سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چين جون مشهور شخصيتون

 

صفحو:4 

ان ايڪي ۽ ٻڌي سان سمورا چيني هڪ مقدس مقصد لاءِ طوفان وانگر اُٿي کڙا ٿيا ۽ 1911ع ۾ هنن مانچو خاندان سان جهيڙو شروع ڪيو. آگسٽ 1911ع ۾ سمورن اسڪولن، آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ هڙتالون شروع ٿي ويون. ۽ حڪومت کان قطع تعلقات جو اعلان ڪيو ويو. ان نازڪ صورتحال جي دوران انقلاب جو اڳواڻ ڊاڪٽر سن يات يورپ ۾ هو، جيڪو وڌ کان وڌ مالي مدد وٺي انقلابين جي ڀرپور مدد ڪري رهيو هو. انهيءَ جنگ ۾ انقلابين ڪيترن ئي صوبن تي قبضو ڪيو. ڊسمبر ۾ سن يات به چين موٽي آيو. حڪومت پنهنجي عافيت ان ۾ سمجهي، ته ڪنهن طرح انقلابين سان صلح ڪيو وڃي. تنهنڪري حڪومت ان مقصد لاءِ هڪ امير ۽ فوجي يان شي ڪائي کي مقرر ڪيو. پر انقلابين توڙي خود يان شي ڪائي سچائي سان ان تي ڌيان نه ڏنو. هڪ سؤ ڏينهن ۾ انقلاب اچي ويو، 12- فيبروري 1912ع ۾ ننڍي عمر واري شهزادي سوان تُنگ کي تخت تان لاٿو ويو. اهڙي ريت چين جي بادشاهت جيڪا 2205ق.م کان هلي ٿي آئي، ان جو 1917ع ۾ خاتمو ٿي ويو.

چين جي عوام سن يات سين کي نئين جمهوريت جو صدر بڻايو، پر سن سمجهيو ٿي ته هُو پنهنجا فرض، ان صورت ۾ سهڻي نموني پورا ڪري سگهندو، جڏهن هُو صدر نه هوندو. سندس راءِ موجب يان شي ڪائي جي شخصيت ۽ فوجي طاقت هڪ وڏي مزاحمت هئي، تنهن ڪري سندس مرضي هئي ته شي ڪائي کي صدر مقرر ڪري کيس پنهنجو ساٿي بنايو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن پاڻ کي ٻين تعميري معاملن ۾ مصروف رکڻ ٿي گهريو. اهوئي سبب آهي جو ٽي ڏينهن صدر رهڻ کان پوءِ 15- فيبروري شي ڪائي کي جمهوريه چين جو صدر بنائي، هُو ملڪ جي بهتري ۽ ترقي وارن ڪمن ۾ جُنبي ويو.

سن يات انقلاب کي مڪمل طور ڪامياب بڻائڻ لاءِ، ان جا ٽي دور مقرر ڪيا. انقلاب کي ان ريت ورهائڻ جو سبب هي هو ته چيني عوام سياسي طور گهڻو پٺتي پيل هو. انقلاب کان هڪدم پوءِ جمهوريت جون ذميواريون سنڀالڻ جي منجهن سگهه نه هئي. پهريون دور فوجي حڪومت (Military Rule) جو هو، ان کي ان وقت تائين قائم رکڻو هو، جيستائين ملڪ ۾ مڪمل طور امن امان قائم ٿي وڃي. سرڪش ۽ باغي ٽولن ۽ ويڙهاڪ اميرن (War Lords) جي طاقت ختم ٿي وڃي. ٻيو دور سياسي محافظت، يعني (Political Tutelage) هو، جنهن ۾ عوام کي نئين نظامِ حڪومت کان واقف ڪرڻ هو ۽ کين ترقيءَ جا موقعا ڏئي پاڻ ڀرو بنائڻو هو. اهو دور ٽئين دور تائين جاري رکڻو هو، جيستائين دستوري حڪومت هوريان هوريان پنهنجون ذميواريون پاڻ سنڀالي وٺي. ٽيون دور 1937ع کان شروع ٿيڻ گهربو هو، پر چين ۽ جپان جي جنگ سبب ان جي شروعات ٿي نه سگهي.

