهان
آهن. ڪوئيٽا، ڪوهه مري وغيره ته تمام مٿاهان آهن.
پر ويندي حيدرآباد به گنجي ٽڪر تي هجڻ ڪري سمنڊ جي
ليول کان گهڻو مٿاهون آهي. ان کان علاوه اسان جي
ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ٽڪريون ۽ جبلن جون قطارون پڻ
آهن. پر سنگاپور ٻيٽ ڪٿي به پنجاهه ڦٽن کان مٿي نه
آهي. وڏي ۾ وڏي ٽڪري _ بڪت _ تيماح آهي سابه فقط
ڇهه سؤ کن ڦٽ مس ٿيندي. يعني ٻارنهن تيرنهن ماڙ
عمارت جيتري. هڪ ٻه ٻيون به ننڍيون ننڍيون دڙن
جيتريون ٽڪريون آهن. جهڙوڪ؛ بڪت، پنجانگ، بڪت
منڊائي وغيره (بڪت ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ
ٽڪري آهي.) سڄي ٻيٽ تي ٽي چار نديون پڻ آهن. جيڪي
سنڌو نديءَ يا گنگا جمنا وانگر جبلن تي ڳرندڙ برف
جو پاڻي کڻي بئراجن بندن وٽ واهن ۽ شاخن ۾
ورهائجي. گهڻي کان گهڻي ڌرتيءَ جي اڃ مٽائڻ جو ڪم
نه ٿيون ڪن. پر هتي جون نديون ٻيٽ تي وسندڙ مينهن
جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪن ٿيون ۽ڌرتيءَ کي ٻڏڻ
کان بچائن ٿيون. يعني اسان وٽ نديو پوک لاءِ
ڪارائتيون سمجهيون وڃن ٿيون، جو مصر وانگر اسان جي
پوک جو مدار نديءَ تي آهي، پر هتي ٻنين ٻارن کي
نديءَ جي پاڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت جڏهن هروقت مينهن
جي صورت ۾ آسمان مان پاڻي ٽمندو رهي ٿو. هتي جون
نديون به پوک لاءِ ڪارائتيون آهن، پر پوک کي پاڻي
مهيا ڪرڻ بدران پوک ۾ بيٺل پاڻي ڪڍن ٿيون.هتي جون
نديون گٽرن ۽ نالن
Drainage
جو ڪم ڪن ٿيون. نه ته مينهن جي پاڻيءَ ۾ فصل ٻڏي
وڃن.
سنگاپور ۾ پکي گهڻا جانور گهٽ آهن
سنگاپور جون اهي هلڪيون ڦلڪيون نديون آهن؛ جرانگ ندي، ڪلانگ
ندي، ڪرانجي ندي، سيليتار ندي، سرنگون ندي ۽
سنگاپور ندي.هنن ندين ۾ مينهن پوڻ سان يڪدم چاڙهه
اچيو وڃي ۽ مينهن مطابق ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه
ٽي ٽي دفعا تار ٿيو پيون وهنديون، هر هڪ ندي ڪا
چند ميل مس ڊگهي آهي. سنگاپور ندي سڀ ۾ وڏي، مشهور
۽ تاريخي ندي آهي. جنهن ۾ ٻيڙيون ۽ بارجون به هلن،
جيڪي جهاز کان ٻيٽ جي اندروني علائقن تائين ۽
اندروني علائقن کان بندرگاهه تائين سامان لاهڻ
چاڙهڻ لاءِ ڍوئين.
