سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: کائڙ جو کاهوڙي

 

صفحو:6 

لکائيندڙ: فقير محمد بچل رحه

بيا ض بِيَاد

(عُلماءِ اھلسنت، مفڪرِ اسلام ،عَلامه مَحمد حسن رح ڪنڀار، سَاڪن ميڙاسر )

مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب جن جي حوالي سان، ڪور پيج سميت ھٿ اکرن سان 11 ننڍن صفحن ۽ وڏن اکرن سان، لکيل ھڪ ڪتابچو، سائين محمد صالح ڪنڀار ھٿان مليو. جنھن ۾ مختلف ماڻھن جون سندن نالن سان تحريرون شامل آھن، پر ھٿ اکر ھڪ ئي ڪاتب جا آھن! مثال طور پھرين تحرير جي آخر ۾  لکيل آھي ته،

لکندڙ : شاگرد نالي محمد موسيٰ ڪنڀار ( موسو فقير) ڪولھيو وھرو شريف.

جنھن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ھي تحرير مولوي صاحب جي خاص شاگرد مرحوم فقير محمد بچل جي لکرايل آھي. لکندڙ موسو ڪولھيو ولد حاجي محمد حيات ولد حاجي مصري ڪنڀار رھندڙ ويھرو شريف آھي. اھڙي طرح ھن ڪتابچي ۾ مختلف ماڻھن جي تحرير شامل آھي جيڪا جيئن جو تيئن ھيٺ ڏجي ٿي، پر ان ۾ ڪٿي ڪٿي صرف ڪنھن لفظ جي تصحيح ۽ ڪٿي ڪٿي پڙھڻ ۾ آساني خاطر بيھڪ جون نشانيون ڏنيون ويون آھن)

مذڪوره تحرير جي پھرين صفحي تي مٿيون ٽائٽل ڏنل آھي.

مذڪوره ڪتابچي جي  ٻئي  نمبر صفحي تي لکيل آھي.

’بيا ضِ ميڙاسري‘

 ۽ ھيٺ اردو ۾ لکيل آھي: ترتيب مدن لال، مطبوعه عمرڪوٽ پريس، اُزهري.

جڏھن ته صفحي نمبر 3 تي لکيل آھي:

1-     مولوي محمد حسن شمس العلماءُ ميڙاسري ڪنڀار. 2- مولوي عبدالله ميڙاسري خطابي.

2-    مولوي موسيٰ نھڙي طالب العلم. 4- مولوي ادريس نهڙي طالب العلم. 5- مولوي محمد اسماعيل وَلد مولوي محمد حسن ميڙاسري طالب العلم.

(جڏھن ته ساڳئي صفحي تي ھيٺ مولوي صاحب جي حوالي سان ڪجھه وڌيڪ تفصيل ھن ريت لکيل آھي)

1 مولوي جو پھريون جلسو ”جيسيندر“ ۾ ٿيو.  2 جلسو ميڙاسر ۾ ٿيو 3 جلسو اُڻند ۾ ٿيو. 4 جلسو کارڙين ۾ ٿيو. 5 جلسو طاملور ۾ ٿيو. (ان بعد لکيل آھي ته ) عيدالفطر تي جنازو آيو جنھن جي نماز مولوي صاحب پڙھائي. تنھن بعد تمام گھڻا جلسا ٿيا جنھن جو ڪوبه حساب ۽ تعداد نه آھي. ڏوڪري محمد جمن جي ختمي جي ماني تي تمام گھڻا ماڻھو ھئا، اُنھي  ۾ واعظ ڪيائين. ايھو واعظ ڳوٺ بيساڻي ۾ (ٿيو) ۽ واعظ کان علاوه شاگردن غزل به پڙھيا ھئا. (سلسلو ھلندڙ صفحو چوٿون)  اھو جلسو تلاءُ جي ڀر ۾ ڪنڊي آھي، انھيءَ ھيٺ ٿيو، جتي شاگردن کي الله جي پياري انعام به ڏنا.

العلماءِ ورثة الانبياءِ            عالم  نبين جا وارث آھن.

منھنجي اُستاد پنھنجي تقرير ۾ فرمايو ته ڏاڙھي ڪوڙائڻ حرام آھي (خطاب مولوي محمد حسن ميڙاسري)

۽ ٻي حديث ۾ فرمايائين ته جيڪو ماڻھونءَ مَٿي اُگھاڙي ڦِري ٿو، ان تي الله جي لعنت وسي ٿي.

لکندڙ : شاگرد نالي محمد موسيٰ ڪنڀار ( موسو فقير) ڪولھيو و ھرو شريف.

(ان بعد لکندڙ کان ڪتاب جي صفحن جي ترتيب شايد ھيٺ مٿي ٿي وئي آھي ۽ صفحو نمبر 3 لکيل آھي جنھن تي ھيٺين تحرير آھي)

مُستند              لکائيندڙ: فقير محمد بچل بروز جمعه 30-12-1994

صَاحبِ ڪشف، سَخي، فياض، شَفيق، مھمان نواز، بيحد عَابد، زاھد، عِلم حاصل ڪيائين اُستاد محمد علي جوڻيجي سڪنه عالم پلي ۾ ۽ دستاربندي به اتي ئي ڪيائين. انھن محفل ۾ تمام گهڻن ماڻھن شرڪت ڪئي. ان وقت (کيس) پگھار تي مقامي ماڻھن (انھي ئي مدرسي ۾ پڙھائڻ جي )آڇ ڪئي مگر مولوي صاحب چيائين  ته نه. ۽ پنھنجي اباڻي وطن وڃي جھالت جي خاتمه لاءِ محاذ سان مُنھن اٽڪائي ۽ ڪوشش شروع ڪيائين. (ان وقت) ٿر ۾ سخت ڏڪار ھو مگر ڪوشش ڪري اُھو مڪتب سندس فرزند محمد اسماعيل ڪافي عرصه ھلايو ۽ پاڻ 1400 ھه ۾ محرم الحرام جي مھيني ۾ دارالبقاء ڏانھن داعي اجل کي لبيڪ ڪري سفر آخرت تي روانا ٿيا. الله پاڪ انھيءَ جي جسد پاڪ تي رحمت وسائي. ”آمين“

جڏھن ته صفحي نمبر  4 تي لکيل آھي،

مولوي محمد اسماعيل به ڪشف جو صَاحب ھو  ميان محمد قاسم ڪالرو جي اويسي فيض ۾ بهره مند ھو. جنھن ڳوٺ ميڙاسر ۾ مسجد تعمير ڪرائي اُھا اڄ به عيني گواھه آھي ۽ ڏينھن گذرڻ سان (ان جي) شان ۾ اضافو آھي الله ڪري ته وري به اھو ڳوٺ مرڪزِ اسلام ٿئي ۽ اھڙا الله وارا تولد ٿين.

لکندڙ جماعتي صدر: محمد عثمان ڪنڀار وَلد احمد ڪنڀار (مولوي محمد حسن رح جو پوٽو)

جڏھن ته ان بعد ساڳئي صفحي تي لکيل آھي ته:

ٻي مسجد گڍڙي ۾ تعمير ڪرايائين جيڪا شھيد ٿي ھندن ھٿان وري ٻيھر تعمير ڪيائين جنھن ۾ ھندن، پيرن، کي علم پڙھائيندو ھُيو.

مَڪتوب:    محمد موسيٰ ولد حاجي محمد حيات ڪنڀار ويھرو شريف وارو ڪولھيو.

صفحي نمبر  5 تي لکيل آھي:

مولوي محمد حسن رحمته الله عليه جو فيض

مولوي مغفور جن سندن حياتيءَ ۾ ھڪ شاگرد کي پيش امام مقرر ڪيائين ۽ ھڪ شاگرد کي فقيريءَ جو لقب عطا ڪيائين . حقيقي اُھو فقير بافيض دُنيا وَمَافيھا کان تارڪ اڄ به عمرڪوٽ شھر ۾ موجود آھي، جنھن جو نامِ نامي اسمِ گرامي محمد بچل ڪنڀار آھي اھا بافيض عشقِ مصطفيٰ ﷺ سان ٽمٽار ۽ انھيءَ فيض کي سيني ۾ سانڍي رکندڙ ۽ انھيءَ جو فرزند اُستادي شعبه سان وابسته حاجي محمد صالح نالي سان سُفيد ريش ديد درويش الله نيڪ ڪري موجود آھي.

لکندڙ: محمد عثمان بن احمد بن مولوي محمد حسن رحمته الله عليه

جڏھن ته صفحي نمبر   6 تي ھيٺين تحرير آھي.

تاريخ 22-03-1995 جي ڪچھريءَ ۾ فقير محمد بچل، مولوي صاحب جي ڪردار جي اُپٽار ڪئي ته، سائين مولوي محمد حسن رحمته الله عليه

1-     ٿر ۾ اسلام آندائين.

2-    ڪفر جون رسمون ختم ڪيائين

3-    عُرس پاڪ ڪندو ھو

4-    قبر تي آذان ڏيندو ھو.

5-     وقت ورائيندو ھو.

6-    پاڻ بيمار ٿيو ته سندس برادر سانوڻ خيرات ڪري مسڪينن کي کارايائين. پاڻ سخي مزاج، غريبن جا ھڏ ڏوکي، مددگار ۽ شاگردن کي پاڻ غذا کارائيندا ھئا. پاڻ حاذق ۽ جراح حڪيم، دانھه مفت دوائون ڏيڻ ۽ سندن شاگردن مان حاجي امام الدين سومرو ڇور ۾ اڄ به مُدرس آھي. حاجي فتح راھمون انھن نيڪ زندگي جو 1400 ھجري ۾ اختتام ٿيو.

اناالله واِنااليه راجعون

جڏھن ته 7، 8 ۽ 9 صفحي تي ھيٺين شاعري آھي، جنھن ۾ مولوي محمد حسن صاحب جن جو ذڪر آھي ۽ شاعري جي آخر ۾ محمد حنيف الازھري  تحرير ٿيل آھي. جيڪو حاجي عنايت الله راھمون جو فرزند ۽ سُٺو ڪاتب آھي ۽ ازھري پريس ھلائي ٿو.

