سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: سوشلزم ڇا آهي؟

باب: --

صفحو :1

سوشلزم ڇا آهي؟

سيد رشيد احمد

 

ٻه اکر

 

سوشلزم ڇا آهي؟ جي چند اکرن بيان ڪجي ته ائين چئبو ته هيءُ نظام سرمائيداريءَ دور جي پيداواري رشتن کي غير منصفانه حدن ۾ آڻڻ ۽ سماجي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجڻ ڪري انهيءَ نظام جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هيءُ نظام، پيداوار، ورڇ ۽ مٽا سٽا جي ذريعن کي گڏيل ملڪيت بنائڻ جي اصول تي ڪم ڪندو ۽ هن نظام هيٺ هڪ انقلابي پارٽيءَ جي اڳواڻي ۾ سوشلزم کان به سماجي ۽ معاشي طور بهتر نظام يعني ڪميونزم کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ۽ شعوري جدوجهد ڪئي ويندي. هن نظام کي حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعدي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي جيڪا حالتن جو خارجي طرح، يعني جيئن اهي سچ پچ آهن، مطالعو ڪري ۽ پوءِ سائنسي نظريي ۽ طريقن ڊهندڙ نظام جي جاءِ تي نئون نظام آڻڻ لاءِ انقلاب ۽ انقلاب دوست قوتن کي متحد ۽ منظم ڪري.

جتي هيءُ طريقا هڪ انقلابي پارٽيءَ جو هٿيار آهن، اتي هيءُ انقلاب دشمنن جي هٿن ۾ به وڃن ٿا، ڇو جو هينئر ماڻهن کي پراڻن نظرين ۽ نعرن سان ٺڳي نٿو سگهجي. ان ڪري اقابر انقلاب دشمن محب وطنيءَ جي روپ ۾ هن نظريي جي طريقن، چالن ۽ خود نظريي جي اصلي محلي ۾ ڪا ڦيرڦار ڪري، تحريڪ جا ڦڦڙ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سرحد ۾ مزور ڪسان پارٽيءَ جو ڪردار انهيءَ انقلاب دشمنيءَ جو کليل ثبوت آهي.

سنڌ ۾ به انهيءَ ساڳي انقلاب دشمنيءَ جو نانگ ڦوڪاري پيو. سنڌ ۾ هي رجحان اڻ سڌيءَ طرح مزور دشمني، قوي گڏيل پليٽ فارم کان انحراف ۽ صوبائي سطح تي سوچ ذريعي جمهوري جدوجهد کي روڪڻ ۾، لڪل آهي. هيءُ رجحان ڪوڙا ڪامريڊ ۽ نقلي ترقي پسندي جي نعري هيٺ ملڪ جي حالتن مطابق مارڪسزم لينن ازم جي قابل عمل صورت ۾ واٽ کي عوام کان پري رکي رهيو آهي.

هاري انقلاب جي نعري سان جتي مزورن ۽ شهري ماڻهن جي جمهوري جدوجهد کي هارين کان ڪٽيو پيو وڃي اتي ڪي ماڻهو مزور انقلاب جي نعري ۾ هارين جي رول کي گهٽائي انقلاب جي راهه کوٽي ڪرڻ چاهين ٿا. ڪجهه ماڻهو انقلابي تحريڪ کي جدوجهد کان ڪٽي رڳو تبليغ ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهڙي طرح اهي نوجوان ٽراٽسڪي ۽ ماؤن جلاس جي نالي تي فدا ٿي انقلاب کي وسڪيءَ جي گلاس ۾ ٻوڙي رهيا آهن. هنن سڀني ننڍن وڏن گروپن ۽ فردن کي سمجهڻ ضروري آهي. ڇو جو نوجوان دوست جيڪي دل به سماجي تبديليءَ لاءِ اٿاهه جذبا رکن ٿا، اهي بنيادي مارڪ سزم کان اڻ واقفيت ڪري ۽ پنهنجي خلوص ۽ جذبي جو شڪار ٿي، اهڙن گروپن جو شڪار ٿيو وڃن، جن جو مقصد هنن نوجوانن انقلابي ذهنن کي انقلابي سماجي تحريڪ کان الڳ رکڻ آهي.

اها ڀرپور اميد ڪجي ٿي ته هيءُ ڪتاب سوشلزم جي بنيادي اصولن جي صحي سمجهاڻي ڏيندو ۽ مارڪ سزم ۽ لينن ازم جي لاءِ ماڻهن ۾ موجود تصوراتي خيال صاف ڪندو اهي تصور جيڪي سوشلزم کي مذهبي اصولن ۾ ڳولڻ لاءِ مجبور ٿيا هئا.

