آمريڪي سياسي جماعتن جو سرشتو
سياسي جماعتن جو وجود ته هونئن هر ڪنهن جمهوري معاشري ۾ هوندو
آهي، پر تڏهن به انهن جي تنظيم ۽ ڪم ڪرڻ جو طريقو
هر ملڪ ۾ جدا هوندو آهي. سڀني ڪامياب جمهوري
معاشرن ۾ هڪڙي ڳالهه عام هوندي آهي: يعني اهو
سياسي انتظام، جنهن هيٺ ووٽرن کي سنجيدگيءَ سان
مقابلو ڪندڙ اميدوارن کي پنهنجيءَ پسند موجب چونڊڻ
جو موقعو ملي ٿو.
ڪنهن ملڪ ۾ چٽا ڀيٽيءَ جو اندازو اتي جي سياسي جماعتن جي تعداد
مان لڳائي نٿو سگهجي. ائين ممڪن آهي ته جن معاشرن
۾ رڳو هڪڙي ئي جماعت سياسي ماحول تي غالب آهي، اتي
به ان پارٽيءَ جي مختلف ڌرين ۾ ايتري چٽا ڀيٽي
ٿيندي هجي جو ووٽرن کي اميدوارن جي پرک جو سٺو
موقعو ملي. ٻئي هٿ تي، اهو به صحيح آهي ته ڪنهن
معاشري ۾ گهڻين پارٽين هوندي به انهن ۾ ڪا چٽاڀيٽي
نه ٿيندي هجي. ڪميونسٽ چين ۽ ٻين ڪميونسٽ طفيلي
ملڪن ۾ اهڙا وقت به آيا آهن، جڏهن قومي قانون
ٺاهيندڙ اداري ۾ گهڻين جماعتن جي نمائندگي هئي.
بدقسمتيءَ سان، جمهوري اصولن هيٺ ان جي ڪا به
معنيٰ نه هئي، ڇو ته اتي جي ڪنهن به حصي ۾
اسيمبليءَ جي جاين لاءِ چٽاڀيٽيءَ جي اجازت ڪانه
هئي، بلڪ ملڪ جا ڪميونسٽ اڳواڻ هڪ هنڌان هڪ
پارٽيءَ جي اميدوار کي منظور ڪندا هئا ته ٻئي
هنڌان ٻيءَ پارٽيءَ جي اميدوا رکي. ڪميونسٽ اڳواڻن
ڪڏهن به سياسي پارٽين جي وچ ۾ کليل مقابلي جي موڪل
نه ڏني، جيئن عوام به پنهنجن حاڪمن کي چونڊڻ ۾ حصو
ٺي سگهي. جن ملڪن ۾ آمريت آهي، اتي فيصلا اڳ ۾
ٿيندا آهن، ۽ عوام جو واسطو پوءِ شروع ٿيندو آهي.
جيڪڏهن هڪ جمهوري ملڪ جون پارٽيون ٻئي ملڪ جي پارٽين کان جدا
آهن ته ساڳيءَ طرح هڪ ئي ملڪ ۾ مختلف وقتن تي به
پارٽين ۾ فرق رهيو آهي. ڪنهن به معاشري جون سياسي
پارٽيون، اتي جا قانون ۽ آئين، هڪٻئي تي لڳاتار
اثر انداز ٿيندا رهن ٿا. ڪن نون معاشرن جي ڀيٽ ۾،
پراڻين جمهوريتن ۾ پارٽي سرشتن جي اندروني ڦيرين
گهيرين ۽ ملڪ جي بنيادي قانونن سان پارٽين جي ناتن
۾ فرق تي سولائيءَ سان نظر پوي ٿي.
برطانيا ۽ آمريڪا جهڙين پراڻين جمهورتين ۾ سماجي قانونن يا آئين
جي منظوريءَ کان سواءِ سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون.
پارٽيون انهيءَ ڪري وڌي مضبوط ٿيون، ڇاڪاڻ ته آئين
آزاد چونڊن جي اجازت ڏني هئي - ۽ جيئن اسين مٿي
ڏسي آيا آهيون، آزاد چونڊن لاءِ سياسي پارٽين جي
موجودگي ضروري آهي، ڇو ته اهي جماعتون ملڪ جي
ڀلائيءَ لاءِ پنهنجيون الڳ الڳ پاليسيون ۽ مختلف
اميدوار عوام جي منظوريءَ لاءِ پيش ڪنديون آهن.
قانوني طرح سياسي جماعتن کي تڏهن تسليم ڪيو ويو،
جڏهن اهي ڪجهه سالن تائين قائم رهيون. انهن قانونن
۾ اهي طريقا ٻڌايا ويا آهن، جن مطابق پارٽين کي
پنهنجي تنظيم ڪرڻي آهي، ۽ اهي قاعدا بيان ڪيا ويا
آهن، جن مطابق انهن کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي
جو مقابلو ڪرڻو آهي. عام طرح، پارٽين تي ضابطن
وارن قانونن ۾ انهن کي پنهنجي اندروني ڪارڪردگيءَ
جي طريقي مقرر ڪرڻ لاءِ تمام وڏي آزادي ڏنل آهي.
