سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: ابراهام لنڪن

 

صفحو:5 

مسٽر ڊورسي جي اسڪول ۾ ايب صاف ۽ سهڻي صورتخطي سِکي، لنڪن جي هٿ لکيل جيڪا پهرين لکت ملي سگهي آهي، اهو هڪ شعر آهي، جنهن جو ترجمو هن ريت آهي:

ايب لنڪن، سندس هٿ ۾ قلم

ٿيندو وڏو ماڻهو، اهو اسين ڏسنداسين.

ابراهام لنڪن جي نرم دلي ۽ انسان دوستيءَ جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن دورسي ۽ سويني جي تعليم واري زماني ۾ جانورن سان بي رحميءَ جي خلاف ڪيترائي مضمون لکيا، جانورن کي سدائين جانور ئي سمجهيو ويندو هو ۽ ساڻن هر دور ۾ هر قسم جي بي رحميءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري لنڪن جا اهي خيال سرحدي رهاڪن لاءِ بنهه  حيرت ۾ وجهندڙ هئا. جيڪي پنهنجي سڀاءُ ۾ گهڻا سخت هوندا هئا، هنن جي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته جانورن سان بي رحميءَ جي ڪهڙي معنيٰ آهي. پر ايب جي سگهارن دليلن کي سندس ساٿي سڄي زندگي ياد ڪندا رهيا ۽ هنن ارادي يا غيرارادي طور انهن جو اثر قبول ڪيو.

لنڪن جي پهرينءَ ئي لکڻي مان انهيءَ ڳالهه جو اندازو ٿي وڃي ٿو ته سندس رجحان ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ طرف هو، اسڪول واري زماني ۾ ۽ انهي کانپوءِ به هو لڳاتار شعر ۽ شاعريءَ جي مشق ڪندو رهيو. پر سندس اها مشق وندر ۽ ورونهن کان اڳتي وڌي نه سگهي.

لنڪن جا جهونا ساٿي ۽ پاڙيسري سندس باري ۾ چوندا هئا ته هو سست هو، کيس پنهنجي ڪم ۽ محنت کان وڌيڪ پگهار ۽ آرام پسند هو، ڊينس هينڪس، جيڪو لنڪن جي واکاڻ ۾ ڍاپندوئي نه هو، سو به انهن راين بابت ٻين ماڻهن سان سهمت هو، سندس خيال هو ته ”ايب ڏاڍو سست نينگر هو ۽ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه لکندو، پڙهندو يا شعر ۽ شاعري ڪندو رهندو هو.“

هڪ ڀيري خود ايب لنڪن پنهنجي هڪ پاڙيسري هاريءَ کي چيو هو ته ”منهنجي پيءُ مون کي ڪم ۽ محنت ته چڱي طرح سيکاري، پر اُن ڪم مان لطف وٺڻ جو گُر نه سيکاريو آهي.“

اصل ۾ ڳالهه اها هئي ته اِهي ماڻهو اڻ پڙهيل هئا. هنن جي نظر ۾ جسماني پورهيو، ٻني ٻارو ڪرڻ ته ساراهه جوڳو ڪم هو، پر لکڻ ۽ پڙهڻ بيڪاري جو مشغلو هو، لکڻ پڙهڻ به ڪو ڪم ٿي سگهيو ٿي؟ اهو ڇا آهي ته قلم کڻي ويٺو هججي يا قلم کڻو ويٺو ڪيڙا ماڪوڙا ڪڍي! يا شاعري پيو ڪري، اهو سڀ ڪم ڪيئن ٿيو. اها ته ڪم چوري آهي. ايب لنڪن اٺن سالن کان وٺي لڳاتار جسماني پورهيو ته ڪندو ئي رهيو. پر ان سان گڏ هو لڳاتار تعليم حاصل ڪرڻ ۾ پڻ رُڌل رهيو هو. دماغي ۽ ذهني لحاظ کان هو انهيءَ وقت انڊيانا ۾ سڀني کان وڌيڪ مصروف نوجوان هو. هو هڪ اهڙي تياريءَ ۾ رُڌل هو، جنهن جو تصور انهن ماڻهن کي ته ٺهيو، پر خود لنڪن کي به نه هو.