اِبيات

حمد مالڪ ۽ مٺي محبوب تي دم دم درود
جنهن ڪيو انسان کي صَاحب وجود
ان بعد انسان جي اعليٰ صفات
ڪئين ڪيا مبعوث ٿي بي تفات
ڪنئين مخير صاحب خيرات ۾
ڪنئين حڪيم حاذق ٿيا ھِن ذات ۾
ڪنئين ڀلارا نامور اعظم عقل
جنھن ڪيو مشقت ۾ علم حاصل
بک ۽ تڪليف ۾ ترھو ٻڌي صابر رھيا
منزل ۽ مقصد ۾ وڃي صَاحب رسيا
نيتن ۽ دل قلوبِ باشرع تي دائم مدام
رب ڪيو تن کي نصيب اعليٰ مقام
 

تن ڀلارن جِي جيارن ۾ سائين محمد حسن رضه
رب ڪئي آھي يقيني جاءِ تنھنجي منجھه عَدُن
ٿر مٿي ٿورا تنين جا ھر ڳوٺ ۾ آھن گھڻا
راهمان، سميجا، سومرا ۽ ٻيا گھڻ سارا نيڪ بڻيا
تن منجھاران فيض پلٽيو ھر ڀٽ ۽ ھر گام تي
اُڻند، ميڙاسر، کارڙيون ۽ جيسندر جام تي
قوم ۾ آه ڪنڀار پاڻ اعليٰ مِثل لعل يا قوتي زِنب
معطٰر فضاءِ علم ۾ ڄڻ اڪ ۾ ظاھر ٿئي ئي انب
اظھار تنھنجو ڇا ڪجي ڪو قدر وارا ٿيا قليل
جڳ ۾ سدا ياد رکندو ۽ اجر ڏيندو رب جليل
 

اڄ اسانجو دؤر آھي نئون ڪلچر ۽ جديد
پر اسان جي سلف جا ياد نقش ۽ چشم دِيد
شل سَدا ھوءِ تن پيارن سان اسان جي لئه دُعا
جي ربانيت راه ۾ وارث ولي ۽ اولياء
۽ اُنھن جي راھه تي شل ھجي اولاد سَڀ
ھر صُبح ھر شام آھي هي دُعاءِ اي پاڪ رب
احقر ”اُزھري“ کي الله ڏي علم ۽ وافر رزق
صدقي انهيءِ جي صحت ۽ شُھرت شريعت ۾ سبق

 

شاعر: محمد حنيف الازھري عمرڪوٽ (ڪاتب)

 

ارباب نيڪ محمد

ميڙاسر جون ماکيان مٺيون ”ڳالھڙيون“

 

ھي 1965ع واري جنگ کان پوءِ واري سال جي ڳالھه آھي. تُساڻين جي اُترين پاڙي ۾ فقير صادلو (سعدالله) ڦرھي کان سواءِ الف با پڙھائيندو ھو. لڌاڻين ۽ تساڻين جي وچ ۾ چوڪڙي کن جو مُنڍو مس ھوندو. ماسي ڀائيتان مونکي مٿين مڪتب ۾ وٺي وئي. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ رات جو آکاڻيون ٻڌائيندي ماسي چيو ته امان سليمت کي ڀرتل وائلو ڏيڻ لاءِ جڏھن آئون ميڙاسر اُڀراڻي پيرين ويئي ھئس تڏھن مونکي اُتي الاھي دير ٿي وئي. تنھنجي امان سانجھان کي منھنجي امان زليخان پويان پاڻي ۽ ”پگھرٺي“ (پڳرکي) ڏيئي موڪليو ھو ته متان ڀائيتان ڪڙھي تتل ۾ نڪتي ھجي ۽ ترس نه مري وڃي. جُتي به ڪانه ھئس. پير نه سڙن. ميڙاسرين سان اَھو پنھنجو پنج سالن جي ڄمار ۾ شايد پھريون مُکا ميلو ٿيو ھو. لڌاڻين کان ڏکڻ طرف گل شير شاھه جي مزار آھي. اُن ٽينڪار ڏانھن ٻڪريون چارڻ لاءِ ماسي سان گڏ پيو وڃبو ھو. ميڙاسر جي مسيت سڳوري کي سفيد پوچو ٿيل ھو. مون انگل ڪيا ته ماسي آئون صادلي وٽ ڪونه پڙھندس آئون ”اڇي مسيت“ ۾ پڙھندس. منھنجو وڏو ادو سجاول (عبدالمالڪ) ۽ پاڙي جا ملھار، حاڪم ۽ طاھر اڳين ميڙاسر پيا ويندا ھئا. پوءِ ٻين نياڻين ۽ نينگرڙن سان گڏ مابدولت شمس العلماءِ مولانا محمد حسن جي مڪتب جي واٽ ورتي. يتيمي اسان کي پنھنجي ڀاڪرن ۾ چار سال اڳ وٺي ڇڏيو ھو. حاجي نورو ڪنڀار مونکي گھران ماني کارائيندو ھو... ڏِڪرا تون ھاشم جو پٽ آھين. تنھنجي ابي اسان جي تمام گھڻي چانٽي ڪڍي ھئي...... ابي مرھيات  ميڙاسر ۾ ڪافي سال ڪنڀارن جي چاڪري واري نوڪري ڪئي ھئي. ھڪ ڀيري مون کي ”ليلڙ“ لڳو ۽ ويس وڳا ’تيڪ‘ سان تار تار ٿي ويا. ناني نوري لٽا به ڏنا ته وکري چاھت سان وھنجاريو به ھو. ھا سو ڳالھه پئي ڪئي سين ”ڀرتل وائلي“ جي امان سليمت ۽ ناني زليخان جا ڌرميلا ھئا. پاڻ ۾ دين جو ڀيڻون بڻيل ھيون..... اوڍاڻيون ۽ عيدن جو اٽو ادلي بدلي پيو ٿيندو ھو. امان سليمت لاءِ اھا ڳالھه ته نواز ڪنڀر لکي چڪو ته ميان محمد عثمان جي ڌيءُ ھئي جيڪي جيسنڏر ھند کان ڳوٺ قبولئي جي پار سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا....... ”کائڙ جي کاھوڙي“ وارو ڪتابي مسودو ملڻ کان پوءِ پھريون ڀيرو (نه ته فقير علامه قبرستاني آھي ۽ گھڻو ڪري گوگا سر جي گسن پنڌن ڏانھن اسھبو آھي ته ميڙاسر جي  شھر ”خموشان“ جي زيارت ضرور ڪبي آھي.)

گجاسر جي بُٺين تي ”زيارت القبور“ جي مسنون طريقن سان حاضري ڏنم. تڏھن ھڪلي پھرين امان سليمت جي مزار تي السلام عليڪم يا اھل القبور يغفر الله لنا و لڪم انتم سلفنا و نحن بالاثر......... اول آخر صلواتِ سڳوري پڙھي قُل پڙھڻ نصيب ٿيا. نصرپور جي ٺھيل لوح – مزار تي لکيل ھيو: عيله الرحمت ..... مرحوم مغفوره مائي سليمت ڌي عثمان ذات ڪنڀار 7 ربيع الاول 1382، بروز خميس

بهرجاءِ ڪه باشي خدا يار توُ

محمد ھميشه نگھدار تو

جڏھن ته سائي رنگ جي سرتي شمس العلماءِ جي لوح مزار ھن ريت سينگاريل نظر آئي: عليه الرحمت ............ مرحوم مغفور مولوي صاحب محمد حسڻ ولد دائود ذات ڪنڀار 8 ماھه محرم الحرام 1358ھجري

فارسيءَ وارو مٿيون دعائيه بيت ھت به درج ٿيل ھو. گجاسر ۾ ويھارو کن قبرون سلامت آھن. مغليه سلطنت جي راڻي نورجھان جي مزار وارين ھنن سِٽن

برمزار ماغر يبان،  ني چراغي ني گلي،

ني پر پروانه سوزد،  ني صدا ئي بلبلي.

(اسان مسڪينن جو تربتون ويراني جو ڏيک پيون ڏين. نڪو ڪو ڏيئو ٿو ٻري نڪا مُروئي جي خوشبو ٿي اچي. ڪي پروانا پرساڙيندي به نظر نٿا اچن. نڪو وري بلبل ۽ ڪوئل جي ڪامن لڀائيندڙ ڪُوڪ ٿي ٻُڌجي)

وارو عملي روپ به پسي سگھجي ٿو...... اُستاد محمد قاسم جي والد قابل بن مقيم جي تربت ته سلامت ناھي رھي، پر نصرپوري سِرجا جا بجا پکڙيل ٽڪڙا پاڻ ۾ سنڌي سندس ڀاءُ الياس جي بُٺيءَ لڳ سنڀالي رکڻ جي سعادت مون به ماڻي. ڀرسان ٻيري جي وڏي ساري جھاڙ جو ڇانئو لو مُقيماڻين کي به راحت رسائي رھيو آھي. ٻيرڙي ويچاري جو حال خواجه غلام فريد جي ھنن سٽن جيان ھيو.......

مِٽ مِٽ ڪي مٽ جا فقيرا. اي ويل ھئي مِٽڻ دي،

تون بڻ مثل اِڪ ٻيردا ٻُوٽا،

تي لوڪي ڏيوڻ تيڪُون جُھوٽا

اٽان روڙي پٿر مارڻ.

تي توُن دي اُنھان تون ڦل اُلٽا.

