سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 7

باب ڇھون

پاڪستان کي   ھندستان جي قيادت جي حلقي ۾

آڻڻ جي آمريڪي حڪمت عملي

 جڏھن  سياست  ٿڪجي  پوندي آھي، تڏھن طاقت پنھنجو قدم ميدان ۾ رکندي آھي. جيڪڏھن ھندستان  پاڪستان جي درميان  تعاون پيدا ڪرڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿي وڃن ، تھ پوءِ زبردستيءَ وارين تدبيرن کي امڪان جي حد کان خارج سمجھڻ نادانيءَ جو دليل آھي. ان جو ھروڀرو اھو مطلب ناھي تھ آمريڪا، جنھن  جا مقصد ھندستان سان  پوري طرح نھ ٿا ٺھڪن، مايوس  ٿي اھڙيون حالتون  پيدا ڪندي، جيڪي. ھندستان  کي انھيءَ قابل بڻائي ڇڏينديون، جو ھو پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي يا ان کي تباھھ ڪري ڇڏي. ان ھوندي بھ  جيڪڏھن سيپٽمبر 1965ع جا سبق ياد رکيا وڃن تھ پاڪستان  لاءِ خارجھ  پاليسي ۽ دفاعي حڪمت عمليءَ جي تڪ  تور ۾ ھن امڪان کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏڻ عاقبت نا انديشي ٿيندي.

موجوده حالتن جي امڪاني نتيجن جي وضاحت  لاءِ  اڳين بابن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي باھمي تعلقات جي تاريخ جو خاڪو پيش  ڪيو ويو آھي. ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي. جڏھن اسان آزادي حاصل ڪرڻ جي ٻن ڏھاڪن کان پوءِ، واقعن طرف زياده باقاعدگيءَ سان توجھ ڏيون  ۽ مسئلن  جي  طرف جوشيلي ۽ اڇاتري عارضي رد عمل جي پراڻي عادت کي ڇڏي ڏيون .

 ظاھري طور، 12- اپريل سنھ 1965 ع واري فيصلي جو مقصد ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان  ھٿيارن گڏ ڪرڻ  جي ڊوڙ تي بندش وجھڻ ۽ انھن جي درميان ھڪ وڌيڪ جنگ  کي روڪڻ ھو. انھيءَ سان اھو مقصد پڻ منسوب ڪيو ويو تھ دفاعي خرچ جي رقمن کي زرعي ۽ صنعتي  ترقيءَ طرف موڙيو وڃي. بھرحال، پھريائين تھ ھندستان  ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جو ” توازن“ ئي جنگ جي امڪان کي گھٽائي سگھي ٿو. انھيءَ حقيقت جي تصديق اسان کي گذريل ويھن سال  جي تجربي مان ٿئي ٿي. ننڍي کنڊ کان ٻاھر، ۽ تمام وڏي پئماني تي، سوويت يونين ۽ آمريڪا جي درميان  ھٿيارن جو جيڪو توازن موجود آھي، سو  کين جنگ طرف نھ، بلڪ مفاھمت جي  طرف وٺي آيو آھي. عام طور تي جنگ  ڪرڻ جي ترغيب  تھ ان وقت ٿيندي آھي، جڏھن فوجي عدم  توازن ھوندو آھي. ڪجھھ عرصي  کان پوءِ آمريڪي فيصلي جو اثر، ھڪ اھڙي صورتحال پيدا ڪندو، جنھن ۾ پاڪستان  کي ضرب لڳائڻ  لاءِ ھندستان مضبوط  پوزيشن  ۾ ھوندو. انھيءَ ڪري ھيءَ ڳالھھ  ڪا لازمي نھ ٿي ٿئي تھ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان  ھٿيارن جي ڊوڙ، خود بخود کين جنگ  جي طرف ڇڪي آڻيندي. ھيءُ پڻ دليل ڏنو ويو آھي تھ ھٿياربند فوجن کي گھٽائڻ ذريعي بھ ھٿيارن جو توازن  حاصل ڪري سگھجي ٿو. اھو خيال  ڪيتريقدر خطرناڪ ۽ناقابل ِ  عمل آھي، سو اڳتي ھلي ثابت ڪيو ويندو. فقط چوڪسيءَ ۽ تياريءَ سان ئي   جنگ  کي روڪي سگھجي ٿو.  نھ فوجن جي  ٻھ- طرفي ڪمي ۽  نھ ھندستان جي حق ۾ ڪا برتري، جنگ جي مصيبت کي ٽاري سگھي ٿي. اڃا  بھ وڌيڪ واضح ھي مغالطو آھي تھ آمريڪا  جو فيصلو  ھندستان ۽ پاڪستان   جي درميان جنگ کي روڪڻ  لاءِ ڪيو ويو ھو. ھٿيارن جي ڊوڙ کان قطع نظر پڻ، ھندستان ۽ پاڪستان  مستقل طور باھمي دشمنيءَ يا شديد مقابلي  جي حالت ۾ مبتلا رھيا آھن،  فقط ڇڪتاڻ  جي درجي  ۾ فرق رھيو آھي. اِنھن جا تعلقات ڪڏھن بھ معمول تي نھ آيا آھن، نھ وري انھيءَ وقت تائين معمول تي اچي سگھن ٿا، جيسين اھي بنيادي  جڳھڙا نٿا نبيريا وڃن، جيڪي ورھاڱي جي وقت کان وٺي اندرئي  اندر دکندا رھيا آھن. آمريڪا ھميشھ انھيءَ ڀڙڪي اٿڻ واري صورتحال کان باخبر رھي آھي، پر ان  جي باوجود  ھن پاڪستان سان باھمي دفاعي ٺاھ ڪيا آھن، ۽ سيٽو ۽ سينٽو ۾ پاڪستان جي شموليت جو خير مقدم ڪيو آھي. درحقيقت، آمريڪا تھ  انھيءَ حد  تائين  بھ  ويئي، جو ان پاڪستان کي اھو يقين ڏياريو تھ ھندستان  جي طرفان اڳرائيءَ جي صورت ۾ اھا پاڪستان جي مدد ڪندي. آزاديءَ واري وقت کان وٺي، ھندستان ۽ پاڪستان پنھنجين ھٿياربند فوجن کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا ئي ھٿيارن  جي انھيءَ ڊوڙ ۾ وڏي مدد گار رھي. اسان جي انتھائي ڪشيدگين جي دوران، آمريڪائي ھٿيارن پھچائڻ جو سڀني کان وڏو ذريعو بني رھي. سن 1954ع ۾، دفاعي معاھدن جي طئي ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا پاڪستان کي فوجي سازو سامان مھيا ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪا ڳالھھ ھندستان کي  سخت ناگوار  گذري. سن 1962ع ۾ چيني- ھندستاني ٽڪراءَ کان پوءِ، آمريڪا ھندستان کي فوجي امداد ڏيڻ شروع ڪئي ۽  ھن  انھيءَ سلسلي ۾ پاڪستان جي ھنن احتجاجن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو تھ اھا امداد  ھندستان کي اڳرائي ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي. سن 1967ع جي تصادم کان پوءِ، وچ اوڀر ۾ ھٿيارن جي آمدورفت تي تبصرو ڪندي، جيمس ريسٽن طرفان سندس معقول راءِ جو اظھار ھن طرح ڪيو ويو:

”انتظاميھ ھڪ ئي وقت تي سڀني قسمن  جي ملڪن ۾ جديد توڙي قديم ھٿيارن جي  ذخيره اندوزي خلاف تقريرون بھ ڪري رھي آھي، ۽ مستقل مزاجيءَ سان وڌيڪ ۽ اڃا وڌيڪ ھٿيارن سان جھاز ڀري موڪلي بھ رھي آھي. دراصل، آمريڪا ھن وقت دنيا جي ٻين سڀني ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ملڪن ڏانھن وڌيڪ ھٿيار موڪلي ٿي.

”حقيقتون  ڇرڪائيندڙ آھن :1949ع کان وٺي جون 1966ع تائين، فقط ھڪ آمريڪي حڪومت ( خانگي ھٿيارن وڪڻندڙن جو شمار نھ ڪندي) 16-ارب 10- ڪروڙ ڊالرن جا ھٿيار ٻين ملڪن کي فروخت ڪيا ۽ 30ارب ۽ 20 ڪروڙ ڊالرن جا ھٿيار مفت ڏنا. 46-ارب 30- ڪروڙ ڊالرن جي اھا رقم، ساڳئي عرصي ۾ ٻين ملڪن کي آمريڪا جي طرفان ڏنل انھيءَ اقتصادي امداد ۽ قرضن جي رقم کان 4-ارب ڊالر وڌيڪ آھي، جيڪا 1948ع جي وچ  کان وٺي ڏني ويئي آھي ۽ جنھن ۾ نمايان طور  ڪامياب ٿيل ” مارشل پلان(1) پڻ شامل آھي.“

آمريڪا ھنن دليلن جي بنياد  تي ھٿيار ڏيڻ بند نھ ٿي ڪري سگھي تھ انھيءَ جي نتيجي ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي ويندي، نھ  وري ڪنھن سنجيدگيءَ سان اھا حجت پيش ڪري سگھجي ٿي تھ پاڪستان لاءِ فوجي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو، جنگ جي تدارڪ يا جنگ جي طرف وٺي وڃڻ واري ھٿيارن جي ڊوڙ جي پيش بنديءَ خاطر ڪيو ويوآھي.

ترڪي ۽ يونان آمريڪا کان ھٿيارن جي تمام وڏي امداد حاصل  ڪن ٿا، ۽ اھي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرو  و  قبرص جي مسئلي تي جنگ  جي ڪناري تائين بھ  پھچي چڪا آھن. ان ھوندي بھ آمريڪا انھن ٻن ملڪن منجھان ڪنھن بھ ھڪ جي فوجي امداد معطل نھ ڪئي آھي. اھو فرق ھن ڪري روا رکيو ويو آھي، جو ھاڻي سرد جنگ جو مرڪز يورپ کان ايشيا ڏانھن منتقل ٿي چڪو آھي، جتي ڪميونزم جي خلاف جدوجھد  جي معني ٰھاڻي، دراصل عوامي جمھوريھ چين  جي خلاف  جدوجھد ٿي ويئي آھي.

ھن ڳالھھ تي پڻ سنجيدگيءَ سان دليل ڏيئي نٿو سگھجي تھ فوجي امداد ھن ڪري بند ڪئي ويئي آھي جو دفاعي خرچن کي اقتصادي ترقيءَ جي طرف ھن نيڪ مقصد سان منتقل ڪيو وڃي تھ ھندستان ۽ پاڪستان کي وڌيڪ آسودو بنايو وڃي. شروعات کان وٺي ئي ھندستان ۽ پاڪستان پنھنجي آمدنيءَ  جي ذريعن جو ھڪ وڏو حصو بچاءَ تي خرچ ڪندا رھيا آھن، پوءِ بھ ڪيترن ئي سالن تائين آمريڪا  ٻنھي ملڪن کي سياسي يا اقتصادي شرطن کان سواءِ ئي فراھم ڪندي رھي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان اوچتوئي اوچتو  تھ غريب   نھ ٿي ويا آھن.  ڏڪار ۽ غربت ڪي نوان ۽ عجيب آثار بھ نھ آھن، جو انھن آمريڪي ضمير کي ھن لاءِ بيدار ڪري، دفاعي خرچن ۾ ڪمي آڻڻ  طرف مائل ڪيو تھ جيئن اھا رقم ڪنھن ٻئي  مقصد لاءِ خرچ ڪئي وڃي. جيڪڏھن آمريڪي حڪومت سچ پچ اھو محسوس ڪيو  ھجي ھا تھ پاڪستان جي اقتصادي خوشحاليءَ کي سندس علاقائي سالميت تي ترجيح حاصل آھي تھ اھا ٻن اھڙن  غريب  ملڪن کي، جيڪي تاريخي اعتبار کان ھڪٻئي جا حريف آھن، ايڏي ڊگھي عرصي لاءِ ايڏي ڀاري مقدار ۾ فوجي امداد ھرگز نھ ڏئي ھا. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ ھر ھنڌ  جي قومن ڏٺو آھي تھ اقتصادي ڪمزوري، غير ملڪي مداخلت لاءِ دروازا کولي ڇڏي ٿي. جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان اقتصادي  طور خود ڪفيل ھجن ھا تھ انھن جي سر زمين تي ڪنھن غالب ٻاھرين طاقت جي موجودگي ممڪن نھ ٿئي ھا. اھڙيءَ طرح اھي اسباب، جيڪي غير ملڪي مداخلت  کي ڪشش ڪن ٿا، سي انھن طاقتن  لاءِ اڻ وڻندڙ ٿي نٿا سگھن، جيڪي ٻين  رياستن جي معاملن ۾ پنھنجو اثر  و رسوخ وڌائڻ چاھينديون  آھن. اھڙين طاقتن جي مفادن ۽ سندن طرفان بيمارين کي دور ڪرڻ جي  ڪوششن ۾ ابتدائي ٿضاد ٿيندو، جيڪي مداخلت کي دعوت ڏين ٿيون ۽ جيڪي غير ملڪي اثر  و رسوخ کي وڌائڻ جون ذميواري ھونديون آھن.

