سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: سوشلزم ڇا آهي؟

باب: --

صفحو : 3

(3)

سرمائيداري جو اقتصادي نظام

سرمائيداريءَ جي شروعات

سرمائيداري نظام کان اڳ هڪ ٻيو استحصالي نظام رائج هو يعني جاگيرداري نظام. سرمائيداري جي شروعات ننڍي پيماني تي جنسي پيداوار سان ٿي، جنهن جي تضادن جي ڪري ڪجهه ماڻهو امير بنجي ويا ۽ باقي تباهه ۽ برباد ٿي ويا. بهرحال، جنسن جي ٿوري ۽ ننڍي پيماني تي پيداوار سان سرمائيداري جي شروعات ٿي. ننڍي پيماني تي پيداوار ڪندڙن جي معاشيات جيڪي پنهنجي پيداوار جي مٽاسٽا ڪن ٿا سا ادنيٰ جنسي پيداوار سڏجي ٿي. سرمائيداري، ننڍي پيماني تي جنسن جي پيداوار کان اڀري ٿي يعني جيڪڏهن ننڍي پيماني تي جنسي پيداوار نه هجي ها ته سرمائيداري وجود ۾ نه اچي سگهي ها.

سرمائيداري سان ننڍي پيماني تي جنسي پيداوار جي ڀيٽ

ٻنهي ۾ پيداواري وسيلا نجي ملڪيت ٿين ٿا. هيءَ انهن ٻنهي جي مشابهت آهي، پر فرق هي آهي ته ادنيٰ جنسي پيداوار، پيدا ڪندڙن جي ذاتي محنت تي ٻڌل ٿئي ٿي. جڏهن ته سرمائيداري نظام ۾ پيداوار جو دارومدار پگهار تي ڪم ڪندڙ مزورن جي محنت تي ٿئي ٿو، جن وٽ پيداواري وسيلا نٿا ٿين ۽ جن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو. جيئن جيئن سرمائيداري وڌي ٿي هو ادنيٰ جنسي پيداوار جي نظام کي ڌڪو ڏيندي وڃي ٿي ۽ آخر ۾ بلڪل ختم ڪيو ڇڏي جڏهن ته ان نظام جا پيدا ڪندڙ پگهاردار مزور بڻجي سرمائيداري نظام جو هڪ حصو بڻجيو وڃن.

سرمائيداريءَ جو اڀار ڦرلٽ، سوڀن، غلام سازيءَ ۽ فريب جي ذريعي آيو.

 

سرمائيداري جي اڀار جا نتيجا

ان جو پهريون نتيجو هي نڪتو ته دولت چند هٿن ۾ گڏ ٿي ويئي ۽ ٻيو هي ته تمام گهڻا انسان ڏتڙجي ويا يعني بي ملڪيت ٿي ويا. هي ماڻهو ذاتي حيثيت ۾ ته آزاد ٿين ٿا، پر پيداواري وسيلن ۽ معاشي وسيلن کان بنهه وانجهيل. ان لاءِ هنن کي پنهنجي محنت جي قوت وڪڻي زندگي گهارڻي پوي ٿي. اهڙي طرح سرمائيداري نظام جي شروعات هڪ پاسي ملڪيت جي مالڪ سرمائيدارن ۽ ٻئي طرف بي ملڪيت پرولتاريه کي جنم ڏنو، جيڪي سرمائيدارانه ذخيره اندوزي کان اڳ سرمائي جي شروعاتي ذخيري اندوزي مان پيدا ٿين ٿا.

 

پگهاردار مزورن جو وجود

جاگيرداري دور ۾ زراعت هڪ بنيادي ڌنڌو ۽ زمين بنيادي پيداواري وسيلو هئي ۽ پيداوار جو عمل دستڪارن ۽ هارين ذريعي پورو ٿيندو هو. جيتوڻيڪ ذاتي طرح جاگيردارن جي قبضي ۾ هئا، پر هو زمين سان ڳنڍيل هئا. پيداواري اوزار هنن جا پنهنجا هوندا هئا ايتري قدر جو زمين تي به سندن موروثي حق هوندو هو. ان کان سواءِ هارپ جا اوزار ۽ چوپايو مال به سندن ملڪيت هئي. ان طبقي کي جاگيردارن جي ذاتي قبضي کان آزاد ڪيو ويو ته هنن کي سرمائيدارانه غلاميءَ جي نظام ۾ ٻڌو وڃي. هارين کي قبضي کان آزاد ڪرڻ لاءِ هنن کي پيداواري وسيلن کان محروم ڪيو ويو. ان هوندي به هو اڻ سڌي طرح پيدا ڪندڙ هئا. هي بي دخل ٿيل، بي روزگار ۽ فالتو ماڻهو پگهاردار مزدورن جا پهريان نشان هئا. اهڙي نموني ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جي ذريعي هارين کي بي زمين ۽ بي گهر پرولتاريه بنايو ويو ۽ زرعي زمين جي وسيع ٽڪرن کي هڪ ننڍي ٽولي جي هٿ ۾ ڏنو ويو.

