سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: کائڙ جو کاهوڙي

 

صفحو:5 

ناني حاجي معروف جي حوالي سان تمام گھڻا اعتبار ۾ نه اچڻ جھڙا قصا مشھور ھئا. پر افسوس جو اهي لکي محفوظ ڪرڻ کان رھجي ويا ۽ وقت جي وھڪري ۾ وھي، ڪجھه وڏڙن جي سينن ۾ ئي رھجي ويا ۽ انھن جي ساھه جي سڳي ٽٽڻ بعد انھن سان گڏ دفن ٿي ويا ته ڪجھه وري دلين تان ميسارجي ويا. اڄوڪي نسل ۾ ان جون صرف چند يادگيريون رھجي ويون آھن، جيڪي مثال طور عرض ڪجن ٿيون. ھڪ ڀيري نانو حاجي عبدالمجيد ۽ نانو دائم (جنھن جي حاجي معروف سان ڪافي ويجھڙائي ۽ صحبت ھئي) سنڌ مان ڪٿان جانور خريد ڪري، ٿر/گجرات ڏانھن واپار سانگي پئي ويا ته رستي ۾ سندن ھڪ جانور گم ٿي ويو. ھي جانور ڳولڻ لڳا ته ھڪ ھمراھه ظاھر ٿيو ۽ کين پاڻ سان گڏ آندل ماني کائڻ لاءِ چيائين. انھن ٻنھي جي انڪار تي ان بزرگ چيو ته ڀلا جي سڄي ماني نٿا کائو ته اڌ ئي کڻي کائو، پر انھن پوءِ به انڪار ڪيو. تنھن تي ھن کين اڳواٽ ٻڌايو ته ھن جانور تي کين ھيترو منافعو ٿيندو ۽ فلاڻي جانور تي ھيترو. ۽ پوءِ ٿيو به ائين! جڏھن سندن حاجي معروف سان ملاقات ٿي ته ھن کين چيو ته ابا مون ته توھان ڏانھن ماني اُماڻي، توھان جي ھن خفي/جفاڪشي مان ھميشه لاءِ پئي جان ڇڏائي پر، توھان نه کاڌي.

ناني حاجي معروف جي حوالي سان ھڪ ٻي ڳالھه به مشھور آهي ته، ميڙاسر ۾ ڪن ڪنڀار جي کيتن ۾، فصل تيار ٿيڻ تي ڪيڙا ماڪوڙا ۽ جيت لڳڻ لڳا ته انھن حاجي معروف کي عرض ڪيو. تنھن کين چيو ته ھو کيت ۾ حاجي صاحب جي قد جي برابر ڇانو جو ڍڳ گڏ ڪري ۽ پاڻي جا ٻه ڪَرا ڀري رات جو رکي ڇڏين. انھن ائين ئي ڪيو. رات جو حاجي صاحب پھچي، ڪَرن جو پاڻي کيت جي چوڌاري ھاري ڇڏيو، ڄڻ ته ليڪو ڪڍيو. صبح جو ڌڻين ڏٺو ته فصل کي نقصان پھچائيندڙ جيت جڻا مئا پيا ھئا ۽ ڪَرا پاڻي کان خالي ھئا ۽ ڇانو سڀ جا سڀ کاڄي چڪا ھئا! ائين سندن فصل جي ھميشه لاءِ نقصانڪار جيتن کان جان ڇٽي وئي.

ھڪ ڀيري ناني معروف جو عزيز، حاجي الف ڪٿان کان اُٺ تي پئي آيو. رستي تي گھڻي اُڃ لڳس ته پاڻي لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ تي کيس ھڪ ٻُوھه جي ڳٿي (سڪل ٻُوھه) ۾ ھڪ ٿڌي پاڻي جو دلو/گُگھي نظر آئي. جڏھن ھو اھو پاڻي پئي، ميڙاسر پھتو ته ناني معروف مسڪرائي کائنس پڇيو ته ابا پاڻي مليو! اسان توھان جي اُڃ سبب اھو واٽ تي رکرايو ھو.

ھڪ ٻي روايت موجب ڏاڏي حمزي ۽ ڏاڏي دائم جو والد ننڍي ھوندي گذاري ويو ھو. سندن والده کين وٺي ڪوٽ نواب ۾ اچي رھي ھئي. جنھن جي ناني حاجي معروف ڪافي سار سنڀال به لڌي ھئي. خير اھي ڳالھيون پنھنجي جڳھه تي پر وقت گذرڻ سان ڏاڏي حمزي وارن جي والده جي نظر ويندي رھي، جنھن دوران نانو معروف الله کي پيارو ٿي چڪو ھو. ھڪ ڀيري جڏھن سڀ گھر ڀاتي ڪمن ڪارن سان ويل ھئا ۽  ڏاڏي گھر ۾ اڪيلي ھئي ته ھُن ناني معروف کي ياد ڪندي، پنھنجي نظر جي بحاليءَ لاءِ دُعا گھري. الله جي حڪم سان ٺڪا ٿيو ۽ سندس نظر بحال ٿي وئي! اها ڏاڏي پوءِ به ڪيتري ئي عرصي تائين حياتي رھي. ۽ پوءِ ڪوٽ نواب ۾ ئي گذاري وئي ۽ کيس ڪوٽ نواب واري قبرستان ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

حاجي عرس پٽيلائي جي حساب سان به نالي وارو ھو ته ھٿ جو به کُليل ھو. آھتين پاران ملندڙ داڻا به انھن وٽان پورا سارا کڻندو ھو. سندس اهي داڻا آھتين وٽ ئي رکرائيندو ھو، جيڪي اڪثر انھن وٽ ئي رھجي ويندا ھئا ۽ وقتِ ضرورت ھو استعمال ڪري، حاجي صاحب کي رڳو ٻڌائي ڇڏيندا ھئا.

نه صرف نانو حاجي معروف پاڻ نالي وارو ٿي گذريو، بلڪه سندس فرزند به ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان، پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ نالي وارا ٿي گذريا. سندس پُٽ محمد عثمان جيڪو پڻ ڦوھه جواني  ۾ (25/27 سالن جي ڄمار ۾) گذاري ويو، سو وري پھلوان مڙس ھو. ھُن جا اڪثر ڪري پڃريون کڻڻ ۾ مقابلا ٿيندا رھندا ھئا، جن ۾ ھو گھڻو ڪري سوڀارو ٿيندو ھو. بعد ۾ سندس لاءِ، سندس فرزند حاجي محمد بخش حج بدل ڪيو.

حاجي عرس جي ٻئي پُٽ غلام حُسين جو شروع ۾ سانگهڙ ۾ ڪپڙي ۽ ريزڪي جو دُڪان ھوندو ھو. جنھن ۾ سندس ڀائيوار حاجي سڪندر لغاري ۽ شاھن لغاري ھئا. پوءِ سندس بيمار ٿيڻ تي اھا ڀائيواري ختم ٿي وئي ۽ ھُن پاڻ مستقل سڪونت اچي ڪوٽ نواب ۾ اختيار ڪئي. سندس جي باري ۾ ڪيتريون ئي ناقابلِ يقين ڳالھيون مشھور آھن. جيڪي جن ڏٺيون، تِن وٽ اعتبار ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ئي ڪونه ھو. 

سندس جِنن وغيره سان ستن ڏينھن تائين مقابلا ھلندا رھيا، جن ۾ ھُن جِنن تي قابو پائي، کين ھميشه لاءِ پنھنجو ڪري ڇڏيو. ھو قبرستانن وغيره ۾ وڃي چِلا به ڪڍندو ھو ته سڄي رات عبادت ۽ وظيفن ۾ به گذاريندو ھو. کيس به ڪا خاص حياتي نصيب نه ٿي ۽ ھُن به 26/27 سالن جي عمر ۾، مارچ 1953ع ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪري ڪوٽ نواب جي تاريخي شھيدن واري قبرستان ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. واضح رھي ته حُر تحريڪ دوران ھڪ ئي وقت سڀ کان وڌيڪ ماڻھو مارجڻ جو واقعو ڪوٽ نواب ۾ ئي پيش آيو ھو ۽ اھي مارجي ويل ماڻھو ڪوٽ نواب واري قبرستان ۾ رکڻ بعد ان کي شھيدن وارو قبرستان به سڏبو ھو. انهيءَ قبرستان ۾ ھو ٽئي ڀائر محمد عثمان، حاجي عبدالرحمان ۽ غلام حُسين گڏ رکيل آھن. جڏھن ته راقم جي ڏاڏي به اِتي ئي، سندن ڀرسان رکيل آھي. ڪوٽ نواب جي قبرستان ۾ شروع ۾ ننڍا صغير ٻار رکبا ھئا. شايد ڪنڀار برادري جي يا پوءِ سڀني ۾ وڏي عمر جي ڏاڏي ئي ھئي، جنھن کي ھتي رکيو ويو. ان بعد ھتي ناني غلام حُسين کي رکيو ويو ۽ ائين پوءِ ٻين ماڻھن جي رکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جن ۾ بعد ۾ نانو حاجي عبدالمجيد ۽ ناني حاجياڻي، نانو فقير، محمد اسماعيل ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ شامل آھن. پر افسوس جو ھاڻ چوٽياري ڊيم جي سم سبب انھن بزرگن جون اھي ابدي آرامگاھون شايد گھڻي وقت تائين محفوظ نه به رھي سگھن! سِم سبب ھاڻ گھڻو رُخ مياڻ لڳ ڪپورڙي واري قبرستان ڏانھن آھي. جتي وري حاجي عرس، ڪنڀارن ۾ پھريون ماڻھو ھو، جيڪو اُتي رکيو ويو.

ھن خاندان ۾ ناني فقير اسماعيل جو به جنن سان ھڪ ڀيري اھڙو مقابلو ٿيو ھو، جو سندس پُٺن تي، جِنن جي ھٿن جا نشان موجود ھئا! فقير صاحب مال جو واپار ڪندو ھو. سندس گھڻو وقت گرھوڙ شريف جي ڀرپاسي ۾ ڪنڀارن وٽ گذرندو ھو، ۽ فقير صاحب گذاريو به ڍليار ڀرسان ڳوٺ ’ڪرڙياري‘ ۾ پنھنجي ھم نام محمد اسماعيل ڪنڀار جي گھر ھو. فقير صاحب حڪمت به ڪندو ھو، ته ڪنڀارن جي پاڙن ۽ نُکن کان به تمام چڱي ريت واقف ھو. انھيءَ حوالي سان سندس چيل ڳالھه ڄڻ ته سرٽيفڪيٽ جو درجو رکندي ھئي. ھڪ ڀيري ھُن جڏھن ھڪ تمام وڏي عمر جي عورت پاران ڪنھن ڳالھه تي بحث ڪرڻ دوران کانئس پڇيو ته توکي ٻين جي ڪھڙي خبر، تون رڳو اھو ٻڌائي ته تنھنجي ناني ڪير ھئي! اھو ٻُڌي اُن عورت، اُتان کان اُٿي وڃڻ ۾ ئي پنھنجي بھتري سمجھي. ۽ ٻين کي به ڄڻ ته ڏندين آڱريون اچي ويون ته، جو ان ڳالھه جي اڳ ۾ گھڻن کي خبر ئي ڪونه ھئي!

