ڇپائيندڙ پاران
چين جي سرزمين تي وڏا عالم، انقلابي اڳواڻ، فلسفي،
آرٽسٽ ۽ مدبر سياستدان پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي
نظريي ۽ فلسفي ذريعي چين جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو. چين تي چوويهن خاندانن ۽ قبيلن جي
حڪومت رهي. چين جي سياسي تاريخ مان پتو پوي ٿو
ته، هُو قوم پرست، محبِ وطن ۽ انفراديت پسند هئا.
’ڪنفيوشس‘ ۽ ’ليوذي‘ روحانيت جي دؤر جا اڳواڻ هئا.
جڏهن ته ’شي هوانگ ٽي‘ ۽ ’چائن لنگ‘ چين جا عظيم
سياسي اڳواڻ ٿي گذريا آهن.
اردو زبان جي مشهور اديب مير عابد علي خان چين جي
مشهور نَون شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندن
ڪارنامن تي ”مشاهير چين“ جي نالي سان ڪتاب لکيو.
جنهن جي اهميت کي پرکيندي سنڌي ادب جي نامياري
محقق، اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ان
ڪتاب جو ”چين جون مشهور شخصيتون“ جي نالي سان سنڌي
زبان ۾ ترجمو ڪيو. ڪتاب جي اهميت کي مدِنظر رکندي
پبليڪيشن ڪاميٽي ان ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ جي
اشاعتي رٿا ۾ شامل ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب ۽ دنيا جي مشهور
شخصيتن جا شهپارا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي
منظرِعام تي آڻجن، ته جيئن سنڌ واسي پنهنجي ٻوليءَ
جي ادب سان گڏوگڏ عالمي ادب کان به واقف ٿيندا
رهن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ
تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن
علمي ۽ ادبي گهراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري
منظرِعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي
ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي
کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن.
ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل
مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾
موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ڪري رهيا آهن.
عزتمآب جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن
طرفان شروع ڪرايل هڪ سـﺆ صفحن واري اشاعتي اسڪيم
تحت هيءُ ڪتاب ”چين جون مشهور شخصيتون“ اِن سلسلي
جي ڪَڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي
محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش عالمي
ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
02- رمضان المبارڪ 1442هه سيد سڪندر علي شاهه
15- اپريل 2021ع سيڪريٽري
ڪنفيوشس
ڪنفيوشس جڳ مشهور ماڻهن مان هڪ اهڙو شخص هو، جنهن
کي سدائين ياد ڪيو ويندو. هُو اڄ کان اڍائي هزار
سال اڳ چين ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي علم ۽ پنهنجي
پيغام سان دنيا کي، خاص طور چين کي اهڙو سبق ڏنو،
جو اڄ به سندس اهائي عزت ۽ احترام برقرار آهي. هُو
ان عهد جو نمائندو آهي جڏهن چين جو تمدن، چين جي
تهذيب ۽ چين جي عظمت ۽ معراج جو دنيا ۾ ڪو مثال نه
هو. دنيا علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن ۽ صنعت ۽ حرفت ۾
چين کان ئي فيض حاصل ڪيو. چين کي ايڏي عظمت تي
پهچائڻ ۾ ڪنفيوشس جو وڏو هٿ هو. چين جي قديم
رهنمائن ۽ عالمن ۾ اڄ هوئي آهي، جنهن جي عزت ۽
احترام اڃا تائين قائم آهي ۽ سندس تعليم هر چيني
جو ورثو آهي.
ڪنفيوشس جو اصل نالو ڪُنگ فوزي هو، لاطيني زبان ۾
ڪُنگ فوزي بدلجي ڪنفيوشس ٿي ويو. سندس جنم بابت
تمام دلچسپ روايتون مشهور آهن، چون ٿا ته جڏهن
ڪنفيوشس ڄائو ته غيب مان موسيقي جا آواز اچي رهيا
هئا، ڪنفيوشس جي ماءُ وٽ پريون آيون، ڪمري ۾ خوشبو
پکڙجي وئي، جڏهن ڪنفيوشس پيدا ٿيو ته سندس ماءُ کي
غيبي آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا جي هن ريت هئا:
”هن نينگر جي جنم تي آسمان ۾ خوشيون ٿي رهيون آهن.
