ڇپائيندڙ
پاران
هيءُ ڪتاب ”کائڙ جو کاهوڙي“ سنڌ جي هڪ اهڙي شخصيت
جي جدوجهد ۽ ڪارنامن تي مشتمل آهي، جنهن جي خبر
تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي. ان جو سبب فقط اهو ئي
آهي، ته جيڪي انسان وڏن مقصدن خاطر زندگي گذارين
ٿا، اهي ناماچاري ۽ شهرت کان ڄڻ ته ناواقف ٿين ٿا.
انهيءَ ڪري اهڙا شخص تاريخ جي ورقن ۾ ڀلي هميشه
لازوال هجن، پر عام طرح سان نمايان نه هجڻ ڪري،
وقت جي وير ۾ لُڙهي وڃن ٿا. هونئن به سنڌو ماٿريءَ
۾ اهڙا ڪيترائي اَڻ ڳڻيا ڪردار ٿي گذريا آهن، جن
زندگيءَ جي اصل مفهوم ۽ مقصد تحت پنهنجي حياتي
گذاري دنيا لاءِ مثال قائم ڪيا آهن. پر گهڻي
پذيرائي نه هئڻ ڪري عام ماڻهن جي نظرن کان اوجهل
رهيا.
مولوي محمد حسن ميڙاسري جي شخصيت به اهڙن ئي
کاهوڙي ڪردارن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي حياتي،
سماجي متڀيد خلاف ۽ مذهبي رواداري قائم ڪرڻ لاءِ
ارپي ڇڏي. هن جي مثالي شخصيت ۽ سندن ڪارنامن ۽
زندگيءَ جي جدوجهد کي يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ
لاءِ محترم نواز ڪنڀر صاحب لائق تحسين ڪم ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌ جي شخصيتن جي احوال ۽ ڪارنامن تي مشتمل
اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب، اداري طرفان شايع
ڪرايا وڃن، ته جيئن سنڌ جي سوانحي ادب ۾ واڌاري
ٿيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ نسل پڻ پنهنجي کاهوڙي ڪردارن
کان واقف ٿي سگهي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص
دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا
آهن. خاص ڪري بورڊ جي پبليڪيشن شعبي ۾ سالن کان
پيل اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪرائي
منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهن.
هن
ڪتاب
”کائڙ جو کاهوڙي“ جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي
مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري
سرهائي محسوس ڪري رهي آهيان.
توقع
آهي
ته،
اسان جي هيءَ ڪاوش پڙهندڙن وٽ مڃتا
ماڻيندي.
16 جمادي الاول 1445هه گلبدن
جاويد مرزا
01 ڊسمبر 2023ع
سيڪريٽري
ڊاڪٽر اسد جمال پلي،
عمرڪوٽ
مهاڳ
مولوي محمد حسن ميڙاسري مرحوم جي حياتي ۽ ڪارنامن
تي سهيڙيل محترم نواز ڪنڀر جو هيءَ مواد پنهنجي
جاءِ تي هڪ لاجواب ادبي ڪم آهي. جڏهن اسين هن مواد
خواه شخصيت جي پسمنظر ۾ وڃون ٿا ته اسان کي تقسيم
هند ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وارو دۇر
اکين اڳيان ڦري ٿو اچي. سنڌ جي اسلام سان مشرف ٿيڻ
واري اٺين صدي عيسوي کان وٺي ارڙهين صدي عيسوي
تائين سڄي برصغير ۽ خاص طرح سنڌ ۾ اوڻهين صدي جي
اڌ تائين مرڪزي حڪومت مسلمانن جي رهي ۽ ڪجهه
رياستون مرڪزي حڪومت ۾ غير مسلمانن جون رهيون. هِن
لڳ ڀڳ يارهن صدين جي طويل عرصي ۾ مسلمانن ۽ غير
مسلمانن ۾ اُهي نفرتون پيدا نه ٿيون هيون. جيڪي
فرنگين جي صدي-ڏيڍ واري دۇر
۾ پيدا ٿيون. انگريزن ڪيڏي مهارت سان برصغير جي
ماڻهن کي نفرت جي باهه جي اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلايو جو
ايندڙ ڊگهي عرصي تائين به اُها باهه وسامندي نظر
ڪونه ٿي اچي. هندستان ۽ پاڪستان ٺهيا تڏهن به خون
صرف محڪومن جو وهيو، حڪمرانن جو وار به ونگو نه
ٿيو. سياسي طريقن سان اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو جو
هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي جي خون جا پياسا ٿي بيٺا.