سنگاپور جو ٻيٽ خط اسطوا جي ويجهو هجڻ ڪري ٻار هوئي هڪ جهڙي
اونهاري واري موسم رهي، سيارو ته بنهه نه ٿئي. سڄو
سال گرميءَ جي ڊگري پنجويهه ۽ستاويهه جي وچ تي
رهي. هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳيءَ جي ڪري ان کان وڌيڪ
گرمي ورلي ڪا ڪڏهن ڪڏهن ٿئي _ سا به چند ڪلاڪن
لاءِ. جيڪا گهُٽ ۽ گرمي مينهن پوڻ کان اڳ اڪثر پاڻ
وٽ به ٿيندي آهي. ٿوري دير بعد جهڪ يا هوا جي چر
پر سان سخت مينهن يا بوندا باندي شروع ٿي ويندي
آهي سئيٽر يا ڪوٽ جي ته سڄو سال ضرورت نه پوندي
آهي. ڪوٽ جي ضرورت فقط ڪڏهن ڪڏهن پاسپورٽ سائيز
ڦوٽو ڪڍرائڻ جي لاءِ پوندي آهي، سو ان لاءِ اڪثر
هتي جي هر ڦوٽو گرافر وٽ ٻه ٽي پراڻيون سراڻيون
سنگهون لڳل ٽائيون، هڪ ڏندن ڀڳل مر لڳل ڦڻيءَ سان
گڏ هڪ عدد ڪوٽ پڻ رکيل هوندو آهي. هتي ذري گهٽ
ڏهاڙي مينهن وسي ٿو ۽ سال ۾ هڪ سؤ انچ (اڍائي ميٽر
کن) مينهن وسي ٿو.يعني هتي جي مينهن جي پاڻيءَ جو
نيڪال پاڻ وانگر خراب هجي ته سال اندر سڄو ٻيٽ ٻڏي
وڃي. سنگاپور جي سڄي ٻيٽ تي ماڻهن جي آبادي ۽
عمارتون وڌڻ ڪري گس پنڌ تي ڪو ورلي اڻ پاليل جانور
ملي _ سواءِ ڊگهي پڇ واري ڀولڙي (Macaque)
جي _ يا رات جي وقت ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ گدڙ يا ڳورپٽ
جهڙي جانور جي.باقي هتي پکي جام آهن _ سي به طرح
طرح جا. ٻهراڙي وارن بچيل ٽڪرن تي نانگ بلائون ۽
سانڍا چچيون پڻ موجود آهن.
هتي جي چينين جون مختلف زبانون
جيئن مٿي لکي آيو آهيان، ته سنگاپور ۾ ڪيتريون ئي قومون رهن
ٿيون. جن ۾ پنجهتر سيڪڙو _ يعني ٽي حصا چينين جا
آهن پندرهن سيڪڙو ملئي ماڻهن جو، ست سيڪڙو انڊين
جو ۽ باقي بچيل سيڪڙي ۾ يورپين اچن ٿا. هتي جا
رهاڪو چيني اصل ۾ چين کان ئي آيا.سنگاپور،
ملائيشيا، فلپين، انڊونيشيا _ ويندي يورپ آمريڪا ۾
جيڪي اڄ چيني نظر اچن ٿا، تن جي ابن ڏاڏن يا تڙ
ڏاڏن جو اصل ملڪ چين هو، جتان هنن ڌارين ولايتن ڏي
لڏ پلاڻ شروع ڪئي _ پنهنجي ملڪ جي غربت کان ڀڄڻ
لاءِ، ٻاهر جي دنيا ۾ پورهيو ڳولڻ جي لاءِ يا جيڪي
اڳهين سکيا ستابا هئا، سي پنهنجي اولاد کي وڌيڪ
تعليم يا واپار وڙي جي سکيا ڏيڻ جي لاءِ. اهڙي طرح
سنگاپور جو ٻيٽ جيڪو چوڏهين صديءَ تائين چند ملئي
ماڻهن جو ڳوٺ هو سو اڳتي هلي انگريزن جي حڪومت ۾
وڌڻ ويجهڻ لڳو ته انگريزن کي انهن ماڻهن جي ضرورت
پئي، جيڪي بندرگاهه ۾ مزوريءَ جهڙي پورهئي کان وٺي
ڪلارڪي، کيتي ٻاڙي، ۽ عمارت سازيءَ جهڙا ڪم ڪري
سگهن. ان لاءِ چين ۽ هندستان اهڙا ملڪ هئا جتان
غربت ڪري ضرورت موجب اڻ ڳڻيا ماڻهو اچي سگهيا ٿي.
