ماؤذي تونگ
چين ۾ ڪميونسٽ سرگرمين جي شروعات ڊاڪٽر سن يات جي
ڪوشش سان ٿي. پر ان تحريڪ جي بقا ۽ اوسر ماؤذي
تونگ هٿان ٿي. تنهنڪري چيو ويندو آهي ته ماؤذي چين
جو لينن آهي، سندس ڪوشش چين کي زندهه ۽ برقرار رکڻ
۾ جيڪو ڪم ڪيو، تنهن کي چين ڪڏهن به وساري نٿو
سگهي.
ماؤذي انهن مشهور هستين جي صف ۾ آهي، جيڪي اونداهي
پسمنظر، گمنام گهراڻي ۽ غير معروف ماحول مان نڪري
پنهنجي بلندين جي بدولت، آسمان تي ائين ڇانئجي وڃن
ٿا، جن جي جوت سان سارو جڳ روشن ٿي وڃي ٿو. هُو هڪ
غريب ۽ مسڪين هاري جي گهر ۾ 1893ع ۾ پيدا ٿيو.
سندس والد ماؤجن شنگ، هونان صوبي جو هڪ معمولي
هاري هو. وڏي محنت جي باوجود به کيس ايترو نه
ملندو هو، جو هو پيٽ پالي سگهي. بُک ۽ بيروزگاري
ڪري سندس خاندان وارن کي محنت مزدوري ڪرڻي پوندي
هئي. اهوئي سبب آهي جو ماؤ کي به ننڍپڻ ۾ ئي نوڪري
ڪرڻي پئي. ماؤجن شنگ جي قسمت ۾ ڪي چڱا ڏينهن به
آيا،. جڏهن هُن پوکي راهي ڇڏي چانورن جو واپار
شروع ڪيو. جڏهن سندس مالي حالت ڪجهه سُڌري ته
ماؤذي کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. هن هڪ
مقامي اسڪول ۾ تيرهن سالن جي عمر تائين تعليم حاصل
ڪئي.
انهن ڏينهن ۾ چين جو تعليمي نظام ايڏو پراڻو ۽
ناقص هو، جو شاگردن جي پڙهڻ تي دل ئي نه ٿيندي
هئي. استادن جي سختي ۽ مارڪُٽ کان بيزار ٿي ماؤذي
اسڪول ۽ گهر مان ڀڄي ويو. مائٽن سندس ڳولها ڪئي،
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس ڳولهي لڌائون. پڙهڻ سان
چاهه نه ڏسي، کيس پنهنجي ڌنڌي سان لڳايائون. ماؤذي
انهن ڏينهن ۾ ذاتي طور چيني ادب جو اڀياس ڪيو. ۽
ان تي عبور حاصل ڪيو. هُو مفيد ادب جو مطالعو ڪندو
رهيو. اخبارن ۽ مضمونن ذريعي کيس چين جي بدحالي جو
احوال معلوم ٿيندو رهندو هو. جنهن کان متاثر ٿي
هُو وطن جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ تدبيرون سوچيندو
ٿي رهيو. سڄو ڏينهن ٻني تي ڪم ڪرڻ ۽ شام جو انهن
تدبيرن تي سوچڻ ۾ مصروف رهندو هو. صبح شام سندس
اهوئي مشغلو هوندو هو.
انهن ڏينهن ۾ چين ۾ خطرناڪ ڏُڪار پيو. لکين چيني
بُک جو شڪار ٿي ويا. اهڙين حالتن سبب چين جي
نوجوانن بغاوت جو ڀڀڙ مچايو. هُو هڪ مرڪز تي اچي
مِڙيا. ماؤذي کي به ان نئين انداز جي خبر پئي. هُو
به سوچڻ لڳو ته طاقت سان ئي آزادي ۽ امن نصيب ٿي
سگهي ٿو، خوراڪ ۽ آزادي گهرڻ سان نه ٿي ملي سگهي،
پر اهي محنت سان ملن ٿيون. ان موقعي تي ماؤذي جي
هڪ مائٽ کيس ٻڌايو ته شيانگ ۾ هڪ نئون اسڪول کليو
آهي، جتي جديد طريقي سان تعليم ڏني وڃي ٿي. اهو
ٻُڌي کيس تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق ٿيو، هن
اتي وڃي ان اسڪول ۾ داخلا ورتي.
