هڪ استاد
کي ڇا سيکارڻ گهرجي
]هڪ خط[
ابراهام لنڪن
]ابراهام
لنڪن، پنهنجي پَٽ جي استاد کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾
هن کيس لکيو ته هو هڪ استاد کان پنهنجي شاگرد کي
ڇا سيکارڻ جي توقع رکي ٿو، خط جي اهميت کي نظر ۾
رکندي هيٺ اُن جو ترجمو ڏجي ٿو. - سنڌيڪار[
●
”آءٌ سمجهان ٿو ته کيس اها خبر ته پئجي ويندي ته سڀئي انسان
ته مڪمل طور تي انصاف پسند هوندا آهن ۽ نه وري
مڪمل طور تي سچا، پر کيس اهو ذهن نشين ڪرائجو ته
دنيا ۾ جتي هڪ شيطان هوندو آهي، اُتي ان جي مقابلي ۾ هڪ نيڪ انسان به هوندو آهي، ساڳئي طرح هر
خودغرض سياستدان جي مقابلي ۾ هڪ بي لوث ۽ مخلص
سرواڻ به موجود هوندو آهي.
کيس اهو به سيکاري ڇڏجو ته جتي دشمن سان واسطو پوي ٿو، اُتي دوست به ملن ٿا، جيڪڏهن ٿي سگهي ته کيس
حسد کان پري رکجو. کيس دل ئي دل ۾ کِلڻ جا گُر
سيکاري ڇڏجو. کيس ننڍپڻ ۾ اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته
ڀڀڪيون ڏيندڙ ۽ پاڻ پَڏائڻ
واري کي مات ڏيڻ ڏاڍو سولو هوندو آهي. ٿي سگهي ته
کيس ڪتابن ۾ موجود حُسن ۽ حيرت جو شوقين بنائي
ڇڏجو. کيس واندڪائيءَ جون گهڙِون به ڏجو ته جيئن
هو، هوا ۾ اُڏامندڙ پکين، سج جي ڪِرڻن ۾ وهنجندڙ
ماکيءَ جي مکين ۽ سرسبز پهاڙن جي ڀِڪَ
۾ ٽڙندڙ گلن جي سدابهار جادوءَ تي غور ۽ ويچار ڪري
سگهي، کيس اهو به ذهن ۾ ويهارجو ته دوکي ۽ فريب
سان حاصل ڪيل ڪاميابيءَ
کان ناڪامي وڌيڪ عزت واري آهي.
کيس پنهنجي سوچَ ۽ فڪر تي ڀروسو ڪرڻ سيکارجو، پوءِ
ڀلي ٻين جي راءِ ۾ سندس سوچَ غلط ڇو نه هجي.
منجهس شريفن سان شريفاڻون سلوڪ ڪرڻ ۽ بدمعاش سان
سختيءَ سان منهن ڏيڻ جو گُڻ پيدا ڪيو.
منهنجي پُٽ جي ڪردار ۾ اهڙي سگهه اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو،
جيڪا کيس بگهڙ جي چال کان محفوظ رکي، خاص ڪري تڏهن
جڏهن آسپاس جا ماڻهو چڙهندڙ سج جي سامهون جُهڪڻ
۽ پرڻام ڪرڻ جي لاءِ بي چين هجن. منجهس سڀني جي
ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو هجي، پر سڀني ڳالهين کي سچ جي
سَراڻ
تي چاڙهي، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ رڳو سچ کي اختيار
ڪرڻ جي صلاحيت هجي. ٿي سگهي ته کيس اداسيءَ جي حالت ۾ کِلڻ جو فن سيکارجو، کيس
سمجهائجو ته لُڙڪ ڳاڙهڻ ڪو شرم جوڳو عمل ڪونهي،
کيس مِٺين مِٺين
ڳالهين ۽ نااميدين
کي حقارت سان ڏسڻ سيکارجو. سندس اهڙي نموني تربيت
ڪجو ته جيئن هو پنهنجي ذهني ۽ جسماني محنت جو
ڀرپور اجورو حاصل ڪري سگهي، پر ڪنهن به قيمت تي
پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪري، کيس ان جي به قابل
بڻائجو ته هو رڙيون ۽ واڪا ڪندڙ ميڙ جي هُل ۽
هنگامي تي ڪن نه ڏي. جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ کي حق
تي سمجهي ٿو ته مستقل مزاجيءَ سان ڄمي ان جو مقابلو ڪري.