هن سلسلي ۾ آمريڪا جا ڪجهه حصا ٻين قديم جمهوريتن
کان مختلف آهن، ڇو ته پنجاهه مان ڪن رياستن پارٽين
جي تنظيم توڙي اميدوارن ٿاڦڻ واري سرشتي تي تفصيلي
ضابطا وڌا آهن. هتي اهو ٻڌائڻ به دلچسپيءَ کان
خالي نه ٿيندو ته جن رياستن سياسي جماعتن مٿان
گهڻا ضابطا مڙهيا آهن، اهي سڀ آمريڪي وفاق ۾ گهٽ ۾
گهٽ اڌي صدي پوءِ شامل ٿيون، جڏهن حڪومت گهڻو اڳ ۾
قائم ٿي چڪي هئي ۽ اوائلي پارٽين جنم ورتو هو.
پارليماني
۽
صدارتي سرشتن ۾ سياسي جماعتون
آمريڪا ۾ سياسي پارٽين واري سرشتي کي تفصيل سان سمجهائڻ لاءِ
اسين ان سرشتي جي ڪن خصوصيتن جو ذڪر ڪنداسين. ان
کان اڳ، اول اسين اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته
پارٽين اهي خاصيتون ڇو پيدا ڪيون. جيئن ته جمهوري
ملڪن ۾ اڪثريت سرشتو رائج اهي، تنهنڪري اسين هتي
انهيءَ سرشتي ۾ پارليماني جي سياسي پارٽين ۽
آمريڪا جي صدارتي سرشتي جي سياسي پارٽين جي وچ ۾
ڪن ظاهري فرقن ڏانهن اشارو ڪنداسون.
سڀني پارليماني سرشتن جي سياسي جوڙجڪ ۽ چونڊن جي انتظامن ۾ ڪي
هڪجهڙيون خاصيتون آهن، جيتوڻيڪ انهن انتظامن جا
تفصيل هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ جدا آهن. مجموعي طرح،
سڀني پارليماني نظامن ۾ گهڻو ڪري هيٺيون ڳالهيون
نظر اينديون:
(1) پارليامينٽ جو مدو مقرر ڪيل هوندو آهي، جنهن کان پوءِ
پارليامينٽ جي زندگيءَ کي وڌائي نٿو سگهجي، سواءِ
سخت خطرناڪ هنگامي حالتن جي، پر اهو به امڪان آهي
ته پارليامينٽ جي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ان کي
ٽوڙيو وڃي؛
(2) وزيرن جي ڪئبينيٽ هوندي آهي، جنهن کي پارليامينٽ جي ميمبرن
جي اڪثريت چونڊيندي آهي، ۽ جيڪا، گهٽ ۾ گهٽ اصولي
طرح، انهيءَ اڪثريت جي مرضيءَ موجب ڪم ڪندي آهي؛
(3) وزارت جا ميمبر قانونن کي عمل ۾ آڻڻ، پرڏيهي معاملن جي
نگراني ۽ دفاعي مسئلن جي انتظام لاءِ جوابدار
هوندا آهن؛
(4) سياسي شاخ کان الڳ، ملڪ جي سربراهه جو عهدو هوندو آهي. ملڪ
جو سربراهه سياست ۾ ڪو به حصو نه وٺندو آهي، ۽
انهيءَ حيثيت سان کيس ملڪ جي اتحاد جي نشاني
سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح، ڪن خاص موقعن تي هو
قوم جي نمائندگي ڪندو آهي. کيس ئي رسمي طرح
پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جو اختيار هوندو آهي، ۽ هو
نئينءَ پارليامينٽ لاءِ چونڊن جو اعلان ڪندو آهي.
اهو پويون ڪم هو پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪندو آهي،
پر وزيراعظم جي صلاح تي هلندو آهي. تنهن هوندي به
جڏهن وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن کي استعيفا ڏيڻي هوندي
آهي يا نين چونڊن لاءِ درخواست ڪرڻي هوندي اٿن ته
هو ملڪ جي سربراهه ڏانهن ئي ويندا آهن.
انهيءَ انتظام هيٺ پارٽي سرشتي جون واڳون هڪئي مرڪز وٽ رهنديون
آهن. پارليامينٽ ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ پوئلڳن جو
فائدو سندن اتحاد تي منحصر هوندو آهي. ٻنهي ڌرين
کي ساڳيو خطرو هوندو آهي. ته جيڪڏهن هنن ڪنهن به
وقت ڪنهن مسئلي تي گڏجي ووٽ نه ڏنا، ته
پارليامينٽ ۾ اڪثريت جي بنياد تي قائم ڪيل سندن
اقتدار ختم ٿي ويندو؛ کين عهدن تان هٿ کڻي، نين
چونڊن لاءِ ميدان خالي ڪرڻو پوندو. اڳواڻ، جيڪي
پنهنجن عهدن تان هٽڻ سان پارليامينٽ ۾ پارٽيءَ جو
اقتدار ختم ڪري سگهن ٿا، سي پارٽيءَ جي فيصلن تي
زبردست اثر رکندا آهن، ڇو ته اهي اڳواڻ ئي آهن،
جيڪي وزارت کي ٽوڙي ۽ نيون چونڊون ڪرائي سگهن ٿا.