سن يات پهرئين دور کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر ملڪ جي اها بدقسمتي هئي، سن يات جنهن کي چين جو صدر بڻايو هو، سو شهنشاهي جا خواب ڏسڻ لڳو ۽ جمهوريت جون پاڙون پٽڻ لڳو. چين جي رهاڪن هزارن ورهين کان پوءِ وڏيون قربانيون ڏئي، جنهن عوام دشمن نظام جو خاتمو ڪيو هو، سو ساڳيو نظام عوام مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ويئي. يان شي ڪائي خودمختيار بڻجي پارليماني نظام ختم ڪري، پنهنجي تخت نشيني جي تاريخ به مقرر ڪري ڇڏي هئي. سن يات ان غدار ۽ وطن دشمن خلاف هڪ ٻيو انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان هُو ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ 1916ع ۾ يان شي ڪائي لاڏاڻو ڪري ويو. سن يات سندس وفات کان پوءِ اها ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو قائم ڪيو وڃي. پر جيئن ته يان شي ڪائي پنهنجي دور ۾ فوجي سردارن کي اقتدار ڏئي، کين ايڏو سگهارو بڻايو هو، جو هرهڪ پاڻ کي حڪمران سمجهي رهيو هو، تنهن ڪري شي ڪائي جي مرڻ کان پوءِ انهن سردارن پنهنجي آزادي جو اعلان ڪيو. جيئن ته هڪ کي ٻئي جو اقتدار نه ٿي وڻيو، تنهنڪري انهن سردارن جو پاڻ ۾ جهيڙو جاري هو، اُتر چين ۾ انهن سردارن کي وڏي سگهه حاصل هئي. سن يات وڏي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح انهن سردارن کي شڪست ڏني وڃي ۽ متحده چين جو بنياد رکيو وڃي. پر هُو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. اُتر کان مايوس ٿي هن ڏکڻ چين کي انقلاب ۽ جمهوريت جو مرڪز بڻايو.

سن يات، چين جي ترقي واسطي 1921ع ۾ هڪ پروگرام بنايو، جنهن جو دارومدار سندس ترتيب ڏنل ٽن نظرين تي هو، اهي نظريا قوميت، جمهوريت ۽ عوام جي خوشحالي يا اشتراڪيت جي نالن سان سڏيا وڃن ٿا. اهي نظريا سندس سياسي مقصد ۽ اعتقاد ظاهر ڪن ٿا. کيس يقين هو ته ترقيءَ لاءِ اتحاد تمام ضروري آهي، جيڪو قوميت جو جذبو پيدا ڪرڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي. سن چيو ته چين فقط چينين جو آهي، سندس ان ڳالهه قوم پرستن واري نظريي کي هٿي ڏني، ان جذبي عوام ۾ مانچو حڪمران ۽ ٻاهرين طاقتن خلاف انتهائي شديد جذبا پيدا ڪيا.

اهو شعور پيدا ٿيڻ کان پوءِ سن يات سين جمهوريت آڻڻ ضروري ڄاتو. جيئن ته عوام آزادي ۽ مساوات کان سواءِ ترقي ڪري نه ٿي سگهيو، تنهن ڪري هن چاهيو ٿي ته قانون سازي، عدليه ۽ حڪومت ۾ عوام جا چونڊيل اڳواڻ شريڪ هجن، جيڪي سندن بهتري ۽ ڀلائي طرف توجهه ڏيئي سگهن. پنهنجي ٽئين نطريي عوام جي خوشحالي يا اشتراڪيت ۾ زراعت، صنعت ۽ حرفت ۽ تجارت جي ترقي کي ملڪ جي ترقيءَ جو لازمي جزو ٿي سمجهيو. ڇاڪاڻ ته انهن ڌنڌن ڌاڙن سبب ملڪ جي وچين ۽ غريب طبقي جو وڏو فائدو هو. پر ان لاءِ اشتراڪي اصول پسند ڪيا ويا، ته انهن ڪارخانن ۾ حڪومت جو پئسو هجي، نه ته سرمائيدار طبقو غريب عوام تي قابض ٿي ويندو.

