باب پندرھون
ملڪ جو بھترين دفاع
پاڪستان جي حڪومت کي اھڙا اقدامات ڪرڻا پوندا،جن
سان ملڪ جا اقتصادي ۽ خوراڪ جا وسيلا خود- ڪفيل
ٿين . اڪثر ترقي پذير ملڪن کي غير ملڪي امداد جي
ضرورت آھي ۽ اسان جو ملڪ مستثني ٰ نھ آھي. غير
ملڪي امداد کي تھ ٻين تي آڌار رکندڙ اقتصاديات کي
بدلائي ملڪ کي خودڪفيل بنائڻ گھرجي، پر جيڪڏھن ان
سان گڏ غير ملڪي مداخلت بھ ساڻ ايندي تھ پوءِ ٻين
تي وڌيڪ ڀاڙڻو پوندو ۽ ان طرح سان غير ملڪي امداد
جو مقصد فوت ٿي وڃي ٿو. اھو اڃا ڏسڻو آھي تھ
ھندستان ۽ پاڪستان جون اقتصاديات، جن ۾ گذريل ڏھن
– ٻارھن سالن جي دوران مغرب جي نموني تي تمام گھڻي
سرمايھ ڪاري ڪئي ويئي آھي، تنھن مان ھي ٻيئي ملڪ
خود اعتماديءَ طرف وڌيا آھن يا نھ . ڪن جو خيال
آھي تھ پاڪستان تمام وڏا قدم اڳتي وڌايا آھن ۽ ھڪ
مثالي ايشيائي ملڪ بنجي چڪو آھي، جيڪو فقط جپان
کان ٻئي درجي تي آھي. ٻيا ماڻھو وري اھا دعوي ٰ
ڪن ٿا تھ پاڪستان جي اقتصادي ترقي بي قاعدي ۽ غير
معقول آھي ۽ ان جي وسلين ۽ اھم ضرورتن جي مطابق
ناھي. ترقي ۽ نشو و نما جون علامتون بھ موجود
آھن،پر شديد قسم جي اقتصادي گڙٻڙ جا آثار پڻ موجود
آھن. مسلسل ڪوششن ۽ اقتصادي نظام جي تبديليءَ سان
پاڪستان پنھنجي مشڪلاتن تي غالب اچي سگھي ٿو.
ملڪي معيشت جو سڀني کان وڌيڪ نازڪ پھلوکاڌي جي
جنسن ۾ پنجويھن لکن ٽنن جي کوٽ آھي، پر جيڪڏھن
اھو مسئلو حل ٿي وڃي تھ اھو بيشمار قسمن جي بين
الاقوامي دٻائن جو مقابلو ڪري سگھي ٿو. ”بدقسمتيءَ
سان گھڻو قيمتي وقت ضايع ٿي ويو آھي. جيڪڏھن
پاڪستان سرڪار ٻي پنجسالھ ترقياتي رٿا ۾ زراعت جي
طرف ايتروئي توجھ ڏئي ھا، جيترو اھا موجود پنج
سالھ رٿا ۾ ڏيئي رھي آھي، تھ ملڪ ھن وقت تائين
خوراڪ جي معاملي ۾ ھوند پيرن –ڀر ٿي بھ وڃي ھا. پر
ٻي پنجسالھ رٿا جو رخ غير منطقي طور بنيادي
صنعتن کان سواءِ باقي ٻين سڀني صنعتي شعبن جي طرف
ڏانھن موڙيو ويو آھي. انھيءَ وقت اھو دليل ڏنو
ويو تھ ملڪ ايتريقدر غريب آھي، جو ڳرين صنعتن،
جھڙوڪ فولاد جي پيداوار جي صنعت جو بار نھ ٿو کڻي
سگھي. ٻيو تھ ملڪ کي خوراڪ جي معاملي ۾ خود ڪفيل
بنجڻ جي معاملي ۾ ايتريقدر گھڻي ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ جي
ضرورت ڪانھي، ڇو تھ ان جي خوراڪ جي ڪمي ھميشھ پي
–ايل-480
جي تحت آمريڪا جي فراخ دليءَ
واري امداد جي ذريعي پوري ٿي سگھي ٿي . اھم ڪم
ھڪ اھڙي وزير خزانھ ڪيو، جيڪو وزير خزانھ ھئڻ سان
گڏ عالمي بئنڪ جو ھڪ ايگزيڪيوٽو ڊئريڪٽر پڻ ھو .
ھن جي پاليسين ملڪ کي اقتصادي تباھيءَ جي ڪناري
تائين آڻي پھچايو. ملڪي دولت کي قابو ۾ رکڻ لاءِ
سرمايھ دار اميرن جو ھڪ نئون طبقو وجود ۾ آندو
ويو، جيڪو لاطيني آمريڪا جي اھڙي ئي طبقي کان ھوس
ڪاريءَ ۾ ڪنھن بھ طرح سان گھٽ ڪو نھ ھو . جيڪو
نظام قائم ڪيو ويو سو خواه ٻيو ڪجھھ بھ ھو، پر
آزاد ڪاروباري ماڻھن کي اھڙا ليسن عطا ڪيا ويندا
رھيا، جن قوم جي اجتماعي وسيلن کي ذاتي جاگيرن ۾
بدلائي ڇڏيو، لٽ مار ڪندڙ سرمايھ داري بي لگام ٿي
پيئي، جنھن مان اڻٽر سياسي نتيجا ظھور ۾ آيا ۽ ملڪ
جي ٻاھرين امداد لاءِ محتاجي گھٽجڻ بدران وڌڻ
لڳي. ھاڻي اھي ڳالھيون گذريل زماني جون ٿي ويئون
آھن. اڄ پاڪستان وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو بھ چارو
ڪونھي تھ اھو زراعت جي ميدان ۾ ڪو انقلابي ٽِپ ڏئي
۽ پيرن- ڀر ٿي بيھي.
