حاجي محمد عالم پلي جي مدرسي جو مختصر احوال
ھي ڳوٺ انگريز دؤر ۾ تروٽ کان به اڳ جو چيو وڃي ٿو.
اڳي جڏھن ‘ناري’ کي بند ٻڌل ڪونه ھئا ۽ سانوڻيءَ ۾
پاڻي جون ڇرون/ٻوڏون اچي ھتي پھچنديون ھيون، ان
وقت گھرن جو ماڻھو مختصراً سامان ۽ چوپايو مال
ڪاھي ٿر جي ڀٽن تي وڃي بسيرو ڪندا ھئا. ڪجهه پاڻي
لھڻ تي ساريون پوکي انھن جي سارسنڀال پيا ڪندا
ھئا. مولوي محمد حسن صاحب جي استاد، سائين محمد
علي جوڻيجي صاحب کي پلين ھتي آندو ۽ شروع ۾ ھتي
واري مدرسي ۾ پڙھندڙ شاگردن جي اڪثريت به پلين جي
ئي ٻڌائي وڃي ٿي. مولانا محمد علي صاحب ھتي ئي
1952ع ۾ وفات ڪري ويا. ابوالمڪارم حضرت مولانا
محمد علي عليه الرحمة جي رحلت کان پوءِ سندن موڀي
فرزند حضرت مولانا محمد اسحاق مدرسو
سنڀاليو..........
مولوي محمد حسن صاحب، جنھن مدرسي مان شروعاتي تعليم
پرائي ۽ سندن دستار بندي ٿي، اھو ’حاجي محمد عالم
پلي‘ وارو مدرسو، ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي عمر ڪوٽ
کان ايندي، (لطيف نگر) راجه رستي کان ڪجھه اڳتي،
ساڄي ھٿ تي واقع آھي. جتي سندس اُستاد مولانا محمد
علي جوڻيجو صاحب
جن ھئا. جوڻيجي صاحب جا وڏا اصل ۾ جيڪي مالوند ۽
ٻڪريون چاريندڙ مارو ماڻھو ڇاڇرو ننگر روڊ تي واقع
ڳوٺ داديو ھاليپوٽي جا ھئا. پر سندن جنم عمرڪوٽ
روڊ تي واقع ڳوٺ ڳموري ۾ ٿيو. ابتدائي کٿاب جي
تعليم پاڻ ڳموري جي مڪتب مان حاصل ڪيائون، جنهن
کان پوءِ ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي جو وڏيرو احمد
پلي کين پنهنجي ڳوٺ لڏائي وٺي آيو ۽ حضرت مولانا
محمد علي جوڻيجو صاحب کي اچي ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش
امام مقرر ڪيائون. جتي پاڻ ڳوٺ جي ٻارڙن کي قرآن
مجيد جي تعليم پڻ ڏيندا هئا، هن ڳوٺ جا سڀ پلي
مٽياري شريف جي حضرت عبدالرحيم جان سرهندي رحه جي
خاندان جا مريد هئا. حضرت پير غلام مجدد عرف حضرت
حاجي پيرزادو صاحب جن جڏهن به پنهنجي مريدن ۾
ويندا هئا ته ’پيش امام‘ سان ضرور ڪچهري ڪندا هئا.
پاڻ جڏهن حاجي محمد عالم پلي جي ڳوٺ ۾ منزل انداز
ٿيا ۽ مولانا محمد علي سان ڪچهري ڪيائون ته سندن
ذهانت کان متاثر ٿيا ۽ ڳوٺ جي وڏيري (غالبا سخي
محمد
پلي) کي حڪم ڪيائون ته مسجد ۾ ٻيو پيش امام مقرر
ڪري ۽ مولانا محمد علي کي قِرآني صاحب وٽ وڌيڪ تعليم ۽ دستاربندي لاءِ
موڪليو پر سندس پگهار جاري رکو پوءِ حضرت مولانا
محمد عثمان قِراآني وٽان مولانا محمد علي جوڻيجو
صاحب چئن سالن ۾ عربي جي اٺن سالن جو ڪورس مڪمل
ڪري دستاربند ڪري آيا. جنهن بعد کين ڳوٺ ۾ مدرسو
کولي ڏنو ويو، جتي وٽن ڪيترائي طالب العلم پڙهي
عالم سڳورا ٿي نڪتا.
مولوي محمد حسن صاحب ھتي پھرين يا ٻئي جماعت جا
شاگرد ھئا. ميڙاسر جو ئي ھڪ ٻيو ڪنڀار مولوي
خيرالدين ولد اختيار به اڳ ۾ ھتان پڙھي چڪا ھئا.
جن جا پونئر/پوٽو آدم ولد لکا ڏنو ھن وقت ’ڪُتھڙ‘
۾ ويٺل آھن. ان کان اڳ ھتي ڀرپاسي ۾ مدرسا رڳو
ولھيٽ (عمرڪوٽ روڊ تي) ساندن جي ڳوٺ ۽ وھري شريف ۾
لڳ عمرڪوٽ مولوي ميئين نور محمد ڪيرئي جو مدرسو
ھوندو ھو. مولوي محمد حسن ميڙاسيري صاحب جن کان
علاوه ھتي جي ٻين نالي وارن شاگردن ۾ مولانا غلام
محمد ڪيريو، مولوي عبدالخالق پلي، محمد نوح آريسر،
مولوي محمد مبارڪ اثيم، مولوي جلال، اپر سنڌ جو
مولوي عمرالدين، محمد اسمٰعيل جوڻيجو وغيره شامل
آھن.