مقيماڻي ڏاڍا مڙس ھئا. ھن ڪتاب ۾ ھندستاني ڌاڙيلن جي جنھن حملي جو تذڪرو آھي، اُن حملي ۾ قابل بن مقيم زخمي ٿيو ھو ۽ الياس دنبوق سان ھندستاني ڀاٽين کي ڀڄائي ڪڍيو ھئائين. اُٺ ڦُرجڻ نه ڏنائين ته نه ڏنائين. ڏھه سال اڳ سندن ڀاءُ عبدالله سان ملڻ لاءِ ھاسيڪار ”ڪُتھڙ“ وڃڻ ٿيو. پنھنجي جوڀن جا الاھي سارا معرڪا از ياد ھئس. چيائين ته تنھنجو ابو، سکر مانجھاڻي ۽ آئون سُجاڻي سميجي جي ٽولي جا ھئاسين. اسان کي راڻ جا ”سرداراڻي سميجا“ پناھه ڏيندا ھئا. جيڪي چورا ڪاري وارا ”ڪارنامان“ سرانجام ڏنا ھئائون تن جا سربستا احوال ائين اوري رھيو ھو جو نڪو پيري کوجي ٿي ڇڏيائين نڪا وري مال ”ٿمڻ“ جا ھنڌ ماڳ ٻڌائڻ ۾ بخل ٿي ڪيائين. مقماڻين جي حوالي سان ھڪ ٻه ڳالھيون رڪارڊ تي رکجن ٿيون. ڪاڪي محمد موسيٰ نواز سائين جي والد محترم پنھنجي دولت خاني تي ڳالھه ٻُڌائي ته: ٻيڙي ڪنڀار 1963ع ڌاري  ”پاڪ ڪنڀار جماعت“ رجسٽرڊ ڪرائي ھئي. 1973ع ڌاري ھن ايسوسيئشن جون سالياڻيون چونڊون ميرپورخاص سٽي جيمخانه ۾ ٿيون. الياس مقيماڻي جي مقابلي ۾ سائين اُستاد احمد خان بن شمس العلماءِ مولانا محمد حسن ميڙاسري کٽي ويو ته مقيماڻي مزاحمت سامھون آئي ۽ ھمراھه وڃي عدالتي چارا جوئي تائين رسيا....... اسان جو اُستاد محمد قاسم مقيماڻي حاجي عبدالله (ڀٽارو شريف) جو گنات ھجي............ ھڪ ڀيري کيس مخاطب ٿيندي چيائين ته ٽپا! تون سمجھين ٿو ته آئون چلن چئن مھينن ۾ پيو ھلان ۽ ھاڻ درگذر واري مزاج کي اپنائيندس! خبردار! آئون مقيماڻي آھيان ۽ توکي ڪڏھن به بخش ڪونه ڪندس........ (اھو بيانيو مزاحيه انداز وارو ھو) کٽيون ڳالھيون لکت ۾ گھٽ ھئڻ کپن. سو منھنجا مٺا مقيماڻي ھن وقت ڀٽاري ۾ قابل پوٽو الھه بچايو لوڻ کاڻ ۾ غلام محمد بن ارڏو الياس رمضان لطيفاڻي ڍوري ناري ڏانھن ۽ ابراھيم قاسماڻي چوٽياريون ۾ رھن ٿا. عبدالله جا پويان ”ڪُتھڙ“ ۾ قيام پذير آھن. 1967ع ڌاري بڇڙين بلائن جو آزار ھجي. مقيماڻين ڇا ڪيو جو پيئڻ بلا کي جھلي ان کي باھه ۾ ساڙڻ لڳا. اسان ننڍڙا اسٽوڊنٽ اھو لقاءُ ائين ڏسي رھيا ھئاسون جيئن نجومي جي ڪرتب ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا ھجون. اُستاد قاسم جي گوار جا ”نھاڻان“ پيا وجھون..... تِڏن پويان ڪي ڌوڙي ڊوڙيا ته مون تڏ جي وزن تي ڪو غير پارلياماني اکر ڇا ادا ڪيو........ سائين جي چنبي مون کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. ھلڙي ڙي سائين قاسم تنھنجي لوڏ...... اسانجي ايامڪاري ۾ کيس ٿڌڙي ٿڌڙي ” ماليخوليا“(1968) اچي ورايو. تڏھن پاڻ تبليغي جماعت ۾ چلي تي ھليو ويو. اسان جي کائڙ ۾ ھي حضرت پھريون فرد فريد ھو جيڪو رائونڊ جو راڻو بڻيو ھو. واپس آيو ته مچي مواڙ ٿي چڪو ھو. ڪيڏانھن ويون اوڀاريون ۽ ڪيڏانھن ويون لھواريون......... ميڙاسر جي ڪنڀارن کي اسان جيان ”بائونڊري ڪميشن“ ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. حاميد جو پار ۽ مائي حوا جي ٻني بچاڻي ڪنڀارن جي ڳوٺ سامھون تاملھور اسٽيشن ڏانھن ويندڙ مارڳ تي ھندستان ۾ موجود آھن. جيڪي ھن وقت مودي جي ملڪ وارا. اُھي سنڌي ٿا کيڙين جن ديس پنھنجي کي ڇڏي وڃي پرديس وسايو ھو. مھاجرن کي ھند وارا ”شرنارٿي“ ڪوٺيندا آھن. ڌڻي انھن جو به ”خير“ ڪري. ڳُنھيري ترائي وٽ بچاڻين واري اوتري ميڙاسر جا آثار موجود آھن. چوماسي کان پوءِ اُتي کڏن ۽ چئوئن جون ڊي پي سيون ظاھر ٿينديون آھن. مسيت سڳوري جي محراب سميت بڻيادي بيھڪ تي ھي عاجز ”آذان“ ڏيڻ جو شرف حاصل ڪري چڪو آھي. انٽرنيشنل بائونڊري لڳ بچاڻي برادري جو پار اڄ به موجود آھي. پر نڪا ”ڀليري ويري“ رھي آھي ۽ نڪو وري ويھارو کن ٻين کوھن جا ”مونھيان“ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اھو پار تپيدار الھه بچائي۽ ٻين جي کاتي چڙھيل آھي. ميڙاسر ۾ 160 کن کاتي جون ٻنيون ھيون. خميسو عمر ۽ ٻيا ھاڪڙا ڪنڀار جيڪي ھن وقت ڪاھوءَ جي دڙي (ميرپورخاص) لڳ رھن ٿا ۽ گھڻا تڻا ڀلا مستري ۽ اي سي ڪوچن جا اُستاد آھن. تن ڪجھ سال اڳ ٻني عبدالحق بن عثمان نھڙي حوالي ڪئي. تيئن ڳچ ٻنيون وڪري چڙھي ويون آھن جڏھن ته الاھي سارا کيت ۽ سيم جي پوکي، راھي ۽ رک اڄ به ڪنڀارن حوالي آھي.......  اُتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جو ڏيک ڏيندڙ ميڙاسر جو شمالي جنوبي تاڃي پيٽو به ڏاڍو دلچسپ آھي. تُساڻين وارو گوگاسر پار وسنوبن جھوجو ٺڪر جي کاتي تي سروي نمبر ھڪ ھيو. ھتي ”ميڙاسري“ ويري سميت ڪافي ويريون ۽ کوھه ڪنڀارن جي استعمال ۾ ھئا. ڌڻيڪا جڏھن ڪاوڙيا ته مبين ڪنڀار کي ميار ڏنائون ته اھڙو جي سپوٽ آھين ته پنھنجي جھوري پيءُ .......... مبين نڪا ڪئي ھم نڪا تم. جھورايا ھٿ ڪيائين....... مائٽن کي ڪمر.......  ھمٿ ٻڌرايائين ستن ڏينھن ۾ سورھان پُرھه ويري جھوري ويا....... آھيرن کي اچرج لڳي ائين مُبين مرھيات ميڙاسر جي ھاڻوڪي پار جو بانيڪار ٿيو. سگرجي وار وارا ساٺيڪا به ھتڙي موجود آھن. نواز بن موسيٰ بن بچل بن متارو بن ميرو....... ائين پار تي ميراڻين جي ”دعويٰ“ کي دليلن سان درست قرار ڏئي سگھجي پيو....... ”لاڏي جي“ ماءُ کان اڻھار جي امڙ کي پيش قدمي ۾ اڳرائي نه ڪرڻ گھرجي........  مُبيناڻي پار سان ڪھڙا آر ٿا ڪن؟ تن کي ڇڏي ھڪ ياد دل تي تري آئي آھي. اسان جي مدرسي جا صغيرڙا قاسم بن صاحب ڏنو راھمون ۽ نور محمد بن الياس مقيماڻي ڪنڀار پاڇا ڪڙي راند ڪندي پئي آيا ته اوچيو مُبين واري ويري منجھه ڪريا ۽ قضا ۽ قدر سان سندن صغر سنيءَ ۾ ”شھادت“ جو پروانو اچي پھتو........... سٺ پرھه تڙن مان ڇھه بند آھن ھڪڙو ڪڏھن ڪڏھن سائينئان سميجا سينچين ٿا. لاڀ ٻيا به وٺن ٿا:

ٻڌيا تو ٻانٽي ڀلي، سينچيا ڀلا نياڻ،

ڪھتا تو ڪوي ڀلا، سُڻتا ڀلا سُڄاڻ.