مذهبي بنياد تي هر روز دنگا ۽ فساد عام معمول ٿي
پيا. حڪمران تماشبين ٿي بيٺا. تحريڪن کي پنهنجن
ماڻهن
(Planted Person)
سان غلط رخ ڏنا ويا ۽ هر طرف منافقت جي بازار گرم
هئي. هن ڏکيائن واري ماحول ۾ اسان جي عالمن سڳورن
حزب اختلاف وارو ڪردار ادا ڪيو. پر هتي به اسان کي
علماءِ سوءِ ۽ علماءِ حق جا نظارا نظر آيا. علماءِ
حق کي هٿرادو پيدا ڪيل مسئلن ۾ منجهائي ۽ مصروف
ڪري حڪمران آهستي آهستي سڪون سان برصغير مان لٽيل
ملڪيتون کڻي ساهيون پٽيندا واپس ٿيا. نه صرف واپس
ٿيا پر پوئتان تحفي طور مقامي ماڻهن کي جيڪي
نفرتون پوکي ڏيئي ويا. اُهي اڃان به روز بروز وڌي
وڻ ٿيون آهن ۽ ان جي ٻج مان نوان سَلا مورندا رهن
ٿا. پر هنن نفرتن جا باغ سُڪندا نظر ئي نٿا اچن.
اسان جا سڄي برصغير جا سياستدان ۽ حڪمران اڃان
تائين به هن اهم ڪيفيتن تي سوچين ئي نٿا ۽ اسان جا
اهلِ قلم به هن رخ سان تحقيق ۽ تحرير طرف مُڙندا
نظر ئي نٿا اچن. هن وقت به ڪي فتنه انگيز ادارا
خواهه شخص ملڪ دشمني ۾ اهڙا فتنا ۽ افواه ڦهلائڻ ۾
دير نٿا ڪن.
هن مختصر تمهيد جي اشارن ۾ اگر اسين مولوي محمد
حسن ميڙاسري جي زندگي جي جدوجهد ڏسون ٿا ته اسان
کي هيءَ ڪتاب نه صرف وڏو لاڀ ڏئي ٿو. پر ڳالهيون
سمجهڻ ۾به آسان ٿيو پون ٿيون. انگريزن جي دۇر
کان اڳ ڳوٺن ۾ اسان کي اهڙو ماحول ئي ڪونه ٿو ملي
ته ڪو مسجد جي تعمير ۽ مندر جي ٺهڻ تي به ارهائيون
پيدا ٿيون هجن. هيڏي وڏي برصغير ۾ ڪو هڪ اڌ مثال
ملي به پوي ته به ان جا سبب ۽ ڪارڻ ڪجهه ٻيا نڪري
پوندا پر مذهبي نفرتون نه هونديون. مگر انگريزن جي
دۇر
۾ سرڪار جي اجازت کانسواءِ مسجد جي تعمير ڪرڻ به
غير قانوني هئي. هِن قانون جو فائدو وٺي گڍڙي جي
رئيس، مولوي صاحب جي لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون.
گڍڙو چئبو ئي آهي ننڍي قلعي کي جنهن جو مالڪ رئيس،
سردار يا ڪنهن راڄ جو اڳواڻ هجي. هيءُ لفظ آهي ئي
اسم جي تصغير. ’گڍ‘ اڪثر ٿر واري علائقي ۾ آهن.
رياستن جي مالڪن ۽ حڪمرانن جا ’گڍ‘ هوندا هئا جنهن
۾ سندن حويليون ۽ محافظ رهندا هئا. هي ’گڍ‘ ڪجهه
علائقن ۾ ’ڳڙهه‘ به چيو ويو. اهڙي طرح ’ڳڙهه‘ ۽
’گڍ‘ جي لفظن کي نه سمجهي ’جهوناڳڙهه‘ ۽ ’جوڻا گڍ‘
۾ جاگرافيائي ۽ تاريخي غلط فهميون پيدا ٿيون. هيءُ
جيڪو اسان وٽ سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو داستان جيڪو
ننگرپارڪر جي علائقي جو آهي اهو جهوناڳڙهه جي ٻن
داستانن ”سورٺ ۽ راءِ دياس“ ۽ ”سِڻيهَل ۽ بينجهو“
سان ملي ۽ مُنجهي پيو، نه ته حضرت مل محمود جي
هيٺين سٽ ڪيترو صاف پئي ڳالهائي ته:
’جوڻا گڍ‘ جهُرندو، رونجهي راءِ ڏياچ جو.