ان خوشي ۾ آسماني موسيقي ۽ خوشيءَ جا واڄا توکي
ٻڌڻ ۾ نٿا اچن؟“
چيو وڃي ٿو ته ڪنفيوشس جي جسم تي اڻونجاهه نشان
موجود هئا، انهن نشانن جي ترتيب ان ريت هئي، ڄڻ
چيني لِپي ۾ ڪا عبارت اُڪريل آهي، جنهن جو مطلب هي
هو ته ”هي شخص انسانذات
جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ اهڙا اصول ۽ قانون ترتيب
ڏيندو.“ جنهن سان انسانن جا سڀ اختلاف ختم ٿي
ويندا.“ اهو به مشهور آهي ته جتي سندس جنم ٿيو، ان
هنڌ خودبخود هڪ کُوهه ظاهر ٿيو ۽ ويجهوئي هڪ تختي
لڙڪيل نظر آئي، جنهن تي لکيل هو، ”هي شخص بي تاج
بادشاهه ٿيندو.“
انهن مڙني روايتن مان اندازو ٿئي ٿو ته
ڪنفيوشس کي منڍ کان ئي بزرگ ۽ مقدس سمجهيو ٿي ويو،
کيس هڪ آسماني پيغمبر سمجهيو ٿي ويو، جيڪو
انسانذات جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ زمين تي آيو آهي.
ڪنفيوشس جي تعليم ۽ پيغام انهن روايتن ۾ سچائي
پيدا ڪئي، سندس پيغام عوام کي هڪ نئين ۽ سنئين واٽ
ڏيکاري ۽ گمراهي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪنفيوشس کي نَوَ ڀينرون هيون ۽ هڪ معذور ڀاءُ هو.
سندس والد کي هڪ تندرست پٽ جي اولاد جي خواهش هئي.
اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ هن 551 ق.م اين گهراڻي جي
هڪ ڇوڪري سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر ستر سال
هئي، هڪ سال کان پوءِ کيس ان نئين گهر مان پٽ
ڄائو، جنهن جو نالو ”ڪنفيوشس“ رکيو ويو. سندس والد
لُو رياست جو رهاڪو هو، جيڪو هاڻوڪي صوبي شانٽنگ
جو هڪ حصو آهي، سندس تعلق هڪ شاهوڪار گهراڻي سان
هو. هو خود سُو تعلقي ۾ اعليٰ فوجي عهدي تي فائز
هو ۽ پنهنجي دليري ۽ بهادريءَ سبب گهڻو مشهور هو.
ڪنفيوشس اڃان ٽن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري
ويو. والد جي وفات کان پوءِ هن ٻاروتڻ جو يتيمي
وارو زمانو ڏکن ڏاکڙن ۾ گذاريو. خانداني عزت سندس
ڏکن ۽ مصيبتن جو ڪو علاج نه ڪري سگهي. هُو ننڍڙي
ڄمار ۾ ئي هڪ معمولي ملازمت ڪرڻ تي مجبور ٿيو، مگر
انهن مشڪلن هوندي به هن ڪوشش ڪئي ته تعليم حاصل
ڪريان، ته جيئن ڄاڻ وڌي. پنهنجي محنت سان ٿوري ئي
وقت ۾ هن چيني علوم ۽ فنون تي عبور حاصل ڪيو.
اهڙيءَ ريت چيني اعليٰ ادب سان سندس دلچسپي پيدا
ٿي. ڪنفيوشس جي ان علمي ذوق، عوام کي اهو سمجهڻ تي
مجبور ڪيو، ته هي نينگر اڳتي هلي چين جي مستقبل ۾
نئين زندگي تخليق ڪندو.
531 ق.م. ۾ جڏهن ڪنفيوشس جي عمر 19 ورهيه هئي ته
سندس شادي ٿي. ان موقعي تي چيني ريتن رسمن جي سخت
پابندي ڪئي وئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪنفيوشس کي ان
گهر مان هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئون پيدا ٿيون.
ڪنفيوشس جي خواهش هئي ته هو حڪومت جي معاملن کان
پري رهي ۽ ڪابه سرڪاري نوڪري نه ڪري، پر سندس مالي
مشڪلن سندس ارادي ۾ تبديلي آندي. شادي جي ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ کيس سُو رياست جي گدامن جو داروغو
مقرر ڪيو ويو، سندس سچائي ۽ صلاحيت ڏسي، حڪومت کيس
سرڪاري باغن ۽ جانورن جو نگران مقرر ڪيو. مسڪيني
کيس اهي نوڪريون ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ڪنفيوشس جيڪڏهن
چاهي ها ته رشوت ۽ بي ايماني سان گهڻو ڪجهه ڪمائي
سگهي ها ۽ پنهنجي غربت دور ڪري سگهي ها، جيئن ان
زماني جا ملازم ڪندا رهندا هئا، پر کيس اها ڳالهه
پسند نه هئي، تنهنڪري هُو بي ايماني کان پري رهيو
۽ سڄي عمر مسڪين رهيو ۽ مسڪيني ۾ ئي فوت ٿيو.
