سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: سوشلزم ڇا آهي؟

باب: --

صفحو : 4

 

سرمائيدارانا استحصال ۽ ان کان اڳئَين استحصال جي شڪل

 

ڇا استحصال ۽ پرماريت صرف سرمائيداري سماج ۾ ٿئي ٿو ۽ ان کان اڳين نظامن ۾ استحصال جو وجود نه هو؟ هيءَ ڳالهه صحيح نه آهي. استحصال سرمائيداري سماج کان اڳ به ٿيندو هو، ايئن کڻي چئجي ته تاريخ ۾ هو ان وقت شروع ٿيو جڏهن طبقاتي معاشري جنم ورتو. طبقاتي معاشري ۾ سڀ کان پهريون معاشرو غلامي وارو نظام هو. ان کان پوءِ جاگيرداري نظام ۽ پوءِ سرمائيداري نظام. سرمائيداريءَ کان اڳ جي نظامن يعني غلامي ۽ جاگيرداري نظامن ۾ به استحصال ٿيندو هو يعني غالب طبقو مغلوب طبقي جو استحصال ڪندو هو، پر ان جي شڪل اِها نه هئي جيڪا سرمائيداري ۾ آهي. مثال طور: غلامانه نظام، پيدا ڪندڙ پاڻ خود استحصال ڪندڙن جي ملڪيت ٿيندو هو ۽ ان سان گڏ پيداواري وسيلا به. تنهن ڪري غلامي جي دؤر ۾ ڪارڪن ۽ ڪم جا اوزار ٻئي مڪمل طرح آقائن جي ئي ملڪيت ۽ استحصال ۾ هئا. ايتري قدر جو هنن کي خريدي وڪڻي به سگهيا ٿي. مثلاً روم- روم ۾ جيڪو غلامن جو دؤر هو هيٺيان اوزار تسليم ڪيا ويندا هئا: (1) گونگا اوزار (2) ڳالهائيندڙ اوزار.

ڳالهائيندڙ اوزار اُهي انسان هوندا هئا، جيڪي غلام سڏبا هئا ۽ گونگا اوزار، بي جان اوزار هئا.

جاگيرداري نظام ۾ رعيت گهٽ درجي جي زراعت جي اوزارن جي مالڪ هئي، پر پيداوار جو بنيادي لاڳاپو يعني زمين، زميندار جي ملڪيت هوندي هئي. جنهن سان هاري ذاتي طرح ڳنڍيل ۽ ٻڌل هو. جاگيرداري نظام ۾ جاگيردار، هاري جي محنت جو ڦل هڙپ ڪري وٺندو هو.

سرمائيداري نظام ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ، سرمائيدارن، زميندارن سان ٻڌي ڪري ورتي ۽ ان جا زمين وارا مفاد جيئن جا تيئن رهڻ ڏنا. اهڙي طرح جاگيردارانه استحصال مختلف شڪلن ۾ موجود رهيو. خاص ڪري ڏتڙيل ملڪن، بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي علائقن ۾ جاگيرداري استحصال سرمائيداري استحصال سان گڏ قائم رهيو، اهڙي نموني انهن ملڪن ۾ جاگيردار بيٺڪي ۽ سامراجي نظامن جو بڻ بڻياد هو ۽ اصل سرمائيدارانه نظام ۾ مزور نه ته غلامن وانگر آقائن جي نجي ملڪيت ٿين ٿا ۽ نه هاري رعيت وانگر زمين ذريعي جاگيردارن جا پابند ٿين ٿا. هو ظاهري ۽ قانوني طور تي آزاد ٿين ٿا، پر جيئن ته پيداواري وسيلا ۽ معاشي وسيلن کان ماڳهين محروم ۽ وانجهيل ٿين ٿا. ان ڪري هو سرمائيدارن لاءِ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. اهڙي طرح سرمائيدارانه سماج ۾ استحصال لڪل آهي، جڏهن ته جاگيرداري ۽ غلامي جي معاشرن ۾ هي استحصال کليل هو ۽ ڏٺو وائٺو ٿيندو هو، پر ان سان گڏ غلامي ۽ جاگيرداري دور ۾ استحصال حدن اندر ٿئي. يعني آقا ۽ جاگيردار، غلامن ۽ هارين کان ايتري ئي محنت ڪرائيندا هئا جيتري هنن جي ضرورتن لاءِ ڪافي هجي پر سرمائيداري ۾ هي استحصال اڻ کٽ آهي. ڇو؟ ان لاءِ ته سرمائيداري، مزورن جي زائد محنت منجهان روپيو حاصل ڪري ٿي ۽ هي روپيو اڃا وڌيڪ سرمائي لاءِ استحصال ٿئي ٿو، جنهن سان وڌيڪ زائد قدر پيدا ٿئي ٿي ۽ اهڙي طرح اهو سلسلو اڻ کٽ آهي.

