باب
ٽيون
ورھاڱي
۽ ھندستان
جي
غير
جانبداريءَ
ڏانھن
آمريڪي
رويو
پاڪستان
کي،
ھڪ
ايشيائي
۽ ترقي
پذير
ملڪ
ھئڻ
جي
ڪري
پنھنجي
پر
ڏيھي
پاليسي،
عالمي
صورتحال
جي
مطابق
اھڙي
ترقي
پسندانھ
۽ دانشمندانھ
قومي
مفاد
جي
بنياد
تي
ترتيب
ڏيڻي
پوي
ٿي،
جنھن
۾ عالمي
امن
۽ انصاف
جو
جذبو
سمايل
ھجي.
پاڪستان
ھڪ
نظرياتي
رياست
آھي
يا
وڌيڪ
صاف
لفظن
۾ چئجي
تھ
اھا
ھڪ
اھڙي
رياست
آھي،
جنھن
کي
پنھنجو
نظريو
آھي.
ننڍي
کنڊ
جي
مسلمانن
لاءِ
پاڪستان
خدا
جي
طرف
کان
پيدا
ڪيل
جذبي
جو
نتيجو
آھي،
۽ خود اراريءَ
جي
حق
ذريعي
حقيقت
۾ منتقل
ٿيل،
انصاف
۽ مساوات
جي
نظريي
جو
اظھار
آھي.
ان
مخصوص
نوعيت
جي
لحاظ
کان
پاڪستان
جون
ڪي
خصوصي
ذميواريون
آھن.
ان
کي
لازمي
طور
اھڙي
حيثيت
اختيار
ڪرڻي
پوي
ٿي،
جيڪا
ان
کي
عالمي
امن
جي
استحصال
۽ سڀني
لوڪن
۽ سڀني
قومن
لاءِ
ھڪجھڙائيءَ
جي
حصول
خاطر
سندس
حقيقي
ذميوارين
کي
پوري ڪرڻ
، ۽ ساڳئي
وقت
تي
خود
پنھنجي
مسئلن
کي
منھن
ڏيڻ
جي
اجازت
ڏئي.
ننڍي
کنڊ
جا
مسلمان
ڌارين
جي
تلسط
کي
ختم
ڪرڻ
۽ ھڪجھڙائي
حاصل
ڪرڻ
جي
جذبي
سان
سرشار
ٿي
پنھنجي
لاءِ
ھڪ
جدا
ملڪ
حاصل
ڪرڻ
لاءِ
اٿي
کڙا
ٿيا
۽ اھي
پاڪستان
حاصل
ڪرڻ
۾ ڪامياب
ٿي
ويا.
جيتوڻيڪ
ڪي
اھڙا
بھ
ماڻھو
آھن
جيڪي
ننڍي
کنڊ
جي
ورھاڱي
تي
اڃا
بھ
افسوس
ڪري
رھيا
آھن،
ان
جي
باوجود
ھيءَ
حقيقت
بلڪل
واضح
آھي
تھ
ملڪ
جي
ورھاڱي
کان
سواءِ،
تقسيم
کان
اڳ
واري
ھندستان
۾ رھندڙ
ڪي
بھ
مسلمان
انھن
قدرن
جي
حفاظت
ڪرڻ
جي
قابل
نھ
رھن
ھا،
جن
کي
اھي
اعلي
ٰ ترين،
۽ تسلط
کان
آزاد
دنيا
لاءِ
اڻٽر
سمجھن
ٿا.
عملي
طور
سڄو
ھندستان
قديم
زماني
۾ شھنشاھ
اشوڪ
جي
دؤر
۾ متحد
ھو،
۽ بعد
۾ وري
مغل
سلطنت
جي
انتھائي
عروج
واري
زماني
۾ ھڪ
ھو،
جڏھن
اورنگزيب
جو
فرمان
ننڍي
کنڊ
جي
ھڪ
ٻيءَ
ڪنڊ
تائين
ھلندڙ
ھو.
ٻِي
کنڊ
جي
ھڪ
ڪنڊ
کان
ٻيءَ
ڪنڊ
تائين
ھلندڙ
ھو.
ٻي
حالتن
۾ اھو
اتحاد
ماڻھن
جي
مٿان
زوريءَ
مڙھيل
ھو.
مختلف
ٻولين
وارو
ھندستان،
ھڪٻئي
سان
ٽڪرائيندڙ
ثقافتن
جو
طاقتور
معجون
مرڪب
ھو،
جن کي شھنشاھي
نظامن
ھڪٻئي
سان
ڳنڍي
رکيو
ھو.
ھيءَ
ھڪ
واحد
قوميت
جي
سرچشمي
مان
ڦٽي
نڪرندڙ
ثقافت
۽ اتحاد
جو
معاملو
ڪو
نھ
ھو.
درحقيقت
قوميت
يا
ھڪ
وڏي
قوم
ھئڻ
جو
تصور،
جيئن
اسين
ان
کي
سمجھون
ٿا،
گھڻو
پوءِ
پيدا
ٿيو.
انگريزن
پڻ
ھندستان
کي
اتحاد
ڏنو،
جيڪو
انھن
کان
اڳ
اشوڪا
۽ اورنگزيب
وانگر،
ملڪ
جي
مٿان
زوريءَ
مڙھيل
ھو.
پوئين
دؤر
وارو
اھو
اتحاد
پنھنجي
نوعيت
جي
لحاظ
کان
حيرت
انگيز
حد
تائين
گھڻ-رنگي
قسم
جو
ھو،
ڇاڪاڻ
تھ
ملڪ
جي
ڪجھھ
حصن
تي
سڌيءَ
طرح
حڪومت
ھلائي ٿي ويئي ۽ ٻين حصن تي
نواب ۽ راجائون حڪمراني ھلائي
رھيا
ھئا،
جيڪي
عھدنامن
ذريعي
شاھي
تاج
سان
وابستھ
ھئا.
ان
جي
باوجود،
انگريزن
جي
حڪومت
جي
دؤر
۾ ئي
ھندستان
جي
شعور
۾ قوميت
جي
ٻج
ڦوٽھڙو
کائڻ
شروع
ڪيو.
ڏيڍ
سئو
سالن
جي
عرصي
۾ اھا
توقع
نھ
پئي
ٿي
سگھي
تھ
انھيءَ
ٻوٽي
جون
پاڙون
پوريءَ
طرح
سان
مضبوط
ٿي
وينديون.
ان
جي
باوجود،
برطانوي
حڪومت
قومي
شعور
ھڪ
واحد
۽ ناقابل
تقسيل
اڪائيءَ
۾ نھ،
بلڪ
ٻن
طاقتور
مختلف
قومن
۾ بيدار
ڪيو،
جن
مان
ھر
ھڪ
وٽ
پنھنجو
جدا
مذھب
ھو،
جدا
ثقافت
ھئي،
۽ مختلف
امنگون
ھيون.
ننڍي
کنڊ
جي
برطانوي
فتح
کان
پوءِ،
انگريزن
ڏيڍ
صديءَ
کان
وڌيڪ
عرصي
تائين
ان
کي
ٻين
طاقتن
جي
حريص
نگاھن
کان
زبردست
ڪوشش
سان
محفوظ
رکيو.
فرينچن
۽ پورچوگيزن
کان
علاوه،
جن
جي
قبضي
۾ تمام
ٽڪرا
ھئا،
ننڍي
کنڊ
جو
سڄو
سامونڊي
ڪنارو
ٻين
طاقتن
لاءِ
بلڪل
بند
ڪيو
ويو.
ھڪ
ڇيڙي
تي
ھماليھ
جبل
آسمان
سان
ڇوٽيون
گسائي
رھيا
ھئا
۽ اھڙيءَ
طرح
ملڪ
جي
علحدگيءَ
جي
اھڙي
اثرائتي
ضمانت
ڏئي
رھيا
ھئا،
جھڙي
مھاساگر
ڏيئي
رھيا
ھئا،
ھماليھ
جبلن
جي
ھن
پار،
جيڪي
بھ
روايتي
ناتا
قائم
ھئا،
تن
کي
فاتحن
” تاج
جي
انتھائي
منور
ھيري“
جي
علحدگي
کي
مڪمل
ڪرڻ
لاءِ
ٽوڙي
ڇڏيو.
انگريزن
ھندستان
کي
اسرار
۽ وھم،
عجيب
و غريب
اختلافن،
مختلف
مذھبن
۽ ويڙھيو
سردار
۽ نوابن
جي
سر
زمين
طور
ڏٺو.
اھو،
اڇي
چمڙيءَ
واري
ماڻھوءَ
لاءِ
دنيا
کي
مھذب
بنائڻ
جي
سندس
مھم
۾ سڀني
کان
وڌيڪ
ڳرو
بار
ھو.
انگريزن
قوم
ٻين
بيٺڪي
طاقتن
کي
ختم
ڪرڻ
کان
پوءِ
انسان
سازيءَ
جي
نيڪ
مھم
کي
پوري
ڪرڻ
لاءِ
اڪيلي
سر
قدم
وڌايو
.
سنھ
١٩٥٧ع
واريءَ
جنگ
جو
نتيجو
، جنھن
کي
” ھندستاني
بغاوت“
جو
نالو
ڏنو
ويو،
ماڻھن
جي
جذبي
کي
انتھائي
وحشيانھ
نموني
سان
دٻائڻ
جي
صورت
۾ نڪتو.
ان
جون
جوابي
ڪارروايون
۽ سزائون
ايتريقدر
ھيون،
جو
سامراجي
برطانيھ
جي
اختياريءَ
واري
پرواني
۾، ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين
ڪنھن بھ عوامي بغاوت سان ڪو
خلل
پيدا
نھ
ٿيو.
برطانوي
تلسط
جي
خلاف،
ٻي
حقيقي
عوامي
بغاوت،
خلافت
ھلچل
ئي
ھئي.
انھيءَ
اسلامي
تحريڪ
کي مسٽر
گانڌيءَ
ڏاڍي
ھوشياريءَ
سان
ڪانگريس
جي
طرفان
قومي
آزاديءَ
جو
مطالبو
ڪرڻ
لاءِ
استعمال
ڪيو.
ڪيترن
ئي
سالن
تائين
گانڌيءَ
جي
قابل
رھنمائيءَ
ھيٺ
ميدان
ڪانگريس
جي
ھٿ
۾ رھيو.
نيٺ،
آزاديءَ
لاءِ
جدوجھد
۽ انڊين
نئشنل
ڪانگريس
ھم
–معني
ٰ اصطلاحن
جي
حيثيت
حاصل
ڪئي.
ان
کان
گھڻو
پوءِ
مسٽر
محمد
علي
جناح،
مسلم
ليگ
جي
جھنڊي
ھيٺ
ننڍي
کنڊ
جي
مسلمانن
لاءِ
خود
اختياريءَ
جي
حق
لاءِ
ھلچل
جو
آغاز
ڪيو.
انگريز
مسلمانن
جي
ورھاڱي
واري
مطالبي
جا
مخالف
ھئا.
پاڪستان
جي
حصول
واري
جدوجھد
۾ مسٽر
جناح
کي،
جيڪو
ھاڻي
قائداعظم
جي
نالي
سان
سڏجڻ
لڳو،
انگريزن
۽ انڊين
نئشنل
ڪانگريس
جي
ٻِـِٽي
مخالفت
سان
منھن
ڏيڻو
پيو.