اھڙين طاقتن جي مفادن ۽ سندن طرفان بيمارين کي دور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ابتدائي تضاد ٿيندو، جيڪي مداخلت کي دعوت ڏين ٿيون ۽ جيڪي غير ملڪي اثر  و رسوخ کي وڌائڻ جون ذميواريون ھونديون آھن.

 پوءِ ڀلا ڪھڙي چيز آمريڪا  جي تاريخي حيثيت ۾  اھڙي وڏي تبديلي پيدا ڪئي آھي؟ ننڍي  کنڊ ۾ ڪو بھ اھڙو نمايان نئون عنصر موجود ڪونھي، جيڪو انھيءَ تبديليءَ جو باعث ھجي. آمريڪا جي پنھنجي فوجي امداد سان وارد ٿيڻ کان  ڪيئي سال اڳي ئي ھندستان  ۽ پاڪستان 1948ع ۾ جنگ ۾ مشغو،ل ھئا. انھن جي درميان ھٿيارن جي ڊوڙ، انھيءَ وقت کان اڳي شروع ٿي چڪي ھئي، جڏھن آمريڪا جي مداخلت  ان کي وڌيڪ  تيز ڪري ڇڏيو ۽ انھن ملڪن ۾  افلاس تھ انھيءَ وقت کان گھڻو اڳي موجود ھو، جڏھن آمريڪا انھن جي دفاعي خرچن جي رخ بدلائڻ جي ڪوشش، انھن جي معاشي بيمارين جي علاج خاطر ڪئي. سڀ پراڻيون حالتون اڳي وانگر ئي قائم  رھيون . البت، نوان عناصر ننڍي کنڊ کان ٻاھر اڀريا آھن ۽ انھن جي انھيءَ ظھور ننڍي کنڊ جي انھن مسئلن کي، جيڪي اڳي ئي موجود ھئا، ھڪ مبالغھ آميز رنگ ڏيئي ڇڏيو آھي ۽ انھن جي باري ۾ ھڪ نئين اھميت جو احساس پيدا ڪيو آھي. اھي خارجي عناصر، جن جي ڪري واشنگٽن ۾ ھڪ عام نئين تشخيص وجود ۾ آئي آھي. سي ويٽ نام جي جنگ ۽ ايشيا ۾ چين  جي وڌندڙ طاقت آھن. انھيءَ صورتحال کي  گرفت ۾ رکڻ ضروري آھي، ۽ ھندستان ۽ پاڪستان  جي تعاون کان سواءِ اثرائتي انداز ۾ ائين  ڪرڻ ممڪن ناھي.

اھي عناصر سن 1954ع ۾ موجود  نھ ھئا ۽ 1962ع ۾ انھن جي اھا اھميت  ڪانھ ھئي، جيڪا اڄ آھي. پر ماضي قريب  جي حالتن  ڪري گھڻائي فيصلا ضروري ٿي  پيا آھن، جن ۾ اھو فيصلو پڻ شامل آھي، جنھن جو 12- اپريل سن 1967ع تي اعلان ڪيو ويو ھو . اھو چوڻ صحيح ناھي تھ آمريڪا ھن ننڍي کنڊ کان بيزاريءَ جي حالت ۾ دستبردار ٿيڻ چاھي ٿي. ڪنھن بھ  ٻئي ملڪ طرفان ھنن ٻن  ملڪن ( پاڪستان ۽ ھندستان ) ۾ پنھنجو اثر و رسوخ  وڌائڻ لاءِ ايتريون شديد ڪوششون نھ ڪيون ويئون آھن، پوءِ بھ آمريڪا ھڪ اھڙو فيصلو ڪيو آھي، جيڪو سطحي طور تي ھن  علائقي کان،  جيڪو وڏين طاقتن ۽ ترقي پذير ملڪن جي درميان ميلاپ ۽ تعلق جو سڀني کان وڌيڪ حساس علائقو آھي، سندس ڪناره ڪش ٿيڻ جو تاثر ڏئي ٿو. ڇا، ھيءُ دليل ڏيئي سگھجي ٿو تھ آمريڪا جي نظر ۾ صورتحال ايتريقدر مايوس ڪندڙ  آھي، جو ان ۾ وڌيڪ سرمائي جي سيڙپ بيڪار ٿيندي؟ ڇا، اھا ڳالھھ  سمجھھ ۾ اچي سگھي ٿي تھ دنيا جي سڀني کان وڏي طاقت سٺ ڪروڙ انسانن ۽ جنگي اھميت جي ھڪ ننڍي کنڊ کي اوچتوئي اوچتو پنھنجي کاتي مان  ڪڍي ڇڏيندي؟ انھيءَ قسم جي دستبرداري بحث کان خارج آھي، خصوصا اھڙي وقت ۾، جڏھن آمريڪا وڏي وضاحت سان  چئي ڇڏيو آھي تھ اھا ڪميونزم لاءِ ڪو بھ  خال نھ ڇڏيندي. آمريڪا جو بنيادي مقصد اڃا تائين اھوئي آھي تھ اھا ھـِن  ننڍي کنڊ ۾ پنھنجو اثر و رسوخ وڌائي ۽ ان کي ايشيا ۾ ”آزاد دنيا“ جو مضبوط قلعو بنائي . اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ھندستان ۽ پاڪستان کي فوجي امداد بند ڪرڻ جي فيصلي جي اعلان کان فقط  اٺ ڏينھن اڳي آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر ڊين رسڪ پاڪستان ۽  ھندستان  کي اپيل  ڪئي ھئي تھاھي ننڍي کنڊ ۾ حقيقي تعاون لاءِ  ڪوئي رستو ڳولين“، ۽ ھن ايوان نمائندگان جي خارجھ معاملات جي ڪاميٽيءَ کي اھو بھ ٻڌايو ھو تھ اھڙو تعاون آزاد دنيا جي طاقت لاءِ ھڪ مضبوط پشت پناھھ بنجي پوندو“. 

