[ 2 ]
ڪکائين
جهوپڙيءَ جا رهواسي
]اسين
پنهنجي نئين گهر ۾ لڳ ڀڳ اُن زماني ۾ پهتاسين،
جڏهن انڊيانا جي رياست يونين ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان
ڪيو هو، اهو هڪ جهنگلي علائقو هو، ان جي ٻيلن ۾ ان
وقت تائين رِڇ ۽ ٻيا جانور گهڻائيءَ ۾ موجود هئا،
آئون اُتي ئي وڌي وڏو ٿيس. – ابراهام لنڪن[
●
نيٺ نينسيءَ جي بي چينيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا ۽ ٽام علائقي جو
جائزو وٺي نومبر ۾ واپس اچي ويو. ٽام کي داستان
گوئيءَ تي به عبور حاصل هو. سو هن پنهنجي لفاظي ۽
شيريني بيانيءَ سان ان علائقي جو نقشو اهڙي ته من
موهيندڙ نموني چٽيو جو کڻي بس. سندس چواڻي علائقو
تمام گهڻو زرخيز هو. اتي جا ميدان، ٻنيون ۽ ٻيلا
پنهنجي هنج ۾ قدرتي وسيلن جي اڻکٽ دولت سمائي ڪنهن
نئين ”سنڌباد“ جي اوسيئڙي ۾ هئا. هن ٻڌايو ته پاڻ
’اوهايو
درياهه‘
کان ڪيترائي ميل اُتر طرف ”پيجن ڪريڪ“ وٽ هڪ سؤ سٺ
ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري آيو آهي. اتي پهچندي ئي
سندن ڏينهن ڦري ويندا، ٺهيل ٺڪيل زندگي ڇڏي، نئون
ڳوٺ اَڏڻ ۾ ٿوري گهڻي ته قرباني ڏيڻي ئي پوندي.
نينسيءَ جي ويران اکين ۾ اميدن جا ڏيئا ٻرڻ لڳا ۽ ايب
انڊيانا جي انهيءَ نئين علائقي جو حال اهڙي انداز
۾ ٻُڌندو هو، ڄڻ سندس شرارتن جي مملڪت ۾ نئين علائقي جو واڌارو
ٿي ويو هجي. ٽام پنهنجي زال ۽ ٻارن سان اتي جي
زرخيزي ۽ شادابي، اتي جي جهنگلي هرڻن، ڪُڪڙين ۽
شڪاري پکين جو حال خوب مزو وٺي بيان ڪيو. پر کانئس
انهيءَ داستان جو هڪ ضروري حصو رهجي ويو يا خبر نه
آهي ته ڄاڻي واڻي يا اتفاق سان، اهو بيان ڪرڻ
وساري ويٺو ته پيئڻ جي پاڻيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو
چشمون به اُتان کان ڪيترائي ميل پري هو ۽ اتي جي
ٻيلن ۾ رڳو هرڻ ۽ ڪڪڙيون ئي نه پر چيتا، شينهن،
رِڇ ۽ ٻيا خوفائتا جانور به رهيا ٿي ۽ انهن علائقن
جي برڪتن ۾ مليريا به شامل هئي. اُتي جي ماٿرين ۾ رهندڙ مڇر وڏي فراخدلي سان
نون آيلن جي دل جي گهراين سان خدمت چاڪري ڪندا
رهندا هئا.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته علائقائي حڪومت جي ادارن، انڊيانا جي علائقي کي بهتر بنائڻ جون
تدبيرون شروع ڪري ڇڏيون هيون. اتي ڪجهه زرخيز زمين
به هئي ۽ ڪنيٽڪي جي علائقي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀلي به
هئي، پر اهو سڄو علائقو لڳ ڀڳ غيرآباد هو ۽ گهاٽا
ٻيلا هنڌين ماڳهين رستو روڪي بيٺا هئا. تنهنڪري
ٽام جهڙو سيماب طبع ۽ مهم پسند پيءَ به سرديءَ جي
سخت موسم ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارڙن کي اهڙي هنڌ منتقل
ڪرڻ کان ٿورو لنوائي رهيو هو. انهيءَ سڄي علائقي ۾
هڪ به جهوپڙي نه هئي، جتي وقتي طرح سرد هوائن کان
محفوظ رهي سگهجي.
پر ٽام جي لاءِ وڃڻ ته ڄڻ ڀاڳ بنجي چڪو هو. تنهنڪري ٽام سفر
جو سعيو ڪيو ته ڊينس هنيڪس به ساڻس گڏ سنڀري پيو.