ڪنفيوشس کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو صدمو رسيو،
جڏهن 526 ق.م سندس والده وفات ڪري وئي. ماءُ جي
وڇوڙي جو کيس ايڏو ڏک ٿيو، جو هُو ڇهه سال پنهنجي
ماءُ جي سوڳ ۾ رهيو. انهن ڇهن سالن ۾ نه هن ڪو راڳ
ٻڌو ۽ نه وري ڪو ساز وڄايو.
517 ق.م تائين ڪنفيوشس متعلق ڪو احوال نٿو ملي.
چيو وڃي ٿو ته پنهنجي پياري امڙ جي سوڳ کان پوءِ
هن چين جي تاريخ ۽ موسيقي تي تحقيق ڪئي. 517 ق.م ۾
لُو رياست جي ٻن شهزادن ڪنفيوشس کي پنهنجي رياست ۾
اچڻ جي دعوت ڏني. ڪنفيوشس اها دعوت قبول ڪئي ۽
انهن سان گڏ روانو ٿي ويو، اتي کيس بادشاهي
ڪتبخاني ڏسڻ جو موقعو مليو. هن تاريخ ۽ موسيقي تي
ڪيترائي ڏينهن مطالعو ڪري تحقيق ڪئي، کيس موسيقيءَ
سان جنون جي حد تائين چاهه هو. راڳ ٻڌڻ مهل وجد ۾
اچي ويندو هو ۽ دنيا ۽ ان جي ڌنڌن کان دور ٿي
ويندو هو. سندس ايمان هو ته ”دنيا جي هن نظام ۾
جيڪو توازن ۽ هم آهنگي قائم آهي، سو موسيقي جي ئي
ذريعي برقرار رهي سگهي ٿو.“
انهن ڏينهن ۾ ڪنفيوشس وٽ شاگردن ۽ عقيدتمندن جو
ميڙو متل هوندو هو. انهن ۾ اڪثر نوجوان هوندا هئا،
جيڪي ڪنفيوشس جي سکيا ۽ سهڻي اخلاق کان متاثر ٿي،
کانئس فيض حاصل ڪرڻ گهرندا هئا. سقراط وانگر
ڪنفيوشس جي خواهش هوندي هئي ته نوجوان غلط رستي تي
هلي گمراهه نه ٿين. هن ماديت ۽ اخلاقيات جا راز
پڌرا ڪيا. سندس درسگاهه ۾ موڳن نوجوانن تي بندش
هئي. هو چوندو هو ته هُو مسئلي جي رڳو چوٿين حصي
تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، باقي ٽن حصن کي هُو پاڻ
سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.“ کيس 22 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ
استاد ۽ رهنما جو مقام حاصل ٿي چڪو هو.
رياست لُو ۾ رهائش اختيار ڪرڻ مان اهوئي سمجهيو
ويو ته هتي کيس آرام ۽ سڪون ملندو. پر ان ئي سال
رياست ۾ هڪ خطرناڪ بغاوت ڀڙڪي پئي ۽ ڪنفيوشس کي
پنهنجي جان بچائڻ لاءِ رياست مان نڪرڻو پيو. هن
رياست مان نڪرڻ کان پوءِ مختلف ملڪن جو سير سفر
ڪيو، ساڻس گڏ سندس ڪجهه شاگرد ۽ عقيدتمند به هئا،
هي انهن سان گڏ تاءِ جبل وٽان گذري رهيا هئا، ته
هنن هڪ عورت جي رُئڻ جو آواز ٻڌو. ڪنفيوشس پنهنجي
هڪ شاگرد کي چيو ته ”اوڏانهن وڃي حقيقت حال معلوم
ڪري اچ.“ معلوم ٿيو ته ان جاءِ تي، ان عورت جي مڙس
۽ پٽ کي هڪ شينهن ماري ڇڏيو آهي، ڪنفيوشس ان عورت
کي چيو ته ”تون هِتان هلي وڃ، ڪٿي شينهن توکي به
نه ماري ڇڏي.“ ڏکويل عورت چيو ته ”هِتان جي حڪومت
ظالم ۽ جابر آهي.“ ان جملي ڪنفيوشس کي بيحد متاثر
ڪيو، هن چيو ته ”هن دنيا ۾ انسان شينهن کان ايترو
نه ٿو ڊڄي، جيترو کيس ظالم ۽ جابر حڪومت کان خوف
آهي.“
517 ق.م کان 498 ق.م تائين ڪنفيوشس چيني ادب تي
تحقيق ڪرڻ ۾ گذاريو. تن ڏينهن ۾ هن سرڪاري نوڪري