ساڻس نرميءَ
سان پيش اچجو، پر لاڏ ۽ پيار سان نه. لوهه، باهه
مان تپي ئي سٺو رُڪ بنجي ٿو. منجهس بيقرار هئڻ جي تڙپ ۽
حوصلو هئڻ گهرجي ۽ بهادري جي اڏولتا پڻ. منجهس
پنهنجي ذات ۾ ڀروسو ڀري ڇڏجو، تڏهن کي کيس بني نوع
انسان تي ڀروسو ڪرڻ نصيب ٿيندو.
فرمائش ته تمام وڏي آهي، جيڪو ٿي سگهي، سو ڪجو. مون کي
پنهنجو ٻارڙو گهڻو پيارو آهي.
[ 1 ]
نينسيءَ جو ننڍڙو مهمان
]منهنجي
زندگيءَ جي شروعاتي واقعن کي اختصار سان، پر جامع
نموني هڪ ئي جملي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو جملو
”گري“ جي مرثيي ۾ موجود آهي، غريبن جي سادي ۽
مختصر ڪهاڻي[
●
نولن ڪريڪ جي سرحد وٽ وڻن ۽ جهنگلي ٻوٽن سان ڍڪيل ٽڪرين جو
سلسلو پري پري تائين هليو ٿي ويو، رستا ته پنهنجي
جاءِ تي، پر مينهن جا کڏا به برف سان ڍڪيل هئا، سردي پنهنجي جوڀن
تي هئي، پر اهڙي موسم ۾ به نوَن ورهين جو ڊينس
هنيڪس، برف جي کڏ کان پاڻ بچائيندو، تڪڙو تڪڙو
انهيءَ رستي ڏانهن وڌندو پي ويو، جيڪو جابلو
علائقي مان لنگهي، لنڪن ڪيبن طرف ٿي ويو.
اهو آچر جو ڏينهن ۽ 1809ع جي فيبروري مهيني جي ٻارهين تاريخ
هئي.
ڊينس کي شايد ئي انهيءَ ڳالهه جو احساس هو ته انهيءَ هڏن ۾
گهڙي ويندڙ سرديءَ جي اِها
صبح آمريڪي تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ ڏينهن بڻجي
ويندو، هو ته خوشيءَ مان ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو پئي
ويو، جو ٽام لنڪن ۽ نينسيءَ جي گهر هڪ نينگر ڄائو
هو، جنهن جو نالو هن ابراهام لنڪن رکيو.
نينسي، هنيڪس جي چاچي جي ڌيءَ يعني سندس سؤٽ هئي. هنيڪس،
نينسيءَ کان ڪجهه سال ننڍو هو، ٻنهي جي پالنا
نينسيءَ جي چاچي ٽام ۽ چاچيءَ بٽيسي اسپيرو ڪئي
هئي، ٻئي ننڍي هوندي کان ئي سڳن ڀاءُ ڀيڻ وانگر
رهندا آيا هئا ۽ منجهن سڳن ڀاءُ ڀيڻن جهڙي محبت
هئي، اهوئي سبب هو جو جيئن ئي هنيڪس کي نينسيءَ وٽ
ٻارڙيءَ جي جنم جي خبر پئي ته هو پاڻ کي جلهي نه
سگهيو ۽ سخت سردي ۽ برفاريءَ جي پرواهه ڪرڻ کان
سواءِ ٻارڙيءَ کي ڏسڻ جي لاءِ گهران نڪري پيو.
نينسيءَ کي به هنيڪس ۽ پنهنجي چاچي ۽ چاچيءَ سان هڪ خاص قسم
جو لڳاءُ هو. سندس اها به خواهش هئي ته ننڍڙي ايب
کي پهرين اهي ئي ڏسن.