 

(1)

سوشلزم

سوشلزم جي وصف

سوشلزم، مزور طبقي جو فلسفو آهي، جنهن سان مزور طبقو فطرت جي مظهرن (ڏيکن) ۽ سماج جي تاريخي نشونما جي خارجي قانونن ۽ ضابطن کي سمجهي سگهي ٿو ته جيئن هو ان فلسفي سان مسلح ٿي سماج کي تبديل ڪري سگهي. اهڙي نموني هي فلسفو نه فقط دنيا کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيئي ٿو، پر هن کي ڦيرائڻ ۽ بدلائڻ ۾ به.

مزور طبقي جو فلسفو هئڻ جي باوجود سوشلزم کي مزورن ۾ ٻاهران پهچايو ويو آهي. يعني بورزوا مفڪرن هي فلسفو مزورن کي ڏنو. سوشلزم کي اسان مارڪسزم چئون ٿا ڇاڪاڻ ته ان جو سڀني کان وڏو استاد ۽ اڳواڻ ڪارل مارڪس هو. اصل ۾ ڪارل مارڪس ۽ سندس ساٿي فريڊرڪ اينگلز، سوشلزم جي اصولن جا باني هئا. موجوده دور جي سوشلزم کي اسان مارڪسزم لينن ازم چئون ٿا. لينن ازم، سامراج ۽ پرول تاري انقلاب جي دؤر جو سوشلزم آهي. مارڪس ۽ اينگلز کان پوءِ مارڪسزم کان انحراف جو هڪ دؤر گذريو، جنهن ۾ ترميم پسندن ۽ ٻي انٽرنيشنل جي ليڊرن مارڪسزم جي شڪل خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان خلاف جدوجهد ڪندي لينن تخليقي شان سان هڪ هٽيءَ ۽ مالياتي سرمايي (فنانس ڪيپيٽل) جي دؤر ۾ مارڪسزم کي ترقي ڏني. هي دؤر سوشلزم ۽ جمهوري انقلابن ۽ آزادي جي تحريڪن جي سيلابن جو دؤر هو.

تخيلي ۽ سائنسي سوشلزم

ڪارل مارڪس کان اڳ ڪيترائي مفڪر گذريا آهن، جيڪي انسان ذات جا هڏڏوکي ۽ همدرد هئا ۽ جن ڳڻ ڳاڻين ماڻهن جي هٿان مزور طبقي جي استحصال ۽ تباهي کي محسوس ڪيو، جنهن ذريعي چند ماڻهو دولت ميڙيندا هئا ۽ باقي سڀ انسان سڃا رهندا هئا. سو هنن ڪيترائي منصوبا سوچيا ته جيئن هن بي انصافي جو خاتمو ڪري سگهجي. پر جيئن ته هو بنيادي طرح طبقاتي جدوجهد، مزور طبقي جي ڪردار ۽ انقلاب جي خارجي قانون کان بي خبر هئا، ان لاءِ هو ڪو سائنسي ۽ جدلياتي نظريو تلاش نه ڪري سگهيا. يقيناً هنن جا ارادا نيڪ هئا، پر هنن جا منصوبا پوري طرح داخلي، غير حقيقي، غير سائنسي ۽ يوٽوپيائي (خيالي Utopian) هئا ۽ ان ڪري انهن جي ڪاميابيءَ جي ڪا صورت نه هئي. هنن تخيل پرست سوشلسٽن ۾ رابرٽ آون، سينٽ سائمن ۽ فوريئر خاص طور تي ذڪر جي قابل آهن.

هي يوٽوپين سوشلسٽ، مزور طبقي لاءِ ڪوبه انقلابي فلسفو تلاش نه ڪري سگهيا، جنهن سان استحصالي نظام کي سمجهيو ۽ بدلايو وڃي. تنهن هوندي به سوشلسٽ فڪر جي تاريخ ۾ هو هڪ نمايان عزت ڀريو مقام رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته هنن سڀني کان پهرين سرمائيداري نظام جي پرزور مذمت ڪئي ۽ ان کي انسانيت لاءِ هڪ بيماري سڏيو. مزور طبقي جي استحصال ۽ اُجرتي غلاميءَ ۽ پيداواري اوزارن جي نجي ملڪيت جي نظام کي ننديو. اهڙي طرح هو پنهنجي وقت جا برک ڏاها هئا. پر ان تاريخي دؤر، جنهن ۾ هو هئا، هو ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ڪري سگهيا. ان جو هڪ سبب هي هو ته ان وقت جي سماجي ۽ اقتصادي بنياد تي سوشلزم جي روحاني ۽ ثقافتي ڍانچي کي تعمير ڪرڻ ممڪن نه هو.