آمريڪا پنھنجا پتا ظاھر ڪري ڇڏيا آھن. وڏين طاقتن
جون ڪارروايون باترتيب ۽ مسلسل ھونديون آھن ۽ ھاڻي
پاڪستان کي اھڙن ڪيترن ئي قسمن جي دٻائن کي منھن
ڏيڻ لاءِ تيار رھڻو پوندو، جيڪي ظاھر بھ ھوندا ۽
لڪل پڻ. ايندڙ سال فيصلھ ڪن اھميت وارا سال ھوندا
. فوجي امداد جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا جي خواھش
ھوندي تھ ننڍي کنڊ جي معاملن کي ھوا ڏني وڃي،
بشرطيڪ ويٽ نام جي حالت اجازت ڏئي. شايدپاڪستان کي
سندس معيشت ۽ ضرورت جي اھم شين جي فراھميءَ جي
سلسلي ۾ وڌيڪ ڪيترن ئي قسمن جي دٻائن جو مقابلو
ڪرڻو پوندو. اقتصادي لچڪ ۾ ڪمي اڳي ئي ظاھر ٿي چڪي
آھي. پر ڏيھي مٽا سٽا واري ناڻي جي صورت غير تسلي
بخش ٿي ويئي آھي ۽ غير ملڪي قرضن جي ادائيگيءَ سان
۽ اسان جي وڌندڙ اقتصادي، فوجي ۽ غذائي ضرورتن کي
پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي معمولي محفوظ ذخيري جو خرچ
وڌي ويندو. صورت اھا آھي تھ گذريل سال اٽڪل
9-
ڪروڙ ڊالرن جي رقم خوراڪ جي جنسن جي درآمد تي خرچ
ٿي. فوجي امداد جي خاتمي ۽ فالتو پرزن جي درآمد تي
سخت پابندين لڳڻ ڪري ملڪ جي نين ۽ وڌيل دفاعي
ضرورتن لاءِ حڪومت کي پنھنجو ٻاھريون زرمبادلو
استعمال ڪرڻو پوندو. سڻيءَ جي قيمت تيزيءَ سان ھيٺ
ڪري رھي آھي، جيڪا پاڪستان جي بيروني زرمبادلي جي
ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو آھي. سئيز واھ جو اڻ ڄاڻايل
مدت تائين بند ٿي وڃڻ، نھ فقط ڪرايھ ۽ ويمي جي
نرخن ۾ اضافي جو سبب بڻبو، بلڪ صنعتي، تجارتي مال
۽ غذائي جنسن جي فراھميءَ ۾ دير بھ ٿيندي ۽ اھا
ڳالھھ پنھنجي جاءِ تي ضرورت جي شين جي قيمتن کي
متاثر ڪندي. ھيءَ ڳالھھ شڪ واري آھي تھ موجوده
زرعي پيداوار، پنجويھھ لک ٽنن جي کوٽ کي پر ڪرڻ جي
قابل ٿيندي يا ڪيئن. خوراڪ جي جنسن مطالبن جي
جواب ۾ آمريڪا جي رويي مان ان جي انداز ِ فڪر جو
ڪجھھ پتو پوندو .
------
باب سورھون
اڳرائيءَ جي روڪٿام
پاڪستان جي سلامتي ۽ علاقائي تحفظ اقتصادي ترقيءَ
کان وڌيڪ اھميت رکي ٿو. جيتو ڻيڪ ترقي ۽ خود
ڪفالت پڻ قوم جي دفاعي صلاحيتن کي تقويت پھچائين
ٿيون، پر قومي آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ دفاعي
ضرورتن کي پوري ڪرڻ تي يڪسان توجھ ڏيڻو پوندو. ھڪ
اھڙو غير صنعتي ملڪ، جنھن وٽ ڳريون بنيادي صنعتون
بھ نھ ھجن، روايتي انداز جي اھڙي دفاعي نظام تي
آسرو نھ ٿو ڪري سگھي، جيڪو روايتي ھٿيارن سان مسلح
ٿيل ھڪ مختصر، جيتوڻيڪ نھايت باصلاحيت فوج تي
دارومدار رکندو ھجي. جيئن تھ ملڪ غريب آھي، ان ڪري
ھٿياربند فوجن جو تعداد گھڻو ٿي نھ ٿو سگھي ۽ نھ
انھن کي ھڪ مقرر حد کان اڳتي وڌائي سگھجي ٿو، ۽
جيڪڏھن وڌايو بھ وڃي تھ پوءِ ھيءَ ڳالھھ مشڪوڪ آھي
تھ اھي ھڪ اھڙي اڳرائي ڪندڙ قوم جي خلاف ٻيھر صف
آرائيءَ لاءِ ڪافي ٿينديون، جنھن جون ھٿياربند
فوجون نھ فقط تعداد ۾ وڌيڪ آھن، بلڪ اھي پاڪستان
کان زياده طاقتور ۽ گھڻي قدر بھتر ھٿيارن سان
سينگاريل بھ آھن. مستقل فوج جي واڌاري کان پيدا
ٿيندڙ اقتصادي دٻاءُ پڻ تمام گھڻو ٿيندو ۽ فوجن جي
تعداد ۽ ھٿيارن جي مقدار جي لحاظ کان ھندستان سان
مقابلي جو خيال ڪرڻ دانشمندي نھ ٿيندي. پاڪستان ڪن
افسوسناڪ سببن ڪري اڃا تائين جنگ لاءِ صنعتي
بنياد قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، جن مان ھڪ سبب
انھن ماڻھن جو حرص آھي، جن لاءِ فولاد جي درآمد
پنھنجي ملڪ اندر فولاد پيدا ڪرڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ
نفع بخش ھئي. آئينده ٿورن سالن تائين پاڪستان لاءِ
ممڪن ناھي تھ ھو پنھجين فوجن کي وڌيڪ ترقي يافتھ
ھٿيارن سان مسلح ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر صنعتي صلاحيت
پيدا ڪري سگھي ۽ نھ وري اسين انھيءَ لاءِ فقط
ھوشمند سفارتي اقدامات تي آسرو ڪري ويھي سگھون
ٿا. حقيقت ھيءَ آھي تھ ڪنھن قوم جي سفارتي سرگرمين
جو اثر ان جي جنگي صلاحيت جي نسبت سان ٿيندو آھي.