ناني اسماعيل جي درويشي جا به ڪيترائي قصا مشھور آھن. سندن وصال کپرو کاھي روڊ تي يونين اسٽاپ لڳ ڳوٺ ٻيڙو ڀنڀرو ۾ ٿيو، جتي پاڻ ۾ 1971ع ڌاري ڇھن مھينن جو چِلو به ڪٽيو ھو.  کين اُتي ئي تَڙ به ڏنو ويو ھو. جنھن جڳھه ته ھينئر کجي بيٺل آھي. اڄ به اُتي ڪيترائي ماڻھو ڪنھن بتي بردار کي ايندي ويندي ڏسندا آھن! انهي علائقي ۾ مشھور بزرگ ’بھرم بري‘ جو تڪيو به آھي.

اھڙي نموني ھن خاندان جي مختلف شخصيتن تي الله سائين جو وڏو ڪرم رھيو. باکوڙي لڳ ڪپورڙي واري قبرستان ۾ ابدي آرامي ٿيل حاجي محمد عرس وڏو سخي ماڻھو ھو. ھن جو چوپايو مال مختلف ماڻھن وٽ ڇڏيل ھوندو ھو، جنھن جي پٺيان به ھو ڪا گھڻي وٺ پڪڙ ڪونه ڪندو ھو. ھو گھر ۾ پيل کائڻ جا داڻا به غريبن ۽ ضرورت مندن کي ڏيئي ڇڏيندو ھو. حاجي عرس جو فرزند غلام حُسين به وڏو الله وارو ٿي گذريو. جنھن جا ڪيترائي قصا مشھور آھن. ھڪ ڀيري مٿس جنات حملو به ڪيو، پر پاڻ الله سائين جي ڏنل علم مان پڙھائي ڪري، جنن کي ڀڄائي ڇڏيو. جڏھن ته فقير محمد اسماعيل به الله وارو بزرگ ٿي گذريو آھي. جنھن کي، جتي وڏن پاران فقيريءَ مان ورثو مليل ھو، اُتي چون ٿا ته ھن جون پنھنجيون به وڏيون محنتون ۽ ڪشالا شامل ھئا. اھڙي طرح انھي خاندان سان لاڳاپيل ڏاڏو حاجي محمد بچل (راقم جو ڏاڏو) به وڏي سخي مرد ٿي گذريو. ھن ئي حاجي عرس جي ٺھرايل مسجد کي آخر تائين آباد ڪيو. ڳوٺ جي ڇوڪرن ۽ نياڻين کي قرآن شريف پڙھايو ۽ نماز سيکاري. ڏاڏي حاجي محمد بچل جون ڪيتريون ئي ڳالھيون، ٽوٽڪن برابر اڄ به نه صرف ڳوٺ ۾ بلڪه برادري ۽ تَر ۾ مشھور آھن. ڏاڏو، پنھنجو پرايو ڏسڻ بنا، سڀني کي منھنجي تي سچ چئي ڏيندو ھو. دلچسپ ڳالھه اھا آھي ته سندن ڳالھين تي ڪوبه دل ۾ ڪونه ڪندو ھو! ڏاڏي تي لکبو ته اھو به وڏو ’دفتر‘ بڻجي ويندو. وقت ۽ موقعو مليو ته انشاالله ڏاڏي تي تفصيلي ضرور لکبو. پر ان کان به اڳ، حاجي معروف ۽ حاجي عرس جي ڏاڏي ڄام جي ڳالھه نه ڪبي ته ڳالھه اڌوري رھجي ويندي ۽ جي ڪبي ته ھن دور ۾ شايد قابل اعتبار نه ھوندي. ڄام جيڪو ھند سنڌ ھڪ ھجڻ وقت واپار ڪري، گذر سفر ڪندو ھو، سو وڏو  جوان مرد ماڻھو ھو. ھڪ ڀيري جڏھن ھو ھندستان جي ھڪ علائقي ۾ واپار سانگي ويو ته اُتي رھندڙ ھڪ جادوگراڻي مٿس موھت ٿي وئي ۽ ھُن پنھنجي علم جي زور تي کيس کڻي قابو ڪري، قيد ڪري ڇڏيو. ھو ڏينھن جو کيس گھيٽي جي روپ ۾ آڻي ڇڏيندي ھئي ۽ رات جو کيس واپس مرد ڪري ڇڏيندي ھئي. ان دوران ھڪ ٻي جادوگراڻي جڏھن کيس ڏٺو ته ھو به کانئس ڏاڍي متاثر ٿي. پوءِ ٻنھي جادوگراڻين جو ڄام ڪنڀار کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته مقابلو شروع ٿي ويو. جڏھن ٻي جادوگراڻي ڏٺو ته ھو ڄام کي پاڻ وٽ، پنھنجو ڪري رکي نه سگھندي ته ھُن کان اھو به برداشت ڪونه ٿيو ته ڪو ڄام پھرين جادوگراڻي جو ئي بڻجي رھجي وڃي. ان ڪري ٻي جادوگراڻي ھڪ ڏينھن وجھه وٺي ڄام کان پڇيو ته ڇا تون ڀڄي سگھين ٿو؟ ڄام چيو ته ھاڻ مون ۾ طاقت ناھي رھي. جادوگراڻي کيس چيو ته جي تون ھتان کان پنج/ڇھه ميل ڀڄي سگھين ته توکي ھميشه لاءِ آزادي نصيب ٿي سگھي ٿي. ڄام چيو ته ھا، آئون ايترو ڀڄي سگھان ٿو. جادوگراڻي پنھنجي علم جي زور سان کيس گھيٽي مان واپس انسان ٺاھي، ھڪ ٻوھاري ھٿ ۾ ڏيندي چيو ته تون جيترو تيز ڀڄي سگھين ٿو، اوترو ڀڄ ۽ ڀڄندي ڀڄندي ٻوھاري مان ھڪ ھڪ تيلو/ڪک ھيٺ زمين تي اڇلائيندو وڃجان. جيئن ئي پھرين جادوگراڻي کي تنھنجي ڀڄڻ جي خبر پئيندي تئين ھو تنھنجي پٺيان ڊوڙيندي، پر ھُن لاءِ ضروري ھوندو ته ھو تو پاران ٻوھارو مان ڪرايل تيلا/ڪک ھڪ ھڪ ڪري کڻي ۽ اھو ڪک گھر ڇڏي وري توکي جھلڻ لاءِ، تنھنجي پٺيان ڊوڙي انھي وچ ۾ جي تون ان جي حد مان ٻاھر نڪري وئين ته پوءِ بچي ويندي. ڄام ائين ڪيو ۽ نيٺ ڏھاڪو کن ميل ڀڄڻ کان پوءِ، ٻه/اڍائي سالن جي جادوگراڻي جي قيد مان آزاد ٿي گھر ڏانھن روانو ٿيو. اھڙا ڪيترائي قصا ھن خاندان جا اڄ به جھونن جي سينن ۾ سانڍيل آھن.

ڪاش وقت وڃڻ کان اڳ باقي بچيل چند جھونن کان پڇي اھا ڄاڻ گڏ ڪري وٺون ته وڏڙن جي تاريخ ۽ يادگيرين تي مشتمل ھڪ وڏو داستان جُڙي پوي. اڄ ھن وقت ميڙاسر ته سنڌ جي حدن ۾ آيل آھي پر تاملور جو قبرستان انڊيا جي حدن ۾ اچي چڪو آھي. جتي نانو حاجي محمد معروف ابدي آرامي آھي ۽ ٻُڌجي ٿو ته اُتي سندن مدفن تي اڄ به ڪيترائي آسوند اچي، دل جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ باسون باسين ٿا. ڪجھه سال اڳ ميڙاسر وڃڻ وقت، ميڙاسر ويجھو پاڪستاني بارڊر تي سرحدي چوڪي تي ويس ته اُتي اتفاق سان سانگهڙ ۾ ڊيوٽي ڪري ويل عملي ڏسي ۽ سڃاڻي، تعجب مان پڇيو ته توھان ھت ڪيئن؟! ٻڌائيم تي ميڙاسر آبائي ڳوٺ آھي ۽ سامھون ھندستاني علائقي تاملور ۾ آبائي قبرستان آھي، جتي دعا گھرڻي آھي. پاڪستاني سپاھي خوشي خوشي اسان دوستن کي پاڪستاني سرحد جي آخري حد تائين وٺي ويا، جتان تاملور جو شھر ته ڌنڌلو نظر اچي رھيو ھو، پر سامھون چوڪين اندر بيٺل ھندستاني سپاھي چٽا نظر اچي رھيا ھئا. وچ ۾ ٻنھي مُلڪن جي سرحدن جي حدبندي جا نشان ھئا. اسان کي پاڪستاني سپاھي اھو به ٻڌايو ته سامھون کان اسان جي ھر موومينٽ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي، ۽ انھي کان اڳتي وڃڻ خطرناڪ ھوندو. اسان اُتان کان ئي وڇڙي ويل عزيزن ۽ مائٽن لاءِ دعا گھري، ڪجھه گھڙيون اُتي گذاري موٽي آياسين. الله چاھيو ته ڪڏھن اھا دعا ناني جي قبر تي تاملور ۾ وڃي به گھربي! (ناني معروف جي حوالي سان ڪاش ڪو ھندستاني مھربان ٻڌائي سگھي ته اڄڪلھه تاملور جي قبرستان ۾ سندن آخري آرامگاھه جي حالت ڪھڙي آھي؟ يا سندن جي باري ۾ ڪنھن مھربان کي ڪا ٻي خبر ھجي ته اھا ٻڌائي، ته سندس مھرباني ٿيندي).

 

ڪنڀارن جو شجرو
 

مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب جن جي ھٿ اکرن ۽ ترجمي سان لکيل قرآن شريف

(سائين محمد سلطان ولد محمد آچار، رٽائرڊ ھيڊ ماسٽر گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي، رهندڙ کاھي جي ٿورن سان)

 

نوٽ: ھي ترجمي وارو قلمي نسخو، ھن وقت کاھي ۾ سندن پونئرن وٽ محفوظ آھي. جديد ٽيڪنالاجي وسيلي ھن اھم علمي مواد کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت جو احساس سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سنڌي (قاسميه ڪتب خانو ڪنڊيارو) توڙي ٻيا به ڪيترائي علم دوست صاحب وقتاً وقتاً ڏياريندا رھيا آھن. جيڪي قلمي نسخن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ دوران ھتي ايندا رھيا آھن. اها راءِ عملي روپ ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي حاصل ڪري؟ ڪجھه چئي نٿو سگھجي!