جيڪي سوڻ ۽ ڏڳڙ اُٺن کان به نه کڄن اھڙا ڀاري پٿر ھن ۾ استعمال ٿيل آھن. سگر جي وار جا ھجن يا گجڻي وارجا. پر عام روايت اھا آھي ته اھي کوھه جنن جھوريا ھئا ۽ اجگر قسم جا ڏونگرن تان آندل ”بڪيا“ انسانن ۽ اُٺن جي اُپڙڻ کان ڳرا آھن.......... ھتڙي ڪي سنياسي چلا پڻ ڪڍڻ ايندا آھن. جن جو خيال آھي ته دينھه ويٺل نه ھجي ته سون جون ٻوريل ديڳون منٽن ۾ کوٽي ڪڍون....... ڪڏھن ڪڏھن پاڻي جي کوٽ واري عرصي ۾ ميڙاسر تڙ سميجن (سانئيان سندن سب ڪاسٽ آھي جيڪي سيار سخي ۾ رھن ٿا). جي وَڍوِراڙ سان مُرمت ھيٺ ايندو رھندو آھي. ھڪڙو ٻيو پار به ميڙاسر لڳ موجود رھيو آھي. جنھن کي ”ڪاراڻين جو پار“ ڪوٺيندا آھيون. گوگاسر کان امري جي ويري کڏي ۽ سيار ڏانھن وايا گجاسر ميڙاسر تڙ وارو مارڳ ڏبو ته اھو پار به پيرن ھيٺيان لتاڙڻ ۾ ايندو........ ٿاڻي واري مٿاري ميڙاسر ڳوٺ کان اُتر طرف اچي ٿي. ھتي حُر مارشل لا دوران ٿاڻو پيو ھو. ”سنڌ پوليس رائيفلز“ جنھن کي SPR چيو ويندو ھو. اھا تڏھوڪي ھندوستان بارڊر جي حفاظت تي مامور ھئي. مولانا محمد حسن جو فرزند محمد يوسف جيڪو پوءِ رُگھي مينگھواڙ جي ڳوٺ لڳ پنھنجو ڳوٺ ميرپورخاص کان کپري ڏانھن ويندڙ رستي واري ”ٻارھين ميل“ اسٽاپ کان ڪجھ پرڀرو ٻڌي ويٺو ۽ ڪڙئي ۾ ڪري ”شھيد“ ٿي ويو. سو  SPR جو حوالدار به رھي چڪو ھو. مولانا محمد حسڻ جي وڏي خليفي مرحوم قابل فقير راھمون جو پٽ علي محمد راھمون به جمعدار ھو. چاچو مھراج نھڙي، موسو نھڙي، واحد ڏنو نھڙي ۽ گوگا سر وارا به اسپيشل فورس جا سپاھي رھيا آھن. 1959ع ڌاري ون يونٽ دوران رينجرز ايڪٽ تحت سنڌ حڪومت وارن جي سنڀال ۾ ايندڙ SPR الھه توھار ڪئي ۽ ”پاڪستان رينجرز“ اچي ڪم سنڀاليو. سو ٿاڻي واري مٿاري ان حوالي سان مشھور آھي ”بجاڙ“ ٻني حاجي دائم وارن جي ھئي ”سيدن واري ڏھاري“ ھُجي يا ” پير جو ڪنڊو“ ميڙاسر جي جاگرافيڪل بيھڪ وارا ھي نام نامي اسم گرامي ڪن پوڙھن پڪن وٽ اڄ به ميڄالي ۾ موجود آھن. ”ٽنگڙا“ کڻي ھتان جا ڪنڀار ڪنٺو ڇوٽڻ رامسر ۽ راجستان ڀيٽي ايندا ھئا. ڌڻيڪا سال ۾ ڪا ٻڪري ڏين ته به جڳ واھه واھه جي لپ ڪڻ جي حوالي ڪن تڏھن به نينھن جو اھو ناتو پيا نڀائيندا ھئا. امان ”حرمت“ عبدالله گھراُماڻي ڪُنڀار جي گھرواري ھئي. سندن پيھر ”ٺاري جو تڙ“ ھو. جڏھن پچيسي ڇھائيسي ڏڪار ۾ اسان مال ڪاھي پنجويھه ڪوھه پري ”ٺاري جي تڙ“ پھتا ھئاسين ته اسان کي امان حُرمت جي مائٽن ”سانگو“ به فراھم ڪيو ھو ته (اُتي سڪار ھو) ”لانگھا“ به دل جان لنگھايا ھئائون .... ھتان جا ڪنڀار لاسي گڏھه  لسٻيلي تائين وڃي سودي ايندا ھئا. ”والوٽي جو ميڙو“ راجسٿان صوبي ۾ مال مويشي جي خريد و فروخت جو وڏي ۾ وڏو مرڪز ھو. ھندو ڪنڀار جنھن جو نالو ”رڻپار“ ھو موصوف حمزي ڪنڀار جو حمار لميٽڊ ڪمپني ۾ شيئر ھولڊر ھو. ڀاٽين جھڙيون مُڇان، ڳاڙھيون اکڙيون. ھڙڪ ھلندڙ ۽ ڪڙڪ ڳالھائيندڙ رڻپار ڪونڀار به ميڙاسر ڀيٽيندو رھندو ھو. راجا جي ريل ۾ گڏھن لاءِ گاڏا بوڪ ٿيندا ھئا.

اسان   جي بزرگ ميان محمد حسن جنھن ”تاملھور“ تي عيدون پڙھائڻ شروع ڪيون ھيون، اھو ”مُئو“ جو ڳوٺ ميڙاسر کان ڏھاڪو ڪلوميٽر مسافت تي آھي. اُتي شاھه عبدالطيف ڀٽائيؒ جو ”ڀائي“ حضرت شاھزادو عليه الرحمة محو استراحت آھي......... اھي سادات کارئي غلام شاھه جا آھن، جيڪي ٿرپارڪر جي اسلام ڪوٽ تعلقي جي سوڀاري شاھه انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي مضافات ۾ رھائش پذير آھن. شاھه عبدالڪريم بلڙي واري جا اھي پوٽاڻ ڀٽ ڌڻي بادشاھه کان ڇھين پيڙھي اڳتي رڙھنداسين ته کين ساڳي ڏاڏي جا سڳا پوٽا محسوس ڪري سگھبا. ھن بزرگ شاھزادي لاءِ مشھور آھي ته تاملھور جي ترائي وٽ چرڻ سُٺو ھو. سائين پنھنجيون مينھون ڪاھي ھتڙي اچي رسيو. مقامي ماڻھن چيو ته ”ڌاريا نه کپن“!! سيد آرھوڪونه ٿيو. نياز نوڙت جا ھٿ ادب جا ٻڌي شو ڪوٽڙي ڏانھن جيئن روانو ٿيو ته راجپوتن ۾ رڙو رڙ شروع ٿي وئي. ساکائتا ماڻھو سيد سڳوري تائين وڃي رسيا. حال احوال ڏنائون. ...... راجپوتن واپس ھلڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون. سيد چئي ته ھاڻ ھت ھميشه لاءِ اچي رھبو. جزا قضا سان ساڳئي سفر ۾ سائين جا پساھه پورا ٿيا وصيعت ھئي ته مونکي (جسد خاڪيءَ کي) اُٺڙيءَ تي ٻڌي، مھار ورائي، ڏاچيءَ کي خودمختياري ڏجو، ھي جناور جنھن جاءِ تي وڃي جھڪي اسانجو جنازو ان ھنڌ سپردِ خاڪ ڪجو. قدرت رب جي سانڍ سڳوري به اچي تاملھور جي تلر ۾ گوڏا ڀڃيا. سائين جو دور اڍائي سو سال اڳ جو آھي. مولانا محمد حسن کان پوءِ مولانا علي خان سميجو پڻيلي وارو ھن درگاھه تي عيدون پڙھائيندو ھو. سٺ ستر ڪلوميٽرن کان ماڻھو اُٺن گھوڙن تي سوار ٿي، تاملھور ۾ سيد جي واڙي جي آڳر ۾ موجود ٺنٺ ۾ نماز عيد ادا ڪندا آھن.......... اسان جي ستن اٺن پيڙھين جيان ميڙاسري ڪنڀارن جيون ڏھاڪو پيڙيون ھتڙي پوريون پيون آھن. جيڪي سيد سردار علي شاھه ذاڪر جي ھنن بيتن سان ايندڙ ويندڙ دور نزديڪ واري عزيز کي دعاءِ مغفرت جي درخواست ڪري رھيا آھن. ’ذاڪر‘ فرمائي ٿو:

وڃون ٿا وقت گذاري، اسان کي ياد ڪجو.

متان ڪو يارو وساري، اسان کي ياد ڪجو،

اسانجا ماڳ اسانجون مڙھيون، اسان جا شان،

نشانين ڏي نھاري اسان کي ياد ڪجو،

گُذر جي گور غريبان کان ٿئي ته اي دوست!

دعا جا ٻه چار ھٿ کڻي اسان کي ياد ڪجو..........

سينھالائو شريف ۾ پير حاجي عالي شاھه پڇمائي جي خانقاھه  آھي. سندس پٽ پير حاجي برھان شاھه گڍڙي واري مسجد جو نظريو پيش ڪيو ھو. پاڻ نيٻلي ۾ ويھي مولوي صاحب جو دامي، درھمي، قدمي، سخني تمام گھڻو ساٿ ڏنو. امر سنگھه سوڍي کي چيائين ته: گڍڙو ڊرائي پورٽ ٽائيپ شھر آھي. مھاتما گاندي جو سُٽ ڪَت ڪارخانو قائم ٿي چڪو آھي. جتي ھندو مسلمان گڏجي بديسي بائيڪاٽ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن......... تون دل وڏي ڪر ۽ مسجد لاءِ رنڊڪون پيدا نه ڪر، نه ته رُلي ويندين.......... نيٺ رام سنگھه پوٽن کي ھن گڍڙي مان پارٽيشن کان پوءِ لڏڻو پيو، تازو ھند ۾ ٽانڪي ٽيشڻ (گڍڙو روڊ اسٽيشن)  تي امر سنگھه جو پڙ پوٽو ھندو سنگھه پرلوڪ پڌاري ويو آھي. (2018) نينٻلي جي راھمن سان 1965 جي جنگ دوران رام سنگاڻي ٺڪر آمھان سامھان ٿيا. ھندستاني فوج جي سھڪار سان تيرھان سنڌي سماٽ مسلمان ”مھاڏاڻين“ وٽ ماري ويا. اھڙا ڪُرڻا ڪري ھلاک ڪيائون جو سندن چھرا به سڃاپڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. تيرھان جا تيرھان ھڪڙي قبر ۾ گنج ڪري دفنايا ويا........ ميڙاسر جا دلچسپ واقعا ايڏا ته لذيذ آھن. جو لذيد بود حڪايت............ دراز ترڪردم واريءَ فارسي ضرب المثل ۽ چوڻيءَ جو سھارو وٺڻو ٿو پوي! حاجي سڄڻ کاھي واري ڳالھه ڪئي ته محميداڻي نھڙين جي ٻني ۾ منھنجو ٿلھو ٿنڀرو گڏھه اچي ھريو. ڀيلن مٿان ڀيل جي شڪايت. آڌي جو ڇا ڏسان ته حمار حرامي رسو ٽوڙائي روانو ٿي ويو آھي. نيٺ ٻنيءَ تي وڃي رسيس. اُٿان پُٺارڪ کنيم تي گڏھه ته اچي گڏھن جي ليٽاڻ ۾ گوڏي ڀر ٻڌم....... صبح جو ڀاڳيا حيران ته گڏھه جا پاڇي پير ڪيڏانھن ويا... مارواڙ مان ڪي خانه بدوش قبيلي جون غريب مايون اچي ميڙاسر مان نڪتيون..... ڪي مرد به گڏ ھجن........ نوجوان عدو ھڪڙي گھوڙي جيڏي گڏھه کي لُوھه ڪڍي نه ٺلھو جھلي ورتو پر ٻوٿاڙي کي مروٽو ڏيئي ڌوپٽ تي جو ڪيرايائين ته اِمڪاني ساھريجن چيو ته ھڪڙو ته گھوٽ ملي ويو. ننڍڙن طالب علمن کي سائين قاسم مقيماڻي اھا سزا اڪثر ڏيندو ھو ته دُن وٽ چھنڊڙي  اھڙي ته سَٽ سان ڏيندو ھو جنھن نتيجي ۾ اسان کان فلڪ شگاف رڙيون نڪري وينديون ھيون. سائين کلي چوندو ھو ته ھينئر اھو حال اٿو ته وڏا ٿي ڪشمير ڪيئن آزاد ڪرائيندا!؟

عند ذڪر الصالحين تتنزل الرحمت .... نيڪن جا جت نالا کڻبا تِت تبارڪ و تعاليٰ جون رحمتون نازل ٿينديون.