تخيل پرست سوشلسٽن نيڪ عزم ۽ ارادا رکندي هڪ مثالي سماج جوڙڻ گهريو ٿي، جيڪو هنن جي خيال ۾ سمجهڻ سمجهائڻ سان ٿي سگهيو ٿي. هنن جو خيال هو ته سرمائيدار طبقو خود هنن جي غير استحصالي منصوبن کي اپڻائيندو. هنن ۾ رابرٽ آون جيڪو پاڻ هڪ مل جو مالڪ هو، مزورن جون ڪيتريون ئي ڪوآپريٽو سوسائٽيون ۽ مثالي بستيون وسايون، پر ظاهر آهي ته سڀ منصوبا ناڪام ٿي ويا.

سوشلزم جا ماخذ

سوشلزم جا ماخذ هيٺيان آهن:

1) جرمني جو ڪلاسيڪي فلسفو؛ خاص طور تي هيگل جي جدليات ۽ فيورباخ جو مادي فلسفو.

2) فرانس جو سوشلزم ۽ انقلابي تحريڪون، خاص ڪري 1848ع جو انقلاب ۽ 1871ع جو پيرس ڪميون.

3) انگلينڊ جي ڪلاسيڪي اقتصاديات، خاص طرح رڪارڊو ۽ آدم اسمٿ جا افڪار ۽ هتي جي ٽريڊ يونين تحريڪ.

غير مارڪسي رجحان

مارڪس ۽ اينگلز کي پنهنجي دؤر ۾ ڪيترن ئي غلط رجحانن ۽ افڪارن جو مقابلو ڪرڻو پيو جيڪي مزور طبقي جي تحريڪ جي ٻاراڻي ۾ اندران پيدا ٿيا هئا، يا جيڪي مزور طبقي ۾ ٻاهران گهڙي آيا هئا. اصل ۾ سوشلزم جي نشونما ان قسم جي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي غلط رجحانن ۽ افڪارن خلاف هڪ زبردست جدوجهد ذريعي ٿي. انهن مان ڪجهه غير مارڪسي رجحانن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

بلانڪي ازم:

بلانڪي، فرانس جي مزور طبقي جو ليڊر هو، جنهن فرانس جي 1848ع واري انقلاب ۽ خاص طور تي پيرس ڪميون ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. بلانڪي، مزور طبقي جي آمريت ۽ هڪ ميڪانڪي برابريءَ جي تصور جو قائل هو. هو مسلح جدوجهد کان سواءِ ٻئي ڪنهن به طريقي ڪار کي نه مڃندو هو. ۽ نه ئي اقتصادي ۽ سياسي سڌارن يا جزوي جدوجهد کي تسليم ڪندو هو. هو ڪنهن مضبوط سياسي يا اقتصادي تنظيم جو به قائل نه هو. ۽ نه مزور طبقي جي جزوي مطالبن تي روزمرهه جي ننڍي وڏي جدوجهد کي تسليم ڪندو هو. بلانڪي ازم، اصل ۾ مارڪسزم خلاف هڪ کاٻي پاسي جو انڪار هو.

پروڌون ازم:

پروڌون موجوده نراجيت (انارڪزم) جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو. پروڌون، فرانس جو مفڪر هو، جيڪو پيدا ڪندڙن ۽ استعمال ڪندڙن (صارفين) جون انجمنون وڏي پيماني تي ٺاهڻ گهرندو هو. هن جو خيال هو ته اهي سوسائٽيون، اهي انجمنون ڦهلجي سرمائيداري نظام جي جاءِ وٺنديون. هو سمجهندو هو ته هي ڪو آپريٽو سوسائٽيون. عوامي بئنڪن کان لامحدود قرض حاصل ڪري سگهنديون ۽ پوري فرانس بلڪ دنيا کي خريد ڪري سگهنديون. پروڌون چوندو هو ته نجي ملڪيت چوري آهي، پر نجي ملڪيت مان مراد صرف سرمائيداري جي ملڪيت هئي؛ جڏهن ته هو ننڍن سرمائيدارن جي ملڪيت کي جائز قرار ڏيندو هو. پروڌون جو خيال هو ته هن جي امداد باهمي جون انجمنون نه صرف سرمائيداري، پر رياست جو به خاتمو ڪري ڇڏينديون.