راوي:

1.       سائين محمد ادريس جوڻيجو ولد محترم محمد علي جوڻيجو، حاجي محمد عالم پلي

2.      محترم نور محمد ڀنڀرو، عمر ڀنڀرو، پٿورو

3.      مولوي صاحب جي اڪيلي حالِ حيات ڌيءُ، عمر 90 سال کن، عمرڪوٽ

4.      مشهور ليکڪ ارباب نيڪ محمد ليکڪ گوگاسر.

5.      مولانا محمد يعقوب ڪنڀار، ڇور مدرسو

6.      مولا بخش فقير مڱڻھار ولد قائم الدين فقير، نيو ڇور

7.       نالي وارو راڳي شفيع فقير، نيو ڇور

8.      سائين محمد ابراهيم ڪنڀر، سانگهڙ.

9.      محمد سڄڻ ڪنڀر، کاهي.

10.  ڏاڏو الھه بخش ڪنڀر ولد گل محمد، ڳوٺ ڪوٽنواب.

11.   مامو محمد شريف ولد فقير محمد اسماعيل ڪنڀر، ڳوٺ ڪوٽ نواب.

12.  الله جُڙيو، ڳوٺ عبدالڪريم لغاري لڳ سانگهڙ

13.  محمد يوسف ولد حاجي عبدالرحمان، لوڻ کاڻ

14.  محمد صالح ولد حاجي عبدالمجيد، سانگهڙ/ڪوٽ نواب

15.  امير بخش ولد حاجي عبدالمجيد، سانگهڙ

16.  علي بخش ولد حاجي محمد ھاشم ڪنڀر، ڳوٺ ڪوٽ نواب

17.  غلام رسول ڪنڀر، عمرڪوٽ.

18.  محمد عثمان ڪنڀر، عمرڪوٽ.

19.  اشرف قدوائي، صوفي فقير.

20. ڊاڪٽر عبدالرزاق عمرڪوٽ

21.  قاضي احمد علي ولد خير محمد نوھڙي، گوگاسر

22. محمد قاسم راھمون، (مرتب ”ڀٽائي جو گنج“) ڳوٺ ساڪري، تعلقو ڇاڇرو

23. عبدالرشيد ولد محمد ڪنڀر، ڳوٺ حاجي مِٺو ٻگھيو (ٻگھيو فارم) ميرپورخاص

24. عبدالجبار ولد محمد شريف، ڪوٽ نواب

25. فوجي محمد انور ولد محمد شريف، ڪوٽ نواب

26. محمد صديق ولد محمد شريف، ڪوٽ نواب

محمد اسمٰعيل فقير سروري

 

مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب

 

مولوي صاحب جي دستاربندي:

حضرت مولانا مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب ولد محمد دائود ڪنڀار، ڳوٺ ميڙاسر تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيا. سندن وڏا به اصل رهاڪو ميڙاسر جا ئي هئا. پاڻ تعليم جي شروعات اٽڪل (10) ڏهن ورهين جي ڄمار ۾، سندن والد جي وفات کان پوءِ  ڪئي ۽ پنهنجي شوق سان مدرسه ۾ داخل ٿيا. جڏهن ته  سندن والد ۽ ڀاءُ غير تعليم يافته هئا. پاڻ شروع ۾ نصرپور جي مدرسه ۾ تعليم مڪمل ڪيائون. انهيءَ کان پوءِ تعلقه سامارو، ضلع ٿرپارڪر جي ’قرآني مدرسه‘، ڳوٺ عمر ڀنڀرو نزد جڳو ڀرڳڙي ۾ ڪافي وقت تائين تعليم حاصل ڪندا رهيا. انهي مشهور مدرسه  ۾ سندن استاد حضرت مولانا محمد عثمان قرآني صاحب جن هئا، جن وٽان پاڻ ڪافي فيض پرايائون.  انهي کان پوءِ عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي، جيڪو انهيءَ وقت ۾ هڪ مشهور مدرسو هو ۽ جتي هن وقت پڻ ديني مدرسو هلي رهيو آهي،  اتي عربي ۽ فارسي تي  عبور حاصل ڪيائون. جتي سندن استاد حضرت مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب جن هئا، جيڪي وقت جا وڏا عالم  ته هئا ئي، پر گڏوگڏ وڏا جراح حڪيم به هئا،  انهيءَ ڪامل استاد، وٽان طب جو علم حاصل ڪرڻ سان گڏ حڪمت جو علم به حاصل ڪيائون. 

ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي جي مدرسه ۾ سندن دستار بندي ٿي. استاد صاحبن کان علم، ادب ۽ فيض سان گڏ حڪمت جو فيض پڻ پرايائون.درستاربندي کان پوءِ پاڻ علم ڏيڻ، پڙهائڻ ۽ دين جي تبليغ  لاءِ زندگي وقف ڪيائون. مدرسه جو بنياد سندن ڳوٺ ۾ 1919ع ۾ رکيائون. سندن علائقي ۾ علم نه هو ۽ ماڻهو ديني  تعليم کان ناواقف هئا. جهالت جو دور هو. انهيءَ ڪري پاڻ مدرسه کولي، دين جي تبليغ ڪرڻ شروع ڪيائون. ان وقت علم نه هئڻ ڪري،  پنهنجي  ذات برادري ۽  سڄي علائقي جي ماڻهن کي جهالت جي اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ مدرسه کولڻ لازمي سمجھيائون.

مدرسي جي  شروعاتي دور ۾ شاگردن جي دستاربندي

سندن مدرسه ۾ ڪافي شاگرد پڙهيا ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائون، جن جو شمار نٿو ڪري سگھجي. انهيءَ کان پوءِ انهن شاگردن، اتان فيض پرائي  وڃي  ٻيا مدرسه کوليا ۽ اسلام جو نور روشن ڪرڻ  لاءِ محنت  ڪندا رهيا، اهو تعليمي سلسلو اڄ به جاري آهي.

سندن مدرسه ۾ جن شاگردن جي  شروعاتي دستاربندي ٿي  اهي هي آهن: مولانا محمد ادريس نهڙي صاحب ڳوٺ گوگا سر، جنھن مدرسي مان نڪرڻ جي ٿورن ئي ڏينهن بعد 27 رمضان المبارڪ تي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. مولانا عبدالله، مولوي صاحب جو ڀائٽيو ڳوٺ ميڙاسر، جن تعليم حاصل ڪري، دستار بندي بعد  ٻين علائقن ۾ وڃي مدرسن جو بنياد رکيائون.

جناب مولوي عبدالله صاحب

مولوي عبدالله  جيڪو مولوي صاحب جو  ڀائٽيو  هو، چڱو وقت مدرسه ميڙاسر ۾ شاگرد پڙهائيندو  رهيو ۽ استاد وٽ نائب ٿي رهيو. جنھن نڪرڻ کان پوءِ پهرين دولت آباد ڀرسان ڳوٺ ’ڌوڙئي جي چاڙهي‘ ۾ مدرسه کوليو. ڪجهه وقت  کان پوءِ وري تعلقه کپري ۾ دودي ڀنڀري جي ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائون ۽ ڪافي وقت درس ڏنائون، جتي اڄ به سندن  تمام سٺا شاگرد موجود آهن. مولوي صاحب جي تعليم جي دلچسپي جي ڪري ڳوٺ ’پَٻڻ‘، تعلقه کپري ۾  (پير قطب الله  شاھه حضرت خواجه عبدالرحمان جان سرھندي رح جي فرزند ۽ حضرت ميان محمد عثمان قراني رح جي مُرشد حضرت خواجه محمد حسن جان سرھندي رح وارن جي پٻڻ ۾ زمينداري اڄ به موجود آھي). جڏھن ته سندن ارشاد ۽ سلوڪ جو مرڪز ٽنڊي سائين داد ۾ موجود آھي. سرهندين  جي زمين تي مولوي صاحب کان ڪوششون ڪري مدرسو کولرايو ويو ، جنھن ۾  پيرن جي تمام گهڻي مدد هئي. ان ۾ تمام اوج تي پڙهائي هئي. ان وقت انهيءَ علائقي ۾  جاهليت هئي،  ۽ پاڻ ساڳيا استاد وارا ڪارناما ڏيکاريا ۽ دين جي خدمت ڪيائين. اڄ به  سندس شاگرد موجود آهن، مولوي عبدالله صاحب جلد ئي ڳوٺ پٻڻ ۾ گذاري ويا ۽ اتي جي ئي قبرستان ۾ ابدي آرامي ٿيا. مولوي صاحب جو هڪ فرزند محمد ابراهيم به جلد ڳوٺ پٻڻ ۾ فوت ٿيو. مولوي عبدالله صاحب سان گڏ جن اتي جي  ٻين شاگردن تعليم پرائي ۽ اڳتي وڃي  مدرسه کولي، تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون، تن مان ٿورن جا نالا ھِت ڏجن ٿا. امام دين سومرو ۽ محمد عثمان سومرو ڳوٺ ڏيڏوهر. اهي سومرا انڊيا جا هئا  ۽ تمام سٺا شاگرد هئا. حافظ فتح محمد راهمون ڳوٺ نئون تڙ هندستان جو رهندڙ هو، انهن اتي وڃي پڙهائي جو ڪم شروع ڪيو. علي محمد ولد فقير قابل ۽ حافظ عبدالواحد ولد فقير قابل راهمان،ڳوٺ پنات لڳ کوکرو پار، مولوي محمد موسيٰ سميجو ڪڪراڙو، هي ٻئي ڀاءُ مولوي صاحب وٽ ننڍي هوندي مدرسه ۾ پڙهڻ آيا، سندن والد فقير قابل مدرسه جو ڪم ڪار ڪندو هو ۽ مولوي صاحب جو خاص خليفو هو. هر وقت مولوي صاحب سان گڏ سفر ۾ گڏ هوندو هو، سندن هر تڪليف ۽ ڏک سک ۾ هميشه شريڪ رهيو. مدرسي جي چندي وغيره کان ويندي شهر گڍڙي ۾ مسجد جي ڪم ڪار ۾ شامل رھيو. قابل پڪو مجاهد ٿي، مخالفن جي ڏنل تڪليفن ۾ سر سوڌو مولوي صاحب  سان گڏ رهيو  ۽ مسجد گڍڙه ۾ فجر جي  پهرين ٻانگ،جناب مرحوم مغفور فقير قابل ئي ڏني هئي .تمام نيڪ بخت ماڻهو هو. سندس ڇوڪرن جي رهڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ مولوي صاحب وٽ قرآن پڙهيو، فقه جا ڪتاب به پڙهيو، مسئلن جو وڏو ڀڙ هو. ڪافي ڄاڻ ۽ علم، مولوي صاحب جي صحبت ۾ حاصل ڪيائين. هي جهڙوڪر مولوي صاحب جو پڪو ساٿي ۽ سچو مسلمان هو. مولوي صاحب جي وفات تائين مدرسه ۾ رهيو ۽ وفات وقت فقير صاحب کي پاڻ وٽ موجود رهايائين. قابل فقير آخر تائين مولوي صاحب  جي  حاضري ۾ رهيو. مولوي صاحب جي وفات  بعد به فقير صاحب، مدرسه جي مددڪندو رهيو. مولوي  صاحب جي گذرڻ  وقت  سندس  وڏو پٽ محمد اسماعيل وڌ ۾ وڌ پندرهن  سالن جو هو، جنهن جي به  هي درويش وقت به وقت مدد ڪندو رهيو. هن درويش جي جيتري محبت ۽ محنت لکجي اوتري ٿوري آهي. جناب مولوي صاحب جي فوت کان پوءِ  قابل فقير به جلد سندس اباڻي ڳوٺ پنات ۾ گذاري ويو. هي فقير صاحب، روضي ڌڻي پير پاڳاري جو مريد هو.سندس پٽ علي محمد ۽ عبدالواحد هن ئي مدرسه مان پڙھي نڪتا. علي محمد فقير سندن مائٽن  ۽ ڪمن ڪارن ۾ مشغول رهيو آهي ۽  جناب حافظ عبدالواحد تمام فقراءَ  طبيعت جو مالڪ آهي. سندن ڳوٺ پنات ۾ اڄ تائين مدرسه  قائم آهي ۽  ديني تعليم جو سلسلو به جاري آهي. پونئرن جو اڄ تائين استاد جي خاندان سان تمام سٺو سلوڪ رهندو پيو اچي. قابل فقير جي   ننڍن کي به ڪنڀارن سان وڏي محبت آهي. سندن ٻين شاگردن ڪنڀارن مان ڪن جا نالا هت  لکجن ٿا. محمد سومار، حاجي دائم، فقير صاحب محمد بچل ۽ مولوي محمد يامين خاص طور تي قابل ذڪر آهن. محمد سومار ۽ حاجي دائم مولودن، نعتن جا تمام قابل آهن،  جن کي مولوي صاحب خاص مجلسن يا جلسن ۾ پاڻ سان گڏ ڪوٺي ويندا هئا ۽  کانئن مولود شريف، مدح ۽  نعت پڙهائيندا هئا. 

