سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 4

 

شهرين جي مفاد جا گروپ

ڪنهن به جمهوري معاشري ۾ ووٽرن کي اهڙين وچين جماعتن جي ضرورت پوندي آهي، جن جي وسيلي هو پنهنجو آواز اختياريءَ وارن تائين پهچائي سگهن. آمريڪي ووٽرن جي انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻن قسمن جون جماعتون آهن: هڪڙيون خاص مفادن جون منظم جماعتون ( Organized interest groups) جيڪي عورتن توڙي مردن کي سندن خاص گهرُجن بابت راءِ ظاهر ڪرڻ لاءِ راهه پيدا ڪنديون آهن، ۽ ٻيون سياسي جماعتون، جيڪي کين عام مفادن متعلق خيالن جي اظهار جو موقعو ڏينديون آهن. هن باب ۾ اسين مفادي گروپن ( interest group)  جي سرشتي ۽ تنظيم تي بحث ڪنداسين، ۽ ٻئي باب ۾ وري آمريڪي سياسي جماعتن جي سرشتي بابت ڳالهائينداسين.

آئين جي پهرينءَ ترميم موجب، هر شهريءِ کي ڳالهائڻ يا تقرير  ڪرڻ جي آزاديءَ جو حق، پُر امن نموني ۾ گڏجڻ يا جلسن جلوسن جو حق، ۽ ” اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ پڪارڻ“ جو حق ڏنل آهي. اهي سڀيئي حق گڏجي، شهريءَ کي ووٽ ڏيڻ جي ٺلهي حق کان مٿي، ملڪي يا مقامي مسئلن بابت پاليسي ٺاهڻ جي سڄي سرشتي ۾ حصي وٺڻ جي آزادي ڏين ٿا. عملي طرح ان جو مطلب اهو به ٿيو ته هر طبقي جا شهري، پنهنجن خاص معاشي، سماجي ۽ تفريحي مفادن جي پورائيءَ خاطر، انهن بابت ٺهندڙ پاليسين تي پنهنجي دٻاءَ وجهڻ لاءِ ٻين سان شامل ٿيا آهن.

مفاد جا منظم گروپ، جن کي ڪڏهن ڪڏهن دٻاءَ وجهندڙ گروپ ( Pressure groups) به چيو ويندو آهي، پنهنجن ميمبرن جي ضرورتن سان واسطو رکندا آهن. هو سڀني شهرين جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن. هو ووٽرن جي منظوريءَ  يا نامنظوريءَ لاءِ ڪو به اميدوار نه بيهاريندا آهن. ان جي بدران، هو عوامي عهديدارن کي هن ڳالهه تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن اهي اهڙا معقول ۽ قابل قبول قانون ٺاهين ۽ عمل ۾ آڻين، جيڪي سندن گروپ جي مفادن وٽان هجن.