 

سرمائي جي شروعات

سرمائي گڏ ڪرڻ جي شروعات آمريڪا جي نئين جاگرافيائي ڳولها، هندستان سان نا برابري وارو واپار ۽ حڪومت جي مدد سان ڏتڙيل ۽ ڪمزور ملڪن جي ڦرمار ۽ ان تي قبضي سان ٿي جنهن سببان رپيو ۽ سرمايو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ لڳو. هنن ملڪن مان جن شروعاتي ڦرمار ۾ حصو ورتو انهن مان پورچوگال، هالينڊ، برطانيه ۽ فرانس اهم آهن.

 

سرمائيداري ۽ جنس جو تجزيو

سرمائيداري، اولهه يورپ ۾ چوڏهين عيسوي صدي ۾ شروع ٿي ۽ تقريبن اڻوهين عيسوي صدي ۾ ان جي نشونما ۽ ترقي ڏاڍي تيزيءَ سان ٿي.

سرمائيداري نظام ۾ پيداوار جي بنيادي خاصيت هي آهي ته ان ۾ پيداوار، استعمال لاءِ نه پر مٽاسٽا لاءِ ٿئي ٿي. ان پيداواري طريقي کي جنسي پيداوار چون ٿا. اهڙي نموني جنس، سرمائيداري لاڳاپي جي بنيادي ايڪي جي حيثيت رکي ٿي.

 

جنسي پيداوار جا لازمي جزا

(1) جنسي پيداوار ۾ محنت جي سماجي ورهاست نهايت جامع ۽ مڪمل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ ابتدا ئي سماج ۾ به محنت جي ورهاست جو رواج هو، پر اُها ورهاست ٻئي قسم جي ورهاست هئي. مثلاً دستڪارن ۽ هارين جي ورهاست جنهن جي ڪري هاري اناج پيدا ڪندا هئا ۽ ان زماني جي زرعي آبادي صنعتي ڪم ڪندڙن جي پرورش ڪندي هئي. ۽ انهن کان وري زراعت ۽ زندگيءَ ٻين ضرورتن لاءِ اوزار تيار ڪرائيندي هئي. پر سرمائيداريءَ دور ۾ هيءَ ورهاست ڌنڌي پٽاندڙ نه پر صنف ۽ عمر پٽاندڙ ٿئي ٿي. اڳتي هلي اِها ورهاست ماهر ۽ غير ماهر، هنرمند ۽ غير هنرمند ڪاريگرن جي وچ ۾ ٿئي ٿي.

(2) جنسي پيداوار جو ٻيو لازمي جزو پيداواري وسيلن جي نجي ملڪيت آهي.

 

جنس جون خاصيتون

(1) جنس ۾ استعمالي قدر هئڻ ضروري آهي. يعني ان جي ذريعي ڪنهن انساني ضرورت ۽ گهرج جو پورائو ٿئي. پيداوار جي هي خاصيت فطري اقتصاديات جي دور ۾ به هئي.

(2) جنس هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي مٽاسٽا ڪنهن ٻيءِ شيءِ سان ڪئي وڃي.