فيصلا گهڻو ڪري اول پارٽيءَ ۾ ڪيا ويندا آهن، ۽
پوءِ انهن کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ پارٽيءَ جا
سمورا ميمبر پارليامينٽ ۾ گڏجي ووٽ ڏيندا آهن. ٻيو
ته وزارت ۾ (جيڪا پڻ پارليامينٽ جو هڪ حصو هوندي
آهي) پارٽيءَ جا وزير پارٽيءَ جي ميمبرن سان ورلي
ظاهري اختلاف رکندا آهن.
صدارتي نظام، گهٽ ۾ گهٽ جيڪو آمريڪا ۾ قائم آهي، پارليماني
سرشتي کان گهڻو مختلف آهي. پارليماني سرشتي جي
ابتڙ، ان ۾ هيٺيون ڳالهيون آهن:
(1) ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جو مدو مقرر هوندو آهي، ۽
صدر يا ڪانگريس جا ميمبر پاڻ ڪنهن به ايوان جي مدي
پوري ٿيڻ کان اڳ ان کي ٽوڙي نٿا سگهن،
(2) صدر کي عوام طرفان، چونڊيندڙن جي الڳ اداري (
electoral college)
ذريعي، چئن سالن جي مقرر عرصي لاءِ چونڊيو ويندو
آهي، ۽ هو اوترو عرصو صدر رهندو آهي، پوءِ ڪهڙيءَ
به پارٽيءَ جي ڪانگريس ۾ اڪثريت هجي،
(3) جيتري قدر پاليسي معاملن جو تعلق آهي، صدر ۽ ڪانگريس هڪٻئي
ڏانهن جوابدار نه هوندا آهن. توڙي جو صدر قانون
ٺاهڻ جي سرشتي ۾ بهرو وٺندو آهي، ۽ ڪانگريس حڪومت
جي معاملن ۾،
(4) صدر هڪ ئي وقت ملڪ جو ۽ حڪومت جو سربراهه هوندو آهي. اهڙيءَ
طرح هو هڪ ئي وقت اتحاد جو نشان، سياسي طرفدار، ۽
قانون تي عمل ڪرائيندڙ آهي.
صدارتي سرشتي ۾، ان ڪري، پارٽيءَ جي اتفاق راءِ جي حاجت تمام
گهٽ آهي. جيڪڏهن ڪنهن مسئلي تي ڪانگريس يا صدر کي
عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿئي، ته ان جو
ٻئي جي حيثيت تي ڪو به اثر نٿو پوي. ڪانگريس ۾
پارٽيءَ جي ميمبرن کي ڪانگريس جي وقت کان اڳ ٽُٽڻ
جو ڪو به ڊپ نه هوندو آهي. جيئن ته ڪانگريس جي
ميمبرن جون چونڊون ۽ صدر جي چونڊ هڪٻئي سان اڌمدت
جي وقفي تي ٿينديون آهن، تنهنڪري صدر جي مقبوليت
مان به ڪانگريس جي ميمبرن کي ڪو خاص ڊپ نه هوندو
آهي. صدر پنهنجي پارٽيءَ جو اڳواڻ هوندو آهي، پر
کيس پارٽيءَ مٿان پنهنجي مرضي مڙهڻ جو ڪو به
اختيار نه هوندو آهي، البت جيڪڏهن حڪومت جي ڪنهن
انتظامي شاخ ۾ صدر پارٽيءَ جي ڪنهن ميمبر کي مقرر
ڪيو آهي ته صدر ان کي اتان هٽائي سگهي ٿو.
آمريڪا جي پارٽي سرشتي جون خصوصيتون
آمريڪا ۾ پارٽي سرشتي جون چار مکيه خصوصيتون آهن. اهي خصوصيتون
هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، پر ايتري اهميت رکن ٿيون جو
انهن تي جدا جدا بحث ڪجي. اول ته اهو ٻه –جماعتي
سرشتو(
two- party system) آهي. قومي تاريخ ۾ ٻيون به گهڻيون جماعتون پيدا ٿيون آهن، پر
انهن مان ڪنهن به چئن سالن کان وڌيڪ جٽاءُ نه ڪيو
آهي. هر اليڪشن ۾ اڌ درجن يا ان کان به وڌيڪ
جماعتون پيدا ٿينديون آهن، پر 1924ع کان وٺي ووتن
جو 95 في سيڪڙو ريپبليڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيون پاڻ
۾ ئي کڻنديون آهن.