1970ع واري ڏھي ۾ هِتان جي هردل عزيز ميمبر صوبائي
اسيمبلي جناب خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي صاحب
مولانا محمد علي جي فرزند مولوي محمد ادريس جوڻيجو
صاحب کي پوسٽ آفيس، اورينٽل ڪاليج (مدرسه
دارالعلوم اورينٽل ڪاليج جي محمد عالم پلي) کولائي
ڏنو، هن ڪم ۾ سائين محمد عمر معمور يوسفاڻي صاحب
پڻ مولوي محمد ادريس صاحب جا مددگار ۽ ساٿي رهيا.
بعد ۾ خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ صاحب هن ڳوٺ ۾ مڊل
اسڪول
پڻ
منظور ڪرائي ڏنو، هنن تعليمي ادارن مان ٿر ۽ ناري
جا ڪيترائي طالب العلم پڙهي روزگار کي پهتا، وڏا
عهدا ماڻيائون ۽ سنڌ جي مختلف شعبن ۾ خدمت ڪيائون
۽ اهو سلسلو اڃان به جاري ۽ ساري آهي م.د اورينٽل
ڪاليج
حاجي محمد عالم پلي
جو پرنسپال مولوي محمد اسحٰق جوڻيجو صاحب کي مقرر
ڪيو ويو. مولوي محمد اسحٰق صاحب پنهنجي تعليم
مولوي عبدالخالق پلي وٽ مڪمل ڪري دستاربندي ڪئي.
مولوي عبدالخالق پلي مرحوم پنهنجي استاد جي فرزند
کي دستاربندي ڪرائڻ تائين هن مدرسي ۾ مدرس اول
رهيا. بعد مولوي محمد ادريس جوڻيجو صاحب مولوي
محمد اسحٰق وٽ دستاربندي ڪئي. مولوي عبدالخالق پلي
صاحب جي پوٽي ۽ ڀائٽي مولوي عبدالقيوم پلي ولد
حمزو پلي ۽ مولوي عبدالحميد ولد معمور يوسفاڻي
پلي، جناب مولوي محمد ادريس جوڻيجو صاحب کان حديث
پاڪ جي سند حاصل ڪئي. مولوي محمد ادريس صاحب بعد ۾
م.د اورينٽل ڪاليج جا پرنسپال مقرر ٿيا، پاڻ مرحوم
پروفيسر الهوسايو راڄڙ ولد حاجي مولا بخش راڄڙ ۽
محترم حاجي علي مراد راڄڙ (سابق ميمبر سنڌ اسمبلي)
کي ڪاليج جي اعزازي پروفيسرن طور پڻ شامل
ڪرايائون. جناب مولانا محمد ادريس صاحب جون تعليمي
خدمتون هن علائقي ۾ هميشه ياد رکيون وينديون.
پاڻ ھن وقت 80 سالن جا آھن، پر اعزازي پرنسيپال جي
ذميواري احسن طريقي سان پوري ڪري رھيا آھن.
سائين محمد علي جوڻيجو صاحب نه صرف اھو ته مدرسي ۾
عالم پيدا ڪيا، بلڪه پاڻ جميعت علماءِ اسلام ۾
سرگرم ھجڻ سبب، خلافت تحريڪ ۾ به حصو ورتائون.
حضرت مولانا محمد عثمان قِرآني صاحب جي وفات بعد
مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب مدرسه قرآني جا ڪجهه
وقت مُدرسِ اول پڻ رهيا ۽ مدرسي جو ڪاروهنوار
سنڀاليائون.
ان لحاظ کان لڳي ائين ٿو ته مولوي محمد حسن ميڙاسري
به خلافت تحريڪ ۾ ھئا، ڇو جو ھو سندن خاص شاگردن ۾
شامل ھئا. جڏھن ميڙاسر ۾ مولوي محمد حسن صاحب جو،
پنھنجي برادري سان، ڪن معاملن تي اڻبڻت ٿي ته،
مولوي صاحب، ميڙاسر جي ڪنڀارن کي مڃائڻ لاءِ،
پنھنجي اُستاد مولوي محمد علي جوڻيجو صاحب کي،
اوڏانھن وٺي ويا، پر بقول سائين محمد ادريس صاحب
جي ته ڪنڀارن ڳالھه نه مڃي! ادريس صاحب چون ٿا ته
مولوي محمد حسن وڏو ماڻھو ھو، ھن جا وڏا ڪم ۽
ڪارناما ھئا، پر ڪنڀارن قدر نه ڪيو. ڪجھه عرصي بعد
ميڙاسر ڦٽي ويو، ڪنڀارن جي اڪثريت لڏي وئي، باقي
وڃي ھڪ ٻه گھر بچيا! شايد مولوي صاحب جي آھه
ميڙاسر کي مچڻ، نه ڏنو!