سو سنگاپور ۾ جيڪي هينئر چيني نظر اچن ٿا، سي اهي
اصل چين جا آهن. پر چين پاڻ مرادو وڏو ملڪ آهي،
جنهن ۾ ڪيترائي پرڳڻا/صوبا ۽ زبانون آهن. سو
سنگاپور ۾ جيڪي چيني ڏسون ٿا اهي سڀئي چين جي ڪنهن
هڪ صوبي مان لڏي نه آيا پر مختلف صوبن کان آيا
آهن، ان ڪري سنڌن مختلف چيني زبانون ۽ مذهب آهن،
جيئن ته منجهن چاليهه سيڪڙو چين جي فوڪيئن صوبي جا
رهاڪو آهن ۽ گهر ۾ اموئي(
Amoy) ٻولي ڳالهائين، ويهه سيڪڙو سنگاپوري چينين جو ٽيچو (Teochew)
ٻولي ڳالهائي ٿو ۽ انهن جو اصل چيني صوبو سواتو (Swatow)
هو، ويهه سيڪڙو کن چيني چين جي ڪوانگ تنگ کان آيل
آهن ۽ باقي ڪئنٽن، شنگهائي، دئرين ۽ ٻين هنڌن کان
آيل ۽ هڪا، هڪوئين، مئنڊئرين، ڪئنٽوينز، جهڙيون
چيني زبانون ڳالهائين ٿا. مذهب به ڪن جو ٻڌ ڌرم
آهي، ته ڪن جو تائوزم، ڪنفيوشزم وغيره آهي. ڪي ته
دهريا به آهن، ڪن جو مذهب عيسائيت به آهي، ته ڪن
ايڪڙ ٻيڪڙ چينين جو مذهب اسلام پڻ آهي. سنگاپور ۾
رهندڙ سڀني ملين جو مذهب جيتوڻيڪ اسلام آهي. پر
اهي به هڪ ئي هنڌ جا نه آهن. ڪي اصل انڊو نيشي آهن
ته ڪي جاواني، بئاني، ۽ ٻيون زبانون ڳالهائيندڙ
آهن. ڪي اصل اتر ملايا جا آهن، جيڪي ٿائلينڊ جي
بارڊر پاسي جا هجڻ ڪري ڪجهه ڪجهه ٿائي نموني جي
زبان ڳالهائين ٿا. ڪي ملايا جي اوڀر واري ڪناري ؛
ترنگانو ۽ ڪئانتان جا آهن ۽ گهرن ۾ پنهنجيون
ٻوليون ڳالهائين ٿا.
اهڙي طرح سنگاپور ۾ جيڪي انڊين رهن ٿا، انهن ۾ ته سڀ کان گهڻا
مذهب ۽ زبانون آهن؛ هندو، سک، مسلمان، ڪرسچن،
گجراتي، پنجابي، تامل، بنگالي، مليالم، سنڌي
گورکا، ويندي پاڪستاني، سلوني ۽ بنگاديشي به انهن
۾ اچيو وڃن ٿا.
سنگاپور جا مختلف نالا ۽ حڪومت
سنگاپور جو سرڪاري طرح چيني ( منڊران) ۾ نالو
Hsin _ Chia _ Po_ Kung _Ho Kuo
آهي، ملئيءَ ۾ ”ريپبلڪ سنگاپورا“، انگريزيءَ ۾ ”ريپبلڪ آف
سنگاپور“ ۽ تامل ۾ ”سنگاپور ڪُدي“ يا راسو آهي ۽
اهي چارئي زبانون سنگاپور جون قومي زبانون آهن.
اسڪول ۾ سڀ ڪجهه انگريزيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو، پر ان
کان علاوه مٿين مان ڪنهن به هڪ زبان جو سبجيڪٽ کڻڻ
ضروري آهي.
سنگاپور جو هونءَ اصل نالو
Temasek
(سامونڊي شهر) هو. پر پراڻن قصن موجب سري وجايا
سلطنت جو شهزادو سانگ نيلا اتاما، جڏهن تماسيڪ
(پراڻي زماني جي سنگاپور) ۾ پهتو ته هن کي هڪ عجيب
جانور نظر آيو جنهن کي هن شينهن سمجهي هن شهر جو
نالو تيماسيڪ مان بدلائي سنگاپور رکيو. سنگا معنيٰ
شينهن ۽ سنگاپورا معنيٰ شينهن جو شهر. ٻي وڏي جنگ
جي ڏينهن ۾ جپانين جي قبضي دوران سنگاپور جو نالو
سيونان _ تو (Syonan _ To)
پڻ رکيو ويو هو.
