[ 5 ]
مِسي.سي.پي ۾
ٻيڙي هلائڻ
]مون
کي اها ڳالهه ٻُڌائيندي ڪابه ڦِڪائي نه پئي ٿئي ته
مون ٻيڙين تي هڪ معمولي مزدور وانگر ڪم ڪيو آهي،
هڪ غريب ماڻهوءَ جي نينگر جيان مون هر قسم جي محنت
مزدوري ڪئي آهي. - لنڪن
[
●
ايب کي سڄي زندگي ٻيڙي هلائڻ ۽ جهازراني سان دلچسپي رهي ۽
اها دلچسپي کيس ورثي ۾ ملي هئي، ايب جي ڄم کان
ڪجهه وقت پهرين جي ڳالهه آهي ته ٽام لنڪن هڪ ٻيڙي
ٺاهي هئي، جنهن ۾ اَناج، وهٽ ۽ واپاري وکر ڍوئي
مِسي.سي.پي. ۽ اوهايو مان لنگهي ”نيو اوور لينز“
ويندو هو.
سامونڊي زندگيءَ سان پنهنجي فطري لڳاءُ جي باوجود، بحري سفر
تي وڃڻ کان اڳ ايب کي چڱي موچاري سکيا حاصل ڪرڻي
پئي. انهيءَ وقت سندس عمر فقط سورهن سال هئي، پر
سندس قد ڇهن فوٽن کان به سرس هو، ڏسڻ ۾ قدآور ۽
سگهارو ٿي لڳو.
شروع شروع ۾ کيس ’جيمس ٽپلر‘پاڻ وٽ مزدوريءَ تي رکيو، سندس
ڪم هڪ ٻيڙيءَ ٺاهڻ ۽ ان کان پوءِ ان کي درياهه جي
پتڻ تي هلائڻ هو. ٻيڙي هلائڻ جي حد تائين ته اهو
ڪم مناسب هو، ڇو ته اهو ايب جو من پسند مشغلو هو،
کيس اهو ارمان هو ته هو هڪ من پسند ناکئي جيان
جهازراني ڪري. پر انهيءَ کان اڳ کيس ڪاٺ وڍڻ ۽ پوءِ انهيءَ مان ٻيڙي تيار ڪرڻي هئي.
اهو چڱو خاصو محنت طلب ۽ صبر وارو ڪم هو. هن جي
جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته ڀڄي وڃي ها، پر پٺتي هٽڻ
ته ايب سکيوئي نه هو. ڪم جيترو به ڏکيو ۽ سخت
هوندو هو، هن جي همت ايتري ئي وڌندي هئي.
ايتري سخت محنت ۽ پورهئي جي باوجود کيس رڳو ستٽيهه سينٽ (هڪ
ڊالر ۾ سؤ سينٽ ٿيندا آهن) ڏهاڙي ملندي هئي. ڪڏهن
ڪڏهن ته هينئن به ٿيندو هو جو مسافرن کي پنهنجي
ٻيڙيءَ ۾ ويهاري اسٽيمر تائين پهچائي ايندو هو.
انهي صورت ۾ کيس ڪجهه سينٽ وڌيڪ به ملي ويندا هئا.
هڪ ڀيري هينئن ٿيو ته ٻه مسافر آيا، کين اسٽيمر تي چڙهڻ جي تڪڙ هئي
۽ اسٽيمر تائين پهچڻ جي لاءِ ڪا ٻيڙي به نه هئي.
ايب کين پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ويهاري اسٽيمر تائين
پهچائي آيو. مسافر هن جي محنت ۽ ڦڙتائي مان ايترو
ته خوش ٿيا، جو هنن کيس اڌ اڌ ڊالر جا ٻه سڪا بخشش
طور ڏنا.
ايب سوچيو: ”هڪ ڏينهن کان به گهٽ وقت ۾ هڪ ڊالر ڪمائڻ مون
جهڙي غريب ڇوڪري جي اُميد
بلڪ حق کان به وڌيڪ آهي.“
انهيءَ زماني ۾ هڪ ڊالر جو وڏو مُلهه هو.