جناب فقير صاحب محمد بچل مدرسه ۾  پڙهڻ وقت به تمام حليم طبيعت جو هوندو هو. ڪجهه وقت ميڙاسر پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهيو. جيئن پاڻ فقيري اختيار ڪيائون ته  اتان ميڙاسر مان نڪتو ۽ عمرڪوٽ ۾ سندن  رهڻ ٿيو. ان وقت به اسان ۾ پرهيزگاري تمام گھٽ هئي، پر هن فقير  سخت پرهيزگاري اختيار ڪئي. ان سلسلي جو هي  پهريون مثالي درويش هو.   وٽن تمام پري پري جا ماڻهو زيارت ۽ فيض لاءِ اچي رهيا آهن. عمرڪوٽ ۾ اچڻ کان  ڪجهه وقت پوءِ، عمرڪوٽ جي مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو ۽ اتي ديني تعليم به ڏنائين. سندن فرزندن ۾ استاد محمد صالح مرحوم پهريائين پرائمي استاد ۽ پوءِ تعلقي ماستر ٿيو. ان زماني ۾ سڄي تعلقي جون پگهارون تعلقي ماستر هٿان ڪيش پئسن ۾ ورهائبيون هيون. سائين محمد صالح هيءَ ذميواري نهايت احسن طريقي سان نباهي. پاڻ نهايت ملنسار، حليم ۽ ساده مزاج انسان هو. فقير محمد بچل مرحوم لاءِ مشھور آھي ته پاڻ ميئين محمد قاسم ڪالرو رح (سندن مزار ريلوي اسٽيشن محمد رحيم ڪالرو جي سامھون بند تي موجود آھي) ٻارن، بزرگن ۽ مخدوم نوح سرور رح جي اولاد پير مالڪ ڏني صديقي رح پاران فقيرن سان سڳي ۾ سلھاڙيل رھيا. فقير بچل مرحوم جي مزار اولياءُ  گجوراڻو رح عمرڪوٽ جي ڀرسان اڏيل آھي.

جناب استاد محمد موسى:

هي ذات جو سميجو  هو ۽ ويٺل ڳوٺ ڪڪراڙو جو هو، جيڪو ميڙاسر کي ويجھو آهي. جناب محمد موسى کي آخري وقت ۾ مولوي صاحب مدرسي ۾ پڙهائي لاءِ مقرر ڪيو هو. هي عربي فارسي جو هوشيار هو. مولوي صاحب جي فرزندن محمد اسماعيل ۽ محمد يوسف جو استاد هو. مولوي جي  وفات  بعد مدرسي ۾ پڙهائيندڙ هو. مولوي صاحب جي وفات  کان پوءِ به  استاد صاحب مدرسي ۾ ڪافي وقت ڏنائون. جناب مرحوم   استاد جو ڳوٺ ڪڪراڙو، جتي سندن  مائٽن وڏن  جو هندن سان اٿڻ ويهڻ  گھڻو هو، ريتون رسمون به  خاص هندن  واريون هونديون هيون، الحمدالله  استاد صاحب جي پڙهي وڃڻ کان پوءِ،  اڄ هن ڳوٺ ۾ مسجد  به آهي ۽ مدرسي ۾ قرآن  شريف جي تعليم به جاري آهي.

 

مولوي محمد يامين ڪنڀار:

هي مولوي صاحب جو ڀاڻيجو آهي، مدرسي مان نڪرڻ کان پوءِ سندن رهڻ  شهر کاهي، تعلقه کپرو ۾ ٿيو. ان وقت کاهي شهر ۾ هندو واڻين جو تمام زور هو ۽ شهر ۾ مسجد به ڪونه هئي. شهر جا مسلمان ٻهراڙي ۾ وڃي جمع جي نماز پڙهندا هئا.  جڏهن مولوي صاحب محمد حسن جو  کاهي ۾ اچڻ ٿيو ۽ پاڻ نماز بابت پڇا ڪيائون ۽  شھر ۾ مسجد نه هئڻ جو ٻڌي، مولوي يامين کي  تمام تاڪيد ڪري بيهي مسجد جي جاءِ مقرر ڪيائون. مسجد جي پلاٽ ۾ مسلمانن جي  ڪافي مدد ٿي، بلوچ قوم جي مدد سان مسجد جو بنياد وڌو ويو،  جنهن تي هندن مولوي محمد يامين صاحب تي حملو ڪيو ۽ کين  تمام گھڻا ڌڪ لڳا، پر آخرڪار مسلمانن جي فتح ٿي ۽ مسجد تيار ٿي، جنهن لاءِ مولوي صاحب  وڏيون مارون کاڌيون. محمد يامين اڄ تڪ کاهي جي مسجد ۾،  پيش امام آهي. مولوي محمد حسن صاحب  غلط ۽ غير شرعي ريتن رسمن خلاف مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي تبليغ ڪئي، جن ۾ مارواڙ، هرساڻي، ويسارو، ساڌن جو ڳوٺ، جيسيندر، ساڪريو، سالار، ڇاڇڻ کان ويندي مٺي تائين ۽ سڄي سنڌ جي مختلف ڳوٺن تائين ويا. جن ۾ عمرڪوٽ، ڇور ۽  ميرپورخاص وغيره شامل آهن. جتي پاڻ شادين مرادين ۾ وڃي، غلط رسمن ريتن ۽ ڪفر جي پاڙ پٽڻ لاءِ تبليغ ڪيائون.سندن ڪوششن ۽  رب جي فضل و ڪرم سان سندن ذات برادري  جا ماڻهو دين تي اچڻ لڳا.

نوٽ:  مولوي صاحب جا شاگرد ٿورا لکيا ويا آهن ۽ اڃان وڌيڪ آهن. جيڪي هند سنڌ ۾  پنهنجن  ڳوٺن ۾ اڄ به پڙهائي جو سلسلو جاري رکندا اچن.

مولوي صاحب جون غير شرعي ريتن رسمن  خلاف ڪوششون:

 پاڻ نه صرف مدرسو کولي ماڻهن کي ديني تعليم سان روشناس ڪيائون، بلڪه منجھن  غير اسلامي ۽ غير شرعي رسمون ختم ڪرڻ لاءِ به ڏاڍيون ڪوششون ورتائون. انهيءَ وقت ۾ غير شرعي ريتون رسمون عروج تي هيون، انهيءَ شرڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪافي ڪوششون ڪندي،  علائقي جي ڳوٺن ۾ وڃي  تبليغ ڪيائون. (سندن تبليغي نيٽ ورڪ راجسٿان صوبي جي ٻاھڙ مير ضلعي جي ڏيڏوھر کان ويندي خليفي جي وائوڙي، ھرساڻي، ڏيتاڻي، ويساڙو ۽ جيسيندر تائين ھو ته سنڌ ۾ کوکرا پار کان ويندي کپري، عمرڪوٽ، ڪيتار، جيتراڙ، کينسر ۽ پنات تائين پکڙيل ھو).