گھڻيون ئي ھوشياريءَ واريون ڳالھيون چئي ۽ ڪري
سگھبيون آھن، پر ڪنھن حقيقي خطري جي مقابلي ۾ ڪنھن
ملڪ کي سندس پنھنجي ئي طاقت تي ڀروسو ڪرڻو پوندو
آھي. بين الاقوامي حالتون ڦرنديون گھرنديون
رھنديون آھن. انھيءَ ڪري قومي سلامتيءَ لاءِ
اطمينان لائق تدبيرن کان سواءِ سفارتي سھاري تي
زياده اعتماد ڪرڻ حفاظت جو ضامن ڪونھي، وري
پاڪستان جي اقتصادي ۽ سياسي تنطيم ۾ ڪن ڪوتاھين
جي ڪري ٻاھرين حڪمت عمليءَ تي پڻ ڪجھھ بندشون آھن
. ھن ڳالھھ کي واضح ڪري ڇڏڻ گھر جي تھ پاڪستان جي
خلاف اڳرائي، حملھ آور لاءِ خطرناڪ کيل آھي ۽ ان
جو مطلب اھو آھي تھ اسان کي جنگ جي اثرائتي پيش
بنديءَ جي ڪانھ ڪا صورت تلاش ڪرڻي پوندي .
اسان جي دؤر ۾ جنگ، اجتماعي يا مڪمل جنگ جو نالو
آھي. يورپ جي سڄي جنگي حڪمت عمليءَ جو بنياد مڪمل
جنگ جي تصور تي بيٺل آھي، انڪري ھيءُ مفروضھ
قائم ڪرڻو پوندو تھ پاڪستان جي خلاف جيڪا جنگ
ڇيڙي ويندي، اھا اجتماعي يا مڪمل جنگ بنجڻ جي
صلاحيت رکي ٿي. مڪمل جنگ کان گھٽ لاءِ رٿابندي
ڪرڻ خطرناڪ آھي، انڪري اسان جي تدبيرن ۾ جوھري
مانع پڻ شامل ھئڻ گھرجي . جيتوڻيڪ اھا مشڪل ڳالھھ
آھي، پر پاڪستان لاءِ اھا چيز نھايت اھم آھي تھ
اھو ڪنھن بين الاقوامي معاھدي کان دوکي کائڻ
بدران، جنھن جو مقصد جوھري مانع کي موجوده جوھري
طاقتن تائين محدود ڪرڻ ھجي، جوھري فن سان واسطو
رکندڙ ڳالھين طرف پورو ڌيان ڏئي. ھن ڳالھھ جو
امڪان ناھي تھ ھندستان ٻين جي جوھري قوت تي ھڪ-
ھٽيءَ کي گوارا ڪندو. ھن جي پنھنجي جوھري طاقت جي
پروگرام ۽ سفارتي سرگرمين مان، جيڪي خاص طور تي
جنيوا ۾ ڏٺيون ويئون آھن، تن مان ظاھر آھي تھ ھو
پنھنجي منصوبي تي عمل ڪرڻ ۽ ھڪ ائٽم بم جي ڌماڪي
ڪرڻ جي ارادي تي مضبوطيءَ سان قائم آھي. جيڪڏھن
پاڪستان پنھنجي جوھري قوت، جي پروگرام کي محدود يا
ملتوي ڪري ڇڏي، تھ اھا ڳالھھ نھ فقط ھندستان کي
انھيءَ قابل بنائي ڇڏيندي تھ اھو جوھري قوت ۾
پنھنجي برتريءَ مان فائدو وٺي پاڪستان جو
زبردستيءَ استحصال ڪري، بلڪ ھو پاڪستان ۾ سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ وارين ڪوششن کي چٿي ڇڏڻ جھڙيون
پابنديون بھ وجھي ڇڏي.
بھرحال، ھن وقت اسان جي ڳالھھ جو تعلق جوھري تعطل
سان ڪونھي. اسان جو مسئلو مختصر طور ھيءُ آھي تھ
ان کان اڳ ۾جو ڪوئي بحران پيدا ٿئي، اسان بروقت
انھيءَ قسم جو ھٿيار ڪھڙيءَ طرح حاصل ڪري سگھون
ٿا. ھندستان، جنھن جي جوھري ٽيڪنالاجي ۾ ترقي کيس
مستقبل قريب ۾ جوھري طاقت بنائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي
آھي، پنھنجي مرضيءَ واري وقت تي اھڙو بحران پيدا
ڪري سگھي ٿو. ھو پنھنجي جوھري پروگرام لاءِ اڳيئي
غيرملڪي امداد حاصل ڪري چڪو آھي، ۽ آئينده پڻ حاصل
ڪندو رھندو. انھيءَ ڪري پاڪستان کي پڻ اھڙي ئي
پروگرام لاءِ ڪمر ڪشي بيھڻ گھرجي، جيتوڻيڪ جوھري
ھٿيار نھ تھ ڪو حقيقي مانع ثابت ٿيندو، ۽ نھ ان کي
چند سالن اندر تيار ڪري سگھجي ٿو. چنانچھ، اسان کي
مستقبل قريب ۾ ھندستان سان ڪنھن تصادم ۾ عملي
مانع طور جوھري ھٿيارن کي امڪان جي حدن کان خارج
ڪري ڇڏڻو پوندو.
ويٽ نام جي جنگ ثابت ڪري ڇڏيو آھي تھ ھڪ ننڍڙي
غريب قوم جنگي فن، دولت ۽ تعداد ۾ گھٽ ھئڻ جي
باوجود، دنيا جي سڀني کان وڏي طاقت سان جنگ جوٽي
سگھي ٿي. بيشڪ، ويٽ نام جي طبعي بناوت بھ بچاءَ
ڪرڻ وارن لاءِ مدد گار آھي، پر ٻيا غالب قسم جا
ڪي اسباب اھڙا بھ آھن، جيڪي انھيءَ فائدي کي بي
اثر بنائڻ کان بھ ڪجھھ وڌيڪ عمل رکن ٿا. اسان جي
لاءِ انھيءَ جنگ جو سبق ھيءُ آھي تھ عوام کي مسلح
ڪيو وڃي تھ جيئن اھي ڪنھن بھ اڳرائي ڪندڙ جو
مقابلو ڪري سگھن، ۽ وڏين طاقتن لاءِ سبق ھيءُ آھي
تھ کين ھن قسم جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان بچڻ گھرجي.
