ڊاويجر راڻي
(سي شي)
هر قوم ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا ته اتي
ڪنهن عورت حڪمراني ڪئي آهي. چين جي هزارن سالن جي
زندگي ۾ به هڪ وقت اهڙو آيو جو هڪ عورت کي حڪومت
ڪرڻ جو موقعو مليو. پر ان جون ڪي اهڙيون دلچسپ ۽
نياريون روايتون آهن، جن جو ٻين هنڌن تي مثال ملڻ
مشڪل آهي. ڪنهن نجومي اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته، ”جڏهن
چين جي ڪا عورت حڪمران ٿيندي ته پوءِ چين ۾ شاهي
خاندان برقرار رهي نه سگهندو. ملڪ ۾ هڪ نئون نظام
رائج ٿي ويندو، جيڪو بادشاهت جو مخالف هوندو.“
چيني نجومي جي اها اڳ ڪٿي صحيح ثابت ٿي. ڊاويجر
راڻي شاهي خاندان جي آخري حڪمران هئي. سندس حڪومت
ختم ٿيڻ کان پوءِ، چين جي هزارن ورهين واري
بادشاهي نظام جو به خاتمو ٿيو. هيءَ راڻي پنهنجي
سگهه ۽ ڏاهپ ۾ به بي مثال هئي، جنهن ماحول ۾ کيس
حڪمراني جو موقعو مليو، سو ايڏو افراتفري، اضطراب
۽ پريشاني وارو هو، جو ڪا وڏي کان وڏي شخصيت به
امن ۽ سڪون پيدا ڪرڻ کان قاصر هئي. ملڪ جڏهن
شهنشاهت ۽ جمهوريت جي ڇڪتاڻ ۾ ورتل هو، راڻي جي ئي
شخصيت هئي، جيڪا هڪ وڏي ٽولي جي اڳواڻي ڪري رهي
هئي. سندس زندگي هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن ۾ تخت ۽
تاج حاصل ڪرڻ جا جهيڙا جهڳڙا بادشاهت جو عروج ۽
زوال سياسي فتنا ۽ فساد، جيڪي هر شاهي خاندان جي
تاريخ ۾ لازمي هوندا آهن، سي موجود هئا.
سي شي جو جنم ڪٿي ٿيو؟ ان لاءِ پڪ سان ڪجهه چئي
نٿو سگهجي. ڪن تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته هُوءَ
هُونان يا انهوئي صوبي ۾ پيدا ٿي. چيني سماج ۾
ڇوڪري جو جنم ڀاڳ وارو يا مبارڪ نه سمجهيو ويندو
هو. تنهنڪري سي شي جي ڪا خاص تربيت نه ٿي سگهي.
سندس والد هيوئي چينگ، شاهي فوج جو ڪمانڊر هو،
مانچو قبيلي جي شهنشاهن جو هي حڪم هو ته ”شهنشاهي
فوج جي ڪمان ان شخص جي هٿ ۾ هجي، جيڪو مانچو قبيلي
مان هجي.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سي شي مانچو
قبيلي مان هئي. هو کيس ”ننڍي چاءُ“ جي نالي سان
سڏيندا هئا. هوءَ اڃا ننڍي هئي ته سندس والد وفات
ڪري ويو. مالي مشڪلاتن سبب هُوءَ پنهنجي ماءُ سان
گڏ پيڪنگ وڃي پنهنجي هڪ مائٽ وٽ رهڻ لڳي. جنهن
سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏنو ۽ هر ممڪن
مدد ڪئي. سي شي ڪنفيوشس وارا اصول ۽ قاعدا ياد ڪري
ڇڏيا ۽ ادب جو به ٿورو گهڻو مطالعو ڪيو. هُوءَ
بيحد ذهين ۽ عقلمند هئي. ان مختصر تعليم ۽ قدرتي
ڏات ۽ ڏاهپ سبب هُوءَ معزز ۽ مهذب عورتن جي صف ۾
شامل ٿي وئي.
تعليم ۽ تربيت جي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي هڪ مائٽ
جُنگ لُو سان سندس محبت ٿي وئي، زماني جي لاهن
چاڙهن رنڊڪن رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن هوندي به سندن عشق
دائم قائم رهيو.