گھڻو وقت نھ گذريو تھ ھڪ آمريڪي صدر چيو  ھو تھ جيڪڏھن ننڍو کنڊ ڪميونزم جي قبضي ۾ ھليو ويو تھ ايشيا کي قبضي ۾ رکڻ ممڪن نھ رھندو. جيڪڏھن آمريڪا سڄيءَ دنيا ۾  جنگ  جي باھھ ڦھلجڻ جو خطرو فقط ھن ڪري سـِر تي کڻڻ لاءِ تيار آھي تھ ويٽ فام ۾ ڪميونزم جي خلاف پنھنجو  محاذ قائم رکي  تھ ڇا، ھيءَ ڳالھھ امڪان جي حد ۾ آھي تھ  ھوءَ ننڍي کنڊ مان نڪري ويندي ۽ اھڙيءَ  طرح ايشيا ۾  ھميشھ  لاءِ پنھنجي حيثيت کي ختم ڪندي؟ ھيءَ ڳالھھ صاف طور سمجھڻ گھرجي تھ فوجي امداد جي خاتمي جو اعلان، پٺتي ھٽڻ جو اعلان نھ، ان جي برعڪس اھو طاقت جو کليو کلايو مظاھرو آھي،  ۽ ان جي چنبي ۾ آيل ملڪن لاءِ ھڪ الٽيميٽم ! ماضيءَ ۾ آمريڪا ھيءُ موقف اختيار ڪندي  ھئي تھ اھا ھندستان ۽ پاڪستان  تي سندن باھمي جڳھڙن جي نبيري ڪرڻ لاءِ پنھنجو اثر استعمال ڪرڻ کان  قاصر آھي، خاص طور سان ھن ڪري، جو ان جي طرفان امداد جو مطلب  ڪنھن  ملڪ تي دٻاءُ وجھڻ نھ ھو. ان ڪري ھوءَ دباءُ  وجھڻ جي پنھنجي قوت کي  استعمال ڪرڻ کان پرھيز ڪندي رھي. ھڪ ملڪ ۾ سندس طاقتور ۽ ٻئي ملڪ ۾ ان جي مقابلي ۾ ذره ڪمزور موجودگي، تعزيري اقدامات جي تقاضائن  کي پورو نھ پئي ڪري سگھي. ان جي باوجود وقت گذرڻ سان گڏو گڏ، ٻنھي ملڪن ۾ آمريڪا جو عمل دخل گھرو  ٿي ويو آھي، ۽ ھاڻي آمريڪا محسوس ڪري ٿي تھ پھريون  دفعو سندس اثر و رسوخ ايترو زياده ٿي ويو آھي، جو اھا ھڪ ئي وقت تي ٻنھي ملڪن تي دباءُ وجھڻ جي ھمت  ڪري کين ملائڻ جي ڪوشش ڪري سگھي ٿي .

1962 ع جي چيني– ھندي  تصادم ۽ ان جي نتيجي طور ھندستان جي وقار ۾ آيل زوال کان پوءِ آمريڪا طرفان اتي آھستي   آھستي وڏي اثر  و رسوخ واري حيثيت اختيار ڪئي ويئي آھي. ھندستان کي خوراڪ جي انھن ھڪ ڪروڙ ٽنن کانسواءِ، جيڪي آمريڪا ان کي ھر سال موڪليندي آھي، ۽ جيڪي فقط  آمريڪا ئي موڪلي سگھي ٿي، ناقابل برداشت تلڪيفن  جو مقابلو  ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن گذريل قرضن ۽ انھن جي وياج  جي ادائگيءَ جي مسئلن کي نظرانداز  ڪيو  وڃي، ۽ ھندستان جي اندروني  خلفشار جو پڻ خيال نھ رکيو وڃي، تڏھن بھ آمريڪا وٽ ھن جي  موجوده محتاجي ۽ پاڪستان  جي دستور موجب آمريڪا  تي انحصار،انھيءَ ملڪ کي ھي باور ڪرائڻ لاءِ ڪافي آھن تھ ان جي موجوده فائديمند  حيثيت جو ھميشھ لاءِ برقرار رھڻ قرين قياس ناھي. ٻنھي ملڪن کي ملڻ واري امداد، اڄ کان اڳي  ڪڏھن بھ وڌيڪ  ڪانھ ٿي آھي، ۽ ان جي نتيجي ۾ انھن  جي محتاجي بھ، ھن کان وڌيڪ اڳي ڪڏھن بھ ڪانھ ٿي آھي، ۽ آمريڪا ننڍي کنڊ ۾ تعلقات جون ڪجھھ فوري تبديليون چاھي ٿي. عالمي توڙي علاقائي، ڊگھي عرصي لاءِ  فوري، مطلب تھ  ھر خيال کان، پاڪستان ۽ ھندستان کي ايشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪي مقصدن جي حصول خاطر نيٺ گڏ ڪيو وڃي. ھاڻي وقت آھي تھ گذريل ٻن ڏھاڪن جي عظيم سرمايھ ڪارين جو نفعو وصول ڪيو وڃي.“

 سو ويت يونين پڻ ھندستان ۽ پاڪستان جي باھمي جڳھڙي جو نبيرو چاھي ٿي، پر ان  جا اسباب مختلف آھن. ھڪ حد تائين تھ ٻنھي عالمي طاقتن جا مفاد  ھڪجھڙا ۽ ساڳيا آھن. 12-اپريل 1967ع تي واشنگٽن  ۾ جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو ويو آھي تھ آمريڪا جي ھندستان  ۽ پاڪستان جي فوجي  امداد بند ڪرڻ جي فيصلي تي، ٻين ملڪن کان علاوه سو ويت يونين سان پڻ مشورو ڪري ان کي  باخبر ڪيو ويو ھو. جيڪڏھن ٻيئي عالمي طاقتون ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ فيصلي کي زبردستيءَ  مڃائڻ تي پاڻ ۾ رضامند آھن تھ پوءِ ان جي معني ٰ اھا آھي تھ پاڪستان کي وڌيڪ قربانيون  ڏيڻيون پونديون ، ۽ ان کي عوامي جمھوريھ  چين سان دوستيءَ جي رستي تي وڌيڪ دليريءَ سان ھلڻو پوندو. ان جي باوجود سوويت يونين جو عمل آمريڪا سان باھمي رضامنديءَ جو نھ ٿيو، ۽ جيڪڏھن اھو قبول ڪرائڻ تي زور ڏيڻ ۾ تعاون نھ ڪري تھ اھريءَ صورت ۾ پاڪستان لاءِ پنھنجي غير جانبداريءَ کي قائم رکڻ ۾ گھٽ مشڪل پيش ايندو .