محمد عثمان قِراني صاحب جن جو ڳوٺ
عمر ڀنڀرو وارو
مدرسو
مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب عالم پلي واري مدرسي
بعد جتي تعليم حاصل ڪئي، اھو مدرسو ھو مولانا محمد
عثمان قِراني صاحب جن جو، ڳوٺ عمر ڀنڀري وارو
مدرسو. ھي مدرسو عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي عالم پلي
واري مدرسي کان عمرڪوٽ کان ميرپورخاص ويندي 35 کن
ڪلوميٽرن بعد، بچاؤ بند کان پوءِ ڏکڻ ڏانھن مڙندڙ
ساماري واري روڊ تي 10/12 ڪلوميٽرن تي، عمرڪوٽ
ضلعي جي تعلقي پٿوري يونين ڪائونسل ٻَريجي ديھه
پِروڙ ۽ تپي ٻريجي ۾ واقع آھي. واضح رھي ته تعلقو
پٿورو انگريز دؤر ۾ به ھو، جنھن کي بعد ۾ سامارو
تعلقو ٺاھيو ويو ۽ ھن وقت وري تعلقو پٿورو ۽ تعلقو
سامارو ٻه الڳ الڳ تعلقا ٺاھيا ويا آھن. ھي مدرسو
محترم حافظ ڄا۾ ولد صوڀي
ڀنڀرو
1878ع ۾ قائم ڪيو ھو، جنھن کي بعد ۾ سندن لائق
فرزند حضرت مولانا محمد عثمان قِراني صاحب جن اوج
تي پھچايو. حافظ ڄام جي پڙپوٽي
مولانا نور محمد ولد عبدالوھاب ڀنڀرو جن جي بقول
ته لفظ قِراني، قِران مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ
آھي ‘بخت وارو’. علم نجوم مطابق زھره سيارو ۽
مشتري جي پاڻ ۾ ملڻ وقت جيڪو ٻار پيدا ٿيندو آھي،
اھو وڏو بخت وارو ھوندو آھي. مولانا محمد عثمان
صاحب کي قِراني وارو لقب سندن مٽياري واري استاد
محترم مولانا لعل محمد مُتعلوي جن پاران عطا ٿيل
ھو. محمد عثمان صاحب شروعاتي تعليم ڀرسان واقع ڳوٺ
جڳو ڀرڳڙي مان حاصل ڪئي، جتي اڳ رند رھندا ھئا.
انھن رندن مان اُميد علي رند جي نالي ئي ھي ڳوٺ
انگريز دؤر کان رڪارڊ تي موجود آھي. ان وقت ھتي
جڳو ڀرڳڙي ۾ ٺڪر، واڻيا ۽ سک اڪثريت ۾ آباد ھئا.
جڏھن ته ڀنڀرا ھتي ڊينڱاڻ ڀرگڙي کان آيل مالوند
ماڻھو چيا وڃن ٿا. انھن مان ھر ھڪ وٽ 3/4 سئو ڍڳين
جو ڌڻ ھوندو ھو. ھو مال سانگي جُو ڏسي ھتي آيا ۽
پوءِ ھتي جا ٿي ويا. واضح رھي ته ڊينڱاڻ نالي ٻه
ڳوٺ آھن. ھڪ ‘ڊينڱاڻ پلي’ جيڪا شادي پلي کان پنج
ڇھه ڪلوميٽر اولھه ۾ واقع آھي ۽ ٻئي ڊينڱاڻ ڀرگڙي،
جيڪا ڪوٽ غلام محمد ۾ آھي. جتي جو سائين غلام محمد
ڀرگڙي برِصغير جو وڏو نالي وارو سياسي رھنما ٿي
گذريو آھي. محمد عثمان صاحب جن، اتفاق سان انھي
رات ڄاوا ھئا، جنھن رات سندن وڏا ھتي اچڻ لاءِ
لڏپلاڻ ڪري رھيا ھئا. پاڻ جڳو ڀرڳڙي مان ابتدائي
تعليم پرائڻ بعد، سائين خادم علي شاھه ۽ علي نواز
شاھه وارن جي آباڻي ڳوٺ ‘کُنڀڙي’ جيڪو لاکو شاھه
به سڏجي ٿو مان حاصل ڪئي. ان بعد پاڻ ٽنڊي غلام
علي مان تعليم حاصل ڪئي، اتان کان پاڻ لاڙ ٽنڊي
محمد خان ۽ نانگي شاھه ۾ مولانا خير محمد مگسي جن
وٽان به تعليم پرايائون ۽ فائينل يا دورِحديث پاڻ
مٽياريءَ ۾ قاضي لعل محمد مُتعلوي جن وٽان مڪمل
ڪيائون ان بعد پاڻ دارالعلوم ديوبند ويا، جتي شيخ
الھند محترم محمود الحسن وٽ به ھڪ سال حديث پڙھيا.
جنھن بعد پاڻ آباڻي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ جو سلسلو
شروع ڪيائون ۽ 1936ع ۾ سفرِ آخرت تي راھه رباني
وٺي روانا ٿيا! ھن علائقي ۾ اڳي رام جاڳو ۾ ئي
قبرستان ھو، پر محمد عثمان صاحب جن وصيت ڪئي ھئي
ته کين سندن مدرسي ڀرسان رکيو وڃي، جتي سندن آخري
آرامگاھه موجود آھي.