جنهن وقت ڊينس ٻوڙن ۽ ٽڪرين تان ٽپندو ميدان ۾ پهتو ته کيس
لنڪن جي ڪيبن جي چمنيءَ مان نيري رنگ جو دونهون
نڪرندي نظر آيو، اهو ڏسي هو اڃا به وڌي هلڻ لڳو،
کيس لومڙيءَ جي کل جي ٽوپي پاتل هئي ۽ انهيءَ جو
پُڇ هوا ۾ اُڏامي رهيو هو، هو سوچي رهيو هو ته
ننڍڙو ايب ڪنهن تي ويو هوندو. ممڪن آهي ته پڻهنس
جي مُهانڊي تي ويو هجي، يا شايد ماڻهنس تي. هونئن
به ڊينس کي ننڍن ٻارن سان ڪو گهڻو لڳاءُ نه هو، پر
شايد نينسيءَ جو ننڍڙو مهمان، عام ٻارن کان مختلف
هُجي.
نينسيءَ جو گهر لنڪن ڪيبن، هڪ ڪمري وارو ننڍو گهر هو، ڪمري
جي بخاري ۾ ڪاٺيون ٻري رهيون هيون، ۽ انهن جو نيرو
دونهون چمنيءَ مان نڪري ڳوٺ جي سرد فضا ۾ گم ٿي
رهيو هو. ڪمرو باهه جي ڪري سُهائو ۽ ٿورو گرم هو.
ڊينس ڪڙو لاهي اندر گهڙيو، سندس نظرون نينسيءَ جي
مُرڪندڙ مُک تي پيون، جنهن جي چهري تي ٿڪاوٽ جا
آثار هئا. ڪمزور چهري کي مامتا جي جذبن اڃا به
موهيندڙ بنائي ڇڏيو هو ۽ ڊينس جون نظرون نينسيءَ
جي چهري تان هٽي پهريون ڀيرو ننڍڙي ايب تي پيون،
جنهن کي هڪ ڏينهن آمريڪا جو محبوب صدر بڻجڻو هو.
ڪيترن سالن کان پوءِ جيتوڻيڪ ڊينس هنيڪس پوڙهو ٿي چڪو هو، پر
سندس ذهن مان سردين جي ان صبح جي ياد ڪڏهن به گم
نه ٿي ۽ هو وڏي شوق سان انهن ڳالهين کي مرچ مصالا
وجهي پيو ٻڌائيندو هو ۽ هڪ افسانوي داستان وانگر
ايب بابت ۽ انهيءَ ڏينهن بابت پيو ڳالهيون گهڙيندو
هو، پر انهيءَ جي باوجود به ماڻهو ڊينس جون
ڳالهيون ٻڌي نه ٿڪبا هئا. کين ڊينس جون ڳالهيون
ڪڏهن به نه وسرنديون هيون، جڏهن هو پنهنجي مخصوص
ڳوٺاڻي لهجي ۾ چوندو هو، ”نينسي پنهنجي بستري تي
ليٽي پئي هئي، هوءَ ڏاڍي خوش هئي، ٽام، بخاري ۾
باهه ٻاري ڇڏي هئي، هن ماءُ ۽ ٻار تي کل جو ٺهيل
هڪ ڪمبل اوڍي ڇڏيو هو، ٻاهر جي ڀيٽ ۾ اندر ڪمري ۾
سردي ڪافي گهٽ هئي.
چاچي بيٽسي اسپيرو کي ته صفا ڪن کنڻ جي به واندڪائي نه هئي.
ماءُ ٻار جو ڪيتروئي ڪم مٿس اچي پيو هو. هوءَ ڏاڍي
تيزيءَ سان ڪم اُڪلائيندي پي ويئي. کيس ٻارڙي جي لاءِ ڪپڙا سبڻا هئا، جنهن لاءِ سُئيءَ جو
بندوبست ڪرڻ، ماءُ جي لاءِ هلڪي ۽ جلد هضم ٿيڻ
واري غذا جو بندوبست ڪرڻ، مطلب ته کيس ڪيترائي ڪم
هئا، جيڪي چاچي بيٽسي اسپيرو کي ڪرڻا هئا، هن
تڙتڪڙ ۾ پنهنجي ڏهٽيءَ جي لاءِ هڪ قميص ۽ هڪ چڊي
سُبي کيس پارائي، پوءِ ڏاڍي احتياط سان کيس ڪمبل ۾
ويڙهيو.