پاڪستان لاءِ جنگ جو بھترين مانع، ھڪ اھڙي قومي
مليشيا آھي، جيڪا پيشھ ور فوجي آفيسرن جي ترتيب ۽
سربراھيءَ ۾ عمل ڪري، ۽ جيڪا ھڪ مجموعي ۽ مڪمل جنگ
۾ مستقل فوجن جي مددگار ۽ معاون ھجي. يونيورسٽين ۾
فوجي تربيت لازمي ھئڻ گھرجي ۽ ھر ڳوٺ ۾ دلير ۽
سرگرم قسم جي جوانن جو ھڪ مستقل جٿو قائم ڪرڻ
گھرجي، جيڪو ابتدائي ھٿيارن جي استعمال ۾ چڱيءَ
طرح سان سکيا حاصل ڪيل ھجي. سئزر لنڊ ۾ ھر گھراڻي
کي ھڪ ھٿيار سٺيءَ حالت ۾ رکڻو پوندو آھي. ماڻھن
کي پنھنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ھڪ سڄي
قوم، جيڪا مسلح بھ ھجي ۽ ترتيب يافتھ بھ، جنگ جي
خلاف سڀني کان وڏي روڪٿام آھي، جيڪا ھر ترقي پذير
ملڪ کي حاصل ڪا نھ ٿي سگھي ٿي.” توب بردار جھاز
واري سياست“ اڃا تائين ختم ڪانھ ٿي آھي، پر ڪنھن
عالمي طاقت طرفان جبري استحصال اھڙي صورت ۾ڪامياب
ٿي نھ ٿو سگھي، جڏھن ھڪ ملڪ پنھنجي سڄي ساريءَ
پکيڙ ۾ مداخلت جي خلاف سينھ سپر ٿي بيھڻ لاءِ
تيار ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنھن باقاعده فوج جا ڳرا
ھٿيار بھ ڪنھن اڳرائي ڪندڙ جي مرڪوز حملن کان
تباھھ و برباد ٿي ويندا، تڏھن بھ ھٿياربند عوام جا
مضبوط ارادي وارا ويڙھو دستا ڪم ڪندا رھندا. ٽڙيل
پکڙيل جنگ اڳرائي ڪندڙ کي ڏاڍي مھانگي پوندي آھي،
۽ اھو تيزيءَ سان فتح حاصل ڪرڻ جي اميد نھ رکي
سگھندو آھي. ھڪ مڪمل طور ھٿياربند قوم جي خلاف
پراڻي فوجي مفھوم ۾ فتح حاصل نھ ٿي ڪري سگھجي.
تباھي ۽ بربادي تھ ڪري سگھجي ٿي، پر سوڀ حاصل نھ
ٿي ڪري سگھجي ۽ اڳرائي ڪندڙ خواه ڪيترو بھ طاقتور
ڇو نھ ھجي، نيٺ ذليل ۽ ڪمزور ٿي پٺتي ھٽڻ تي
مجبور ٿي ويندو . ويٽ نام جو اھوئي سبق آھي . ھن
ڳالھھ جي ڄاڻ، تھ پاڪستان تي حملو ھڪ مڪمل طور
ھٿياربند ٿيل قوم جي خلاف اجتماعي جنگ ۾ تبديل ٿي
سگھندو، ڪنھن مقابلتا وڌيڪ طاقتور اڳرائي ڪندڙ قوم
لاءِ جنگ جي خلاف ھڪ ئي حقيقي مانع ثابت ٿي سگھي
ٿي. ان کان سواءِ انھيءَ قسم جو مانع زبردست سياسي
قدر ۽ قيمت جو حامل پڻ ھوندو ۽ اسان لاءِ سياسي
ڪاررواين جي گنجائش اڳي کان وڌي ويندي.
انھيءَ تجويز تي ھن نموني ۾ اعتراض ڪري سگھجي ٿو
تھ ھٿيارن جي وڏي پئماني تي ورڇ، ڏوھن ۾ اضافو آڻي
ڇڏيندي، پر ڪجھھ سالن کان وٺي ڏوھن ۾ خطرناڪ حد
تائين واڌارو ٿي ويو آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ
ڏوھاري جي ماڻھن وٽ اڳي ئي ھٿيار موجود آھن. فقط
ڏوھن جا اھي بي گناھ شڪار باقي آھن، جن وٽ ھٿيار
ڪينھن. قصور نھ ماڻھن جو آھي ۽ نھ تجويز جو، پر
انھن سماجي حالتن جو آھي، جن ۾ وڏي تبديليءَ جي
ضرورت آھي. جيڪڏھن حڪومت اصلاحي تدبيرون اختيار
ڪري ۽ ماڻھن کي سندن حفاظت لاءِ ھٿياربند ڪرڻ جي
ضرورت کي واضح ڪري ڇڏي ۽ عوام کي مناسب حفاظتي
تدبيرون مھيا ڪيون وڃن، تھ ڏوھن جو تناسب گھٽجي
ويندو. بي گناھ ماڻھن جو بھ بچاءَ ٿيندو، ۽ ملڪي
سرحدن جي ھڪ ھڪ انچ زمين جو پڻ. ان ھوندي بھ
ھٿيارن جي تقسيم سوچ ويچار سان ٿيڻ گھرجي، ۽ منظم
مليشيا کي چند جاين تي رکڻ بدران سڄي ملڪ ۾
ڦھلائڻو پوندو. مليشيا جي ھر ھڪ ماڻھوءَ جو نالو
معلوم ھوندو ۽ ڏوھن جي عادي ماڻھن کي ڀرتي نھ ڪيو
ويندو. حقيقت ھيءَ آھي تھ آتشين اسلحھ جي استعمال
جي مشق ۽ دوبدو لڙائيءَ جي طريقن جي ترتيب پاڪستان
جي عوام انھن بي راھ قسم جي ماڻھن، کان جن جي زد
۾ ھن وقت وچولي درجي جا ماڻھو بھ آھن، حفاظت ڪندي.