(3) جنس ۾ مٽاسٽا جي ويليو (Exchange Value) هئڻ ضروري آهي، جنهن کي صرف قدر (Value) به چون ٿا. مٽاسٽا جي قدر جو مطلب آهي مقدار جو اُهو تناسب جنهن سان محنت جي هڪ پيداوار جي مٽاسٽا محنت جي ٻيءَ پيداوار سان ٿئي. هتي هي سوال پيدا ٿئي ٿو ته اُهو مقداري تناسب ڇا آهي، جنهن سان مقرر مقدار جي هڪ شيءِ جي مٽاسٽا ڪنهن ٻي شيءِ جي هڪ مقرر مقدار سان ڪئي وڃي؟ ٻين لفظن ۾ ڪنهن شي جي قيمت ڪيئن مقرر ٿئي ٿي؟ اسان اڪثر ڏسون ٿا ته بازار ۾ قيمتن ۾ لاهو چاڙهو ۽ گهاٽي واڌي ٿيندي رهي ٿي، پر اِها گهاٽي واڌي ڪنهن سراسري سطح جي اندر ٿئي ٿي. ان لاءِ مٽاسٽا يعني قيمت جو معيار مٽاسٽا جي عمل ۾ نٿو ملي، پر هي پيداواري عمل ۾ لڪل ۽ سمايل هوندو آهي.

 

مختلف جنسن جي هڪجهڙي خاصيت

مٿي ذڪر ڪيل مٽاسٽا جو معيار ڇا آهي؟ هيءُ اصل ۾ ڪنهن شيءِ جي پيدائش ۾ خرچ ڪيل سماجي طور تي ضروري محنت جو مقدار آهي جيڪو ان تناسب کي مقرر ڪري ٿو جنهن سان هڪ سامان جي مٽاسٽا ڪنهن ٻئي سامان سان ٿئي ٿي. محنت جي ماپ جو طريقو هي آهي ته ڪنهن جنس جي پيداوار ۾ جيڪو وقت خرچ ٿئي ٿو اُهوئي خرچ ڪيل محنت جو معيار آهي. مثلاً ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪرڻ ۾ ان جي پيدا ڪندڙن کي مجموعي طرح ٻه ڪلاڪ خرچ ڪرڻا پون ٿا ۽ ڪنهن ٻي شيءَ جي پيدا ڪندڙن کي مجموعي طرح ڏيڍ ڪلاڪ خرچ ڪرڻو پوي ٿو ته مٽاسٽا جي معيار ۾ پوئين شيءَ جي پهرين شيءَ جي مقابلي ۾ گهٽ قيمت ٿيندي. ان نموني جيڪڏهن حساب لڳائڻو هجي ته هڪ سير ڪڻڪ ڪيترن والن ڪپڙي جي برابر آهي يا هي ته هڪ سير ڪڻڪ جو ڪيترن والن ڪپڙي سان مٽاسٽا ڪئي وڃي. ان لاءِ ٻنهي شين جي پيدا ڪرڻ ۾ خرچ ڪيل اجتماعي محنت جي وقت کي جاچڻو پوندو ۽ ظاهر ۽ مٽاسٽا ۾ شين جي برابري سندن پيدائش ۽ خرچ ٿيندڙ محنت جي وقت جو ٻيو نالو آهي. اهوئي معيار، قدر جو بنياد آهي ۽ اهوئي جنسي پيداوار جو هڪ اقتصادي قانون آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي مٽاسٽا جي قدر جي هن معيار تي شڪ هجي ته ان آڏو اسان هڪ ننڍو مثال رکون ٿا. اُهو هي آهي ته ڪجهه وقت اڳي ڪيتريون شيون مهانگيون هيون مثلاً جڏهن پهريون ڀيرو بازار ۾ اليومينم جا ٿانو ۽ ٻيو سامان آيو ته نهايت مهانگو هو، پر جڏهن فني صلاحيت ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي سان ان جي تياريءَ ۾ خرچ ڪيل محنت گهٽجي ويئي ته هو سهانگو ٿي ويو.