ھتي جي ڪجھه نالي وارن شاگردن ۾ مولانا محمد علي
جوڻيجو، مولانا محمد حسن ميڙاسري، محمد اسماعيل
لغاري مِسڻ وڏي، مولانا جان محمد نوھڙي ڪيتار،
مولوي عبدالله سمون (سال وارو)، قاضي نور محمد پلي
ڊيٻو، وڏيرو محمد سگهو، مولانا ثناالله آريسر ڇور،
مولوي عبدالخالق پلي، مولانا محمد صالح سھتو لڳ
صوفي، غلام رسول چانڊيو
دڙيلو
لڳ ڪنري، مولانا غوث محمد ڀرڳڙي لڳ آراڙو، (ھتان
کان 7 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾) لطف علي دَل لڳ شادي پلي موڙ
وغيره جا نالا قابلِ ذڪر آھن. ھن مدرسي جا شاگرد
بلوچستان، سڄي سنڌ، جوڌپور ۽ خاص ڪري ھند ۽
پاڪستان واري ٿر ۾ اڪثريت ۾ ھئا. محمد عثمان
قِراني صاحب جن جميعت علماءِ اسلام ضلعي ٿرپاڪر جا
تاحيات امير رھيا.
ھي مدرسو اڄ به قائم دائم آھي. جنھن کي محترم نور
محمد ڀنڀرو صاحب جن ڏاڍي محنتن سان ھلائڻ سان گڏ
غلط ريتن رسمن خلام جھاد به جاري رکيو اچن. ھن
مدرسي جي ھڪ خاص ڳالھه ھتي جي شاندار لائبريري به
آھي، جنھن ۾ ٻين ناياب ۽ اھم ڪتابن سان گڏ تمام
پراڻا قرآن شريف جا ناياب قلمي نسخا به موجود آھن
ته ‘خرمُھوره’ واري پٿر جي تسبيح به ڏسڻ وٽان آھي.
جيڪا ھتي
مرحوم مولوي
محمد عثمان
قِرآني
جي دور کان موجود آھي. سائين نور محمد جي بقول ته سندن چاچي ۽ اُستاد
محمد سعيد کين ٻڌايو ته ھي تسبيح قِراني صاحب
پاران مديني شريف مان، مختلف دُڪانن تان، ڪٿان پنج
ڪٿان ڏھه داڻا ڪري خريد ڪئي وئي ھئي. قِراني صاحب
نه صرف عالم ھئا، بلڪه سائين محمد ادريس جوڻيجو جن
جي بقول ته وڏا حڪيم به ھئا. انھن وٽ ويھارو کن
اھڙا اھم طبي نسخا ھئا، جيڪي رڳو انھن وٽ ئي ھئا،
ٻئي ڪنھن وٽ به ڪونه ھئا. اڳين مدرسن ۾ حڪمت جو
درس به ڏنو ويندو ھو.
ڪجھه ذڪر جڳو ڀرڳڙي ۽ رام جاڳو جو:
ھن تر ۾ جڳو ۽ جاڳو نالي ٻه الڳ الڳ ڳوٺ ۽ بزرگ
مشھور آھن، جن مان ھڪ جڳو ڀرڳڙي ۽ ٻيو رام جاڳو.
سائين نور محمد ڀنڀري جن جي بقول ته رام جاڳو اصل
۾ ٺڪر ھو (واضح رھي ته ٺڪر ھتي اڪثريت ۾ آباد ھئا)
شايد رام سندس نالو ھو ۽ جاڳو سندس ‘پاڙو’ ھو،
جيڪو ٺڪرن جو ھڪڙو پاڙو آھي. بعد ۾ ھو مسلمان ٿيو
۽ سندس نالو عبدالرحمٰن رکيو ويو. سندس تعلق ملتان
جي مرشدن سان ھو. ھي بزرگ ڪلھوڙا دؤر جو چيو وڃي
ٿو. جيڪو عمر ڀنڀري ۽ جڳو فقير/جڳو ڀرڳڙي کان اٺ
کن ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ ساماري روڊ تي تعلقي عمر
ڪوٽ ميرپورخاص روڊ کان ڏکڻ ۾ 15 کن ڪلوميٽرن تي
تعلقي ساماري، يوسي صالح ڀنڀرو، ديھه ۽ تپي رام
جاڳو ۾ واقع آھي. ھتي جي ھڪ جھوني علي حسن کوسو
ولد ٽنڊو خان جي بقول ته رام جاڳو انگريز دؤر ۾
ھتي وڏي مدرسي ھلڻ، انگريزن جي عملدار پاران ڍل
گھرڻ استادن پاران رڳو ٻارن جي پاڻي پيئڻ تي ڍل نه
ڏيڻ وغيره جو روايتون به ملن ٿيون. رام جاڳو ھڪ
وڏو قبرستان به آھي، جنھن جي انگريزن پاران مليل
112 ايڪڙ ايراضي به ٻڌائي وڃي ٿي جڏھن ته ھتي سنڌ
جي حڪمران مير شير محمد جي خاندان جي مير مبارڪ
علي خان جي قبر، نئين ڪوٽ واري سيد راضي شاھه وارن
سيدن جون قبرن کان علاوه ڀرڳڙين، ڀنڀرن، ٽالپرن،
پلي، آريسر، سمن، شرن، کوسن ۽ ٻين ذات وارن جو به
قبرستان آھي. جڏھن ته ھتي ھڪ ٻيو بزرگ آھي ۽ ڳوٺ
به آھي، جيڪو جڳو فقير/جڳو ڀرڳڙي جي نالي سان
مشھور آھي. جڳو ڀرڳڙي جو ڳوٺ، عمر ڀنڀري کان ھڪ کن
ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ۽ جڳو فقير جي قبر ساڳي روڊ تي ٽي
کن ڪلوميٽرن تي واقع آھي. جتي ھڪ ٻي قبر به آھي،
جيڪا سندس گھرواري يا ساٿي جي چئي وڃي ٿي. جڳو
فقير ڪير ھو ۽ ڪٿان آيو، بابت ڪابه روايت نه ٿي
ملي. جڏھن ته ھتي جڳو ديھه به آھي، جنھن سان ھن
ڳوٺ ۽ بزرگ جي قدامت جو اندازو ٿئي ٿو. ھتي ديھه
ته ‘چڱو’ آھي پر رڪارڊ موجب ڳوٺ اُميد علي رند جي
نالي چيو وڃي ٿو، جنھن جا پونئر اڄ به ھتي موجود
آھن. پوءِ ھتي جڏھن ڀرڳڙي آيا ته ڳوٺ مشھور ٿيو
‘جڳو ڀرڳڙي’! بھرحال
ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت، ضرور محسوس
ٿئي ٿي.