سترهن سالن جي عمر ۾ ايب جو قد ڇهه فوٽ ٻه انچ هو، اوڻيهن
سالن جي وهيءَ ۾ هو ڇهن فوٽن ۽ چئن انچن جو قدآور
۽ سگهارو نوجوان هو. ڏسڻ ۾ سنهڙو، پر سگهه ۾
انڊيانا جي سرحدي علائقي جو ڪو ماڻهوئي ساڻس سندس
مقابلي جي سگهه ساري ٿي سگهيو. جسماني خوبين کان
سواءِ اخلاقي لحاظ کان به ماڻهو ايب کي گهڻو پسند
ڪندا هئا. هو بيحد محنتي، ايماندار ۽ ڀروسي جوڳو
هو.
شايد ايب جي انهن ئي جسماني ۽ اخلاقي خوبين کان متاثر ٿي
’جيمس جنٽري‘ کيس نوڪريءَ جي آڇ ڪئي، اها نوڪري
ايب جي لاءِ هڪ وڏي نعمت کان گهٽ نه هئي. انهيءَ
آڇ تي لنڪن سوچيو، ”زندگيءَ ۾ اهڙا موقعا بار بار
نه ايندا آهن.“
جيمس جنٽري انهيءَ علائقي جو سڀ کان وڌيڪ مالدار ماڻهو هو.
هڪ هزار ايڪڙ ٻنيءَ کانسواءِ وسيع چراگاهن ۽
’جنٽري ويلي‘ ۾ هڪ دوڪان جو مالڪ پڻ هو. انهيءَ
دوڪان ۾ وسنديءَ جا واندا ۽ بي فڪرا همراهه اچيو
گڏبا هئا ۽ ايب انهن کي ٽوٽڪن ۽ دلچسپ قصن سان
وندرائيندو هو. جيمس جنٽري ايب کي چيو ته سندس
ڇوڪرو ايلن ۽ ايب ٻيئي گڏجي هڪ ٻيڙي تيار ڪن ۽
پوءِ اها واپاري وکرن سان ڀري ’نيواوورلينز‘ تائين
کڻي وڃن. اهو ٻڌي ايب خوشيءَ مان ٽِڙي پيو. کيس
پنهنجي سامونڊي سفر جا سونهري سپنا ساڀيان نظر اچڻ
لڳا. ايب کي روزاني خرچ پکي کانسواءِ ماهوار اَٺ
ڊالر ۽ واپسيءَ جو ڀاڙو ڏيڻ طئي ٿيو هو.
انهيءَ قسم جون ٻيڙيون بحري سفر لاءِ سڀ کان گهڻيون استعمال
ٿينديون هيون. اِهي ٻيڙيون تمام سادي طريقي سان
ٺاهيون وينديون هيون. ”درياهه اوهايو“ جي ڪنڌيءَ
تي وڻن جا اڻ ڳڻيا ٻيلا هئا، جن جي ڊيگهه ويهن کان
اسي فوٽن تائين هوندي هئي. اهي ٻيڙيون ڇا هيون،
ڪاٺ جون هلندڙ گهمندڙ جهوپڙيون هيون. جيڪي هڪ ئي
وقت پنسارڪو دڪان، مال جو وٿاڻ، اسٽور هائوس ۽ نه
ڄاڻ ڇا ڇا هُيون. انهن جون ڀتيون ايتريون ته
اوچيون هونديون هيون جو سامونڊي ڌاڙيلن جون گوليون
ٻيڙيءَ وارن جا سينا پروڻ ڪري نه سگهنديون هيون.
انهيءَ زماني جي لحاظ کان اهي ٻيڙيون مال برداري
جي لحاظ کان ڏاڍيون مناسب ۽ گنجائش جي لحاظ کان
انهن تي مختلف قسمن جو اَناج، ڍور ڍڳا، شراب جا
ڊرم ڪافي تعداد ۾ ڍوئي سگهبا هئا. ٻيڙي هلائڻ جي
لاءِ گهڻن ماڻهن جي به گهُرج نه هوندي هئي ۽ سامان
سولائي سان ’نيو اوور لينز‘ تائين پهچي ويندو هو.