”ڦوٽ
وجھو
۽ حڪومت
ڪريو“
جي
نسخي
وارو
بيٺڪي
دؤر،
ھاڻي
جديد
بيٺڪن
واري
دور
لاءِ
جاءِ
خالي
ڪرڻ
لڳو،
جنھن
کي
”متحد
رکو
۽ حڪومت
ڪريو“
جي
نئين
نسخي
کي
آزمائڻ
۽ عمل
۾ آڻڻ
جي
ضرورت
ھئي
. بدلجندڙ
حالات
۽ انھن
سان
ٺھڪندڙ
جديد
بيٺڪن
جي
تقاضائن
کي
وڌيڪ
تجارتي
منڊين
جي
استحصال
ڪرڻ
۽ ڪميونزم
جي
حد
دخلين
جي
خلاف
بچاءَ
لاءِ
ننڍي
کنڊ
جي
اتحاد
جي
ضرورت
ھئي.
ھيءَ
انديشو
محسوس
ڪيو
پئي
ويو
تھ
ننڍي
کنڊ
کي
تقسيم
ڪرڻ
جو
مطلب
ٿيندو،
” ورھاڱو
ڪيو
۽ وڃايو
.“
اھڙيءَ
طرح
ڪچي
مال
جي
وسيع
منڊين
تائين
پھچ
۾ رڪاوٽون
پونديون،
۽ روس
جي
ننڍي
کنڊ
۽ ھندي
مھاساگر
کي
پنھنجي
قابو
۾ رکڻ
جي
قديم
آرزو
جي
خلاف
انھيءَ
خطھ
جو
بچاءُ
ڪمزور
ٿي
پوندو.
انھيءَ
دليل
جي
بنياد
تي
انگريزن
پڇاڙيءَ
تائين
ورھاڱي
جي
خلاف
ڪوشش
جاري
رکي.
جيڪڏھن
انگريز
ھندستان
کي
ھڪ
”متحد“
ملڪ
جي
صورت
۾ ڇڏي
وڃن
ھا،
تھ
اڄ
ننڍي
کنڊ
۾ چار
پنج
قومي
مملڪتون
موجود
ھجن
ھا.
ان
وقت
انگريزن
لاءِ
انتخاب،
ھندستان
کي
ھڪ
متحد
ملڪ
جي
حيثيت
۾ ڇڏي
وڃڻ
يا
ان
کي
ٻن
ملڪن
جي
صورت
۾ ورھايل
ڇڏي
وڃڻ
جي
درميان
نھ،
بلڪ
ھندستان
کي
ٻن
قومن
جي
حيثيت
۾ ورھائي
ڇڏڻ
يا
ان
کي
ٽڪرا
ٽڪرا ٿي
گھٽ
۾ گھٽ
چئن
پنجن
مملڪتن
۾ ورھائجي
وڃڻ
لاءِ
ڇڏي
وڃڻ
۾ ھو،
پاڪستان
جي
تخليق،
ھندستاني
قوميت
جي
نمايان
صورت
اختيار ڪرڻ
جي
عمل
۾ مدد
ڏني
آھي.
جيڪڏھن
ھندستان
۾ پاڪستان
جي
خلاف
نفرت
ڦھليل
نھ
ھجي
ھا،
تھ
ھندستان
لاءِ
ان
جي
مختلف
ٻولين
ڳالھائيندڙ
صوبن
کي
ھڪٻئي
کان
ڇڄي
ڌار
ٿيڻ
کان
روڪڻ
انتھائي
دشوار
ڪم
ٿئي
ھا.
ھاڻي
بھ
صورت
اھا
آھي
تھ
پاڪستان
جي
خلاف
بغض
ھئڻ
جي
باوجود
ھندستان
پنھنجي
غير
معمولي
اتحاد
کي
ڏاڍي
مشڪل
سان
۽
مس
مس
قائم
رکي
سگھيو
آھي.
اھا
وڏي
اھميت
واي
ڳالھھ
آھي،
جنھن
کي
انھن
پرڏيھي
طاقتن
کي
ياد
رکڻ
گھرجي،
جيڪي
پاڪستان
۽ ھندستان
جي
درميان
اثرائتو
پرچاءُ
آڻڻ
لاءِ
ڪوشش
ڪن
ٿيون.
”ڪميونسٽ
خطري“
کي
وڌيڪ
اثرائتي
نموني
۾ منھن
ڏيڻ
لاءِ
ھڪ
ناقابل
ِ
تقسيم
ننڍي
کنڊ
کي
وجود
۾ آڻڻ
بدران،
ممڪن
آھي
تھ
ان
جا
ٽڪرا
ھر
طرف
پکڙجي
ڪن
عالمي
طاقتن
جي مقصدن
کي
بربارد
ڪري
ڇڏين.
صاف
لفظن
۾ ان
جو
مطلب
ھيءُ
آھي
تھ
پاڪستان
کي
جذب
ڪرڻ
جي
ڪوشش،
موجوده
ھندستان
ھيڪڙائيءَ
جي
انت
آڻڻ
جو
سبب
بڻجي
سگھي
ٿي.
اھڙي
انتشار
مان
اھي
سڀ
تباھڪن
نتيجا
نڪري
سگھن
ٿا،
جن
کان
مغرب
پاڪستان
کي
ھندستان
سان
ڪنفيڊريشن
بنائڻ
تي
مجبور
ڪرڻ
سان
بچڻ
چاھي
ٿو.
اھي
ماڻھو
جيڪي
پاڪستان
جي
اصولي
روح
کي
نھ
ٿا
سمجھن
۽ جن
جو
قوميت
جو
تصور
رسمي
علائقائي
سببن
تي
بيٺل
آھي،
تن
انھيءَ
جذبي
کي
سمجھيوئي
ناھي،
جنھن
پاڪستان
جي
تحريڪ
کي
جنم
ڏنو.
اھا
تحريڪ،
جيڪا
دراصل
مساوات
لاءِ
ھڪ
عظيم
جدوجھد
ھئي،
جنھن
۾ مسلمانن
وحدت
تي
آزاديءَ
کي
ترجيع
ڏني.
اھڙا
ماڻھو
پاڪستان
جي
اقتصادي
۽ دفاعي
قوت
ِ
برداشت،
بلڪ
خود
ان
جي
وجود
تي
تڪڙو
ڪري
فتوي
ٰ ڏيڻ
جا
عادي
آھن.
اھي
ھن
ملڪ
تي
دور
کان
نظر
وجھندي
۽ ان
جي
بنيادن
جي
پوري
ڄاڻ
نھ
رکندي
ھن
فيصلي
تي
پھچي
وڃن
ٿا
تھ
جيڪڏھن
ھيءُ
ھڪ
ئي
۽ سڄو
سارو
ننڍو
کنڊ
رھي
ھا
تھ
انھن
جي
عالمي
مفادن
۽ مقصدن
کي
سمجھڻ
وڌيڪ
فائديمند
ثابت
ٿئي
ھا.
اھي
ھن
حقيقت
کي
سمجھڻ
۾ ناڪام
رھن
ٿا
تھ
پاڪستان
جو
اھوئي
وجود،
جيڪو
ننڍي
کنڊ
جي
ٻن
ڇيڙن
تي
ھڪ
ناقابل
ِ
تقسيم
قوم
جي
صورت
۾ ٻنھي
طرفن
ڏانھن
توازن
قائم
رکيو
بيٺو
آھي،
ڀارت
جي
وحدت
جو
باعث
آھي.
جيڪڏھن
پاڪستان
جي
متوازن
ساھميءَ
جي
انھن
ٻن
پڙن
مان
ڪو
ھڪ
بھ،
ھڪ
يا
ٻئي
طرف
ڏانھن
جھڪي
پيو
تھ
ھندستان
جو
توازن پڻ متاثر ٿيڻ
کان
سواءِ
نھ
رھي
سگھندو.
اھڙن
پرڏيھي
مفادن
لاءِ
جيڪي
ننڍي
کنڊ
جي
ٻن
قومن
۾ ورھاڱي
کي
شڪ
و
شبھي
جي
نظرن
سان
ڏسن
ٿا،
ھيءَ
پوئين
صورتحال
ڪيتريقدر
نھ
وڌيڪ
ناپسنديده
ثابت
ٿيندي؟
پاڪستان
جي
مسئلن
۽ ان
جي
داخلي
حيثيت
جي
تفصيلي
اندازي
ڪرڻ
لاءِ،
آزاديءَ
کان
اڳ
۾ ۽ آزاديءَ
کان
بعد
ننڍي
کنڊ
۾ ٿيندڙ
واقعن
جي
ارتقا
۽ ٻنھي
ملڪن
ڏانھن
عظيم
طاقتن
جي
رجحان
تي
ٻيھر
غور
ڪرڻ
ضروري
آھي.
ان
لاءِ
آغاز
جو
مناسب
نقطو
ننڍي
کنڊ
ڏانھن
عطيم
طاقتن جو
اھو
رويو
آھي،
جيڪو
انھن
ان
وقت
اختيار
ڪيو
ھو،
جڏھن
ھندستان
۽ پاڪستان
آزاديءَ
جي
چانئٺ
تي
اچي
پھتا
ھئا.
جرمنيءَ
کي
اڳيئي
تباھھ
و
برباد
ڪيو
ويو
ھو
۽ فرانس
پنھنجي
شڪست
جي
بي
آبروئي
۽ بيعزتيءَ
ڪري
فوري
طور
پنھنجي
اڳوڻي
عالمي
اھميت
دوباره
حاصل
ڪرڻ
جي
حيثيت
۾ نھ
ھئي.
ھن
اتحادي
طاقتن
جي
امداد
سان
ڏکڻ-
اوڀر
ايشيا
۽ آفريقا
۾ پنھنجين
بيٺڪن
تي
وري
قبضو
ڪرڻ
چاھيو.
چين،
جپان
جي
ھٿان
بري
طرح
چٻجي
چڪو
ھو،
ان
ھوندي
بھ
چيانگ
ڪائي
شيڪ
ھندستان
جي
آزاديءَ
۾ دلچسپي
ورتي
ھئي.
پر
برطانيھ
ھن
کي
بري
طرح
سان
ٺڪرائي
ڇڏيو،
ڇاڪاڻ
تھ
انگريزن
ھن
جي
ڪوشش
کي
سندن
سلطنت
جي
معاملن
۾ اجائي
دخل
اندازي
ٿي
سمجھيو.
جنرلسمو
۽ سندس
بيگم
ھندستان
جو
دؤرو
ڪيو
۽ ھندستاني
اڳواڻن
سان
ڳالھيون
ڪيون،
جنھن
کان
پوءَ
مسٽر
نھروءَ
12
فيبروري
1942ع
تي
قديم
ھندستاني
۽ چيني
تھذيبن
جي
قريبي
ناتن
۽ واسطن
جو
ذڪر
ڪيو
۽ ھڪ
وڏي
وفاق
جو
خاڪو
پيش
ڪيو،
جنھن
۾ ھندستان،
چين،
ايران
۽ آسپاس
جا
ڪجھھ
ٻِيا
ننڍا
ملڪ
شامل
ڪيا
ويا،
جنھن
جو
مقصد
انھن
ملڪن
جي
آزاديءَ
کي
قائم
رکڻ
۽ عالمي
امن
جي
قيام
۾ مدد
ڏيڻ
ھو،
مسٽر
چرچل،
جنرلسمو،
چيانگ
ڪائي
شيڪ
۽ مادام
چيانگ
ڪائي
شيڪ
جي
ھندستان
جي
دؤوري
جو
ذڪر
ھيٺين
لفظن
۾ ڪيو
:
”ھنن
جي
دوري
جو
مقصد
جپان
جي
خلاف
ھندستان
جي
راءِ
عامھ
کي
سازگار
بنائڻ
ھو،
۽ جپان
جي
شڪست
جي
اھميت
تي،
دنيا
لاءِ
عام
طرح
ھندستان
۽ چين
لاءِ
خاص
طرح
زور
ڏيڻ
ھو،
ھندستان
جي
پارٽي
اڳواڻن
انھيءَ
موقعي
کي
جنرلمسو
جي
ذريعي
برطانوي
حڪومت
تي
دٻاءُ
وجھڻ
لاءِ
استعمال
ڪيو
تھ
اھا
ڪانگريس
جي
مطالبن
اڳيان
جھڪي
وڃي.