 روس، آمريڪا ۽ چين جي اثر کي روڪڻ لاءِ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان امن چاھي ٿو. آمريڪا انھن ٻنھي ملڪن جي درميان ھن ڪري امن چاھي ٿي تھ ھو ان جي ذريعي  سوويت اثر و رسوخ کي ننڍي کنڊ ۾ ڦھلجڻ کان روڪي، ھندستان ۽ پاڪستان کي مشترڪھ طور مقابلي ۾ کڙو ڪري. اھو آھي اھم ترين فرق، ۽ جيڪڏھن چين ۽ روس جا اختلاف ايتريقدر گھرا نھ ٿي وڃن ھا، تھ اھو فيصلھ ڪن ٿئي ھا. سوويت يونين جي طرف کان ھن ڳالھھ جو گھٽ امڪان آھي تھ اھا پاڪستان تي آمريڪا جھڙي شدت سان  ھندستان جي مقابلي ۾ گھٽ حيثيت قبول ڪرڻ لاءِ زور ڏي ، ۽ چين سان کلم کلا دشمنيءَ جو رويو اختيار ڪري. ان جي برعڪس آمريڪا کي ھن ۾ دلچسپي ٿيندي تھ پاڪستان ھندستان سان تعاون ڪري ان طرح ھو انھيءَ طرف کان چين جي چوڌاري وڌل گھيري کي مڪمل ڪري. ھند و پاڪستان جو ننڍو کنڊ ئي ھڪ  اھڙو خال رھجي ويو آھي، جنھن کي پر ڪرڻ باقي آھي. فقط وقت ئي  ڏيکاريندو  تھ سو ويت يونين آمريڪا سان پنھنجي مشترڪھ مفاد جي ھڪ حصي جي تڪميل لاءِ ڪيستائين تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ٿي سگھي ٿو تھ سو و يت يونين  جو موقف ڪجھھ عرصي  تائين آمريڪا جي موقف جي قريب رھي ، پر ھن ڳالھھ جو امڪان گھٽ آھي تھ مفاد جي قريب غير  معين مدت تائين باقي رھي. ھاڻي، سوويت يونين لاءِ يقينا اھو وقت اچي ويو آھي تھ اھا پنھنجي  عالمي ڪردار جو نئين سر تعين ڪري، ۽ انھن شڪن ۽ شبھن  کي دور ڪري. جيڪي ان آمريڪا جي ڳالھين ۾ اچي ھڪ جي پٺيان ٻي سودي  بازيءَ ۾ ڦاسي پيدا ڪيا آھن. بھرحال، مستقبل ۾ سو ويت يونين سان زياده فائديمند تعقات طئي ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ داءُ پيچ لڙائڻ جي ڪافي گنجائش آھي. پر جيڪڏھن وقت  ۽ موقعو ھٿن مان نڪرڻ ڏنو ويو تھ دير مدار سان ڪيل اقدامات بي معني ٰ رھجي ويندا، ۽ اھو پاڪستان جي سياست لاءِ ھڪ تمام وڏو الميو ٿيندو.

آمريڪا  جو موقف وڌيڪ واضح آھي. اھا جنھن ڳالھھ جي ڪڍ آھي، سا ڳالھھ ان جي بلند ترين عالمي مفاد جي عين مطابق آھي ۽ انھيءَ حد تائين اھا سمجھڻ لائق آھي. ھيءَ حقيقت، تھ پاڪستان کي ان جي تمام وڏي قيمت  ادا  ڪرڻي پوي ٿي، سا فقط پاڪستان  جي عوام سان تعلق رکي ٿي. بھتر ائين ٿيندو  تھ اسين احتجاجن  جي طوفان کڙي ڪرڻ بدران ، جيڪو قومي مقصد جو  ڪو بھ  فائدو ڪرڻ کان سواءِ دٻجي وڃي ٿو، انھيءَ وڏي  آزمائش جو غير جذباتي انداز ۾ مقابلو ڪريون . آمريڪا سان پاڪستان جي تعلقات جي دوران  ۾ ھيءُ ڪو  پھريون بحران ناھي. انھيءَ قسم جو طر ز ِ عمل ڪافي عرصي کان وٺي خاصو واضح رھيو آھي. آمريڪا طرفان ڪيل ھرنئون عمل، متعين مقصدن لاءِ ڪيو ويو آھي. ھر بحران جي پٺيان گوڙ شور وارن اخباري تبصرن ۽ بيانن جو طوفان کڙو ڪيو ويو آھي. جن کي بعد ۾ حفاظت سان دفترن  ۾ داخل  ڪيو ويو آھي. انھيءَ کي ”خوش ڪريو– ٺونشو ھڻو“  قسم جو طريقو چئي سگھجي ٿو، ۽ اھو ھڪ  اھڙو طريقو آھي، جنھن سان پاڪستاني رھنمائن کي منجھائي، اتان جي  عوام جي عزت کي مڪمل سودي بازيءَ جي خلاف ڪمزور ڪيو وڃي ٿو.

 پاڪستان کي  عالمي گروه بنديءَ طرف ڌڪي وڃڻ لاءِ قدم کنيو وڃي ٿو، جنھن جي  خلاف وڏي واڪي وارا، پر غير مؤثر احتجاج بلند ڪيا وڃن ٿا. پوءِ پاڪستان س جي سرڪاري ترجمان  کي سندن ڪم تي واپس وڃي ويھڻ لاءِ آماده ڪرڻ واسطي، پاڪستاني حڪومت جي آڏو ھڪ ”اقتصادي گجر “ لوڏائي وڃي ٿي( سبز باغ ڏيکاريا وڃن ٿا) . انھن ترغيبن ڪيئي شڪليون اختيار ڪيون آھن، مثلا  ” پي. ايل.  48“ جي تحت خوراڪ  جي فراھمي، جنھن  جا شرط آمريڪا  جي سياسي ضرورتن مطابق بدلبا رھن ٿا، رٿائن ۽ شين  جي صورت ۾ امداد، جن جو  تعين عالمي بئنڪ  جي تحت قائم  ٿيندڙ ڪنسوريشم جي ششماھي اجلاس ۾ علحده ۾ علحده مشترڪھ، ٻنھي نمونن سان ڪيو وڃي ٿو. ڪنسوريشم کان ٻاھر  رٿابنديءَ جي امداد  جو طريقو، جنھن  کي سنڌو ماٿريءَ جي  معاھدي ۾ سم ۽ ڪلر جي رٿائن جي سلسلي ۾ استعمال  ڪيو ويو آھي، پاڪستاني رپئي لاءِ سھاري، ۽ ڳوٺاڻي  ترقي يا انھيءَ قسم جي ٻين رٿائن لاءِ ڪائونٽر  پارٽ سرمايھ جو  استعال. پوءِ مناسب وقت گذري وڃڻ کان پوءِ  ھڪ ٻيو ٺونشو لڳي  ٿو، جنھن تي احتجاج شروع ڪيا وڃن ٿا ۽ انھن تي وري ڪي ٻيون اقتصادي ملمون رکي کين ٿڌو ڪيو وڃي ٿو، ۽ اھڙيءَ طرح سان قافلو پنھنجي منزل ِ مقصود طرف ھلندو رھي ٿو. انھيءَ قسم جي ڪارروائي نومبر 1959 ع ۾ ان وقت شروع  ڪئي ويئي ، جڏھن ھندستان ۽ چين جي درميان لداخ جي مٿانھن  پٽن جي چوٽين تي سرحدي جھڙپ ٿي ھئي. موجوده صورتحال، بدليل حالتن جو محض ھڪ اڻٽر نتيجو آھي. نين حالتن  ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جي مقصدن ۾  تبديلي آندي آھي ۽ انھيءَ ڪري  پاڪستان  کي ھڪ کان پوءِ ٻيو بحران ڏسڻو  پيو آھي.