لنڪن جي لاءِ ٻيڙي ٺاهڻ جو ڪم نئون نه هو، پر هن ايڏي وڏي
سائيز
جي ٻيڙي هن کان اڳ نه ٺاهي هئي. البت ننڍيون
ٻيڙيون ۽ بتيلا ٺاهڻ جي ڪم ۾ پنهنجي پيءَ جو هٿ
ونڊائي چڪو هو. کيس چڱي طرح تجربو هو ته ٿڙ ڪيئن
چيريو ويندو آهي ۽ انهي کي ڪيئن سڌو ڪيو ويندو
آهي. ۽ ڪهڙي نموني ڪاٺ کي جوڙي مضبوط ڪيو ويندو
آهي. ’جيمس جنٽري‘ به ڪو سڌو ماڻهو نه هو. هن
به ايب کي نوڪر رکڻ کان اڳ اهو اندازو ڪري ورتو ته
ايب ڦڙت هئڻ سان گڏ سخت محنتي پڻ هو ۽ هو نوڪريءَ
جي سڀني شرطن تي پورو لهي سگهندو. هن ايب کي ٻين
نوجوانن تي ترجيح ڏني.
انهيءَ زماني ۾ دريائي سفر ڏاڍو اڻانگو هوندو هو، ڪاٺ جون
معمولي ٻيڙيون درياهه جي پُرشور موجن ۽ تيز ٿڦڙن
کي سهنديون هلنديون هيون.
انهيءَ زماني جي مسافرن کي نه رڳو رات جي اونداهيءَ ۽ ٻين
مصيبتن سان منهن ڏيڻو پوندو هو، پر هنڌ هنڌ تي
سامونڊي ڌاڙيلن سان به نبرڻو پوندو هو. جيڪي
پنهنجي شڪار جي ڳولا ۾ لِڪا
ويٺا هوندا هئا. انهن سامونڊي شيطانن کان ڪو ڀاڳن
وارو ۽ سخت جان ئي بچي نڪري سگهندو هو، نه ته اڪثر
رستي ۾ مقابلو ڪندي اهڙا ته غرق ٿي ويندا هئا، جو
نه ڪو سندن جنازو کڄندو هو ۽ نه ئي وري ڪا قبر
ٺهندي هئي.
انهن ڌاڙيلن مان سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ’مائڪ فنڪ‘ هو. هن جي
بادشاهت سڀني سامونڊي رستن تي قائم هئي. سڀئي
سامونڊي مسافر ۽ ناکئا هن جي نالي کان ڪنبندا هئا.
هن جو ٽولو وڏي دليري سان دينا داستيءَ سامونڊي
مسافرن کي لُٽيندو ۽ ڦريندو هو ۽ جيڪي ساڻس مقابلو
ڪندا هئا، ۽ جهلجي پوندا هئا، تن کي وڏا ايذاءُ
ڏيئي، سندن اکيون ڪڍي، ڪن ڪپي ۽ ٻيا انسانيت سوز
ايذاءُ ڏيندو هو.
اهو بلڪل شروعاتي دور جو ذڪر آهي. هوريان هوريان انهن
سامونڊي ڌاڙيلن جو زور گهٽبو ويو. ’مائڪ فنڪ‘ جو
ٽولو به پنهنجو موت پاڻ مري کپي ويو ۽ جنهن زماني
۾ ايب ۽ سندس ساٿيءَ ايلن، اپريل 1828ع ۾ سامونڊي
سفر تي وڃڻ جو ارادو ڪيو ته رستو ايترو خطرناڪ نه
رهيو هو ۽ کين انهيءَ ڳالهه جو ڪو ڀؤ ڀولو نه هو
ته ڪو ڦورو سندن نڪ ڪپي ويندو يا اکيون ڪڍي ويندو.
پر پوءِ به اهو سفر خطري کان خالي نه هو. مائڪ فنڪ
نه ئي سهي، پر سندس ٻيا ڀيچي ڌاڙيل اڃا به انهن
سامونڊي رستن تي شڪار جي ڳولا ۾ نوس نوس ڪندا
وتندا هئا ۽ اڪثر ڪري کين ڪونه ڪو سڻڀو شڪار ملي
ويندو هو.