ڊاڪٽر سن يات جا هي نظريا صرف خيالي نظريا رهن ها، جيڪڏهن ٻاهريان ملڪ خاص طور روس، سندس مالي مدد نه ڪري ها. مغربي ملڪ خاص طور برطانيه ۽ فرانس سن يات جي نظرين کي پنهنجي امداد ذريعي عملي طور ترقي ڪندي ڏسڻ نه ٿي چاهيو. چيني عوام جو قومي احساس ۽ جمهوريت ۽ اشتراڪيت طرف اچڻ سندن مفاد جي خلاف هو. هنن متحد ۽ مضبوط چين کي پنهنجو موت ٿي سمجهيو. سن يات کي انهن ملڪن جي سلوڪ مان نااُميدي ۽ مايوسي ٿي، تنهنڪري هن روس طرف توجهه ڏنو. هن 1923ع ۾ پنهنجي دوست چيانگ ڪائي شيڪ کي ان مقصد خاطر روس روانو ڪيو ته جيئن هُو اُتان هر ممڪن مدد حاصل ڪري. روس به چين جي مدد ڪرڻ ٿي چاهي. ڇو ته روسي انقلاب اُتان جي سياست ۾ هڪ بنيادي تبديلي آندي هئي. روس جي مدبرن ۽ سياستدانن پنهنجن سياسي نظرين کي بين الاقوامي بڻائڻ ٿي چاهيو. اهوئي سبب هو جو چيانگ ڪائي شيڪ روسي مدبرن ۽ عهديدارن سان ملاقات ڪري امداد ۽ اتحاد جو معاهدو طي ڪيو.

ان معاهدي جي ترتيب کان پوءِ سن يات هڪ مرڪزي مجلس عامله بنائي، جنهن کي عوام جي بهتري ۽ ڀلائي جو ڪم سونپيو ويو. ان مجلس ۾ ڪميونسٽ ماهر شامل ڪيا ويا، ته جيئن سندن صلاح مشوري سان نئون نظام مرتب ڪيو وڃي. انهن ڪوششن جي ڪري چيني عوام ۽ مزدورن جي حالت ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيندي ويئي. هُو سن يات جي انهن ڪوششن کان خوش ٿي هر طرح پنهنجي اڳواڻ جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا. ڪومنتانگ جي قومي ڪانگريس جو پهريون اجلاس جڏهن مارچ 1924ع ۾ ٿيو ته ڪانگريس ان جلسي ۾ سن يات جي ٽنهي نظرين ۽ سُڌارن جي منظوري ڏني ۽ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ته ”اهي ٽي نظريا چين جا سياسي مسلڪ آهن، جن جي پابندي عوام ۽ حڪومت لاءِ لازمي آهي.“

سن يات آزادي ۽ ترقيءَ جا گس اڃان تازو گهڙيا هئا، تن تي هلي منزل ماڻڻي هئي، ته هُو 12 مارچ 1925ع لاڏاڻو ڪري ويو. چين جي هن انقلابي اڳواڻ بيماري جي بستري تي پنهنجي ساٿين کي هي پيغام موڪليو ته، ”انقلاب اڃان مڪمل نه ٿيو آهي، تنهنڪري ساٿيو! اڃا اڳتي وڌندا هلو، وڌندا هلو.“

20 فيبروري 1925ع جڏهن سن يات جي حالت انتهائي نازڪ ٿي چڪي هئي ۽ هر گهڙي پنهنجو موت اکين سان ڏسي رهيو هو، ان وقت هن قوم جي نالي هيءَ وصيت ڪئي: ”چاليهن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ مون عوام جي انقلاب خاطر پنهنجي جان مال ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سموري مُوڙي وقف ڪري ڇڏي هئي. ان ڪوشش ۾ منهنجو فقط اهو ئي مقصد هو، ته چين آزادي حاصل ڪري ۽ دنيا ۾ اعليٰ مقام ماڻي. انهن چاليهن سالن جي عرصي ۾ مون کي جيڪو تجربو حاصل ٿيو، ان جي آڌار تي چوان ٿو ته اهو مقصد ماڻڻ لاءِ عوام جو شعور پوري ريت جاڳائڻ کپي ۽ دنيا جي ان عوام سان ايڪو ۽ ٻڌي ڪرڻ کپي، جيڪي آزاديءَ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ۽ ان جاکوڙ ۾ هُو اسان کي پاڻ سان گڏ سمجهن.