ٻيو ته آمريڪا ۾ ٻنهي پارٽين مان ڪنهن جون به واڳون واشنگٽن يا
ڪنهن ٻئي مرڪز جي هٿ ۾ نه آهن، بلڪ انهن جا گهڻا
مرڪز آهن. هر چئن سالن ۾ هڪ دفعو پارٽين جون قومي
گڏجاڻيون ٿينديون آهن، جن ۾ صدارتي ۽ نائب صدارتي
اميدوار ٿاڦيا ويندا آهن ۽ چونڊن لاءِ منشور لکيا
ويندا آهن. اهي منشور پارٽيءَ طرفان صدارتي شاخ جا
خيال ظاهر ڪندا آهن، ۽ ضروري نه آهي ته ڪانگريس ۾
پارٽين جا ميمبر به انهيءَ منشور سان اتفاق رکندا
هجن. انهن گڏجاڻين جي وچ ۾ اهڙو ٻيو ڪو به مرڪز نه
آهي، جنهن کي پارٽيءَ جي ڪا به ڌر قبول ڪندي هجي.
ٽيون ته آمريڪا ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو ڪو به ماڻهو يا ادارو
پاليسي معاملن تي ڪوبه اهڙو فيصلو نٿو ڪري سگهي،
جنهن کي قبول ڪرڻ لاءِ پارٽيءَ جا ميمبر ٻڌل هجن.
صدر ڪانگريس کي ڪنهن قانون منظور ڪرڻ جي سفارش
ڪندو آهي، پر سندس پنهنجي پارٽيءَ جا اهڙا ميمبر
به ضرور لڀندا آهن، جيڪي انهيءَ سفارش جي مخالفت
ڪندا آهن. خود ڪانگريس ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن جي
فيصلن کي مڃڻ لاءِ به ڪانگريس ۾ انهيءَ پارٽيءَ جا
ميمبر ٻڌل نه هوندا آهن.
چوٿين خصوصيت اها آهي ته آمريڪي پارٽيون غير نظرياتي آهن. ٻيئي
پارٽيون آمريڪا ۾ جمهوري سرشتي کي قائم رکڻ لاءِ
پابند آهن، پر انهيءَ پابنديءَ کان سواءِ هر
پارٽيءَ جا ميمبر وقت جي ڪيترن ئي اهم مسئلن تي
هڪٻئي سان اختلاف رکندا آهن. ڪجهه ڊيمو ڪريٽ ۽
ڪجهه ريپبليڪن، اقتصادي ميدان ۾ حڪومت جي وڌيڪ دخل
جي حمايت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪجهه ڊيمو ڪريٽ۽
ڪجهه ريپبليڪن اقتصادي معاملن ۾ حڪومت جي گهڻيءَ
هٿ چراند کي خراب نظرن سان ڏسندا آهن. ٻنهي پارٽين
۾ اهڙا ماڻهو به ملندا، جيڪي بين الاقوامي معاملن
۾ حڪومت جي وڌيڪ حصي وٺڻ جي فائدي ۾ يا خلاف هجن،
هڪ اهڙي ملڪ ۾، جنهن جون حدون ائٽلانٽڪ سمنڊ کان
ماٺيڻي (Pacific)
سمنڊ تائين هجن، ۽ جنهن ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾
مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻهو هجن، اتي پارٽيون
پنهنجن سڀني چونڊيل ميمبرن تي سخت نظرياتي
پابنديون مڙهي نٿيون سگهن.
بهرحال، پارٽين کي نظرين نه هجڻ مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته
ٻنهي پارٽين ۾ ڪو به فرق نه آهي يا صدر ۽ ڪانگريس
جي ميمبرن جون چونڊون محض فريب آهن.
جيئن اسين اڳئين باب ۾ چئي آيا آهيون، ڪجهه گروپن جا ماڻهو گهڻو
ڪري هڪ ئي پارٽيءَ سان وڃي ڳنڍبا آهن. مشهور
انگريز سياسي محقق، ڊيوڊ بٽلر چيو آهي ته آمريڪا ۾
ڊيمو ڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن پارٽين جي صدارتي اميدوارن
جي وچ ۾ ووٽر جيڪا چونڊ ڪندا آهن، اها آمريڪا جي
مستقبل تي وڏو اثر رکندي آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾
برطانيا ۾ ليبر ۽ ڪنزرويٽو پارٽين جي وچ ۾ مقابلي
جي نتيجي جو اثر برطانيا جي آئندي تي ڪو خاص نه
پوندو آهي(1)
آمريڪا جي سياسي سرشتي جون چارئي خصوصيتون گڏي، انهن تي غور ڪرڻ
گهرجي. پر تنهن هوندي به هر هڪ خصوصيت کي جدا ڪري
سمجهائڻ ضروري آهي.
ٻه- جماعتي سرشتو.