(مل محمود پلي)
’ڳڙهه‘ ۽ ’گڍ‘ جي قانوني رياستن اندر وري ننڍا
ننڍا سردار هوندا هئا جن جي حويلين کي گڍي ’گڍڙي‘
يا ’گڍڙو‘ ڪوٺيو ويو. جيئن ’ڪوٽ‘ جو اسم تصغير
’ڪوٽڙو‘ يا ’ڪوٽڙي‘ چيو ويو. واٽ جو واٽڙي، باهه
جو باهڙي وغيره. سنڌي زبان جي گرامر ۾ اها خاصيت
آهي ته اسم جي تصغير پنهنجي ’مايي‘ (اکرن جي
تعداد) ۾ تڪبير ۽ معنى ۾ تصغير آهي. جيئن ’گڍ‘ ۾
ٻه اکر ته ’گڍڙي‘ ۾ چار اکر آهن، يعني مايو وڌيڪ
آهي پر معنى ۾ ’ننڍو‘ آهي.
ٿر ۾ مسلمان سردارن کان علاوه اڪثر ’گڍڙا‘ ٺڪرن جا
هئا ۽ ’گڍ‘ به ٺڪرن جا هئا جيئن ”ساکي جو گڍ“
وغيره. جيڪي ٺڪر ’گڍڙن‘ وارا هئا انهن جي سرڪاري
سطح تي به اهميت هئي. هنن جي اڪثر ڪنهن ماڻهن ۾ اک
ئي ڪونه ٻڏندي هئي. محترم مولوي محمد حسن ميڙاسري،
جي مدِ مقابل به اهڙو ئي مغرور ٺڪر هئو جنهن کي
سرڪاري پٺڀرائي به حاصل هئي. نه صرف ايترو پر کائڙ
جي علائقي ۾ ته پاڪستان کان پهريائين مسلمانن جا
قبرستان ئي ڪونه هئا. کائڙ جي اڀرندي ڇيهه تي
’تاملهور‘ جو قبرستان ته الهندي ڇيهه تي ’رام
جاڳو‘ ۽ بس. ڪجهه قبرستان صدي-ڏيڍ اڳ جا آهن
مهراڻي واري تر ۾ نه ته مسلمانن جا جنازا اٺن تي
کڻي يا کائڙ جي اولهه ڪنارِ يا اڀرنديون ڇيهه تي
پڄائبا هئا. هِن علائقي ۾ ’پاڻي‘ جي اهميت به
علائقي تي اثر انداز ٿيندي هُئي بلڪه اڃان به آهي.
انگريزن جي دۇر
۾ کائڙ جي علائقي ۾ ٻئي ٿر وانگيان اڪثر ’تڙن‘ ۽
’سَرن‘ جا مالڪ ٺڪر رهيا آهن. جيڪي ڳوٺن ۾ رهندڙ
ماڻهو هئا يا اڃان به آهن اُهي تڙن جي مالڪن جي
رحم و ڪرم تي آهن. پاڻي جي محتاجي انهن کي تڙ-ڌڻين
جو فرمانبردار ٺاهي ٿي. کائڙ ۾ اهو رواج اڃان به
آهي ته ڪنهن شخص جي وڏ ماڻهپي بيان ڪرڻ وقت کيس
چوندا ”اي همراهه پنچان تڙان رو پٽيل اَهي.“ يعني
هي همراهه پنجن تڙن جو اڳواڻ يا ڌڻي آهي. اُها تڙ
جي ڌڻي جي اُها طاقت هئي جيڪا ’رامسنگهه‘ گڍڙي
واري ڳوٺ جي مسڪين مڱڻهارن خلاف ’مسجد‘ ٺاهڻ جي
سزا ۾ استعمال ڪئي هئي.
مولوي صاحب هڪ باعمل عالم هئو. نيڪ ۽ عبادتگذار
شخص هئو. سندس ڪردار صاف ۽ شفاف هئو. ان ڪري ئي
سندس گفتگو ۽ قول ۾ تاثير هئو. مولوي صاحب جو ذڪر
منهنجي ته لاءِ اِها ڪيفيت ٿو پيدا ڪري جيئن ڀٽائي
چيو ته:
مون کي جياريوءِ، پريان سندي ڳالهه ڪري،
ڊَٺو اڄ اڏيوءِ، هينئڙو ڪوٽ بروج جيئن.