اسان جو انقلاب اڃان مڪمل طور ڪاميابي جي حد تي ڪونه پهتو آهي. سمورن دوستن ۽ هم خيال ساٿين کي گهرجي ته هُو منهنجي ٺاهيل ”قومي تعمير“ واري پروگرام ”نئين تعمير جا بنيادي مسئلا“، ”عوام جا ٽي نظريا“ ۽ ”منشور“ جيڪو ڪومنتانگ جي پهرين ڪانگريس ۾ منظور ڪري شايع ڪيو ويو هو، تنهن جي پوري طرح پابندي ڪن ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ۽ پُرخلوص طريقي سان ان کي ڪامياب ڪن. ان کان علاوه اسان قومي ڪانفرنس ۾ جيڪو اعلان ڪيو آهي، تنهن تي جلد کان جلد عمل ڪن. اسان جا جن  ملڪن سان جيڪي غير منصفاڻا معاهدا ٿيا آهن، سي سڀ منسوخ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي.

منهنجي هيءَ دلي تمنا آهي ۽ مان اوهان کي ان جي ڪاميابي جي ذميواري سونپي رهيو آهيان.

فقط

سن وين

سن يات سين اڄ به سڄي قوم جو محبوب هيرو آهي. چين جو عوام اڄ به ان جي پوڄا ڪري ٿو. هر گهر ۾ سندس تصوير لڳل آهي. هر سياسي ۽ قومي جلسي ۾ سن جي تصوير يا مجسمي تان پردو پري ڪيو ويندو آهي. کيس ڏسي عوام عقيدت وچان ڪنڌ جهڪائيندو آهي. سندس وصيت مذهبي حڪمن وانگر وڏي آواز ۾ پڙهي ويندي آهي، ان کان پوءِ جلسي جي شروعات ڪئي ويندي آهي.

ڊاڪٽر سن يات سين جي آخري آرامگاهه نانڪنگ ۾ آهي. هڪ خوبصورت سنگ مرمر جي مقبري ۾ سن جو روح اڄ تائين زنده آهي ۽ هرهڪ چيني جي اندر ۾ اهوئي جوش ۽ جذبو موجود آهي. جيڪو صديون اڳ هن چيني عوام جي دلين ۾ پيدا ڪيو هو.

  

چيانگ ڪائي شيڪ

 

چون ٿا ته چين جي ڌرتي تي ٽي شخص اهڙا پيدا ٿيا، جن پنهنجي شخصيت، فضيلت ۽ خدمت سبب دنيا جي تاريخ ۾ وڏو مقام ماڻيو. اهي ٽي شخصيتون آهن: ڪنفيوشس، ڊاڪٽر سن يات سين ۽ جزسيمو چيانگ ڪائي شيڪ. ڪنفيوشس هزارين سال قديم يادگار آهي، ڊاڪٽر سن يات موجوده چين جو معمار آهي، ۽ جزسيمو چيانگ ڪائي شيڪ پنهنجن اڳ گذاري ويل اڳواڻن جي تخليق جو مسيحا ۽ ڪارساز آهي. چين جي عالمي عظمت ۽ معراج کي جيارڻ، جيڪو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، سن يات ۽ ڪائي شيڪ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. توڙي جو اڻانگن پنڌن پيچرن ۽ مشڪلن کين منزل کان پري ڪري ڇڏيو هو. پر باهمت اڳواڻ جي دليري چيني قوم کي روشن مستقبل طرف وٺي آئي.

چيانگ ڪائي شيڪ جي زندگي، هڪ عام رواجي زندگي نه آهي، بلڪه قوم ۽ ملڪ جي سياست ۽ ان جي اوسر جو هڪ داستان آهي. اهائي وڏي وصف آهي ته هڪ اڳواڻ جي زندگي رڳو عام رواجي زندگي نه هوندي آهي، پر اها قوم جي زندگي بڻجي ويندي آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي زندگي ۾ اها گهڙي ايندي آهي، ته اها قوم ڪَر موڙي اُٿندي آهي.

