سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: سوشلزم ڇا آهي؟

باب: --

صفحو : 7

 

جدليات جا قانون

نفيءَ جي نفيءَ جو قانون

(Law of the Negation of the Negation)

نفيءَ جي نفيءَ جي قانون جو بنيادي مطلب هي آهي ته ارتقا ۽ نشوونما جي عمل ۾ هر بلند سطح پاڻ کان پهرين تمام گهٽ سطح کي رد ڪري ٿي يعني ان جي نفي ڪري ٿي. اهڙي طرح قديم ۽ پراڻو عنصر ختم ٿئي ٿو ۽ جديد ۽ توانو عنصر وجود ۾ اچي ٿو. اِها تجديد يعني ڊاهه ٺاهه جو عمل، دنيا ۾ مسلسل جاري رهي ٿو، پر جدلياتي نفي صرف قديم جي ڊاهه نٿي ڪري، پر جديد جو ٺاهه به آهي.

مثال طور فطرت ۽ سماج ۾ تمام نوان مظهر پنهنجا قدرتي رستا طيءِ ڪن ٿا يعني هو پوڙها ٿي نون عنصرن ۽ قوتن لاءِ جاءِ خالي ڪن ٿا ۽ جهڙي نموني هنن پنهنجي وجود کان قديم عنصر کي هڪ ڀيرو رد ڪيو هو، هاڻي هو خود، هڪ پاڻ جديد تر، مضبوط تر ۽ تازه تر قوت يا مظهر جي هٿان رد ڪيا وڃن ٿا يعني هنن جي نفي پئي ٿئي. مثال طور ڪنهن فصل جي نشوونما جي مثال کي آڏو رکو، جنهن ۾ ٽي (3) درجا ٿين ٿا: (الف) ٻج جو ڦٽي طاقت وٺڻ. (ب) ٻوٽن جو اڀرڻ (ج) پوک جو پچي راس ٿيڻ – هاڻي ڏسون ته جڏهن ٻج ڦٽڻ ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان مان سلو نڪري ٿو ته ٻج جو داڻو غائب ٿيو وڃي. هي پهرين نفي آهي جنهن ۾ جيڪو ان پوکيو ويو هو غائب يا رد ٿيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ ٻي شيءِ ظاهر ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ڏنڊيون ۽ ٻوٽا ڦٽن ٿا وري ٻوٽن ۾ گل ۽ ٻور ٿين ٿا ۽ اُهي زرخيز ٿيو پون ۽ آخر ۾ پوک پچي راس ٿي ٿئي، ان وقت ڏانڊيون ۽ ٻوٽا ڪومائجيو وڃن يعني رد ٿيو وڃن. هي ٻي نفي آهي ۽ ظاهر آهي ته هي پهرين نفيءَ جي نفي آهي. شروع ۾ پوکڻ وقت به اَن جو داڻو موجود هو ۽ آخر ۾ به پوک پچي راس ٿيڻ وقت ۽ لاباري وقت اَن جو داڻو ٻيهر موجود ٿيو وڃي. فرق هي آهي پوکڻ وقت داڻن کان تمام گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿو. پوک جي هن عمل مان  ظاهر ٿئي ٿو ته اَن هڪ هيٺائين سطح کان مٿاهين سطح تائين پهچي ٿو. مشهور جرمن مفڪر ۽ فلاسافر هيگل جي زبان ۾ جيڪو جدليات جو باني هو: جنهن شيءِ جي سڀني کان پهرين نفي ٿئي ٿي سا ”ٿيسس“ (Thesis) سڏجي ٿي ۽ جيڪا شيءِ هن کي رد ڪري ٿي يعني هن جي نفي ڪري ٿي، ان کي ”ائنٽي ٿيسس“ (Anti-Thesis) چئبو آهي ۽ آخر ۾ جيڪا شيءِ ائنٽي ٿيسس کي به رد ڪري ٿي يا نفي ڪري ٿي، ان کي ”سين ٿيسس“ (Syen-Thesis) چئون ٿا.