آمريڪا ۾ انهن ” دٻاءُ وجهندڙ“ گروپن جو وڏو لشڪر آهي. مزدورن جي نمائندگي، رياستن جي گاديء وارن شهرن ۽ واشنگٽن ۾، اتي جون مزدور تنظيمون ۽ ”آمريڪي فيڊريشن آف ليبر- ڪانگريس آف انڊسٽريل آرگنائيزيشن“ (AFL-CIO: American Federation of Labour Congress of Industrial Organization)  ڪنديون آهن. وڏن صنعتڪارن جي نمائندگي ”ڪارخانيدارن جي قومي انجمن“ (NAM: National Association of Manufacturers) ڪندي آهي. ملڪ جي هر شهر ۽ ڳوٺ جي ننڍن واپارين کي پنهنجي قومي جماعت آهي، جنهن کي ” آمريڪي واپار جو ايوان“ ( United States Chamber of Commerce)  چيو وڃي ٿو. هاري وري ٽن وڏين جماعتن مان هڪ کي پسند ڪري سگهن ٿا:  جهڙوڪ ” آمريڪن فارم بيورو فيڊريشن“ ( American Farm Bureau Federation) ، ” هارين جي يونين“ ( Farmers Union)، ۽ ” دي گرينج“ ( The Grange). مختلف مذهبي فرقن  مان هر هڪ کي پنهنجي ديول جي جماعت آهي. ان کان سواءِ ٻيون به تنظيمون آهن، جيڪي سندن مفاد جي حفاظت ڪن ٿيون:  جهڙوڪ ڪرستانن ۽ يهودين جي آمريڪي ڪائونسل ( American Council of Christians & Jews National)  يسوع مسيح جي ديولن جي قومي ڪائونسل  ( Council of Churches of Christ) ، ۽ ڪئٿلڪ ڀلائيءَ جي قومي ڪائونسل  National Catholic Welfare Council شڪارين ۽ مهاڻن جون به گهڻيون جماعتون آهن، جيڪي پنهنجين ايراضين کي صنعتن هيٺ اچڻ کان روڪڻ ۽ جانورن ۽ مڇين کي واپاري مفادن کان بچائڻ لاءِ، پنهنجي فائدي جا قانون ٺهرائڻ لاءِ ڪوشش وٺنديون آهن. نسلي گروپن جي نمائندگي، ” رنگ وارن ماڻهن جي ترقيءَ  جي قومي انجمن“  National Association for the Advancement of Coloured People، نسلي هڪجهڙائيءَ جي ڪانگريس  Congress of Racial Equality ۽ شهري ليگ  Urban Leagueڪنديون آهن. جيڪي ماڻهو حڪومت ۾ سڌارا آڻڻ گهرن، اهي درجن کن جماعتن مان ڪنهن به هڪ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. عورتون، عورتن ووٽرن جي ليگ ( League of Women Voters)  ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون، جنهن جو مقصد هر سطح تي سڌارا آڻڻ آهي. ” آميريڪنس فار ڊيمو ڪريٽڪ ائڪشن“  The Americans for Democratic Action  ۽ ” ڪاميٽي فار اي مور افيڪٽو ڪانگريس“  The Committee for a More Effective Congress جهڙيون جماعتون  آزاد ملڪي ۽ پرڏيهي  پروگرامن لاءِ اثر استعمال ڪن ٿيون. پراڻن فوجين لاءِ وري درجن کن جدا جماعتون آهن، جن مان هو پنهنجي پسند جي ڪنهن به جماعت سان شريڪ ٿي سگهن ٿا.

گهڻو ڪري شهري انهيءَ جماعت ۾ ويندو آهي، جنهن جا ميمبر سندس سياسي ۽ اقتصادي نظرين سان اتفاق رکندا هجن. سياسي مسئلن تي ته ماڻهو پنهنجي ليکي سوچي سگهن ٿا، پر هو اهڙين تنظيمن ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن، جن ۾ سندن خيال وارا ٻيا ماڻهو موجود هجن. اسان کي خبر آهي ته ڪٽنب سياسي ۽ معاشي سوالن تي اتفاق ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. (1).

جيڪڏهن ائين نه هجي ته جيڪر ڪٽنب جي ڀاتين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃي. وڏن پر گهٽ گهَرِن گروپن ۾ موافقت لاءِ ايترو دٻاءُ نه پوندو آهي، پر تنهن هوندي به ان جي اهميت آهي. اهو هڪڙي غير معمولي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته هڪ اهڙيءَ جماعت ۾ چستي ڏيکاري، جنهن جا ميمبر سندس خيالن سان اتفاق نه ڪندا هجن. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته هڪ عام ماڻهو يا ته جماعت ڇڏي وڃي ٿو، يا وري دلچسپي وٺي ٿو، اوترو ئي اهو بي تعلق هوندو آهي ته عوامي مسئلن بابت سندس ۽ سندس ساٿين جا خيال ساڳيا آهن يا نه.

مفادي جماعتن جا قسم

شهرين جي مفاد واريون هزارين جماعتون آهن، جن کي واشنگٽن ۽ رياستن جي گاديءَ وارن شهرن ۾ پنهنجيون آفيسون آهن. اهي جماعتون پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊيل عملدارن ۽ سرڪاري آفيسرن تي اثر استعمال ڪنديون آهن. انهن ”دٻاءَ استعمال ڪندڙ“ جماعتن جي تنظيم ۾ ڪافي فرق آهي. انهن جا طريقا، جماعتن جي قسمن ۽ مقصدن سببان، مختلف آهن. اسين هر هڪ جو جدا جدا بيان چٽيءَ طرح نه ڏيئي سگهنداسين، تنهنڪري انهن جماعتن جي بيان ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ڪجهه قسم مقرر ڪيا وڃن، جن ۾ انهن جماعتن جي اڪثريت اچي وڃي ٿي. جماعتن کي انهن قسمن هيٺ آڻڻ لاءِ، انهن جي تنظيم جي ڪجهه حصن کي نظرانداز ڪرڻو پوندو، پر ان سان ڪنهن به اهم جماعت جي اصليت ۾ ڪو به فرق نه ايندو.