”جنگي
ڪابينھ،
شھنشاه
معظم
جي
حڪومت
جي
نمائندن
۽ ميشرس
گانڌي
۽ نھرو
جي
درميان
ھڪ
پرڏيھي
ملڪ
جي
سربراھھ
جي،
ھڪ
طرح
غير
جانبدار
ثالث
طور
مداخلت
ڪرڻ
جي
ڪوشش
سان
اتفاق
ڪري
نھ
ٿي
سگھي.“
مسٽر
چرچل،
جنرلمسو
کي
ھن
ڳالھھ
تي
آماده
ڪيو
تھ
” اھڙي
وقت
۾ جڏھن
اتحاد
جي
بيحد
ضرورت
ھئي،
انھيءَ
مسئلي
تي
زور
نھ
ڏي.“
سو
ويت
يونين
جنگ
مان
ھڪ
فتحمند
عظيم
طاقت
جي
حيثيت
۾ اڀري
ھئي،
پر
ان
جو
ننڍي
کنڊ
سان
عملي
طور
ڪو
بھ
رابطو
ڪو
نھ
ھو
۽ اتان
جي
سياسي
صورتحال
متعلق
ان
جي
ڄاڻ
اڻپوري
ھئي.
ان
کان
علاوه،
ان
جي
وڌيڪ
دلچسپي
مشرقي
يورپ
۽ جرمنيءَ
جي
مستقبل
سان
وابستھ
ھئي.
ان
کي
ايشيا
۾ جيڪا
بھ دلچسپي
ھئي،
تھ
اھا
ايران
جي
اترين
حصن،
جپان
جي
علائقن
۽ چيني
ڪميونسٽ
پارٽيءَ
۽ ڪومنٽانگ
جي
درميان
اقتدار
جي
داخلي
ڪشمڪش
۾ ڦاٿل
چين
تائين
محدود
ھئي.
ھن
جي
معنيٰ
اھا
ناھي
تھ
سو
ويت
يونين
کي
ھندستان
۾ ڪا
بھ
دلچسپي
ڪانھ
ھئي،
بلڪ
ڪي
ٻيا
معاملا
اھڙا
ھئا،
جيڪي
پھرين
توجھ
جا
طلبگار
ھئا.
پھرين
ضروري
ڳالھھ
اھا
ھئي
تھ
سرد
جنگ
جي آزمائش جو مقابلو ڪيو وڃي،
جنھن جو مرڪزي نقطو
يورپ
ھو.
برطانيھ
جنگ
برابر
کٽي
ھئي،
پر
ان
۾ ھن
جي
طاقت
گھڻي
قدر
گھٽجي
ويئي
ھئي.
ڪجھھ
عرصي
لاءِ
ان
مغرب
جي
ترجمان
جي
حيثيت
محض
تاريخي
حقائق
جي
بنياد
تي
ھئي.
جنگ
جي
خاتمي
کان
گھڻو
اڳي
اھا
حقيقت
ظاھر
ٿي
ويئي
ھئي
تھ
ھن
کان
پوءِ
آمريڪا
مغرب
جي
قيادت
جي
ذميداري
سنڀاليندي
۽ برطانيھ
پٺتي
رھجي
ويندو.
پھرين
مھاڀاري
لڙائيءَ
کان
بھ
اڳي
سن
١٩١٣ع
۾، برطانيھ
۾ رھندڙ
آمريڪي
سفير
مسٽر
والٽر
ايڇ،
پيج
صدر
ولسن
کي
لکيو
ھو
:
”دنيا
جو
مستقبل
اسانجو
آھي.........
ھي
انگريز
پنھنجو
سرمايوخرچ
ڪري
رھيا
آھن.......ھاڻي
سوال
آھي
تھ
اسان
دنيا
جي قيادت
جي
سلسلي
۾ ڇا
ڪنداسون
جڏھن
اھا
اجھوڪي
اجھو
واضح
طور
اسان
جي
ھٿن
۾ اچڻ
واري
آھي؟
۽ اسين
انگريزن
ڪي
جمھوريت
جي
انتھائي
بلند
فائدن
لاءِ
ڪھڙيءَ
طرح
استعمال
ڪري
سگھنداسون؟”سن
١٩٢٠ع
۾ ھڪ
آمريڪي
ليکڪ،
لڊويل
ڊيني
پنھنجي
ڪتاب
”آمريڪا
ڪانڪرس
برٽن“
(آمريڪا
برطانيھ
کي
فتح
ڪري
ٿو
) ۾ ھن
نتيجي
تي
پھتو:
”اسين
ھڪ
وقت
تي
برطانيھ
جي
بيٺڪ
ھئاسون،
ھاڻي
گھڻو
وقت
نھ
گذرندو
تھ
اھو
اسان
جي
بيٺڪ
ھوندو.
نالي
۾ نھ،
بلڪ
درحقيقت،
مشينن
برطانيھ
کي
دنيا
جي
مٿان
طاقت
عطا
ڪئي
ھئي.
ھاڻي
اڳي
کان
بھتر
مشينون
آمريڪا
کي
دنيا
۽ برطانيھ
جي
مٿان
طاقت
ڏيئي
رھيون
آھن.
. . برطانيھ
کي
آمريڪا
جي
خلاف
ھاڻي
ڪھڙي
طاقت
آھي؟
يا
سڄي
دنيا
جي
حيثيت
ئي
ڪھڙي
آھي؟
ٻي
مھاڀاري
لڙائيءَ
کان
پوءِ،
آمريڪا
جي
بالادستي
۽ فوقيت
۾ ڪنھن
کي
بھ
ڪو
شڪ
ٿي
نھ
پئي
سگھيو.
بھرحال،
ڪجھھ
سالن
تائين
آمريڪا
صلاح
و
مشوري
۽ سفارتي
پيشقدمي
لاءِ
برطانيھ
جو
سھارو
وٺندي
رھي
۽ ڪجھھ
مدت
تائين
برطانيھ
آمريڪا
لاءِ
اھو
ڪردار
ادا
ڪيو،
جيڪو
ڪنھن
زماني
۾ يونان،
روم
لاءِ
ادا
ڪيو
ھو.
انھيءَ
تبدليءَ
واري
دؤر
۾ برطانيھ
ھندستان
۾ پنھنجي
سلطنت
جو ھي کاتو بند ڪري رھيو ھو.
آمريڪا جو ھندستان جي صورتحال سان ڪو واضح ۽ سنئون
سڌو تعلق ڪونھ ھو. اھا ان جي باري ۾ معلومات ۽
مشوري لاءِ گھڻي ڀاڱي برطانيھ تي آسرو رکندي آئي.
اھا حقيقت آھي تھ آمريڪا ھندستان کي آزاد ڏسڻ جي
خواھشمند ھئي ۽ ڪن موقعن تي تھ ھندستان جي آزاديءَ
جو جلد اعلان ڪرڻ جي مطالبن سان برطانيھ کي چيڙائي
بھ ڇڏيندي ھئي. اھو چوڻ درست ڪونھ ٿيندو تھ آمريڪا
ورھاڱي جي مخالف ھئي، پر اھو يقينا چئي سگھبو تھ
آمريڪا متحده ھندستان کي ترجيح ڏيئي رھي ھئي ۽ ان
ڪري ان جي ڪانگريس جي متحده ھندستان جي مطالبي سان
ھمدردي ھئي. آمريڪا، خطرن جي انھن برطانوي تخمينن
سان بھ متفق ھئي، جيڪي ان ورھايل ھندستان جي ڪري
مغرب جي مفادن کي لاحق ٿيڻ بابت لڳايا ھئا. پر
آمريڪا ھندستان جي سياسي صورتحال جي تفصيلن ۽
باريڪين کان ايتري واقف ڪانھ ھئي، جو اھا ورھاڱي
بابت ڪوبھ واضح موقف اختيار ڪري سگھي. ان جي
باوجود، آمريڪا انھيءَ ملڪ جي سياسي ۽ جاگرافيائي
اھميت کان خوب واقف ھئي، ۽ اھا چين ۽ ھندستان کي
مغرب جي ٻن مضبوط قلعن جي حيثيت ۾ ترقي ڪندي ڏسڻ
جي توقع بھ رکي رھي ھئي.
١٩٤٠ع واري ڏھاڪي وارن اوائلي ۽ درمياني سالن جي
دوران ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي اڳواڻن کي ڪيئي
تجويزون پيش ڪيون ويئون ۽ نيٺ سنھ ١٩٤١ع جي ٢١-
جولاءِ تي اعلان ڪيو ويو تھ آمريڪا ۽ ھندستان جي
درميان نمائندن جو تبادلو ڪيو ويندو. ڊسمبر سنھ
١٩٤١ع ۾ جڏھن مسٽر چرچل واشنگٽن ويو، تڏھن مسٽر
روز ويلٽ ھن سان ھندستاني مسئلي تي ڊگھيون ڳالھيون
ڪيون. ان کان پوءِ سنھ ١٩٤٢ع جي فيبروري مھيني جي
آخر ۾، صدر روز
ويلٽ،
ائورل
ھئريمن
کي
ھدايتون
موڪليون
تھ
ھو
برطانيھ
سرڪار
۽ ھندستان
سياسي
اڳواڻن
جي
درميان
ڪنھن
ٺاھھ
تي
پھچڻ
جي
امڪانن
بابت
مسٽر
چرچل
جو
رايو
معلوم
ڪري.
مسٽر
ھئريمن
جي
ملاقات
جي
جواب
۾ مسٽر
چرچل
٤- مارچ
سنھ
١٩٤٢ع
تي
صدر
روز
ويلٽ
کي
لکيو:
”اسين
ھن
باري
۾ سنجيدگيءَ
سان
غور
ڪري
رھيا
آھيون
تھ
جنگ
کان
پوءِ
ڊومينين
اسٽيٽس
جو
اعلان،
جنھن
۾ جيڪڏھن
اھري
خواھش
ڪئي
وڃي
تھ
علحدگي
جو
حق
بھ
شامل
ڪيو
وڃي،
ھن
نازڪ
موقعي
تي
ڪيو
وڃي،.
اسان
کي
ڪنھن
بھ
طرح
سان
مسلمانن
سان
ناتا
ٽوڙڻ
نھ
گھرجن،
جن
جو
تعداد
ڏھھ
ڪروڙ
ٿيندو
۽ اھي
ئي
اسان
جي
فوج
جي
انھن
اھم
عناصر
کي
موجود
ڪري
ڏين
ٿا،
جن
تي
ھلندڙ
جنگ
۾ اسان
کي
ڀروسو
ڪرڻو
پوندو
آھي.