به ڇڏي ڏني هئي. ڪنفيوشس جي اعليٰ شخصيت ڪيترن ئي
ماڻهن کي عقيدتمند بڻائي ڇڏيو هو. سندس اعليٰ
اخلاق سبب سندس شاگردن ۽ عقيدتمندن ۾ ڏينهون ڏينهن
واڌارو ٿي رهيو هو. حڪومتن جي سربراهن به سندس
قابليت کان متاثر ٿي سندس مفيد مشورن کان مستفيد
ٿيڻ ٿي چاهيو. رياست چنگ تُو 498 ق.م کيس جج جي
عهدي تي فائز ڪيو. هن عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هڪدم
سڌارا آڻڻ شروع ڪيا، عوام جي اخلاقي حالت بهتر
بڻائڻ لاءِ ڪجهه قاعدا قانون ٺاهيائين. سندس
قابليت کان متاثر ٿي حڪومت کيس ترقي ڏئي، ڏوهن
روڪڻ واري کاتي جو وزير بڻايو. اهو عهدو سنڀالڻ
کان پوءِ هن هڪدم ڏوهه روڪڻ لاءِ ڀرپور مهم شروع
ڪئي. کيس ان مقصد ۾ ايڏي ڪاميابي ٿي جو، عيش و
عشرت جون محفلون گهٽجي ويون. ڏوهه ختم ٿي ويا،
اهڙي ريت هڪ نئين دور جي شروعات ٿي. هُن ان نئين
دور ۾ اهڙا قانون جوڙيا، جن جي ڪري ڪا خرابي پيدا
نه ٿي سگهي. اڄ به چين ۾ ڪنفيوشس جا ڪي قاعدا
قانون مروج آهن.
چنگ تُو رياست جو اهو اوج، پاڙيسري رياستن لاءِ هڪ
عذاب هو، جيئن ته متوازن فضا سبب برائي يا خرابي
وڌڻ جو ڪو امڪان نه هو. ان کان علاوه پاڙيسري ملڪ
سهڻو نطام ڏسي، انهن رياستن جي عوام به ان جي
پيروي ڪرڻ ٿي گهري. ان سهڻي نظام جي پيروي، فتنو
فساد پيدا ڪرڻ وارن لاءِ تباهي ۽ بربادي جو پيغام
هو، جيڪو هنن نه ٿي چاهيو. تنهنڪري انهن پاڙيسري
رياستن جي حڪمرانن چنگ تُو جي حاڪم ڏانهن خوبصورت
طوائفون، سهڻيون ڳائڻيون ۽ ٻيون خوبصورت ڇوڪريون
سوکڙي طور موڪليون، ته جيئن اُتان جو حاڪم حُسن جي
هڳاءُ ۾ مست ٿي وڃي ۽ رياست جي ڪاروبار کان منهن
موڙي عيش و عشرت ۾ محو ٿي وڃي. انهن حڪمرانن جي
اها چال ڪامياب ٿي ۽ چنگ تُو جو حاڪم عيش و عشرت ۾
لڳي ويو. اهو حال ڏسي ڪنفيوشس اُتان هليو ويو.
482 ق.م ۾ سندس سڪيلڌو پٽ گذاري ويو. هڪ سال کان
پوءِ سندس پيارو شاگرد ”ين هوئي“ ان کان پوءِ سندس
ٻيو شاگرد ”ذي لُو“ فوت ٿي ويا. انهن لڳاتار صدمن
کيس جهوري وڌو. ذي لُو جي مرڻ کان پوءِ ڪنفيوشس هڪ
خواب ڏٺو ته هُو به هن دنيا مان موڪلائي رهيو آهي،
ان خواب جو صحيح تعبير ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ظاهر
ٿيو. ڪنفيوشس جا آخري پل ڏاڍا ڏکارا ۽ حسرت ڀريا
هئا. هڪ وڏي فلسفي ۽ عرفاني هن دنيا کي اڪيلو ۽ بي
يارو مددگار ڇڏيو. مرڻ مهل وٽس نه اولاد هو، نه ڪو
شاگرد ۽ نه وري ڪو عقيدمند، جيڪو هن عظيم انسان جو
سوڳ ڪري ها. پر قوم پنهنجي محسن کي ڪيئن وساري ٿي
سگهي، هنن سندس آخري رسمون شايانِ شان نموني ادا
ڪيون، مٿس شاندار قبو اڏرايو، جيڪو اڄ چينين جو
ڪعبو سمجهيو وڃي ٿو. ڪنفيوشس جي تعليم ۽ پيغام جا
لکين چيني معتقد آهن. پنهنجي رهنما جي مرڻ کان
پوءِ هُو سندس پيغام جا پرستار ۽ پائبند رهيا ۽
کيس ملڪ جو مهاتما سمجهيو.