ٻنهي پارٽين جي مضبوطي. ٿامس جيفرسن جي قائم ڪيل ”ڊيمو ڪريٽڪ-
ريپبليڪن پارٽيءَ“ جي ڇڄڻ کان پوءِ، 1824ع کان وڍي
آمريڪا ۾ ٻه مکيه پارٽيون رهيون آهن. اهڙا وقت به
آيا آهن، جڏهن ٽيون پارٽيون به اُڀريون آهن، پر
اهي وري جلد ئي ختم ٿي ويون. انهن ننڍين پارٽين
مان رڳو ” ريپبليڪن پارٽي“ آهي، جيڪا اڃا تائين
قائم آهي. ڪجهه وقت تائين اها پارٽي ٽئي نمبر تي
هئي، پر 1856ع ۾ ” وگ (Whig)
پارٽيءَ“ جي جاءِ والاري ٻئي نمبر تي آئي. 1860ع ۾
جڏهن ملڪ ۾ گهرو جنگ شروع ٿي، ته چئن پارٽين صدارت
لاءِ ڪوشش ڪئي. پر انهن مان ٻه پارٽيون خاموش ٿي
ويئون، جڏهن ملڪ ۾ فوجي سرگرميون شروع ٿيون. آخر ۾
اهي ئي ٻه پارٽيون، ڊيمو ڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن، سياسي
ميدان ۾ وڃي بچيون.
گهرو لڙائي شروع ٿي هئي، تنهن کي اڄ هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو ٿي
ويو آهي. انهيءَ وچ ۾ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن پارٽين
کان سواءِ رڳو 4 اهڙيون پارٽيون پيدا ٿيون آهن،
جن جي صدارتي اميدوارن ايڪڙ ٻيڪڙ رياستن مان ووٽ
حاصل ڪيا. ”پاپولسٽس“ (Populists)
1892ع ۾، اڳوڻي صدر ٿيوڊور روزويلٽ هيٺ
”پروگريسوز“ (Progressives)
1912ع ۾، رابرٽ ايم. لا-فوليٽ سينئر (Robert
M. La Follette Sr) جي ”پروگريسو پارٽيءَ“ 1924ع ۾، ۽ ”اسٽيٽس رائيٽس
پارٽيءَ“ (States Rights Party)
1948ع ۾، چونڊن ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ رياستن ۾ ووٽ
کنيا هئا. انهن پارٽين مان رڳو ”پاپولسٽ پارٽي“
صحيح معنيٰ ۾ نئين پارٽي هئي، ٻيون ٽي پارٽيون
وڏين ٻن پارٽين مان ڪن باغي ميمبرن جدا ٿي قائم
ڪيون هيون، جيڪي تمام ٿوري عرصي تائين قائم رهيون.
انهن ٽنهي پارٽين مان ڪنهن به ڪانگريس جي سيٽن
لاءِ ٻن وڏين پارٽين سان سنجيدگيءَ سان مقابلو نه
ڪيو. هر هڪ پارٽيءَ صدارت تي قبضي ڪرڻ جي هڪ هڪ
ڪوشش ڪئي، ۽ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ پنهنجين اصلوڪين
پارٽين ۾ ٻيهر شامل ٿي ويون.
پاپولسٽ پارٽي وچ اولهه ۽ وڏن ميدانن وارين رياستن جي باغي
هارين، ننڍن واپارين ۽ ڪجهه مزدورن جي نمائندگي
ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. هو انهيءَ ڪري منظم ٿيا
هئا، جو هنن محسوس ڪيو ته وڏيون پارٽيون اوڀر جي
وڏن شاهوڪارن ۽ صنعتڪارن جي مواصلاتي منصوبن،
تجارتي ۽ صنعتي مفادن ۾ دلچسپي وٺي، کين نقصان
پهچائي رهيون هيون. 1880ع ڌاري پاپولسٽ پارٽيءَ
پاڻ کي رياستي ۽ مقامي سطح تي منظم ڪيو، ۽ 1892ع ۾
صدارت لاءِ پنهنجو اميدوار کڙو ڪيو، جنهن فقط چئن
رياستن ۾، صدارتي چونڊ ڪندڙن جا جملي 22 ووٽ حاصل
ڪيا. ٻنهي وڏين جماعتن لاءِ نئين پارٽيءَ مان
انديشو پيدا ٿيڻ لڳو، پر يڪايڪ پاپولسٽ پارٽي
پويان پساهه کڻڻ شروع ڪيا، جڏهن 1896ع ۾ ڊيموڪريٽڪ
پارٽيءَ صدارت لاءِ پنهنجو اميدوار وليم جيننگس
برائن (
William Gennings Bryan)
کي ٿاڦيو. هن به اوڀر جي معاشي مفادن خلاف ساڳيو
آواز اٿاريو، جيڪو پاپولسٽ پارٽيءَ جا ميمبر پڪاري
رهيا هئا. برائن جي ٿاڦجڻ کان هڪدم پوءِ، پاپولسٽ
پارٽيءَ پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ برائن جي حمايت ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو، پر ان سان گڏ نائب صدارت لاءِ پنهنجو
جدا اميدوار ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي همدردن جا 60
لک ووٽ حاصل ڪيا، اتي پاپولسٽ پارٽيءَ جي ميمبرن
کيس اڍائي لکن کان به گهٽ ووٽ ڏنا. انهيءَ چونڊ
کان پوءِ پاپولسٽ پارٽي سورهن سالن تائين ريڙهيون
پائيندي رهي، ۽ آخرڪار 1912ع ۾ پوئين هڏڪي ڏيئي
ختم ٿي ويئي.