اسان
کي
سوا
ٽن
کان
چئن
ڪروڙ
اڇوتن
جي
طرف
پڻ
پنھنجن
فرضن
جو
خيال
رکڻو
آھي،
۽ ھندستان
جي
رياستن
سان
پنھنجن
عھدنامن
جو
پڻ-اٽڪل
اٺڻ
ڪروڙن
جي
آبادي
آھي-ظاھر
آھي
تھ
اسين
ھندستان
کي
حملي
ٿيڻ
جي
موقعي
تي
بد
نظميءَ
جو
شڪار
بنائڻ
نھ
ٿا
چاھيون
.“
بعد
۾ ڏکڻ
اوڀر
ايشيا
۾ جپان
جي
تيز
رفتار
پيشقدميءَ
صدر
روز
ويلٽ
کي
مسٽر
چرچل
تي
ھندستان
جي
آزاديءَ
لاءِ
زياده
زور
ڏيڻ
ٿي
آماده
ڪيو.
مسٽر
چرچل
آمريڪا
جي
دٻاءُ
جو
ذڪر
ھنن
لفظن
۾ ڪيو
آھي:
”جاچان
جي
الھندي
طرف
واڌاري
سان
آمريڪا
ھندستان
جي
معاملن
۾ وڌندڙ
دلچسپيءَ
جو
سڌيءَ
طرح
سان
اظھار
ڪرڻ
شروع
ڪيو
آھي.
مھاڀاري
لڙائيءَ
جي
جنگي
حڪمت
سان
گڏ
آمريڪين
جو
ڪـن
اھڙن
سياسي
مسئلن
سان
پڻ
واسطو
پئجي
رھيو
ھو،
جن
جي
باري
۾ انھن
جا
رايا
مضبوط
پر
تجربو
ٿورو
ھو.
ھاڻي
جڏھن
تھ
جپاني
ھندستان
جي
سرحدن
جي
طرف
وڌي
رھيا
ھئا،
آمريڪا
جي
حڪومت
ھندستان
جي
معاملن
۾ پنھنجن
خيالن
جو
اظھار
۽ مشورن
ڏيڻ
جو
سلسلو
شروع
ڪري
ڇڏيو.“
١١-
مارچ
سن ١٩٤٢ع
تي
صدر
روز
ويلٽ
ھندستان
جي
سوال
تي
مسٽر
چرچل
ڏانھن
پنھنجا
خيالات
موڪلي
ڏنا.
ھن
آمريڪي
حڪومت
جي
ابتدائي
بنيادن
جو
مثال
ڏيندي
راءِ
ڏني
تھ
:
”ھندستان
۾ ھڪ
اھڙي
عارضي
حڪومت
قائم
ڪئي
وڃي،
جنھن
جي
سربراھي
ھڪ
ننڍي
نمائنده
جماعت
ڪندي
ھجي،
جيڪا
مختلف
ذاتين،
ڌنڌن،
مذھبن
۽ علائقن
تي
مشتمل
ھجي
۽ انھيءَ
جماعت
کي
ڊومينين
جي
عارضي
حڪومت
تسليم
ڪيو
وڃي.
صدر
روز
ويلٽ
جي
تجويز
جو
مرڪزي
خيال
اھو
ھو
تھ
ان
کي
ھڪ
اھڙي
اداري
قائم
ڪرڻ
جو
فرض
سونپيو
وڃي،
جيڪو
سڄي
ملڪ
لاءِ
وڌيڪ
حڪومت
جي
باري
۾ غور
و
فڪر
ڪري“
٣.
ھندستان
۾ ڪرپس
مشن
جي
اچڻ
جي
موقعي
تي
صدر
روز
ويلٽ
جنھن
ھندستان
۾
خصوصي
نمائندي
ڪرنل
لوئي
جانسن
جنھن
جو
مشن
جي
غور
و
خوص
سان
قريبي
رابطو
قائم
ڪيل
ھو،
٢٢-اپريل
تي
ھڪ
اخباري
ملاقات
۾، ٻين
ڳالھين
کان
علاوه
ھيئن
چيو:
”حملا
آور
کي
پٺتي
ڌڪي
ڪڍڻ
سان
ئي
ھندستان
دنيا
جي
وڏين
حڪومتن
جي
درميان
پنھنجو
مقام
پيدا
ڪرڻ
جي
اميد
رکي
سگھي
ٿو.
اسين
، آمريڪا
۾ ھندستان
۽ چين
جي
صورتحال
جو
گھري
دلچسپيءَ
سان
مطالعو
ڪري
رھيا
آھيون
، ڇاڪاڻ
تھ
اسين
محسوس
ڪريون
ٿا
تھ
ايشيا
جي
تقدير
ھندستانين
۽ چينن
جي
ھٿن
۾ آھي.
انھن
ٻن
عظيم
ايشيائي
ملڪن
جي
آزاديءَ
جي
واھھ
۾ باھمي
اتحاد
کي
بجا
طور
گذريل
صدين
جو
سڀني
کان
وڏو
سياسي
واقعو
چئي
سگھجي
ٿو.“
انھيءَ
دؤر
۾ صدر
روز
ويلٽ
انڊين
نئشنل
ڪانگريس
سان
سڌي
رابطي
قائم
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
۽ ھن
مسٽر
نھروءَ
کي
واشنگٽن
جي
دوره
ڪرڻ
جي
دعوت
موڪلي،
پر
ڪانگريس
اڳواڻ
ڪرپس
مشن
جي
طرف
کان
سندن
سڀ
جا
سڀ
مطالبا
تسليم
نھ
ٿيڻ
جي
ڪري
ايتريقدر
تھ
غصي
۾ ھئا،
جو
مسٽر
نھروءَ
واشنگٽن
وڃڻ
کان
انڪار
ڪري
ڇڏيو.
٢٦- اپريل
سن
١٩٤٢ع
تي
مسٽر
گانڌيءَ
ھڪ
وڏي
بصيرت
واري
ڳالھھ
چئي
:
”جيڪڏھن
انگريزن
کي
ھندستان
کي
پنھنجي
قسمت
تي
ڇڏي
وڃڻو
پيو،
جيئن
انھن
کي
سينگار
پور
ڇڏڻي
پيئي،
تھ
اھنسا
جي
اصول
واري
ھندستان
کي
ڪوئي
نقصان
نھ
پھچندو.
گھڻو
ڪري
جپاني
ھندستان
کي
سندس
قسمت
تي
ڇڏي
ڏيندا
. آمريڪي
فوجن
کي
انگريزن
سان
گڏ
ھليو
وڃڻ
گھرجي.
اسان
کي
معلوم
آھي
تھ
آمريڪي
امداد
جي
معني
ٰڇا
آھي.
اڳتي
ھلي
ان
جي
معني
ٰ، جيڪڏھن
آمريڪي
راڄ
نھ
. تھ
آمريڪي
اثر
ٿيندو،
جنھن
سان
برطانوي
اثر
بھ
گڏ
ھوندو.“
وري،
١٧- مئي
تي
مسٽر
گانڌيءَ
لکيو
تھ
” آمريڪا
جنگ
۾ ڦاسڻ
کان
بچي
سگھي
ھا،
۽ ھاڻي
پڻ
اھا
ائين
ڪري
سگھي
ٿي،
بشرطيڪ
اھا
پاڻ
کي
انھيءَ
نشي
کان
آجو
ڪري،
جيڪو
مٿس
سندس
بي
انتھا
دولت
چاڙھي
رکيو
آھي“.
ھڪ
ھفتو
پوءِ
ھن
اعلان
ڪيو،
”ھندستان
کي
خدا
جي
ھٿن
۾ ڇڏيو،
يعني
جديد
گفتگوءَ
جي
انداز
۾ ان
جو
مطلب
کيس
طوائف
الملوڪي
جي
حوالي
ڪري
وڃڻ
ھو،
۽ اھا
طوائف
الملوڪي
ڪجھھ
مدت
لاءِ
خانھ
جنگي
يا
بنان
روڪ
ٽوڪ
جي
لڳندڙ
ڌاڙن
جي
صورت
اختيار
ڪندي.
انھن
واقعن
وچان،
انھيءَ
غير
حقيقي
ھندستان
جي
جاءِ
تي
ھڪ
حقيقي
ھندستان
اڀري
نروار
ٿيندو.“
ھتي
ھن
ڳالھھ
جو
بھ
ذڪر
ڪرڻ
گھرجي
تھ
ڪيئي
ماڻھو
اڃا
تائين
ھن
ڳالھھ
تي
يقين
رکن
ٿا
تھ
جڏھن
ھڪ
ڀيرو
ھندستان
جي
ورھاڱي
جو
مطالبو
تسليم
ڪيو
ويو
ھو
تھ
اھو
بھتر
ٿئي
ھا،
جيڪڏھن
ملڪ
تقسيم
ڪيو
وڃي
ھا
۽ انھن
نگران
غير
ملڪي
عناصر
کي
ھٽائي
ڇڏجي
ھا،
جيڪي
اڻٽر
حالات
۾ ملڪي
انتظاميھ،
ھٿياربند
فوجن،
پوليس
۽ عدليھ
۾ رھجي
ويا
ھئا.
انھن
پرڏيھي
عناصر
کي
ھٽائڻ
جي
نتيجي
۾ شايد
وڌيڪ
رتوڇاڻ
ٿئي
ھا.
پر
ان
مان
ھندستان
۽ پاڪستان
جي
درميان
وڌيڪ
صاف
۽ زياده
قدرتي
سرحدي
ليڪ
ظاھر
ٿي
بيھي
ھا.
ان
جي
ڪري
پاڪستان
جي
ماڻھن
جون
دليون
بي
انصافيءَ
وارين
سرحدن
جي
فيصلن
۽ فتوائن
سبب
نھ
سڙن
ھا
۽ کين
اھو
فريب
برداشت
ڪرڻو
پوي ھا،
جيڪو
الحاق
جي
ھڪ
دستاويز
جي
ذريعي
ھڪ
اھڙي
سربراھھ
مملڪت
جي
ذريعي
ڄمون
۽ ڪشمير
جي
ماڻھن
سان
ڪيو
ويو،
جيڪو
غيرملڪي
ھو
۽ جنھن
سڀني
مسئلن
جو
جائزو
پنھنجي
ملڪ
جي
مفاد
جي
نقطھ
نظر
کان
ورتو.
ڊسمبر
١٩٦٤ع
۾ لنڊن
۾ انڊين
نئشنل
ڪانگريس
۽ مسلم
ليگ
جي
ملاقاتن
جي
موقعي
تي،
آمريڪا
جي
پرڏيھي
معاملن
جي
قائم
مقام
سيڪريٽري
مسٽر
ڊين
ائچيسن
لکيو:
”مون
کي
يقين
آھي
تھ
جيڪڏھن
ھندستاني
ليڊرن
انھيءَ
عالي
ظرفيءَ
جو
مظاھرو
ڪيو،
جنھن
جو
ھيءُ
موقعو
تقاضا
ڪري
ٿو
تھ
اھي
برطانوي
ڪئبينيٽ
مشن
جي
طرفان
گذريل
بھار
واري
موسم
۾ پيش
ڪيل
دستوري
مسودي
۾ ڏنل
انھن
صاف
۽ واضح
دفعات
جي
بنيادن
تي
ترقيءَ
جي
ميدان
۾ گڏجي
اڳتي
وڌي
سگھن
ٿا،
جن
۾ اھو
چيو
ويو
آھي
تھ
ھڪ
ھندستاني
وفاقي
يونين
قائم
ڪئي
وڃي،
جنھن
۾ آباديءَ
جي
سڀني
عناصر
لاءِ
سندن
جائز
سياسي
۽ اقتصادي
امنگن
جي
حصول
لاءِ
ڪافي
گنجائش
ھجي.“
ھندستان
۽ پاڪستان
جي
وجود
۾ اچڻ
کان
ڪجھھ
مھينا
اڳ”
ٽرومين
نظريي“
جو
اعلان
ڪيو
ويو،
جنھن
کان
پوءِ
٢١ جون
١٩٧٤ع
تي
”مارشل
پلان“
ظاھر
ڪيو
ويو،
جنھن
جو
مقصد
مغربي
يورپ
جي
قومن
کي
سو
ويت
يونين
جي
خطري
جي
خلاف
سھارو
ڏيڻ
ھو.