ڪِي جو ڪنڀارن، مٽي پائي منيو،

تھين مان تر جيتري، جي خبر پئي کرن،

ھو تان ھوند مرن، ھنن اڱڻ اوراتو نه لھي!

(شاھه ڀٽائي)

مولوي عبدالڪريم نوھڙي ، گوگاسر سيداڻي پاڙو

اکڙيون رت روئي، ماڳ پسي موٽيون

 

ميڙاسر جو ڳوٺ عام ڳوٺن وانگر ھڪ ڳوٺ رھيو آھي. ڏاھن ماڻھن مطابق پنھنجي محل وقوع جي لحاظ کان ٿر ۾ اُھي ڳوٺ ۽ ھنڌ بهتر ھوندا آھن، جيڪي مٿاڇري تي ھجن. اونهاري جي موسم ۾ ھوادار ھجن ۽ جن تي سياري ۾ سج جا ڪرڻا پھرين ظاھر ٿين. اھڙن ھنڌن تي سردي به گھٽ ٿيندي آھي. گڏوگڏ اھڙا ڳوٺ چوري چڪاري کان به محفوط ھوندا آھن. پاڻي به ويجھو ھجي. انهيءَ لحاظ کان ميڙاسر جو ڳوٺ انھن سڀني ڳالھين تي پورو لھي ٿو. ٿر ۾ ڪئين ڳوٺ عروج تي رھيا، پر پوءِ زوال جي نظر ٿي ويا. اھو قدرت جو نظام آھي. آباديون ۽ برباديون گڏوگڏ ھلن ٿيون. ٿر ۾ ڪئين چڱا سخي ماڻھو پيدا ٿيا. راڄن ۾ اُبتا سبتا فيصلا به ڪندا رھيا. آخر وڃي خاڪ ۾، خاڪ ٿيا. انھن جو ذڪر ٿر جي خاموش ڀِٽن وانگر خاموش آھي. ليڪن محمد حسن ڪنڀر جون ڪيل ديني حوالي سان خدمتون اڄ به زنده آھن. ھٿونگي کان علي بندر ۽ ڏيپلي تائين باڊر جي پٽي ۾، جتي توحيد جي عقيدي جي آبياري ٿي. شرڪ جي گمراهي ختم ٿي علائقي ۾ شرعي احڪامن جو تصور عام ٿيو. خاص ڪري (ترڪي ميراث) ۾ نياڻين کي  محروم رکيو ويندو ھو. مولوي صاحب نياڻين کي حق ڏياريا، توڙي جو ڪي راڄ جا ماڻھو ناراض به ٿيا. تن ڏينھن ۾ ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ راوتسر ۾ مشھور ديني مڪتب قائم ھو، ليڪن ھُن جا اثرات ڪنٺي ۽ پارڪر ڏانھن ھئا، باڊر جي ھن علائقي ۾ نه ھئڻ جي برابر ھئا. ٿر ۾ ان وقت ٺڪر قوم جو وڏو ڌاڪو ھو. اڪثر فيصلا، ھندو ۽ مسلم جا اُھي ئي ڪندا ھئا. راڄ ۾ مسلمان به فيصلا سازي ۾ ٺڪرن جي تابعداري ڪندا ھئا. مولوي محمد حسن جي اچڻ بعد شرعي فيصلن سان گڏ، جاھل قوم ۾ الله تعاليٰ تي يقين جو تصور ڪنھن حد تائين قائم ٿيو. قوم پرستي اوچ نيچ، ذات پات جا وڻ سُڪڻ لڳا. ”ھيڪڙائي حق“ جا ھوڪا عام ٿيا. مولوي صاحب جو تعلق حالات جي اعتبار کان ڪمزور قوم مان ھو، ليڪن ايماني قوت ڏسو ته گڍڙي واري مسجد جي حوالي سان شروع ۾ پير عالي شاھ پڇمائي خيال ڪيو ته گڍڙي ۾ مسجد جو بنياد رکجي، پر ڪن غير مسلمن جو رويو ڏسي پوئتي ھٽي ويو. آخر ھڪ ڏينھن ميڙاسر پھتو ۽ مولوي صاحب کي اچي صورتحال کان آگاھه ڪيائين ته مون، خان بھادر غلام نبي شاھه، وڏيرو محمد سگھو پلي ۽ سائين سيد غلام محمد مجدد جان سرھندي، اسان گڏجي انگريز ڪليڪٽر وٽ مسجد جي اجازت نامي جي درخواست جمع ڪرائي آھي. مخالف مون سان وڙھڻ لاءِ تياري ڪري رھيا آھن، ھاڻي مون کان ڳالھه اڳتي نڪري چڪي آھي. ڪم نيڪ آھي منھنجي مدد اوھان سان رھندي. مولوي صاحب ڳالھ غور سان ٻڌي، پوءِ چوڻ لڳو ته آئون ڪنڀار جو ٻار آھيان. راڄ ۾ رَٻ گُھري، شاگردن جا پيٽ پاليان پيو، توکان ھي ڪم نه پيو ٿي سگھي ته آئون ڪيئن ڪندس! ائين چئي پوءِ پڇائي پير کي چيائين ته ھي ڪم بظاھر مُشڪل لڳي رھيو آھي. انهيءَ تي آئون ضرور غور ڪندس، وڌيڪ اُھو ٿيندو جيڪو رب تعاليٰ چاھيو. (لطف الله حساماڻي پلي صاحب جي همدرد (هفتيوار) ۾ ڇپيل مضمونن مطابق وڏيرو محمد سگھو پلي اها شخصيت ھئي، جڏھن قائد اعظم محمد علي جناح ھندستان کان ميرپورخاص کوکڙاپار ريلوي لائن ذريعي اچي رھيا ھئا ته، مختلف اسٽيشنن تي انھن جو استقبال ۽ آڌر ڀاءُ مخلتف شخصيتن ڪيو ھو جڏھن ھو شادي پلي اسٽيشن تي پھتا ته اُتي نه صرف اھو ته قائداعظم جو استقبال ۽ رفريشمينٽ وڏيري محمد سگھي پلي ڪئي ھئي، بلڪه ان دور ۾ به لکين روپيه مسلم ليگ جي فنڊ ۾ ڏنا ھئا).

حاجي امام الدين سولنگي گُندي وارو ڏيڏوھر راجسٿان جو رھاڪو جي بقول مولوي صاحب، اسان وڏن شاگردن سان ھڪ دفعو ڳالھ ڪئي ته پير پڇمائي ڳالھ ڪري روانو ٿئي ويو. ڪجھه وقت کان پوءِ مون مسجد جي حوالي سان استخاره ڪيو. تڪليف کان پوءِ بشارت ملي، پوءِ ڊگھي جدوجهد بعد رب تعاليٰ مونکي سوڀ ڏني. تاريخ ھن ڳالھه جي شھادت ڏيندي آئي آھي ته نيڪي جو ڪم، رب جي ذات اڪثر ڪمزور ماڻھن کان ورتو آھي. دولتمند ماڻھو ڪن ھنڌن تي ٻانھن ٻيلي ضرور ٿيا آھن، ليڪن نيڪ ڪمن جي شروعات ھيڻن ھٿان ٿي آھي. جنھن جو چِٽو ثبوت ٿر جي ھن علائقي  ۾ مولوي صاحب جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو. راج جا ڀوتار آخر وقت ۾ ھٿ ڪڍي ويا. مولوي صاحب صَدِ سِڪندري ثابت ٿيو. گڍڙي واري مسجد جو ڪم انجام تي پھتو. شل رب تعاليٰ قبر تي رحمت جي پالوٽ ڪري، مقام محمود ۾ داخل ڪري. (آمين)