گڍڙي جي مسجد ۾ تعاون ڪندڙن جو مختصر احوال
ٿر جي لحاظ کان گڍڙي واري مسجد جو راتو رات قائم
ٿيڻ يقيناً ھڪ وڏي ڳالھه ۽ وڏو ڪارنامو ھو، جيڪو
مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب ھٿان مڪمل ٿيو. ان
نيڪ ۽ تاريخي ڪم ۾ مولوي صاحب کي ڀرپاسي جي ڪيترن
ئي تڙن/ڳوٺن جي پٽيلن، مُکن ۽ سرنديءَ وارن جي
اخلاقي ۽ افرادي مدد سان گڏ مالي مدد به حاصل ھئي.
مزي جي ڳالھه ته مدد يا ڦوڙي کي اڄ به نالي واري
راڳي شفيع فقير جو 99 سالن جو والد مولا بخش ولد
قائم الدين فقير ’بِراڙ‘ (وراڙ) سڏي ٿو. (انھيءَ
مضمون جو راوي به مولا بخش فقير ئي آھي. ھن نوانوي
سالن جي جھوني پنھنجي يادگيري جي آڌار جيترا نالا
ذھن ۾ آيا، اوترا ھن ذھن تي زور ڏئي لکرايا.)
شايد ان وقت ڦوڙي جمع ڪرڻ لاءِ اھو نالو ئي
استعمال ٿيو ھجي. واضح رھي ته مسجد جي قانوني جواز
لاءِ، گڍڙي جي مڱڻھار فقيرن کي ئي بنياد بڻايو ويو
ھو. ڇو جو انھن جي گڍڙي ۾ مسلمان آبادي ھئي. گڍڙي
جي اھا تاريخي مسجد 1965ع واري جنگ ۾ ھندستاني فوج
جي سک سپاھين ھٿان شھيد ڪئي وئي، جنھن کي مولا بخش
۽ سندس والد قائم فقير ’براڙ‘ ڪري، ٻيھر تعمير
ڪرايو. جڏھن ته انھيءَ جنگ ۾ ھي فقير به گرفتار ٿي
ھندستان ھليا ويا، جيڪي تاشقند جي معاهدي بعد آزاد
ٿي واپس وريا ھئا. مولا بخش جي بقول ته ان وقت
گڍڙي ۾ اھا ڦوڙيءَ/مدد/بِراڙ گوگاسر، ميڙاسر،
اُڻند، نوپاٽ، ڪڪراڙو، ڪانڪايو، وئڻي جي ويري،
موسي جي ڍاڻي، جوڳي ويرو، عيداڻي، مَھاڏان سميجي
جو ڳوٺ، سکي سيار وغيره وارن تڙن/ڳوٺن مان ڪئي
وئي.
ان وقت گڍڙي ۾ مڱڻھارن جا 30 کن گھر ھئا، جن ۾
سبحان، ڪلو، قائم الدين، ويرسي، دين محمد، محمد
صديق، سھراب، رمضان، مصري، وسايو، درياخان، نَنگو،
سَچو، شادي، اڪبر، جمال الدين، عظيم (ٻه) پرڀو،
قادربخش وغيره شامل ھئا. مولوي صاحب جي مدد قائم
الدين ۽ حاڪم جي ڏاڏي ويرسي ڪئي. انھن تي جڏھن
ٺڪرن جو گھڻو بار پيو ته انھن چيو اسان ھتان لڏي
وينداسين ۽ وڃي ڪڪراڙي ۾ ويٺل سميجن جا پٽڪو ٻڌ جا
فقير ٿينداسين، پر مسجد جي ڪم کان پوئتي ڪونه
ھٽنداسين.
گوگاسر جيڪو نوھڙين جو تڙ ھو ان مان لطيف نوھڙي، ڪريم داد جو والد
الھه ڏنو، خيرالدين، کنگھار ۽ سالڪ نوھڙي وغيره
شامل ھئا.
ميڙاسر ڪنڀارن جو ڳوٺ ھو، ان مان ميان الياس،
گھرام ڪنڀار، حاجي نور محمد حاجي الھه بچايو جو
والد، دائم ۽ حمزو وغيره جي مدد شامل ھئي.