 آمريڪا جي رويي ۾ تبديلي اچڻ سان، غير جانبداري ۽ علحدگي، جن کي ڊلس ڪنھن زماني ۾ غير اخلاقي سڏي انھن جي مذمت ڪئي ھئي، تن کي ھاڻي عزت جي نگاھن سان ڏسڻ شروع ڪيو ويو. دنيا  کي ھندستان جي اھميت، سندس علائقي جي وسعت، ۽ ان جي تمام وڏي آدمشماريءَ جي اھميت ياد ڏياري ويئي. ان کي ايشيا ۾ جمھوريت جي نمائشي مثال طور پيش ڪرڻ لاءِ ڪيئي اھم سبب ھئا. سن 1961ع ۾ غير منسلڪ ھندستان کي منسلڪ پاڪستان کي ترجيح ڏيندي، ان لاءِ غير متناسب انداز ۾ اقتصادي امداد مقرر ڪئي ويئي. پر پاڪستان سو ويت يونين ۽ چين  سان رابطو قائم ڪري پنھنجي نقصان جي تلافي  ڪانھ ڪئي. انھن ڏينھن ۾ روس جو جواب شايد اسان جي حال جي موافق ھجي ھا، ڇاڪاڻ تھ چين ۽ روس جي درميان اختلافات اڃا منظر عام تي نھ آيا ھئا، ۽ روس ۽ آمريڪا جي درميان وقتي ٺاھھ جي  تشڪيل اڃا پوري نھ ٿي ھئي، پر پاڪستان فقط فرسوده ڪاغذي پروپئگنڊا سان ئي پنھنجو رد عمل ڏيکاريو، جنھن  کي جلد ئي ڪجھھ اقتصادي امداد غلامانھ انداز ۾ قبول  ڪرائي، خاموش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٻيو ڏکوئيندڙ ٺونشو 1962ع واري چيني- ھندستاني سرحدي تنازعي جي دوران لڳو، جڏھن آمريڪا موقعو وٺي پاڪستان سان ڪيل پنھنجن وعدن جي خلاف ھندستان کي تمام گھڻي فوجي امداد پھچائي. ان کان پوءِ وري ھڪ اھڙو ڊگھيءَ مدت وارو فوجي امداد جو معاھدو غير منسلڪ ۽ غير جانبدار ھندستان سان ڪيو ويو، جنھن مان منسلڪ پاڪستان کي خطرو لاحق ٿيو ۽ جنھن مان اڳواڻن وعدن جي   ڀڃڪڙي ٿي رھي ھئي. مختصر اھو تھ ننڍي کنڊ ۾ ھٿيارن جي جنوني ڊوڙ جي شروعات ۽ ھمت افزائي آمريڪا جي ھٿان ٿي.

پوءِ، سن 1965ع ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي  درميان  جنگ ڇِـِڙي. جيڪڏھن اسان انھيءَ جنگ مان ڪافي سبق نھ سکيو، تھ پاڪستان ۽ آمريڪا  جي تعلقات جو موجوده بحران  پڻ غالبا اسان لاءِ زياده سبق آموز نھ ٿيندو. چين ، جنھن جي خلاف سيٽو جي  تنظيم خاص طور کڙي ڪئي ويئي ھئي،  تنھن سيٽو جي اتحادي  تنظيم جي ھڪ ميمبر ملڪ، پاڪستان لاءِ ھمدرديءَ ۽ امداد جو مظاھرو ڪيو. پاڪستان جي پرڏيھي پاليسيءَ جي الميھ  جا ڪيئي طنزيھ نظارا ۽ رخ آھن. ھيءُ ملڪ  پنھنجي معاھدي جي بخين اڊڙڻ بعد، پنھنجي قومي سلامتيءَ ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي مجبور ٿيو. ڇا، اھو ممڪن ھو تھ آمريڪا سان مصنوعي بنيادن  تي خصوصي تعلق دوباره قائم ڪرڻ سان، جيئن ڊسمبر 1965ع ۾ ڪوشش ڪئي ويئي ھئي ،اھو مقصد حاصل ٿي سگھي ھا؟معروضي لحاظن ھن  وقت تائين اھڙي رقيق ميلاپ لاءِ ٿيندڙ ھر ڪوشش کي ناڪام بنايو آھي. قومي سلامتيءَ لاءِ ڳولا مختلف نمونن سان ۽ ڪن ٻين پاسن ۾ ٿيڻ  گھرجي. آمريڪا جو رويو ان وقت تائين سخت ئي ٿيندو ويندو. جيسين پاڪستان سندس شرط شروط قبول نھ ڪندو يا ھڪ  ليڪ ڪڍي،”ھن ھنڌ تائين ، ۽ ھن کان اڳتي نھ“ نھ  چوندو. آمريڪا جي ” راضي ڪريو- ٺونشو ھڻو“ واري حڪمت عمليءَ جو تازه ترين نمونو، تربيلا بند لاءِ ڪيل وعدو آھي، جيڪو پاڪستان کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڏنو ويو ھو .ان کان پوءِ اھو اڻٽر ٺونشو 12- اپريل 1967ع تي لڳو، جڏھن پاڪستان جي فوجي امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ھن ڳالھھ جو فيصلو، تھ ڇا پاڪستان آمريڪا سان سندس تعلقات جي موجوده رخ کي موڙي سگھي ٿو يا نھ، فقط ان وقت معلوم ٿي سگھندو، جڏھن مزاحمت ڪئي ويندي. پاڪستان جي قومي مفادن جو تحفظ ضرور ٿيڻ  گھرجي،  خواه ائين ڪرڻ، آمريڪا جي نارضامنديءَ جي قيمت ادا ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿئي. ھن  جو ھروڀرو ڪو اھو مطلب ناھي تھ پاڪستان  کي مادي طور آمريڪا جي طاقت خلاف صف آرا ٿيڻو پوندو، پر اھو تھ اسان کي انھيءَ حقيقت کي پوري عزم سان سفارتي، سياسي ۽ اقتصادي ذريعن سان واضح ڪرڻ گھرجي تھ اسان کيس پنھنجن قومي مفادن جي آھستي آھستي ڪترڻ جي اجازت ھرگز نھ ڏينداسون. انھيءَ قسم جي موقف لاءِ اسان  کي داخلي ردو بدل ۽ قربانين جي ضرورت پوندي،  پر آمريڪا سان ھروڀرو ڪنھن دير- ڇڪتاڻ جي ضرورت ڪانھ پوندي. ھڪ ئي مھل گذري ويندڙ بحران، ھڪٻئي جي پٺيان ايندڙ گھڻن بحرانن کان بھتر آھي، جن ۾  ڪجھھ ساھي کڻڻ جا درمياني  وقفا  تھ برابر ھجن، پر جيڪي (بحران ) بعد ۾ اھڙين اڻٽر  ھنگامي  حالتن طرف گھلي وڃن، جتان پاڪستان لاءِ سندس وقار جي دوباره بحالي ان جي وس کان ٻاھر ٿي وڃي.