حاجي امام الدين سومرو اصل ڳوٺ ڏيڏُوھر ھندستان جو رھندڙ ھو، جنھن جو ميڙاسر مڪتب جي شروعاتي شاگردن ۾ شُمار ٿئي ٿو. انهيءَ سان منھنجي طويل نشستون نيو ڇور ۾ ٿيون. پھرين نِشست ڪجھ ھِن طرح ٿئي ته منھنجي بدلي مڊل اسڪول حاجي ساڄڻ راڄڙ، تعلقي ميرپور خاص کان نيو ڇور ھائي اسڪول ٿي سال 1989ع ۾ ھائي اسڪول جي ڀر ۾ ڪامريڊ ڦوٽو خان سومرو جو گھر ھجي اُتي ھڪ رات تمام پوڙھو جھونو شخص اچي لٿو. آئون به اُتي ھجان. مونکي چوڻ لڳو ته اوھان ڪير آھيو؟ مون چيو منھنجو نالو عبدالڪريم آھي، ذات جو نھڙي آھيان، ڳوٺ گوگاسر لڳ ميڙاسر آھي، ھتي ھائي اسڪول ۾ بدلي ٿي آھي ٻارن کي عربي ۽ اسلاميات پڙھائيندو آھيان. لنگر پاڻي ھن اوطاق ۾ ڪندو آھيان. ميڙاسر مڪتب جي باري ۾ ھن وڌيڪ ٻُڌايو ته مولوي محمد حسن صاحب جڏھن پڳ ٻڌي ميڙاسر آيو ۽ مڪتب اچي کوليو، تڏھن منھنجي پيءُ محمد عثمان مونکي ڏيڏوھر ڳوٺ کان وٺي اچي ميڙاسر ۾ داخل ڪرايو. ھندوستان جي مختلف ڳوٺن مان ٻيا به ڪافي شاگرد اچي داخل ٿيا. ھڪ نھڙي ذات جو شاگرد جمعي فقير ڳوٺ جو، جنھن جو نالو دين محمد ولد عالي ھو، سو شرارتي ذهن رکندڙ ھو. سياري جي موسم ۾ شاگرد مسجد ۾ سمھندا ھئا. مولوي صاحب جي ھدايت ھئي ته ڪوبه شاگرد مسجد جي محراب ۾ نه سمھي. ليڪن ھي شرارتي ڇوڪرو گھڻو ڪري وڃي محراب ۾ سمھندو ھو، ھڪ رات اڇا ڪپڙا پاتل ھڪ شخص اڌ رات کان پوءِ اچي ڇوڪري کي اُٿاريو، ليڪن ڇوڪرو ضد ڪري وري سمھڻ جي تياري ڪري. آخر ھُن ماڻھو ڇوڪري کي ٽنگ مان جھلي پري اُڇليو ته ڇوڪري روئڻ شروع ڪيو. مولوي جو گھر مسجد جي ڏکڻ طرف قريب ھو. روئڻ جو آواز ٻڌي مولوي صاحب مسجد ۾ آيو ۽ ڪجھ قرآن جون آيتون پڙھيون. ڇوڪرو ماٺ ٿي ويو. مولوي صاحب چوڻ لڳو ته محراب ۾ سمھڻ جي منع آھي اُتي نه سمھندا ڪريو. ائين چئي سائين گھر ھليو ويو. حاجي امام الدين ٻڌايو ته صبح جو اسان شاگردن، جيئند ڪنڀر ھو يا ٻيو، ڪو، انهيءَ سان ڳالھ ڪئي ته رات مسجد ۾ ھي واقعو ٿيو آھي. اوھان سائين کان پڇو ته رات مسجد ۾ جيڪو ماڻھو اڇن ڪپڙن سان آيو ھو، اھو ڪير ھو. مولوي صاحب سان ھُنن ڳالھه ڪئي، پاڻ خاموشي سان ڳالھ ٻُڌي ۽ چوڻ لڳو ته شاگردن کي مسجد جي محراب ۾ سمھڻ جي منع ٿيل آھي. پوءِ پڇڻ وارو ھمراھه به ماٺ ٿي ويو. بقول حاجي امام الدين جي، ھُن وقت ڍورو ناري ويجھو ڳوٺ کنڀري ۾ ميان پير بخش ولھاري جنن وارو ڪپڙو وٽ ۽ عالم پلي واري مدرسي ۾ مولوي محمد علي جوڻيجي جي شاگرد مولوي عبدالعزيز سولنگي وٽ ۽ ميڙاسر ۾ مولوي محمد حسن ڪُنڀر وٽ جِن زيرِ تعليم ھئا، وڌيڪ حقيقي علم رب کي جُڳائي. حاجي امام الدين ٻُڌايو ته آئون انھن شاگردن مان ھئس، جيڪي شروع ۾ مدرسي ميڙاسر ۾ داخل ٿيا. مون پورو قرآن مجيد مولوي محمد حسن وٽ پڙھيو. ٻيا به ڪافي شاگرد مون سان گڏ ھئا، جيڪي گھڻي ڀاڱي ھندستان جا ھئا. اڳتي ته فارسي پڙھي نه سگھيس، والد صاحب غريب ھو. مٿي وري ڏڪار تي ڏڪار ايندا رھيا. مون وڃي واپس ڏيڏوھر ڳوٺ وسايو ۽ مال چارڻ لڳس. مولوي صاحب جي زندگي تائين اچڻ وڃڻ رھيو، منھنجو والد مرحوم ڳوٺ گوگاسر جو رھندڙ ھو، سعيدو فقير نالو ھو. گھر ۾ مولوي صاحب جو گھڻو ذڪر ڪندو رھندو ھو. غريب شخص ھو گذر سفر لاءِ ھڪ ڏاچي ھئي، انهيءَ تي کوکڙاپار پار کان گڍڙي تائين واپاري سيٺ واڻيا ڀاڙي تي کڻندا ھئا. ھڪ دفعي مولوي صاحب والد کي گھرايو ۽ چيائون ته گڍڙي ھلڻو آھي. اسان ميڙاسر کان نڪتاسون مولوي صاحب ڏاچي تي چڙھيل ھجي، منھنجي ھٿ ۾ ڏاچي جي مُھار ھجي. ھي اھو وقت ھو جڏھن مولوي صاحب کي انگريز سرڪار کان مسجد جو فيصلو پنھنجي حق ۾ مِلي چڪو ھو. مولوي صاحب جي شخصيت ھر عام ۽ خاص جي زبان تي ھئي. اسين جڏھن گڍڙي ۾ داخل ٿياسين ته ھر طرف ھوڪو عام ٿي ويو، ”مولوي آيو، مولوي آيو“. ڇا ڏسون ته واڻين جون عورتون گھرن جي ڇتن تي چڙھي اسان کي ڏسڻ لڳيون. ھڪ مائي ڍاٽڪي ٻولي ۾ چئي رھي ھئي ته، ”ھي ته ماڻھو آھي، مولوي ڪٿي آھي“ جواب ۾ ٻئي مائي چوڻ لڳي ته، ”مولوي ماڻھو ھوندا ئي هوندا آهن“ انهيءَ تي بقول والد صاحب جي مولوي صاحب مسڪرائڻ لڳو.

والد صاحب ڳالھه ڪندو ھو ته ھڪ ڏينھن مولوي صاحب کي ڳوٺ جيتراڙ وڃڻو ھجي، اُتي حافظ اسحاق نالي شخص رھندو ھو. مولوي صاحب جي ھُن سان دوستي ھئي. اسين جڏھن ميڙاسر کان نڪري، گجاسر وٽ پھتاسون، جيڪا ميڙاسر ڳوٺ جي ڏکڻ طرف آھي. بڊي جو مھينو ھو، ڪجھه ڏينھن اڳ برسات ٿي ھئي. ڏاچي جو پير ڪنھن ٻِر ۾ ڦاسي پيو، ڏاچي ٿاٻڙڪي اڳتي نڪري آئي، اُتي وڏو سوراخ ٿي ويو. پوءِ انهيءَ ھنڌ تي مولوي صاحب جي وصيعت مطابق کين دفن ڪيو ويو. گجاسر، تاملهور کان پوءِ عيدگاھه ٿيو. مولوي محمد حسن صاحب ھتي عيد نماز پڙھائي يا نه، انهي جي مونکي خبر ناھي، ليڪن سائين محمد اسماعيل مرحوم ھتي ميڙاسر ۾ ھجڻ تائين نمازون پڙھائيندو رھيو، جيڪي مونکي به ياد آھن. ڀرپاسي وارا سمورا ڳوٺاڻا اچي گڏ ٿيندا ھئا. عيد کان پوءِ اُٺن گھوڙن جي ڊوڙ سان گڏ ملاکڙو به ٿيندو ھو. مولوي محمد حسن جي وقت به پرديسي ڇوڪرا، ڦڪر راڄ مان وٺي ايندا ھئا. ٻاجھر جون مانيون ھونديون ھيون جيڪي مانيون بچي وينديون ھيون، مولوي صاحب انھن جا ٽُڪر ڪَرائي، دِلن ۾ وجھي، مسجد جي ڇت تي رکرائي ڇڏيندو ھو. سياري جي موسم ۾ ڇوڪرا اھي سُڪل ٽُڪرا نيرڻ ۾ استعمال ڪندا ھئا. اها روايت پوءِ سائين اسماعيل زنده رکي، جيڪا مونکي به ياد آھي. پرديسي ڇوڪرا، قاضي محمد عثمان ولد کنگھار ڪنڀر جي دُڪان کان ڳڙ، بصر ۽ مرچ آڻيندا ھئا ۽ انهي سان ناشتو ڪندا ھئا. قاضي صاحب حُسنِ يوسفي رکندڙ شخص ھو، جيڪو ھڪ ھٿ کان معزور ھو. پرديسي شاگردن کي مفت ۾ ڳڙ، بصر ۽ مرچ ڏيندو ھو. شل الله تعاليٰ ھُن جي نيڪي کي شرفِ قبوليت ڏي. (آمين). پوءِ چوٽياريون ڏانھن لڏي ويو 2015 ڌاري گذاري ويو. ميئين محمد مُبين رح ڪيرئي جو پاڙو نصيب ٿيس.

مولوي محمد حسن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مولوي محمد اسماعيل مرحوم سان به والد صاحب جي تمام گھڻي قربت ھئي. انھن جو مال گھڻو ڪري ٻڪريون ھيون، جيڪي ھميشه والد صاحب وٽ رھيون. جيسائين سائين اسماعيل ميڙاسر ۾ رھيو، مال اسان وٽ رھيو. والد صاحب جي فقير بچل سان به دوستي رھي، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن والد صاحب جي اصرار تي اسان جي گھر به ايندو ھو. گهر جي لوڙھي اندر ٺھيل ڪچي مٽي جو ٺھيل ٿلھو ھوندو ھو، انھيءَ جي چئن طرفن کان فقير پردو ڪرائيندو ھو.  ٽُڪر پاڻي پردي ۾ کائيندو ھو، پوءِ والد صاحب سان گڏ رات جو ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. ڳوٺ ۾ مسجد ڪونه ھئي، اول وقت ۾ نماز پڙھي، ميڙاسر ڏانھن والد صاحب سان گڏ نڪري ويندو ھو. اھو سلسلو گھڻو وقت جاري رھيو، مونکي به ياد آھي. پوءِ فقير جڏھن عمر ڪوٽ ۾ اچي گھر ٺاھيو، تڏھن آئون به فقير وٽ ڪڏھن ڪڏھن ويندو ھئس. والد صاحب انهيءَ زماني ۾ رحلت ڪري چڪو ھو، ذڪرمُراقبي جو تذڪرو ٿيندو ھو.