اڻند به ڪنڀار جو تڙ ھو، جنھن مان محمد ھاشم،
مجيد، ڀلي ڏنو ۽ جلال وارا بِراڙ ۾ شامل ھئا.
نوپاٽ راھمون جو تڙ ھو، ۽ ان مان غلام
راھمون، وارث راھمون، عباس سلطان ۽ سليم جي مدد
شامل رھي. ڪڪراڙو ۾ سميجا برادري آباد ھئي، جن ۾
محمد، جلال، مھينلو/مينھل، خميسو، ساحل،
شيرو/شيرمحمد، سُوجو ۽ ڪاڇٻو شامل ھئا.
ڪانڪايو ۾ راھمون آباد ھئا. انھن ۾ دينو والد
راڻو، دينو مراد، جلال سميجو، پنھون ماستر مجيد ۽
امَر گجو وارن وس آھر مدد ڪئي.
وئڻي جي ويري به راھمن جو ڳوٺ ھو، جتي جي
خيرالدين، سراج الدين، امام، گڍو بلالاڻي ۽ ھارون
وغيره وارن بِراڙ ۾ حصو ورتو.
موسي
جي ڍاڻي ۾ راھمان رھندا ھئا. جن ۾ موسو، ڦولو،
بڻڇو ۽ دائم ڦوڙي ۾ حصو ورتو.
جوڳي ويرو ڳوٺ سميجا برادري جو ھو. اتي جي ڪمال، شفيع محمد، امام، ڏنو
۽ معروف سميجو وارن مولوي صاحب جي مدد ڪئي.
عيداڻي به راھمن جو ڳوٺ ھو جتي جي حڪيم، جمعو،
سراج الدين ۽ لاکي راھمون وارن جي به مسجد جي
معاملي ۾ مدد حاصل رھي.
ڳوٺ مھاڏان سميجن جو ڳوٺ ھو جتان قاسم، عبدالرحيم/عدلو، ريشم جا پُٽ
رمضان ۽ ولي محمد، وارن به مسجد جي بِراڙ ۾ حصو
ورتو.
سکي سيار به سميجن جو ڳوٺ ھو اُتان سکي سميجو،
لاکو، خميسو، عبدالله، شاھه علي نوھڙي، پنگريو
نوھڙي، جلال سميجو، سمڌو سميجو ۽ مريد وارن مدد
ڪئي.
اھڙي طرح اھا مسجد سڀني راڄن وارن جي مدد سان راتو
رات مڪمل ٿي، جنھن جي ڳالھه اڄ به ڳائجي رھي آھي.
(16-10-2016 نيو ڇور، عمرڪوٽ)
سائين محمد قاسم راھمون (ساڪري)
جي روايت
سائين مولوي محمد حسن پاران گڍڙي ۾ مسجد ٺاھڻ جي
حوالي سان، ڇاڇري جي ڳوٺ ’ساڪِري‘ جي ساڪن ۽
”ڀٽائي جو گنج“ جي مرتب، محترم محمد قاسم راھمون
ساڪري ولد ڪمال فقير، تمام اھم ڳالھيون ٻڌايون.
جيڪي ھُن 105 سالن جي ڄمار ۾ 2004 ع ۾ گذاري ويندڙ،
فقير محمد علي راھمون کان ٻڌيون ھيون، جيڪو سائين
قاسم صاحب جي ڏاڏي جو ڀاءُ ھو. سائين موجب ورھاڱي
کان اڳ ’رام سنگھه گڍڙي‘ وڏو عروج ڏٺو ھو ۽ هي
گڍڙو، انھيءَ پاسي وڏو واپاري مرڪز بڻجي اُڀريو ھو.
حيدرآباد کان مختلف قسمن جو واپاري سامان مٺي کان
اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ ڏاھلي وغيره کان ٿيندو گڍڙي
پھچندو ھو ۽ اُتان پوءِ موجوده ھندوستان واري پاسي
ٻاڙمير، جئپور، جوڌپور ۽ پارنو وغيره کان ٿيندو
اڳتي ويندو ھو. واپاري مرڪز کان علاوه گڍڙو ٺڪرن
جي ٺاٺ باٺ ۽ شان و شوڪت جوبه وڏو مرڪز ھو. هي
گڍڙو رام سنگھه ٺڪر پٺيان، رام سنگھه گڍڙو سڏبو
ھو. ھندو مسلمان سڀئي ٺڪرن کي، سندن روايتي سلام
’مُجوروسا‘ ڪندا ھئا. ٺڪرن جي مرضي بنا ڪو به ڪم
ٿي نه سگھندو ھو. هتي ٺڪرن کان سواءِ مسلمانن جون
به مختلف ذاتيون رھنديون ھيون. جن ۾ سما، گجو،
راھمون، نوھڙي، سومرا، حجام ۽ سميجا وغيره شامل
ھئا. ڪنڀار وڏي تعداد ۾، پر گڍڙي جي پس گردائيءَ ۾
مختلف ڳوٺن ۾ آباد ھئا. گڍڙي وارو هي علائقو ، ٿر
جي جاگرافيائي ورھاست موجب، ’کائڙ‘ ۾ شامل آھي.