ڀوپي کان پُڇڻ، جھاڙون، جادو جو علم سچو سمجھڻ، ڪانو ۽ مالهاري پکي اڏامڻ  ۽ انهن کان ڀلو ڀانئڻ، نانگ بلا جو ڪو وقت برو ڀلو سمجھڻ ، نکٽن کان فائدو وٺڻ، ڍور  کي ڪنهن درويش نالي بيهارڻ کي ڀلو سمجھڻ، مهريون ٻڪريون  بيهارڻ،  ان جو کير ۽ ڌونئرو کائڻ، باقي ولوڙڻ هڪ وڏو گناهه سمجھڻ، جيڪڏهن ڌنئرو ولوڙبو ته هٿن جو ٺونٺيو ٿي پوڻ ، هٿن ۾ سوراخ ٿيڻ  ۽ ان کي ڏوهه سمجھڻ،  سئوٽاڙو ( سئوٽن جون پاڻ ۾ شاديون) درست نه سمجھڻ. ”ڏنم ڦيرا چونري جا منجهه ڪنهن ويهان، ٽارو پئجي تورڻ ڪرڻ منجهه ويهان“ وغيره جھڙا جملا اچارڻ. نراڙ /مٿي تي ڌونئري جو ٽڪو ڏيڻ. کيتپال جي نالي پهرو بيهارڻ ۽ ان جي  نالي تي ڪهڻ کي حلال ۽ ڀلو سمجھڻ، ڪنهن جي نالي ڳنڍ ڏيڻ  ۽ تنهن کي سٺو ڄاڻڻ. شادين ۾  دهل ۽ گيتن جو عام هجڻ وغيره وغيره. اهڙين ڪفر۽ جاهليت جي  ريتن کي دل مان ڪڍڻ لاءِ ڪو به ڪم رب جي حڪم کان سواءِ، نفع يا نقصان غير الله کان نٿو ملي سگھي. دل ۾ يقين ڏيارڻ لاءِ مولوي صاحب ڪيترائي ڪم پاڻ ڪيا، جن مان هڪ ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

اها ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن مولوي صاحب جن اڃان  تازو دستار بندي ڪري آيا هئا. ھڪ ڀيري پاڻ ميڙاسر ۾ ڏوڪري ’الف‘ مرحوم  ۽ حمزي  ڪنڀر وارن جي گھر هلي آيا. حمزي جي والده  ٻن ٽن ڪُنين ۾ کير ڄمائي رکيو هو. هڪ ٻه ڪنين جو کير ولوڙيائين ۽ هڪ ڪُني وڏي ڌنئري جي رکي ڇڏيائين. حمزي ۽ حاجي دائم جي والده کي مولوي صاحب دين جي ڀيڻ ڪري ڪوٺيندا هئا. مولوي صاحب چيو ته،  ڀيڻ هي ڪُني جو ڌنئرو ولوڙين ڇو ڪونه ٿي. جواب مليو ته ادا هي مهرين ٻڪرين جو کير آهي، جيڪو کير ۽ ڌنئرو کائبو آهي، باقي ولوڙبو ته  مهرو فقير* هٿن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندو ۽ مال/ ٻڪرين جو ڌڻ ختم ٿي ويندو.  ان وقت اتي ماڻهن جي دلين ۾  ڪفرچوٽ تي هو. مولوي صاحب چيو  ته، ادي آئون ٿو کير ولوڙيان، تون ويٺي ڏس. ڀلي مونکي مهرو فقير ڏسي ۽ ڀلي منهجن هٿن ۾ سوراخ ٿين.جيڪڏهن تنهنجو هڪ ٻڪري جو ڦر به مري ويو ته آئون ڏنڊ ڀري ڏيندس، باقي هي ٻئي ڳالهيون نه ٿيون ته پوءِ ادي اڳتي  لاءِ کير توکي ولوڙڻو پوندو. پوءِ مولوي صاحب پنهنجي هٿن سان اهو کير ولوڙيو. الحمد الله هڪ ڦر  يا ٻڪري جو  ڪو زيان ڪونه ٿيو. سڄي  ڳوٺ کي يقين بيهي رهيو  ۽ ڪفر جي پاڙ  ھميشه لاءِ پٽجي وئي ۽ اڳتي لاءِ  مهرين ٻڪرين کي بيهارڻ ختم ٿي ويو. حمزو ۽  دائم  ٻئي مولوي صاحب محمد حسن جا شاگرد آهن. مولوي صاحب اھو به چيو ته، ادي متان تون سمجھين ته مولوي صاحب ڪو  جادو ٿو ڄاڻي، ان ڪري تنهنجي پٽ حمزي جي  هٿان هي کير ولوڙيون ٿا، جنھن جي ولوڙڻ سان پاڻ مکڻ وڌيڪ نصيب ٿيو.

مثال ٻيو مثال: انهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ماتا تمام گھڻي هلندي هئي، هڪ دفعي ملڪ ۾ ماتا جي بيماري زور تي  هئي. ڳوٺ ميڙاسر ۾ سڄو ڳوٺ  ماتا جي بيماري ۾ گرفتار هو، پر خاص ڪري ضعيف، ماتا جي بيماري ۾  وڌيڪ ورتل هئا. محمد اسماعيل ولد مولوي محمد حسن جو فرزند ۽ ٻه ٻيا مدرسي جا  شاگرد، هڪ علي محمد ولد قابل فقير ۽ ٻيو عبدالواحد ولد فقير قابل راهمون ۽ عمر ڪنڀار، هنن کي وڏي تڪليف هئي،سندن  بچڻ جو امڪان گھٽ هو. ماتا  اچڻ وقت اڄ به هي سمجھبوآهي ته گھر ۾ داغ (ڀاڄي ۽ ڀت وغيره کي) نه ڏيڻ گھرجي ۽ ڪنهن به حلال جانور جو گوشت  گھر ۾  آڻڻ وڏو ڏوهه سمجھندا هئا ۽ چوندا هئا ته ان سان  ماتا ماءُ ڇري /چڙي پوندي. اڄ تڪ به  اها ڳالهه مڃڻ وارا ماڻهو جام ملندا. هي ڪفر جو عقيدو ڏسي  مولوي صاحب انهيءَ ڪفر کي ڪڍڻ ۽ مسلمانن جو ايمان قائم ڪرڻ لاءِ پڪو خيال ڪندي چيو ته، ’خيرات رد بلا قولي محمد مصطفي‘.  مولوي صاحب جي سندي پٽ محمد اسماعيل کي  ماتا سبب سخت تڪليف هئي. پاڻ سندي  ڍڳي جي خيرات جو حڪم ڏنو. مرحوم قابل فقير ۽ الهڏنو نهڙي گوگاسر ۽ ٻيا ٻه چار مجاهد خيرات لاءِ ڍڳي ڪهي آيا. مسجد ۾ ديڳ چاڙهي خيرات  ڪئي وئي. ڳوٺ توڙي آس پاس ۾ واءُ ويلا هليو ته مولوي صاحب ڳوٺ جي تباهي ڪرڻ چاهي ٿو،  ڍڳي ڪٺي  اٿس، هاڻ مائي ماتا ڇري پوندي. مولوي صاحب چيو، ابا هي پهرين گوشت ۽ شوروو سندس پٽ محمد اسماعيل ۽ سندس مدرسي جي شاگردن کي کارايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هي خاص شفا آهي. الحمد الله خيرات ٿي گذري، بيماري ختم ٿي وئي. ڪو به ٻچڙو انهيءَ وقت کان پوءِ بيماري جي  بهاني ڪونه ويو. تمام جو تمام هڪ وڏو  ويساهه ٿي ويو. انهي وقت کان عقيدو پڪو ٿي ويو ۽ اڄ تڪ هي مثال قائم ٿي ويو. اهڙي نموني ڪيئي مثال  آهن، جو اهڙن مثالن ملڻ ڪري اڄ  تائين درويش جو فيض جاري آهي ۽ انشاءَ الله جاري رهندو. آمين ثم آمين.

هڪ وڌيڪ مثال:

اهڙا مثال ڪيترا لکي، ڪيترا لکجن. هڪ ٻيو مثال ياد آيو آهي،  جيڪو هتي لکجي ٿو. اسان جي ملڪ ٿر ۾ هڪ جھرڪي، جنهن جا کنڀ ڪجهه ڪارا ۽ ڪجهه اڇا هوندا آهن، انهيءَ   کي ’مالهاڙي‘ يا ’مالھاري‘ جي نالي سڏيو ويندو آهي ۽ ان وٽان نفعو نقصان سمجھيو ويندو آهي.  اها کٻي يا سڄي هٿ تي، هلڻ ويل ڏسندا هئا ته اسان کي ان سان نقصان ٿيندو. اڳيان ملندي ته لڏو لاهي ويهي رهندا هئا ته اسان کي اڄ نقصان آهي . ايڏو ڪفر  ۽ شرڪ جو ڪم جھرڪي کان سمجھندا هئا. خدا جو شان هڪ ڏينهن مولوي صاحب جن مدرسي ۾ ڪافي شاگرد ۽ دوستن جي موجودگي ۾ ويٺا هئا، ته اها جھرڪي اڏامي اچي واڙ جي ڪاٺي تي ويٺي ۽ سندس آواز ۾ چِرڙاٽ ڪيائين. ان تي سندس شاگرد علي محمد ولد قابل فقير ذات راهمون، جُتي جو پادر کڻي جھرڪي کي هنيو، جيڪو  جھرڪي کي لڳڻ سان  اها اتي  ئي مري  وئي. مولوي صاحب جي واتان نڪتو  ته “پاڻ پرڻي  ۽ ٻئي کي ٿي پرڻائي”.  ڏسو ان مان سبق ته کيس سندس موت جي خبر ڪانه ٿئي پئي، سا اسان کي ڪهڙو نفعو نقصان پهچائي سگھندي. انهيءَ  مثال مان وڌيڪ تصديق ٿئي ته نفعو ۽ نقصان خدا جي طرفان سمجھڻ کپي.

مولوي صاحب جي وقت ۾ سندن دوستن پاران پنهنجن ڳوٺن ۾ قرآن  جو سبق ڏيندڙن جا نالا:

جناب مرحوم حافظ محمد اسحاق نهڙي جيتراڙ، حافظ محمد دائود  ڍوري، حافظ حاصل راهمون نوپاٽ، پير برهان شاهه عيداڻي ۽ حافظ چنيسر  سميجو ڳوٺ سينهار. اهي حافظ ان وقت سندن ڳوٺن ۾ قرآن جو سبق ڏيندڙ هئا ۽ مولوي صاحب سان ديني خدمت ۾ شامل ٿي رهيا. ان وقت ٻين ماڻهن ۾ علم ڪونه هو، پر اهي آهستي آهستي تمام سٺا صحبتي ٿيڻ لڳا.

انهن جا نالا جن دوستن مولوي صاحب سان مسجد گڍڙي جي لاءِ چندو  ڪرڻ ۾ بهرو ورتو

جناب حافظ دين محمد ڪنڀار، هي اُڻند جو درويش تمام نيڪ بخت هو، ديني خيالن جو ۽ قرآن جو قاري هو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾  ديني تعليم ڏيندو هو، جنھن جا پونئر محمد صديق ۽ محمد ھارون وغيره وارا ھن وقت ڳوٺ مير محمد منڱريو لڳ پاٽويون ۾ ويٺل آھن. مولوي صاحب خيرالدين ڪنڀار، هي ڳوٺ ميڙاسر  جو هو ۽ تعليم به مولوي صاحب سان گڏ  عالم  پلي مان پرائي، مولوي محمد حسن سان گڏ دستاربندي ڪري ميڙاسر آيو هو،  پر پوءِ مولوي صاحب سڄي عمر سندس ٻني ٻاري جي خيال ۾ گذاري سندس پٽ لکاڏنو  ڳوٺ علي محمد مهر لڳ  ميرپورخاص  ر هائش پذير آهي. مدرسه  ۾ رهندڙ پرديسي شاگردن   جي رهائش، کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، ڪتاب، ويندي دوا تائين جو انتظام مولوي صاحب  پاڻ ڪندا هئا.