ان اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ کيس معلوم ٿيو ته چين جي
شهنشاهه جو نالو ڇا آهي؟ اُتي هن عالمي سياست
سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اُتان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ
هُو چنگشا ويو، جو سندس وطن کان سٺ ميل پري هو. هو
پيرين پنڌ وڃي اُتي پهتو. پر اتي هُو رڳو ڇهه
مهينا رهيو. ڇو ته اُتان جون سياسي حالتون ڏينهون
ڏينهن خراب ٿي رهيون هيون. اُتي کيس هڪ انقلابي
اخبار پڙهڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ مانچو خاندان جي
خلاف قوميت پسندن جي مهم جو ذڪر هو، ڪينٽن ۾ حڪومت
خلاف بغاوت جو پيرائتو احوال هو. ان ئي هفتي چنگشا
۾ به بغاوت شروع ٿي ۽ هڪ عارضي قومي حڪومت قائم
ٿي. ان هنگامي دوران ماؤذي جي حب الوطني وارو جذبو
جاڳي پيو ۽ هُو انقلابي جماعت ۾ شامل ٿي ويو. ڇهن
مهينن تائين انقلابي فوجي جي حيثيت سان قومي تحريڪ
۾ مصروف رهيو.
جڏهن انقلاب جا لُڙ جهيڙا ختم ٿيا، ته هن وڌيڪ
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽
پنهنجي سياسي معلومات ۾ واڌارو ڪندو رهيو. اُتي
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هونان صوبي جي هڪ نارمل
اسڪول ۾ داخلا ورتائين جتي رهائش ۽ کاڌو پيتو مفت
۾ هو. ان سهوليت سبب کيس موقعو مليو ته هُو
اطمينان سان پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي. هُو اُتي
پنج سال رهيو ۽ اعليٰ سَند به حاصل ڪيائين.
ان شاگردي واري زندگيءَ کان پوءِ ماؤذي سياست شروع
ڪئي، ڪجهه نوجوانن کي پنهنجو هم خيال بنائي 1917ع
۾ هڪ انجمن قائم ڪيائين، جنهن جو مقصد چين جي
معاشي ۽ سياسي آزادي هو. ان انجمن جو نالو ”مجلسِ
عاليه نوجوانانِ چين“ رکيو ويو. شروع ۾ ان جا ممبر
سٺ ستر هئا. اهي ئي اڳتي هلي چين جا وڏا ڪميونسٽ ۽
انقلابي بڻيا. انهن مان اڪثر 1927ع ۾ چيانگ ڪائي
شيڪ جي مخالفت واري مهم جو شڪار ٿيا. هوريان
هوريان ان انجمن کي ايڏي مقبوليت حاصل ٿي، جو ان
جون ڪيتريون ئي شاخون شنگهائي، هنڪاؤ، ٽينسئين
وغيره ۾ قائم ٿيون.
ماؤذي کي مالي مشڪلن مجبور ڪيو ته هُو ڪنهن روزگار
سان لڳي ته جيئن بُک ۽ بدحالي کان بچي سگهي. ان
ڪري هُو پيڪنگ هليو ويو ۽ اُتي وڃي هڪ ڪتاب گهر ۾
معمولي نوڪري قبول ڪيائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ماؤذي
جي ڪن دوستن کيس فرانس هلڻ لاءِ مجبور ڪيو، ته
جيئن هُو چيني شاگردن جي سياسي تحريڪ ۽ يورپ جي
سياسي تحريڪ جو اڀياس ڪري سگهي. پر ماؤذي انڪار
ڪندي چيو، ”پهريائين چين جي حالتن کان واقف ٿيڻ
ضروري آهي، ان کان پوءِ مان ٻاهر ويندس.“
هُو 1919ع ۾ پيڪنگ ڇڏي، چنگشا موٽي ويو. ڇاڪاڻ ته
انهن ڏينهن ۾ چنگشا شاگردن جي سياسي تحريڪن جو
مرڪز هو. اُتان شاگردن جو هڪ رسالو به شايع ٿيندو
هو. ان رسالي جو ايڊيٽر ماؤذي کي بڻايو ويو. پر
حڪومت ان رسالي کي سرڪار مخالف سمجهي، ان تي بندش
وجهي ڇڏي. ماؤذي کي وري پيڪنگ موٽڻو پيو. اُتي کيس
هڪ اطلاعاتي اداري جو صدر بڻايو ويو، اُتي رهائش
دوران سندس ملاقات چين جي ٻين مشهور انقلابين ۽
ڪميونسٽن سان ٿي. انهن ملاقاتن ماؤذي جي انقلابي
جذبن کي سگهارو ڪيو. هُو وري چنگشا موٽي ويو، جتي
هن هڪ اسڪول ۾ نوڪري ڪئي، اها نوڪري دراصل ماؤذي
لاءِ هڪ اهڙو ذريعو هئي، جنهن جي ذريعي هُو اُتي
نوجوانن ۾ انقلابي جوش ۽ جذبو جاڳائيندو رهيو.