سنگاپور ۾ پارليا ماني ڊيموڪريسي آهي، جيڪا ويسٽ منسٽر جي بنياد
تي آهي. حڪومت اندر هيڊ آف اسٽيٽ (پرائم منسٽر)
اچي ٿو ۽ پريزيڊنٽ (جنهن کي تمام ٿورا پاور مليل
آهن.) ۽
58
ميمبرن جي چونڊيل يونيڪئميرل پارليامينٽ. ووٽ ڏيڻ
ضروري آهي هر رجسٽرڊ شهريءَ کي ووٽ ڏيڻو پوندو
آهي. پارلياماني مئجارٽي پنهنجو پاڻ مان پرائم
منسٽر ۽ ڪئبينيٽ چونڊيندي آهي.1959ع
کان وٺي ساڳي پارٽي پي _ اي _ پي ( پيپلس ائڪشن
پارٽي) کٽيندي اچي. جنهن جو اڳواڻ مسٽر لي ڪئان
يو
Lee kuan Yew
آهي. هن کي سنگاپور جو پرائم منسٽر رهندي هي
پنجويهون سال آهي.
ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ وزير ۽ بورڊ (سيڪريٽريٽ ) آهي. جنهن ۾
اٽڪل پنجهٺ هزار سول سرونٽ (سرڪاري ڪامورا) آهن.
سول سروس لاءِ آفيسر چونڊڻ لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن
آهي. (جيڪو طريقو انگريزن پاڪستان، هندستان،
برونائي، ملائيشيا، نيو گني ۽ ٻين ملڪن ۾ به رکيو
آهي.) اهو خودمختيار ادارو آهي ۽ سرڪاري نوڪرين
لاءِ چونڊيل ماڻهن جي معيار، کاتي ۽ ڊسيپلين جو
خيال رکي ٿو. ان طرح جو ئي ادارو جوڊيشنريءَ جي
خودمختياريءَ جو نظام برقرار رکي ٿو. سپريم ڪورٽ ۽
ٻين ننڍين ڪورٽن ذريعي ماڻهن کي انصاف ملي ٿو.
هيٺينءَ کان مٿينءَ ڪورٽن تائين اپيلون به ڪري
سگهجن ٿيون. غريبن کي سرڪار طرفان قانوني مدد پڻ
ڏني وڃي ٿي. اسلامي قانون لاءِ سنگاپور ۾ شريعت
ڪورٽ پڻ آهي.
سنگاپور جي رستن جا نالا
مون واچ ۾ وقت ڏٺو، يارهن ٿي رهيا هئا. سنگاپور ۾ اڃا ٻن ٽن
هنڌن تي هلڪو ڦلڪو ڪم هو. ماني به اڃا کائڻي هئي ۽
ٻين بجي کان پهرين مئرينرس ڪلب پهچڻو هو. جتان
جنهن ٽئڪسيءَ ۾ آيا هئاسين، ان ۾ واپس ملائيشيا
وڃڻو هو. سيشل اسٽريٽ مان ڪم لهڻ بعد جهٽ جهٽ
سرنگون روڊ تي آيس. سنگاپور جي رستن ۽ گهٽين جا
نالا سنگاپور جي شهر وانگر مغرب ۽ مشرق جو مرڪب
آهن. سنگاپور شهر تاريخ سان هٿ چراند بنهه نه
برابر ڪئي آهي، جو اڃا تائين پراڻا نالا ۽ پراڻيون
شيون هو بهو ان صورت ۾ هلنديون اچن نوان نالا فقط
انهن رستن جا رکيا ويا آهن، جيڪي نئينءَ سئينءَ
ٺهيا ۽ سنگاپور ۾ هر ملڪ، مذهب ۽ ڪميونٽِيءَ جي
رهاڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي دل وٽان نالا رکيا
ويا آهن. منهنجو هڪ دوست جيڪو نئين ٺهيل وستيءَ ۾
رهي ٿو اتي سڀ يونيورسٽيءَ ۽ مختلف ڪاليجن اسڪولن
جا ماستر رهن ٿا. ان ڳالهه کي مد نظر رکي سنگاپور
ان علائقي جي وڏن رستن، گهٽين، لنگهن جا نالا
مشرڪي شاعرن جي نالن تي رکيا آهن. جيئن ته ٽئگور
روڊ، عمر خيام روڊ، اقبال روڊ، نذر الاسلام روڊ،
منشي عبدالله (ملئي شاعر) روڊ وغيره. سنگاپور ۾
انگريزن جو راڄ هجڻ ڪري، ڪجهه رستا مشهور انگريزن
سان پڻ منسو ب آهن. ته ڪن رستن جانالا نج ملئي
نوعيت جا آهن. ڪي چينين سان واسطو رکندڙ آهن.