پروڌون، نظريي ۽ عمل ۾ طبقاتي جدوجهد جو مخالف هو. هن جي خيال ۾ ٽريڊ يونين ۾ اقتصادي مطالبن ۽ بهتر ليبر قانون لاءِ جدوجهد ڪرڻ هروڀرو آهي. هو سياسي جماعتن ٺاهڻ جي به خلاف هو. رياست جي باري ۾ سندس سوچ هي هئي ته ان کي ڪڏهن به جمهوري بڻائي نٿو سگهجي، پر درجي بدرجي امداد باهمي جي انجمنن کي ڦهلائي ختم ڪري سگهجي ٿو. پروڌون جي خيال ۾ انقلاب جو دؤر ختم ٿي چڪو آهي، پر 1848ع جي انقلاب سندس نظريي جا باڙدانا ڪڍي ڇڏيا. پروڌون جو نظريو اصل ۾ هڪ ادنيٰ سرمائيدارانا نظريو هو، جيڪو گهڻي قدر خيال پرست فوريئر جي تصور تي ٻڌل هو. هن جي نظريي ۾ سرمائيداري نظام خلاف جدوجهد کان فرار جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ اهڙي طرح هي هڪ بزدلي وارو نظريو به هو. پروڌون، پنهنجي نظريي کي ”انارڪي“ جو نالو ڏيندو هو. ڪارل مارڪس کي هن جي خلاف سخت جدوجهد ڪرڻي پيئي. ان لاءِ مارڪس، هن جي ڪتاب ”غربت جو فلسفو“ خلاف پنهنجو مشهور ڪتاب ”فلسفي جي غربت“ لکيو، جنهن ۾ پروڌون جي مٿئين نظريي جي پاڙ پٽي اٿس.

لازيل ازم (Lassalleism):

لازيل، جرمنيءَ جو مفڪر هو، جنهن جرمني ۾ جمهوريت جي جدوجهد ۾ مارڪس ۽ اينگلز جو ساٿ ڏنو، پر سوشلسٽ تصور جي معاملي ۾ هو مارڪس ۽ اينگلز جو ڪٽر مخالف ثابت ٿيو. لازيل، هي نظريو پيش ڪيو ته چئني پاسي مزورن جون امداد باهمي انجمنون قائم ڪيون وڃن جيڪي سرمائيداري نظام جي جاءِ وٺن. ايستائين ته هن جا خيال پروڌون سان ملن ٿا، پر اڳتي هلي هن پروڌون جي نسبت ۾ وڌيڪ رجعت پسند افڪار پيش ڪيا. هن جو خيال هو ته هي امداد باهمي جون انجمنون حڪومت جي امداد سان هلن. ان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ هن مزورن کي راءِ ڏيڻ جي حق جو مطالبو ڪيو. هن وٽ: جيڪڏهن عام مزدور کي راءِ ڏيڻ جو حق ملي وڃي ٿو ته هو پارليامينٽ ۾ پنهنجا نوي سيڪڙو نمائندا چونڊائي سگهن ٿا. اهڙي نموني سرمائيداري خلاف سندن نظريو نج پارليامينٽري سڌارا پسند ۽ رجعت پسند هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جرمن مزورن کي ڊگهي ۽ گهري ننڊ مان سجاڳ ڪيو، پر هو سياسي ۽ اقتصادي مطالبن لاءِ هر قسم جي مليل هٿيار ذريعي مزور طبقي جي جدوجهد خلاف هو. هو پنهنجي سياسي چالن ۾ ايستائين ڪري پيو جو هن پنهنجي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ جرمن چانسلر بسمارڪ سان ٺاهه ڪيو.