اهي سامونڊي ڦورو پنهنجي پيشرو بحري ڦورن کان ٿورو گهٽ درجي
جا هئا ۽ انهن وانگر دلير ۽ خطرناڪ به نه هئا.
اڪثر ڪري هينئن به ٿيندو هو ته ٻيڙي وکر ۽ مسافرن
سان ڀري ترندي ويندي هئي ته سامونڊي لهرن جي گونج
۾ هڪ ڀوائتو ۽ دهشتناڪ آواز فضا ۾ ٻرندو هو ۽ ڪو
سامونڊي ڌاڙيل مسافرن کي اشتعال ڏياري مقابلي جي
لاءِ اڀاريندو هو.
”اڙي ڀاڙي جا دنبا! اوهان مان ڪوبه مڙس ماڻهو مون سان مقابلي
جي لاءِ تيار ڪونهي؟ آهي ڪو پنهنجي ماءُ جو پُٽ
جيڪو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار هجي. آئون سامونڊي
راڪاس آهيان.... اڌ انسان.... اڌ حيوان.... آ
ها..... ها ها..... ها.... ڀاڙيا ڪٿان جا. رنن
جيان چوڙيون پائي گهر نه ٿا وڃي ويهو يا اچي مڙسن
جيان مون سان مقابلو ڪريو.“
مسافر اڃا به ڦڙتي ۽ تيزيءَ سان ونجهه هلائڻ لڳندا هئا، کين
خبر هوندي هئي ته اهي ٿورو کين چيڙائڻ ۽ مُنهان
مُنهن مقابلي تي اچڻ جي لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري
رهيا آهن. ايب کي ڪاوڙ گهٽ ايندي هئي، جيمس جنٽري
ڄاتو ٿي ته جيڪڏهن اهڙي قسم جي بحري مسافريءَ ۾
ڪنهن مصيبت مُنهن به اچي ڪڍيو ته سندس پُٽ ايلن جي
مدد واسطي ايب جهڙو سگهارو ساٿي موجود هو، جيڪو
ٻيڙي ۽ سامان جي چڱي طرح حفاظت ڪري سگهي ٿو ۽
جيڪڏهن هو هڪ ڀيرو ”اوهيو درياهه“ جي ڪناري تي
گهمندڙ سامونڊي ڦورن کان بچي نڪتا ته پوءِ ننڍن
ننڍن ڦورن جو مقابلو ڪرڻ سولو هو ۽ هو سولائي سان
’نيواورلينز‘ تائين پهچي ايندا.
اڃا بهار جي مند واري برسات جي پهرين ڦڙي به نه وَٺي هئي،
شاه بلوط جي سڪل پنن جو فرش زمين تي وڇايل هو،
انهن پتن ۾ ڪٿي ڪٿي گلن جا ڍڳ به پيل هئا. ائين ٿي
لڳو ڄڻ غاليچي جو فرش وڇايو پيو آهي، اڃا گلن جي
بند مُکڙين ۾ قيد خوشبو
۽ ماڪ جي ڦڙن وسڻ سان معطر نه ٿي هئي. ۽
ايب ۽ ايلن پنهنجي نئين ٺاهيل ٻيڙيءَ ڪڍي، ٻيڙيءَ
۾ نئين ڪاٺ جي بوءِ اڃا تائين موجود هئي. هنن ٻنهي
ٻيڙيءَ ۾ اَناج، ڍور ۽ ٻيو واپاري وکر چاڙهيو، ۽
پنهنجي سامونڊي سفر تي روانا ٿي ويا.
”اوهايو درياهه“ جو اهو حصو قدرتي طور تي ماٺيڻو هو، نيري
رنگ جو صاف پاڻي هوريان هوريان وهندو، ڪنارن تي
ڦٽندڙ ٻوٽا، گل پتيون ۽ ٽُٽل شاخون پنهنجي هنج ۾
کڻيو، هوريان هوريان اڳتي وڌندڙ معلوم ٿيندو هو.