اهڙيءَ طرح سنگاپور جي ڪجهه رستن ۽ گهٽين جانالا
مذهبي رهنمائن جي نالي آهن. ته ڪي مختلف ملڪن ۽
سندن شهرن تان کنيا ويا آهن. مثال طور انگريزن جي
نالن وارا ڪجهه رستا؛ ائنڊرسن، ائنٿوني، ڊڪسن،
ڪرافورڊ، ڪلائيو، ڪچنر، مارگريٽ، ايلزبيٿ، مائونٽ
بئٽن، نيلسن، آئوٽ رام،پرنس چارلس، پرنس ائڊورڊ،
روڊ ۽ اسٽريٽ.
ملئر نالن وارا ڪجهه رستا ۽ گهٽيون هن ريت آهن؛ محمد سلطان روڊ،
روماهه ٽنگي، حطام مانيس، حاجي الياس، ائمپنگ،
جالان بيسار، جالان بنگارايا، بڪت تيما، بڪت
ميراه،بڪت ايام، ڪمپونگ بارو روڊ، نورالدين لين،
سنگائي روڊ سيد علوي روڊ وغيره.
چين سان واسطو رکندڙ ڪجهه رستن جا نالا آهن؛ ڪم سينگ روڊ ڪم يام
لينگ ڪي، مائي چن روڊ،تائي چن،تام ڪم چينگ ۽ يو
نام روڊ وغيره انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا مشهور روڊ
۽ گهٽيون ؛ عرب اسٽريٽ ، آدم اسٽريٽ، آرمين
اسٽريٽ، سينٽ مائيڪل روڊ، سينٽ اينڊريو، سينٽ
لارينس فريزر، لنڪن ۽ ٽرفالگر اسٽريٽ
ڪجهه اهڙا رستا جن جا نالا مختلف ملڪن ۽ شهرن جي نالن سان آهن.
اهي هي آهن؛ جوهور روڊ، قنڌار اسٽريٽ، برما روڊ،
ڊنڊي روڊ، چائنا اسٽريٽ، هالينڊ روڊ، وغيره. هڪ
رستي جو نالو پاڪستان روڊ پڻ آهي _ جتي ائڊمرلٽي
روڊ ۽ سمباوانگ روڊ ملن ٿا، انهن جي پاسي ۾ ۽
ڪئناڊا روڊ جي ڀر ۾ اڄڪلهه ان علائقي ۾ آسٽريليا ۽
نيوزيلينڊ جي هوائي فوج جا آفيسر رهن ٿاجيڪي
سنگاپور جي بچاءَ ۽ سنگاپوري پائليٽن کي ٽريننگ
ڏيڻ لاءِ رهيل آهن. انهن نالن کان علاوه ٻيا به
ڪجهه نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. سي آهن؛
حيدرآباد روڊ ( دکن هندستان وارو _ ڇو جو انگريزن
جي دور ۾ سنگاپور حڪومت جو واسطو مدراس حيدرآباد
سان گهڻو هو.) رنگون روڊ، مدراس روڊ، مالا بار،
شنگهائي، فرينچ، منڊالي، پارسي، ۽ اراوادي روڊ
وغيره. اروادي برما جي مشهو رندي آهي. سنڌو نديءَ
جي نالي به سنگاپور ۾ نه فقط انڊس روڊ آهي، پرانڊس
اسٽريٽ پڻ آهي.
سنگاپور شهر ۾ ننڍڙو هندستان
سو اهڙيءَ طرح هتي سرنگون روڊ آهي. هي رستو سنگاپور جي مشهور
ترين رستن مان هڪ آهي سرنگون روڊ تان مون کي
ملائيشيا ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ انڊين ڪليگ
لاءِ ڪجهه مسالو ۽ سڪو ميوو وٺڻو هو. تور ۾ ته کڻي
اهو ڪجهه هجي _ جو هر هڪ مسالو ٿورو ٿورو گرامن ۾
وٺڻو هو _ ورلي ڪاشيءِ بادامن کاڄن جهڙي سير ڏيڍ
تور ۾ وٺڻي هئي، باقي نمونن ۾ تمام گهڻو هو. لونگ،
ڪاريون مرچون، ڦوٽا (ننڍا ۽ وڏا)، جائفل جاوتري،
جيرو (اڇو ڪارو)، دال چيني، ڪمال پٽ، هنڱ، هئڊ،
سونگ، گدامڙيءَ کان وٺي ڳاڙها پيٺل مرچ، ڪشش مش،
سڪاڪائي، ڪاري ڊاک، ڪلونجي، سڪل ڌاڻا، _ ٻيا به
خبر ناهي ڇاڇا جن جا نالا مون ته ڇا پر ڪنهن هوٽل
يا جهاز جي چيف بورچيءَ به نه ٻڌا هوندا، پر اهو
ڪمال آهي سرنگون روڊ جو ته افغانستان، ايران،
پاڪستان کان سريلنڪا تائين ۽ هندستان جي ته اوڀر ۽
ڏکڻ کان وٺي، اتر ۾ هماليا، جبل جي قدمن تائين
پوکيل هر مسالو ۽ ڦڪي ستي هتان اچيو نڪري.