لازيل، ٽريڊ يونين تحريڪ ۽ هڙتالن جي خلاف هو. هو اُجرت جي فولادي قانون جو پوئلڳ هو. هن جو خيال هو ته مزور صفا ڪريل اقتصادي سطح کان مٿي نٿو اچي سگهي ۽ جيڪڏهن سندس اُجرت وڌائي ويئي ته هنن جو معيار زندگي ڪري پوندو. لازيل ازم، هڪ ادنيٰ سرمائيدارانا فلسفو هو. ان لاءِ مارڪس ۽ اينگلز مزورن جي بين الاقوامي انجمن جي اندر ۽ ٻاهر هن جي خلاف صف آرا رهيا. ٽريڊ يونين کي محدود ڄاڻندي به مارڪس ان تحريڪ جي پرزور حمايت ڪئي، ڇاڪاڻ ته مارڪس ڄاتو ٿي ته ٽريڊ يونين، مزور لاءِ سوشلزم جي بهترين تربيت گاهه آهي. مارڪس اينگلز لازيل ازم، سمجهوتي بازي ۽ ادنيٰ سرمائيدارانا رخ جي به پرزور مذمت ڪئي.

بيڪونن ازم:

بيڪونن هڪ روسي دانشور هو، جيڪو پروڌون جو دوست ۽ شاگرد هو. سندس نراجيت واري فلسفي جو پڪو معتقد هو. بيڪونن کي موجوده انارڪو سينڊ يڪلزم جو باني سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي نموني هو پروڌون وانگر پيدا ڪندڙن ۽ استعمال ڪندڙن (صارفين) جي امداد باهمي انجمنن جو حامي هو. پر ان کان سواءِ هي به چاهيندو هو ته باغيانه حملي ذريعي رياست کي منظم ڪجي.

بيڪونن کي ڪوبه طبقاتي تصور نه هو. هو نه ته رياست کي مڃندو هو ۽ نه مذهب کي ۽ نه ئي هو مزور طبقي جي تنظيم جو قائل هو. هو سياسي سڌارن ۽ جمهوريت کي سخت ناپسند ڪندو هو. هو ٽريڊ يونين تحريڪ کي مڃندو ته ضرور هو، پر وٽس ٽريڊ يونين جو مقصد صرف بغاوت هئي.

بيڪونن وٽ انقلاب هڪ تمام سادو معاملو هو. سندس خيال هو ته غريب هميشہ بغاوت لاءِ تيار رهن ٿا. هو نه مزور طبقي جي قيادت جو قائل هو ۽ نه هن جي آمريت جو. اقتصادي مطالبن لاءِ مزورن جي جدوجهد کي هو وڏي اهميت نه ڏيندو هو. هو لامذهبيت کي مزدور طبقي جي اتحاد جو هٿيار سمجهندو هو.

بيڪونن ازم پنهنجي طبقي کان انڪاري، ننڍن سرمائيدارن، هارين ۽ يورپ جي ڌتڙيل ملڪن جي مزورن جو فلسفو هو، جتي سرمائيداري وارا جمهوري سڌارا نه ٿي سگهيا هئا ۽ جتي اڃا ڪيٿولڪ ڪليسا جو ڏاڍ وارو راڄ هو. ظاهر آهي ته مارڪس ۽ اينگلز کي ان نموني جي ادنيٰ سرمائيدارانا نراجيت سان هڪ عظيم جنگ وڙهڻي پيئي.

(2)

سوشلزم جي اقتصاديات

اهڙي طرح تخيلي ۽ غير مارڪسي سوشلسٽ فڪر جو مختصر جائزي وٺڻ کان پوءِ اسان سوشلزم جي بنيادي اصولن ڏانهن اچون ٿا. سوشلزم جي بنيادي اصولن مان سياسي معيشت جو مطالعو نهايت اهم آهي. سياسي معيشت مان اسان جي مراد، پيداوار جي سماجي پهلوئن جو مطالعو آهي.

پيداوار

سوال هي آهي ته پيداوار ڇا آهي؟ اسان سڀ اهو ڄاڻون ٿا ته انسان کي جيئري رهڻ لاءِ ڪيترن ئي شين جي ضرورت پوي ٿي. ضرورتن جي پورائي لاءِ انسانن کي خود شيون پيدا ڪرڻيون پون ٿيون ۽ انهيءَ پيداواري عمل سان هو پنهنجي سماجي زندگي شروع ڪري ٿو. اهڙي طرح پيداوار اُهو محنت جو عمل آهي جنهن جو مقصد اُهي سڀ مادي شيون پيدا ڪرڻ آهي. جيڪي انساني زندگيءَ لاءِ ضروري آهن. سوشلزم جي فڪر مطابق اهو محنت جو عمل انفرادي طرح ممڪن نه آهي، پر هي هڪ سماجي عمل آهي. جيئن ته شروعاتي دؤر ۾ فطرت پنهنجي خزانن کي لڪائي ويٺي هئي، جيڪي هو آسانيءَ سان انسان کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هنن لڪل خزانن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيداواري عمل انسان لاءِ ضروري هو. هو فطرت کي تسخير ڪرڻ لاءِ اڪيلو ڪافي نه هو ۽ بلڪل بي وس هو. ان ڪري انسانن لاءِ گڏجي ان عمل کي هڪ سماجي عمل بنائڻ ضروري هو. اهڙي نموني هي ڳالهه چٽي ٿي ته پيداوار جو عمل سڄي سماجي زندگي جو بنياد آهي يعني سماج انهيءَ پيداواري عمل لاءِ قائم ڪيو ويو ۽ هي به ته: ڪوبه سماج يا معاشرو بنا پيداواري عمل جي قائم نٿو رهي سگهي.