آمريڪي
پرڏيھي
پاليسيءَ
جو
ھيءُ
وڏو
مقصد
، تھ
ڪميونزم
جي
واڌ
جي
روڪٿام
ڪئي
وڃي.
ھاڻي
ھڪ
صاف
۽ واضح
صورت
اختيار
ڪري
بيٺو
ھو.
ٽرومين
جو
اصول
يونان
۽ ترڪيءَ
کي
سوويت
يوين
جي
دخل
اندازي
۽ داخلي
ڪميونسٽ
تخريب
ڪاريءَ
جي
خلاف
مدد
ڏيڻ
لاءِ
ترتيب
ڏنو
ويو
ھو.
مارشل
پلان
کي
مغربي
يورپ
۾ ڪميونزم
کي
روڪڻ
لاءِ
تخليق
ڪيو
ويو
ھو
۽ سن
١٩٤٩ع
۾ اتر
ائٽلانٽڪ
ٺاھھ
جي
تنظيم
(ناٽو)
سو
ويت
يونين
جي
فوجي
خطرن
کان
اولھھ
يورپ
کي
مستحڪم
۽مضبوط
ڪرڻ
لاءِ
قائم
ڪئي
ويئي.
سو
ويت
يونين
جي
خلاف
سخت
۽ شديد
صف
آرائيءَ
جي
انھيءَ
دؤر
۾ مسٽر
رچرڊ.
پي
اسٽيبنس
لکيو:”ننڍي
کنڊ
جي
ٻن
باھمي
مخالف
قومن
جي
درميان ڪيل ورھاڱي ان جي
اقتصادي ۽ سياسي – فوجي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
رکيو ۽ ان جي مختلف حصن تي حڪومت ڪرڻ جي ڪم کي
گھڻو وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو.“
ھڪ يا ٻن ليکڪن جا خيال، چاھي اھي
ڪيتريقدر بھ مشھور و معروف ڇو نھ ھجن، ڪنھن حڪومت
جي پاليسي مرتب ڪري نھ ٿا سگھن، پر جيڪا ڳالھھ
ڪنھن ترديد جي خوف کان سواءِ چئي سگھجي ٿي، سا اھا
آھي تھ مغربي ملڪن جا مفاد ھڪ گڏيل ھندستان جي
تقاضا ڪري رھيا ھئا، تھ جيئن سوويت يونين جو زياده
مؤثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگھجي ۽ اقتصادي استحصال
لاءِ ويڪ وسيع منڊيون ھٿ ۾ رکي سگھجن. بھرحال، غير
ملڪي ڪارستانين جي باوجود، مسلمانن جو خود اراديت
جي حق لاءِ مطالبو اھڙو ناقابل مزاحمت بڻجي چڪو
ھو، جو نھ برطانيھ ۽ نھ انڊين نئشنل ڪانگريس
انھيءَ پاڪستان جي قيام کي روڪي سگھي، جيڪو
خوداراديءَ جي حق جو سراسر مجسمو آھي.
جنھن وقت ھندستان ۽ پاڪستان آزاد ٿيا، تنھن وقت پراڻي برطانوي سلطنت ٽٽي،
ٽڪرا ٽڪرا ٿي رھي ھئي، پراڻي بيٺڪي نظام جي جاءِ،
جيڪو سڌي علائقائي تسلط تي قائم ھو، ھاڻي اقتصادي
۽ مالي قبضي رکڻ جو طريقو والاري رھيو ھو، جنھن
سان گڏ ھر کنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ فوجي، سامونڊي ۽
ھوائي اڏن جا انتظام، ۽ تمام وڏي پئماني تي اسلح
سازي ۽ فوجي معاھدن جا سلسلا شامل ھئا. اھو عالمي
طاقتن جي قيادت جو آغاز ھو. ھندستان ۽ پاڪستان جي
نين مملڪتن جو پھريون ڀيرو وڏين طاقتن جي اڻ سڃاتل
جوڙجڪ ۾ آمريڪا سان واسطو پيو. انھن ٻنھي ۾ آمريڪا
جي ايشيائي پاليسيءَ جو وڏو مقصد اھو ھو تھ اھا
ايشيا ۾ پنھنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چين ۽
ھندستان جي شرڪت حاصل ڪري. آزاديءَ کان ھڪدم پوءِ
صدر
ٽرومين
وڏي
گرمجوشيءَ
سان
نھروءَ
کي
آمريڪا
جي
دوري
ڪرڻ جي
دعوت
ڏني
۽ جڏھن
پنڊت
نھرو
اوڏانھن
ويو،
تھ
ھن
جي
نھايت
شاندار
نموني
سان
آجيان
ڪئي
ويئي
.
ھن
جي
انھيءَ
دوري
جي
دوران،
۽ ان
کان
پوءِ
بھ
آمريڪي
انتظاميھ
ڏاڍي
ڪوشش
ڪندي
رھي
تھ
ھندستان
سان
ھڪ
خاص
تعلق
قائم
ڪيو
وڃي.
جڏھن
سن
١٩٤٩ع
۾ ھندستان
دولت مشترڪھ ۾ رھڻ جو فصلو
ڪيو تھ ”نيويارڪ ٽائيمس“
انھيءَ
فيصلي
جو
خيرمقدم
ڪندي
لکيو:
”ھيءُ
فيصلو
نھ
فقط
دولت
مشترڪ
جي
ترقيءَ
لاءِ،
بلڪ
ڪميونسٽن
جي
فتوحات
جي
روڪٿام
ڪرڻ
، ۽ ائٽلانٽڪ
بلاڪ
کان
ھڪ
وڌيڪ
وسيع
دفاعي
نطام
لاءِ
رستو
ھموار
ڪرڻ
واسطي
پڻ
ھڪ
تاريخي
فيصلو
آھي“.انھيءَ
سال
جي
سرءُ
واري
موسم
۾ جڏھن
وزيراعظم
نھروءَ
آمريڪا
جي
ڪانگريس
کي
چيو
تھ
ھندستان
آزادي
۽ انصاف
جي
جنگ
۾ غير
جانبدار
نھ
رھندو
تھ
” نيويارڪ
ٽائيمس“
پسنديدگيءَ
جي
انداز
۾ لکيو
تھ”
ايشيا
۾ جمھوريت
جي
صف
بنديءَ
لاءِ
واشنگٽن
پنھننجون
اميدون
ھندستان
تي،
جيڪا
ايشيا
جي
ٻي
سڀني
کان
وڏي
قوم
آھي،
۽ انھيءَ
ماڻھوءَ
تي
مرڪوز
ڪيون
آھن،
جيڪي
ھندستان
جي
پاليسي
طئي
ڪري
ٿو-يعني
وزيراعظم
جواھرلال
نھرو“،
آگسٽ
١٩٥٠ع
۾ انھيءَ
ئي
اخبار
وري
لکيو
تھ
نھروءَ
ڄڻ
جمھوريت
جي
پڙ
۾ مائوزي
تنگ
جي
مقابلي
۾ وزن
رکي
ٿو.
ايشيا
جي
طرفداريءَ
جي
جدوجھد
۾ پنڊت
نھروءَ
جو
حليف
ٿيڻ
، اسان
جي
لاءِ
فوج
جي
ڪيترين
ئي
ڊويزن
جي
برابر
آھي.“.
چين
کي،
جيڪو
آمريڪا
جي
ايشيائي
پاليسيءَ
جو
ٻيو
ٿنڀ
ھو،
ڪميونسٽ
انقلاب
پھرين
آڪٽومبر
سن٤٩
١٩ع
تي
ان
وقت
ھٽائي
ڇڏيو،
جڏھن
مائوزي
تنگ
فتح
حاصل
ڪئي.
انھيءَ
واقعي
جو
ھندستان
تي
زوردار
اثر
ٿيو،
جيڪو
چين
۾ آيل
تبديلين
جي
نتيجي
۾ عالمي
سياست
۾ جيئن
پوءِ
تيئن
وڌيڪ
خودمختاريءَ
وارو
ڪردار
ادا
ڪرڻ
لڳو.
ھندستان
، چين،
سوويت
يونين
۽ آمريڪا
جي
درميان
ھڪ
متوازن
پاليسي
قائم
ڪرڻ
جي
ڪوشش
۾ لڳي
ويو،
پر
آمريڪا
انھيءَ
جي
ھيءَ
تشريح
ڪئي
تھ
اھا
سندس
مفادن
جي
خلاف، چين ۽ سوويت يونين جي
عالمي مقصدن جي فائدي
۾ آھي.١٧-آڪٽوبر
سن
١٩٤٩ع
تي
وزيراعظم
نھروءَ
اعلان
ڪيو
تھ
:
”ھيءَ
ڳالھھ
اڻٽر
ھئي
تھ
ھو
(ھندستان
) پنھنجي
پرڏيھي
پاليسيءَ
تي
روشن
خيال
ذاتي
مفاد
جي
روشنيءَ
۾ غور
و
فڪر
ڪري،
پر
ھن
ساڳئي
وقت
تي
انھيءَ
پاليسيءَ
تي
پنھنجو
ھڪ
اعليٰ
نظرياتي
رنگ
بھ
چاڙھيو
آھي.
اھڙي
طرح
ھن
پنھنجن
اوچن
آدرشن
کي
قومي
مفاد
سان
ملائڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
آھي.
انھيءَ
پاليسيءَ
جا
مکيھ
مقصد
ھي
آھن
تھ
امن
جي
جستجو،
ڪنھن
وڏي
طاقت
يا
طاقتن
جي
گروھھ
سان
گڏجي
بيھڻ
سان
نھ،
پر
ھڪ
اخلاقي
يا
تڪراري
مسئلي
تي
آزادانھ
غور
و
فڪر
۽ ڪوشش
سان،
ڪئي
وڃي“.
جيتوڻيڪ
ڇھين
ڏھاڪي
جي
وچ
ڌاريءَ
، ھيءَ
ڳالھھ
خاص
حد
تائين
واضح
ٿي
چڪي
ھئي
تھ
ھندستان
خودمختاري
۽ غير
جانبداريءَ
واري
پرڏيھي
پاليسيءَ
تي
ھلڻ
جو
پختو
ارادو
ڪري
چڪو
آھي،
ان
جي
باوجود
آمريڪا
بار
بار
جي
مايوسين
ھوندي
بھ
ھندستان
۾ پنھنجو
اثر
و
رسوخ
وڌائڻ
جي
ڪوشش
۾ برابر
مصروف
رھندي
آئي.
ڊسمبر
سن
١٩٥٠ ع
۾، آمريڪا ھندستان سان ھڪ
چار-نڪاتي ٺاھھ تي صحيحون ڪيون ۽ آڪٽوبر سن ١٩٥١ع
۾ مسٽر چيسٽر بائولس کي انھيءَ ملڪ ڏانھن موڪليو
ويو تھ اھو ان جي حالتن جو اڀياس ڪري ۽ ان جي
پھرين پنج ساله رٿا ۾ فراخدلانھ امداد جي اڇ ڪري.