مارڪس جي نظريي واريون ننڍيون پارٽيون. مارڪس جي نظريي سان
همدردي رکندڙ پارٽين اوڻيهين صديءَ جي پوين ويهن
سالن کان وٺي هر چونڊ ۾ پنهنجا اميدوار کڙا ڪيا
آهن، پر انهن مان ڪو به قومي، بلڪ رياستي عهدن
لاءِ به سنجيدگيءَ سان نه وڙهيو آهي. مڙني مارڪسي
پارٽين ۾ سڀ کان طاقتور ”سوشلسٽ پارٽي“ هئي، جنهن
جي صدارتي اميدوار 1912ع واريءَ چونڊ ۾ جملي ووٽن
جو اٽڪل 6 في سيڪڙو، ۽ 1920ع ۾ ٽن کان ڪجهه وڌيڪ
في سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. سوشلسٽ پارٽيءَ جي اوج
واري زماني ۾، ان جا گهڻا اميدوار ڪانگريس جا
ميمبر چونڊيا ۽ ٻيا اڌ درجن شهرن جا ميئر منتخب
ٿيا. ڪجهه سالن کان وٺي سوشلسٽ پارٽيءَ جي ميمبرن
جو تعداد ۽ مقبوليت ان حد تائين گهٽجي ويئي آهي جو
پارٽي هينئر قومي عهدن لاءِ اميدوار به کڙا نه
ڪندي آهي.
”ڪميونسٽ پارٽيءَ“ جا ڪڏهن به گهڻا ميمبر نه رهيا آهن، توڙي جو
1936ع ۾ ان کي مقامي سطح تي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ
مليا هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪو به اقراري ميمبر
ڪڏهن به مقامي سطح کان مٿي واري عهدي تي نه چونڊيو
آهي، ۽ انهيءَ سطح تي به سندن ڪاميابيون نيويارڪ
شهر تائين محدود رهيون آهن. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي
ظاهري ميمبرشپ فقط 5 هزار آهي، پر ٻين ملڪن وانگر،
آمريڪا ۾ ڪميونسٽ طاقت جو مدار ميمبرن جي تعداد
تي نه آهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اصلي طاقت ڪجهه
پورهيت تنظيمن، انهن جي اڳواڻن، ۽ سندن ڳجهين
سرگرمين ۾ آهي. انهن ميدانن ۾ به ڪميونسٽ پارٽيءَ
جو اثر 1945ع کان وٺي گهٽجي رهيو آهي، جڏهن روسي
حڪومت اڳرائي ڪري ” سرد جنگ“ شروع ڪئي هئي. 1950ع
جي اونهاري ۾ ڪوريا تي ڪميونسٽن جي حملي، 1956ع ۾
ماسڪو ۾ ويهين پارٽي – ڪانگريس جي موقعي تي
خروشچوف طرفان اسٽالن جي ڪرتوتن تان پردي کڻڻ،
ساڳئي سال هنگاريءَ جي آزادي پسند مجاهدن مٿان روس
جي بيرحم سختين، ۽ ائٽمي هٿيارن تي بندش بابت
سنجيدگيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ خروشچوف جي ناڪامي –
انهن مڙني ڳالهين آمريڪا ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قوت
کي سخت ڌڪ هنيو آهي. جيڪڏهن بين الاقوامي حالتن ۾
ڪو زبردست ڦيرو نه آيو، ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جا
ميمبر گهٽ ٿيندا رهندا. انهيءَ هوندي به اهو ممڪن
آهي ته پارٽيءَ جي اثر هيٺ آيل ٻين گروپن ذريعي ان
جي هراس پيدا ڪندڙ قوت برقرار رهي.
آمريڪا ۾ ٻه – جماعتي سرشتو ڇو؟ اهو ظاهر آهي ته ٻه – جماعتي
سرشتي ذريعي آمريڪي عوام سياسي معاملن ۾ پنهنجيءَ
خواهش وٽان حصو وٺندا آهن، پر اهو سبب چڱيءَ طرح
معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته آمريڪا ۾ گهڻ – جماعتي
سرشتي بدران ٻه–جماعتي سرشتي کي ڇو تقويت حاصل ٿي؟
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ٻه-جماعتي سرشتي انهيءَ ڪري لازمي
طور تقويت حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڏو، واحد
سياسي انعام صدارت هئي. سياستدانن اهو پسند ڪيو ته
صدارت لاءِ رڳو ٻه اميدوار هجن، جن مان ووٽر هڪ کي
چونڊي سگهن. هنن اهو جوکم کڻڻ نه پئي گهريو ته صدر
کي چونڊڻ جو فيصلو نمائندن واري ايوان جي هٿ ۾
وڃي، ڇو ته آمريڪي آئين هيٺ جيڪڏهن ڪو به صدارتي
اميدوار صدر کي چونڊيندڙن جي اداري جي اڪثريت جا
ووٽ نٿو کڻي، ته پوءِ صدر جي چونڊ نمائندن جي
ايوان کي ڪرڻي آهي. بهرحال، اها ڳالهه پڌري آهي ته
پارٽين جدا جدا رياستن ۾ ووٽرن جي پسند جا
اميدوار بيهاريا هوندا: جيڪڏهن ٻيئي پارٽيون
ووٽرن کي سندن پسند جا اميدوار ڏيڻ ۾ ناڪام ٿين
ها ته ان صورت ۾ نمائندن واري ايوان طرفان صدر جي
چونڊ کي ڪنهن حد تائين پسند ڪيو وڃي ها. ظاهر آهي
ته ”اسٽيٽس رائٽس پارٽيءَ“ لاءِ شهري حقن بابت
ڊيمو ڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جا موقف انهيءَ حد
تائين ته اڻوڻندڙ هئا جو هوءَ 1948ع ۾ صدارت لاءِ
پنهنجو اميدوار بيهارڻ لاءِ مجبور ٿي. ساڳي حالت
1892ع ۾ به هئي، جڏهن پاپولسٽ پارٽيءَ پنهنجا
اميدوار کڙا ڪيا.