 دٻاءُ، ھڪ ناشائستو لفظ آھي. انھيءَ  لفظ کي سفارتي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪرڻ بداخلاقي سمجھيو ويندو آھي. ان جو مطلب  اھو ناھي تھ ڪو قومن ماضيءَ ۾ دٻاءُ استعمال ئي نھ ڪيو آھي. مادي  تلسط واري زماني ۾، جبر ۽ زور ۽ زبردستيءَ کي نھايت بيھودي طريقي سان استعمال ڪيو ويندو ھو. اسان جي ھن نئين بيٺڪي زماني ۾  جبر ۽ زور ۽ زبردستيءَ جا طريقا وڌيڪ شائستھ ۽ شاندار آھن، ۽ انھن جي دريافت ۾ ھندستان ۽ پاڪستان  اڪيلا نھ رھيا آھن. ڪي ملڪ، عالمي طاقتن جي سياسي اڳواڻيءَ جي سامھون جھڪڻ جي خلاف جدوجھد ۾ ڪامياب  ٿيا آھن، ۽ ڪي نھ. اسين، پاڪستان وارا فقط پنھنجي ئي صورتحال  سان دلچسپي رکون ٿا. فوجي شعبي ۾ اسان جو مڪمل، ۽ اقتصاديات ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ خاصو انحصار، آمريڪا تي رھيو آھي. سنڌو ماٿريءَ واري معاھده تي عمل در آمد کي بھ نظر ھيٺ رکڻ ضروري آھي. پاڪستان تي دٻاءَ جي شدت، ھندستان  تي دٻاءَ جي مقابلي ۾ محض ھن سبب ڪري گھڻي زياده ھوندي، جو پاڪستان کان ٿيندڙ مطالبي جي سطح  گھڻي قدر وڌيڪ اوچي آھي. دٻاءُ انھيءَ وقت تائين وڌندو ويندو. جيستائين اسين مزاحمت نھ ڪريون يا وري نيازمنديءَ ۾  ڪنڌ جھڪايون. جيڪڏھن اسين ڀڳاسون تھ اسان کي مرڻ گھڙيءَ  تائين  ڀڄندو ئي رھڻو پوندو. ھندستان  تي پڻ دٻاءُ وڌندا رھندا، پر انھن جي شدت  گھٽ ھوندي، جيئن فوجي امداد کي روڪڻ  جي صورت  ۾ ھن کان اڳي ڏٺو ويو آھي. ھيءُ فيصلو مڪمل طور پاڪستان جي خلاف رھيو .اھڙيءَ طرح ھڪ ئي وقت ۾ پاڪستان تي شديد دٻاءَ ۽ ھندستان تي معتدل دٻاءُ وڌو ويندو، ۽ ھاڻي  جڏھن  تھ وچ اوڀر ۾  جنگ آمريڪي حليف جي فتح  سان  ختم ٿي آھي، تڏھن آمريڪا پاڪستان ۽ ھندستان تي اڃا بھ وڌيڪ دٻاءُ وجھندي . ٿوري وقفي کان پوءِ، جڏھن وچ اوڀر ۾ سياسي  صورتحال  وڌيڪ صاف تي ويندي  ۽ جنرل اسيمبلي ھڪ وڌيڪ ٺھراءَ کي دفتر داخل ڪري چڪندي، تڏھن آمريڪا پنھنجن  عالمي مقصدن خاطر، پنھنجو سڄو سارو ڌيان ڦيرائي ننڍي کنڊ طرف ڪندي.

سن 1958 ع ۾  آمريڪا، ھندستان تي دٻاءُ وجھڻ جي پوزيشن  ۾ ڪانھ ھئي، پر اھا صورتحال ھاڻي بدلجي چڪي آھي. ھندستان ۾ ڦھليل عام بدنظمي ۽ ڏڪار   جي ڏڪائيندڙ  حالتن مان ابتدائي دخل اندازين لاءِ فائدو ورتو ويو آھي. پاڪستان وانگر اتي بھ دٻاءُ اڳ ۾ اقتصادي ۽ مالي دائرن ۾ وڌو ويو ۽ ائين  ھن ڪري ڪيو ويو تھ جيئن ھندستان   جي رد عمل جي آزمائش  ڪئي وڃي. يعني ھي ڏٺو وڃي تھ ڇا، پاڪستان وانگر ھندستان پڻ ھڪٻئي جي پٺيان پوندڙ دٻاءَ کان  درجي  بدرجي مغلوب ٿي ويندو يا نھ، جنھن جي نتيجي ۾ آخرڪار  سڄيءَ طاقت جو مظاھرو ڪرڻو پوندو. پاڪستان وانگر ھندستان جي حالت ۾ پڻ شروعات ھڪ نيڪ نيت مدد گار جي صورت ۾ ڪئي ويئي. مالي حڪمت عملين بابت مشورا ڏنا ويا، جن جي نتيجي ۾ ھندستاني رپئي جي قيمت ۾  ڪمي ڪرڻي پيئي . انھيءَ ڪاميابيءَ کان خوش ٿي آمريڪا قدم وڌائي ھندستان  جي زرعي ۽ صنعتي پاليسين ۾ دخل اندازي شروع ڪئي. ھندستاني حڪومت کي مشورو ڏنو ويو تھ نجي صنعتڪارن کي رعايتون  ڏنيون وڃن، تھ جيئن آزاد ڪاروبار جي تاڃي ۽ پيٽي ۾ مضبوطي پيدا ٿئي . ھندستان جي حڪومت، جيڪا وڌندڙ مشڪلاتن ۽ ڏڪار جي ڀوت جي ڊپ ۾ مبتلا ھئي، تنھن اھا شڪست بھ کڻي  مڃي. انھن نتيجن آمريڪا  جي ھمت ايتريقدر وڌائي ڇڏي، جو اھا ھاڻي کلي ميدان ۾ آئي ۽ ٻنھي ملڪن جي فوجي امداد ھن مقصد سان بند ڪئي تھ اھا انھن ٻنھي کي ھڪ زياده وسيع ٺاھھ قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري سگھي . ويھن سالن جي سخت محنت ۽ ڪوششن کان پوءِ حالتن ملي آمريڪا کي ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ھڪ غالب حيثيت عطا ڪري  وڌي. اھا ويھن سالن جي سفارتي ثابت قدمي ۽ اورچائيءَ جي ھڪ نمايان فتح آھي. آمريڪا کي ننڍي  کنڊ جي سٺ ڪروڙ انسانن مٿان تسلط حاصل  ھئڻ  لاءِ خوش ٿيڻ جو ھر ھڪ سبب آھي، ڇاڪاڻ تھ ٻي مھاڀاري لڙائي  کان اڳي ان کي اتي ڪو بھ اثر و رسوخ  ڪو نھ ھو. ايڏي ساري صبر آزما محنت کان  پوءِ ھاڻي ان لاءِ  فصل ڪاٽڻ جو وقت اچي ويو آھي، ۽ 12- اپريل  سن 1967ع تي، آمريڪا طرفان سندس بي انتھا سرمايھ  ڪاريءَ جي پھرين قسط جي ادائگيءَ  لاءِ مطالبو ڪيو ويو.