 

پيداوار جا بنيادي عنصر

پيداوار جا بنيادي عنصر هيٺيان آهن: (1) انساني محنت (2) محنت جو موضوع (3) محنت جا وسيلا.

(1) انساني محنت: انسانن جو گڏيل تخليقي ۽ بامقصد عمل، محنت سڏجي ٿو. هي عمل فطرت جي خلاف انسانن جي جدوجهد جو مظهر آهي. ۽ ان لاءِ هر قسم جي سماجي زندگي ۾ انساني محنت اهڙي طرح شامل آهي جيئن ترار ۾ جوهر يعني انساني محنت کان سواءِ ڪنهن به معاشري جو وجود ممڪن نه آهي.

(2) محنت جو موضوع: اُهي سڀئي شيون، جن تي انساني محنت ٿي هجي محنت جو موضوع سڏجن ٿيون. هي شيون ٻن نمونن جون ٿي سگهن ٿيون، يعني نج فطري شيون جهڙوڪ: پٿر، ڪاٺ، ٽامو، لوهه وغيره؛ يا اُهي شيون جن تي ڪجهه انساني محنت جو عمل ٿي چڪو هجي. مثلاً: اُهو لوهه، جيڪو کاڻ مان حاصل ٿيو هجي يعني ڪچو لوهه. جا هڪ فطري شئي آهي جنهن کي اسان ’ڪچو مال‘ چئون ٿا. جڏهن لوهه کي پگهاري صاف ڪريون ٿا ته ڪچو لوهه نٿو رهي، پر هو انساني محنت ۽ ڪاريگري سان هڪ سڌريل شڪل اختيار ڪيو وٺي، جنهن تي پيداوار دوران وڌيڪ محنت ذريعي ان مان مختلف شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. جيئن جيئن صنعتي ۽ فني ترقي ٿئي ٿي، فطرت جون شيون انهيءَ تيزي سان ڪچي مال مان تبديل ٿي پيداوار لاءِ هڪ وچين شڪل اختيار ڪنديون وڃن. بهرحال اِهي ٻنهي قسمن جون شيون، محنت جو موضوع سڏجن ٿيون يعني ڪچو مال ۽ نيم صنعتي سامان.

(3) محنت جا وسيلا: محنت جا وسيلا اُهي سڀ شيون آهن جن جي مدد سان يا جن جي ذريعي انسان، محنت جي موضوع تي عمل ڪري ٿو. مثلاً زمين، عمارت، واهه، رستو کاڻ وغيره، پر هنن محنت جي وسيلن ۾ محنت جا اوزار سڀني کان وڌيڪ اهم آهن. مجموعي طرح اُهي سڀ مادي حالتون جيڪي پيداوار جي عمل لاءِ ضروري آهن انهن کي محنت جي وسيلن ۾ ڳڻيو ويندو آهي.

پيداواري وسيلا

محنت جي وسيلن ۽ محنت جي موضوع جو مجموعو پيداواري وسيلا سڏجن ٿا. پيداواري وسيلن بابت هي ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جيستائين زنده انساني محنت، انهن کي چرپر ۾ نه آڻي تيستائين اهي غير متحرڪ ۽ جامد رهن ٿا. فرض ڪريو ته هڪ ڪارخاني ۾ مشينون به آهن، ڪچو مال به آهي، عمارت به آهي ۽ پيدا ڪرڻ لاءِ گهربل سمورو سامان به موجود آهي، پر اهو ڪارخانو ايستائين ڪا شئي به پيدا نٿو ڪري سگهي  جيستائين انساني هٿ انهن پيداواري وسيلن کي زندگي نه بخشين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org