سرمائيدارانا پيداوار جو انتشار

سرمائيدارانا پيداواري طريقي ۾ قدر جو قانون (Law of Value) هڪ خودڪار قوت وانگر عمل ڪندو رهي ٿو ۽ ان جو عمل، باهمي مقابلي ذريعي ٿئي ٿو جيڪو سرمائيداري جو لازمي حصو آهي. سرمائيدارانا مقابلو اصل ۾ ڀوائتي اقتصادي ڪشمڪش جو ٻيو نالو آهي. سرمائيداري مقابلي سببان هر سرمائيدار جي دل ۾ اهو جذبو ڪم ڪندو رهي ٿو ته هو گهڻي کان گهڻو مال ٺاهي وڪڻي ۽ پنهنجي مخالف سرمائيدار کي بازار ۾ ٺپ ڪري ڇڏي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي مزدورن جي استحصال ۾ ٻين کان بازي کڻي وڃي. (گهٽ مزدوري يا گهڻي محنت وغيره) اهڙي طرح جنسي پيداڪارن درميان پيداوار جو انتشار ۽ بي ضابطگي وجود ۾ اچن ٿا. پيداوار جي انتشار جو هي مطلب آهي ته پيداواري عمل، انفرادي جنسي پيداڪارن ۾ ڦهليل آهي ۽ هنن ۾ ڪابه رٿابندي يا باهمي تعاون نه آهي. ٿئي ائين ٿو ته پيداوار چند ڇڙوڇڙ پيداڪارن جي هٿن ۾ ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي جنسن جي مٽاسٽا ڪن ٿا يعني انهن کي وڪڻن ٿا. مٽاسٽا ۾ طلب (Demand) ۽ رسد (Supply) جي جزي سببان قيمتن ۾ لاهي چاڙهي ٿئي ٿي. ان بازار جي افراتفري ۾ پيداڪارن کي اڳواٽ اِهو معلوم نه هوندو آهي ته هن جي جنس جي ڪيتري طلب ۽ ڪيتري قيمت بازار ۾ ٿيندي. هن کي اِها خبر ان وقت پوي ٿي جڏهن هو پنهنجو مال بازار ۾ آڻي ٿو ۽ اهوئي بازار جي لاهي چاڙهي جو سبب آهي. مثال طور اوچتو جوتن ٺاهيندڙن کي هي محسوس ٿئي ٿو ته بازار ۾ جوتن جو اگهه ڪري پيو آهي ڇاڪاڻ ته مال تمام گهڻو پيدا ٿي بازار ۾ پهچي ويو آهي. ان سببان رسد وڌي ۽ طلب گهٽجي ويئي آهي. قيمتون گهٽجي وڃڻ سببان جوتن ٺاهيندڙن کي گهاٽو پئي ٿو ۽ هو جوتن جو ڪاروبار ڇڏي ڪو ٻيو ڪاروبار ڪن ٿا. ان جو نتيجو ڇا ٿو ٿئي جو بازار ۾ مال گهٽجيو وڃي ۽ وري اگهه وڌيو وڃن، ان ڪري وري ڪيترا ماڻهو جوتن ٺاهڻ واري ڪم ۾ لڳيو وڃن ۽ ان نموني لاهي چاڙهي جي زنجير جاري رهي ٿي. ان مثال مان هي واضح ٿئي ٿو ته پيداوار جي مختلف شاخن ۾ سماجي محنت جي ختم نه ٿيندڙ لاهين چاڙهين وچ ۾ ورهاست ٿئي ٿي.

جنسي پيداوار جي نشونما سان گڏ پيداوار اصلي پيداڪارن (پورهيتن) جي هٿن مان نڪري سرمائيدارن جي هٿن ۾ پهچيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پيداوار، ڪارخاني جي پيداوار ٿيو پوي جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جيڪي پيداوار جا عظيم ذخيرا تيار ڪن ٿا ۽ اهي ذخيرا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڪامن ٿا، پر ان وقت به انتشار جيڪو سرمائيداري جو اٽوٽ جزو آهي پوري طرح نمايان ٿئي ٿو ۽ هڪ خاص تباهه ڪن قوت جي شڪل ۾ اڀري ٿو، جنهن کي بحران چون ٿا.

 

روپئَي جو وڌڻ ويجهڻ

رپيو اصل ۾ مشترڪ مٽاسٽا جي ذريعي جي حيثيت سان وجود ۾ آيو هو ۽ شين جي مٽاسٽا جي معيار کان سواءِ پنهنجي ڪاذاتي حيثيت نه رکندو هو پر پوءِ آهستي آهستي هڪ آزاد ۽ اهم اقتصادي قوت بنجي اڀريو. رپئي جي هيءَ حيثيت سرمائيداري نظام ۾ قائم ٿي، جنهن ۾ سرمائيدار، مزورن جي محنت جو مفت استحصال ڪري ٿو ۽ بنا ڪمايل آمدني وصول ڪري ٿو. اهڙي نموني رپئي کي وڌڻ لاءِ هڪ استحصالي نظام ضروري آهي. ورنه رپيو خود به خود ڪنهن ٻوٽي وانگر وڌي نٿو سگهي. سرمائيداري نظام ۾ رپيو، مٽاسٽا کان آزاد ٿي بذات خود سرمايو بڻجيو وڃي ۽ اهڙي نموني وڌيڪ دولت پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿو.