اُن وقت کائڙ جا مسلمان ديني لحاظ سان تمام گھڻا
ڪمزور ۽ پوئتي پيل ھئا. وقت جي قانوني لکت موجب ته
سڀ ڪو برابر ھو، پر انگريزن جو جھڪاءُ مسلمانن
ڏانھن مڙئي گھٽ ھو! اُن وقت گڍڙي ۾ مسلمانن کي
عبادت لاءِ مسجد جي ضرورت ھئي، پر اھا ٺاھڻ ڪا
آسان ڳالھه ڪونه ھئي. اُن وقت هتي مسجد ٺاھڻ تمام
وڏو ۽ اھم ڪم ھو. جنھن جي ٺاھڻ جو ڪو تصور به نٿي
ڪري سگھيو! قانون مطابق ته ھندو مسلمان سڀ برابر
ھئا، نه مسلمانن کي مسجد ٺاھڻ جي منع ھئي ۽ نه ئي
ھندن کي مندر ٺاھڻ کان ڪو روڪي ٿي سگھيو، پر عملي
طرح ائين ھو ڪونه. ھتي مسلمانن جي وڏي آبادي ھجڻ
باوجود، اھڙو ڪوبه ماڻھو ڪونه ھو، جيڪو ٺڪرن کان
مھاڏو اٽڪائي ۽ ھتي مسجد ٺاھڻ لاءِ اڳيان اچي!
اھڙي وقت ۾ مولوي محمد حسن ميڙاسري کي الله سائين
توفيق ڏني ۽ پاڻ گڍڙي ۾ الله جو گھر تعمير ڪرڻ جو
پڪو پھه ڪيو. مسجد ٺاھڻ جو ڪم قانوني طرح ڪرڻ لاءِ
۽ قانون جي مدد وٺڻ لاءِ مولوي صاحب، ڪليڪٽر
ميرپورخاص وٽ ويو. ڪليڪٽر صاحب وٽ، مولوي صاحب جا
مدلل دليل ٻڌڻ کان پوءِ، مسجد ٺاھڻ جي اجازت ڏيڻ
کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو ۽ ھُن اھڙو خط
ڇاڇري جي مختيارڪار ڏانھن لکي، مولوي صاحب کي ڏنو.
مولوي صاحب ڪم جي نزاڪت ۽ ٺڪرن جي اثر رسوخ کي
سمجھيو ٿي، اُن ڪري انھيءَ ڪم کي راز ۾ رکندي به
ڪم ۾ ڏاڍي تيزي ڏيکاريندي، وڃي مختيارڪار ڇاڇري
سان مليو. جيڪو اُن وقت گاڏي کاتي حيدرآباد جو
رھندڙ نيڻو مل نالي ديوان ھو. نيڻو مل، مولوي صاحب
سان ملي ۽ ڪليڪٽر جو خط ڏسي، سپروائيزر (جيڪو اُن
وقت اسلام ڪوٽ جي ڀرپاسي جو هڪ مسلمان ھو) ۽ ٻن
سپاھين کي ساڻ ڪري، ٻن سرڪاري اُٺن ۽ گھوڙن تي
گڍڙي ڏانھن روانو ٿيو. هن قافلي ۾ مولوي صاحب،
ڪنھن دوست جي اُٺ تي ھو، جنھن تي ساڻس اُٺ وارو
سوار به گڏ ھو. (اوٺي جو نالو؟) هي قافلو شام جو
وچين نماز ڌاري رستي ۾ ايندڙ ڳوٺ ’ساڪِري‘ ۾ فقير
غلام محمد راھمون وٽ سندس اوطاق تي پھتو. غلام
محمد فقير، قاسم صاحب جي ڏاڏي جو والد يعني قاسم
صاحب جو پڙڏاڏو ھو. فقير غلام محمد صاحب 1357 ھه ۾
وفات ڪئي. ساڪري ڳوٺ ڇاڇري کان چاليھه پنجيتاليھه
کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڇاڇري ۽ گڍڙي جي تقريباً
وچ ۾ واقع آھي. سائين محمد قاسم ٻڌائي ٿو ته، فقير
محمد علي جي بقول، فقير غلام محمد راھمون، مولوي
محمد حسن صاحب کان ھڪ وظيفو به ورتو ھو، جيڪا
ياسين شريف جي ھڪ آيت ھئي. محمد قاسم صاحب وڏڙن
کان ٻُڌل ڳالھين آڌار مولوي صاحب متعلق
وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته، مولوي محمد حسن صاحب جا وار ڪنن
تائين ڊگھا، سفيد پٽڪو، والين واري قميص، وڏي ھمٿ
وارو، روعبدار شخصيت جو مالڪ سُريلو بزرگ ھو.
مختيارڪار سياڻو ۽ زماني جو ماڻھو ھو، جيڪو گڍڙي
جو ماحول ۽ ٺڪرن جو نمونو ڏسي سمجھي ويو ته ڳالھه
قانوني برابر آھي، پر اُن تي عمل ڪرائڻ ڏکيو آھي.