 

سرمائيدارانه استحصال نقاب

سرمائيداري نظام جي زنجير جي صفت قانون ۽ ان جو پيداواري، طريقو مزور کي سرمائي جي رٿ (گاڏيءَ) ۾ ڍڳن وانگر جوٽيو ڇڏين ۽ اهڙي نموني مزور اجرتي غلام بڻجيو وڃي.

سرمائيداري پنهنجي ان استحصال کي پرفريب لفظن سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر فريب نعرا آهن: ”نفعي ۾ مزور جو حصو، سماجي حصيداري، سرمائي کي عوامي سرمايو بنائڻ ۽ عوامي بهبود جي رياست، وغيره.“  پر اِهي کوکلا نعرا سرمائيدارانا استحصال جي ڪري حقيقت نٿا لڪائي سگهن. هائو هي ضرور ٿيو آهي ته مزورن جي مسلسل جدوجهد سرمائيدارن کان ڪيتريون ئي رعايتون زبردستيءَ حاصل ڪيون آهن. جهڙوڪ اٺ ڪلاڪن جو ڏينهن وغيره پر سرمائيداري نظام جي اصليت انهن سڌارن جي باوجود جيئن جو تيئن رهي ٿي ۽ سرمائيداري محنت جي وچ ۾ وڇوٽي وڌندي رهي ٿي، جنهن جو نتيجو هي ٿئي ٿو ته هڪ ننڍو گروهه اڃا به وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته عوام جي هڪ عظيم اڪثريت اڃا به وڌيڪ ٿيندي پئي وڃي.

 

زائد قدر جي نظريي جي اهميت

بناشڪ ۽ شبهي زائد قدر جو نظريو ارتقائي تاريخ جي نظريي وانگر ڪارل مارڪس جو هڪ عظيم انڪشاف آهي. ان نظريي کان سواءِ سرمائيدارانا استحصال جو بنياد سائنسي طور پروڙجي ۽ پرجهي نه سگهبو، ۽ سوشلزم صرف هڪ تخيلي ۽ همدردانه نقطئه نظر جي حيثيت ۾ رهندو، ان نظريي مان ثابت ٿئي ٿو ته مزور طبقي تي ظلم ۽ ڏاڍ سرمائيدارن جي اتفاقي ۽ انفرادي افعال جو نتيجو ناهي، پر هنن کان زائد قدر پيدا ڪرائڻ جو نتيجو آهي.

زائد قدر مان هي واضح ٿيو پوي ٿو ته طبقاتي اختلافن جي ڍنڍ ڪڏهن به ڀرجي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سرمائيدار ۽ مزور جي طبقاتي تضادن جو بنياد زائد قدر تي آهي، جيڪو سرمائيداري نظام لاءِ اڻ ٽر آهي. ان لاءِ جيستائين سرمائيداري نظام قائم آهي، سرمائيدار مزور جا ٽڪرجندڙ تضاد نه رڳو باقي رهندا، پر وڌندا رهندا.

هتي هي نڪتو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اهيءَ زائد قدر جي ڪري ئي نه رڳو سرمائيدار پنهنجون ٽجوڙيون ڀري ٿو، پر ان طبقاتي نظام کي قائم رکڻ لاءِ مختلف ادارن جو خرچ پکو به انهيءَ زائد قدر مان پورو ڪري ٿو. جهڙوڪ رياست جو خرچ، پوليس فوج، عدالت ۽ نوڪر شاهي. هتي خرچ انهيءَ زائد قدر يعني مزورن جي بيگر جي ڪمائي مان ادا ڪيا وڃن ٿا. نه ته هن طبقاتي نظام ۾ رياستي خرچ لاءِ ٽيڪس ذريعي جيڪي رقمون اڳاڙيون وڃن ٿيون ان جو وسيلو زائد قدر کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو.