هن نينسيءَ جي لاءِ هڪ بوتل مان ماکي ڪڍي انهيءَ ۾ ڳچ جيترو
ميوو ملايو ۽ پوءِ باهه تي رڌجڻ جي لاءِ رکي ڇڏيو،
تنهن کان پوءِ هوءَ گهر جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ لڳي
ويئي.
ڊينس خوشيءَ مان ٽڙندي ٻارڙيءَ کي هنج ۾ کنيو، جيڪو چيريءَ
جي ميوي جيان لڳي رهيو هو، نينسي ڏڪندڙ آواز ۾
آهستي آهستي چيو، ”ڊينس! ٿورو خيال سان.... تون
پهريون ڇوڪرو آهين، جنهن کي هن ڏٺو آهي، متان ڊڄي
نه وڃي!“
ٻارڙو ڊينس جي هنج ۾ روئڻ لڳو، ڊينس کيس وندرائڻ جي ناڪام
ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ روئيندڙ ايب کي چاچي بيٽسي اسپيرو
جي حوالي ڪندي چيائين، ”چاچي هن کي وٺ! هي ته صفا
ڪو روئڻو آهي... ڄڻ سڄي عمر ائين ئي روئندو
رهندو.“
ڊينس جا لفظ شايد سچ ئي ثابت ٿين ها. لنڪن جا گهر وارا غريب
۽ سادا سودا هئا ۽ خاص ڪري منيڪس جو گهراڻو ته صفا
سادو ۽ نيڪ سڀاءَ ماڻهن جو هو. کين ڪڏهن به ان
ڳالهه جو گمان ٿي نه سگهيو ته ڪو هي ٻارڙو هڪ
ڏينهن ڏاڍو مشهور ماڻهو ٿيندو.
ننڍڙي ايب جو پهريون سال گهر ۾ امڙ جي هنج ۾ ٿڃ پيئندي،
کائيندي ۽ کيڏندي گذريو. هو پينگهي ۾ ليٽيو پيو
آڱوٺو چوسيندو ۽ ڇت کي تڪيندو هو، ڪمري جي بخاري ۾
کيس باهه ٻرندي نظر ايندي هئي. ڪپهه کي ڪَتڻ لاءِ چرخي جو گهمندڙ ڦيٿو، پنهنجي امڙ جو مُرڪندڙ چهرو،
جيڪا جُهڪي
کيس پيار ڪندي هئي ۽ شايد پنهنجي پيءُ ٽام لنڪن جي
سخت ڪارن وارن ۽ منهن تي به سندس نظر پوندي هئي،
جڏهن هو شڪار تي وڃڻ مهل بخاري جي مٿان لڳل ڪِلَ
مان لڙڪندڙ بندوق لاهيندو هو.
هن جي نظر اڪثر ڪري پنهنجي ٻن سالن جي ڀيڻ سارا جي چهري تي
به پوندي هئي، جيڪا وڏي محبت سان پنهنجي ننڍڙي
مٺڙي ڀاءُ کي جهڪي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. سندس لوڏ
کي لوڏيندي هئي ۽ کيس مُرڪندو ڏسي پاڻ به ڏاڍو
کلندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي ٻاتن ٻولن ۾ لڳاتار اهو
پُڇندي رهندي هئي ته ”ادا ننڍڙو ڪڏهن وڏو ٿي مون
سان ڳالهائيندو ۽ رانديون کيڏندو؟“
سارا کي اُميد هئي ته ننڍڙو ايب ٻئي سال پنهنجي ڀيڻ جي آڱر
جهلي، صاف پاڻيءَ جي انهيءَ چشمي تائين ضرور پهچي
ويندو، جنهن جي ڪري سندس پيءُ جي ٻني سڄي ڳوٺ ۾
مشهور هئي. اهو چشمو هڪ ننڍي غار مان نڪري سينور
ڄميل پٿرن جي وچ مان وهندو، ڏاڍي پُراسرار طريقي
سان گُم ٿي ويندو هو.