اُن ڪري ھُن مولوي صاحب کي چيو ته جي توھان ۾ ھمٿ
آھي ته راتو رات مسجد ٺاھي ڏيکاريو، ته جيئن آئون
سڀاڻي توھان کي مسجد جي اجازت، لکت ۾ ڏئي پوءِ
وڃان. مولوي صاحب پاران مسجد راتو رات ٺاھڻ واري
ڳالھه قبول ڪرڻ تي، مختيارڪار جيڪو اُن وقت تمام
وڏو سرڪاري عملدار ليکيو ويندو ھو، سو اھا رات
ڀرپاسي جي ڪنھن ڳوٺ ۾ (؟)رھي پيو. مولوي صاحب
پنھنجي ساٿين جي مدد سان راتو رات مسجد ٺاھي
ڏيکاري! مسجد ٺھڻ تي مختيارڪار اھڙو خط مولوي
صاحب کي ڏيندي، ٺڪرن کي چيو ته انگريز سرڪار جو
حڪم آھي، ھاڻ ڪنھن ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ته اھو
سزا
کائيندو. مسجد ٺاھڻ واري اها ڳالھه تمام جلد، پري
پري تائين پکڙجي وئي. گھڻن کي ته اُن تي يقين به
نٿي آيو! ڇو جو اها ڳالھه هئي ئي اڻ ٿيڻي برابر. بقول
سائين محمد قاسم جي تي اسان کي گڍڙي ۾ مولوي صاحب
پاران راتو رات مسجد ٺاھڻ واري خبر، ٻئين ٽئين
ڏينھن، ھڪ عزيز حاجي موسي راھمون (عمرڪوٽ ۾ حج
عمري جو ڪم ڪندڙ حاجي
محمد حنيف
الزھري جو ڏاڏو) ذريعي پئي، جيڪو اُن وقت انڊيا
واري پاسي ’ڪاٺي جي ويري‘ جو رھندڙ ھو ۽ مسجد ٺھڻ
جي ھڪ ٻن ڏينھن بعد ميڙاسر ۾ پنھنجي ھڪ عزيز حاجي
ٻڍو راھمون (نور محمد، مير محمد ۽ شير محمد وارن
جو والد) سان گڏ، مولوي صاحب جو مھمان ٿيو ھو ۽
گڍڙي واري مسجد ۾ پاڻ نماز به پڙھي ھئائين. حاجي
موسو ڀاڳيو ھو، وٽس الله جو ڏنل مال ڀٽارو جام ھو.
جنھن کان مولوي محمد حسن صاحب سندس مال ملڪيت
بابت پُڇا ڪرڻ کان پوءِ کين
زڪوات
ڏيڻ ۽ حج جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ ھدايت ڪئي. جنھن
کان پوءِ ھو، ٻُڍي راھمون سان گڏ، مولوي صاحب جي
چوڻ تي وڃي حج ڪري آيا. اُن وقت هِن پاسي حج ڪرڻ
جو ڪو ايترو گھڻو رواج ڪونه ھو!
سائين محمد قاسم صاحب، مولوي صاحب جي ٿر ۾ مقبوليت
جي حوالي سان ھڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته، جڏھن آئون
1988ع ڌاري ننگر واري پاسي ويس ته اُتي ڪچھري
دوران، ننگر سان تعلق رکندڙ مختلف عالمِ دين
شخصيتن جو ذڪر ٿيو ۽ چيو ويو ته ’کائڙ‘ واري پاسي
ڪا به اھڙي وڏي شخصيت پيدا ناھي ٿي. جڏھن اھا
ڳالھه مون واپس اچي ناني محمد علي سان ڪئي ته اُن
مونکي چيو، اھڙي ڪا ڳالھه ناھي، ميڙاسر ۾ مولوي
محمد حسن ڪنڀار تمام وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پوءِ
اها ڳالھه جڏھن مون ننگر وارن دوستن سان ڪئي ته
انھن به تسليم ڪيو ته ها واقعي مولوي محمد حسن
صاحب وڏا عالم ۽ وڏي شخصيت جا مالڪ ھئا. مولوي
صاحب جي حوالي سان قاسم صاحب، سائين محمد علي صاحب
کان ٻُڌل ھڪ ٻي به ڳالھه ٻڌائي ته ،’لڪڙيار‘ (انڊيا
واري پاسي سميجن جو وڏو ڳوٺ) ۾ ھڪ اجتماعي شادي جي
موقعي تي، تقريباً 17/18 گھوٽن جو گڏيل نڪاح ھو.
اُن اھم موقعي تي، نڪاح پڙھائڻ لاءِ ڳوٺ وارن کي
ڪنھن وڏي عالمِ دين شخصيت جي ضرورت پئي ته انھن
مولوي محمد حسن صاحب کي ئي مناسب سمجھيو ۽ کين عرض
ڪري، نڪاح پڙھائڻ لاءِ ڳوٺ وٺي ويا.
سائين محمد قاسم، مسجد ٺھڻ واري روايت کان علاوه،
انھيءَ پاسي مولوي محمد حسن صاحب جي ڪجھه دوستن جو
به احوال ڏي ٿو. جن ۾ فقير مينھون، حاميد الله
ٻهه
شريف، ميان محمد امين ساند، ساھُو ساند، مولانا
محمد عالم جوڻيجو مِٺڙيو، حاجي موسيٰ راھمون، (حاجي
عنايت جو والد) حاجي ٻُڍو راھمون، خليفو فضل واوڙي
انڊيا، مولوي حاجي عبدالرحمٰن سمون، تامليھار جو،
جيڪو تاملھار جي جامع مسجد جو پيش امام ھو ۽ اُن
ڪيترائي ڀيرا مولوي صاحب سان ملاقاتون ڪري فيض
پرايو ھو، کان علاوه ٻيا به ڪيترائي بزرگ شامل آھن.
(26-09-2019
تي موبائل ذريعي ٿيل ڪچھري) |