رپيو پيداواري وسيلي ۾ تبديل ٿي سرمائي جي شڪل اختيار ڪري ٿو ۽ سرمايو وڌيڪ رپيو پيدا ڪري ٿو. اهڙي نموني رپيو جيڪو شروع ۾ رڳو مٽاسٽا جو ذريعو هو. سرمائيداري دور ۾ پيداواري ذريعو بڻجيو وڃي ۽ رپئي ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجي ٿو.

 

سرمايو

سرمائيدار اقتصاديات جي ماهرن وٽ هر اهو محنت جو وسيلو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، سرمايو آهي. ان ڪري هنن جو خيال آهي ته آڳاٽي زماني ۾ استعمال ٿيندڙ سادا اوزار مثلاً ڏنڊو ۽ پٿر به سرمايو هئا، پر هيءَ سوچ سراسر غلط آهي. هن کان اڳ، جو اسان ان غلطيءَ جو تجزيو ڪريون اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سرمايو ڪا شيءِ نه آهي، پر هڪ مخصوص پيداواري ناتو آهي. هي اُهو سماجي ناتو آهي جيڪو ٻن طبقن درميان ٿئي ٿو. هڪ طبقو اُهو جيڪو پيداواري وسيلن جو مالڪ ٿئي ٿو ۽ ٻيو اُهو جيڪو انهن وسيلن کان محروم ٿئي ٿو ۽ ان لاءِ استحصال سهڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هي سماجي لاڳاپو پيداواري وسيلن مثلاً زمين، عمارت، مشين، ڪچي مال وغيره کي استحصال جو وسيلو بنايو ڇڏي ۽ تڏهن ئي اهي شيون سرمايو بڻجن ٿيون. جيئن ته انساني سماج جي مُنڍ ۾ ڏنڊي ۽ پٿر جهڙا اوزار ۽ هٿيار ساري سماج لاءِ استعمالي قدر پيدا ڪرڻ جي ڪم ايندا هئا ۽ نه مٽاسٽا جي شين پيدا ڪرڻ لاءِ. ان ڪري انهن کي سرمايو نٿو چئي سگهجي ان لاءِ ته سرمائيداري سماج ۾ پيداواري وسيلا هڪ جنس بڻجيو وڃن ٿا ۽ پنهنجي قدر ۽ قيمت رکن ٿا. ان ڪري اسان سرمائي جي وصف هيئن ڪري سگهون ٿا ته سرمايو اُها قدر آهي جيڪا اجرتي محنت جو استحصال ڪري زائد قدر (Surplus Value) پيدا ڪري ٿي. سرمايو هڪ طريقي سان ذخيرو ٿيل يا جمع ٿيل محنت جو ٻيو نالو آهي. سرمائيداري نظام ٻن طبقن تي ٻڌل آهي. هڪ اُهو طبقو جيڪو سڀني پيداواري وسيلن جو مالڪ ٿئي ٿو. جيئن سرمائيدار ۽ زميندار ۽ ٻيو اُهو جيڪو انهن وسيلن کان محروم هئڻ سببان پنهنجو پاڻ ڀاڙي تي ڏيو ڇڏي. نه فقط هي پر سرمائيداري نظام ۾ ننڍو مالڪ مثلاً ڪڙمي ۽ ڪاريگر به استحصالي پنجوڙ ۾ ڦاسيو پون ٿا. هر قدم تي نجي ملڪيت جي غلبي جو اثر چٽو ٿئي ٿو، ايتري قدر جو گهر کان وٺي قبر تائين هر ڪا شيءِ نجي ملڪيت ٿئي ٿي.

ان نظام ۾ رپيو هر پاسي کان ڇڪجيو سرمائيدارن جي زر جي نظام جو قيدي ٿيو پوي. مثلاً جيڪڏهن ڪو مزور ڪڏهن ڪجهه رپيا بچايو وٺي ته هن کي اهي رپيا بئنڪن ۽ انشورنس ڪمپنين ۾ رکڻا پون ٿا؛ جيڪي سرمائيدارن جي ملڪيت ٿين ٿيون. اهڙي نموني جڏهن سرمائيداري وڌي مالياتي سرمائيداري (Finance Capitalism) جي شڪل اختيار ڪري ٿي ته هر ڪنهن جو پيسو سرمائيدارن جي قبضي ۾ اچيو وڃي.