ائين ڪرڻ لاءِ اسين انهن جماعتن کي چئن قسمن ۾ ورهائينداسين. پهريون اهي جماعتون، جن جا ميمبر ٿورا آهن، پر انهن کي آفيس جي عملي لاءِ ۽ عوام سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻي موڙي آهي. انهيءَ قسم جو مثال ”ڪارخانيدارن جي قومي انجمن“ (NAM)  آهي، جنهن جي ميمبرن ۾ آمريڪا جون ڪجهه سڀ کان وڏيون ڪارپوريشنون شامل آهن. ٻيون ”رنگ وارن ماڻهن جي ترقيءَ  جي قومي انجمن“  جهڙيون جماعتون جن جي اها خوش قسمتي آهي جو کين ميمبر ۽ پئسا ٻيئي گهڻا آهن. چوٿون اهي ننڍيون جماعتون، جن کي پئسا، گهڻا نه آهن، پر عوام طرفان سندن ميمبرن جي عزت سببان اهي ڪافي اثر رکن ٿيون. انهيءَ قسم جو بهترين مثال ”ائٽمي سائنسدانن جي فيڊريشن“ (The Federation of Atomic Scientists)  آهي.

اهو ظاهر آهي ته ڪجهه مفاد واريون جماعتون مٿي ٻڌايل قسمن جون حدون اورانگهي وڃن ٿيون. ”آمريڪي طبي انجمن“ ( The Amdrican Medical Association)  کي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي اڪثريت شامل آهي، گهڻا ميمبر آهن ۽ جيڪڏهن گهري ته ڪنهن خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي رقم به گڏ ڪري سگهي ٿي. انهيءَ کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڊاڪٽر ” آمريڪي طبي انجمن“  جا ميمبر آهن، شهرين جي اڪثريت ۽ سرڪاري  عملدار انهن جي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن.

مفاد وارين جماعتن جا مقصد

مفاد واريون جماعتون عوامي پاليسين تي اثر وجهڻ لاءِ پنهنجيءَ ڪوشش ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج مقصد، يا انهن مان ڪو به هڪ، نظر اڳيان رکنديون آهن. پهريون – اهي ڪنهن خاص پاليسيءَ جي مخالفت يا فائدي ۾ عام راءِ کي پنهنجي طرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. اهڙيءَ حالت ۾ اهي عوام تائين پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ پرچار جو هر طريقو اسعتمال ڪنديون آهن(1). ٻيو – اهي سياسي جماعتن طرفان ٿاڦجندڙ اميدوارن جي چونڊ وقت ۽ پنهنجي مقصد وٽان اليڪشن جي نتيجي لاءِ اثر استعمال ڪنديون آهن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي گروپ پنهنجيءَ پسند جي سياسي جماعت کي مالي امداد ڏيندا آهن، ۽ ابتدائي ۽ عام چونڊن جي مهم ۾ گرمجوشيءَ سان حصو وٺندا آهن. ٽيون – مفاد واريون جماعتون، ٻنهي وڏين سياسي جماعتن جي منشورن ۾ پنهنجن اهم مسئلن کي شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. اهو ڪارج سڌ ڪرڻ لاءِ هي جماعتون سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪنديون آهن، ۽ پارٽيءَ جي قومي ۽ رياستي گڏجاڻين جي منشور تيار ڪندڙ ڪميشن اڳيان پنهنجا خيال پيش ڪنديون آهن. چوٿون – اهي جماعتون قانون ٺاهيندڙ ادارن تي وڌيڪ ڌيان  ڏينديون آهن، ۽ ان سلسلي ۾ قانون ٺاهيندر ادارن جي ڪميٽين يا ميمبرن کي پنهنجين خواهشن کان واقف ڪنديون آهن. پنجون – اهي جماعتون قانوني سرشتي تي اثرا نداز ٿيڻ لاءِ انتظامي عملدارن سان لهه وچڙ ۾ اينديون آهن،يا وري قانون جي انتظامي تشريح جي خلاف ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪنديون آهن.