هنيڪس جي مائٽن مان رڳو نينسي جي گهر وارا ئي وڃي
بچيا هئا. تنهنڪري کانئس وقتي جدائي به سَٺي نه
ٿي. انهيءَ لڏپلاڻ جي داستان جا ڪجهه مرحلا به
هنيڪس جي زباني ئي ٻُڌو.
”نينسيءَ سڄي گهر جو سامان سَڙو هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ ٻه ڳرا
ٿيلها تيار ڪيا، مون سمورو سامان انهن ۾ ڀريو، ٽام
نوان پلنگ ۽ ميزون ڪرسيون سولائي سان ٺاهي ٿي
سگهيو. تنهنڪري اهي پاڻ سان کنيو گهمڻ مناسب نه
سمجهيائين، اهو سمورو سامان ٻن گهوڙن تي لڏيو ويو.
ايب به ڪُلهي ۾ بندوق لٽڪائي ۽ هلڻ لڳو.“
اهڙي طرح اهو ننڍڙو قافلو پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو
۽ ٻن ڏينهن جي لڳاتار سفر کان پوءِ ”اوهايو
درياهه“ جي اُلهندي ڪناري تائين پهچي ويو. اها حد
”انڊرسن ڪريڪ“ جي ڀيٽ ۾ انڊيانا جي وڌيڪ ويجهي
هئي. هنن بار برداري جي لاءِ هڪ ٻيڙي ڀاڙي تي ڪئي
۽
’اوهايو
درياهه‘
اُڪري ٻيءَ ڪنڌيءَ تي پهتا. ان پاسي ”پوزي“ نالي
شخص جي ٻني هئي، هو ڪجهه وقت ساهي پٽڻ جي لاِ
ترسيا، پر کين آرام ڪٿي هو، اڃا ته کين پنهنجي نين
ٻنين تائين پهچڻ جي لاءِ سورهن ميلن جو مفاصلو
رستو ٺاهي طئي ڪرڻو هو، جو اوستائين پهچڻ جو سمورو
رستو گهاٽن ٻيلن سان سَٿيو
پيو هو.
سرءَ جي مند شروع ٿي چڪي هئي، پر ڪن وڻن جي شاخن تي اڃا
تائين پن موجود هئا، ڊگهن وڻن جي زرد ڇوڏي مان اڃا
سوڌي ڪٿي ڪٿي ساواڻ نظر پي آئي. شاه بلوط جي وڻن
جا پن ڏاڍا سخت جان ٿيندا آهن، ۽ سڀني کان
پڇاڙِيءَ ۾ ڇڻندا آهن. تنهنڪري شاه بلوط جا
ڳاڙهسرا پن ڏاڍا سهڻا ٿي لڳا، صنوبر ۽ چنار جا
ٿلها متارا وڻ صدين کان نيري آسمان جي هيٺان ڳاٺ
اوچو ڪيو بيٺا هئا ۽ انڊيانا جي انهن ٻيلن جي
قديمي عظمت جا گواهه هئا.
انهن ٻيلن جي پاڇن ۾ قديم رهاڪو ’ريڊ انڊين‘ به رهندا هئا،
پر انڊيانا جي ان علائقي ۾ 1816ع تائين ڪوبه اهڙو
قبيلو نه پهتو هو. تنهن هوندي به ايب پنهنجي بندوق
ڏاڍي احتياط سان سنڀالي کنئي هئي. درياهه اُڪرندي
هن انهيءَ ڳالهه جو خاص خيال رکيو ته سندس بارود
متان پُسي نه وڃي. هو ٻيلي مان لنگهندي پڻ سڄو وقت
هوشيار رهيو. شايد سندس ذهن ۾ ننڍپڻ جون ڳالهيون
اُڀريون هيون. کيس ياد هو ته سندس نالو
’ابراهام
لنڪن‘ اصل ۾ سندس ڏاڏي جي نالي تي رکيو ويو هو
۽ هن اهو به نه وساريو هو ته سندس ڏاڏي کي انهن
قديم رهاڪن ريڊ انڊين ڪنيٽڪي ۾ ماري ڇڏيو هو. ايب
اهو واقعو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي پيءُ جي واتان ٻُڌي
چڪو هو ۽ هينئر ٻيلي ۾ پهچي سج لهڻ کان پوءِ چئني
طرفن باهه جا اُلا روشن ڪري هن اهو قصو ورجايو.