چيانگ ڪائي شيڪ جو جنم چيڪانگ صوبي جي پيڪاؤ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس پيءُ ماءُ جو تعلق هڪ وچولي طبقي سان هو. ڪائي شيڪ جي پيءُ ٽي شاديون ڪيون هيون. ڪائي شيڪ سندس ٽئين گهرواري جي پيٽان پيدا ٿيو. هي اڃا نوَن ورهين جو هو ته سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو، تنهنڪري سندس تربيت سندس ماءُ ڪئي. ڪائي شيڪ جي مالي حالت ايڏي سُٺي نه هئي جو هُو پنهنجي زندگي سُک ۽ آرام سان گذاري سگهي. سندس ماءُ غريبي ۽ مسڪيني ۾ ڏک ڏاکڙا ڏسي، مستقبل جي هن معمار جي تربيت ڪئي. ڪيترين ئي ڏکيائن جي باوجود هن کيس مڪتب ۾ داخل ڪرايو. پر هڪ ذهين ٻار جنهن جي فطرت ۾ علم ۽ عمل جا ڪيئي راز لِڪل هئا، تنهن کي عام رواجي مڪتبي تعليم پسند نه آئي، تنهنڪري هن اها تعليم ڇڏي ڏني. سندس ماءُ گهر ۾ ئي کيس مذهبي تعليم ڏيارڻ ۽ چين جي اعليٰ ادب کان واقف ڪرڻ جو بندوبست ڪيو.

چيانگ کي شروع کان ئي بهادر بڻجڻ جو شوق هو، تنهن ڪري هو تعليم کان وڌيڪ ورزش ۽ راندين تي توجهه ڏيڻ لڳو. کيس ننڍپڻ کان ئي اهو شوق هو ته هُو فوج ۾ نوڪري ڪري، ان مقصد خاطر هُو 1906ع ۾ جپان هليو ويو ته جيئن هُو ڪنهن فوجي ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي. پر جپاني فوجي ڪاليج وارن کيس ڪاليج ۾ داخلا نه ڏني، ڇاڪاڻ ته وٽس مانچو حڪومت جو اجازت نامو نه هو. هو اُتان مايوس ٿي موٽيو ۽ مجبورن اچي پاؤتنگ جي فوجي اسڪول ۾ داخلا ورتائين. ان اسڪول ۾، جڏهن هُو پڙهي رهيو هو ته ليڪچر جي دوران هڪ استاد ٻڌايو ته آمريڪي جمهوريه جو صدر عام ماڻهن وانگر زندگي گذاري ٿو ۽ هُو هر ماڻهو سان ملاقات ڪري ٿو. چيانگ ڪائي شيڪ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ”ڇو نه ائين ڪري، هُو به انسان آهي، هُو ڇو پاڻ کي ٻين ماڻهن کان مٿاهون سمجهي.“ سندس اکين جي چمڪ ۽ گفتگو جو انداز ڏسي، استاد کيس چيو ته، ”چيانگ! خبر ناهي ته اڳتي هلي تون ڇا بڻجندين؟“

کيس وطن جي خراب حالت خاص طور ڌاري قومن جي اقتدار، حڪومت جو تشدد ۽ غير منصفاڻو رويو، وطن جي اصلي رهاڪن جي بيوسي ۽ مصيبت ڏسي، کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. چين جي ڌرتي تي ڌرتي ڌڻين بجاءِ ڌاريون قومون عيش و عشرت سان حڪومت ڪري رهيون هيون. ۽ چيني عوام ڏک، بُک ۽ ڏُڪار ۾ وڪوڙيل هو. عوام نه صرف اهي مصيبتون ڀوڳي رهيو هو، پر غلامي جي زنجيرن ۾ پڻ جڪڙيل هو. ايڏي وڏي طاقت خلاف ”چين جي نوجوانن جي مجلس“ جا ڪجهه سر ڦريا ڌرتي ڌڻين کي ڏک ۽ مصيبت ۾ ڏسي ظلم ۽ ناانصافي خلاف بغاوت ڪرڻ لڳا، چيانگ محسوس ڪيو ته چين جا هي نوجوان ملڪ جي تقدير بدلائڻ وارا آهن، هُو سندن جوش ۽ جذبي کان متاثر ٿيو. 1907ع ۾ هُو ان انقلابي جماعت ۾ شامل ٿيو ۽ انقلاب جي ڳُجهي سرگرمين خاطر پنهنجي قديم روايتي چوٽي ڪٽرائي ڇڏيائين، جيڪا قديم زماني کان هر چيني جي مٿي تي نروار هوندي هئي.