مولوي صاحب عالم هئا، پر گڏوگڏ جراح حڪيم پڻ هئا. مدرسي ۾ تعليم جو سلسلو  شروع ڪيائون ته شاگرد وڌڻ لڳا. پاڻ سادگي سان وقت گذاريائون. پنهنجي پائڻ جو ڪپڙو پنھنجي هٿ سان سبندا هئا. حڪمت به ڪندا هئا، سندن هٿ ۾ رب  تمام فيض رکيو هو. پاڻ  شاگردن جو پنهنجي خرچ ۾ پورائو ڪندا هئا. پرديسي مسڪين شاگردن  لاءِ پنهنجي هٿ سان ڪپڙو وٺي، هٿ سان سبي پارائيندا هئا. شاگردن جي  دوا به پاڻ تي هوندي هئن. مدرسي جو چندو فقير قابل آڻيندو هو،  جيڪو ان وقت ۾ وڌ ۾ وڌ چار آنه  هو، جيئن مولوي صاحب سندن اکرن ۾ ڏيکاريو آهي. مولوي صاحب مدرسي  جا ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ميمبر رکيائون. شاگرد ’فقر‘ (اھا ماني جيڪا مدرسي جا شاگرد ڳوٺ يا شھر جي گھرن ۾ وڃي گڏ ڪندا آھن) ڀروارن ڳوٺن مان ڇڏائيندا هئا. وڌيڪ مدرسي جو خرچ، نائبن جو پگھار سندن مٿي هوندو هو. ڪي سال اهڙا  به ڏڪار جا  هوندا هئا، جن ۾ شاگرد ۽ پاڻ فاقن جو وقت ڪٽيندا رهيا، پر علم جو ڪم جاري رهيو.

مدرسي جي پڙهائي جو  وقت:

صبح جو ديني تعليم هوندي هئي، ڏهين يارهين سوڌو. پوءِ ٻئين بجي تائين سنڌي نائب مقرر هونداهئا، جي سنڌي پڙهائيندا هئا. وري اڳئين (ظهر) پڙهي ويندي ھئي ۽ شام تائين ديني سبق هلندو هو. وري رات جو، ان وقت ڏيئو هو، وڌ ۾ وڌ بتي تي ، وڏا شاگرد  عربي پارسي وارن جي ويندي يارهين ٻارهين بجي تڪ رات جو، مولوي صاحب پاڻ ۽ سندس نائب تعليم جو سلسلو جاري هوندو هو.

مولوي صاحب جا هٿ اکر لکيل ڪتاب:

جناب مرحوم  مولوي صاحب جن جو سڄو قرآن مجيد، فرقان حميد، سنڌي معنى سان، سندن هٿ اکرن ۾ قلمي  نسخو12 شوال 1340 هجري تي لکي پورو ڪيو، جو اڄ به قرآن مسجد ۾ موجود آهي. جنهن ۾ صحيح ڪئي اٿن ته، ’فقير حقير خادم القوم محمد حسن قدوري (فقھه جي مشھور ڪتاب جو نالو جنھن جو مصنف ڪنڀارڪو ڪم ڪندو ھو) ساڪن، في قريته الميراسر ‘ (ميڙاسر).

مولوي صاحب  پاران مدرسي جي انتظام لاءِ چونڊيل ميمبرن جا نالا. مدرسي جو ڪم ڪار جو پروگرام ڏنو اٿن. جو تقرير ۾ جلسه وقت جماعت کي آگاهه ڪيو ويو ، جو شامل رکجي ٿو.

مولوي صاحب جن جو ڪجهه بيان ريتن رسمن ۽ ڪفر جي بابت لکيو  اٿن، سو شامل رکجي ٿو. جيڪي فوٽو ڪاپيون آهن.

نوٽ: مرحوم  مولوي صاحب خطن پٽن ۾ هر هنڌ، صحيح مبارڪ لکندا هئا ته:  فقير محمد حسن ميڙاسر لکندا هئا. مولوي صاحب محمد حسن مدرسه عالم پلي مان نڪتا، ان وقت محمد سومار ۽ حمزو ٻئي ڀاءُ ۽ عبدالله جي، پوءِ مدرسه ميڙاسر ۾ دستاربندي ڪئي، چوٿون هاشم هي چارئي ڪجهه وقت مولوي سان مدرسي عالم پلي ۾ پڙهڻ ويل هئا، جي مولوي صاحب سان گڏ مدرسي عالم پلي مان ميڙاسر پهتا. مولوي صاحب کي (عالم پلي جي مدرسي وارن) مدرسي ۾ استادن پڙهائڻ لاءِ تمام آڇ ڪيائون.  مولوي صاحب کي سُٺي پگھار ڏيڻ جي آڇ ڪيائون، پر مرحوم ناري پَٽ کان ٿر ۾ ديني خدمت کي ترجيح ڏنائون. انهيءَ  خيال سان ته اسانجي قوم (ذات) ۾ تمام جهالت آهي ۽ ٿر ۾ ڪفر ۽ شرڪ هلي رهيو آهي، ان لاءِ آئون سندي قوم ۽ ملڪ ۾ وڃي، ديني خدمت ڪندس. انهيءَ  خيال سان مدرسه مان نڪتا ۽ مٿيان شاگرد ساڻن گڏ هئا.

جتي  مسجد ميڙاسر جي ڳوٺ جي موجود آهي، اتي ڳوٺ وارن جي مدد سان پهرين شروعات ڪاٺين جي کوڙ جي مسجد تياري ڪري، اتي پڙهائي شروع ڪيائون.  جتي ڳوٺ جا ۽ ٻهراڙي جا شاگرد اچڻ شروع ٿيا. مولوي صاحب جن هڪ هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ڪري، تبليغ ڪندا هئا، محبت سان منجھن دوست پيدا ڪيائون، شادين مرادين ۾ وڃي ڪفر ۽ شرڪ جي بدعت بابت ٻڌائيندا هئا. ان سان گڏوگڏ سڄو ڪم مدرسي جي پڙهائي سنڀال جو خود پاڻ انتظام ڪندا هئا. ٿر ملڪ ۾ ڏڪار جي حالت ۾ مدرسه ۾ خاص کاڌي جو زبردست بندوبست هوندو هو. پاڻ تمام سادگي سان وقت گذاريائون، ايتري قدر جو وقت به وقت  پاڻ  صبر سان وقت گذاري، شاگردن جي پورائي ڪندا هئا. ان بابت ڪيترو لکي، ڪيترو لکجي.

ماڻهن کان مائٽاڻيون، پراڻيون ريتون رسمون ڇڏڻ ڏاڍيون ڏکيون پئي لڳيون، پر پاڻ کين تمام نرمي ۽ محبت سان سمجھائيندا هئا. آخرڪار مولوي صاحب ڳوٺ ميڙاسر ۾ ٻه ٽي جلسه ڪيائون. هڪ جلسي ۾ پنهنجي استاد مولوي صاحب محمد علي ۽ مولوي صاحب جا دوست جي ساڻن  گڏ عالم ٿي نڪتا هئا ۽ ٻيا مولوي، سنڌ مان گھرايا ويا. اها  ٿر علائقي ۾ ڪافي وڏي دعوت هئي. جنهن  دوران  مدرسي جي شاگردن جو امتحان به ورتو ويو . جنهن ۾ شاگردن  محفل کي مولودن ۽ نعتن سان سينگاريو. جلسه ٿيڻ بعد تمام ريتن رسمن، ڪفر ۽ شرڪ جي ڪمن ۾ وڏو سڌارو اچڻ لڳو. الله وارن جون دعائون رب قبول فرمائيندو آهي.

ان وقت علم تمام گھٽ هو، جو شادي يا عيد جي وقت خاص درس فقير گھرايو ويندو هو. نڪاح يا عيد پڙهڻ وقت درس فقير جو ٽويو ٻڌل هوندو هو، ڄاڻي نه ڄاڻي. درس فقير ويچارا پڙهيل ڪونه هوندا هئا، پر الحمد الله ڪم پيو هلندو هو.  انهيءَ ڪري ايڏو رسمي خيال هوندو هو، جو ميت کي پري ڪنهن ولي جي مڪان/قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ کڻي ويندا هئا، پوءِ اهو ڇو نه  کڻي ويهه پنجويهه ڪوهن تي هجي. انهي صورت ۾ اسان جا مائٽ ڳوٺ ميڙا سر جا ماڻهو لاش کڻي، ميڙاسر کان چار ميل پنڌ تي مڪان درويش ’سيد شاھزادو رح اسٽيشن تاملور مئو‘ وڃڻو پوندو هو. ۽ انهي ڪري عيدن جو ڏينهن، خاص ڪري مُڙدن جا مائٽ سٺو ڏينهن سمجھي، ڇوٽڪاري جو ڏينهن، سمجھي  تڪليف وٺي ڪري، عيد مڪان/قبرستان تي پڙهڻ لاءِ ايندا هوا ۽ ٻنهي عيدن تي وڏو هجوم ٿي ويندو هو. پوءِ درس فقير پهتو ته واهه، نه ته ڪو معزز  ماڻهو عيد گاهه  ۾ اچي پهچندو هو ۽ چوندا هئا ته فلاڻو شخص آيو آهي، عيد ٿي وئي ۽ پوءِ  واپس ڳوٺ موٽي ويندا هئا. انهي حالتن جي هئڻ سبب مولوي صاحب سال ۾ ٻه دفعا عيدن تي وڃي تقرير ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو، درس فقير ته جاهل هئا جو، ازخود ڀڄي ويا هليا. شروعات ۾  جيئن ٿيندو آهي ته جاهل ويچارا قبرن کي سجدو ڪرڻ، منتائون ڪيل گھيٽو اچي خيرات ڪرڻ/ ڇوڙڻ وغيره. ان سلسلي ۾ پهرين ته مولوي صاحب کي وڏا ڇا جو ڇا چوندا هئا ته هي نئون دين ٿو سيکاري. مائٽن جو دين سڀ غلط هو، پر ڇا جو ڇا. پر مولوي صاحب ڪنهن تي به چڙ نه ڪيائون. ايتري قدر ماڻهو غلط هئا، پر پاڻ اهڙو نمونو اختيار ڪيو، الله جو ڪرم  ٿيو ۽ استادن ۽ نيڪن جي ڀلائي ساڻ هئي، جو ذرو به ڪڏهن فساد يا ڪا ڇيڙ ڇاڙ  نه ٿي. بلڪل خدا جو شان آخرڪار هر ماڻهو  ۽ جھونا جن ۾  مشهور  هو ۽ ھو چوندا هئا ته ابا مولوي تون سچو آهين، تنهنجو دين به سچو .آخرڪار ٻئي عيدن تي  جلسن جي صورت اختيار ٿي وئي، تمام پري پري جا ماڻهو، هڪ عيد،  ٻيو مائٽن جي زيارت، ٽيون تقرير ٻڌڻ جي خيال سان اچڻ لڳا. ميڙاسر کي مڪان ويجھو هو، ٻين ڳوٺن جي لحاظ سان عيد نماز پڙهڻ لاءِ.  نماز بعد پهرين شاگردن کي وارو ملندو هو، جو هر فن ۾ نعت ٻڌائيندا، پر خاص مولود شاگرد مرحوم محمد سومار، فقير بچل صاحب ۽ حاجي دائم وغيره مولود ۽ مدح ٻڌائيندا ھئا ۽ پوءِ مولوي صاحب جي تقرير ٿيندي هئي. الحمدلله تمام  پري جا ماڻهو ايندا هئا، جتي جهالت هئي اتي جي شاگردن پڙهي ڪري، ڳوٺن ۾ مدرسا ڪڍي، ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ان لاءِ شاگردن جو مٿي احوال عرض  ڪيو ويو آهي.  انهن ۾ ڳوٺ ڪڪراڙو،  جو  ميڙاسر کي ويجھهو هو ۽ ماڻهو تمام پوئتي پيل هئا، جو الله  جو شان انهيءَ  ۾ اسان جو استاد مربي محمد موسى، مولوي صاحب وٽ مدرسي ۾ نائب ٿي رهيو ۽ اڄ هن ڳوٺ ۾ مسجد به آهي ۽ دين جي تعليم به ڏني پئي وڃي. الحمد الله خاص جلسي جو سال ۾ هڪ موقع مقرر هو. آخرڪار ڏينهون ڏينهن فيض وڌندو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ، سرڪاري طور مدرسه سرڪاري  رڪارڊ ۾ آيو ۽ مدرسي کي سال به سال گرانٽ جو سلسلو جاري رهيو. اهو وقت هندوستان جو هو. هن وقت هي مڪان (تاملور) هندوستان ۾ آهي.