ايب جو ڏاڏو ابراهام لنڪن ورجينيا مان لڏي ڪنيٽڪي جي ٽڪرين
طرف هليو ويو هو. هو پنهنجي زال بئٽسيا، ٽن ڇوڪرين
۽ ٻن ڇوڪرن جي مختصر ڪُٽنب سان ڪنيٽڪي ۾ ’گرين
رپود‘ جي ڀر پاسي اچي رهيو هو. جتي هن ٻن هزار
ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو هو.
مئي 1786ع جو ذڪر آهي، ايب جو ڏاڏو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري
رهيو هو. ساڻس گڏ سندس ٽيئي ڇوڪرا به ڪم ۾ لڳل
هئا. ايب جو پيءُ ٽام انهن ٽنهي مان ننڍو هو، ان
وقت سندس عمر اَٺ سال هئي، هو چارئي پنهنجي ڪم ۾
جُنبيل هئا، جو ٻيلي مان گولي هلڻ جو آواز آيو ۽
گڏوگڏ ڏاڏو لنڪن اچي پٽ تي ڪِريو ۽ ڇڙيون ئي ٻه
هنيائين. ٽيئي ڀائر دنگ رهجي ويا، اهو سڀ ڪجهه
ايترو ته اوچتو ٿيو هو، جو کين فوري طور تي ڪجهه
به سمجهه ۾ نه آيو. پر جلدئي هو معاملو سمجهي ويا،
ٻيئي وڏا ڀائر قاتلن جي پويان ڀڳا ۽ اَٺن سالن جو
ٽام پيءُ جي لاش وٽ بيٺو رهيو. ڀائرن جي ويندي ئي
ٽام ڏٺو ته هڪ ريڊانڊين پنهنجي ٿمَ مان نڪتو ۽
ڊوڙندو هن ڏانهن اچڻ لڳو.
”ڇا هيءَ وحشي کيس جهلي ويندو؟ يا کيس ماري ڇڏي.“
ٽام ڪجهه به سوچي نه سگهيو، سندس نظرون وحشيءَ جي
سيني تي لڙڪندڙ چمڪندڙ تمغي تي پيون. هو هاڻ گهڻو
ويجهو اچي چڪو هو، جو اوچتو پويان گولي ڇُٽڻ جو آواز آيو. نشانو پنهنجي جاءِ تي لڳو، ٽام ڏٺو ته ان
چمڪندڙ تمغي جي هيٺان وحشي جي ڪاري بدن مان
ڳاڙهي
رت جو ڦوهارو نڪتو ۽ هو ٿوري دير جي لاءِ لُڏيو، پوءِ ڦهڪو
ڪري پٽ تي ڪِري پيو. ٽام جو ڀاءُ سُٺو
نشاني باز هو. هو ڪنهن ترڇي اک جو نشانو وٺي گولي
ڇوڙيندو هو ته اهو نشانو ڪڏهن به خالي نه ويندو هو. ڏاڏا لنڪن
جي وفات کان سڄو گهراڻو ٽڙي پکڙي ويو، جنهن کي
جيڏانهن منهن آيو، تيڏانهن روانو ٿي ويو. ٽام جو
گهراڻو به اڃا تائين لڏپلاڻ ۾ هو.
ايب پهريون ڀيرو جڏهن اهو داستان ٻڌو ته رات جي اونداهي موسم
جي سردي ۽ ٻيلي جي ڀوائتي ماحول ۾ کيس ڊپ ٿيڻ لڳو.
باهه وسامي ويئي هئي، ڏور ڪٿي بگهڙ گوڙ ڪري رهيا
هئا، ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن چيتي به خوفناڪ آواز ڪڍي
ٿي ڇڏيو، جيڪو ٻيلي جي ٿڌي ۽ تيز هوائن ۾ گڏجي ڳچ
دير تائين ٻُرائيندو رهندو هو ۽ ڊپ سبب ويچاري ايب
جي ڪرنگهي جي هڏيءَ ۾ سيسڙاٽ پئجي ٿي ويا.