شاگردن کان علاوه 1920ع ۾ ماؤذي کي مزدورن جي محاذ
تي به ڪم ڪرڻو پيو، هُو سندن سياسي تنظيم ۾ مصروف
ٿي ويو. کين مارڪس ۽ اينگلز جي تعليم کان واقف
ڪندو رهيو. ماؤذي خود به چاهيو ٿي ته ڪميوزم جو
گهرو مطالعو ڪرڻ گهرجي. هُو پيڪنگ ويو، اتي
ڪميونسٽن جي مدد سان جيترو به ڪميونزم بابت ادب
ملي سگهيو، هن ان جو اڀياس ڪيو. ان وقت چين ۾ ڪا
ڪميونسٽ انجمن قائم نه ٿي هئي. 1920ع ۾ ايم.مارلن
چين آيو. هُو ٽين بين الاقواميه جو سرگرم رُڪن هو.
شنگهائي ۾ چيني ڪميونسٽن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي
وئي، بحث مباحثي کان پوءِ مئي 1921ع ۾ ڪميونسٽ
جماعت قائم ڪئي وئي. ان جماعت ٺاهڻ ۾ لائي ٽي چاؤ،
چن ٽُو سيو ۽ ماؤذي جون ڪوششون شامل هيون. ان
انجمن جي وجود ۾ اچڻ سان ئي چين ۽ چين کان ٻاهر
فرانس، جرمني ۽ جپان ۾ به ان انجمن جون شاخون قائم
ٿيون، ماؤذي هونان جي ڪميونسٽ جماعت جو سيڪريٽري
هو. هن 1922ع ۾ اتي ٽريڊ يونين ۽ ٻين مزدور جماعتن
جو بنياد رکيو. هونان صوبو سڄي چين ۾ ڪميونسٽ
تحريڪ جو اهم مرڪز هو. اهي سرگرميون ڏسي 1922ع ۾
حڪومت ٻه ڪميونسٽ شاگرد ماري ڇڏيا.
1923ع ۾ ڪينٽن ۾ چيني ڪميونسٽن پنهنجي سالياني
ڪانفرنس ڪوٺائي. ان موقعي تي هنن پاڻ کي ڪومنتانگ
سان ڳنڍي ڇڏيو. ان وقت ماؤذي چيني ڪميونسٽ مجلس
عامله جو ممبر هو. هنن تحريڪ هلائي ته روسي مدبرن
کي چين اچڻ جي دعوت ڏني وڃي، ته جيئن چيني مسئلن
جي حل ۾ کانئن مدد وٺي سگهجي. ڪومنتانگ ماؤذي جون
صلاحيتون ڏسي پنهنجي هڪ ”سياسي هفتيوار“ جو کيس
ايڊيٽر مقرر ڪيو. انهيءَ ايڊيٽري جي زماني ۾ ماؤذي
ٻه پمفليٽ به لکيا، جيڪي ڪميونسٽ مقصد ۽ چيني
سياست بابت هئا.
ڪومنتانگ ۾ ڪميونسٽن ۽ حڪومتي جماعتن جي وچ ۾
1926ع ۾ اختلاف پيدا ٿيا. نتيجي ۾ ساڄي ۽ کاٻي ٻه
جماعتون وجود ۾ آيون. 1927ع جي بهار ۾ هوپيي،
ڪيانگسي، فوڪين ۽ هونان ۾ هارين ۽ مزدورن ۾ ساڄي
جماعت جي خلاف سخت جذبا پيدا ٿيا. جيڪي اڳتي هلي
جهيڙي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. جنهن کي تاريخ ۾ لانگ
مارچ
(Long March)
جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي تي ڪميونسٽن
جي رهبري ۽ رهنمائي جي سلسلي ۾ ماؤذي جيڪو ڪم ڪيو،
سو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ماؤجي ذمي هي ڪيو ويو
هو.