ھڪ چڱي نموني سان منظم ۽ سٺي قيادت ھيٺ مليشيا جي
تشڪيل ماڻھن ۾ شھري ذميوارين جو احساس پيدا ڪري
نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ مدد گار پڻ ٿي سگھي ٿي.
------
باب سترھون
وڌندڙ بحران جو مقابلو ڪيئن ڪجي
ھڪ قومي بحران قومي عطمت جي تقاضا ڪندو آھي، ۽ ان
جو مقابلو قرباني ۽ ايثار جي جذبي سان ڪرڻ گھرجي.
مسلمانن جي دل ۾ انھيءَ قسم جي آزمائش جو مقابلو
ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ جي لفظن تي غور ڪرڻ کان بھتر
ٻي ڪا بھ صورت ڪانھي :
”سچ ۽ حق جي بچاءَ ۾ جنگ وجدل بيخياليءَ سان نھ
ڪرڻ گھرجي، ۽ انھيءَ (فرض) کان منھن موڙڻ نھ
گھرجي. حياتي ۽ موت الله تعالي ٰجي ھٿ ۾ آھي، ھر
ڪنھن کي خدا جي راھ ۾ لڙڻ لاءِ چونڊي نھ ٿو سگھجي.
ان ۾ وفاداري، استقامت ۽ ايمان جي ضرورت ھوندي
آھي. اھي ڳالھيون ميسر ھجن تھ وڏن لشڪرن کي اھي
ماڻھو ڀڄائي سگھن ٿا، جيڪي ان راھ ۾ جھاد ڪن ٿا
.“
سن
1965ع
۾ ڪنسورشيم واري بحران جي ڏينھن ۾ حڪومت انھيءَ
مسئلي کي سڌيءَ طرح سان پاڪستان جي عوام تائين کڻي
ويئي ۽ انھن جي مدد سان ملڪ ڪاميابيءَ سان انھيءَ
بحران تي قابو حاصل ڪري ورتو. موجوده بحران وڌيڪ
شديد آھي ۽ عوام کي سچي ڳالھھ ٻڌائڻ گھرجي تھ
پاڪستان کان ڪھڙا مطالبا ڪيا پيا وڃن ۽ پاڪستان
انھن کي ڇو تسليم نھ ٿو ڪري سگھي. ترقي پذير ملڪ
مادي ذريعن سان انھن عظيم طاقتن جي دٻاءُ جو
مقابلو نھ ٿا ڪري سگھن، جيڪي خاموش سياست گريءَ
جي ذريعي پردي پٺيان رھي وڏي تباھي مچائي سگھن
ٿيون. انھن کي تھ فقط گوناگون تدبيرون عمل ۾
آڻڻيون پونديون آھن، جن جي ذريعي اھي مٿن آڌار
رکندڙ مملڪتن جي اقتصادي ۽ معاشرتي توازن کي درھم
برھم ڪري رکنديون آھن يا حڪومتن جا تختا اونڌا
ڪنديون آھن . عظيم ۽ عالمي طاقتون پردي پٺيان رھي
خاموشءَ سان عمل ڪرڻ پسند ڪنديون آھن ۽ ھن باري ۾
ڪيئي سبب پيش ڪيا ويندا آھن تھ اختلافن تي کليل
بحث ڇو نھ ڪرڻ گھرجي. اھڙي مملڪت کي چيو ويندو تھ
ڳالھھ کي کولڻ ۽ شور ۽ غلغلي ڪرڻ سان ڳالھين جي
فضا وڌيڪ زھريلي ٿي ويندي. اھڙين مملڪتن وٽ، جن وٽ
عالمي طاقتن جي خلاف استعمال ڪرڻ جا بيرم ڪين
ھوندا آھن، ھن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نھ ھوندو
آھي تھ اھي انھن جي ڪارستانين جو پردو فاش ڪري
پنھنجي عوام کي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪن. انھيءَ
ڪري ترقي پذير قومون اقوام متحده جي جنرل
اسيمبليءَ جھڙا بين الاقوامي پلئثفارم ڳولينديون
آھن تھ جيئن دنيا کي انھن مشڪلاتن کان آگاھ ڪري
سگھجي. جيڪي کين آزاديءَ ۽ بھتر زندگيءَ جي
جدوجھد ۾ پيش اچن ٿيون .
پاڪستان لاءِ ھن ڳالھھ تي يقين ڪرڻ تھ آمريڪا سان
سندس موجوده اختلاف خفيھ سياست گريءَ ۽ پنھنجي
عوام کي بي خبر رکڻ سان حل ٿي سگھندا، ھڪ موتمار
غلطي ٿيندي. اھي اختلاف ۽ اھي بنيادي مسئلا، جن کي
اھي جنم ڏين ٿا، عوام جي مستقبل تي اثر انداز ٿين
ٿا ۽ اھي کين ضرور سمجھائڻ گھرجن. جيڪڏھن کين
سندن ليڊرن ۾ يقين ۽ انھن جي فيصلن ۾ اعتماد ھوندو
تھ اھي مقابلي ۽ قربانين لاءِ ڪمر ڪشي بيھندا، ۽
سڀني قومي مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي
حڪومت جي پٺيان ھڪ ناقابل تسخير قوت وانگر ڄمي
بيھندا. رٿابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئر مين چيو آھي
تھ اسين پنھنجي اقتصادي آڌار ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رھيا آھيون تنوع پيدا ڪرڻ جو اھو عمل ٽي
سال اڳي شروع ٿي چڪو ھو. ان کي گھڻو اڳي شروع ٿيڻ
گھربو ھو، پر انھيءَ وقت اسين ھن فريب ۾ مسبتلا
ھئاسون تھ ٿورن گھڻين ترميمن ۽ تبديلين سان، جن جو
نتيجو وڌيڪ محتاجيءَ جي صورت ۾ نڪري ھا، پاڪستان
پنھنجين خارجي مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪري سگھندو.