انهيءَ موسم ۾ ڪجهه پکي پنهنجن نون آکيرن جي ڳولا
۾ نقل مڪاني ڪندا آهن. هنج ۽ آڙين جا ولرن جا ولر
اُترطرف اُڏرندا نظر ايندا آهن. جنهن مهل اڇين
ڪونجن جا ولر رڙيون ڪندا اُڏرندا مٿان لنگهندا هئا
ته نيري فضا ۾ انهيءَ جا ويران ۽ اُداس آواز ٻري
اُٿندا هئا. ڏور ڪنارن تي ٻگهه پنهنجي ناشتي جي
ڳولها ۾ ڪنهن مڇيءَ جي پويان ٽٻيون هڻندا نظر
ايندا هئا. رات جو ڏيڏرن جي ٽان ٽان، پاڻي جي آواز
سان ٽڪرائجي، سمنڊ جي تنهاين ۾ اڃا به واڌارو ڪري
ڇڏيندي هئي.
پر ايب ۽ ايلن ان صبر واري سفر بابت همت ڪين هاري، هو صبح
کان وٺي شام تائين لهرن جي سهاري پنهنجي ٻانهن جي
ٻَل تي ٻيڙي هاڪاريندا هلندا هئا، رات جو هو واري
وٽي سان ٻيڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ سمهڻ جي ڪوشش ۾ اکيون
ٻوٽي ليٽي پوندا هئا ۽ گهڙي پل ٿڪاوٽ دور ڪري تازا
توانا ٿي اُٿي ويهي رهندا هئا. سندن صبح ۽ شام
ائين ئي گذرنديون هيون. ايستائين جو ”ڪيوان روڪ“
جي خطرناڪ هنڌ کان به اڳيان لنگهي ويا. هاڻي هوءَ
’مِسي.سي.پي‘ جي ڌٻڻين واري علائقي ۾ داخل ٿي رهيا
هئا.
1811ع کان ئي آمريڪا ۾ دخاني ٻيڙين جو رواج شروع ٿي چڪو هو.
انهيءَ وقت ايب جي عمر فقط
ٻه سال هئي. 1817ع ۾ سامونڊي ٻيڙين جو رواج شروع
ٿي چڪو هو، ان وقت ايب جي عمر فقط اَٺ سال هئي.
1817ع ۾ سامونڊي سفر واسطي اَٺ دخاني ٻيڙيون تيار
ڪيون ويون هيون، ۽ پوءِ ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾
گهٽ ۾ گهٽ سٺ ٻيون ٻيڙيون جُڙي ويون. ايب ۽ ايلن
سڙهه وارين ٻيڙين کانسواءِ جن ۾ ماڻهو، مال ۽
واپاري وکر کي ڍويو ويندو هو، ڪجهه وڏيون دُخاني
ٻيڙيون به ڏٺيون، جن مان ڪارو دونهون نڪري آسمان
جي نيري فضا ۾ گُم ٿي رهيو هو.
جيڪڏهن ايب ۽ ايلن ڪجهه سال اڳ ائين لنگرانداز ٿين ها ته کين
هڪ ڀوائتي قسم جي دخاني ٻيڙي ”فيسٽرن انجنيئر“ نظر
اچي ها، اها اسٽيم بوٽ ”جوف“ نالي هڪ آمريڪيءَ جي
ملڪيت هئي ۽ پري کان نانگ جي شڪل جهڙِي ٿي لڳي.
جڏهن ان جي چمنيءَ مان وڏي تيز سيٽيءَ جو آواز ٿي
نڪتو ته مقامي رهاڪن تي ڊپ طاري ٿي ويندو هو.
هن ڀيري ايب ۽ ايلن کي ان قسم جو ڪو دلچسپ تجربو نه ٿيو، پر
کين سفر ۾ وڏو مزو آيو.