(شاهه)
اهو ان ڪري جو منهنجا هن عظيم ڪردار واري شخص سان
تعارف جا ڪيترائي حوالا آهن. صوفي فقير ۾ جيڪو
سندن رشتيدارن جو گهر هئو. محمد رحيم مرحوم جو،
جنهن جو فرزند حاجي محمد اشرف آهي. منهنجو ننڍپڻ
ان اڱڻ تي ڊوڙندي راند ڪندي گذريو، جو اهو اڱڻ
ڪاڪي محمد ابراهيم ’پرواز‘ ڪنڀار جي اڱڻ سان گڏ
هئو. ۽ پرواز صاحب جو تعلق بابا سائين سان ڀائرن
وارو هئو ۽ هن وقت به سندس اولاد سان اهو تعلق
برقرار آهي ۽ ان شا الله رهندو. مولوي صاحب جي
تعليم ۽ تربيت پِروڙ جي مدرسي ۾ ڪجهه وقت ۽ پوءِ
حاجي محمد عالم پلي جي مدرسي ۾ ٿي. قرآني جو مدرسو
به منهنجو پنهنجو. جو ڪجهه ابتدائي سبق اسان جو
چاچا سائين مولوي عبدالخالق ’عبد‘ پلي اتي پڙهيو ۽
پوءِ حاجي محمد عالم پلي جي مدرسي ۾ پڙهيو. مولوي
محمد حسن ميڙاسري صاحب ۽ چاچا سائين ٻئي ساڳي دۇر
۾ حاجي محمد عالم پلي جي مدرسي ۾ مولانا محمد علي
جوڻيجو صاحب وٽ پڙهيا. مولانا محمد علي جوڻيجو
صاحب جي وفات بعد چاچا سائين جيڪو ان وقت ’چونري‘
جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هئو، اچي حاجي محمد عالم پلي
جي مدرسي ۾ رهيو ۽ پنهنجي استاد جي ٻئي نمبر فرزند
مولوي محمد اسحاق جوڻيجي صاحب کي پڙهائي پڳ ٻڌائي
۽ مدرسي ۾ مُدرسِ اعلى مقرر ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ
آيو. استاد ۽ شاگرد جو هي سلسلو پوءِ اڳتي هن وقت
تائين هلندو اچي ٿو. مولوي محمد اسحاق صاحب جو وڏو
ڀاءُ ميان محمد اسماعيل ته گهڻو وقت اڳ گذاري ويو
۽ پوءِ مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب جي پنجين نمبر
فرزند مولوي محمد ادريس جوڻيجو صاحب، پنهنجي وڏي
ڀاءُ مولوي محمد اسحاق وٽ پڙهي پڳ ٻڌي. جنهن وٽ نه
صرف مڊل اسڪول جي تعليم دۇر
ان مون فارسي جا ابتدائي سبق پڙهيا پر سندم ننڍي
ڀاءُ مولوي عبدالحميد ۽ چاچا عبدالخالق جي پوٽي
مولوي عبدالقيوم ولد حمزو پلي حديث پاڪ جون سندون
به مولوي محمد ادريس جوڻيجو صاحب کان حاصل ڪيون.
ساڳي طرح مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب جو ڇهون
نمبر فرزند مرحوم محمد اسماعيل ثاني منهنجو
اورينٽل گروپ جي امتحانن جو ڪلاسي پڻ هئو، حاجي
محمد عالم پلي جيڪو ڳوٺ منهنجن ناناڻن جو ڳوٺ آهي
۽ هتي به مولوي محمد حسن ميڙاسري جا مائٽ رهن ٿا.
مولوي صاحب جي صحبت ۽ مٿس اثر ميان محمد قاسم
ڪالرو جو پڻ رهيو. اهو ميان صاحب نه صرف ڳموري جي
ڳوٺ ۾ رهيو ۽ پڙهيو پر منهنجي نانا سهراب مرحوم جو
هم سبق پڻ هئو.
مولوي محمد حسن صاحب جي گڍڙي واري مسجد جي تعمير
وقت جن ماڻهن مالي اخلاقي ۽ قانوني مدد ڪئي انهن ۾
وڏيري محمد سگهو پلي جو نالو اهم آهي جيڪو نه صرف
سنڌ مدرسـﺔ الاسلام ڪراچي ۾ قائداعظم سان گڏ پڙهيو
۽ هو جناح صاحب جي ذاتي دوستن ۾ پڻ شامل هئو پر
پاڻ ’پِروڙ‘ جي مدرسي مان مولانا محمد عثمان
’قراني‘ وٽان فارغ التحصيل هئو ۽ ’پِروڙ‘ جي مدرسي
جي مالي مدد ۾ پڻ سندس هٿ رهيو. مون سندس حياتي تي
هڪ مڪمل ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ مولوي صاحب محمد حسن
ميڙاسري جو ذڪر خير سندس دوستن جي حيثيت سان موجود
آهي.