جڏهن ايب لنڪن ٿورو وڏو ٿيو ته هو ”سڪنگ اسپرنگ فارم“ جي
باري ۾ سڀڪجهه وساري چڪو هو، هو ”هوج نيول ڪينٽڪي“
جي ڀرسان ”سائوٿ فورڪ نولن ڪريڪ“ جي ڀرواري جڳهه
کي به وساري چڪو هو، جتي هو ڄائو هو، سندس ذهن ۾
شروعاتي ڏينهن جون جيڪي يادون محفوظ هيون، انهن ۾
سڀ کان پهرين انهيءَ ٻنيءَ جو تصور ٿي اُڀريو، جتي
سندس گهر وارا منتقل ٿيا هئا، انهيءَ وقت سندس عمر
ٻه سال هئي، سندس پيءَ ٽام لنڪن کي هڪ ڀيرو ٻيهر
پنهنجو نئون گهر اڏڻو پيو هو، اهو نئون گهر ڪاٺ جي
مضبوط لٺين جي ٺهيل جهوپڙي هئي.
’مل
ڊراهل‘
جي پهاڙي ڀڪ ۾ ”ناب ڪريڪ“ هڪ زرخيز ماٿري هئي، ٽام
لنڪن انهيءَ سائيدار، سرسبز ۽ شاداب ماٿريءَ ۾
پنهنجو نئون گهر اڏيو.
ڏسندي ئي ڏسندي ايب وڏو ٿي ويو، ڊينس هنيڪس، ابراهام لنڪن جي
ننڍپڻ جا واقعا ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندو هو.
”هو ٻڪريءَ جي کل جا جوتا، لومڙيءَ جي کل جي ٽوپي، ٿلهي ڪپڙي
جي قميص ۽ پاجامو پايو هيڏانهن هوڏانهن ٺينگ ٽپا
ڏيندو وتندو هو. هو نينسيءَ کي گهٽ ستائيندو هو ۽
گهڻو ڪري پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو
اگهاڙي پيرين ئي گهر مان نڪري ويندو هو. جڏهن ايب
ٿورو وڏو ٿيو ته هو اسان سان گڏ شڪار تي به هلڻ
لڳو، جڏهن آئون ۽ ٽام لنڪن شڪاري ڪُتن کي ساڻ ڪري
جهنگلي جانورن جي شڪار تي نڪرندا هئاسين ته ايب به
اسان سان گڏ هلندو هو، هو ٻيلي ۾ شرارتون ڪندو
وتندو هو، ماکيءَ جي مکين کي ڏسي سندن پيڇو ڪندو
هو، انهن جي ماناري تائين پهچي ويندو هو ۽ وڻ تي
چڙهي انهن جو مانارو لاهي کڻي ايندو هو، هڪ ڇوڪري
جي لاءِ اها زندگي دلچسپ به هئي ته خطرناڪ پڻ، پر
ايب ڪنهن خطري کي ليکيندو ئي نه هو.“
انهيءَ زماني بابت ايب لنڪن جي ذهن ۾ ڪجهه هن قسم جون يادون
محفوظ هيون. هو چوندو هو، ”ننڍپڻ جي بلڪل شروعاتي
واقعن مان مون کي هاڻ فقط ’ناب ڪريڪ‘ ياد رهجي ويو
آهي. اسان جي ٻني ٽن وڏن ميدانن تي مشتمل هئي، انهيءَ ميدان جي چئني طرفن اوچيون اوچيون
ٽڪريون ۽ اونهيون کاهيون هيون. ڇنڇر جي هڪ شام جو
اسان سڀني ڇوڪرن گڏجي هڪ ٻنيءَ ۾ ٻج پوکڻ جو فيصلو
ڪيو. اهو ٻني جو ٽڪر ستن ايڪڙن تي مشتمل هو. ٻيا
سنگتي ته ٻنيءَ ۾ اناج پوکڻ لڳا، پر آئون ڪدوءَ جا
ٻج ڇٽڻ لڳس، مون هڪ قطار ڇڏي ٻي قطار ۾ ٻج ڇٽڻ