ٻين جو وري چوڻ آهي ته ٻه- جماعتي سرشتي انهيءَ ڪري زور ورتو
آهي جو هر تڪ مان عام طرح ڪانگريس ۽ رياستي قانون
ٺاهيندر اسيمبلين لاءِ هڪ ميمبر چونڊيو ويندو
آهي. ليڪن هو اِهو ڀلجي وڃن ٿا ته ٻه جماعتي
سرشتو ان وقت به غالب هو، جڏهن هڪ تڪ مان هڪ کان
وڌيڪ ميمبر چونڊيا ويندا هئا. ازان سواءِ، ڪجهه
رياستن ۾ ٽيون پارٽيون به اڀريون آهن، ۽ وڏين
پارٽين جي اميدوارن جو ووٽرن جي خواهشن وٽان نه
هجڻ جي حالت ۾، انهن پارٽين ڪانگريس لاءِ پنهنجا
اميدوار به چونڊايا آهن.
1900ع کان وٺي، سڌين ابتدائي چونڊن ووٽرن لاءِ اها سولائي پيدا
ڪئي آهي ته ڪنهن تڪ ۾ وڏين پارٽين جي اميدوارن تي
سڌيءَ طرح اثر وجهي سگهن. هر پارٽيءَ جي ووٽرن جي
اڪثريت اهو فيصلو ڪري سگهي ٿي ته پارٽيءَ جي
اميدوارن کي آزاد خيال ٿيڻو پوندو يا قدامت پسند.
ووٽرن طرفان پارٽيءَ جي اميدوارن کي سڌيءَ طرح
ضابطي هيٺ آڻڻ جي انهيءَ اهليت، وڌيڪ پارٽين جي
ضرورت کي گهٽائي ڇڏيو آهي. جڏهن کان سڌين ابتدائي
چونڊن جو سرشتو قائم ٿيو آهي، ڪانگريس جي تڪن ۾
ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪندڙ ننڍين پارٽين جو تعداد
تمام گهٽجي ويو آهي.
ڪجهه ٻيا وري فرانسيسي سياسي محقق، مارس ڊوورگر (Maurice
Duverger)
سان اتفاق ڪن ٿا ته ”ٻه – جماعتي سرشتو ماڻهن جي
سڀاءَ سان مشابهت رکي ٿو، يعني ته سياسي پسند عام
طرح ٻن شين مان هڪ جي پسند جي شڪل اختيار ڪندي
آهي.“(1)
سندن چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ جن مسئلن تي اختلاف
ٿيندو رهيو آهي، اُهي اهڙا مسئلا آهن، جن ماڻهن جي
اڪثريت کي فقط ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. تنهنڪري،
آمريڪا جي جماعتي سرشتي جو بنياد ماڻهن جي سڀاءَ
تي آهي.
ٻن وڏين سياسي جماعتن جي وڌڻ جو اصل سبب ڪهڙو به هجي، پر هينئر
اهو سرشتو ايترو ته پختگيءَ سان قائم ٿي ويو آهي
جو جيستائين ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن پارٽيون ووٽرن
کي سندن پسند جا اميدوار پيش ڪنديون رهنديون،
تيستائين انهيءَ سرشتي ۾ ڪنهن به ڦير گهير جي تمام
گهٽ اميد آهي.
ٻه-جماعتي سرشتي جي عمل تي هڪ ويجهي نظر: ٻه-جماعتي سرشتي جي
عمل مان مراد آهي، هڪ قومي جماعتي سرشتو، جنهن ۾
ٻه وڏيون جماعتون صدارت ۽ ڪانگريس تي قبضي ڪرڻ
لاءِ پاڻ ۾ مقابلو ڪن ٿيون. صدارت لاءِ ويڙهه ته
ٻن جماعتن جي وچ ۾ ٿيندي آهي، پر جڏهن اسين
ڪانگريس جي مقابلي تي ويجهي نظر ٿا وجهون ته حالت
گهڻيءَ حد تائين منجهيل نظر اچي ٿي. ڪانگريس ۾ ٻن
جماعتن جا نمائندا هوندا آهن، پر منجهانئن سڀ انهن
تڪن مان نه چونڊجي ايندا آهن، جتي ٻه-جماعتون
هڪجهڙيءَ سطح تي مقابلو ڪن ٿيون.