 

سرمائيداري دور ۾ مشينن جو ڪردار

سرمائيدار، دسڪاريءَ جي بدران مشيني صنعت ايجاد ڪئي. نتيجو هي نڪتو ته مشينون ۽ عظيم فيڪٽريون وجود ۾ آيون. جن مان ننڍن ڪاريگرن ۽ پيداڪارن کي صنعت مان بي دخل ڪري ڇڏيو. مثال طور جڏهن سوٽي ڪپڙي جا ڪارخانا قائم ٿيا مشيني آڏاڻن تي هزارين وال سٽ ۽ ڪپڙو تيار ڪرڻ لڳا ته هنن تي هلندڙ آڏاڻن تي ڪم ڪندڙ ڪاريگر ۽ ڪوري- پنهنجي آڏاڻن سميت صنعتي ميدان مان ڀڄي ويا ۽ انهن فيڪٽرين ۾ مزور ڪم ڪرڻ لڳا.

مشينن سان ڪم جي ڏينهن جو اهو حصو گهٽجي وڃي ٿو جنهن ۾ مزور پنهنجي زندگيءَ جون ضرورتون پيدا ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ٿا ۽ ڏينهن جي ان حصي کي وڌايو ڇڏي جنهن ۾ زائد قدر پيدا ڪري ٿو. اهڙي نموني سرمائيداري دؤر ۾ مشينن ڪري مزورن جي استحصال ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ جيئن جيئن مشينون پنهنجي ڪارڪردگي ۾ ترقي ڪنديون وينديون آهن، استحصال وڌندو ويندو جنهن ڪري ڪيترائي مزور غير ضروري ٿي نوڪريءَ مان ڪڍيا وڃن ٿا تنهن سان بي روزگار مزورن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.

مشينن جي ايجاد جي شروع ۾ مزورن مٿين ڳالهين سببان مشينن کي پنهنجو دشمن سمجهيو ۽ اڪثر هنن جي ٽوڙ ڦوڙ به ڪئي، پر هنن جو خيال صحيح نه نڪتو. اصل ۾ مشينون مزور طبقي جون دشمن نه آهن، پر سڄي خرابي مشينن جي سرمائيداري ملڪيت ۽ سرمائيدارانا استعمال جي آهي جنهن سببان مشينون جن کي انسان جو وفادار مددگار بڻجي ان جي تخليقي ۽ پيداواري قوتن ۾ اضافو ڪرڻ گهربو هو، تنهن مزور طبقي کي ڪچليو ايستائين جو سندن زالن ۽ ٻارن کي به پنهنجو غلام بنايو ۽ هنن کي سرمائيدارن لاءِ زائد قدر پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. ظاهر آهي ته ان سان محنت جي شدت ۽ بي روزگاري پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري طبقاتي شعور رکندڙ مزور مشينن جي استعمال ۽ ٽيڪنيڪي نشوونما جي خلاف نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ميڪانڪي ۽ ٽيڪنيڪي نشوونما هنن حالتن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جيڪي آخرڪار سرمائيداري کي هٽائي ان جي جاءِ تي هڪ بهتر نظام يعني سوشلزم کي وجود ۾ آڻينديون.

 

اقتصادي بحران

جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سرمائيداري نظام جا ٻه بنيادي قانون آهن:

(1) بنا ڪنهن منصوبي جي انڌاڌنڌ پيداوار

(2) سرمائيدارن ۾ باهمي مقابلو ۽ ڇڪتاڻ-

انهيءَ طريقي ڪار جو لازمي نتيجو اِهو ٿئي ٿو ته هڪ طرف ضرورت کان زياده پيداواري وسيلن ۽ سامان جو ڍير ٿئي ٿو ۽ ٻئي پاسي محنت جي طاقت به ضرورت کان زياده ٿيو وڃي. پهرين ڳالهه جو مطلب هي آهي ته پيدا ڪيل اڪثر سامان بازار ۾ بي طلب ٿيو پوي ۽ ان جو ڪوبه وڪرو نٿو ٿئي ۽ ٻي ڳالهه جو هي مطلب آهي ته محنت ڪندڙ مزورن جي محنت جي قوت به بي طلب ٿيو وڃي ۽ ان جو وڪرو نٿو ٿئي. ٻين لفظن ۾، مال وڪامجي نٿو ۽ مزور بي روزگار ٿيو وڃن. اهوئي سرمائيداري نظام جو بحران آهي. سرمائيدارانا پيداوار ۽ استحصال ۾ هيءَ بحران جيڪي طلب ۽ گهڻي پيداوار جا بحران سڏجن ٿا، اڻ ٽر آهن. ان جو سبب هيءُ آهي ته وڌيڪ نفعي ڪمائڻ جي آسري ۾ سرمائيدار پيداوار کي وڌائيندا وڃن ٿا بنا ان منصوبي جي ته بازار ۾ ڪيتري مال جي ضرورت آهي. اهڙي طرح انڌاڌنڌ پيداوار سببان مال جي رسد وڌيو وڃي ۽ طلب گهٽجيو وڃي. ڇا ان جو اهو مطلب آهي ته سرمائيدارانا اصطلاح ۾ ضرورت کان وڌيڪ سامان واقعي عوام جي ضرورتن کان وڌيڪ هوندو آهي؟ نه ائين نه آهي. عوام انهن شين جا ضرورت مند رهن ٿا، بلڪ ان لاءِ واجهائين پيا جن کي سرمائيدار ضرورت کان وڌيڪ چون ٿا. دراصل ان جو مطلب صرف هي آهي ته اُهي شيون عوام جي خريدڻ جي قوت کان ٻاهر آهن ۽ ان ڪري هو انهن کي نٿا ڳنهي سگهن.