جڏهن هو پنهنجي نين ٻنين تائين پهتا ته کيس اِهي سڃاڻڻ ۾
ڏکيائي ٿي. اهو ته اتفاق هو، جو ٽام هڪ سؤ سٺ
ايڪڙن جي چئني پاسن ڪُنڊن وٽ ڪيتريون ئي وڻڻ جون ٽاريون هڻي آيو
هو. انهن ٽارين جي مدد سان ٻني ڳولهي لڀڻ ۾ آساني
ٿين. ايب پنهنجي پيءَ سان گڏجي هڪ اڌو گابري
جهوپڙي تيار ڪئي، جهوپڙي ڇا هئي؟ اٽڪل چوڏهن فوٽ
ڊگهي ۽ ايتري ئي ويڪري هئي، جيڪا ڪاٺ جون لٺيون
کوڙي، وڻن جي پنن ۽ جانورن جي کلن منجهان ٺاهي
ويئي هئي. گهر جي اُلهندي ڀت غائب هئي، اهڙيءَ طرح
ڏينهن رات مَچ ٻرندو رهندو هو. انهيءَ گهر کي شايد
جهوپڙي چوڻ به مناسب نه هو. وڻن جون سڪل پتيون
سندن لاءِ فرش ۽ بستري جو ڪم ڏينديون هيون. جيئن
نوريئڙا وڻن جي کوکلن ٿُڙن ۾ رهندا هئا، تيئن هو
به ائين هن گهر ۾ رهندا هئا، مينهن ۽ برفباري کان
بچاءَ جي ڪابه صورت نه هئي.
ٽام جلدئي ڪاٺ جي ٿوڻين جي باقاعده جهوپڙي اڏڻ شروع ڪئي، پر
سردين جي سڄي مُند سندس زال، سارا ۽ ايب انهيءَ
بنا ڇت ۽ ڀتين واري گهر ۾ سيءَ سبب ڏڪندا رهيا.
خوشقسمتيءَ سان کين شڪار سولائي سان ملي ويندو هو، نه ته
شايد کين بکون ڪاٽڻيون پون ها. جهنگلي پکين ۽ هرڻن
جي گهڻائي هئي. البت پاڻي جي وڏي مصيبت هئي. پيئڻ
جي پاڻي جو چشمو به اتان کان هڪ ميل جي پنڌ تي هو،
انهيءَ چشمي تائين ويچاري ايب کي ڏينهن ۾ ڪيترائي
چڪر هڻڻا پوندا هئا. سندس ذمي رڳو اهو هڪ ڪم ته
ڪونه هو. هو جهوپڙيءَ جي لاءِ وڻن جون ڪاٺيون وڍڻ
۾ به پيءَ جي مدد ڪندو هو، هڪ ڀيري ته هو جهنگلي
ڪُڪڙ به ماري.
گهڻو پوءِ جي لکڻين ۾ ابراهام لنڪن پنهنجو ذڪر ڏاڍي دلچسپ
انداز ۾ ڪيو آهي، ايب ڪٿي به پنهنجو نالو نه کنيو
آهي، ڄڻ هو ڪنهن ٻي ڇوڪري جو ذڪر ڪري رهيو هجي، هو
لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ ننڍي وهي جو هو، پر پنهنجي
عمر جي ڀيٽ ۾ ڪافي وڏا ڪم ڪري گذرندو هو. هن ننڍپڻ
۾ ئي ڪهاڙي سنڀالي ورتي ۽ 23 سالن تائين اها
لڳاتار استعمال ڪندو رهيو. فصل جي پوکائيءَ ۽
لاباري مهل انهن ڪمن ۾ جنبي ويندو هو، نه ته هو
هوندو هو ۽ سندس ڪُهاڙي انهيءَ زماني ۾ ايب شڪار
ڪرڻ به شروع ڪيو، پر هو سُٺو نشاني باز بنجي نه
سگهيو.“
هڪ ڀيري جڏهن هو پنهنجي عمر جو اَٺون سال پورو ڪري رهيو هو
ته هڪ دلچسپ واقعو ٿيو، سندس غيرموجودگيءَ ۾
جهنگلي ڪُڪڙين جو هڪ ولر سندن جهوپڙيءَ جي ويجهو
آيو، هن بندوق کنئي ۽ هڪ سوراخ مان ڪُڪڙين تي گولي
هلائي هڪ جو شڪار ڪيو، انهيءَ کانپوءِ هن انهيءَ
کان وڏو شڪار نه ڪيو.