اثر استعمال ڪرڻ جا طريقا

پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اثر استعمال ڪرڻ جا طريقا، مختلف مفادي جماعتن جي دائري ۽ مالي وسيلن آهر، الڳ الڳ آهن.

اهو صاف ظاهر آهي ته ” ائٽمي سائنسدانن جي فيڊريشن“ اشتهارن يا وڏي عملي تي گهڻا پئسا خرچ ڪري نٿي سگهي، پر ان وٽ اها شيءِ موجود آهي، جنهن کي پئسا پاڻ به خريد ڪري نه سگهندا – يعني عزت. انهيءَ فيڊريشن طرفان ڇپايل مواد کي گهڻا عالم، اخبارن وارا ۽ ريڊيو جا مبصر پڙهندا آهن. انهيءَ جماعت جا ميمبر ڪانگريس جي ڪميٽين اڳيان پيش ٿيندا آهن، سرڪاري ادارن جي ٻين سائنسدانن  سان گڏجي ڪم ڪندا آهن، ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن پروگرامن لاءِ انٽرويو ڏيندا آهن. گهٽ ميمبرن ۽ ٿورن پئسن هوندي به، سائنسدانن جي عزت ۽ رتبي سبب، انهيءَ جماعت ڪافي اثر پيدا ڪيو آهي.

” رنگ وارن ماڻهن جي ترقيءَ جي قومي انجمن“ ۽ ”نسلي هڪجهڙائيءَ واري ڪانگريس“  اهڙيون جماعتون آهن، جيڪي عوامي نمائندن ۽ سرڪاري عملدارن جو ڌيان اهم نسلي مسئلن ڏانهن ڇڪائينديون آهن. اهي نسلي متڀيد خلاف ڪورٽن وسيلي جنگ جوٽينديون آهن، ۽ اهڙن قدمن خلاف احتجاج ۽ مظاهرا ڪنديون آهن، جيڪي سندن جماعت ۾ شامل نسلن وارن ميمبرن جي برابريءَ واري درجي کي ريٽي رهيا هجن. ان سان گڏ، اهي جماعتون ٻين مفادي گروپن وانگر عام سرگرمين ۾ حصو وٺنديون آهن – جهڙوڪ عام جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ، ڪانگريس ۽ وڏين سياسي جماعتن جي ڪميٽين اڳيان پيش ٿيڻ، ۽ شهري حقن واريءَ ڪميشن ۽ نسلي ناتن سان واسطو رکندڙ ٻين سرڪاري ايجنسين سان تعاون ڪرڻ.

”ڪارخانيدارن جي قومي انجمن“  ۽ ٻين واپاري جماعتن کي ميمبر گهٽ، پر رقمون تمام گهڻيون آهن، جن سان  هنن واشنگٽن ۽ رياستن جي گاديءَ وارن شهرن ۾ وڏا عملا ۽ آفيسون قائم ڪيون آهن. اهي عملا قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين جي دوست ميمبرن کي واپاري گروپن جي گهرجن جي پٺڀرائي لاءِ مواد فراهم ڪنديون آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙين تقريرن تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن، جن ۾ سندن ۽ قانون ٺاهيندڙن جي خيالن جي نمائندگي ڪيل هوندي آهي. ان سان گڏ، اهي عملا واپارين جي مفاد وٽان خبرون ۽ تفصيل ٺاهي، سڄي ملڪ جي ننڍين هفتيوار اخبارن ڏانهن موڪليندا آهن.  اشتهارن تي ڪا به رقم خرچ ڪرڻ کان سواءِ، واپاري انهن اخبارن ۾ صنعت ۽ تجارت بابت پنهنجا اهي تفصيل سولائيءَ سان ڇپرائي سگهندا آهن، ڇو ته مقامي ايڊيٽر کي پنهجي اخبار ڀرڻ لاءِ اهڙين خبرن جي ضرورت هوندي آهي، ۽ ٻيو ته گهڻو ڪري انهن تفصيلن ۾ ظاهر ڪيل خيالن سان ايڊيٽر اتفاق ڪندو آهي. خاص طرح وڏن شهرن ۾، جتي اخبارون ڪارخانيدارن ۽ واپارين جي راين سان خاص همدردي نه رکنديون آهن، واپاري گروپ پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ اخبارن جا سڄا صفحا خريد ڪندا آهن. قانون ٺاهيندڙ ادارن جي ڪميٽين اڳيان ڳالهائڻ ۽ پيش ٿيڻ لاءِ، انهن گروپن جا خاص عملا رکيل آهن. جن واپاري تنظيمن کي قانوني طرح حڪومت جي قاعدن موجب ڪم ڪرڻو پوندو آهي، اهي واسطيدار سرڪاري ايجنسين سان  ويجهو ٿي ڪم ڪنديون آهن ته جيئن قانونن تي پنهنجي مفاد موجب عمل ڪرائي سگهن.