جيڪڏھن اسين ان طرح سان جاڳندي خواب ڏسندا رھياسون
تھ پاڪستان شايد پنھنجو آخري موقعو بھ ھٿان وڃائي
ويھي.
تاريخ جي ڌاري کي بدلائي نھ ٿو سگھجي. اسين ايشيا
۾ رھون ٿا ۽ اسان کي ايشيائي صورتحال کي خيال ۾
آڻڻو آھي، جتي ايندڙ ڏھن سال جي مدت اندر وڏيون
انقلابي تبديليون اچڻ واريون آھن. جيڪڏھن اسان
مضبوط رھياسون ۽ صحيح رخ ۾ غير متزلزل قدم کنياسون
، تھ بحران حل ٿي ويندو. بھرحال، ڪي نوان مسئلا
کڙا ٿي ويندا، جن مان گھڻا تڻا ناقابل عبور نظر
ايندا، پر ارادي جي مضبوطي ۽ اتحاد سان ڪو بھ اھڙو
مسئلو ڪونھي، جيڪو حل ٿي نھ سگھي. پاڪستان جا غريب
ماڻھو ھميشھ ڪنھن بھ ھٻڪ کان سواءِ سخت حالات ۾
پورا لٿا آھن. ھاڻي رعايت يافتھ ماڻھن کي بھ ائين
ڪرڻ گھرجي. اسين قيادت جي ذميوارين کان بچي نھ ٿا
سگھون. ھاڻي اھو رھنمائن جو ڪم آھي تھ اھي
آزاديءَ جي جھنڊي کي اوچو رکن ۽ ايثار جي جذبي سان
اڳتي وڌن. اسان کي فيصلو اھو ڪرڻو آھي تھ اسين
ڪشمڪش جو مقابلو ڪريون يا ٻاھرين دٻائن آڏو گوڏا
جھڪائي ڇڏيون ۽ سرد جنگ ۾ ھڪ قبر جي تختي بڻجي
رھون . قرآن پاڪ ۾ لکيل آھي :
” ۽ اسين انھن ماڻھن کي فتح جي خوشي عطا ڪنداسون
جيڪي مظلوم آھن ۽ جيڪي روءِ زمين تي انصاف ۽
آزاديءَ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجھد ڪن ٿا، اھي ئي
آھن، جن کي اسين قيادت جي درجي تي فائز ڪنداسين ۽
اھيئي ماڻھو قيادت جا وارث ٿيندا، جيڪي انسانن جي
مساويانھ فلاح ۽ بھبود جي تعمير ڪندا.“
ديوار جي تحرير تھ بنان ڪنھن شڪ و شبھي جي
1964ع
۾ ئي ظاھر ٿي ويئي ھئي، جڏھن آمريڪا پنھنجن
انھن فيصلن جي باوجود، جن ۾ ان پاڪستانين جي خدشن
جو لحاظ ڪندي ھندستان کي وقتي ۽ ترميم لائق بنيادن
تي ڊگھي عرصي لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو
ھو . انھيءَ نئين فيصلي ڪرڻ ۾ آمريڪا، پنھنجي سڀني
کان وڌيڪ قول ڏنل ايشيائي حليف سان تعلقات جي
ڪشيدگيءَ ۾ اضافي ٿيڻ جي خطري کڻڻ ۾ بھ ڪا پس و
پيش ڪا نھ ڪئي. جڏھن پاڪستان اھو اڻوڻندڙ فيصلو
ڳڙڪائي ويو، ۽ پنھنجي سلامتيءَ جي مفادن کي پڻ نظر
انداز ڪري سرد جنگ جي قول ۽ اقرار کان نھ ڦرڻ جو
فيصلو ڪيو، تڏھن آمريڪا ائين سمجھيو تھ پاڪستان
ڪنھن قسم جي جوابي ڪارروائي نھ ڪندو، ۽ انھيءَ
نتيجي جي روشنيءَ ۾ ھن ھندستان کي ملندڙ امداد جو
مقدار اڃا بھ وڌائي ڇڏيو. پاڪستان پنھنجي حيثيت کي
درست ڪرڻ جا ڪيئي بھترين موقعا ھٿان وڃائي ڇڏيا
آھن، ۽ ھاڻي ان جي متعلق ڪنھن قدم کڻڻ جو وقت
تيزيءَ سان ھٿن مان ترڪندو پيو وڃي. بروقت قدم
کڻڻ ۽ پھريون وار ڪرڻ جي جيڪي ڪامياب عمل جا اھم
جزا ھوندا آھن، تن جي پاڪستان جي سياست ۾ اوتري
ئي ڪمي ڏٺي ويئي آھي، جيتري صحتمند سياست بصيرت
جي.
جيڪڏھن پاڪستان پنھنجي موجوده مشڪلاتن تي قابو
حاصل ڪرڻ لاءِ قربانين ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، تھ
پوءِ کيس ڪشمير جي جھڳڙي کي سردخاني ۾ رکي ھندستان
سان تعاون ڪرڻ ۽ عوامي جمھوريھ چين سان مختلف
رويو اختيار ڪري آمريڪا سان ٺاھھ ڪرڻو پوندو. ان
جي معاوضي ۾ ھو آمريڪا جي فوجي ۽ اقتصادي امداد ۾
اضافي جو حقدار بنجي پوندو ۽ خوراڪ جو مسئلو اسان
کي وڌيڪ پريشان نھ ڪندو. بھرحال اھڙن شرطن جي
منظوريءَ جو نتيجو ، اھم تر قومي مفادن تان
دستبرداريءَ جي صورت ۾ رونما ٿيندو. ان کان علاوه،
چين جي مستقل دشمني پڻ خريد ڪرڻي پوندي. پاڪستان
کي ڪنھن بھ فائدي ملڻ کان سواءِ، ننديو ويندو،
ناڪاميءَ جو احساس وڌي ويندو ۽ اسين گھيري ۾ اچي
وينداسون. ان مان ھندستان کي، جيڪو مشترڪھ اقتصادي
مھمن يا ٻين رعايتن جو محض ھن ڪري طلبگار آھي تھ
پاڪستان ان جو مڪمل تابعدار ٿي وڃي، وڌيڪ اڳرائيءَ
جو حوصلو ملي ويندو. جيڪڏھن افغانستان سان تعلقات
بھتر نھ ٿيا تھ ان مان انھيءَ ملڪ لاءِ پڻ ڪجھھ
رستا کلي ويندا. ھندستان طرفان جارحيت ۽ افغانستان
طرفان گڙ ٻڙ جي صورت ۾ آمريڪا پاڪستان جي مدد نھ
ڪندي، ڇاڪاڻ تھ ٻيئي ڪميونسٽ ملڪ آھن. ١٩٦٥ع
واريءَ ھندو پاڪستان جنگ انھيءَ معاملي ۾ آمريڪا
جي طرز عمل جو ڪافي ثبوت ڏيئي ڇڏيو ھو. ان جي
ابتڙ، چين يا سو ويت يونين سان تصادم جي صورت ۾
آمريڪي امداد پاڪستان کي آخري شڪست کان بچائڻ
لاءِ ڪافي نھ ٿيندي.