مولوي صاحب جي هِن خير جي ڪم ۾ جيڪا ٻي شخص جي مدد
۽ همت افزائي رهي اُهو حضرت پير غلام مجدد سرهندي
رحه هئو. اسان جو خاندان مٽياري شريف جي هن پيراڻي
گادي جا مريد آهن. اهو اهڙو تعلق آهي جيڪو مولوي
صاحب سان مون کي وڌيڪ ويجهو ٿو ڪري ۽ هِن ذڪر خير
۾ پنهنجي ’مرشدن‘ جو نالو ئي منهنجي لاءِ قابلِ
فخر آهي.
مولوي صاحب جي مائٽن ۽ فيض يافته شاگردن ۾ جيڪو
ٻيو اهم نالو آهي اُهو فقير محمد بچل عمرڪوٽي جو
آهي. فقير صاحب جي گهر سان اسان جو تعلق ٻارين ٻچي
اچ وڃ تائين رهيو آهي. ڪيترا ڀيرا مون کي سندن قدم
بوسي ۽ دعائون نصيب ٿيون آهن. سندن لائق فرزند
مرحوم محمد صالح جيڪو تعلقي ماستر هئو سان به بابا
سائين جو واسطو ڀائرن وارو هئو ۽ اسان ڀائرن به
سندن عزت ۽ احترام پنهنجي وڏي مائٽ جيترو ئي ڪيو.
ايئن جيڪر خلافت تحريڪ کان وٺي جمعيـﺔ العلماءِ جي
پلئٽ فارمن جو ذڪر ڪبو ته ڳالهيون اڃان به طويل ٿي
وينديون. منهنجي اِها خوشنصيبي آهي جو هن ڪتاب جي
ڪم ۾ منهنجي شرڪت ٿي آهي.
ڪتاب جي ترتيب ۽ مختلف ليکڪن جي مضمونن ۾ وري
اهميت انهيءَ احوال جي آهي جيڪو نواز ڪنڀر صاحب
پاڻ تحرير ڪيو آهي. هو چاهي ها ته سڄو ڪتاب پاڻ
لکي ها ۽ سهڙيندڙ بجاءِ مصنف هجي ها پر اها سندس
ايمانداري آهي جو هُن ٻين دوستن کي شريڪ رکيو آهي.
سندس لاءِ هِن ڪم ڪرڻ جو اصل محرڪ مولوي محمد
اسماعيل ڪنڀار آهي جنهن جي بنيادي تحرير هِن ڪتاب
۾ موجود آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هڪ شخصيت تي
لکڻ سبب ڪجهه ڳالهين جو ورجاءَ ضرور ٿيو آهي پر
اُهو اڻَلکو ۽ مختصر آهي ٻي طرف تحرير جو ساءُ هر
ڪنهن جو پنهنجو آهي. اُها تحرير پوءِ ارباب نيڪ
محمد جي هجي مولانا محمد يعقوب نعماني جي هجي يا
مولوي عبدالڪريم نهڙي جي هجي. ڪتاب جي شروع ۾
محترم محمد صادق خاصخيلي صاحب نواز ڪنڀر جو تعارف
ڪرائي ڪتاب جي پڙهندڙن جي تقاضا پڻ پوري ڪئي آهي.
نواز ڪنڀر جو تعارف ڪو هِن دور جي اخبار پڙهندڙ
کان وٺي ادبي جلسن ۾ شموليت ڪندڙ ۽ سوشل ميڊيا
تعلق وارن کان ڳجهو ڪونهي. نواز صاحب بنيادي طور
مشاهداتي ليکڪ آهي جنهن جي وسيع مطالعي سندس
تحريرن کي شاندار بنايو آهي. سندس ٻولي جو لهجو نج
اڇڙي ٿر وارو آهي. جنهن جي گرامر ۽ لغوي پهلوئن جو
پنهنجو ميٺاج ۽ طرزون آهن. سندس ان لهجي مان به
محظوظ ٿِجي ٿو ته سندس ڄاڻ ۽ علم جو هر پڙهندڙ
گرويده آهي.
نواز صاحب جي هِن ڪتاب مان اسان کي هڪ خاص اتساهه
ملي ٿو ته اسان کي پنهنجن ڳوٺن، شهرن ۽ افراد جي
ڪارنامن تي لکڻ گهرجي ۽ سکڻ گهرجي ته انهن پنهنجي
دۇر
جي مخصوص حالتن ۾ ڪيئن ڪم ڪيو ڪهڙا ڪارناما
سرانجام ڏنا. ڪيئن حق گوئي ڪئي ۽ ڪيئن راه صداقت
تي هلي خير ۽ برڪت جي ڪمن سان الله تعالى کي راضي
ڪيو ۽ اسان جي رسول پاڪ صه جي سنت کي ادا ڪيو. امن
۽ سلامتي جو پيغام پهچايو ۽ گمراهن کي صحيح راهه
ڏَسي. نه صرف نوجوان نسل جي رهنمائي ڪئي پر ايندڙ
نسلن لاءِ پڻ ڀلائي جا رستا پڌرا ڪيا.