ٽام لنڪن ايب جي باري ۾ عجيب مونجهاري ۾ هو. هو هڪئي وقت پنهنجي پُٽ کان خوش به هو ته ناخوش به. ايب جون عادتون ۽ سندس مزاج ۽ طور طريقا ٽام جي سمجهه ۾ نه ايندا هئا، پيءَ جي گهُرج هئي ته هو زمين جي کانٽي ڪري، لوڙهو ٻڌي ۽ ان قسم جي ٻين ڪمن ۾ دلچسپي وٺي، پر پُٽ هر وقت ڪتابن ۾ لڳو پيو هوندو هو. هر هلائيندو پيو هو، تڏهن به ڪتاب هٿ ۾ هوندو هوس. ماني کائيندو هو تڏهن به ڪتاب پيو پڙهندو هو. آتشدان وٽ به مطالعي ۾ محو هوندو هو. ٽام، جيڪو پنهنجو نالو به مشڪل سان لکي سگهندو هو، سو انهي ڳالهه کان سخت بيزار هوندو هو، کيس سمجهه ۾ نه ايندو هو ته نيٺ به ڪتاب رکڻ سان زندگيءَ ۾ ڪهڙو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ايب ڏاڍو زنده دل ۽ خوش مزاج هو، هو ڪم ڪندي ڪندي ڪنهن ڊُٻَ تي چڙهي ويندو ته واهه جون اهلون ڪڍندو هو، هٿن جا اشارا ڪندو ۽ تقريرون ڪندو هو ته ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرا پنهنجو ڪم ڇڏي، هن ڏانهن ڌيان ڌريندا هئا ۽ کلندي کلندي سندس پيٽن ۾ سور پئجي ويندو هو. لوهار جي دوڪان تي، اٽِي جي چڪيءَ تي جتي هو ڪڻڪ پيهائڻ ويندو هو، ماڻهو سندس اوسيئڙي ۾ هوندا هئا، هن جون لطيفن سان ڀرپور کلائيندڙ ڳالهيون سندن بي فڪريءَ ۾ واڌارو ڪنديون هيون.

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ٽام لنڪن پنهنجي پُٽ ايب لنڪن تي ڏاڍو مهربان هوندو هو. هن ايب جي پڙهائيءَ تي ڪڏهن به اعتراض نه واريو. پر ڊينس هينڪس، جيڪو پيءُ ۽ پُٽ ٻنهي جو دادلو هوندو هو، بيان ٿو ڪري ته ٽام ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پُٽ جي ڪَن مهٽ به ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اوپري ماڻهوءَ جي سامهون گهڻي ڦڙتي ڏيکارڻ تي کيس هڪ اڌ لڪڻ به وهائي ڪڍندو هو.

جيڪڏهن ٽام لنڪن، ايب تي سختي ڪندو هو ته ايب جي ويڳي ماءُ سارا بش اُن جي تلافي ڪندي هئي. هوءَ پڙهڻ لکڻ ۾ ايب جي همت افزائي ڪندي، سندس دلچسپ ڳالهين تي ڏاڍو کِلندي ۽ مزو وٺندي هئي.

هڪ ڀيري ايب ڏاڍي دلچسپ حرڪت ڪئي، هڪ ننڍو ڇوڪرو گپ ۾ گڏيو پي آيو. ايب کي ذهن ۾ شرارت سُجهي آِئي، کيس اڪثر ڪري نيون نيون شرارتون ذهن ۾ اينديون رهنديون هيون، انهيءَ ڇوڪري کي هن پنهنجي ڪُلهن تي اُبتو کنيو يعني ڪنڌ هيٺ ۽ ٽنگون مٿي، پوءِ گپ سان ڀريل پير ڇت سان لڳايائين. ۽ هڪ وِک اهڙيءَ طرح هلايائينس، سفيد ڪئبن جي ڇت تي هن جي پيرن جا نشان ڏاڍا عجيب پي لڳا. ائين ئي لڳو ڄڻ ڪو اُبتو ڇت تي هليو آهي. جڏهن سارا بُش جون نظرون انهن پيرن تي پيون ته هوءَ کِلي کِلي وٽجي ويئي. هُن ايب جي ان حرڪت مان خوب لُطف ورتو. جيئن ته خود ايب جو مقصد به فقط وندر هو. تنهنڪري هن چُن پُسائي هڪدم ڪئبن جي ڇت تي پوچي هڻي ڇڏي.