خيال جي ھر زاويي کان واحد صحيح رستو اھو ئي آھي
تھ انھن ٽن عالمي طاقتن سان درست تعلقات قائم ڪيا
وڃن ۽ دنيا جي انھن باقي سڀني طاقتن سان، جن سان
اسان جا مفاد مشترڪھ آھن، تعلقات وڌائڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃي. ٽي سال ٿيا تھ مون پاڪستان جي قومي
اسيمبليءَ ۾ چيو ھو تھ آمريڪا سان اسان جا تعلقات
افراط، ۽ چين ۽ سو و ويت يونين سان تفريط جي
بنياد تي آھن. اسان جي حڪمت عملي اھا ھئڻ گھرجي
تھ اسان ٽنھي وڏين طاقتن سان پنھنجي تعلقات کي
معمول تي آڻيون . اسان کي معلوم ھو تھ عبوري وقفي
۾ مشڪلاتون اينديون، پر اسان کي اعتماد ھو تھ ھڪ
دفعو تعلقات کي درست ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو تھ
پوءِ ٽنھي سان اسان جا تعلقات خوشگوار ٿي ويندا.
پاڪستان آمريڪا سان، جيڪا ھڪ اھڙي عالمي طاقت آھي،
جنھن پاڪستان جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪافي مدد ڏني
آھي، دوستانھ ۽ درست تعلقات قائم رکڻ چاھي ٿو.
جڏھن ھندستان سان ناراضگيءَ آمريڪا کي پاڪستان جي
وڌيڪ ويجھو آڻي ڇڏيو، تڏھن اسان جلدبازيءَ ۾ اھو
نتيجو ڪڍيو تھ آمريڪا اسان جو مستقل فطري دوست
آھي پر بين الاقوامي سياسيات ۾ ”فطري دوست“ جو
اصطلاح بي معني ٰ آھي. انھيءَ اصطلاح جو استعمال
دنيا جي معاملن کي ذره روماني انداز ۾ ڏسڻ جي
غمازي ڪري ٿو. حڪومتن جي درميان مشترڪھ مفاد ھوندا
آھن، پر ڪا بھ مستقل فطري دوستي ڪا نھ ھوندي آھي.
نھروءَ جو زمانو گذري چڪو آھي. ھندستان ھاڻي ھٺيلو
ناھي ۽ ھند ۽ پاڪستان جي صورتحال ھاڻي ھڪ نئين دؤر
۾ داخل ٿي چڪي آھي.ھاڻي، اھا ڳالھھ آمريڪا جي
عالمي مفاد ۾ آھي تھ اھا پاڪستان ۽ ھندستان جو پاڻ
۾ صلح ڪرائي. تھ جيئن جپان کان وٺي ننڍي کنڊ تائين
چين جو گھيرو مڪمل ٿي وڃي. انھيءَ قسم جو موقعو
موجود آھي ۽ آمريڪا ان مان فائدو پرائڻ جي ھر ممڪن
ڪوشش ڪندي. وچ اوڀر جي تبديلين کان پوءِ آمريڪا
جي حڪومت شايد اھو خيال ڪري تھ ننڍي کنڊ ۾ سندس
مقصد جو حصول ان لاءِ وڌيڪ آسان ٿي پيو آھي .
پاڪستان جا تعلقات ھڪ ڊگھي عرصي تائين انھن ٻن
عظيم طاقتن سان، جيڪي ان جون ويجھيون پاڙيسري
آھن، خوشگوار نھ رھيا ۽ اھا ڳالھھ ھن جي باوجود
ھئي تھ انھن سان اسان جي مفادن جو ڪو بھ ٽڪراءُ ڪو
نھ ھو. ھاڻي ھڪ ٻي عالمي طاقت سان اختلاف آھي تھ
پاڪستان کي انھيءَ صورتحال جو دليريءَ سان مقابلو
ڪرڻ گھرجي. دفتر خارجھ جي ھڪ ترجمان چيو آھي تھ
پاڪستان –آمريڪي تعقات ۾ ھڪ باب جو خاتمو ٿيو آھي.
آءٌ ائين چوندس تھ ھڪ سڄو ڪتاب لکجي چڪو آھي ۽
ھاڻي اھو تاريخ جي طاق مٿان رکيو آھي اچو تھ دوستي
۽ مساوات جي بنيادن تي غلط ڳالھين فرض ڪرڻ ۽ ھڪٻئي
جي تعلقات ۾ مداخلت ڪرڻ بغير، ھڪ نئين ڪتاب جا
شروعاتي صفحا لکون. اسان جي تعلقات ۾ ڪو بھ بغض نھ
ھئڻ گھرجي. اسان ماضيءَ ۾ ھڪٻئي کي مدد ڏني آھي .
ائين چئي نھ ٿو سگھجي تھ پاڪستان، آمريڪا جي
عالمي پاليسين لاءِ، پاڻ کي وڏن خطرن جي زد ۾ ڪو
نھ آندو ۽ تڪليفون برداشت نھ ڪيون. پر پاڪستان
انھيءَ رفاقت مان ڪجھھ فائدو بھ پرايو آھي ۽ ھڪ
مفھوم ۾ اسين ھاڻي بھ ھڪٻئي جي خدمت ڪري سگھون ٿا.