ننڍي کنڊ مان پٺتي ھٽڻ  جي اعلان جي برعڪس، آمريڪا جي انھيءَ فيصلي مان اڳتي وڌايل ھڪ طاقتور ۽ اھڙي سوچيل سمجھيل قدم  جو مطلب وٺڻ گھرجي، جنھن جو مقصد پاڪستان ۽ ھندستان کان پنھنجا شرط مڃائڻ آھي. ننڍي کنڊ  جي تاريخ  انھيءَ وقت کان وٺي، يورپي طاقتن جي مداخلت جي مثالن سان ڀري پيئي آھي، جڏھن انگريزن  ۽ فرينچن پھرئين ڀيري ھن ننڍي کنڊ جي ڪنارن تي قدم رکيا ۽ ڪن ھنڌن تي آباد ٿيڻ لاءِ حق حاصل ڪيا. آمريڪا انھيءَ تاريخي معلومات  کان مدد وٺي، سامراجيت جي اثر جي آزمايل طريقي کي دھرايو آھي. آمريڪين  کي اڄڪلھھ جيڪي اقتصاددي رعايتون ۽ فوجي سھولتون ڏنل آھن، تن مان ڪلائيو جي ديوانيءَ جي تمثيل ملي ٿي. ڪلڪتي، مدراس، پانڊيچري ۽ ٻين ھنڌن تي آبادين  جي قيام جي، جتان کان يورپي طاقتن پنھجو اثر  ورسوخ وڌايو ھو، ھڪ جديد مساوي صورت موجود آھي. اھو چئي سگھجي ٿو تھ ننڍي کنڊ ۾ آمريڪي اثر و رسوخ جي توسيع انھن رعايتن کان ڪجھھ مختلف  آھي، جيڪي يورپ جي تجارتي قومن کي ڏنيون ويئون ھيون، ۽ درحقيقيت ڪي فرق آھن بھ؛ ، پرامن تجارتي بستين کان گھٽ خطرو ڇو ڏسي؟  جيڪڏھن اھي پرامن  تجارتي بستيون فتوحات لاءِ سرحدي مورچا بنجي ويئون ھيون، تھ فوجي اڏا ڪھڙي اعتبار کان گھٽ خطرناڪ آھن؟ ھر فوجي رعايت،  جيڪا ڪنھن ايشيائي  ملڪ جي طرفان ڏني وڃي ٿي، سا انھيءَ ملڪ لاءِ خطري جو سرچشمو آھي. اھي خطرا اھڙا تھ سنگين آھن، جو فرانس ناٽو کي اطلاع ڏيئي پنھنجي علاقي ۾ قائم ٿيل سڀني فوجي  اڏن  کي ختم ڪرائي ڇڏيو. ھندستان ۽  پاڪستان بنگال جي ديوانيءَ جي مساوي رعايتون، جيڪي مغل شھنشاھھ طرفان ڪلائيو کي عطا ڪيون ويئون ھيون،  غير ملڪي اقتصادي ۽ فوجي امداد حاصل  ڪرڻ لاءِ اڳيئي ڏيئي چڪا آھن. ائين پيو نظر اچي تھ اسان  ٻنھي مان ڪنھن ھڪ ملڪ بھ، پنھنجي انھيءَ نامبارڪ ماضيءَ مان ڪوئي سبق حاصل نھ  ڪيو آھي، جنھن جي ڪري اسان جي عوام کي ذري گھٽ ٻن سئو سالن تائين  مغلوب  رھڻو پيو.

آءٌ انھيءَ ڳالھھ کي دھرايان ٿو تھ آمريڪا اھو دور  رس نتيجن  جو حامل قدم ھن ڪري نھ کنيو آھي، جو ان کي ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان  ھڪ وڌيڪ جنگ  ڇڙڻ  جو ڊپ آھي، يا ھن ڪري جو اھا سندن ھٿيارن جي ڊوڙ کي روڪڻ چاھي ٿي. يا ھن ڪري  جو اھا ڀاري فوجي خرچن کي اقتصادي ترقيءَ لاءِ موڙڻ چاھي ٿي. آمريڪي حڪومت طرفان سرڪاري طور ڏنل سببن جو مطلب، سندس فيصلي کي  شرافت جو جامو پھرائڻ آھي، پر نيڪ نيتيءَ جي پيش منظر پٺيان  اصلي مقصد ھيٺئين طرح آھن :

(1) آمريڪا کي اڄ  ھندستان ۽ پاڪستان ۾ جيڪو اثر حاصل آھي، سو پنھنجي  عروج تي آھي، ۽ ان کي يقين آھي تھ اھا  ٻنھي  ملڪن  کي ھڪ ئي وقت تي سندس عالمي مفاد  جي موافق ٺاھھ ڪرڻ لاءِ  مجبور  ڪري سگھي ٿي.

(2) آمريڪا   چاھي ٿي  تھ ان طرح جو سٽاءُ جلد وجود ۾ اچي، ڇو تھ ان کي  ويٽ نام  ۾، جتي اھا سمجھي ٿي تھ ھوءَ ايشيا کنڊ ۾  پنھنجي مستقبل لاءِ ھڪ فيصلھ ڪن جدوجھد ۾ مصروف آھي، روزانو وڌندڙ مشڪلات جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو .


(1) بيورلي نڪولس ” ورڊڪٽ آن انڊيا“ 1944، ص 5_ 190_ .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org