سارا بُش سچ ٿي چيو هو ته ماءُ ۽ پُٽ ٻنهي جو دماغ هڪجهڙو ڪم ٿو ڪري، انهيءَ ڳالهه تي سارا بُش به ڪڏهن ايب کي تنبيهه نه ڪئي ته هو اڌ اڌ رات ڇو ٿو پڙهندو رهي يا ماني کائڻ مهل به ڪتاب کوليو ويٺو هوندو آهي.

سچ اهو آهي ته ڪابه سگهه لنڪن کي ڪتاب پڙهڻ کان روڪي نه ٿي سگهي. ڪتابن جي صفحن ۾ ٻُڏي هو علم ۽ ڄاڻ جي هڪ نئين دنيا ۾ پهچي ويندو هو. ڊينس هنيڪس جو چوڻ آهي ته ٻارهن سالن جي عمر کان پوءِ مون ڪڏهن به ايب کي ڪتابن کانسواءِ نه ڏٺو. هو ڇا ڪندو هو، جو قميص جي کيسي ۾ ڪو ڪتاب وجهي ڇڏيندو هو ۽ پتلون جي کيسي ۾ ڀُڳل داڻا ڀريندو هو ۽ پوءِ ڪم تي روانو ٿي ويندو هو. هر هلائڻ يا زمين کيڙڻ ۾ جنبي ويندو هو، ٻنپهرن تائين ڪم کي لڳو پيو هوندو هو. منجهند جو جڏهن ماني جي مهل ٿيندي هئي ته ٻيا همراهه ماني کائي آرام ڪندا هئا، پر ايب وڻ جي هيٺان وڃي ليٽي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هو، گڏوگڏ کيسي مان ڀڳل داڻا ڪڍي کائيندو ويندو هو. پوءِ جڏهن سج لهندو هو ته هو گهر ورندو هو ۽ اچڻ شرط بخاري وٽ پَٽ تي ويهي، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، مطالعي ۾ مگن ٿي ويندو هو.“

اهي ٻئي عادتون سڄي عمر ساڻس گڏ رهيون، مطالعو ۽ ڀت سان ٺيڪ لڳائي پڙهڻ. انهيءَ زماني ۾ سندس مطالعي ۾ رهندڙ ڪتاب ۾ ايسپ جون آکاڻيون، رابنسن ڪروسو، پلگرمس پروگريسو ۽ پارس ويم جو مشهور ڪتاب ”جارج واشنگٽن جي سوانح حيات“ شامل آهي. انهن ڪتابن کي هن ايترا ته ڀيرا پڙهيو، جو کيس صفحن جا صفحا ياد ٿي ويا هئا. هڪ ڀيري هينئن ٿيو ته ويم جو ڪتاب ”واشنگٽن جي سوانح حيات“ پڙهڻ جي لاءِ ڪٿان اُڌارو وٺي آيو، انهن ڏينهن ۾ مينهن پئجي ويا ۽ ڪيبن جي ڇت مان مينهن جو پاڻي ڳڙڻ لڳو، جنهن سان ڪتاب  جي سرورق تي ڪجهه پاڻي جا ڇنڊا پئجي ويا ۽ اهو بلڪل خراب ٿي ويو. انهي جو ڏنڊ ادا ڪرڻ جي لاءِ لنڪن کي ڪيترائي ڏينهن چارو ڪٽڻون پيو.

ويم جي ڪتاب ”واشنگٽن جي سوانح حيات“ تي اڪثر ماڻهن سخت اعتراض اُٿاريا آهن. انهن ماڻهن خاص ڪري واشنگٽن جي ننڍپڻ جي انهيءَ واقعي تي اعتراض واريو آهي ته هڪ ڀيري واشنگٽن ننڍپڻ ۾ پنهنجي ننڍڙي ڪهاڙي سان چيريءَ جو هڪ وڻ وڍي ڇڏيو. پر پوءِ هن پاڻ کي پنهنجي پيءَ وٽ انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪيو، جو هن ڪوڙ ڳالهائڻ نه ٿي چاهيو.