جدلياتي نفي: نفي صرف تڏهن جدلياتي ٿئي ٿي جڏهن هو ارتقا ۽ نشوونما جو هڪ وسيلو بڻجي. ائين تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن هو واڌو قابل قدر ۽ توانن عنصرن کي قائم رکي. اهڙي طرح نفي رڳو تباهه ڪاري نه آهي. پر جيئن اڳ  چيو ويو آهي ته هو تخريب (ڊاهه) سان گڏ تعمير (ٺاهه) به آهي ۽ تخريب ۾ هو مثبت (نفيءَ جو ضد) پهلوئن کي هميشہ باقي رکي ٿي. ساڳي طرح سوشلزم صرف تباهه نٿو ڪري، پر هڪ نئين سماج جي تعمير به ڪري ٿو. مثال طور سرمائيدارانا ارتقا ۽ ڊاهه جي حالت کي ڏسو: شروع ۾ سرمائيدار، دستڪارن ۽ هارين کي پيداواري وسيلن کان محروم ڪري سڀني پيداواري وسيلن ۽ معاشي وسيلن تي قبضو ڪريو وٺن يعني هو ٻين کي ملڪيت کان محروم ڪيو ڇڏين. مزدور طبقو اقتدار حاصل ڪري انهن سرمائيدارن کي سڄي ملڪيت ۽ پيداواري وسيلن کان محروم ڪيو ڇڏي. اهڙي طرح محروم ڪندڙن کي محروم ڪيو وڃي ٿو ۽ نفي ڪندڙن جي نفي ڪئي وڃي ٿي. هاڻي جيڪڏهن هيگل جي اصطلاحن کي ڏٺو وڃي ته سرمائيدار ”ٿيسس“ آهي ۽ مزدور طبقو آئنٽي ٿيسس. ان کان اڳ جاگيرداري نظام ٿيسس هو ۽ ابتدائي جنسي پيداوار جو نظام ائنٽي ٿيسس هو. ابتدائي جنسي پيداوار جي نظام، جاگيرداري رشتن جي نفي ڪئي ۽ آخرڪار سرمائيداري نظام پنهنجي موجوده شڪل ۾ اڀري ظاهر ٿيو، جنهن کي اسان سين ٿيسس چئي سگهون ٿا. اهڙي نموني مزور طبقو اقتدار ۾ اچي سرمائيدارن کي ملڪيت کان محروم ڪريو ڇڏي ۽ هڪ نئين سماج کي وجود ۾ آڻي ٿو يعني سوشلسٽ سماج – اهو سوشلسٽ سماج سين ٿيسس آهي. ان عمل ۾ صرف هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جنهن وقت نفي جي نفي ٿئي ٿي ته حالتون نفي جي نفي کان اڳ جهڙيون نٿيون رهن يعني نفيءَ جي نفيءَ کان اڳ وارو نظام موٽي نٿو اچي، پر ان کان وڌيڪ بهتر نظام قائم ٿئي ٿو. ٺيڪ ائين مزور طبقو سرمائيدارن کي محروم ڪري خود ان جي جاءِ تي سرمائيدار نٿو بڻجي ۽ نه ڪو هاري بڻجي ٿو، پر هو هڪ نئين ۽ بهتر نظام جو خالق هوندو آهي؛ جنهن ۾ اڻ هوند، استحصال ۽ سرمائيدارانا نفعي خوري ۽ انفراديت جو خاتمو ٿيو وڃي ۽ جنهن ۾ نجي ملڪيت سماجي ملڪيت بڻجيو پوي ٿي.

 

جدليات جا اصول

سبب ۽ نتيجو (Cause and Effect): سبب ان مظهر کي چون ٿا جيڪو ڪنهن ٻئي مظهر کي پيدا ڪري، ان کي وجود ۾ آڻي يا ان جو خالق هجي. سبب جنهن شيءِ کي پيدا ڪري ٿو، ان کي نتيجو چون ٿا. بنا سبب جي ڪا شيءِ ممڪن نه آهي. سبب کي فقط بهاني سان گاڏڙ ساڏڙ نه ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بهاني کي اصل سبب کي لڪائڻ لاءِ هڪ پوش وانگر استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن اڪثر جنگين جا ڪي فوري سبب تاريخ ۾ بيان ڪيا ويا آهن جيڪي محض بهانا آهن. جڏهن اصل سبب سرمائيدار ڌاڙيلن درميان دنيا جي بازارن جي ورهاست ۽ بيٺڪن جي عوام جو استحصال آهي.

نتيجو، جيتوڻيڪ سبب جي پيداوار ٿئي ٿو، پر پنهنجي ليکي هو خود سبب تي اثر وجهي ٿو. جيئن شعور، جيڪو مادي ۽ سماجي زندگيءَ جي پيداوار آهي پر شعور عوام جي عظيم تعداد کي چرپر ۾ آڻڻ جي هڪ زبردست قوت آهي. مطلب ته نتيجا خود ڪارڻ بنجن ٿا ٻين نتيجن جا. مثلاً هٿيارن جي ڊوڙ جيڪا جنگي ڇڪتاڻ جو نتيجو ٿئي ٿو، پر اهو ان جو سبب به ٿئي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن هٿيارن جي ڊوڙ ۾ ڪمي ڪري ڇڏجي ته ان سان جنگي ڇڪتاڻ ۾ به ڪمي ٿئي ٿي.