سن ١٩٥١ع ۾ ھندستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ھڪ باھمي
دفاعي امداد جي ٺاھھ تي صحيحون ڪيون ويئون، جنھن
ھندستان کي انھيءَ قابل بنايو تھ ھو آمريڪا کان
فوجي امداد جي بدلي ۾ حليف ملڪن تي عائد ٿيندڙ
ذميداريون قبول ڪرڻ کان سواءِ ئي انھيءَ قسم جي
ڪجھھ امداد حاصل ڪري سگھي. سن ١٩٥٢ع جي شروعات م
ٻنھي ملڪن جي درميان ٢٥ ڪرر دالرن جي ھڪ ”انڊو-
آمريڪن ٽيڪنيڪل فنڊ“ قائم ڪرڻ جي ٺاھھ تي دستخط
ٿيا، جنھن جي تحت پنجن سالن لاءِ وڌيڪ رقمون بھ
مھيا ٿي پئي سگھيون.
آمريڪا جي انھن ھڪ – طرفھ ناز بردارين جو
فائدو وٺندي ھندستان پنھنجي آزادانھ ۽ غير
جانبدارانھ پرڏيھي پاليسيءَ تي سختيءَ سان قائم
رھندو آيو. جپان جي امن ٺاھھ جي سوال تي ھندستان
جي حڪومت آمريڪا ڏانھن ھڪ يادداشت موڪلي، جنھن ۾
ان انھيءَ امن معاھده جي تائيد ڪرڻ کان پنھنجي
مجبوري ظاھر ڪئي. ٢٦- آگسٽ سن ١٩٥١ع تي، انھيءَ
يادداشت جي جواب ۾، آمريڪا ھن ڳالھھ تي افسوس جو
اظھار ڪيو تھ ھندستان انھيءَ ٺاھھ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
تيار ڪونھ ھو ۽ ان کي ھن ڳالھھ تي ڏک ھو تھ
ھندستان جپان سان ھڪ جدا ٺاھھ ڪرڻ جو فيصلو ڪري
چڪو ھو. فيبروري سن ١٩٥٣ع ۾، جڏھن صدر آئزنھاور
فارموسا جي غيرجانبداري ختم ڪرڻ جي آمريڪي
پاليسيءَ جو اعلان ڪيو، تڏھن صدر راجندر پرشاد ان
تي نڪتھ چيني ڪئي ۽ مسٽر نھروءَ ان کي قابض ملڪن
جي ”فوجي ذھنيت“ قرار ڏيندي خوب ننديو.
انھيءَ
وقت
ڌاري،
آمريڪا
طرفان
انھن
ملڪن
تي
جيئن
پوءِ
تيئن
اثر
وڌو
ٿي
ويو،
جن
کي
انھيءَ
وقت
جي
اصطلاح
۾ ”دفاعي
گھيري“
وارن
ملڪن
جو
نالو
ڏنو
ٿي
ويو.
خاص
طور
ڪوريا
جي
جنگ
کان
پوءِ
ڏکڻ اوڀر
ايشيا
جي
آمريڪي
پاليسيءَ
تي
ھڪ
طرف
نھ
صدارتي
اصول
ِ
ڪار
تي
مبني
عالمي
تصور
۽ ”حد
اندر
رکڻ“
(ڪنٽينمينٽ)
جي
پاليسي
ڪارفرما
ھئي،
تھ
ٻئي
طرف”
دفاعي
گھيري“
وارو
تصور
اثرانداز
ھو،
جنھن
جنھن
جي
تحت
جپان
خاص
طور
تي
آمريڪا
جي
پئسفڪ
پاليسي
جي
مرڪزي
سروڪار
جي
حيثيت
سان
اڀريو.
چين
جي
ھٿن
مان
نڪري
وڃڻ کان پوءِ، آمريڪا کي ڏکڻ
اوڀر ايشيا ۾ پنھنجي پاليسيءَ
جي
اصلوڪي
تصور
کي،
جنھن
۾ چين
۽ ھندستان
انھيءَ
پاليسيءَ جا ٻھ اھم
ٿنڀ
سمجھيا
ويندا
ھئا،
نئيين
سر
ترتيب
ڏيڻو
پيو
۽ انھيءَ
نئين
تصور
۾، چين
جي
جاءِ
جچان
والاري.
بھرحال،
پنڊت
نھروءَ
ھندستان
کي
تابعداريءَ
جي
انھيءَ
پوزيشن
۾ وجھڻ
جي
ھر
ڪوشش
جو
جوانموديءَ
سان
مقابلو
ڪيو،
جنھن
انھيءَ
دور
جي
گھڻن
ئي
مشھور
و
معروف
ھمعصر
آمريڪي
سياستدانن
کي
ڏک
ڏنو.
مثلارچرڊ.
پي
. اسٽيبنس
لکيو
تھ
:
”ھندستاني
حڪومت
طرفان
ڏور
اوڀر
جي
بحران
جي
باري
۾ ھن
ملڪ
جي تعبير
قبول
ڪرڻ
کان
جيڪو
انڪار
ڪيو
ويو،
ھن
۽ اسان
جي
ڪميونسٽ
چين
جي
خلاف
حفاظتي
پيش
بندين
جي
جيڪا
تائيد
نھ
ڪئي
ويئي.
تنھن
کان
واشنگٽن
۾ ڪافي
چڙ
پيدا
ٿي
۽ في
الحال
ايشيا
جي
سربراھھ
غير
ڪميونسٽ
حڪومت
سان
گڏجي
مربوط
ڪارروائيءَ
جي
امڪان
کي
ناس
ڪري
ڇڏيو.
ھندستان
جي
پاليسيءَ
۾ مغرب
جي
طرف
کان
بدگماني
تڪليف
ده
صفائي
سان
جھلڪي
رھي
آھي،
جنھن
۾ گھڻو
زور
ايشيا
جي
نئين
سر
وجود
۾ آيل
قومن
جي
حقن
تي
آھي.
٢٨-
آگسٽ
سن
١٩٥١ ع
تي،
”نيويارڪ
ٽائيمس
پنھنجي
اداريھ
۾”
گم
ٿيل
اڳواڻ
“
جي
سري
ھيٺ
لکيو:
”جواھرلال
نھرو
ڏاڍي
تيزيءَ
سان
جنگ
کان
پوءِ
واري
دور
جي
وڏين
مايوسين
مان
ھڪ
بڻجي
رھيو
آھي.
. . . . (ڪجھھ
سال
اڳ
تائين
) مغربي
ملڪن
لاءِ
ھو
ھڪ
آزاد،
جمھوري
۽ ڪميونزم
جي
خلاف
ايشيا
جو
ھڪ
منطقي
حامي
نظر
اچي
رھيو
ھو،
۽ ھو
جنھن
ھندستان
جي
رھنمائي
ڪري
رھيو
ھو،
سو
ظاھر
طور
ايشيا
جي
اڳوانيءَ
جو
اميدوار
ھو
.
. . . . . ايشيا
جي
رھنمائي
جي انھيءَ
حيثيت
کي
سنڀالڻ
بدران
نھروءَ
پنھنجين
ذميدارين
کان
ڪناره
ڪشي
اختيار
ڪري
ھندستان
جي
لاتعلقيءَ
جو
اعلان
ڪيو
۽ ان
کي
ھڪ
آزاد”
ٽين
طاقت“
جي
شڪل
۾ قائم
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
، جنھن
جي
نتيجي
۾ ھو
اسان
جي
دور
جي
ٻن
فيصلھ
ڪن
تحريڪن
–يعني
ڪميونزم
، جنھن
جي
سربراھي
رشيا
ڪري
ٿي
۽ جمھوريت
، جنھن
جي
سرپرست
آمريڪا
آھي-جي
درميان
ھوا
۾ لٽڪيل
رھجي
ويو.“
مسٽر
ريمنڊ
ڪارٽيئر
لکيو
آھي:
”دنيا
۾ يقينا
ٻيو
ڪو
بھ
اھڙو
ملڪ
ڪونھي،
جتي
آمريڪا
کي
ھڪ
قوم
جي
حيثيت
۾ ھندستان
کان
وڌيڪ
شڪ
و
شبھي
سان
ڏٺو
وڃي
ٿو،
آمريڪيءَ
کي
ھڪ
فرد
جي
حيثيت
۾ وڌيڪ
ڌڪار
جي
نظرن
سان
ڏٺو
وڃي
ٿو.
نھروءَ
ايشيا
جي
بچاءَ
کي
منظم
ڪرڻ
جي
ھر
آمريڪي
ڪوشش
۾ رخني
وجھڻ
کان
ڪڏھن
بھ
بس
نھ
ڪئي
آھي.
پر
ھن
معاملي
۾ نھرو
فقط
پنھنجي
عوام
جي
بي
اعتمادي
۽ دشمنيءَ
جي
ترجماني
ڪري
ٿو.“
”دي
يونائيٽيڊ
اسٽيٽس
اِن
ورلڊ
رليشنس“۾،
نيلسن.ايم.
بڪلي
۽ اوسڪر.
ٽي.
بارڪ،
سيٽو
۾ ايشيا
جي
شرڪت
بابت
چون
ٿا:
”ھن
اتحاد
جو
وقار،
ھندستان،
برما،
سلون
۽ انڊونيشيا
جي
شرڪت
تي
نا
رضامنديءَ
ڪري
خاص
طور
مجروح
ٿيو.
اھي
ملڪ،
جن
تازو
برطانيھ
۽ نيدر
لئنڊس
کان
آزادي
حاصل
ڪئي
ھئي،
سي
سيٽو
کي
بيٺڪي
راڄ
کي
قائم
رکڻ
جي
اصلي
مقصد
کي
لڪائي
رکڻ
جي
ھڪ
ذريعي
طور
شڪ
جي
نگاھن
سان
ڏسي
رھيا
ھئا.
. . ھندستان
۽
آمريڪا
جي
ناتن
تي
باھمي
شڪ
و
شبھي
۽ غلط
فھمين
جو
ڪڪر
ڇانيل
ھو.
وزيراعظم
جواھرلال
نھروءَ
جو
پختو
ارادو
ھو
تھ
ھندستان
دنيا
جي
معاملات
۾ مڪمل
طور
آزاد
ڪردار
ادا
ڪري
۽ ھن
پنھنجي
ملڪ
کي
ڪميونسٽ
يا
ڪميونسٽ
دشمن
بلاڪ
جو
حليف
بنائڻ
کان
انڪار
ڪري
ڇڏيو.
. . اقوام
متحده
۾ ھندستاني
نمائندن
تي
ڪميونسٽن
جي
ڇاڙتن
ھئڻ
جو
الزام
لڳايو
ويو.
آمريڪا
جي
پرڏيھي
معاملن
واريءَ
ڊپارٽمينٽ
پنھنجي
ايشيائي
بچاءَ
واري
نظام
جو
لنگر
ھندستان
۾ مضبوط
ڪرڻ
۾ ناڪامي
حاصل
ڪرڻ
کان
پوءِ
ھندستان
جي
حريف،
پاڪستان
سان
معاھدن
۽ فوجي
امداد
جي
پروگرامن
سان
پاڻ
کي
ٻڌي
ڇڏيو
۽ اھڙيءَ
طرح
ڀارتي-آمريڪي
ناتن
۾ اڳي
کان
وڌيڪ
تلخي
پيدا
ٿي
پيئي.