1.
صوبائي ڪميونسٽ جماعت کي ڪومنتانگ کان ڌار ڪيو
وڃي.
2.
عوام ۽ مزدورن جي هڪ فوج بڻائي وڃي.
3.
ننڍن، وچولن وڏيرن ۽ زميندارن جي ملڪيت تي قبضو
ڪيو وڃي ۽ اها ڪميونسٽ حڪومت جي ملڪيت ۾ ڏني وڃي.
4.
هونان صوبي ۾ ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي وڃي.
5.
ڪميونسٽ حڪومت جي تنظيم ڪئي وڃي.
اهي سمورا ڪم سولا نه هئا، پر ماؤ جي اٽل ارادي ۽
حب الوطني کيس ايڏو سگهارو بڻايو هو، جو هُو انهن
پنجن مان چئن تي ڪامياب ٿي ويو. هن مزدورن جي هڪ
فوج تيار ڪئي، جنهن کي پهرين ڊويزن سڏيو ويندو هو،
هُو هارين، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن کي به فوجي تربيت
ڏيندو رهيو. اهي ڳالهيون ڏسي ڪومنتانگ جي ڳُجهي
پوليس کيس گرفتار ڪيو. هن رشوت ڏئي ڀڄڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر هُو ڪامياب ٿي نه سگهيو. کيس قتل ڪرڻ جو
حڪم ڏنو ويو. کيس مقتل ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا،
مقتل جو مفاصلو ٻه سؤ گز باقي هو ته هُو وڏو ٽپ
ڏيئي پوکن ۾ ڀڄي ويو، لِڪندو ڇُپندو وڃي پنهنجن
ساٿين سان مليو.
ڪميونسٽ جماعت ماؤذي جون شاندار خدمتون ڏسي کيس
جنگي محاذ جو صدر منتخب ڪيو. چيانگ ڪائي شيڪ ماؤذي
جي سرگرمين کان ڊڄي ويو تنهن ڪري سندس گرفتاري جو
حڪم ڏنائين ۽ گرفتار ڪرڻ واري لاءِ ٻه لک پائونڊ
انعام جو اعلان ڪيائين.
جڏهن ڪميونسٽن جو ٻيو ساليانو اجلاس ٿيو ته ماؤذي
کي سندس خدمتن جي صلي ۾ ڪميونسٽ حڪومت جو صدر
چونڊيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ نوي لک ڪميونسٽ شريڪ
هئا. ماؤذي ڪميونسٽن جو هردلعزيز ۽ محبوب ترين
اڳواڻ آهي. جڏهن لانگ مارچ
(Long March)
کان پوءِ ڪميونسٽن ۽ چيانگ ڪائي شيڪ ۾ صلح ٿي ويو،
ته ماؤذي مُلڪ کي جپان جي خطري کان واقف ڪيو ۽
قومي محاذ قائم ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو. ماؤذي
پنهنجي جماعت سان جپان جو مقابلو ڪندو رهيو. چين
جو عوام، ڳوٺاڻا، هاري مزدور سڀ ساڻس ساٿ ڏيندا
رهيا. سندس ساٿين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو
رهيو.
ماؤذي هر روز ارڙهن ڪلاڪن کان به وڌيڪ ڪم ڪندو
رهندو هو. کيس مطالعي جو ايڏو شوق هو، جو جنگي
محاذ تي به موقعو ملڻ تي مطالعو ڪندو رهندو هو.