هونءَ به سرنگون روڊ اهڙو روڊ آهي جتي هندستان جي هر شيءِ ملي
ٿي _ مرچ مسالي کان وٺي پڪوڙي، کيچي، بجئي، ۽
مٺائي تائين. مٿي ۾ هڻڻ وارو سندور ۽ آريٺا، ۽ نرڙ
تي لڳائڻ لاءِ تلڪ کان وٺي گنگاجل ( گنگا نديءَ جو
پاڻي)، راکي ۽ منگل سوترتائين، کٽين (رنگريزن) جي
ڇر واري ساڙهين ۽ پورن کان وٺي آر جي ڪمن وارن
اڳٺن ۽ ابوڇڻين تائين، ڪاٺ جي ڏوئين، ٺڪر جي ڏيئن
۽ جمنين کان وٺي رڪ جي ديڳڙين، ٽامي جي دلن ۽ پتل
جي باردين تائين، مستي، ڳڙ، بيسڻ کان ميٽ،سوپاري،
ڦٽڪيءَ تائين هر شيءِ ملندي. اسان وٽ مخدوم کي ٻار
ڄائو ته بوندي لڏون ورهايائين. ابا ڪٿان آندءِ هي
لڏون؟ چي سرنگون روڊ تان، ظهور جي پروموش ٿي ته
بنگالي برفي ۽ چم چم ڏياري موڪليائين. پڇيومانس ته
ڇا ڪنهن بنگلاديش کان آندي آهي. وراڻيائين؛
”سرنگون روڊ تان.“ هر اها شيءَ جيڪا هندستان جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان ملندي هجي، اها سنگاپور جي سرنگون روڊ
تان ٿوري مهنگي اگهه تي پر نج ۽ تازي ملي ويندي.
سرنگون روڊ تي هندن جا مندر ۽ ڌرم شالا پڻ نظر
ايندا. سڀ ۾ پراڻو مندر ڪالي امن جو مندر آهي،
جيڪو
1904ع
۾ اٺن ٻانهن واري ديوي ڪالي _ امن جي نالي تي
ٺهرايو ويو هو ۽ ان کان به پراڻو سري نيوا سا پيرو
مل مندر آهي.جيڪو
1855ع
۾ ٺهيو هو. ان کي نئينءَ سنئينءَ جو ڙايو ويو آهي.
ڏهه کن سالن بعد هڪ هندو امير واپاري پنج لک ڊالرن
جي خرچ سان هڪ ڏکڻ هندستان جي عمارتن جي ڊزائن جو
ٽاور ان مندر ۾ ٺهرايو. سنگاپور ۾ پهريون همراهه
جيڪو هندستان کان آيو. اهو ڏکڻ هندستان جو نارائنا
پلائي هو، جيڪو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾
جنرل ڪلارڪ طور ڀرتي ٿي آيو هو. پر پوءِ ڪجهه عرصي
کان پوءِ هن اها نوڪري ڇڏي عمارت سازيءَ جي ڌنڌي ۾
حصو ورتو ۽ چڱو سکيو ستابو ٿي ويو. هن کان پوءِ
جيڪي انڊين اچڻ لڳا، اهي هن سرنگون روڊ واري
علائقي ۾ واپار وڙو ڪرڻ لڳا ۽
1850ع
تائين سرنگون روڊ هندستان جو ئي ڏيک ڏيڻ لڳو. جيڪو
اڃا اهو ئي ڏيک ڏيندو رهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي
جو سنگاپور جي هن سرنگون روڊ کي سمال انڊيا
Small _ India
سڏين ٿا. |