مولوي صاحب جي ڪردار جي سچائي مان اسان کي اهو به
سبق ملي ٿو ته هو حق ۽ صداقت جو سپاهي هئو، ان ڪري
سندس هٿان سماج جي اصلاح ته ٿي پر ڪنهن به مظلوم
تي ظلم نه ٿيو. هو تڪليفون ته برداشت ڪندو رهيو پر
ڪنهن کي تڪليف نه ڏنائين.
الله پاڪ هن ڪتاب جي لکندڙن کان وٺي اشاعت ۾
آڻيندڙن تائين سڀني کي هن خير جو اجورو عطا ڪندو.
(آمين)
صادق خاصخيلي، سانگهڙ
سهيڙيندڙ جو تعارف
تازو (2019ع ۾) جڏھن نواز ڪنڀر کي سرڪار پاران
سندس ڪيل ادبي خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ لاءِ
نامزد ڪرڻ وقت، کانئس مختلف فيلڊس ۾ سندس ڪيل ڪمن
جي حوالي سان گھربل پروفارما ڀرايو ويو، تڏھن اسان
دوستن کي ته ڇا، پر شايد کيس به پھريون ڀيرو،
ڀرپور نموني احساس ٿيو ته ھُن چپ چاپ نموني، ڪافي
ڪم ڪيو آھي!جنھن جو ذڪر نه ڪڏھن ھُن پاڻ ڪيو ۽ نه
ئي ڪنھن ٻئي پاسي کان ٿيو. پر هي پنھنجي ’اسٽائل‘
وارو ماڻھو، اڄ به بغير ڪنھن نانءُ نمائش جي،
پنھنجي واٽ وٺيو، پنھنجي ڪرت کي لڳو پيو آھي. ٻين
جون خوبيون ڳولي ڳولي لکندڙ نواز جي سادگي يا
پنھنجي ئي ڪيل ڪم جي اھميت کان بي خبري جي انتھا
اھا ھئي، جو ايترو اھم پروفارما ڀرڻ وقت، دوستن
پئي کيس ياد ڏياريو ۽ احساس ڏياريو ته توھان جو ھي
ڪم به ڪيل آھي ته فلاڻو ڪم به ڪيل آھي. پوءِ جڏھن
نواز پاران ڪيل ڪمن ۽ خدمتن جي لسٽ تيار ٿي ته اها
واقعي ڊگھي لسٽ ھئي.
مختلف مرحلن مان گذرندڙ سندس ذاتي زندگي ۽ اُن ۾
آيل لاھن چاڙھن کي گھٽ ئي ماڻھن کي خبر ھوندي.
بظاھر ھي مسڪرائيندڙ ماڻھو، ڪھڙن ڪھڙن ڏکين مرحلن
مان گذريو آهي، ان جي خبر ھن گھڻن دوستن کي ته پوڻ
به ڪونه ڏني ھوندي. نه صرف سندس ذاتي زندگي ۾ آيل
تلخيون، پر سندس پاران ڪيل مختلف نوڪريون،
ڪاروبار، تحقيقي ڪم ۽ سياحت جي شوق سبب بيشمار
تجربا ۽ ڳالھيون به هن جي زندگيءَ ۾ ڪافي اھميت
رکن ٿيون. جيڪڏھن سندس ڪيل انھن ڪمن جي لسٽ ٺاھجي،
جيڪي ڇپيل آھي يا پوءِ مڪمل ته آھي، پر ڇپيل ناھي
(انھيءَ کان علاوه سندس ڪافي ڪم اڻ پورو يا مڪمل
ٿيڻ جي پراسيس ۾ آھي) ته اها ڪجھ ھن ريت نظر
ايندي: ماحوليات، لوڪ ڏاھپ، نظر انداز ٿيل تاريخ،
حُر تحريڪ ۽ سورھيه بادشاھه جي مدفن جي تلاش،
آفتون، باھ ۽ احتياط، اڇڙو ٿر کي اجاگر ڪرڻ ۾
ڪردار، مکيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ لکيل ڪتاب، سانگهڙ
جي تاريخ، مختلف ڪردارن ۽ ماڳ مڪانن تي ٿيل ڪم،
سنڌ جون شخصيتون؛ صحافت، نيوپريس ڪلب جو قيام،
ريڊيو ۽
Ptv
جو پھريون ضلعي رپورٽر،
Ptv
نيوز ڪاسٽر،
FM
۽ اسٽيج ڪمپيئر، لطيفيات: ڪتاب، ”ڀٽائي جا پنڌ ۽
پيچرا“ ۽ ”ڀٽائيءَ جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور“ کان
سواءِ، ڀٽائيءَ تي لکيل تحقيقي مقالا. بحثيت ٻارن
جو ليکڪ: ڪتاب ”آبھوائي تبديلين جا ٿرپارڪر ضلعي
تي اثر“ ۽ ”آفتن بابت بنيادي ڄاڻ“ (شاگردن لاءِ،