ميڙاسر جي يادين ۾ اھو ڏينھن به ياد آھي، جڏھن پھرين ڏينھن پڙھڻ جي خيال سان آئون وڏي ڀاءُ حڪم علي سان گڏجي مدرسي ويس. مدرسي جي گيٽ تي سائين محمد قاسم مليو، ڀاءُ کي چيائين ته ھي ڇوڪرو ڇو آيو آھي. ڀاءُ ٻڌايو ته پڙھڻ لاءِ آيو آھي. سائين محمد قاسم تعليمي حوالي سان پوري تعلقي ڇاڇري ۾ تعليمي ماھر سان گڏ، سخت اُستاد شمار ٿيندو ھو، گڏوگڏ خوش ذوق به ھو. مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته تون پڙھڻ ڪونه آيو آھين، خيرات جو سيرو حلوو کائڻ آيو آھين. انهيءَ ڏينھن ميڙاسر ۾ گھرام نالي ڪنڀر فوت ٿيو ھو. انهي جي پويان ماني ھئي. ميڙاسر جي ياد ۾ مخدوم طالب الموليٰ جو سفر به ڪجھه ياد آهي. غالبا 1966ع جو وقت ھو. ڪنڀار برادري سروري جماعت سان ھئي. نور محمد ڪنڀر جي گھر کان مدرسي تائين لوڙھن کي پنين سان سينگاريو ويو. مدرسي جي مرڪزي گيٽ تي ڳاڙھي ڪپڙي تي ميٽ سان مخدوم صاحب جي آجيان لاءِ ڀليڪار جا الفاظ سائين محمد قاسم لکيا. مدرسي جي لانڍي ۽ فرش کي رنگ برنگي رِلين سان سينگاريو ويو. مخدوم صاحب جي نشست مدرسي جي وچ ۾ بيٺل نِم جي ڀر ۾ ٺاھي وئي. مخدوم صاحب جو جوڀن ھو ڪاري جناح ڪيپ/ٽوپي پاتل ۽ خاڪي ڪپڙا زيب تن ھئا. اُتي سائين ڇا ڳالھايو پئي، تنھنجي مونکي پروڙ نه پئي. منھنجي ذھن ۾ صرف اھا ڳالھه ھئي ته هي قافلو ڪڏھن ٿو ھتان نڪري ۽ آئون اُٺن ۽ گھوڙن جي پويان ڊوڙ ڪڍان. ٻاراڻو زمانو ھو عام خيال ھو ته پيرن جي پويان ڊوڙن ثواب آھي. مدرسي جي حوالي سان ھي واقعو به ياد آھي ته، شاگرد کوھه کان دِلن ۾ پاڻي ڀري ايندا ھئا. وڏا شاگرد ته آساني سان پاڻي ڀري ايندا ھئا. جيڪي ننڍا ڇوڪرا ھوندا ھئا، اهي اڪثر دِلا ڀڃي ڇڏيندا ھئا. انهي جي سزا اها ھوندي ھئي ته کاٻو ھٿ ساڄي ڪن ۾ وجھي، ڪنڀارن جي گھرن ۾ وڃڻو پوندو ھو. دِلو ته مفت ۾ ملي ويندو ھو، ليڪن گھڻو پنڌ ڪرڻو پوندو ھو. نور محمد ڪنڀر جي گھر کان الياس ولد مقيم جي گھر تائين ڪڏھين ڪڏھين وڃڻ ٿيندو ھو. ڪنڀر، شاگردن جا ھٿ ڪن ۾ ڏسي پري کان سمجهي ويندا ھئا ته ھنن دلا ”ٿڌا“ ڪيا آھن. انھن کي دلو ڏنو وڃي. ھڪ دفعي مدرسي جا وڏا شاگرد پاڻ ۾ چون پيا ته سائين اسماعيل ٻڌايو آھي ته سنڌ مان عالم سڳورا مدرسي جو امتحان وٺڻ لاءِ رات واري ريل گاڏي ۾، جيڪا ميرپور کان کوکرو پار اچي ٿي، انهيءَ ۾ اچي رھيا آھن. اوھان سبق خوب ياد ڪريو. خاص ڪري نور نامي وارا شاگرد وڌيڪ محنت ڪن. ٻئي ڏينھن گوگاسر جي پاڙن جا سڀئي شاگرد، ميڙاسر جي اولھه ڀٽ تي گڏ ٿيا. آئون ننڍو ھجان ڇوڪرن جي پويان پويان پيو اچان. انهي ڏينھن خلاف معمول مدرسي ۾ ٻارن جي تلاوتِ قرآن جو آواز خاموش ھو. مون سمجھيو ته مدرسي ۾ پوليس وارا اچي چڪا آھن، انهي جي ڪري شاگرد ماٺ آھن. جيئن اسين مدرسي ۾ داخل ٿياسين ته پوليس نظر ڪونه آئي، ليڪن مدرسي جي لانڍي جيڪا اُتر طرف ھئي، اُتي کٽن تي اوپرا ماڻھو ويٺا آھن. ڳوٺ جا ڪنڀر اڇيون ٽوپيون ۽ پٽڪا ٻڌي کين نيرڻ ڪرائين پيا. سڀئي شاگرد خاموشي جي عالم ۾ مسجد شريف ۾ ڪتاب ۽ قرآن پاڪ پڙھي رھيا آھن. ڪنھن ڪنھن مھل، شاگرد انھن مولوين کي ڏسن به پيا ۽ پاڻ ۾خاموشي سان ڪجھ چون به پيا. آئون وڏي ڀاءُ جي پويان خاموشي سان ويھي رھيس. مونکي به اچي خوف ورتو ته منھنجو به امتحان ٿيندو. حقيقت ۾ آئون چند ھفتا اڳ مدرسي ۾ داخل ٿيو ھئس. انھن عالمن ۾ مولوي محمد ادريس جوڻيجو صاحب، اڄ به ساڳي وضع قطع سان زنده آھي، شل رب تعاليٰ خضري عمر عطا ڪري. ٻيا ڪير عالم ھئا، خبر نه رھي. ميڙاسر جي ياد ۾ انهي زماني ۾ ھندوستان کان وڏي انگ ۾ مھاجر باڊر پار ڪري پاڪستان ايندا ھئا. اُنهن جا جٿا اچي مدرسي ۾ لھندا ھئا. سائين اسماعيل شاگردن کي چوندو ھو ته ڪنڀارن جي گھرن مان مانيون ۽ لسي آڻيو. ڪنڀار ڀاڳيا ھئا، فراخدلي سان سَھڪار ڪندا ھئا. ائين چئجي ته ان وقت ڪنڀارن، انصار مديني جي ياد تازه ڪئي ته غلط نه ھوندو. مٿان اچي 1965ع جي جنگ لڳي. جنگ کان ٻه ڏينھن اڳ رات جو ڀاٽي ٺڪرن ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ بندوقن جا فائر ڪيا. نتيجي ۾ ھڪ مائي نالي ماريت ڌيءُ جمعو ڪنڀر، جيڪا يعقوب ڪنڀر جي زال ھئي شھيد ٿي وئي. جنھن کي رات جي وقت گجاسر واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ڀاٽي، ڳوٺ ميڙاسر جو مال ۽ سامان کڻي باڊر پار ٿي ويا. ڪنڀار ھٿين خالي ماڳ ڇڏي، سنڌ ڏانھن نڪري ويا. پوءِ جڏھن جنگ بندي جو اعلان ٿيو، ماڻھو وري اچي علائقن ۾ آباد ٿيا. تڏھن ميڙاسر جي ڪنڀارن ۾ تمام گھٽ واپس آيا. وري سن 1971ع جو معرڪو برپا ٿيو. ڪنڀار وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويا. فارسي واري چيو ھو، ” برادر از برادر دُور باشد زمين و آسمان رنجور باشد“. (جڏھن ڪو ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کان وڇڙي ويندو آھي ته انهي درد ۾ زمين آسمان پڻ رنجيدھه ٿي ويندا آھن. سندن درد ته ڪٿڻ کان مٿي آھي).

سائين محمد اسماعيل رحلت کان ٻه مھينا اڳ ميڙاسر واري مسجد جي مرمت جي حوالي سان ڳوٺ گوگاسر آيو ۽ مون وٽ اچي ٻه راتيون ترسيو. ڏاڍو فڪر مند ھو ته ھاڻي ھن خُدا جي بيت جو ڇا ٿيندو! ڪنڀارن راڄ ڇڏي ڏنو آھي. اُن وقت مون سائين کي، شاھه ڀٽائي جو ھڪ بيت پڙھي ٻڌايو، تنھن تي سائين جي اکين ۾ آب جاري ٿي ويو. بيت ھي ھو:

وِيا وَڳ وَھي جنھن ۾ چَرندو ھُئين ڪَرھا،

گھڻا سُور سَھي جھيرائيندين انهيءَ جھوڪ لاءِ.

پوءِ سائين ڪجھه وقت ميڙاسر ۾ رھيو. ڳوٺ گوگاسر ۽ ڳوٺ سيار جي ماڻھن سائين جي سڏ تي موٽ ڏيندي سھڪار ڪيو ۽ مسجد وري تيار ڪئي وئي. اڄ ميڙاسر واري مسجد اسپين جي مسجد قُرطبه جو ڏيک ڏيئي رھي آھي. مبارڪ جي لائق آھي ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر صاحب، جنھن بلال حبشي رضه جن جي سُنت زنده رکندي، آذان ڏيئڻ لاءِ موذن جو بندوبست ڪيو آھي. جنھن ميڙاسر ۾ ڪنھن وقت تلاوت قرآن جون تنوارون ھيون، نِمن جي وَڻن مان خوشبو جون ھُٻڪارون ۽ وٿاڻن ۾ مال جي وَلرن جا ولر ھئا، سي ماضي جون ڪھاڻيون ٿي ويون. شَل رب جي ذات ميڙاسر تي راضي ٿي، وري واھوندا ورن ۽ ميڙاسر جا پٽ آباد ٿين. ھن سلسلي ۾ آسان سڀني کي ٻانھه ٻيلي ٿيڻو پوندو.

آخر ۾ آئون جَس ڏيندس محترم نواز ڪنڀر صاحب کي، جيڪو تحقيقي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، مولوي محمد حسن مرحوم ۽ ميڙاسر کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آھي.

اڱڻ اُھي ئي پر جت نه پسان جوءُ ۾،

اوطاقون اوٺين ري، سوجھيم سڀئي،

اکڙيون رت روئي ماڳ پسي موٽيون!

مولانا حاجي محمد يعقوب نعماني

 

ڳوٺ جيسندر ۾ مولانا جون ديني ڪاوشون

 