 

محنت جي قوت هڪ جنس جي حيثيت ۾

مزورن کي ڀاڙي تي وٺي سرمائيدار محنت جي قوت کي بحيثيت هڪ جنس خريدي ٿو. ان طرح سرمائيداري ۾ محنت جي قوت به هو ڏيتي ليتي جي جنس بنجيو وڃي ٿي. جيئن ته مزور سمورن پيداواري وسيلن کان محروم هئڻ ڪري وڪڻڻ لاءِ ڪجهه نٿا رکن ان ڪري هن وٽ پنهنجي محنت جي قوت جو استعمال جو ئي هڪ طريقو آهي، جنهن ذريعي هو پاڻ کي سرمائيدار وٽ وڪڻن ٿا ۽ پوءِ اها ئي قوت هڪ پيداواري وسيلي جي حيثيت سان استعمال ٿئي ٿي.

 

هڪ جنس جي حيثيت سان محنت جي قوت جي قيمت

هتي هيءُ سمجهڻ ضروري آهي ته مزور پنهنجي محنت جي قوت هڪ مقرر عرصي لاءِ وڪڻن ٿا. هميشه لاءِ نه، يعني اهو وڪرو هڪ محدود وقت لاءِ ٿئي ٿو پوءِ کڻي اهو چند ڪلاڪن لاءِ هجي يا چند مهينن لاءِ. ٻي هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مزورن جي بنيادي ضرورتن جو ايترو پورائو ضروري آهي، ته جيئن هو زندهه رهي سگهن ۽ هنن جي محنت جي قوت به قائم ۽ زندهه رهي سگهي. ان ڪري بحيثيت جنس، محنت جي قوت جي قيمت انهن سڀني جنسن جي برابر آهي، جيڪي کيس زندهه رکڻ لاءِ ۽ سندن محنت جي صلاحيت قوت کي بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. ان ڪري محنت جي قوت جي قدر جو فارمولا هن ريت آهي:

محنت جي قوت جو قدر = هن جي زندگي جي وسيلن جو قدر

محنت جي قوت جي قيمت ۾ اُها لاڳت به شامل ٿئي ٿي، جيڪا نوجوان ۽ غير هنرمند مزورن کي سکيا ڏيڻ تي خرچ ٿئي ٿي. ان لاءِ سکيا ورتل ۽ هنرمند مزورن جو اُجورو يعني انهن جي محنت جي قوت جي قيمت، غير هنرمند مزورن کان وڌيڪ ٿئي ٿي.

سرمائيداري نظام ۾ محنت جي پيداواري صلاحيت گهڻو وڌيو وڃي، ان ڪري هڪ مزور جي روزاني محنت ان سامان کان گهڻو وڌيڪ سامان پيدا ڪري ٿي؛ جيڪو خود هن مزور جي زندگي لاءِ ضروري آهي.

ان طرح مزورن جي محنت سان پيدا ڪيل قدر ۽ هن جي محنت جي قوت جي قدر ٻه ڌار ڌار ايڪا آهن. پوئين ذڪر ڪيل مزورن جي اجرت (اجورو) سڏجي ٿي، جڏهن ته پهرين ذڪر ڪيل سرمائيدارانه نفعي جو وسيلو بڻجيو وڃي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي اُهوئي اصل ۾ استحصال جو بنياد آهي، ڇاڪاڻ ته هن فرق کي سرمائيدار بلڪل مفت هڙپ ڪيو وڃي.