ڪنفيوشس هڪ مذهبي رهنما يا درويش نه هو، جنهن
آسماني يا رباني پيغام آڻڻ جي ڪا دعويٰ ڪئي، پر
سندس مقصد انسانذات جي بهتري ۽ ڀلائي هو، جنهن
لاءِ هو اخلاقي قدرن کي اهميت ڏيندو هو. هُو بُتن،
ديوتائن، نيڪ يا بد روحن ۽ مافوق الفطرت طاقتن تي
ويساهه نه رکندو هو، تنهنڪري هن ڪڏهن به انهن کان
مدد نه گهري، هُو جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، سو مذهب جي
برتري ۽ اهميت جو دور هو، پر ڪنفيوشس انهن سڀني
کان هٽي انساني ڀلائي جو پيغام ڏنو. سندس سوچ جيڪو
سُٽ سُلجهائڻ ٿي چاهيو، سو انساني زندگي، فطرت ۽
هن دنيا جا مسئلا هئا. هُن پنهنجي دماغ کي اها
تڪليف ڏيڻ نٿي چاهي ته مرڻ کان پوءِ رُوح ڪيڏانهن
ٿو وڃي ۽ پوءِ انسان جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.
ڪنفيوشس ڪنهن مذهب يا ملت جو پيغام نه کڻي آيو هو.
هن پيغمبري جي دعويٰ نه ڪئي هئي. سندس اهوئي پيغام
هو ته جيڪڏهن توهان پنهنجو علم ۽ تجربو وڌائڻ گهرو
ٿا ته پڙهندا رهو، اهوئي مطالعو توهان کي هن
ڪائنات جا سمورا راز سمجهائي ڇڏيندو.
ڪنفيوشس جي تعليم:
چين جي هن مشهور شخصيت جيڪو ورثو ڇڏيو آهي، سو
انساني زندگيءَ جو اهڙو گس ۽ ڏس آهي، جيڪو انسانن
کي هر خوف ۽ خطري کان بچائي سگهندو. انسانيت جي هن
پيغمبر اهو پيغام ڏنو ته: هن ڪائنات جو هر فرد
”بهترين انسان“ ٿي وڃي. ان درجي تائين پهچڻ لاءِ
هن پنج گُڻ ٻڌايا آهن. جيڪي هي آهن: پاڙيسري جو
خيال، عدل ۽ انصاف، حقن ۽ فرضن جو احساس، اعليٰ
اخلاق ۽ علم ۽ سچائي.“ بهترين انسان ۾ اهيئي گُڻ
هوندا آهن. ان جي هڪ هيءَ به وصف آهي ته هُو
پنهنجي هستي ۽ حقيقت کي نٿو وساري. هُو اڪيلائي ۾
به پاڻ کي ويجهو ۽ جماعت جو جُز آهي. هو اڳتي قدم
وڌائيندو رهي ٿو. هن نيڪ مرد جو اهوئي پيغام هو،
جيڪو هُو دنيا کي ڏئي ويو. هُو تعليم جو وڏو حامي
هو. کيس اهو يقين هو ته صحيح علم ذريعي ئي انسان
پنهنجو پاڻ کي ڳولهي سگهي ٿو. علم ۾ انسان جو روح
لِڪل آهي. درحقيقت علم ئي نيڪي ۽ سچائي آهي، صحيح
علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انسان ڪا غلطي نٿو ڪري
سگهي.“ سندس چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن کي علم ملي
ته هُو ٻين جي رهنمائي ڪري، نه ته هن لاءِ اهو
بهتر آهي، ته هُو ماٺ ۾ رهي ته جيئن سندس اڻ
ڄاڻائي جي ڪري ڪٿي ٻين کي نقصان نه پهچي.“
ڪنفيوشس ان رهنما جي زندگيءَ جو ورثو آهي، جيڪو اڄ
به چين ۾ محفوظ آهي. هُو انهن بهترين انسانن جي
وجود سان اهڙي حڪومت جو حامي هو، جنهن جو بنياد
جمهوريت هجي، سندس اهڙي سکيا عوام جي دل ۽ نگاهه ۾
وسعت پيدا ڪئي، ان جو ثبوت سندس سکيا کي قبول ڪرڻ
۽ سدائين زندهه رهڻ آهي.
اڄ به جڏهن هن جڳ ۾ فسطائيت
(Fascism)
دنيا جي تباهي ۽ بربادي لاءِ وڌي رهي آهي.
ڪنفيوشيت چين ۾ قائم آهي. ۽ ان جو اهو اڳوڻو
احترام اڄ به موجود آهي.