حڪومتن جي باھمي تعلقات ۾ حد ِ فاصل ڪڏھن بھ نھ
ايندي آھي . وقت گذرڻ سان ھڪ خاص تعلقات جي خواھش
ترڪ ڪري سگھبي آھي، جنھن مان ٻنھي ملڪن کي وڌيڪ
حقيقت پسندانھ سطح تي ھڪٻئي سان تعاون جو موقعو
ملندو. جيڪڏھن آمريڪا کي سچ پچ انھن تنازعن ۾
منصفانھ امن جي طلب آھي، جن ۾ ھو ڦاٿل آھي تھ
پاڪستان لاءِ ان جي واسطي پنھنجين ڪوششن کي ڪم
آڻڻ جو موقعو ملي سگھي ٿو. اسان جي آمريڪا سان
تعلقات کي ھن ڪري ڌڪ لڳو آھي، جو اسان ويٽ نام
واريءَ جنگ ۾ آمريڪين جي پاران ھٿيارن کڻي ھلڻ ۽
جنگ کي وسيع ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو. ڪو وقت اھڙو بھ
اچي سگھي ٿو، جو آمريڪا کي امن جي تلاش ۾ جنگ جي
ميدان ڇڏڻ جي خواھش پيدا ٿئي ، ان وقت پاڪستان
قابل ِ ذڪر ڪردار ادا ڪري سگھندو.
چين ۽ آمريڪا جي درميان تنازعا ھميشھ لاءِ ھلڪي نھ
ٿا سگھن. يا تھ اھي سڄي ايشيا ۽ ان کان پري وارن
ملڪن جي مڪمل تباھي آڻيندا يا اھي دٻجي ويندا.
جيڪڏھن آخري ذڪر ڪيل صورت پيدا ٿي، تھ پوءِ ٻنھي
جي طرفان پاڪستان وڏين طاقتن جي دٻاءَ جي مقابلي
جو قدر ڪيو ويندو. جيڪا شيءِ آمريڪا کي اڄ غير
دوستانھ رويو معلوم ٿئي ٿي، اھا شايد سڀاڻي جٽادار
امن جي مفاد جي حق ۾ ۽ خود آمريڪا جي وڌيڪ اعليٰ
مقصدن جي مطابق نظر اچي . جيڪڏھن اسان جو نقطھ
نظر منصفانھ ھوندو تھ پوءِ اسين ڪنھن بھ صورتحال-
حتي ٰڪ جيڪڏھن ضرورت درپيش آئي تھ مڪمل علحدگي- جو
پڻ مقابلو ڪري سگھنداسون، حالانڪ جيڪي ماڻھو
منصفانھ مقصد رکندا آھن، تن کي شاذ و نادرئي بلڪل
علحده ڪيو ويندو آھي .
پاڪستان کي ھندستان سان تنازعي جي معاملي ۾ آمريڪا
سان تقابل جي صورتحال کي ٽارڻ جي سخت ڪوشش ڪرڻ
گھرجي، پر جيڪڏھن آمريڪا اسان جي سڀني ڪوششن جي
باوجود ھڪ اھڙي پاليسيءَ تي گامزن رھي، جيڪا اسان
جي مفادن جي خلاف ھوندي تھ پوءِ اسان کي مقابلي
کان ڇرڪڻ نھ گھرجي. اسان کي گھرجي تھ اسين ھندستان
سان پنھنجي اختلافن کي آمريڪا سان تعلقات کان الڳ
رکون ۽ ان سان اھڙن صحيح تعلقات جو سلسلو قائم
رکون، جنھن جو بنياد غير مشروط ۽ ڪنھن پيش بنديءَ
کان سواءِ ھن ٺاھھ تي رکيل ھجي تھ اھا اسان جي
داخلي معاملن ۾ دخل اندازي نھ ڪندي، ۽ پاڪستان کي
ھن ڳالھھ لاءِ مجبور نھ ڪندي تھ ھو ھندستان سان
اِن طرح جو ڪو تصفيھ ڪري، جيڪو پاڪستان جي اھم
مفاد جي منافي ھجي. جيڪڏھن انھيءَ قسم جي ڪوشش
ناڪام ٿي وڃي تھ ترجيح لائق اھو رستو ٿيندو تھ ٽين
دنيا جي ملڪن جي پشت پناھيءَ سان گڏ، جن مان اڪثر
اسان جي خود اراديت جي حق جي حمايت ڪن ٿا، ۽
انھن عظيم ۽ نيم عظيم طاقتن جي حمايت سان، جن کي
اسان سان ھمدردي آھي، اجتماعي محاذ آرائي جي حڪمت
عملي اختيار ڪئي وڃي.
1958ع جي آخري ۽ 1959ع
جي شروعاتي حصي ۾ ھندستان ۽ پاڪستان کي دفاع جي
معاملي ۾ تعاون تي آماده ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون
ڪيون ويئون . انھيءَ تجويز جي ناڪاميءَ جو ھڪ سبب
اھو ھو تھ آمريڪا جي طرفان انھيءَ مقصد لاءِ ان
کان اڳي جيڪو ميدان ھموار ڪيو ويو ھو، سو ناڪافي
ھو. گذريل تجربي جي روشنيءَ ۾ ھاڻي محتاط ڪوششون
ڪيون پيئون وڃن. رھنمائن ۽ صحافين جي باھمي دورن ۽
ٻنھي ملڪن جي درميان سفر جي شرطن ۾ نرمي جي
متعلق ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن. ان سان گڏئي
مشترڪھ منصوبن جي ضرورت ۽ ھٿياربند فوجن ۾ ڪميءَ
جي معاملن تي زور ڏنو پيو وڃي. خيال ھيءُ آھي تھ
موجوده حالتن کي برقرار رکيو وڃي ۽ ڪنھن ڏينھن ھڪ
باھمي ٺاھھ يا ننڍن ننڍن باھمي معاھدن جي ذريعي ان
تي مھر ھڻي نيٺ مسئلي کي حل ڪيو وڃي.
--------
|