 

زائد قدر

اها محنت جيڪا هڪ مزور سرمائيدارن جي ڪارخاني ۾ ڪري ٿو، ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. يعني محنت جي ڏينهن جي هڪ حصي ۾ مزور اُهي قدر پيدا ڪري ٿو، جيڪي هن جي محنت جي قوت برابر هجن يعني هيءُ ته ڏينهن جي هڪ حصي ۾ هو ايترا قدر پيدا ڪيو وٺي جيڪي هن جي زندگيءَ جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهن. ان محنت کي ضروري محنت (Necessary Labour) چون ٿا. ڏينهن جي ٻئي حصي ۾ هو زائد قدر پيدا ڪري ٿو يعني پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن کان وڌيڪ قدر پيدا ڪري ٿو، جنهن کي سرمائيدار مفت هڙپ ڪيو وٺي – ان محنت کي زائد محنت (Surplus Labour) چون ٿا. مزورن جي زائد محنت جي پيدا ڪيل قدر، زائد قدر سڏجي ٿي. اصل ۾ زائد قدر، بي گاري محنت يعني ان محنت جو نتيجو آهي، جنهن جو ڪوبه اُجورو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ اهائي بي گاري محنت ۽ ان جي پيدا ڪيل زائد قدر تمام غير محصول آمدني يعني نفعي جو وسيلو آهي. نفعو جيڪو سرمائيداري جي مشين کي چوريندڙ قوت آهي ۽ اهوئي سرمائيدارانا استحصال جو بنياد آهي. مثال طور فرض ڪريو ته مزور ڪنهن ڪارخاني ۾ اٺ ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو ۽ هن کي پنج رپيا ڏيهاڙي اجورو ملي ٿو ته هاڻي هو ٽن يا چئن ڪلاڪن (مختلف حالتن تي منحصر آهي) پنجن رپين جي برابر قدر پيدا ڪيو وٺي. باقي وقت يعني چار يا پنج ڪلاڪ هو جيڪو ڪم ڪري ٿو ان جو هن کي ڪوبه اجورو نٿو ملي ۽ جنهن سان سرمائيدار جو نفعو ٺهي ٿو ۽ جنهن کي زائد قدر چئبو آهي. ان ڪري مزور جڏهن پنهنجي اجوري ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ٿو ته هو اصل ۾ زائد قدر يعني سرمائيداري نظام جي نفعي ۽ استحصال تي حملو ڪري ٿو.

 

اجرت (اجورو) ۽ نفعو

سرمائيدار اقتصاديات، جي ماهرن مزورن جي پگهار بابت مختلف نظريا گهڙيا آهن. انگلينڊ جي مشهور مفڪر جان اسٽوئرٽ مل جي چوڻ مطابق ته اجرت جو فنڊ هڪ مقرر رقم ٿئي ٿي جيڪا پيداوار جي لاڳت جو هڪ حصو ٿئي ٿو. جيئن جيئن مزورن جو تعداد وڌندو وڃي ٿو ان جي انفرادي اجرت خودبخود گهٽ ٿيندي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو پيداواري ڪٿ ۾ اجرت جو فنڊ وڌي نٿو پر جيئن جو تيئن رهي ٿو. هن نظريي مطابق موجوده دور ۾ جيڪو عظيم هڪ هٽين جو دور آهي ۽ جنهن ۾ لکين ڪروڙين مزور اجرت تي رکيا وڃن ٿا پڻ بيروزگار مزورن جي فوج ۾ اضافي جو تناسب وڌندو وڃي ٿو، اجرتن جو ساڳئي تناسب سان گهٽ ٿيڻ لازمي ٿيو پوي ان نظريي سان مزورن کي هي پڙهايو وڃي ٿو ته اجرتن وڌائڻ لاءِ جدوجهد احمقانا آهي. هي نظريو هڪ جامد ۽ داخلي قسم جو وهم آهي جيڪو ان ڳالهه کي نظر انداز ڪري ٿو ته سرمائيدارانا صنعت جي ترقيءَ سان جڏهن لاڳت جون ٻيون مدون جهڙوڪ ايراضيءَ جي مسواڙ، مشينن جو خرچ وغيره وڌي وڃن ٿيون، ته پوءِ اجرت، لاڳت جي هڪ مد جي حيثيت سان ساڪن ۽ هڪ هنڌ ڪيئن رهي سگهجي ٿي؟ ان کان سواءِ ان سلسلي ۾ سڀ کان بنيادي ۽ اهم نظريو مالٿوس جو آهي، مالٿوس چوي ٿو ته آبادي جياميٽري جي تناسب سان وڌي ٿي، معاشي وسيلا صرف ارٿميٽڪ جي تناسب سان وڌن ٿا. مثلاً آبادي هڪ، ٻه، چار، اٺ، سورهن (1-2-4-8-16) جي تناسب سان وڌي ٿي يعني ٻيڻي ٿيندي وڃي جڏهن ته معاشي وسيلا هڪ، ٻه، ٽي، چار پنج (1-2-3-4-5) جي تناسب سان وڌن ٿا. اهڙي نموني معاشي وسيلا باهمي ڊوڙ ۾ آبادي کان گهڻو پٺتي رهجيو وڃن ٿا. هن نظريي جا مقصد هيٺيان آهن:

(1) انسان ذات ۽ مزور طبقي جي آبادي ۽ اضافي سان گڏ فاقاڪشي ۽ غربت ۾ گرفتار ٿيڻ اڻ ٽر آهي. ان لاءِ عوام کي پنهنجي اقتصادي ڀلائي جي جدوجهد ڪرڻ سان ڪو فائدو نه آهي.

(2) جيڪڏهن عوام کي پنهنجي معاشي حالت بهتر بنائڻي آهي ته آبادي ۾ اضافي مان جند ڇڏائين. ان لاءِ جنگ، بيماريون، ڏڪر ۽ برٿ ڪنٽرول جا طريقا نافذ ڪيا ويا آهن. ظاهر آهي ته هي طريقا انسانيت جي وجود ۽ بقا ۽ نئين تخليق تي زبردست حملا آهن ۽ ان جو مقصد هي آهي ته سرمائيداري جي استحصالي نظام جي بچاءُ جي خاطر انسانيت ختم ٿي وڃي.

انهن نظرين جي ذريعي سرمائيدارن جا ڇاڙتا پنهنجن آقائن جي خدمت پيا ڪن ۽ اهڙا اهڙا نظريا ۽ طريقا ايجاد ڪن ٿا، جيڪي اجرتي غلامي ۽ استحصالي نظام قائم رکڻ ۾ مددگار ۽ معاون ثابت ٿين.

بهرحال، جيئن ته اسان پهرين ڏسي چڪا آهيون ته اجرت جو مقدار، محنت جي قوت جي مٽاسٽا جو قدر آهي، جيڪو زندگيءَ جي وسيلن جي قيمت جي برابر ٿئي ٿو ته جيئن هن جي غلامي قائم ۽ دائم رهي. جهڙي نموني غلامن ۽ چوپائي مال کي کاڌو ڏنو وڃي ٿو ته جيئن هو پنهنجن آقائن جي مفاد جي خاطر زندهه رهي سگهن.

هاڻي سوال هي آهي ته سرمائيدار جي نفعي جو وسيلو ڇا آهي؟ ظاهر آهي ته پيداواري عمل ۾ ڪا اهڙي پيداواري قوت هئڻ گهرجي، جيڪا هڪ جنس جي حيثيت سان جي قدر کان وڌيڪ پيدا ڪري سگهي ورنه نتيجو هي نڪرندو ته پيداوار جي قدر، لاڳت جي برابر ٿيندي ۽ اهڙي حالت ۾ سرمائيدار کي ايترو ئي ملندو جيترو هو خرچ ڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ نفعي لاءِ هيءُ ضروري آهي ته سرمايو لڳائڻ وارو پنهنجن خرچن ۽ لاڳت کان ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪري جيڪو انهيءَ قيمت جي ذريعي وصول ٿئي. ظاهر آهي ته ڪي به پيداواري قوتون مثال طور ايراضي، عمارت، مشينون پنهنجي قدر کان وڌيڪ پيدا نٿيون ڪري سگهن سواءِ محنت جي قوت جي. هن طرح واضح ٿيو وڃي ته نفعو صرف زائد محنت منجهان ۽ زائد قدر جي حيثيت ۾ نڪري ٿو. زائد محنت سان جيتري زائد قدر ٿيندي نفعو اوترو ئي وڌيڪ ٿيندو ۽ جيتري گهٽ هوندي نفعو اوترو ئي گهٽ ٿيندو. هتي هي نڪتو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته زائد قدر ئي اهو ذريعو آهي جنهن سان رياست جي جابرانه ادارن جهڙوڪ انتظاميه، فوج، پوليس وغيره جو خرچ نڪري ٿو ته جيئن پيڙهيل طبقن کي ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور سان دٻائي استحصالي نظام قائم رکن. بيٺڪن ۾ زائد قدر سامراجي ملڪن ۽ هڪ هٽين جي خرچ جو وسيلو آهي جيڪو محڪوم ملڪن کان وصول ڪن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org