شروع ڪيا. اهڙِيءَ طرح اسين سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ ڪم
ڪندا رهياسين. ٻئي ڏينهن آچر جي صبح جو ڪڪر مِڙي
آيا ۽ پهاڙن تي خوب طوفاني مينهن وٺو، جيتوڻيڪ
ماٿريءَ ۾ مينهن جو هڪ ڦڙو به نه وٺو هو، پر ٽڪرين
جي رستن ۽ لاهيارين ٽڪرين تان پاڻي زور سان وهندو
ٻنين ۾ ويو ۽ اناج ۽ ڪدوءَ جا ٻج انهيءَ ۾ لڙهي
ويا ۽ ٻني صاف ٿي ويئي.“
اهڙيءَ ئي هڪ طوفاني ٻوڏ ۾ هڪ ڀيرو ايب هڪ پهاڙي ناليءَ ۾
ڪِري پيو ۽ ٻُڏندي بچيو. اتفاق سان سندس هڪ دوست
آسٽن ساڻس گڏ هو، جنهن هڪدم وڻ جي هڪ ٽاري پاڻيءَ
۾ وڌي ۽ اها ايب جلهي ورتي ۽ پوءِ آسٽن وڏي احتياط
سان اها ڇڪيندو کيس ڪناري تائين وٺي آيو. ائين ايب
جي جان بچي ويئي.
ايب سڀ کان پهرين ’ناب ڪريڪ‘ جي ميدانن ۽ ٻنين مان ئي وشال
دنيا جي پهرين جهلڪ ڏٺي، سندس گهر جي سامهون هڪ
وڏو رستو ”ڪمبرلينڊ ٽريل“ لنگهندو هو انهيءَ رستي
تان هر قسم جا مسافر لنگهندا هئا. سوداگر،
لاڏائوئن جا قافلا، نين وسندين ۽ آبادين جي ڳولا ۾
گهمندڙ مختلف رنگن ۽ نسلن جا ماڻهو، ڪڏهن زنجيرن ۾
جڪڙيل غلام به نظر ايندا هئا. هڪ ڀيري هو ان ئي
رستي تي هڪ سپاهيءَ سان مليو، جيڪو 1812ع جي جنگ
کان پوءِ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي گهر موٽي رهيو هو.
ايب، انهيءَ فوجي کي هڪ مڇي ڏني، جيڪا هن جابلو
نديءَ مان جهلي هئي.
ايب انهن سڀني سان ملندو رهيو هو، ڀانت ڀانت جا ماڻهو، هو
انهن سڀني جون ڳالهيون ٻڌندو هو. اهڙيءَ طرح سندس
ڄاڻ ۽ حيرت ۾ واڌارو ٿيندو رهندو هو. ماڻهو انهيءَ
وقت به ايب جي باري ۾ چوندا هئا ته اهو وڏن ڪنن
وارو نينگر هن ننڍي وهيءَ ۾ ئي نيون نيون ڳالهيون
ڄاڻڻ ۽ سکڻ جو ڪيترو نه شوقين آهي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول ماستر آيو، جنهن
جو نالو
’ذڪريا
رائني‘ هو. هن ڪاٺ جي لٺن مان ٺهيل هڪ جهوپڙيءَ
۾ ڳوٺ جي ٻارن کي گڏ ڪري پڙهائڻ شروع ڪيو.
جهوپڙيءَ جو فرش ڪافي گندو هو، سڀ ڇوڪرا انهيءَ
جهوپڙيءَ ۾ گڏ ٿي نج کٿابي انداز ۾ زور زور سان
لڏندا پڙهندا هئا. ايب کي انهيءَ اسڪول ۾ جيڪا وڏي
سڏ پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي، سا پوءِ يا عمر هن سان
لاڳو رهي. هو وڏو ٿيڻ بعد به سدائين وڏي سڏ پڙهندو
هو.