هن فلسفي، عالم باعمل پنهنجي حياتي جي پوين ڏينهن
۾ هڪ ڪتاب به لکيو، جنهن جو نالو چن چيوُ ڪنگ
(Chun chiu King)
يعني ”بهار ۽ خزان“ آهي. جنهن ۾ ٻه سؤ ٻائيتاليهه
سالن جي تاريخ لکيل آهي. اهو ڪتاب چيني اديبن ۽
عوام لاءِ هڪ مقدس موڙي آهي. ان ڪتاب جا حافظ اڄ
به موجود آهن. ڪنفيوشس جي موت کان ٻه سؤ سال پوءِ
سن خاندان جي هڪ حڪمران ’شي هوانگ ٽي‘ جنهن کي
پهريون شهنشاهه چيو وڃي ٿو، ڪنفيوشس جي سڀني
تصنيفن کي ساڙائي ڇڏيو هو، ان جو سبب اهو هو ته هن
نٿي چاهيو ته کانئس اڳ جي ڪا تاريخ موجود هجي. پر
هُو پنهنجي ان مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو، ڇو ته
ڪنفيوشس جي هر تصنيف ۽ تعليم عام ماڻهن جي حافظي ۾
محفوظ هئي. هنن ان کي جيئرو ڪيو، جيڪي اڄ به
جيئريون آهن.
چين جو هي عظيم انسان بيڪسي جي صورت ۾ هن دنيا مان
موڪلائي ويو. ائين ڄاتو ٿي ويو ته موت جسم سان گڏ
سندس زندگيءَ جي روح کي به ختم ڪري ڇڏيندو. پر
سندس امر پيغام هر مخالفت جو مقابلو ڪيو، تنهنڪري
اهو اڄ به زندهه آهي، جنهن پاڻ سان گڏ پنهنجي
رهنما کي به امر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به چين ۽ ساري
دنيا ۾ مسيح کان اڳ جي هن رهنما جي عزت ۽ احترام ۾
ڪا ڪمي ڪانه آئي آهي.
ليوذيۡ
ڪنفيوشس وانگر جنهن شخص پنهنجن ڪارنامن سان پنهنجو
نالو روشن ڪيو ۽ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، سو ليوذيۡ
آهي. ليوذيۡ ڪنفيوشس جو همعصر هو. پر ٻنهين جون
راهون ڌار ڌار هيون. ٻنهين جو مقصد انسان جي بهتري
ڀلائي ۽ خدمت ڪرڻ هو. اهو مقصد آڏو رکي هنن جدوجهد
ڪئي. پر ٻنهين جو طور طريقو، فڪر ۽ شعور الڳ الڳ
هو.
چيني زبان ۾ ليوذيۡ وڏي عمر واري، ڪمزور يا ڪراڙي
کي چوندا آهن. ليوذيۡ متعلق چيو وڃي ٿو ته هو ٻاهٺ
ورهين جي عمر ۾ پيدا ٿيو. هو جڏهن پيدا ٿيو هو ته
ڪمزوري جي ڪري سندس وار اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڪُٻو ٿي
ويو هو. اڪثر تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته ليوذيۡ
ٻاهتر يا ايڪياسي سالن جي عمر ۾ هن دنيا ۾ آيو.
اهو اختلاف هڪ طرف، پر سڀ ان تي متفق آهن ته هو
ڪراڙپ جي روپ ۾ پيدا ٿيو هو.
ليوذيۡ 604ق.م ۾ رياست چُن ۾ پيدا ٿيو، جنهن کي
اڄڪلهه صوبو هونان چيو وڃي ٿو. ليوذيۡ کي شروع کان
ئي علم جو شوق هو، تنهنڪري ليوذيۡ استادن ۽ مڪتبن
مان استفادو ڪيو. قدرتي ڏات، شوق ۽ محنت سان هُو
جلدئي هڪ عالم بڻجي ويو ۽ وٽس شاگردن جا ميڙ گڏ ٿي
ويا. سندس قابليت ڏسي کيس شاهي ڪتبخاني جو سربراهه
مقرر ڪيو ويو.
ليوذيۡ
جو نالو، سندس تعليم ۽ فلسفي جي ڪري زندهه آهي.
سندس تعليم اڳتي هلي هڪ مذهب جي شڪل اختيار ڪئي.
چيني عوام کيس ٽيوازم
(Taoism)
يا ليوذيت مذهب جو باني سڏيو آهي. هو سندس عبادت
ڪندا آهن ۽ سندس فلسفي جا معتقد آهن. ان فلسفي جو
پيرائتو احوال سندس تصنيف ٽائو.ٽي.ڪنگ
(Tao.Te.King)
۾ موجود آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ آهي ۽ ان جا ڇهاسي
باب آهن.