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هو هڪ وڏو جرنيل به هو،
سياستدان به هو ۽ هڪ اديب به هو. لانگ مارچ جي
دوران هن پنهنجي فوجن جي حيرت انگيز طريقي سان
ڪمان ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪميونسٽ حڪومت جي تنظيم
به ڪئي، جيڪو سندس ڏاهپ ۽ ڪارنامن جو چِٽو ثبوت
آهي. هُو هڪ جادو بيان مقرر به هو. جڏهن پنهنجي
فوج جي آڏو تقرير ڪندو هو ته سپاهين جي دلين ۾ هڪ
طوفان مچي ويندو هو. هُو جڏهن جپانين جي حيوانيت
خلاف تقرير ڪندو هو ته ورهين جون ٿڪل فوجون جوش ۾
اچي دشمن تي ڪَڙڪي پونديون هيون.
ماؤذي تونگ چيني ڪميونسٽن جو قائد هڪ وڏو مُحب وطن
هو، هُو هڪ عام ڳوٺاڻي قبيلي ۾ پيدا ٿيو هو. سندس
عظيم ڪارنامن سبب اڄ سڄي دنيا کيس سڃاڻي ٿي ۽ عزت
۽ احترام ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته هن جي ئي ڪري چيني عوام
۾ سجاڳي پيدا ٿي.
چوٿيۡ
چين جي
ڪميونسٽ تحريڪ جو روح روان ۽ سرخ فوج جو جرنيل هڪ
عجيب و غريب انسان هو، جنهن کي دنيا ’چوٿي‘ جي
نالي سان ياد ڪري ٿي. چوٿي مختلف تضادن جو مجموعو
هو. سندس جنم هڪ اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جيڪو
سرمائيدار، رجعت پسند ۽ عياش هو. هُو اهيئي
روايتون کڻي انهيءَ ماحول ۾ اڳتي وڌيو. پر اوچتو
سندس اکيون کُليون ۽ هُو هڪدم انقلابي ٿي ويو. ان
کان پوءِ سندس زندگيءَ ۾ اهڙو نئون موڙ آيو، جو
سرفروشي ۽ وطن پرستي سندس تقدير بڻجي وئي. هُو چين
۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو سردار ۽ وطن جي آزاديءَ جو
علمبردار، جان نثار ۽ شهسوار بڻجي ويو. سندس انهن
خوبين جي ڪري دنيا کيس چين جو ’ٽمو شنڪو‘ سڏي ٿي.
چوٿي، ذي چيوان صوبي جي هڪ ڳوٺ نائي لنگ ۾ 1886ع ۾
پيدا ٿيو. سندس پيءُ ماءُ زميندار هئا، جيڪي چين
جي مشهور سرمائيدارن ۾ ڳڻيا ويندا هئا. مڪتب جي
معمولي تعليم کان پوءِ هن ينان فوجي اڪيڊمي ۾ فوجي
تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي، اُتان تربيت حاصل
ڪرڻ کان پوءِ هُو فوج ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي فائز
ٿيو. جڏهن مانچو خاندان خلاف انقلاب جي باهه ڀڙڪي،
تڏهن هن پنهنجي فوج باغين ۽ انقلابين سان شامل ڪري
ڇڏي. چوٿي جو اهو جذبو ڏسي، انقلابي سندس حُبِ وطن
کي مڃڻ لڳا. جڏهن انقلاب کان پوءِ ’يا شي ڪائي‘
غدار صدر جمهوريه پنهنجي بادشاهي جي آغاز جي ڪوشش
ڪئي، ته هُو بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري ميدان ۾ ڪُڏي
پيو. هن تڏهن سُک جو ساهه کنيو، جڏهن ظلم، جبر ۽
آپيشاهي دور جو خاتمو ٿيو.
ان فوجي شهرت سان گڏوگڏ سياسي معاملن ۾ به چوٿي
ڀرپور حصو ورتو. ينان جي محڪمه حفاظتِ عامه جا فرض
اهڙي سهڻي نموني نڀايا، جو جمهوري حڪومت کيس ماليه
جو صوبائي ڪمشنر مقرر ڪيو، پر چوٿي پنهنجي خانگي
زندگي پنهنجن وڏڙن جي روايتن موجب گذاري رهيو هو.
هُو انتهائي سخت مزاج ۽ جابر هو. هُو خراب عادتن
وارو ۽ عيش و عشرت جو ڪوڏيو هو. آفيم جو شوقين هو.
هُو ايڏو عياش ۽ نفس پرست هو جو هن نَوَ شاديون
ڪيون هيون، ان کان علاوه ڪيتريون ئي سندس سُريتون
هيون. |