چيانگ ان سال پيڪنگ جي فوجي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، اتي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ هُو جپان هليو ويو. حڪومت جو اجازتنامو ڏيکاري شهنشاهي فوجي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. پوءِ هو ڪيترائي سال جپاني فوج ۾ نوڪري ڪندو رهيو ۽ جپاني حڪومت سان وفادار رهڻ جو حلف کنيائين. انهن ڏينهن ۾ جپان، چيني وطن دوستن جي انقلابي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هو. وطن کان تڙيل انقلابي اُتي اچي گڏ ٿيا هئا. خوشقسمتيءَ سان کين 1909ع ۾ چين جي معمار اعظم ۽ انقلاب جي رهنما ڊاڪٽر سن يات سين سان ملاقات جو موقعو مليو. ان ملاقات چيانگ تي ايڏو گهرو اثر ڪيو، جو سندس دل ۾ جيڪا وطن جي محبت جي چڻنگ دُکي رهي هئي، سا ڀڀڙ بڻجي وئي. هو هڪدم انقلاب جي عملي مسئلن ۾ شريڪ ٿي، ”تنگ منهائي“ جو ممبر بڻجي ويو.

1911ع ۾ جڏهن چين ۾ انقلاب عملي صورت اختيار ڪئي، ڪيترائي محب وطن آزادي ۽ ڪاميابي جي نشي ۾ سرشار ٿي رستي جي رنڊڪن سان مهاڏو اٽڪائي رهيا هئا. چيانگ ڪائي شيڪ جي جذبن ۾ به جوش آيو، وفاداري واري حلف باوجود، جپاني ملازمت ڇڏي هو چين موٽي آيو. اُتي اچي انهن انقلابين سان ملي ويو، جيڪي حڪومت، فوج ۽ شاهي خاندان خلاف پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا. وطن دوست انقلابين جا لاش روڊن رستن تي ڪِري رهيا هئا، پر ان هوندي به هُو اڳتي وڌندا رهيا. جڏهن کين مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي، ته قديم بادشاهت واري ڪاري رات ختم ٿي رهي هئي ۽ جمهوريت جي سج جا ڪِرڻا روشن ٿي رهيا هئا. چيانگ مطمئن ٿي سن يات سان گڏ 1911ع کان 1915ع تائين ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ جاکوڙيندو رهيو. پر چين جي بدبختي جو سلسلو اڃان ختم ڪونه ٿيو هو. انهن قربانين ۽ ايثار کان پوءِ هڪ آمر ۽ جابر حڪومت جي ظلم ۽ جبر جو خاتمو ڪرڻ لاءِ کيس خون جو نذرانو ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻو پيو، ته ڇاڪاڻ غدار صدر يان شي ڪائي پنهنجن فرضن کان منهن موڙي، بادشاهي جا خواب ڏسڻ لڳو ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سازشون شروع ڪيائين. اهو ڏسي سن ۽ سندس ساٿين کي سخت ڪاوڙ لڳي. هنن ڏٺو ته ملڪ وري هڪ مصيبت ۾ اچي رهيو آهي، هنن ان غدار سان جنگ جوٽي. ان ٻئي انقلاب ۾ هڪ ڀيرو وري سن جي جان خطري ۾ پئجي وئي هئي. چيانگ جڏهن ڏٺو ته سندن اڳواڻ مصيبت ۾ اچي ويو آهي، ته هُو هڪدم جنگ جي ميدان ۾ ڪُڏي پيا. هنن سن يات کي بچائي ورتو ۽ پاڻ به بچي ويا. ان واقعي سن کي ايترو متاثر ڪيو جو هڪ موقعي تي هن چئي ڏنو ته، ”جيڪڏهن مون کان پوءِ منهنجي تحريڪ کي ڪو ڪامياب ڪري سگهي ٿو، ته اهو صرف چيانگ ڪائي شيڪ آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org