رسيل.ايڇ
. فائفيلڊ
دعوي
ٰ ڪري
ٿو
تھ:
”منيلا
ٺاھھ
جي
ڳالھين
وقت
-١٩٥٤ع)
ان
سان
سڌو
واسطو
رکندڙ
طاقتن
اھو
ئي
ٿي
چاھيو
تھ
جيستائين
ممڪن
ٿي
سگھي،
زيادھ
کان
زياده
ايشيائي
قومون
ان
۾ شامل
ٿين.
ھندستان،
انڊونيشيا،
سلون
۽ برما
جي
شرڪت
جو
خيرمقدم
ڪيو
وڃي
ھا،
پر
انھن
کان
علحده
رھڻ
جو
فيصلو
ڪيو.
در
حقيقت،
ھندستان
۽ انڊونيشيا
۽ ڪجھھ
قدر گھٽ، برما ۽ سلون پڻ
منيلا ڪانفرنس تي
نڪتھ
چيني
ڪئي
۽ ھنن
انھيءَ
ڪانفرنس
تي
ڪشيدگيون
پيدا
ڪرڻ
۽ قومن
کي
ھڪٻئي
کان
جدا
ڪرڻ
جو
الزام
لڳايو.
ھندستان
۽ آمريڪا
۾ سندر
لال
پوپلاءِ
۽ فلپس
ٽالبوٽ
لکيو
تھ
”آمريڪي
فوجي
امداد
۽ سياسي
اتحاد
فقط
پاڪستان
جي
حصي
۾ آيو
۽ ان سان گڏ، ھندستان جي حصي
۾ محض ھن ڪري نھ آيو
جو
ھندستان
اھڙي
امداد
۽ تعلق
کي
رد
ڪري
ڇڏيوھو“،
۽ آءٌ
رچرڊ-پي
–اسٽيبنس
جي
نظريي
سان
ھن
طرح
اختتام
ڪريان
ٿو،
جيئ.ن
مون
شروعات
بھ
ان
سان
ڪئي
ھئي:
”جيڪڏھن
آمريڪا
پنھجي
عالمگير
فوجي
حڪمت
عمليءَ
جي
پروگرام
جي
وعدن
تي
ڪجھھ
گھٽ
سختيءَ
سان
پابند
رھي
ھا،
يا
جيڪڏھن
ھندستان
” سرد
جنگ
“ جي
آمريڪي
نقطھ،عھ
نظر
سان
ذره
گھٽ
غير
ھمدردانھ
رويو
رکي
ھا،
تھ
ھيءُ
ملڪ
ڪو
بھ
اھڙو
قدم
کڻ
کان
ھٻڪي
ھا،
جنھن
سان
اعتماد
۾ پيل
شگاف
جي
مڪمل
ٿيڻ
جو
انديشو
ھو،
جيڪو
ايشيا
جي
سڀني
کان
وڏي
جمھوريت
سان
وڌي
رھيو
ھو.
بھرحال،
ان
وقت
صورتحال
جنھن
ڪڙيءَ
تي
بيٺل
ھئي،
تنھن
تي
ھندستاني-آمريڪي
تعلقات
ايترا
تھ
بگڙي
چڪا
ھئا،
جو
ان
مان
اڪثر
آمريڪين
کي
شڪ
پيدا
ٿي
چڪو
ھو
تھ
آئينده
ھندستانين
جي
احسانن
جو
خيال
رکڻ
واقعي
ڪو
ممڪن
ھو.
آمريڪا
طرفان
ھندستان
کي
گھڻين
ئي
ترغيبن
ڏيڻ
جي
باوجود، انھيءَ ملڪ سان وڌندڙ
سرد مھري جا اثر گھڻن
ئي
وڏن
آمريڪي
آفيسرن
۽ سياسي
اڳواڻن
جي
ڪيترن
ئي
بيانن
۾ ظاھر
ٿيڻ
لڳا.
١٢- فيبروري
١٩٥١ع
تي
صدر
ٽرومين
چيو
تھ
:
”آءٌ
مڃان
ٿو
تھ
اسان
جي
حڪومت
۽ ھندستان
جي
حڪومت
جي
درميان
انھيءَ
طريقي ڪار جي متعلق
اھم
سياسي
اختلافات
موجود
آھن،
جيڪي
انتھائي
مؤثر
طريقي
سان
اڳرائي
کي
دٻائي
ايشيا
۾ امن
قائم
ڪري
سگھندا.
بھرحال انھن اختلافن جي ڪري
اسان کي ھندستان جي عوام
جي
ضرورتن
ڏانھن
غافل
ٿيڻ
نھ
گھرجي“.
ھندستان
طرفان
آمريڪي
ترغيبن
۽ لالچن
جي
باوجود سرد جنگ ۾ شامل ٿيڻ
کان انڪار ڪرڻ تي آمريڪا کي
ننڍي
کنڊ
ڏانھن
پنھنجي
رويي
۾ تبديلي
آڻڻ
تي
مجبور
ٿيڻو
پيو.
سينيٽر
نولئنڊ،
جيڪو
سنھ
٥٤-١٩٥٢ جي
مدت
دوران
آمريڪي
سينيٽ
۾ اڪثريتي
پارٽيءَ
جو
اڳواڻ
ھو
، تنھن
جي
متعلق
چيو
وڃي
ٿو
تھ
ھو
انھيءَ
خيال
جو
حامي
ھو
تھ
ھندستان
جھڙيون
غير
جانبدار
قومون
اسان
جي
ساڳيءَ
فوجي يا اقتصادي امداد جون
مستحق ناھن، جھڙيون اسان جون
سرگرم
اتحادي
قومون
حقدار
آھن،
۽ نھ
وري
اھي
ڪانفرنس
جي
ميز
تي
ساڳيءَ
سطح
تي
ويھي
سگھن
ٿيون.“
آگسٽ
سنھ
١٩٥٣ع
۾ آمريڪي
حڪومت،
ڪوريا
جي
متعلق
تجويز
ڪيل
ڪانفرنس
۾ ھندستان
جي
شموليت
جي
خلاف
ظاھر
ظھور
مخالفت
ڪئي
. آمريڪي
پرڏيھي
وزير،
ڊلس
بين
الاقوامي
ميدان
۾ ھندستاني
حڪومت
جي
ڪن
ڪمن
تي
ناراضگيءَ
جي
اظھار
۾ ڪنھن
بھ
پرده
داريءَ
کان
ڪم
نھ
ورتو
. ڪانفرنس
۾ ھندستان
جي
نمائندگيءَ
جي
مخالفت
ڪندي
ھن
چيو
تھ
ھندستان
کي
سندس
غيرجانبداريءَ
جي
ايتري
قيمت
تھ
ضرور
ادا
ڪرڻ
گھرجي
تھ
ھو
ھن
ڪانفرنس
کان
ٻاھر
رھي
.
٤-جنوري
١٩٥٤ع
جي
” يونائيٽيڊ
اسٽيٽس
نيوز
ائنڊ
ورلڊ
رپورٽ،
“ مطابق
نائب
صدر
نڪسن
جو
رجحان
ھن
ڳالھھ
جي
حمايت
ڏانھن
ھو
تھ
جواھرلال
نھروءَ
جي
ھندستان
جي
تصديق
شده
غير
جانبداريءَ
جي
خلاف
پاڪستان
کي
ھڪ
متقابل
طاقت
جي
حيثيت
۾ فوجي
امداد
ڏني
وڃي.“
سرڪاري
۽ غير
سرڪاري
راين
جي
ھنن
ٿورن
پر
معقول
مثالن
مان
ڏسبو
تھ
آمريڪا
فقط
ان
وقت
متبادل
موقعا
ڳولھڻ
شروع
ڪيا،
جڏھن
ھو
انھيءَ
تڪليف
ڏيندڙ
نتيجي
تي
پھتو
تھ
ھندستان
جي
آزاد
۽ غير
جابنداري
نھ
پرڏيھي
پاليسي
پنھنجون
پاڙون
پختيون
ڪري
چڪي
آھي
۽ ھو
آمريڪا
جي
ايشيائي
حڪمت
عمليءَ
۾ شرڪت
ڪرڻ
لاءِ
تيار
ناھي
. جھڙيءَ
طرح
چين
۾ ڪميونسٽن
جي
فتح
کان
پوءِ
جپان،
آمريڪا
جي
ايشيائي
پاليسيءَ
جي
ھڪ
اھم
ٿنڀ
طور
چين
جي
جاءِ
والاري
ھئي
، تھڙيءَ
طرح
آمريڪا
جي
عالمي
مقصدن
جو
ساٿ
ڏيڻ
کان
انڪار
ڪرڻ
واري
ھندستان
جي
جاءِ
پاڪستان
کي
والارڻ
لاءِ
ڏني
ويئي.
آمريڪا،
ھن
احساس
جي
باوجود
تھ
ھندستان
بي
مروتي
ڏيکاري
رھيو
آھي،
ھن
اميد
کي
سيني
سان
لڳائي
رکندي
آئي
تھ
وقت
گذرڻ
سان
گڏوگڏ
شايد
ھندستان
پنھنجي
نقطھ
نظر
کي
بدلائي
وجھي
. انھيءَ
ڪري
ڪا
بھ
اھڙي
نامناسب
ڳالھھ
نھ
ڪئي
ويئي،
جيڪا
ان
کي
ناراض
ڪري
ھا.
مئي
١٩٥٣ع
۾، ” مڊل
ايسٽ
ڊفينس
آرگنائيزيشن“
جي
قيام
جي
تجويز
جي
ھندستان
طرفان
شديد
مخالفت
تي
آمريڪا
۾ پيدا
ٿيل
ناراضگيءَ
جي
باوجود،
مسٽر
ڊلس
ان
کي
آمريڪي
امداد
ڏيڻ
جو
سلسلو
جاري
رکڻ
جو
وعدو
ڪيو
تھ
جيئن
ھندستان
پنھنجي
پنج
سالھ
رٿا
تي
علمدرآمد
ڪري
سگھي
. اھو
واعدو
ڪندي
ھن
اقوام
متحده
۾ ھندستان
جي
ڪوريا
۾ جنگ
بند
ڪرائڻ
جي
ڪوشش
جي
تعريف
ڪئي.
ھندستان
ڏانھن
آمريڪي حڪومت جي رويي جو
خلاصو پيش ڪندي بليڪ ۽ بارڪ لکن ٿا: ”انھن باھمي
اختلافن
۽ الزامن
تراشين
جي
باوجود،
نھ
ھندستان
۽ نھ
آمريڪا
ڪنھن
وڏي
بگاڙ
جي
طاقت
ساري
پئي
سگھيا،
ڇاڪاڻ
تھ
ٻنھي
کي
ھڪٻئي
جي
ضرورت
ھئي.
قوم
جي
شديد
غربت
جو
مقابلو
ڪرڻ
لاءِ
ھندستان
اقتصادي
ترقيءَ
جو
جيڪو
حوصلو
وڌائيندڙ
پروگرام
عمل
۾ آڻي
رھيو
ھو،
تنھن
لاءِ
کيس
آمريڪا
جي
اقتصادي
امداد
۽ فني
تعاون
جي
ضرورت
ھئي
. آمريڪي
حڪومت
پنھنجي
جاءِ
تي
اھو
سمجھي
رھي
ھئي
تھ
ھندستان
کي
امداد
ڏيڻ
جو
سلسلو
بند
ڪرڻ
سان،
ھڪ
اھم
محاذ
سو
ويت
يونين
جي قبضي ۾ وڃڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ
ھو، جو اھو ملڪ اڳيئي
غير
ترقي
يافتھ
ملڪن
ڏانھن
سازو
سامان
۽ فني
ڪارڪنن
کي
موڪلڻ
۾ وڏي
دلچسپي
ڏيکاري
رھيو
ھو،
تھ
جيئن
اھو
پنھنجي
سياسي
اثر
و
رسوخ
کي
وڌائي
سگھي
“.