صحيح سببن جي سڃاڻپ ۽ پرک پروڙ نه ڪرڻ ڪري ضعيف العتقادي ۽ جادو وغيره تي ايمان ۽ ويساه پيدا ٿئي ٿو. مثلاً گهڻو اڳ قدرتي مظهرن جهڙوڪ زلزلي يا طوفان وغيره جا اصلي سبب جيستائين ماڻهن کي معلوم نه ٿيا هو انهن کي مافوق الفطرت هستين جي قهر جو نتيجو سمجهندا هئا.

وجوب ۽ اتفاق (Necessity and Chance): وجوب اُهو نتيجو آهي جيڪو گهرن سببن ۽ لاڳاپن سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهڙي طرح ڪنهن مظهر جي اندروني فطرت يا ان جي بنياد مان پيدا ٿئي ٿو. ائين جيڪا ڳالهه واجب آهي ان جو وجود ۾ اچڻ ضروري آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ڪا اتفاقي شيءِ به وجود ۾ اچي سگهي ٿي ۽ نه به، ڇاڪاڻ ته ان جو وجود ۾ اچڻ اندروني فطرت يا بنياد تي ٻڌل نه آهي، پر ٻاهرين اتفاقن تي ٻڌل آهي.

رات کان پوءِ ڏينهن، سرءُ کان پوءِ بهار ۽ سرمائيداريءَ کان پوءِ سوشلزم واجب آهي. ان ۾ اتفاق جو ڪو سوال نه آهي- جيڪي مظهر واجب آهن ۽ جن جو وجود ۾ اچڻ ضروري آهي، هنن جو ۽ وجوب جي قانون جو ادراڪ، انسان کي فطرت ۽ تاريخ تي قابو بخشي ٿو. انهيءَ ڪري ئي اينگلز هي قول دهرايو آهي ته وجوب جو ادراڪ آزاد آهي.

جيستائين اتفاقي حادثن جو سوال آهي ان تي ڪنٽرول يا روڪ نٿي ٿي سگهي، پر سماجي ۽ فطري علم ذريعي هنن جي امڪانن کي گهٽ ضرور ڪري سگهجي ٿو.

 

هيئَت (شڪل) ۽ معنيٰ

(Form and Content)

ڪنهن جون لازمي خصوصيتون، اهم اندروني پهلو ۽ جزا ان جي معنيٰ سڏجن ٿا، پر معنيٰ ڪنهن مناسب ۽ موقعي تي هيئت جي موجود نٿي رهي سگهي. مثال طور ڪنهن جاءِ جا سڀ تعميري جزا (معنيٰ) جاءِ نٿي سڏجي. جيستائين هو مناسب شڪل يا هيئت اختيار نه ڪن. يعني جيستائين سڀني تعميري جزن کي مناسب طريقي سان گڏي جاءِ جي شڪل ۾ نه آندو وڃي. ان مان واضح ٿيو ته هيئت ڪنهن شيءِ جي ترڪيبي جزن جي جوڙجڪ ۽ سٽاءُ جي طريقي جو ٻيو نالو آهي، جنهن ذريعي معنيٰ، يعني اندروني عنصر جو وجود ممڪن ٿئي ٿو.

معنيٰ، ڪنهن شيءِ جو اصل جوهر آهي ۽ هيئت (شڪل) ان تي ٻڌل ۽ منحصر آهي، پر هڪ ئي معنيٰ جون مختلف شڪليون ٿي سگهن ٿيون. مثال طور انقلاب کي وٺو. ان جا طريقا مختلف ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن هي هٿياربند جدوجهد ذريعي ۽ ڪڏهن پرامن طريقي سان وجود ۾ اچي ٿو. ساڳيو حال سوشلزم جي تعمير جو آهي. جيڪو مختلف ملڪن ۾ مختلف حالتن جي اثر هيٺ مختلف طريقو اختيار ڪري ٿو. بهرحال ان ڳالهه جو لحاظ رکڻ ضروري آهي ته سامراج ۽ سرمائيداريءَ خلاف جدوجهد جو وقت تي طريقو يا شڪل وڏي اهميت رکي ٿي ۽ جدوجهد جي ڪاميابي يا ناڪامي جو اڪثر جدوجهد جي طريقي جي صحيح يا غلط چونڊ تي مدار ٿئي ٿي ۽ جدوجهد جو صحيح ڏانءُ سرمائيدارانا آمريت جي هيئت تي ٻڌل آهي.