نيٺ اپريل جو مهينو اچي ويو. بهارجي رُت پنهنجي سڀني رعنائين
سان اچي سَهڙي،
مسي.سي.پي، اوهايو ۽ پوءِ پيجن ڪريڪ جا علائقا
پاڻمرادو ڦٽندڙ وڻن، رنگ برنگي، سرسبز ۽ شاداب وڻن
سان ڀَرجي ويا، سڄو علائقو رنگن ۽ هُڳائن جي هڪ
سيلاب ۾ ٻُڏي ويو هو. فصلن ۾ لابارو پئجي ويو هو ۽
ٿورو سڪون جو موقعو مليو، پر اڃا به هينئن ٿيندو
هو ته رات جو رِڇ ايندا هئا ۽ لنڪن جا پالتو جانور
چَٽ ڪري ويندا هئا.
1817ع جي بهار جي مُند ۾ يعني لنڪن جي گهر وارن جي اچڻ کان هڪ
سال پوءِ هڪ ٻيو گهراڻو سندن تنهاين ۾ شريڪ ٿي
ويو. اهي ٿامس، بيٽسي اسپيرو ۽ ڊينس هنيڪس هئا،
ٿامس ۽ بيٽسي ئي، نينسيءَ جي پالنا ڪئي هئي.
تنهنڪري انهيءَ علائقي ۾ اهي ٻيئي نينسيءَ جي ماءُ
۽ پيءُ جي نالي سان ئي مشهور هئا. اسپيرو جو اهو ڪُٽنب
به انهيءَ اڌ کُليل گهر ۾ اچي ٽڪيو، جيڪو هاڻي
خالي پيو هو، ڇو ته لنڪن پنهنجي ڪاٺ جي جهوپڙي اڏي
ورتي هئي ۽ هو انهيءَ ۾ وڃي رهيا هئا. اها جهوپڙي
اَٺ فوٽ ويڪري ۽ ويهه فوٽ ڊگهي هئي، نينسي انهيءَ
۾ ڪاٺ جا صندل به لڳايا ها. هڪ پاسي ڪاٺ جو چرخو
رکيو هو، ڪجهه اسٽول ۽ هڪ ميز به گهر ۾ اچي ويئي
هئي، پر جهوپڙي جي حالت اڃا تائين درست ٿي نه سگهي
هئي، فرش خالي زمين جو هو، ڇت مختلف هنڌن تان کُليل هئي، ڀتين ۾ ڏرڙ ۽ ڦوٽون هيون، جن مان سياري ۾ هوا زوزاٽ
ڪندي ايندي هئي. دروازن ۾ اڃا سوڌي ڪڙا
ڪُنڊا
به نه لڳي سگهيا هئا. بس مٿو لڪائڻ جو هڪ ٺڪاڻو ٺهي پيو هو.
شايد ان ئي مصيبت جي زندگيءَ جي ڪري ان زماني ۾ ماڻهو گهڻو عرصو جيئرو نه رهندا هئا.
ڊينس هنيڪس پنهنجا تاثرات هينئن بيان ڪيا آهن:
”اسين اڪثر شڪار ڪندا رهندا هئاسين، خاص ڪري تڏهن جڏهن
18-1817ع جي سردين ۾ ٻئي گهراڻا ٿڌ سبب ڏڪندا
رهيا، لنڪن پنهجي اڻ پوري جهوپڙي ۽ اسپيرو پنهنجي
اڌ کليل جهوپڙيءَ ۾، انهن ٻنهي گهراڻن گڏيل محنت
سان اٽڪل ڇهه ايڪڙ زمين بلڪل صاف ڪري پوک جي لائق
ٺاهي ڇڏي هئي ته جيئن 1818ع جي بهار جي مُند ۾ فصل
پوکي سگهن، ڇو ته هيستائين انهن ٻنهي گهراڻن جو
گذارو گهڻو ڪري جهنگلي پکين جي شڪار، خشڪ ميون ۽
فروٽ تي هو.“
پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو، خزان جي مُند ايندي ئي سندن
گلشن ۾ خزان ڇانئجي ويئي. انهيءَ سڄي علائقي ۾ هڪ
عجيب پُراسرار بيماريءَ اچي منهن ڪڍيو، جنهن ۾
ماڻهو ته ماڻهو پر جانور به مرڻ لڳا هئا.
ٿامسن ۽ بيٽسي اسپيرو بيمار ٿي پيا، اڌ ٺهيل گهر، سخت موسم،
ڪراڙو جسم، ڀلا ڪو ڪيترو سختيون سهي ٿي سگهيو،
نينسي ڏينهن ۽ رات سندن تيمارداري ڪئي، پر آيل
گهڙي ٽري نه سگهي. ٿامس ۽ بيٽسي سڪل پنن جي ڍڳ تي
وڃي ڌڻي کي پرتا- انهيءَ وقت حالت ئي اهڙِي هئي جو
دوا درمل ته پنهنجي جاءِ تي پر ڍنگ جو هنڌ ۽ کٽولو
به کين ميسر نه هو.