انهيءَ واقعي جي سچائي تي ”واشنگٽن جي سوانح حيات“ جي نقادن پنهنجي شڪ جو اظهار ڪيو آهي، پر سڀ ماڻهو ان ڳالهه تي سهمت آهن ته واشنگٽن جي انهيءَ ايمانداريءَ ۽ انهيءَ قسم جي واقعن لنڪن جي خيالن تي گهرو اثر وڌو ۽ هن جي مزاج ۾ سچائي ۽ حق پرستيءَ کي پختو ڪيو.

”واشنگٽن جي سوانح حيات“ لنڪن جي سڄي زندگيءَ کي متاثر ڪيو، هن به پنهنجي جيون کي انهيءَ اصولن تي گذارڻ چاهيو. تنهنڪري اسين جيڪڏهن انهن واقعن کي نظر انداز به ڪري ڇڏيون، جيڪي ”واشنگٽن جي سوانح حيات“ ۾ ليکڪ تخيل جي رنگ آميزيءَ سان بيان ڪيا آهن، تڏهن به انهن ٻنهي عظيم اڳواڻن جي زندگي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ڏاڍي دلچسپ هڪجهڙائي ملي ٿي.

ٻئي برطانوي نسل جا هئا، ٻئي قد جا ڊگها هئا، واشنگٽن جو قد ڇهه فوٽ هڪ انچ ۽ لنڪن جو قد ساڍا ڇهه فوٽ هو. جواني ۾ ٻئي ڏاڍا سٺا رانديگر هئا. ٻنهي پنهنجي شاگردي واري دور ۾ زمين کيڙڻ جو فن سکيو. ٻئي بيحد ايماندار ۽ اصول پسند هئا.

لنڪن جي زماني ۾ اهو رواج هوندو هو ته ڇوڪرا ڪافي وڏي عمر تائين پنهنجي مائٽن جي تابع رهندا هئا. کين ايڪهين سالن جي عمر تائين قانوني طور تي مائٽن جي نگراني ۾ رهڻو پوندو هو. انهي وهي ۾ هو جيڪو به ڪمائيندا هئا، اهو سندن والدين جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو، تنهنڪري ٽام لنڪن پنهنجي ان حق تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيو. ايب جيڪو به ڪمائي ايندو هو اهو ٽام جي ئي کيسي ۾ ويندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرن کي پاڙي وارن جي ٻنين ۾ محنت ۽ مزدوريءَ جي لاءِ موڪليو ويندو هو. جتي ٻي ڪم ڪار کان سواءِ سوئر به ڪُهڻا پوندا هئا. انهيءَ ڪم جو اُجورو ايڪٽيهه سينٽ روزانو هوندو هو. جيتوڻيڪ ايب اهو ڪم به بيحد ڦڙتائي سان ڪندو هو. پر هڪ اهڙي نينگر جي لاءِ جنهن فقط انهيءَ ڪري شڪار ڪرڻ ڇڏي ڏنو هجي ته انهيءَ مان جانورن جو خون ٿو ٿئي يا جنهن بي زبان جانورن تي بي رحميءَ واري سلوڪ جي خلاف ليک لکيا هئا. جانورن کي ڪُهڻ جو ڪم ڪو گهڻو خوشگوار نه هوندو هو.