معنيٰ ۽ هيئت اڪثر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ هم آواز ٿين ٿا، پر معنيٰ جي جدلياتي نشوونما ڪري اڪثر هيئت يا صورت بدليل معنيٰ لاءِ بي موقعي ۽ هن جي راهه ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجيو وڃي ٿي. اهڙي مرحلي تي معنيٰ ۽ هيئت ۾ هڪ مخالفانه تضاد پيدا ٿئي ٿو، جنهن سان معنيٰ ۽ هيئت جي باهمي ڇڪتاڻ وجود ۾ اچي ٿي. جنهن کان پوءِ ڳريل سڙيل ۽ ڪم کان ويل هيئت بدلجيو وڃي. مثلاً: پيداواري قوتن جي ارتقا لاءِ سماج جو جاگيردارانا ڍڪ بي وقتو ۽ نامناسب هو. ان لاءِ ان کي ختم ڪيو ويو. وڌندڙ پيداواري قوتن جي ارتقا لاءِ سرمائيداري سماج جي هيئت وڌيڪ موزون هئي، پر پيداواري قوتن يعني؛ معنيٰ جي وڌيڪ ارتقا کان پوءِ سماج جي سرمائيداري شڪل ڳري، مدي خارج ٿي پرن جي زنجير ٿي ويئي، انڪري هڪ انقلابي جدوجهد ذريعي سرمائيداري سماج کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي سوشلسٽ سماج جي تعمير ڪرڻ ضروري ٿي ويو.

معنيٰ ۽ هيئت جي باهمي لاڳاپي ۽ ڇڪتاڻ، غير مخالف ۽ مخالف تضادن جو باهمي عمل ۽ ردعمل ائين ئي جاري ۽ ساري رهي ٿو.

 

ادراڪ جو نظريو (Theory of Cognition)

عينيت پسند فلاسافرن جو اهو گروهه جيڪو متشڪڪ (شڪ ڪندڙ) سڏجي ٿو، هي نظريو رکي ٿو ته خارجي حقيقت يعني هن دنيا کي سمجهي ۽ ان جو ادراڪ حاصل ڪري نٿو سگهجي. ليڪن اسان هي چئون ٿا ته هن دنيا کي سمجهي سگهجي.

انسان پنهنجي محنت يعني پنهنجي سرگرمي ۽ سماجي عمل جي ڪري پنهنجي چوڌاري جي دنيا جي اصل بنياد تي عبور حاصل ڪريو وٺي ۽ چڱي طرح ان حقيقت کي سمجهيو وٺي. اهڙي نموني انقلابي عمل يعني جدوجهد، نه صرف علم ۽ ادراڪ جو بنياد آهي، پر ان جي ذريعي اسان پنهنجي چوڌاري جي دنيا کي بدلائي پڻ سگهون ٿا، پر هن جو مطلب اهو ناهي ته اسان نظريي جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيون. نظريي ۽ عمل ۾ هڪ برابري ۽ اتحاد آهي. نظريو، عمل سان پيدا ٿئي ٿو، پر ان سان گڏ عمل جي واٽن کي روشن ڪري ٿو ۽ عمل جي رهبري ڪري ٿو. نظريو بناعمل جي هڪ مرده قوت آهي ۽ عمل، بنا نظريي جي هڪ انڌو عمل آهي. انقلابي نظريو بذات خود دنيا جي مزور طبقي جي عملي جدوجهد تان ورتل نتيجن تي ٻڌل آهي.

نظريو عمل ۾ تبديل ٿيو وڃي ۽ وري عمل ئي ان جي سچائي جي ڪسوٽي آهي.

 

سچائي (Truth) ۽ ان جو معيار

سوشلزم وٽ سچائي هميشہ خارجي وجود رکي ٿي. خارجي حقيقت ئي اُها حقيقت آهي جيڪا اصليت سان شامل ٿئي ٿي.

جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو آهي ته عمل ۽ زندگي ڪنهن نظريي جي سچائي جي ڪسوٽي آهي. سچائي جو ٻيو اهم پهلو هي آهي ته سچائي هميشہ ٺوس حالتن ۽ وقت ۽ مقام تي منحصر ٿئي ٿي. سچائي جو ڪو خلائي تصور نه آهي، پر سچائي هميشہ ٺوس ۽ خاص حالتن جي تابع ٿئي ٿي.

 مارڪسسٽ! يعني سوشلسٽ فلسفي خصوصيت

مارڪسي فلسفي جو بنيادي گڻ هي آهي ته هي فلسفو تقليدي نه آهي، پر تخليقي آهي. ان ۾ ڪي به اهڙا نسخا نه آهن جن کي استعمال ڪري ڪاميابيءَ تائين پهتو وڃي، پر ان جي مدد سان خاص تجزيو ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ٿي؛ جنهن کان پوءِ صحيح عمل جون راهون مقرر ڪري سگهجن ٿيون. اهڙي طرح مارڪسسٽ فلسفو هر يڪ ٽڪ نسخي کي رد ڪري ٿو. هي اڀرندڙ تحريڪن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ ان مان سائينٽيفڪ نظريو حاصل ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org