آمريڪا،
نھ
تھ
آمريڪي-ھندستاني
تعلقات
جي
انتھائي
اونداھي
دور
۾ ۽ نھ
آمريڪي-پاڪ
ھندستاني
تعلقات
جي
انتھائي
روشن
زماني
۾، ھند
و
پاڪ
تڪرارن
۾ پاڪستان
جي
ھڪ
حليف
۽
اتحاديءَ
جو
ڪردار
ادا
ڪيو.
ان
ھندستان
جي
طرف
کان
انتھائي
استعمال
انگيزين
جو
انعام
ان
کي
ڪثير
رقمن
جي
امداد
ڏيڻ
جي
صورت
۾
ڏنو
۽ پاڪستان
جي
پنھنجن
مفادن
سان
مڪمل
ھم
آھنگيءَ
کي
اھڙيءَ
طرح
سان
تسليم
ڪيو،
جو
ان
جي
سببن
کي
ٻنھي
ملڪن
لاءِ
امداد
جي
سڄي
سلسلي
کي
متعين
ڪرڻ
جو
ڪو
موقعو
ئي
نھ
ڏنو.
جڏھن
آمريڪا
پاڪستان
کي
فوجي
امداد
ڏيڻ
جو
فيصلو
ڪيو،
تڏھن
صدر
آئزنھاور
ھندستان
کي
پڻ
امداد
ڏيڻ
لاءِ
پنھنجي
ملڪ
جي
آمادگيءَ
جو
اظھار
ڪيو.
وزيراعظم
نھروءَ
کي
٢٤- آگسٽ
١٩٥٤ع
تي
مليل
ھڪ
خطھ
۾ صدر
آئزنھاور
لکيو
تھ
:
” آءٌ
توھان
کي
ھيءُ
ذاتي
پيغام
ھن
ڪري
موڪلي
رھيو
آھيان
، جو
آءٌ
چاھيان
ٿو
تھ
عام
ماڻھن
تائين
پھچڻ
کان
اڳ
۾ اوھان
کي
ھيءُ
اطلاع
پھچي
وڃي
تھ
مون
پاڪستان
کي
فوجي
امداد
ڏيڻ
جو
فيصلو
ڪيوآھي،
۽ ھن
ڪري
بھ،
جو
آءٌ
چاھيان
ٿو
تھ
اوھان
کي
سڌيءَ
طرح
سان
مون
وٽان
معلوم
ٿئي تھ
ھيءُ
قدم
ڪنھن
بھ
طرح
سان
انھيءَ
دوستيءَ
کي
متاثر
نھ
ڪندو،
جيڪا
اسين
ھندستان
لاءِ
محسوس
ڪريون
ٿا
.
. . . . . جيڪي
ڪجھھ
اسين
تجويز
ڪري
رھيان
آھيون
، ۽ جيڪي
پاڪستان
قبول
ڪري
رھيو
آھي،
تنھن
جو
رخ
ڪنھن
طرح
سان
ھندستان
جي
خلاف
ناھي.
آءٌ
ھن
ڳالھھ
جي
کليل
تصديق
ڪريان
ٿو
تھ
جيڪڏھن
اسان
جي
ڪنھن
بھ
ملڪ
کي،
جنھن
۾ پاڪستان
پڻ
شامل
آھي،
ڏنل
فوجي
امداد
جو
غلط
استعمال
ڪري
ان
جو
رخ
اڳرائيءَ
لاءِ ڪنھن ئي طرف ڏانھن موڙيو
ويو تھ آءٌ ھن ڳالھھ جو ذمون
کڻان
ٿو
تھ
اقوام
متحده
جي
اندر
خواه
ٻاھر،
انھيءَ
اڳرائيءَ
کي
ناڪام
بنائڻ
لاءِ
ھڪدم
موزون
قدم
کڻندس.
مون
کي
يقين
آھي
تھ
پاڪستان–
ترڪيءَ
جي
وچ
۾ طئي
ٿيل
اشتراڪ
عمل
جو
ٺاھھ
ٻنھي
ملڪن
جي
دلين
۾ سمايل
دفاعي
مقصدن
جو
معقول
دليل
آھي.
اسان
کي
ھن
ڳالھھ
جو
بھ
يقين
آھي
تھ
ھندستان
لاءِ
مضبوط
دفاعي
صلاحيت
جو
ھئڻ
آزاد
دنيا
جي
مفاد
۾ آھي،
۽ اسان
انھيءَ
اثرائتي
طريقي
جا
مداح
آھيون،
جنھن
سان
توھان
جي
حڪومت
اوھان
جي
فوجي
شعبن
جو
انتظام
ھلايو
آھي.
جيڪڏھن
اوھان
جي
حڪومت
اھڙي
فيصلي
تي
پھچي
تھ
حالات
ڪنھن
اھڙي
فوجي
امداد
جا
طلبگار
آھن،
جيڪي
اسان
ٻنھي
جي
سلامتيءَ
جي
قانونن
سان
دائري
۾ اچي
سگھن
ٿا
تھ
يقين
ڪريو
تھ
اوھان
جي
درخواست
تي
آءٌ
نھايت
ھمدرديءَ
سان
غور
ڪندس.
جيتوڻيڪ
پاڪستان
کي
فوجي
امداد
ڏيڻ
جي
آمريڪي
فيصلي
ھندستان
۾ شڪ
شبھا
پيدا
ڪيا،
ان
جي
باوجود
مسٽر
نھرو
غير
جانبدار
رھڻ
جي
پاليسيءَ
تي
ڄميو
رھيو
۽ پھرين
مارچ
سن
١٩٥٤ع
تي
ھن
صدر
آئز
نھاور
جي
آڇ
کي
ھيٺين
لفظن
۾ ٺڪرائي
ڇڏيو
:
توھان
انھيءَ
معاملي
۾ منھنجي
حڪومت
۽ اسان
جي
عوام
جي
خيالن
کان
واقف
آھيو
.
اھي
خيال
۽ اھا
پاليسي،
جنھن
تي
اسان
انتھائي
محتاط
غور
و
خوض
ڪرڻ
کان
پوءِ
ڪاربند
ٿيا
آھيون،
تنھن
جو
بنياد
اسان
جي
امن
۽ آزاديءَ
کي
اڳتي
وڌائڻ
جي
خواھش
تي
رکيل
آھي
. اسين
انھيءَ
پاليسيءَ
تي
عمل
ڪندا
رھنداسون
.“
انھيءَ
ئي
ڏينھن
تي
ھندستان
جي
وزيراعظم
آمريڪا
جي
پاڪستان
کي
ڏنل
فوجي
امداد
تي
سخت
نڪتھ
چيني
ڪئي.
۽ ان
کي
ھند
و
پاڪ
معاملات
۾
”مداخلت“
قرار
ڏنو
. ھن
چيو
تھ
آمريڪا
ايشيا
تي
” تلسط“
قائم
ڪرڻ
چاھي
ٿي
۽ اعلان
ڪيو
تھ
ھـِن
کان
پوءِ
ھندستاني
حڪمت
ڪشمير
۾آمريڪي
مبصرن
کي
غيرجابندارن
طور
تسليم
ڪرڻ
لاءِ
انتھائي
ناھي
. جيستائين
صدر
آئزنھاور
جي
آڇ
جو
واسطو
ھو
، تنھن
لاءِ
ھن
چيو
تھ
” صدر
اسان
کي
اھڙي
آڇ
ڪري
اسان
اسان
۽ خود
پاڻ
سان
انصاف
نھ
ڪيو
آھي
. جيڪڏھن
اسين
پاڪستان
کي
خود
امداد
ملڻ
تي
اعتراض
ڪريون
ٿا
۽ پوءِ
جيڪڏھن
اسين
اھائي
امداد
پنھنجي
لاءِ
قبول
ڪريون
ٿا
تھ
اسين
محض
منافق
۽ بي
اصول
موقعي
پرست
ٿينداسين.“
پاڪستان
۽ آمريڪا
جي
درميان
باھمي
تحفظ
۽ تعاون
جو
ٺاھھ١٩-
مئي
سن
١٩٥٤ع
تي
طئي
ٿيڻ
کان
فورا
بعد
سيپٽمبر
سن
١٩٥٤ع
۾ منيلا
۾ اٺن
ملڪن
جي
ڪانفرنس
ٿي
۽ سيٽو
جي
قيام
لاءِ
ھڪ
ٺاھھ
ڪيو
ويو
. جيتوڻيڪ
ڪئمبوڊيا،
لائوس
۽ ڏکڻ
ويٽنام،
جنيوا
جي
جنگبندي
واري
ٺاھھ
جي
لحاظ
کان
ھن
قسم
جي
اتحاد
۾ شامل بھ
ٿي
پئي
سگھيا،
پر
ان
ھوندي
بھ
آمريڪا
انھن
ملڪن
کي
انھيءَ
علائقي
۾ شامل
ڪري
ڇڏيو،
جنھن
کي
”مسلح
حملي“
کان
بچائڻو
ھو
. ھڪ
سال
پوءِ،
بغداد
پئڪٽ
وارو
ٺاھھ
طئي
ٿيو،
۽ ان
کي
عراق
۾ جولاءِ
١٩٥٨ع
۾ آيل
فوجي
انقلاب
کان
پوءِ
سينٽو
جو
نالو
ڏنو
ويو
. آمريڪا
جي
”دفاعي
گھيري“
۽ ”حد
اندر
رکڻ
“ واري
پاليسيءَ
جي
عين
مطابق،
جنھن
جي
تقاضا
ڪليدي
رياستن
کي
اتحادي
بنائڻ
۽ اتحاد
کان
ٻاھر
رھڻ
وارين
رياستن
کي
اقتصادي
امداد
جي
ذريعي
راضي
رکڻ
ھئي،
آمريڪا
بغداد
ٺاھھ
۾ سڌيءَ
طرح
سان
پاڻ
اتحادي
نھ
بڻي،
تھ
جيئن
ان
طرح
انھن
غير
ڪميونسٽ
مملڪتن
جا
اھي
انديشا
دور
ٿين،
جيڪي
ھن
ٺاھھ
کي
پنھنجي
علائقي
۾ ” سامراجي
مداخلت“
سمجھي
رھيون
ھيون
.
پاڪستان
سان
وري
عليحده
طور
”ماٽريل
ڊفينس
پئڪٽ
سال
١٩٥٦ “ جي
ذريعي
قول
۽ اقرار
ڪيا
ويا
.
وري
١٩٥٩ ع
جي
شروعات ڌاري
آمريڪا،
ترڪي،
ايران
۽ پاڪستان
سان
تعاون
جي
ٻھ
– طرفن
معاھدن
تي
صحيحون
ڪيون.
جن
جو
مقصد
سينٽ
جي
فوجي
پھلوئن
کي
وڌيڪ
مضبوط
ڪرڻ
ھو
.
مارچ
١٩٥٩ع
واري
پاڪستان
–آمريڪي
تعاون
جي
ٻھ-
طرفي
ٺاھھ
جي
مھاڳ
۾، آمريڪا
پاڪستان
جي
”آزادي
۽ سالميت“
جي
تحفظ
جو
اقرار
ڪيو
.
|