پر انهيءَ اڻ وڻندڙ ڪم ۾ به کيس هڪ پهلو پسند هو ۽ اهو هيءَ ته اهڙي طرح کيس ڀانت ڀانت جي راندين، ڳائڻ وڄائڻ، اَهلون ڪڍڻ، روپ بدلائڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ ڊوڙڻ جا بهترين موقعا ملي ويندا هئا. انهيءَ ڪري کيس نه رڳو جانورن ڪُهڻ جو ڪم پسند هو، پر اوڙي پاڙي ۾ جيڪي به ان قسم جو ڪم ڪندا هئا، جهڙوڪ: اناج گڏ ڪرڻ، بنڊ چيرڻ، چيچڙو ٻڌي ڳُڙ ڪڍڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جن ۾ ماڻهن جا ننڍا وڏا ميڙ گڏ ٿي ويندا هئا، کيس ڏاڍا وڻندا هئا. هو ته اهڙن موقعن جي ڳولا ۾ هوندو هو ۽ اهڙن ميڙن ۾ ايب سڀني ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بنجي ويندو هو. ماڻهو هن جي لطيفن، ٽوٽڪن، لٽڪن ۽ چٽڪن تي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. اهڙن تفريحي ميڙن ۾ جتي شراب نوشي به ٿيندي هئي ۽ پيئڻ وارا نشي ۾ الوٽ ٿي ويندا آهن ۽ الوٽ ٿيل ماڻهن جي ڳالهه مُهاڙ جو انداز ظرافت ۽ مزاح جون حدون ٽپي اڪثر فحش گوئيءَ جي حدن ۾ به داخل ٿي ويندو هو. پر ايب اهڙين محفلن ۾ ڪڏهن به جام کي هٿ نه لڳايو، سندس ڳالهه ٻولهه ۾ سدائين هڪ حد تائين ظرافت ۽ شائسته مزاجي هوندي هئي. هو اهڙين محفلن جي رونق هوندو هو ۽ هن کانسواءِ اهڙيون محفلون ٻُسيون ٻُسيون لڳنديون هيون.

جيتوڻيڪ ايب اهڙين محفلن ۾ پنهنجي ساٿين کي تفريح جو سامان مهيا ڪندو هو، پر خود سندس ذهن اُڃارو رهندو هو. سندس دماغي قوتون ۽ ذهني صلاحيتون پنهنجي ساٿين کان وڌيڪ هيون. هن جي اندر علم جي جاکوڙ لڳاتار وڌندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڪتابن جي ڳولا ۾ پري پري تائين وڃي نڪرندو هو. انهيءَ زماني ۾ اخبارون نه ايتريون عام هيون ۽ نه ئي وري سَولائيءَ سان ملنديون هيون، تنهنڪري کيس ڪنهن اخبار جي جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ميلن جا ميل چڪر ڪاٽڻا پوندا هئا. هاڻي هن جي اندر سياسي شعور بيدار ٿي چڪو هو ۽ هاڻ هو ڳوٺ جي خاموش ۽ ماٺار واري فضا مان گذري ملڪ جي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، کيس ”وگ پارٽيءَ“ جا خيال ۽ اصول وڌيڪ مناسب محسوس ٿيڻ لڳا. ايب لڳ ڀڳ پاءُ صديءَ تائين پنهنجي سياسي نظرين جي حوالي سان وڳ ئي رهيو. انهيءَ کان پوءِ هو 1850ع جي وچ ڌاري ’نيو ريپليڪن پارٽي‘ ۾ شامل ٿي ويو، انهيءَ ئي پارٽيءَ کيس نيٺ ايوان صدر يعني وائٽ هائوس تائين پهچايو.

انهيءَ زماني ۾ ٻن ڪتابن لنڪن کي گهڻو متاثر ڪيو. انهن مان هڪ انڊيانا رياست جي ترميم ٿيل قانون جو ڪتاب هو ۽ ٻيو ’ڪولمبس ڪلاس بڪ‘. هن انهن ٻنهي ڪتابن کي ڏاڍي ڌيان سان باربار پڙهيو. انهن مان پهرينءَ ڪتاب منجهس قانون جي اڀياس جو شوق پيدا ڪيو ۽ انهيءَ ڪتاب جي ڪري ئي سندس دل ۾ ”اعلان آزادي“ ۽ انهيءَ جي ليکڪ ٿامس جيفرسن جي عزت وڌي. انهيءَ ڪتاب جي اڀياس سان منجهس ٻين قانوني مسودن جهڙوڪ: آمريڪي دستور جي پهرين ڏهن ترميمن جي اڀياس جو شوق جاڳيو. انهيءَ ڪتاب کيس خيال ڏياريو ته اولڊ نارٿ ويسٽ جي سڄي علائقي ۾، جنهن ۾ انڊيانا رياست به شامل هئي. غلامي جي رواج کي غيرقانوني قرار ڏيڻ گهرجي.