انهيءَ زماني ۾ هڪ مشهور نيوي گيٽر (ملاح) هو. انهيءَ
هڪ ڪتاب لکيو، ان
ڪتاب ۾ انهيءَ زماني جي ناکئن لاءِ مختلف هدايتون
لکيل هيون. اهو ڪتاب صدين تائين هڪ مستند ڪتاب
سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هو ته
’مِسي.سي.پي جي ڪنڌي تي ڪڏهن ڪڏهن مٽيءَ جا مصنوعي
ڪنارا ٺهي ويندا آهن، اهي ڪنارا جهازن جي لاءِ
ڏاڍا خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن. اهڙي طرح ننڍا ننڍا ۽
وڏا وڏا وڻ پاڻيءَ ۾ وهندي گڏ ٿي ويندا هئا ۽ انهن
جي مٿان سامونڊي مٽيءَ جو تهه ڄمي ويندو هو ۽ اهي
ٻيٽ جي شڪل وٺي بيهندا هئا. پر ڪڏهن ڪڏهن اهي
ٻيٽارا تيز لهرن جي سٽ نه سهي، ٽٽي ڦٽي ويندا هئا
۽ انهن جي آسپاس بيٺل ٻيڙيون تباهه ٿي وينديون
هيون.“
اها ڳالهه پڪ سان ته چئي نٿي سگهجي ته لنڪن اهو ڪتاب پڙهيو
هو يا نه؟ پر اندازو آهي ته اهو ڪتاب لنڪن جي
اڀياس هيٺ ضرور رهيو هوندو. ڇو ته هو هر وقت ڪونه
ڪو ڪتاب پڙهندوئي رهندو هو. تنهن کان سواءِ کيس
سامونڊي سفر سان به دلچسپي هئي ۽ اهو ڪتاب يقيني
طور تي سندس ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب بنيو هوندو.
لنڪن جي ٻيڙي هزارين سامونڊي طوفانن ۽ ڌاڙيلن کان بچندي ائين
پي لڳو ته ”نيواوورلينز“ تائين پهچي ويندي. پر اڃا
هنن ٻنهي جي ڀاڳ ۾ زندگي جا ڪي ٿڦڙ کائڻ باقي هئا.
نيواوورلينز پهچڻ کان اڳ مالم ڊونين جو علائقو ٿي آيو. لنڪن
۽ ايلن صلاح مشورو ڪري، اتي ٻيڙيءَ جو لنگر
ڪيرايو. لنڪن چواڻي، ”ٻيڙيءَ ۾ جيڪو سامان لڏيل
هو، ان جي نوعيت ئي اهڙي هئي، جو اسان جي لاءِ
انهيءَ علائقي ۾ ترسڻ ضروري ٿي پيو.“
بس اهوئي هڪ رات جو ترسڻ ڌاڙِيلن جي راتاهي جو سبب بڻيو. سفر
جي ٿڪاوٽ سبب ٻئي چور هئا، رات جو ٻيڙي جي هڪ ڪنڊ
۾ اکيون پوري ليٽي پيا. ٿوري ئي دير کان پوءِ ست
مقامي ماڻهو ٻيڙيءَ تي ڪاهي آيا. ائين ٿي لڳو ته
هو هنن ٻنهي کي ماري ٻيڙيءَ جو سامان ڦري ويندا،
پر ڌاڙيلن کي ڪهڙِي خبر ته اِهي ٻئي هنن ستن ڄڻن جي لاءِ کوڙ هئا.
تنهنڪري ايب ۽ ايلن ڄمي بيهي انهن جو مقابلو ڪيو ۽
لٺين جي ڄرَ سان ستن ئي ڄڻن کي
ڊڙي ڇڏيو ۽
ڊوڙائي ڪڍيو. انهن مان ڪي ته ترت
وٺي ڀڳا ۽ باقي ڪن ٻانهن جو ٻل ڏيکارڻ چاهيو، پر ايب جي لٺين جي سٽ نه سهي وٺي ڀڳا. ايب ۽ ايلن ٿورو سندن
پيڇو ڪيو، پر رات جي وڳڙي ۾ پنهنجي ٿاڪَ تان پري هٽڻ مصلحت جي خلاف هو، تنهنڪري هو موٽي آيا.