 گھٽ ۾ گھٽ  لک  جي لڳ ڀڳ  يا اڃا مٿي، هندن جي آدمشماري هئي، هي شهر نه بلڪه ’بندر‘ چئجي ته ٺهي اچي ٿو. گڍڙه شهر مان  سنڌ، هندوستان  تائين گڍڙي جو مال، گيهه،  لويون، کٿا، ٻاجھر، گوار، تر، مڱ سڀ ولايت تائين ويندو هو. هوڏانهن  ننگر، تعلقه ڇاڇره، مٺي تائين گڍڙه مال ويندو هو. جيئن اڄ مثال ڏجي ته عمرڪوٽ شهر آهي،  ايڏو شهر ھو ۽ هندن جي آدم شماري، ايتري هوندي هئي. شهر گڍڙه ۾ مسلمان باشندو ڪونه هو، فقط ڏهه پندره  گھر فقير مڱڻهارن  جا هوندا هئا. اٿڻ ويهڻ سڀ هنن هندن جي رهڻي ڪرڻي سان هو. پر کڻي چئجي ته مسلمان مڱڻهار فقير، ٽيهه کن آدم هو. شهر هئڻ ڪري ٻه ٽي تعلقه لڳندا هئا. مال وٺڻ يا واپار  لاءِ گڍڙه اچڻو پوندو هو، اتي مسلمان تمام  گھڻا ايندا هئا. آس پاس مسلمانن جي گھڻائي هئي، جيڪي شهر ۾ هميشه لاءِ واپار جي خيال سان ايندا هئا. مسلمانن کي نماز پڙهڻ لاءِ وڌيڪ تڪليف هوندي هئي. سندن لاءِ پاڻي پيئڻ جا ٿانو به الڳ رکيل ھوندا ھئا ۽ کين لاچاري ۾ اتان پاڻي پيئڻو پوندو هو.

هندو مسلمانن کي تمام گھٽ نظر سان سمجھندا هئا، هندن ۾ پرٻ ڏياري، هولي ٿيندي هئي ته مسلمانن تي رنگ هارڻ وغيره وغيره جهڙيون مشڪريون ڪندا هئا. جو اهـڙن ٻن ٽن موقعن تي شهر گڍڙه مولوي صاحب جو وڃڻ ٿيو.  اهڙي هڪ موقعي تي کڻي چئجي ته هندن جي عيد جي موقعي تي مسلمانن تي  رنگ وغيره هاريل ڏسي،  پاڻ سڌو هندن جي شهر ۾ سندن بيٺڪ تي ويا ۽ تمام اخلاقي نموني کين  چيائون ته، هي رنگ هارڻ توهان جو  ڪم آهي، نڪي اسان مسلمانن جو. اهڙي نموني سان وڏيون تڪيلفون هونديون هيون. مسلمانن جي انهي تڪليفن سان گڏ نماز پڙهڻ جي به وڏي تڪليف  هئي، پوءِ هڪ دفعي قابل فقير کي شهر گڍڙه مولوي صاحب موڪليو! واپس اچڻ تي فقير صاحب ٻڌايو ته سائين ’هندن‘ ته پنهنجي نمازين تي ٺٺول بازي شهر ۾ مچائي ڇڏي اٿن  وغيره وغيره. جڏهن کان شهر۾ مسجد ٺهرائڻ جي ڳالهه ٻڌي اٿن. ان ڏينهن کان مولوي صاحب مسجد جو، گڍڙو ۾ بنياد وجھڻ جو پڪو خيال ڪيو.  ڳالهه شروع ٿي ته مسلمانن ۽ هندن جون دشمنيون وڌي ويون. وڏا وڏا مقابلا ٿيا. مولوي صاحب جن خود اڪيلا هئا، نه برادري ۾ ڪو ساٿ ڏيڻ جو، نه ڪو ٻيو. مولوي صاحب لاهور تڪ وڃي ڪري مسجد جو آرڊر آڻيندا هئا  ته هي هندو آرڊر رد ڪرائي ڇڏيندا هئا. هندن جو، مندر جو، لکين روپين جو چندو گڏ ڪيل هو، جو اڄ تڪ شهر  گڍڙه ۾ ڀٽ پئي آهي، جو مندر جو ڦوڙي ٿيل هو. ان کان علاوه ٻيو ٻني ٻارو، پئسي جي مدد هئي. مولوي صاحب کي قدرت واري جي مدد هئي. فقط چار آنه وڌ ۾ وڌ چندو هو. آخرڪار وڏي تڪليف کان پوءِ مسجد جو آرڊر ملڻ تي، مولوي صاحب آس پاس سندن دوستن کي احوال عرض ڪيو( جن مان ڪجهه نالا  مٿي ڏنا ويا آهن.)آخرڪار هڪ رات جي اندر ڪاٺيون اٺن تي آيون، راتو رات ۾ ڪاٺين جي کوڙ جي مسجد تيار ڪري، مولوي صاحب  سندس ساٿي جناب مرحوم مغفور قابل فقير کي فجر جي بانگ ڏيڻ جو حڪم  ڪيو. بانگ ٿي وئي. جيڪي موجود هئا سڀني لبيڪ جو نعرو هڻي چيو ته، اڄ شهادت جو ڏينهن آهي. مئاسون ته شهيد آهيون، نه ته غازي آهيون. الله جو شان، انهن  وٽ ڪو به هٿيار ڪونه هو، رڳو لبيڪ جو نعرو هو. هوڏانهن هندن وٽ هٿيار وغيره موجود هئا. صبح جو بانگ ٻڌڻ ۽ مسجد جي بنياد پوڻ جي خبر پوڻ تي هندن ۾ واو ويلا مچي ويو. هوڏانهن هندو لک جي تعداد ۾ ۽ هيڏانهن  چند مسلمان، بنا هٿيارن جي. قدرت رب جي، سندي ڪرم سان الله جو سندو گھر تيار ٿيڻو هو، ڪنهن جي جرئت ڪونه ٿي، هڪ هوائي فائر به ڪونه ٿيو. هي سال هو 1937ع جو. پوءِ مسجد  ۾ تقرير ۾  مولوي صاحب سڌو ٻڌائيندو هو ته، مرنداسون ڪڏهن نه ڦرنداسون. اي کولئو هوندئو، توهانکي همت ڪونه ٿيندي، اسان ڏانهن نگاهه ڪري ڪونه سگھندا. اسان جو الله، اسان سان حامي آهي. جيڪڏهن مري وياسون ته مشهور ٿيندا سون. آخرڪار مسجد جو ڪم شروع ڪرڻ جو پروگرام ٿيو. ان وقت سرون ڇور کان وينديون هيون.  اتان سرن جو بندوبست ريل گاڏي ۾ اچڻ جو هوندو هو. اوساري جو ڪم شروع ٿيو ته گڍڙه جي کوهن جو پاڻي، هندن بند ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته مسلمانن جو ڪو کوهه هو ئي ڪونه! ٻيو ته ڪو مسلمان شهر ۾ ڪونه هو. آس پاس کوهه گھٽ ۾ گھٽ پنج ڇهه ميلن تي هئا، اتان پخالن رستي پاڻي آڻي، ڪم  شروع ڪيائون. مولوي صاحب هلي، پنجاهه هندن جي پنئچائت هئي  اتي ويا. اتي ٺڪر ۽  واڻيا موجود هئا. مولوي صاحب سان اٿي عزت سان مليا.  مولوي صاحب چيو ته پاڻ هڪ ڳوٺ جا آهيون، هي مذهبي ڳالهه آهي، اسان مسلمانن جي مسجد آهي، توهان جو مندر آهي، هڪ عبادت گاهه آهي. اسان مسجد جو ڪم شروع ڪيو آهي، توهان مسجد جو پاڻي بند ڪيو آهي. اسان مسلمان آهيون، هي رب جو گھر آهي. جيڪڏهن کوهن جو پاڻي ختم ٿي ويو،  ڇو ته هي ٿر جو علائقو آهي، ته اسان ڇور مان پاڻي گھرائي به مسجد جو ڪم ڪنداسون. باقي لاءِ ياد رهي ته مسجد تيار ٿيندي.اسانجا مسلمان سندن مذهب مطابق ڪو ڪم اختيار ڪندا، توهان جي ڪابه حجت نه هلندي. ايتري قدر توهان کي اک پورڻ نه گھرجي. ان تي  سڄي پنچائت ۽ ٺڪر چوڻ لڳا ته اسان کي ڪا خبر ڪونهي، هي تٿ واريون ٿا، هنن ڪا حرامپائي ڪئي هوندي. توهان مولوي صاحب اڳ ٻڌايو ها، اڄ ئي توهان کي پاڻي ملندو، ڪو فڪر نه ڪريو، پاڻ گڏ ويٺا آهيون، ڀاءُ آهيون وغيره وغيره.