رئني (Ranney)
۽ ڪيڊال (Kendall)
رياستن کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي- ٻه-جماعتي
رياستون، هلڪيون هڪ-جماعتي رياستون، ۽ هڪ-جماعتي
رياستون(1).
هو ڪنهن رياست کي ٻه-جماعتي قسم ۾ شامل ڪن ٿا،
جيڪڏهن ان ۾ ٻنهي مان هر هڪ وڏيءَ جماعت گهڻن سالن
کان وٺي ڪافي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هوائي
۽ الاسڪا رياستن جي آمريڪا ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ورتل
سندن انهيءَ جائزي موجب، ٻه-جماعتي قسم ۾ 26
رياستون اچي وڃن ٿيون. سواءِ ڏاکڻين حصي جي،
اهڙيون رياستون آمريڪا جي باقي ڀاڱي ۾ ملن ٿيون.
هلڪيون هڪ-جماعتي قسم ۾ هو انهن رياستن کي ڳڻين ٿا، جن ۾ هڪ
پارٽيءَ اڪثر چونڊون کٽيون آهن، پر ٻيءَ پارٽيءَ
کي رياست جا گهڻا ووٽ مليا آهن ۽ اها صحيح معنيٰ ۾
مخالف پارٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي. هنن 12 رياستون
انهيءَ قسم ۾ شامل ڪيون، جن مان 2 ڏکڻ ۾ هيون، 2
ڏکڻ جي سرحد سان ملندڙ هيون، ۽ باقي ٻيون سڄي
آمريڪا ۾ پکڙيل هيون.
هڪ-جماعتي رياستون اهي آهن، جن ۾ ٻن وڏين جماعتن مان هڪ-جماعت
سڀ يا ذري گهٽ سڀ چونڊون کٽيون آهن، ۽ ٻيءَ
پارٽيءَ کي جملي ووٽن جو معمولي تعداد مليو آهي.
10 رياستون هن قسم هيٺ اچن ٿيون. انهن مان 9 ڏکڻ ۾
آهن، جتي گذريل صديءَ کان وٺي چونڊن تي ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽيءَ جو قبضو پئي رهيو آهي، ۽ باقي رهيل
هڪ-جماعتي رياست ”ورمانٽ“ آهي، جتي ريپبليڪن پارٽي
زورن ۾ آهي.
رئني ۽ ڪينڊال جي انهيءَ جائزي کان پوءِ، ڪجهه سالن کان وٺي،
هڪ-جماعتي رياستون ٻه-جماعتي رياستن واري قسم جي
ويجهو اچي ويون آهن. مثال طور، جيتوڻيڪ ٽيڪساس،
ورجينيا ۽ فلاريڊا ۾ ڊيموڪريٽن جو اثر بيحد گهڻو
آهي، تنهن هوندي به ريپبليڪن پارٽي ڪانگريس جون
ڪجهه جايون لڳاتار حاصل ڪندي پئي رهي آهي ۽ صدارتي
چونڊن لاءِ به انهن رياستن اندر ٻنهي جماعتن جي وچ
۾ چٽاڀيٽي وڌي ويئي آهي.
جيئن وي. او. ڪي (V.O.Key)
ٻڌايو آهي، هڪ- جماعتي رياستن ۾ پارٽيءَ جي
اميدواريءَ لاءِ سخت ڇڪتاڻ ٿيندي رهي آهي، جنهن ۾
ووٽرن کي مقابلو ڪندڙ اميدوارن مان هڪ کي پسند ڪرڻ
جو موقعو ملندو رهيو آهي. پارٽيءَ پاران ٿاڦجڻ
لاءِ اڌ درجن کن اميدوارن جو هجڻ ڪا غير رواجي
ڳالهه نه آهي. ڪيءَ معلوم ڪيو ته 1920ع کان 1954ع
جي عرصي دوران ڏکڻ ۾ ابتدائي چونڊن جي 62 في
سيڪڙو مقابلن ۾، ڪامياب ٿيندڙ اميدوار (سينيٽ جي
ويٺل ميمبر کان سواءِ) جملي ووٽن جو 60 في سيڪڙو
کان به گهٽ تعداد کنيو آهي. رڳو 10 في سيڪڙو کان
به گهٽ مقابلن ۾، ڪامياب ٿيندڙ اميدوار 90 في
سيڪڙو ووٽ کنيا آهن.
(1)
. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هڪ-جماعتي ڏاکڻين
رياستن ۾ سينيٽ جي جاين لاءِ اميدوارن جي اڪثريت
کي طاقتور پارٽيءَ اندرئي سخت مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.
|