ٽام ڪاٺ جا ٻه تابوت ٺاهيا ۽ ٻنهي زال مڙسن کي هڪٻئي جي ڀَر
۾ دفنائي ڇڏيو. هو اڃا انهن جي ڪفن دفن مان واندو
مس ٿيو جو نينسيءَ جي حالت خراب ٿيڻ لڳي، ويجهي ۾
ويجهو ڊاڪٽر به پنجٽيهه ميل پري هو، پنجٽيهه ميل
وڃڻ ۽ اچڻ جي دوران الائجي ڇا ٿي وڃي. کيس سمجهه ۾
نه پئي آيو ته ڇا ڪري ٻه ننڍڙا ٻار، بيمار ماءُ،
ٽام بدحواس ٿي ويو، کيس خبر هئي ته آيل گهڙي ٽري
نه ٿي سگهي، انهيءَ منحوس ۽ قاتل بيماريءَ جي حملي
کان هيستائين ڪير به بچي نه سگهيو هو.
سرءُ جي موسم جي هڪ صبح جو نيرو آسمان چمڪي رهيو هو. سارا ۽
ايب جي پياري امڙ ٻنهي ٻارن کي پنهنجي ڀرسان سڏيو
۽ دل ڀري ٻنهي جي هئڊن ۽ مُرجهايل مهانڊن کي
ڏٺائين ۽ ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان
رهڻ جو واعدو ورتائين ۽ پوءِ سدائين جي لاءِ اکيون
ٻُوٽي ڇڏيائين. ٻئي ٻار غم سبب بي سُڌ ٿي ويا، هاڻي ڪيبن سدائين جي لاءِ
نينسيءَ جي ٻاجهه ۽ ممتا ڀريل آواز کان محروم ٿي
چڪي هئي.
ڊينس هنيڪس انهيءَ واقعي جو هينئن ذڪر ڪيو آهي:
”او خدا! آئون اها بدبخت گهڙي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، جڏهن
نينسيءَ ڪاٺ جي انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ اسان کان مُنهن موڙيو. جهوپڙيءَ ۾ ڪاٺ جو هڪ بُنڊ پيو هو، مون ۽ ايب اهو
وڍڻ ۽ چيرڻ ۾ ٽام جي مدد ڪئي. ٽام ڏڪندڙ هٿن سان
نينسيءَ جي لاءِ تابوت ٺاهيو. آئون ۽ ايب ڪاٺ
جهليو ويٺا هئاسين ۽ ٽام انهن ۾ ميخون هڻندو رهيو.
مون کي ائين لڳو ڄڻ ٽام ڪنهن نه ڪنهن جو تابوت
ٺاهيندوئي رهندو. اسان نينسيءَ جي آخري آرامگاهه
ان ئي ٻيلي ۾ هڪ اهڙي هنڌ ٺاهي، جتان هرڻن جون
قطارون لنگهنديون هيون. هرڻن جي ساده دلي ۽
معصوميت کي نينسيءَ جي فطرت سان ڪيتري نه هڪجهڙائي
هئي، نينسي به هڪ هرڻي ئي ته هئي. جيڪا پنهنجن ٻن
معصوم ٻارن کي ڇڏي هڪ ئي ڇال ڏيئي اسان کان اڳتي
نڪري ويئي هئي.“
انهيءَ وقت ايب جي عمر مشڪل سان نوَ سال هئي، پر هو سڄي عمر
پنهنجي امڙ جي آخري گهڙين کي وساري نه سگهيو!
پن ڇڻ جي موسم ختم ٿي ويئي، برفباري به بند ٿي ويئي ۽ اها منحوس بيماري به جهڙن دٻيل
پيرن سان آئي هئي، تهڙن ئي دٻيل پيرن سان واپس وڃي
چڪي هئي. نينسي جي آخري آرامگاهه ڏاڍي پُرسڪون هنڌ
تي هئي ۽ جڏهن به ايب پنهنجي امڙ جي ياد ۾ بيقرار
ٿيندو هو ته پنهنجي ننڍڙي ۽ معصوم دل کي ڏڍ ڏيڻ جي
لاءِ ماءُ جي قدمن ۾ هليو ايندو هو. |