ليوذيۡ جي تعليم:
انسان جي ڪامياب زندگيءَ جو مدار ۽ ڇوٽڪاري واري
واٽ ان ۾ لِڪل آهي ته هُو دنيا کي ڇڏي ڏي، پنهنجي
فطرت مان دنيا جا بکيڙا دور ڪري ڇڏي، سندس برتري،
تقدس ۽ عظمت جو اهوئي ذريعو آهي ته هُو دنيا سان
ڪوبه مادي رشتو ناتو نه رکي.
جنهن دور ۾ ڪنفيوشس ۽
ليوذيۡ انسانذات لاءِ امن ۽ ڇوٽڪاري جا پيغام ڏئي
رهيا هئا، سو چين ۾ فتني فساد، جهيڙن جهٽن ۽ گهرو
ويڙهه جو دور هو. ڪيترن ئي رياستن جا حڪمران پاڻ ۾
وڙهي رهيا هئا. حڪومت جي ظلمن ۽ زيادتين عوام جا
حال هيڻا ڪري ڇڏيا هئا. ويتر قدرتي قهر اوچتو
مٿانئن اچي ڪڙڪيو، خطرناڪ طوفان کان پوءِ وڏي ٻوڏ
اچي وئي. لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا. انهن عذابن
ماڻهن ۾ اهو ويساهه پيدا ڪيو ته اهي تباهيون ۽
برباديون آڻڻ ۾ فطرت يا ڪنهن غيبي طاقت جو هٿ آهي.
انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ليوذيۡ دنيا کان
دور رهڻ جي تلقين ڪئي.
چيني عوام مان ڪيترائي غيبي مخلوق جا قائل هئا.
سندن عقيدو هو ته جن، ڀوت ۽ بدروح انساني تقدير جا
مالڪ آهن. هُو انهن اڻ ڏٺل (غيبي) طاقتن کي مصيبتن
آڻڻ جا خالق سمجهندا هئا. تنهنڪري کين راضي ڪرڻ
لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيندا هئا. هُو سندن اڻ ڏٺي
سگهه جا مڃيندڙ ۽ پوڄاري هئا. ليوذيۡ ان ٽولي جي
ترجماني ۽ رهنمائي ڪئي ۽ روحانيت يا تصور پرستي جي
بنيادن تي پنهنجي فلسفي کي ترقي وٺرائي.
ليوذيۡ جي فلسفي جو هي بنياد آهي ته، انسان جو
ظاهر ۽ باطن ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. جن کي يانگ
(Yang)
۽ يِن
(Yin)
چيو وڃي ٿو. يانگ مذڪر آهي، اهو خلقي ۽ مثبت
خاصيتن وارو آهي ۽ ”يِن“ مؤنث آهي. اهو منفي ۽
اڪتسابي خاصيتن وارو آهي. ”يانگ“ کي کنڀن واري
نانگ
(Dragon)
۽ ”يِن“ کي شينهن سان تشبيهه ڏني وڃي ٿي. جڏهن
انهن ٻنهن ۾ هم آهنگي ۽ ڳانڍاپو رهي ٿو ته دنيا ۾
امن ۽ آشتي جو دور رهي ٿو. هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي جا
اهي جزا
ليوذيۡ جي خيال مطابق، مٽي، ڌاتو، ڪاٺي، باهه ۽
پاڻي ۾ به موجود آهن. جڏهن انهن ٻنهن مان هيڪڙائي
۽ لهه لاڳاپو ختم ٿي وڃي ٿو، ته دنيا ڏکن ڏاکڙن ۽
مصيبتن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿي. زلزلا، واچوڙا ۽ طوفان
اچن ٿا، جنگيون جهيڙا ۽ مار ڌاڙ شروع ٿي وڃي ٿي.
ليوذيۡ اهو فلسفو انسان تي به لاڳو ڪيو ته ”اهو
ماڻهو ڪامياب رهي ٿو، جنهن جي ظاهر ۽ باطن ۾
”يانگ“ ۽ ”يِن“ جهڙي هم آهنگي هجي. هن ان فسلفي جي
تشريح ۾ پنهنجو سارو وقت صرف ڪيو.
ليوذيۡ جو فلسفو ڪنهن سگهاري بنياد تي ٻڌل نه آهي.
سندس سوچ ۽ فلسفو جڏهن ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ کيس ڪو
جواب نه ٿو سُجهي، ته هُو ذومعنيٰ چوڻين جو سهارو
وٺي اڳتي وڌي ٿو. ان سهاري جي آڌار تي هو شڪ شبها
ختم ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن سندس سوچ سمجهه ۽ ڏاهپ ڪو
مامرو سلجهائي نه ٿي سگهي، ته هُو اهو چئي چپ ٿي
وڃي ٿو ۽ اعتراف ڪرڻ وارن کي به ماٺ ڪرائي ڇڏي ٿو،
ته اهو مهان ٽائو جو طريقو آهي. اهو مهان ٽائو يا
ته ڪا وڏي هستي آهي، جنهن کي خدا چئون يا خود سندس
ذات آهي، جيڪا تجلي يا غيبي آواز ٻڌي، انساني
قافلي کي حڪم ڪري رهي آهي. ليوذيۡ سمجهه ۾ نه
ايندڙ مسئلا ٽائو جي حوالي ڪري، ماٺ ٿي وڃي ٿو،
تنهنڪري شڪ شبها اتي ئي رهجي وڃن ٿا.