هنن هڪدم لنگر کنيو ۽ جلدي جلدي ٻيڙي هاڪارڻ لڳا. صبح ٿيڻ
تائين هو ڪناري کان ڪافي پري نڪري ويا. انهي ويڙهه
۾ ايب جي اک جي مٿان زخم ٿيو هو، جنهن جو نشان
پوءِ باقي سڄي زندگي رهيس. لنڪن اهو ڌڪ شيدين هٿان
کاڌو هو، انهي ڌڪ جو نشان هن جي اک ۽ ڀِرن
جي مٿان هو، پر هن جي دل ۾ تِر جيترو به فرق نه
پيو، شيدين جي لاءِ هن جي دل ۾ ڪڏهن به نفرت جا
جذبا نه جاڳيا. کيس خبر هئي ته رنگ ۽ نسل جو واسطو
ڌاڙيوالي يا شرافت سان ڪونهي، ڪيترائي اڇي چمڙي
وارا پڻ ڦرون ڪندا ۽ ڌاڙا هڻندا هئا، ۽ سوين شيدي
بيحد شرافت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي زندگي گذاري
رهيا هئا.
لنڪن سڄي زندگي شيدين جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪندو
رهيو. انهيءَ واقعي کان اٽڪل 35 سال پوءِ هن
”اعلان نجات“ تي صحيح ڪئي ۽ آمريڪا جي هر شيديءَ
کي غلاميءَ جي زنجيرن کان آجو ڪري ڇڏيو.
نيواوورلينز جو بندرگاهه ايب ۽ ايلن جي لاءِ وندر ۽ ورونهن
جو نئون تماشو هو. ڏکڻ انڊيانا جي ٻيلن جي ڀيٽ ۾
نيواوورلينز جو شهر تهذيب ۽ تمدن جي جديد آرائشن
سان روشن هو، ٻيڙين جون قطارون ميلن ۾ بندرگاهه جي
ڪناري سان لڳل رهنديون هيون. مختلف ملڪن جا دُخاني
جهاز واپاري وکر سان ڀريا تُريا فضا ۾ دونهن جا ڪڪر ڇڏيندا بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيندا
هئا. اوپرين صورتن جا پرڏيهي ملاح جن جي ڪنن ۾ سون
جا وڏا وڏا والا لڙڪيل هوندا هئا، جهازن جي رسين
تي چڙهندا ۽ لهندا نظر ٿي آيا.
شهر جا گهر مختلف قسم جي خوبصورت رنگن سان سينگاريل، پري کان
انڊلٺ جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. گهر جي ڄارين وارين
درين تي انگورن ۽ گلن جون وليون چڙهيون هيون. جن ۾
رنگبرنگي گل لڙڪيل هئا. شهر جي رستن ۽ روڊن تي
مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. جن
۾ فرينچ، اسپيني ۽ ميڪسيڪو جا رهواسي شامل هئا.
غلامن جو به ڳپل تعداد نظر ٿي آيو. ڀانت ڀانت جي
ٻولين ۽ ماڻهن جي هُل ۽ هنگامي ۾ ديول جي گهنڊ جي
ٽن ٽن جو آواز عجيب ماحول پيدا ڪري رهيو هو.
ايب ۽ ايلن جلدئي ڪم مان واندا ٿي ويا ۽ هو گهر واپس ورڻ جون
تياريون ڪرڻ لڳا. واپسيءَ جي لاءِ ايب کي هڪ دُخاني جهاز تي وڃڻو هو. اهو جهاز ٻه ماڙ هو. جهاز ڇا هو، چڱو
موچارو محل هو.
ٺاهوڪا جڙيل ڪمرا ۽ غاليچا، ريشمي پردا ۽ ميز
ڪرسين سان آراسته هال، کائڻ پيئڻ، اُٿڻ ويهڻ جي
لاءِ ڌار ڌار ڪمرا هئا. ايب اهو جهاز ڏسي ڪو خوش
ٿيو ڇا. جهاز جو ڪيپٽن ڄڻ آبي سلطنت جو شهنشاهه هو. ايب جي دل ۾ اهڙي جهاز
جو ڪيپٽن ٿيڻ جي خواهش پيدا ٿي.