ھي ڳوٺ گڍڙي ۽ ميڙاسر کان تقريباً چار/پنج ڪوه شمال مغرب ۾ واقع آھي. ڳوٺ ته ٺڪرن جي زيرِ اثر آھي، پر ڪافي تعداد ۾ ڪنڀار به آباد آھن. ھي ڳوٺ مولانا محمد حسن رح جو ناناڻڪو سڏبو آھي. مولانا صاحب جا ھن ڳوٺ ۾ ڪثير تعداد ۾ شاگرد موجود ھئا. جن ۾ آخري شاگرد محمد ھارون بن قائم ڪنڀار به آھي، محمد ھارون ابتدائي قرآن مجيد حضرت مولانا محمد حسن وٽ پڙھيو ۽ باقي قرآن پاڪ جي تڪميل مولوي عبدالواحد راھمون وٽ ڪيائين، جيڪو انهيءَ مدرسه ۾ اُستاد رکيل ھو. آخري شاگرد ھئڻ ڪري محمد ھارون وٽ ڪافي ياداشتون آھن. مولانا محمد حسن رح ھن ڳوٺ جي مدرسي جي بنياد تائين آباد رھيو. جنھن ۾ مولانا سيف الله نھڙي ۽ محمد عارف منڱريو به اُستاد ٿي رھيا. ھن وقت ھتي جي پراڻي مسجد، جنھن کي تقريباً ستر سال ٿي چڪا آھن، سا ھندوستاني بھترين پٿرن سان جوڙيل آھي. جيڪا حضرت مولانا محمد حسن رح جي مبارڪ دور ۾ ڪکائين ٺھيل ھئي. مولانا ولي محمد گھاگھريو وارا، علائقي جا رھندڙ ھئا. جميعت علماءِ ھند جو جيئن ته ڪانگريس سان اتحاد ھو ۽ اليڪشن ۾ مولانا ولي محمد راھمون ڪانگريس طرفان اُميدوار ھو. اليڪشن ۾ مقابلو ٿيو. ھن سخت ڏکئي وقت ۾ جيسيندر جي ڪنڀارن، مولانا ولي محمد جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ جميعت علماءِ ھند جي علماءُ سان گڏ رھيا. مسلمان ھجڻ ۽ جميعت علماءِ ھند جي ساٿ ڏيڻ تي سياسي مخالفن کي باھه لڳي وئي ۽ اھي سازشون ڪري، مسلمانن کي ايذائڻ لڳا. جنھن تي ڪنڀارن فيصلو ڪيو ته ھاڻي ھندوستان کان ھجرت ڪري، پاڪستان ۾ ھلي آباد ٿيون. تنھنڪري اُھي راتو رات اُٺن، گڏھن ۽ گھوڙن تي سفر ڪري، صرف پنھنجي جان بچائي اُتان نڪتا. مال متاع جيڪو کڻڻ ۾ آسان ھو سو کڻي سگھيا، باقي الله جي حوالي ڪري آيا. اھي رات جو سفر ڪندا ھئا ۽ ڏينھن جو لڪي ويھندا ھئا. بالاخر ٻن ڏينھن ۾ پاڪستان جي حدن ۾ پھتا ۽ سُک جو ساھه کڻي، الله جو شڪر بجا آندائون. ھجرت جي برڪت سبب، الله کين عالمن ۽ حافظن سان نوازي ڇڏيو آھي.

ڪجھه يادون ۽ ڪجھه ڳالھيون حضرت مولانا محمد حسن رح جون:

جڏھن مولانا محمد حسن رح دارالعلوم حاجي محمد عالم پلي مان فارغ ٿي ڳوٺ ڏانھن راھي ٿيا ته رستي ۾ ھڪ درويش انسان، جو بظاھر ھڪ بدوي ھو تنھن مولانا کي ڏسي فرمايائين ته رحمت جو ڪڪر وڃي پيو، خبر ناھي ڪٿي وسندو. الله سائين جي مھرباني سان اھو ڪڪر ميڙاسر، گڍڙي ۽ پوري ٿر تي وُٺو. ۽ اھڙو ته وٺو جو ٿر مان ڪفر جون رسمون ۽ شرڪ و بدعت جو ڪوٽ ڊاھي، توحيد ۽ سنت جو رواج وڌائين. شل رحمت جو ڪڪر سدائين مولانا جي قبر تي وسندو رھي، (آمين). بحرمت سيد المرسلين.

مولانا محمد حسن رح کي گڍڙي ڳوٺ جي غير مسلمانن جي سربراهه ۽ چڱي مڙس جيڪو علائقي جو ڀوتار ۽ جابر ھو، جنھن طرح طرح سان مسلمانن کي پريشان ڪري رکيو ۽ انتھائي حقير نگاھن سان مسلمانن کي ڏسندو ھو. جيڪو آذان الله اڪبر سان حد درجي جي نفرت ڪندو ھو ۽ مؤذن کي انتھائي بُرن لفظن سان سڏيندو ھو. تنھن مولانا صاحب کي گھرائي وڏي مجموعي ۾ تذليل جي نيت سان چيو ته تون اسان جي خلاف، اسلامي سرگرمين ۾ وڌي ويو آھين. تون پنھنجي جان کي خطري ۾ ڇو ٿو وجھين. آئون توکي قتل ڪرائي ڇڏيندس. مولانا انتھائي اطمينان سان ٻڌندو رھيو ۽ ذري جيترو به متاثر نه ٿيو. جڏھن ٺڪر صاحب انتھائي غيض و غضب واري لھجي ۾ قتل واري ڌمڪي ڏني ته مولانا ڀري مجمي ۾ چيو، صاحب جيڪڏھن تون مونکي مارائيندي ته ڪوبه فڪر ڪونھين. مون واري زال چار مھينن ۽ ڏھه ڏينھن کان پوءِ ٻيو نڪاح ڪري وٺندي، پر ھن ڪاري جو ڌڪ پھرين ڇٽو ته تو واري مائي عمر ڀر ڪارو وڳو پائي، پئي سوڳ ۾ گذاريندي، سوچي وٺ. ھن بيباق جواب تي سنگھه جيئن ماٺ ڪئي ته وري عمر ڀر حضرت سان گرم لھجو ترڪ ڪري ڇڏيائين ۽ چوندو ھو ته مٿي ڦريل ھن ملان سان جيڪو ڳالھائيندو، پنھنجي بي عزتي ڪرائيندو ۽ پوءِ ھميشه لاءِ پنھنجي مذموم مقصد کان رڪجي ويو. حضرت مولانا انتھائي دلير، بھادر ۽ حق گو ھو ۽ حق گو عالمن سان ھونئن به الله تعاليٰ جي خاص نصرت ھوندي آھي.

حضرت مولانا محمد حسن جي علائقي ۾ ڪم ڪرڻ جي حڪمت عملي

مولانا جڏھن ڳوٺ ميڙاسر ۾ قدم رکيو ته صورتحال انتھائي خراب ھئي. ديني ماحول بلڪل نه ھو. علائقو پورو غير اسلامي رسمن ۾ مبتلا ھو. حضرت مولانا ھر برادري جي اڳواڻ کي مطئمن ڪري، کين مڪمل اعتماد ۾ وٺي، جاھلانه رسمن خلاف، برادري جي ڀتن پوتن ۽ مرڻي پرڻي ۾ اُتي جي پٽيل کان ڪم وٺندا ھئا، ته جيئن ڪو فتنو به نه ٿئي، ڳالھه صحيح طريقي سان واضح ٿي وڃي ۽ غلط رسم ھميشه لاءِ نڪري وڃي. ھن ڪم ۾ مولانا کي ڪافي تڪليفون به آيون. ڪڏھن ڪڏھن ته ٿر جا اٻوجھه ماڻھو حضرت جي شان ۾ گستاخي به ڪندا ھئا. حضرت انھيءَ بي ادبي ۽ گستاخي کي مڪي ۽ طائف واري سنت سمجھي، انتھائي خنده پيشاني سان برداشت ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيندا ھئا. پنھنجي ڪنڀار برادري ۾ به مولانا تي ڪافي تڪليفون آيون، پر مولانا ٿورڙي ئي وقت ۾، پنھنجي برادري کي اخلاقي طرح سان فتح ۽ قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي پيا. (الله تعاليٰ جزائي خير عطا فرمائي)

اسان جي سنڌي مزاج ۾ تمام گھڻي سستي آھي، بلڪه چئجي ته بي قدري آھي، جو پنھنجي اڪابرن ۽ بزرگانِ دين جي تاريخ کي محفوظ ڪري نه سگھيا آھيون. جن محفوظ به فرمائي آھي ته انھن جو تعداد تمام قليل آھي. خاص ڪري اسان ٿرين وٽ ته پنھنجي قبائل ۽ خاندانن جي تاريخ محفوظ ئي ناھي. پنھنجي پنھنجي طور طريقي سان غير مستند حسب نسب بيان ڪندا آھيون، جنھن جي ڪابه تاريخي حيثيت نه ھوندي آھي. حضرت مولانا محمد حسن رح جون اڻ ٿڪ ڪاوشون ۽ جدوجھد به ان غفلت جو شڪار ٿي ويون.

حضرت مولانا محمد حسن رح ۽ نيو ڇور جي جامع مسجد

جيئن ته ھن ڳوٺ (نيو ڇور) جو ماحول اھڙو ھو جو مسلمان پنھنجي عبادت لاءِ مسجد ٺاھي ڪونه سگھندا ھئا. انگريز حڪومت ٺڪرن ۽ واڻين جي پٺڀرائي ڪندي ھئي ۽ مسلمانن جي مقابلي ۾ ھندن کي بھرحال ترجيح ڏيندي ھئي. مسلمان جي آبادي ۾ صرف ڪنڀارن جو محلو آباد ھو ۽ حجام به رھندا ھئا، جيڪي ھن وقت به آباد  آھن. اھي ڪنڀر مولانا صاحب جا عزيز ھئا. تن مسجد ۾ تعليم لاءِ مولانا صاحب کان مولوي گھرايو. مولانا عبدالله نالي نو مسلم شيخ، جيڪو مولانا جي ھٿ تي مسلمان ٿي، ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪري چڪو ھو ۽ منجھس قرآن ۽ نماز پڙھائڻ جي صلاحيت موجود ھئي، مولانا ان جو تقرر ڪري، سندن رشتيدارن ڏانھن نيو ڇور موڪليائون. جنھن اچي نيو ڇور ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏنا. عبدالله شيخ جي شادي به مولانا ۽ نيو ڇور جي ڪنڀارن جي ڪوشش سان ٿي. عبدالله شيخ آخري دم تائين نيو ڇور ۾ رھيو ۽ اڄ تائين ان جو اولاد محمد علي ۽ احمد بن عبدالله شيخ اُتي موجود آھن. مسجد جا متولي ھن وقت به ڪنڀار ۽ شيخ ئي آھن. ھي مسجد ڦوٽي ڪنڀار جي پلاٽ ۾ ٺھيل آھي. ان ۾ ھن وقت مدرسو به قائم آھي، جنھن جو بنياد مولانا محمد حسن صاحب جن ئي رکيو ھو. جتي ھاڻ نئين عمارت اڏيل آھي، جنھن جو سنگ بنياد حضرت مولانا عبدالرحمن جمالي، مولانا محمد يعقوب ڪنڀار ڇور واري ۽ جمله جماعت رکيو ۽ عمارت جو افتتاح حضرت علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومري ڪيو. افتتاح وقت وڏي جماعت موجود ھئي، جنھن جو تعداد سون کان مٿي ھو. ھن وقت مسافر شاگرد ھن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. ھن مدرسي کي ھلائڻ ۾ مولوي تاج محمد نھڙي ۽ سندس برادري جو تعاون به حاصل آھي. الله تعاليٰ حضرت مولانا محمد حسن رح جي لڳايل باغ کي قيامت تائين آباد فرمائي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org