سوالن جوابن ۾)، اھم عورتاڻن ڪردارن تي مضمون،
تعليم جي حوالي سان مضمون، بحيثيت سماجي ڪارڪن،
سياحت، تمام گھڻن لاھن چاڙھن جي ورچڙھيل ذاتي
زندگي، بحثيت پروفيسر
۽ سانگهڙ ڪاليج جي پرنسيپل
(سندس لاءِ هي به ھڪ اعزاز آھي ته ھو سانگهڙ تعلقي
جو، اڪنامڪس جو پھريون ليڪچرر آھي) ڪاليج ميگزين
جو ايڊيٽر، سرڪاري ملازم (جونئير ڪلارڪ ۽ مارڪيٽنگ
اسسٽنٽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ،
DT،
JST،
HST،
سپروائيزر نئين روشني اسڪولز، ڊپٽي ڊي او ڪاليجز،
اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ايجوڪيشن ۽ ڪجھه پرائيوٽ نوڪريون
به) ۽ برادريءَ لاءِ سرانجام ڏنل خدمتون. هن لسٽ
جي ثبوت لاءِ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ سندس ڪمن
تي مختلف ادارن پاران مليل ايوارڊ ئي ڪافي آھن.
نواز ڪنڀر پاران ڪيل انھن ڪيترن ئي ڪمن ۾ ھڪ ڪم،
سندس ذات برادري جي حوالي سان ڪيل ڪم به آھي. جنھن
جو ھڪ ثبوت ته سندس نالي جو حصو ٿي ويل ’ڪنڀر‘ لفظ
جو استعمال به آھي. نواز پنھنجي نالي سان ’ڪنڀر‘
ڳنڍي ۽ اُن کي پنھنجي نالي جو مستقل حصو ٺاھڻ وارو
ڪم ان وقت ڪيو يا پنھنجي نالي سان ڪنڀر اُن وقت
ڳنڍيو جڏھن سندس ذات وارا ڪيترائي ماڻھو ڪنڀر
سڏرائڻ بجاءِ، پنھنجي نُک يا ذات جو پاڙو، ذات طور
سڏائڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. ان کان پوءِ نواز 1985ع
۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ جونيئر ڪلرڪي کان پنھنجو
سرڪاري نوڪري وارو ڪيريئر
شروع ڪيو، جتي بعد ۾ ھو مارڪيٽنگ اسسٽنٽ به ٿيو.
(مزي جي ڳالھه ته اھا به آھي جو، اڄ سودو نه صرف
اھو ته نواز انھيءَ کاتي مان استعيفيٰ ناھي ڏني،
بلڪه کاتي پاران به کيس ناھي ڪڍيو ويو). سوشل
ويلفيئر کاتي ۾ غير سرڪاري تنظيمون رجسٽرڊ ٿيندي
ڏسي، انھن تنظيمن واري آئيڊيا کان متاثر ٿي، هن به
سنگت سان گڏجي ”ڪنڀر ڀلائي تنظيم“ ٺاھي، رجسٽرڊ
ڪرائي. جنھن جو مونو گرام ’چَڪ‘، نالي واري اردو ۽
پنجابي جي شاعر ۽ مصور اڪبر معصوم، اسڪيچ جي صورت
۾ ٺاھيو ھو. منھنجي ذاتي راءِ موجب ته ھُن تنظيم
جي ڪري، نواز جي زندگي تي ٻه اھم اثر پيا. ھڪ ته
ھُن تنظيم جي حوالي سان مسلسل پريس رليزون ڪڍيون ۽
جڏھن اهي مختلف اخبارن ۾ جيئن جو تئين ڇپيون ته
اهي پريس رليزون لاشعوري طور سندس پاران بعد ۾
صحافت ۾ اچڻ ۽ مضمون نگاريءَ جو سبب به بڻيون. ٻيو
اھو ته اها تنظيم سندس ڪافي ويجھن ماڻهن جي ساڙ ۽
حسد جو به باعث بڻي، جنھن کي به هن کي منھن ڏيئڻو
پيو. پر اُن جو اندازو بقول سندس ته کيس تمام گھڻو
پوءِ، بلڪه ڪافي دير ٿي وڃڻ بعد ٿيو. ان تنظيم جي
مقصدن ۾ ھڪ مقصد، ذات برادري مان اجاين ريتن رسمن
۾ اجاين خرچن جو خاتمو آڻڻ به ھو. جنھن تي بعد ۾
ھُن پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾، مختلف موقعن تي، عملي