ايب جي پيءَ ٽام لنڪن کي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي. خود
ابراهام لنڪن پنهنجي پوءِ جي لکڻين ۾ هن بابت
لکيو، ”هو ننڍپڻ ۾ ڏاڍو محنتي ۽ لاابالي طبيعت جو
هو. هن لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڌريو.“
ٽام هڪ سٺو شڪاري به هو، واڍڪو ڪم به سٺي نموني ڄاڻندو هو،
ٻني ٻاري جو ڪم به دل لڳائي ڪندو هو، پر هو ڪڏهن
به سٺو ڪُڙمي بنجي نه سگهيو، کيس قصن ٻُڌائڻ يعني داستان گوئي ۾ به مهارت حاصل هئي. جڏهن هو ڳالهيون
ڪرڻ ويهندو هو ته ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي
دلچسپيءَ سان ويهي سندس ڳالهيون ٻڌندا هئا. ٽام
لنڪن ڏکيائي سان پنهنجي صحيح مس ڪري سگهندو هو، پر
لکڻ کي هو سدائين ٽوڪ ٽڙيءَ جو نشانو بنائيندو هو.
ايب جي ماءُ نينسي هنيڪس بنهه غريب ۽ اڻ پڙهيل گهراڻي سان
واسطو رکندي هئي. پر پنهنجي سڀاءَ ۾ هوءَ ڏاڍي
نيڪ، سادي ۽ غير معمولي طور تي ذهين هئي، ڪن ماڻهن
جو خيال آهي ته هوءَ ٿورو گهڻو لکي پڙهي به سگهندي
هئي، پر اها ڳالهه ڪا گهڻي اعتبار جوڳي نه آهي.
سارا ۽ ابراهام لنڪن جي اها مِٺڙي ماءُ ئي هئي، جنهن جي زور
ڀرڻ تي ٻارن کي اسڪول موڪليو ويو، جيئن هو گهڻو نه
ته به ڪجهه مهينا ئي تعليم پرائي وٺن، نه ته سندن
پيءُ انهيءَ ڳالهه جو مذاق اُڏائيندو رهندو هو.
1816ع جو ذڪر آهي جو نينسيءَ کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته ٽام
لنڪن پريشان ۽ سوچن ۾ ٻُڏل
نظر اچي ٿو. ٿوري جستجوءَ کان پوءِ هن اندازو
لڳايو ته هن ڀيري به سندن ٻنين جا نوان دعويدار
پيدا ٿي پيا آهن ۽ هن ڀيري شايد ٽام کي پنهنجي ٻني
ٻاري تان هٿ ڌوئڻا پون. هونئن به ٽام جي مالي حالت
ڪا ايتري سُٺي نه هئي، فصل به سٺو نه ٿيو هو، هو
اڪيلو به هو. هيترين سارين ٻنين جي کيڙي پوکي ۽
سارسنڀال اڪيلي سر سندس وس کان ٻاهر هئي، ٻيا هاري
ڪافي مالدار هئا، عام رواج موجب انهن هارين وٽ
ڪيترائي غلام پڻ هئا. جيڪي ڏينهن رات انهن ٻنين ۾
ڪم ڪندا هئا. ٽام ويچارو پاڻ به غريب هو، منجهس
غلام خريدڻ جي سگهه نه هئي. تنهنڪري ڏينهون ڏينهن
سندس حالت خراب ٿيندي ويئي. هاڻي هو اڳ کان به
وڌيڪ پريشان
۽
پنهنجن خيالن ۾ گم نظر ايندو هو.