ليوذيۡ انسان جي عظمت جو فلسفو پڻ ڏنو آهي، سندس
فلسفي موجب اعليٰ انسان اهو آهي جيڪو ڏاهو هجي.
جڏهن هُو بناوٽ ۽ ظاهري ڏيک ويک کان پري رهندو، ته
سندس بي نيازي منجهس روشني پيدا ڪندي ۽ نوڙت نياز
۽ شفقت ان جو ڪردار هوندو.
ليوذيۡ هڪ سماج سڌارڪ ۽ فلسفي کان وڌيڪ خيالي يا
تصور پرست پڻ هو. هن جڏهن ڏٺو ته عوام ڪنفيوشس کي
گهڻو مڃي ٿو ۽ ان جي تبليغ ۽ تعليم کان گهڻو متاثر
آهي، ته پنهنجي ناڪامي تي کيس گهڻو ڏک ٿيو، نتيجي
۾ هُو مايوس ٿي، ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو، کيس اها
خبر نه هئي ته سندس آواز ائين گُم ٿي ويندو.
ليوذيۡ جي فلسفي جو بنياد اڻ ڏٺي تي هو. هُو جنهن
دنيا ۾ رهيو ٿي، هُو ان سان لاتعلقي جو قائل هو.
هُن دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ تياڳ کي ئي انساني بهتري ۽
ڀلائي جو ذريعو ٿي سمجهيو. ڪنفيوشس اخلاقي فلسفي
جو خالق هو. هُو اخلاقي ۽ معاشرتي زندگي جي
پائداري لاءِ ڪي اهم اصول پيش ڪري رهيو هو.
تنهنڪري سندس فلسفي ۾ هم آهنگي ۽ توازن نظر اچي
ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندس پيغام گهڻو مقبول ٿيو.
ليوذيۡ هڪ مايوس ۽ ناڪام شخص وانگر هن دنيا مان
هليو ويو. اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ته سندس
گمنامي جا ڏهاڙا ڪٿي ۽ ڪيئن گذريا؟ پر ان ناڪام
فلسفي کي پنجن صدين کان پوءِ سندس عقيدتمندن وري
جياريو ۽ سندس فسلفي کي مذهب جي حيثيت ڏني وئي.
چين جا خاص ٽي مذهب آهن: ڪنفيوشس جو مذهب، ليوذيت
۽ ٻڌمت. انهن ۾ ليوذيت ان فلسفي جو يادگار آهي.
جڏهن پهرين صدي عيسوي ۾ چين ۾ ٻڌمت پکڙيو ۽ ان مت
جي پوئلڳن پنهنجا پنهنجا مندر ٺهرايا ته ليوذيت جي
پوئلڳن به پنهنجا مندر ٺهرايا ۽ پنهنجي مذهب کي
زور وٺرايو.
چيني فلسفي ۾ ڪنفيوشس ۽ ليوذيۡ کان پوءِ ڪا خاص
نمايان تبديلي نه آئي، بلڪه بعد جي مفڪرن ۽ فلسفين
انهيءَ فلسفي جي شرح يا ان ۾ سڌارو ڪيو آهي. ڪو
نئون خيال يا نيون راهون پيدا نه ٿيون آهن. مثلاً
ليوذيۡ جي روحن واري فلسفي يا جن ڀوت کي اڄ جديد
چين ۾ گهڻن خدائن وارو فلسفو چيو وڃي ٿو ۽ ان جي
تشريح ۽ وضاحت، کانئس پوءِ جي فلسفين ڪئي آهي.
چين جو هي خيالي فلسفي ڪٿي ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي،
سندس گمنامي ۽ وطن ڇڏي وڃڻ جو سبب معلوم ٿي نه
سگهيو آهي. پر سندس فلسفو سندس موت کان پوءِ به
زندهه آهي ۽ اڄ به ان فلسفِي جي فڪر کي چين ۾
اهائي اهميت حاصل آهي، جيڪا سندس خواهش هئي.
ڪنفيوشس ۽ ليوذيۡ جي فلسفي چين جي فڪري زندگيءَ جي
اوسر ۾ اهوئي ڪم ڪيو، جيڪو سقراط، ارسطو ۽ افلاطون
يونان ۾ ڪيو. |