 صنعتي مزدورن جي فيڊريشن ( AFL-CIO) ۽ ان سان ڳنڍيل يونينون انهن ٿورڙن خوش قسمت ادارن مان آهن، جن وٽ ميمبر توڙي موڙي، ٻيئي جام آهن. انهن جي ميمبرن ۾ ملڪ جون گهڻو ڪري سڀ پورهيت تنظيمون (Trade Unions) شامل آهن. اهي عام راءِ تي اثر وجهڻ لاءِ پئسا خرچ ڪري سگهن ٿيون، پر عام طرح ائين نه ڪنديون آهن (سواءِ پنهنجن ميمبرن لاءِ اخبارن ڇاپڻ جي). ڪن موقعن تي اهي وڏين اخبارن ۾ اشتهارن جي جاءِ حاصل ڪري، ڪنهن نئين تيار ٿيندڙ قانون بابت پنهنجن خيالن کي اثرائتي نموني پيش ڪنديون آهن.  اهي قومي ريڊيو ۽ ٽيليويزن پروگرامن لاءِ خبرن جي ڪنهن مبصر جون خدمتون حاصل ڪنديون آهن. انهن جا اڳواڻ – جارج ميِني، والٽر ريُوٿر، جيمس ڪيري ۽ ٻيا – ريڊيو ۽ ٽيليويزن پروگرامن ۾ اڪثر حصو وٺندا آهن. ٻين گروپن وانگر، هن فيڊريشن جا نمائندا به ڪانگريس جي ڪميٽين اڳيان پنهنجا خيال ظاهر ڪندا آهن ۽ حڪومت جي ادارن سان گڏجي ڪم ڪندا آهن. آمريڪي مزدورن ۽ صنعتي تنظيمن جي هن فيڊريشن جي واشنگٽن واريءَ آفيس ۾، مزدورن جي معاملن جي مطالعي ۽ تحقيقات  لاءِ جيڪو عملو رکيل آهي، سو شهر جي سڀ کان وڏن عملن مان هڪ آهي. جڏهن پورهيتن  سان واسطو رکندڙ ڪو قانون ڪانگريس اڳيان ايندو آهي، ته اهڙن موقعن تي ڪانگريس جي ميمبرن سان بحث ڪرڻ لاءِ هيءَ فيڊريشن ڪيترائي ماهر موجود ڪري  سگهندي آهي. اهڙن موقعن تي هيءَ فيڊريشن سڄي ملڪ جي سڀني پورهيت تنظيمن جي ميمبرن کي به حرڪت ۾ آڻيندي آهي ته اهي سينيٽرن ۽ نمائندن ڏانهن خط لکي، کانئن مزدورن جي مفادن جي پٺڀرائي ڪرڻ جي تقاضا ڪن.


(1)  Herbert McCloskey & Harold E. Dahlgren, < Primary Group  Influence on Party Lovalty,>  American Political Science Review, Vol. LII, Setember 1959, p. 757

(1)  موجوده قانون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق، دٻاءَ وجهندڙ جماعتن جي انهيءَ طريقي کي ٻيو نه، ته گهٽ ۾ گهٽ  Lobbying Act of 1946 هيٺ تسليم نٿو ڪري. (ڏسو – United States v. Rumely, 345 U.S. 41 (1953).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org