طرح ڪم به ڪري ڏيکاريو. نواز پنھنجي برادري لاءِ
ٻيو ته ڪجھه ڪري سگھيو ھجي يا نه، پر ھن پنھنجي
نالي سان ’ڪنڀر‘ گڏي ۽ سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي
اشاعت واري اخبار ۾ نالي سان گڏ ڪنڀر لکي، پنھنجي
برادري جي نوجوانن ۾ خود اعتمادي جو احساس پيدا
ڪرڻ ۾ به ڪافي اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. (ڪنڀار يا
ڪنڀر لکڻ ۽ ان حوالي سان شھرت حاصل ڪرڻ وارن
شروعاتي نالن ۾ جيڪڏھن نالي واري سگھڙ ٻيڙو فقير
ڪنڀار جو نالو کڻجي ته غلط نه ٿيندو. جنھن
ھفتيوار/پندرنھن روزا ڪچھري نالي اخبار به ڪڍي
ھئي. ان کان علاوه نالي سان ڪنڀر ذات لکڻ وارو ڪم
ان وقت ڪجھه ٻيا ليکڪ به ڪري رھيا ھئا). جيتوڻيڪ
سندس بقول ته ھو انھيءَ حوالي سان، ان وقت جي
علامه اقبال يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر محترم محمد
اسحاق ڪنڀر صاحب کان متاثر ٿي اھو گس ورتو. ھاڻي
ھي ڪتاب جيڪو سندس ذات
جي ھڪ تمام
وڏي بزرگ جي حوالي سان آھي، جيڪو شايد ھاڻ گھڻن
کان ۽ خاص ڪري نوجوان نسل کان ذري گھٽ وسري چڪو
آھي. ان جي خدمتن کي اُجاگر ڪري ۽ اُن تي ڪتاب
لکي، ڪنڀرن پاران ڪيل اھم ديني ڪمن جي حوالي سان،
ھڪ اھم دستاويز جو اضافو ڪيو آھي. جنھن ۾ نواز نه
صرف ڪنڀرن جي شجري کي نوجوان نسل لاءِ محفوظ بڻايو
آھي، بلڪه کين سندن ذات برادريءَ جي ٻين ڪيترن ئي
بزرگن کان به واقف ڪرايو آھي.
هي ڪم نه صرف سندس ذات برادري جي حوالي سان اھم
آھي، بلڪه جڏھن به سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري ٿر ۾ اسلامي
خدمات
جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جو ذڪر ايندو ۽ اھڙي ڪا
تاريخ لکبي ته ھن ڪتاب ”کائڙ جو کاھوڙي“ جو ذڪر به
ضرور ايندو.
ليکڪ جا شايع
ٿيل ڪتاب:
1.
Traditional Ecological Knowledge
(Co-Writer)
2.
دادو ضلعي جو ماحولياتي جائزو
3.
ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا
4.
صابل ۽ بهرام جمالي (نڙ بيت جي حوالي سان لوڪ
داستان)
5.
2010ع جي ٻوڏ جا مثبت اثر
6.
آبھوائي تبديلين جا اثر (ٿر تي – شاگردن لاءِ)
7.
سنڌ جي ماحولياتي لوڪ ڏاھپ
8.
ڀٽائيءَ جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور
9.
سنڌ جا وجود وڃائيندڙ وڻ
10.
سانگهڙ ضلعي جو ماحولياتي جائزو
11.
آفتون ۽ احتياط
12.
آفتون متعلق بنيادي ڄاڻ (شاگردن لاءِ)
13.
اڇڙو ٿر
14.
مَکي ـــ سون جي دَکي (ڇپائي ھيٺ)
15.
کائڙ جو کاھوڙي
ليکڪ جا اڻ ڇپيل ڪتاب:
16.
اھڃاڻ ڳالھائين ٿا
17.
سنڌ ۾ لڳندڙ ھوائون
18.
ڏينھن ۽ مھينا
19.
تارن جي تنوار
20.
حُر تحريڪ
21.
سانگهڙ جون نالي واريون شخصيتون
22.
سانگهڙ جي تاريخ
23.
شخصيتون ۽ ماڳ (سنڌ)
24.
ماحولياتي مضمون
25.
نيپال جو سفرنامو
26.
اشتياق انصاري: ھڪ گھڻي رُخي شخصيت |