اوهايو درياهه جي اُتر طرف ’انڊيانا‘ جو علائقو هو، جيڪو
ڏاڍو زرخيز هو، پر هيستائين لڳ ڀڳ غيرآباد پيو هو،
ٽام جو خيال هو ته ڇو نه هڪ ڀيرو انهيءَ علائقي ۾
ڀاڳ آزمايو وڃي، شايد تقدير ساٿ ڏي ۽ بگڙيل حالت
سڌري وڃي. انهيءَ نئين علائقي جو جائزو وٺڻ جي
لاءِ ٽام اڪيلو ئي روانو ٿي ويو ۽ نينسي سوچيندو
رهجي ويئي. سندس ڏهن سالن جي ازدواجي زندگيءَ ۾
اها ٽين لڏپلاڻ هئي. هوءَ سوچيندي هئي ته نيٺ به
اسين ڪيستائين لاڏائوئن جيان زندگي گذاريندا
رهنداسين ۽ ڪيستائين پنهنجي پراڻين ٻنين ۽ گهرن کي
ڇڏي نون ۽ غيرآباد علائقن ۾ گهر اڏيندا ۽ ڀاڳ
آزمائيندا رهنداسين. ڪيترائي ڀيرا کيس ائين لڳو ته
ڄڻ سندس ڀاڳ ۾ اِهائي لڏپلاڻ واري زندگي لکيل آهي.
انهيءَ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو سيءُ پيو هو، ماڻهو، جانور، گهر
ٻنيون ۽ ميدان سڀ برف سان ڍڪجي ويا هئا، سڄي
ڪائنات سيءَ سبب ڏڪندي محسوس ٿي رهي هئي، ڄڻ هر
شيءِ کي پارو لڳي ويو هجي.
نينسي سوچيندي هئي ته جيستائين ٽام ’انڊيانا‘ جي علائقي جو
جائزو وٺي ايندو، تيستائين سرديءَ
جي موسم پڄاڻي تي پهچڻ واري هوندي. خزان اچڻ واري
هوندي، ٻنين ۽ ميدانن ۾ ڌڌڙ پئي اُڏامندي، اهڙي
غير يقيني مُند ۾ ٻن ٻارڙن سان گڏ اوپري علائقي ۾
سفر ڪرڻ پڪ سان خطري کان خالي نه هوندو.
نينسي پنهنجي جهوپڙي جي ڪمري ۾ اڪيلي ليٽي پئي ڇت کي
گهوريندي رهندي هئي، ٻيلي جي تيز هوا ڪمري جي
چمنيءَ مان ٽڪرائجي سيٽيءَ جو آواز ڪندي، سندس
تنهائين ۾ ڊپ جي لهر پيدا ڪري ويندي هئي. نينسيءَ
جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا هئا ۽ هوءَ انهيءَ لڏپلاڻ
جي آئيندي جي ڌنڌلڪن ۾ کوئجي ويندي هئي.
پر ايب جي لاءِ اها لڏپلاڻ سندس شرارتن جي لاءِ نئون دڳ ۽
نياپو کڻي آئي. اِهي ڏينهن کانئس گذاريا ئي نه
ٿيندا هئا. سندس دل چاهيندي هئي ته هو پَر هڻي پري
کان نظر ايندڙ برف وارن ميدانن ۾ اڏري پهچي وڃي.
هو پنهنجي نئين گهر جي خوشيءَ ۾ جهوپڙي جي پويان
هڪ مٿاهين لاهياري ٽڪريءَ تي چڙهي ويو هو ته جيئن
ميلن تائين پري نظر ايندڙ
’انڊيانا‘ جي ميدانن ۽ ٻنين جي هڪ جهلڪ ڏسي سگهي.
جتي کيس وڃي نئون ڳوٺ اڏڻو هو، انهن ميدانن ۾،
جهنگلي جانور ۽ رِڇ به هوندا، پر ايب کي انهن جي
ڪهڙي پرواهه هئي. هو اٺن سالن جو هوندو ۽ ڪجهه ئي
وقت کان پوءِ هو بندوق ۽ ڪُهاڙيءَ سان انهن جانورن
کي هڪ وڏي ماڻهوءَ جيان نهايت ڦڙتائيءَ سان شڪار
ڪري سگهندو.
آڪٽوبر جي تکي روشني کان پنهنجون اکيون بچائڻ واسطي ايب هٿن
جي اَڏ
ورتي ۽ دور اُتر طرف ڌيان سان ڏسڻ لڳو، اها نيري
لڪير ڇا هئي، آسمان جو اُفقي ڪنارو هو يا وري
’اوهايو درياهه‘. جنهن جي ٻي ڪنڌيءَ کان
’انڊيانا‘
جو علائقو شروع ٿيو ٿي. |