ٻن مهينن جي سفر کان پوءِ ايب جون جي مهيني ۾ واپس ڏکڻ
”انڊيانا“ پهتو. واپس ورڻ شرط ئي هن پنهنجي هڪ
بااثر دوست ”وليم ووڊ“ کي پنهنجي سفارش جي لاءِ
چيو، انهيءَ واقعي جو ذڪر ووڊ هنن لفطن ۾ ڪيو آهي:
”هڪ ڏينهن ايب منهنجي گهر آيو. هو صفا خاموش ۽ شرميلو لڳي
رهيو هو، ڄڻ ڪجهه چوڻ چاهيندو هُجي،
پر چوڻ ۾ هٻڪندو هجي، مون پُڇيس،
”ايب ڪر خبر! ڪهڙِي ڳالهه جي ڪري پريشان آهين.“
”چاچا سائين!“ ايب هٻڪندي چيو، ”آئون چاهيان ٿو ته اوهان
بندرگاهه وڃي ڪنهن جهاز واري کي منهنجي سفارش
ڪريو.“
”ايب!“ مون چيو، ”تنهنجي عمر اڃا ننڍي آهي، اڃا تون پوري
ايڪيهن سالن جو به نه ٿيو آهين، هن ننڍي عمر ۾ ڀلا
توکي ڪير اهڙي وڏي ڪم جي لاءِ مقرر ڪري سگهي ٿو؟“
”مون کي خبر آهي.... پر آئون هينئر کان ئي ڪو ڪم شروع ڪرڻ ٿو
گهران.“ ايب وراڻيو.
لنڪن جي ئي ڀلائي خاطر، ووڊ ايب جي سفارش نه ڪئي ۽ ايب زندگي
۾ ڪڏهن به دخاني جهاز جو پائلٽ بنجي نه سگهيو.
ايب جا ڏينهن ڏاڍا بيڪار ۽ بي مزي گذري رهيا هئا ڪڏهن ڪڏهن
ته هو بيزار به ٿي پوندو هو. پر هن جي چڙ ۽ بيزاري
ڪنهن جي دل آزاريءَ جو سبب نه بڻي. هو هر وقت
پڙهندو رهندو
هو.
سنها ٿلها ڪم ڪاريون ڪندو رهندو هو، پر کيس اها
زندگي ڪنهن به ڪم جي معلوم نه پي ٿي. انهيءَ عرصي
دوران هو ”گرگربي“ جي گهراڻي وارن سان به وڙهي پيو
هو. انهي جو سبب هي هو ته ”آوون گرگربي“ سندس
پياري ڀيڻ سارا سان پرڻيو هو. سارا جڏهن پهريون
ٻار ڄڻيو ته ان هن ويم جي دوران سارا جي ڪا خاص
سارسنڀال نه لڌي ۽ ايب جي پياري ڀيڻ سارا ويم جي
سورن جون تڪليفون برداشت نه ڪندي گذاري ويئي. ايب
کي سارا جي موت جو تمام گهڻو ڏک ٿيو. هن اهو ٿي
سمجهيو ته آوون جي غفلت ئي سندس ڀيڻ جي جان ورتي.
تنهنڪري هو سڀني ماڻهن تي ناراض هو.
هن جي عمر جا ايڪيهه سال پورا ٿيڻ وارا هئا، انهيءَ زماني جي
دستور موجب ايڪيهن سال تائين ٻار قانوني طور مائٽن
جي قبضي ۽ اختيار ۾ رهندا هئا، تنهن کان پوءِ هو
بالغ قرار ڏنا ويندا هئا ۽ کين آزادي هوندي هئي،
ته جيڪو وڻين سو ڪن.
انهيءَ ڪري جڏهن ايب ٻُڌو ته سندس گهروارا هڪ ڀيرو ٻيهر
لڏپلاڻ جي تياري پيا ڪن ته کيس ڪا گهڻي تڪليف ۽
پريشاني نه ٿي. هن ڀيري انهن مرڪزي ’ايلي نواءِ‘
علائقي جي وسيع چراگاهن ۾ پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ ٿي
گهريو. |