بحران جا نقصان

بحران ۾ مزورن جي وڏي اڪثريت پنهنجي ضرورتن جو پورائو نٿي ڪري سگهي ان سان گڏ ان ۾ معيشت جي هڪ ڀوائتي تباهي ۽ لکين ماڻهن جي محنت جي ڦل جي بربادي ٿئي ٿي. سماج جون تخليقي ۽ پيداواري قوتون بيڪار ۽ بيٺل رهڻ سببان تباهيءَ جي خطري جي ويجهو ٿيو پون ۽ لکين عوام بي روزگار ٿيو وڃن. هڪ طرف انسان بک مري ٿو ۽ ٻئي پاسي کاڌ خوراڪ کي تباهه ڪيو وڃي ٿو.

ماني           انسان

 

تصوير

ان تضاد جو بهترين مثال هيٺئين مڪالمي مان ملي ٿو:

ٻار:   (ماءُ سان) امان! باهه ٻار!! مون کي سخت سيءُ پيو ٿئي.

ماءُ:   پٽ، ڪوئلا ڪونهن، تنهن ڪري باهه نٿي ٻاري سگهان.

ٻار:   ڪوئلا ڇو نه آهن؟!

ماءُ:   انهي ڪري جو تنهنجو پيءُ بي روزگار ٿي ويو آهي. ۽ پاڻ ڪوئلا خريد نٿا ڪري سگهون.

ٻار:   بابا، بي روزگار ڇو ٿي ويو؟!

ماءُ:   هي کاڻ جو مزور هو ۽ هن ڪوئلا وڌيڪ پيدا ڪيا آهن.

هي آهي وڌيڪ پيداوار جي بحران جي اصليت، مزور جي گهر ۾ ڪوئلا ان لاءِ ڪونهي جو هن ڪوئلا وڌيڪ پيدا ڪيا اٿس.

سرمائيداري اقتصاديات جا ماهر چون ٿا ته بحران اتفاقي سببن جو نتيجو آهن يعني بحران، معيشت جي مختلف شاخن جي تناسب ۾ اتفاقي اڀار سببان پيدا ٿين ٿا. هي اڀار خرچ ۽ استعمال ۾ ڪمي پيدا ڪري ٿو، جنهن ڪري وڌيڪ پيداوار جو بحران پيدا ٿئي ٿو. سرمائيدار حڪيمن وٽ بحران جي هن مرض جو علاج جنگ، جنگي جنون ۽ جنگي هٿيارن جي ڊوڙ آهي، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي دوائون مرض کي وڌائي (سرمائيدارانا معيشت) مريض کي موت جي ويجهو آڻين ٿيون.

اصل ڳالهه هي آهي ته پيداوار ۽ استعمال ۾ هي نابرابري (عدم تناسب) جيڪو بحران جو سبب بڻجي ٿي، سرمائيداري نظام ۾ هڪ فطري برائي وانگر سمايل رهي ٿو، ان ڪري سرمائيدارانا معيشت بحران کان آجي نٿي ٿي سگهي. بحرانن جي وچ واري وقفي (عرصي) ۾ سرمائيدار اڪثر هي نعرو هڻن ٿا ته بحران هاڻي هميشہ لاءِ ختم ٿي ويو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ بحران جي وبا وري پيدا ٿئي ٿي. ظاهر آهي ته پروپيگنڊا يا نيم حڪيماڻيون دوائون، بحران جي مرض جو علاج نٿيون ڪري سگهن. بحرانن کي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي علاج آهي ته سرمائيدارانا معيشت کي ختم ڪري سوشلسٽ معيشت کي وجود ۾ آندو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org