اهڙين تڪليفن هوندي به  مولوي صاحب ڪنهن به وقت پوئتي ڪونه هٽيا. آخرڪار مسجد جو ڀت جو  ڪم کڻي ڇت تڪ پهتا. ڇت جا گارڊر ٽيئر، جيڪي سڀ موجود هئا، ته مولوي صاحب جن تاريخ 8 محرم الحرام 1358 هجري، بمطابق مارچ  1939ع  تي  هن فاني دنيا مان رحلت ڪري، وڃي دارالبقاءَ پهتا. قالو انا لله وانا اليھ راجعون.

ان وقت سندن نالي گھر جو پلاٽ الڳ ۾ به هو ته مسجد لڳ، مدرسه لاءِ پلاٽ  به منظور ٿيل /مليل هئا، شهر گڍڙه جي مسجد لڳ.. مولوي صاحب ٽي پٽ، ٽي نياڻيون ڇڏي ويا. وڏي پٽ جي عمر چوڏهن سال هئي، ٻيا سڀ ننڍا هئا. ان وقت مولوي صاحب جي عمر 60 سال هئي، پاڻ سندس اباڻي ڳوٺ ميڙاسر ۾ فوت ٿيا ۽ سندس وصيعت موجب سندن ڳوٺ ميڙاسر ڀرسان جو اڄ مڪان ٿي ويو آهي، مولوي محمد حسن صاحب جي نالي مقام سڏجي ٿو ،اتي سندن آخري آرام گاهه  آهي. (قبرستان ’گجاسر‘ جي نالي سان به مشھور آھي ڇاڪاڻ ته اُتي گجاسر ٽوڀو موجود آھي).

مولوي صاحب جي وفات وقت حاضر ماڻهو  ۽ سندن وصيعت:

ان وقت ملڪ ۾ سخت ڏڪار هو،مولوي صاحب جا ٻئي ڀاءُ هڪ سانوڻ ۽ ٻيو قادربخش، مولوي صاحب جو دوست حافظ محمد اسحاق نهڙي جيتراڙ ، مولوي محمد موسى، سندس خليفه فقير قابل سڪندري ،حمزو هنن جو مامو حاضر هئا.

محرم الحرام جي شام جو مسجد  ۾ دوستن کي گھرائي، سندن چوڻ موجب  ٻڪري خيرات ڪئي وئي ۽ چيائون ته اڄ هي خيرات کائو، سڀاڻ صبح جو توهان کي موڪل آهي.

اهي ڳالهيون هلندي وصيعت ڪيائون ته مدرسه جي ڪم هلائڻ لاءِ ڪو  نٿو ڏسان، ڇوڪري محمد اسماعيل کي پئي پڙهايم، پر اڃان پوئتي آهي. مدرسي ۽ ٻارن جو الله واهي آهي. باقي لاءِ هڪ ڳالهه ته مڪان/قبرستان اڳي جتي وڃو ٿا تاملور، سو پري آهي. ڪو وقت اهڙو ايندو جو اُتي پهچي ڪونه سگھنداسين. تنهن ڪري منهنجو قبرستان هتي ڪجو ۽  في الحال قبر  کي لوڙهو ڏجو.  (ان وقت پاڪستان ڪونه هو،  اڄ اهو مڪان تاملور، هندوستان ۾ آهي).مسجد گڍڙه جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو آهي، جو ڪنهن به حالت ۾ پورو ڪرائجو. وڌيڪ چيائون ته هي الله جو بيت آهي، جڏھن امر ٿئي، پر ھي تمنا منهنجي دل جي رهجي ويئي آهي. اڃان به ڪي مدرسا ۽ وڏيون رٿائون هيون، پر  الله نگهبان.  ٻئي ڏينهن 8 محرم الحرام تي فجر جي  وقت،  پاڻ هن فاني دنيا مان لڏي، دار البقا پهتا. سندس چوڻ مطابق ڳوٺ جي ڀرسان سندن قبر آهي.

مولوي صاحب کان پوءِ گڍڙي جي مسجد جو ٿيل ڪم

ان وقت سندس پٽ محمد اسماعيل جي عمر ننڍي هئي،  هو استاد مولوي محمد موسي وٽ پڙهندڙ هو ته جناب مولوي صاحب محمد عبدالله سندس ڀائٽيو، ان وقت کپري جي ڀرسان ڳوٺ پٻڻ ۾ رهندو هو. جنهن استاد صاحب جي فوت ٿيڻ بعد، مسجد گڍڙه جو ڪم هٿ ۾ کنيو. مسجد جو ڇت تڪ بند ڪم، خيرن جو پورو ڪيو ويو.

محمد اسماعيل، مولوي صاحب کان پوءِ ڪجهه وقت پڙهي عمر ڪوٽ ۾ فائنل ڏيئي، ميڙاسر ۾  والد صاحب جي مدرسي  ۾ پڙهائي ڪندو رهيو. مولوي صاحب کان پوءِ جلد ئي محمد اسماعيل  جي نالي مڪتب 11 سيپٽمبر 1939ع تي رجسٽر ٿيو، جنهن ۾ هڪ نائب به مليو. اهڙي طرح مدرسه جو ڪم هلندو رهيو. آخرڪار هندستان ۽ پاڪستان ٿيا. هڪ ته  سخت ڏڪار هئڻ جي ڪري ۽   ٻيو 1971ع  واري جنگ سبب، ڳوٺ خالي ٿي  ويو  ۽ ھو سنڌ ۾  اچي، کاهي ۾ رهڻ لڳا. اتي کاهي لڳ حاجي فيض محمد مري جي مسجد ۾ تعليم قرآن هلندڙ آهي، جتي هو ديني خدمت ڪندو رهيو آهي.

مولوي صاحب جي وفات بعد به هندن ضد ڪونه ڇڏيو. هندستان، پاڪستان ٿيڻ بعد 1965ع جي جنگ لڳڻ وقت اوچتو شهر گڍڙه خالي ٿي ويو ۽ ميڙاسر ڳوٺ بارڊر تي هئڻ  ڪري خالي ٿي ويو. هندن انهيءَ  ضد ۾ مسجد گڍڙه کي بنياد سوڌو شهيد ڪري ويا ۽ مدرسي ميڙاسر  ۾ مولوي صاحب جا ڪتاب/ لائبريري سڀ کڻي ويا ۽ ڪتابن سان کوهه ڀري ڇڏيائون! ٻئي دفعي جنگ 1971ع ۾ مسجد گڍڙه ۽ مسجد ميڙاسر ٻئي شهيد ڪري ويا. مسجد گڍڙه جون بنياد جون سرون به کڻي ويا. مسجد ميڙاسر جا گارڊر، ٽيئر، دريون ۽ دروازا سڀ کڻي ويا. مطلب ته ايڏو ضد آخر تائين  رهيو.

هڪ نئون مثال: مسجد ميڙاسر جا گارڊر ٽيئر کڻڻ وارا قدرتي  طور هڪ ته چريا ٿي ويا ۽ ڪن جي حالت تمام خراب ٿيڻ لڳي. آخرڪار هو گھرن ۾ وڌل گارڊر، ٽيئر، در ۽  مسجد جون دريون ميڙ ڪري بارڊر پار ڪري  ڇڏي ويا.

ٻنهي جنگين ۾ مسجدن کي شهيد ڪيو ويو هو. محمد اسماعيل وري مسجدن کي تيار ڪرائي  آباد ڪرايو. اڄ سوڌو ٻنهي مسجدن جي مرمت فقير محمد اسماعيل ڪندو رهيو آهي. مسجد گڍڙه جامع مسجد آهي،  مسجد ميڙاسر الحمدالله صحيح نموني آهي. هن وقت تازو وري کولي، نئين سر ڪم ڪرايو پيو وڃي. جو اڳين جنگ دوران گارڊر ٽيئر صحيح نه هئڻ ڪري ڪاٺ جون پٽيون وغيره ضعيف  ٿي ويون هيون. هيئنر نئين سر گارڊر ٽيئر سان، نئين سر ڪم فقير محمد اسماعيل مسجد جو ڪم ڪرائي رهيو آهي،  جو هن ناقص جي ڪهڙي مجال آهي،  پر الله وارن جون دعائون آهن، جو هر وقت سندس فيض  عام ٿيندو رهيو آهي. 

 فقير محمد اسماعيل کانسواءِ  ٻين ٻن پٽن مان محمد يوسف پارسي تڪ علم حاصل ڪري، پوءِ گھر جي ڪم ۽  ڪاروبار جي ڪري وڌيڪ علم حاصل ڪري نه سگھيو ۽ حياتي  به وفا نه ڪئي  ۽ ھو 1993ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري دارالبقا پهتو. محمد يوسف وارو ڳوٺ رمضان شر لڳ ٻارھون ميل (ميرپورخاص کپري روڊ سان) ۾ رھڻ لڳا. محمد يوسف اُتي سُپردِ خاڪ ٿيل آھي. سندس پريوار به اُتي رھائش پذير آھي. ٽيون پٽ احمد خان، سنڌي فائنل ڪري، ماستر ٿي رهيو ۽ سندس اولاد سٺي تعليم حاصل ڪري سرڪاري ملازمت ۾ آهي ۽  اڄ عمرڪوٽ  رهائش پذير آهي. سائين احمد خان گجوراڻو اولياءُ قبرستان عمر ڪوٽ ۾ فقير محمد بچل مرحوم ۽ پنھنجي شھيد فرزند محمد اسلم جي ڀرپاسي ۾ سپردِ خاڪ ٿيل آھي. سندس اولاد محترم غلام رسول ۽ محترم محمد عثمان انجنيئر وارا مِرزا  مسجد لڳ عمرڪوٽ ۾ رھائش پذير آھن.

جملي جوڙي جمع ڪيم مٿي مختصر احوالا ،
قادر جي قدرت جو ڪريان ڪهڙو بيانا،
صاحب جي ساراهه جو حد نه حسابا،
امتي احمد ڄام جي کي ايڏو علم آگي ڪيو عطا،
علم ادب حڪمت محنت فيض مليو استادن وٽا،
 اهڙن استادن تي رحمت ڪري خدا اجل و اعليٰ،
آهيان پينار بڻيو گھڻو ٿو پنان پناها،
حاجي مون فقير اسماعيل جو آگا عرض اگھا،
مائٽن استادن عزيزن کي جنت جاءِ ڏجا،
موت ويل منهنجا ڌڻي مونتي ڪرم ڪلمي جي ڪجا.
 

]مٿي جيڪو لکيو ويو آهي،  بتاريخ 8 محرم 1414 هجري.

بقلم : محمد اسماعيل فقير سروري (عاشق محمدي)[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org