انهن ڪتابن جي اڀياس لنڪن جي خيالن ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪيو، هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ هن جي ذهن ۾ علم جون نيون ڳڙکيون کلي ويون هجن، هن جي ذهن ۾ بار بار ”اعلان آزادي“ جا هي لفظ برائجڻ لڳندا هئا:

”سڀئي انسان هڪٻئي جي برابر پيدا ڪيا ويا آهن، کين پيدا ڪرڻ واري انهن کي ڪي اهڙا حق ڏنا آهن، جيڪي کانئن کسي نه ٿا سگهجن ۽ حقن ۾ زندگي، آزادي ۽ خوشين جي ڳولا جو حق شامل آهي.“

”ڪولمبس ڪلاس بڪ“ هڪ قسم جو درسي ڪتاب چئي سگهجي ٿو. ايب انهيءَ ڪتاب کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهيو: انهيءَ ڪتاب مان کيس تاريخ ۽ جاگرافي بابت گهڻي ڄاڻ ٿي ۽ اهڙيون ڳالهيون معلوم ٿيس، جن بابت کيس اڳ ۾ ڪابه ڄاڻ نه هئي.

انهيءَ ڪتاب جي سهاري هن آمريڪا، بلڪ اُلهندي دنيا کان لنگهي ڪائنات جي فضا تي نظر وڌي. کيس معلوم ٿيو ته هيءَ زمين، جنهن کي هيستائين هو ڏاڍو وڏو سمجهندو هو، نظام شمسيءَ ۾ هڪ ٽٻڪي جي برابر حيثيت ٿي رکي، چنڊ، ۽ سج جهڙا هزارين گرهه هن وشال ڪائنات ۾ ننڍن ننڍن ڏيئن وانگر گهمندا رهندا آهن.

اڳ ۾ اڪثر ڪري کليل آسمان جي هيٺان ليٽي ٽٽندڙ تارن کي حيرت مان تڪيندو رهندو هو. هي ڪٿان اچن ٿا ۽ ڪيڏانهن گم ٿي وڃن ٿا؟ هن جي ذهن ۾ اهڙا ڪئين سوال گهمندا رهندا هئا، هاڻي کيس انهن سوالن جا جواب ملي ويا هئا.

هڪ ڏهاڙي شام جو ايب پنهنجي پاڙيسري ڇوڪري ’ڪيٽي روبي‘ سان گڏ چشمي جي ڪناري تي ويٺو هو. ٻنهي پنهنجي پير وهندڙ پاڻيءَ ۾ لڙڪائي رکيا هئا ۽ پاڻي جي ٿڌاڻ مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. اولهه طرف زردي رنگ جو سج لهي رهيو هو ۽ اوڀر طرف چوڏهينءَ جو چنڊ هوريان هوريان اُڀري رهيو هو. ٻئي انهي منظر مان لطف ماڻي رهيا هئا. ايب، ڪيٽي کي سمجهائڻ شروع ڪيو ته اصل ۾ نه سج لهي ٿو ۽ نه وري چنڊ اُڀري ٿو. پر اهو سڀ اسان جي نگاهن جو دوکو آهي. اصل ۾ زمين، لاٽونءَ وانگر ڦِري رهي آهي، تنهنڪري ڏسندڙن کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي سج ۽ چنڊ لهي ۽ اُڀري رهيا آهن، نه ته ٿيندو هينئن آهي ته زمين جو هڪ حصو گهمي ٻئي طرف هليو ويندو آهي ۽ سج چنڊ جي سامهون هٽي ويندو آهي، تنهنڪري اسان کي اِهي گرهه لهندا ۽ اڀرندا محسوس ٿيندا آهن.

ڪيٽي پنهنجي سڄي زندگي، نظام شمسيءَ جو اهو پهريون سادو ۽ دل لڀائيندڙ سبق وساري نه سگهي. ايب ۽ ڪيٽي هڪٻئي سان محبت نه ڪندا هئا، پر هو فقط هڪ ٻئي جا دوست يا ساٿي هئا.

وڏي ٿيڻ کان پوءِ به ڪيٽيءَ جي ذهن ۾ ”انڊيانا“ جي جنگهلي چشمي جي ڪناري تي گذاريل گهڙين جون وڻندڙ يادون تازيون رهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org