جڏهن سي شي جوان ٿي ته عوام کيس ”يوهانالا“ سڏڻ
لڳو. ”يوها“ ۽ ”نالا“ اُتر چين جا ٻه قبيلا هئا،
جيڪي ديوارِ چين جي ٻئي طرف رهندا هئا، انهن ٻنهن
قبيلن کي ”نُوراچُو“ نالي هڪ فوجي زور زبردستي پاڻ
۾ ملائي هڪ ڪيو. ان اتحاد کان پوءِ نوراچو ديوارِ
چين ٽپي چين تي حملو ڪيو، چين جي شهشاهه کي شڪست
ڏئي، هو اُتان جو بادشاهه بڻجي ويو. نوراچو ۽
کانئس پوءِ جا حڪمران چنگ يا مانچو خاندان جي لقب
سان چين تي حڪومت ڪرڻ لڳا. يوهانالا ان خاندان جو
قديم ۽ ابتدائي نالو هو، تنهنڪري سي شي انهيءَ ئي
نالي سان مشهور ٿي، سي شي يا يوهانالا جي مشهوري
سان گڏ عوام کي ان نجومي جي اڳڪٿي به ياد اچي وئي
ته ”چين تي جڏهن ڪا عورت حڪومت ڪندي ته حڪمران
خاندان هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.“ پر عوام ان
اڳڪٿي کي ڪا اهميت نه ڏني، ڇاڪاڻ ته اها اڳڪٿي ٻين
شاهي دستاويزن سان گڏ ڪنهن لوهي صندوق ۾ محفوظ ڪري
رکي وئي هئي. چيني روايت موجب حڪمران خاندان جي
تاريخ، ان جي حڪومت جي زماني ۾ نه لکي ويندي هئي،
تنهنڪري مانچو خاندان جي حڪومت جي زماني ۾ جيڪي
اهم واقعا ٿيا، سي دستاويز جي صورت ۾ محفوظ ڪري
رکيا ويا. جڏهن مانچو خاندان جو مڪمل خاتمو ٿيو،
ته ان جي تاريخ لکجڻ شروع ٿي ته دستاويزن سان گڏ
اها اهم اڳڪٿي به ظاهر ٿي.
چيني رسمن مطابق هر شهنشاهه کي، ڪيترائي خاص ماڻهو
رکڻ جي اجازت هوندي هئي. اهي خاص ماڻهو شهنشاهه جي
والده چونڊيندي هئي. جڏهن شهنشاهه شُن فنگ لاءِ
خاص ماڻهن جي چونڊ ٿي رهي هئي، ته سي شي جي ماءُ
کيس مجبور ڪيو ته تون به ان چونڊ ۾ شامل ٿي،
پنهنجي قسمت آزماءِ. تن ڏينهن ۾ جُنگ لُو سان سندس
شادي به ٿيڻ واري هئي. پر سندس ماءُ مستقبل سان
وابسته ان شادي جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ سي شي کي
ان چونڊ لاءِ موڪليو.
سي شي تمام خوبصورت ۽ ذهين هئي، تنهنڪري هُوءَ
چونڊجي وئي. ننڍپڻ کان جُنگ لُو سان کيس جيڪا محبت
هئي، سا شادي جي روپ ۾ نه اچي سگهي. سي شي جي
سونهن ۽ سياڻپ شهنشاهه شن فنگ کي موهي وڌو. هُو
مٿس عاشق ٿي پيو ۽ چين جي حقيقي ملڪه (راڻي) کان
پاسيرو رهڻ لڳو. يُوها نالا ڏٺو، ته شهنشاهه جو
عشق تارون تار ٿي ويو آهي ته هن ان جو فائدو وٺي
کيس پنهنجي گرفت ۾ آندو. محل جون ٻيون خاص عورتون
سي شي جي عزت ۽ وقار ڏسي ساڻس ساڙ ڪرڻ لڳيون. سندن
ڪوشش هئي ته ڪنهن طرح شهنشاهه کي سي شي کان نفرت
ڏياري وڃي. ان ڪوشش ۾ شهنشاهه جا دوست به شامل ٿي
ويا، ڇاڪاڻ ته شهنشاهه سي شي جي عشق ۾ اهڙو انڌو
ٿي چڪو هو، جو هن پنهنجن دوستن کي به وساري ڇڏيو
هو. ان ئي ڏينهن ۾ سي شي جي عزت ۽ وقار ۾ واڌارو
ٿيو. سندس پيٽان شهزادو پيدا ٿيو، چيني قانون ۽
رسم و رواج مطابق جڏهن ڪنهن عورت جي پيٽان شهزادو
پيدا ٿئي، ته ان کي تخت جو وارث بڻايو ويندو آهي،
۽ سندس ماءُ کي ملڪه تسليم ڪيو ويندو آهي، تنهن
ڪري سي شي کي به ان رواج مطابق ملڪه تسليم ڪيو
ويو.
شهزادي جي جنم کان پوءِ چيني نجومين، جوتشين ۽
جادوگرن پنهنجي پنهنجي علم ذريعي معلومات حاصل
ڪئي. سڀني راءِ ڏني ته شهزادو ڀاڳ وارو آهي. ان
وقت ملڪ ۾ بغاوت هئي، حُسن اتفاق سان شاهي خاندان
بغاوت کي ٻُنجو ڏنو. ان ڪاميابي راڻي جي عزت ۾
اضافو ڪيو. شهنشاهه کيس ”مغربي محل جي ملڪه“ جو
لقب ڏنو.
ان قدرداني، عزت ۽ احترام سبب ملڪه کي ايڏا اختيار
ڏنا ويا جو هُوءَ حڪومت جي معاملن تي قابض ٿي وئي.
حڪومت جو ڪاروبار سندس صلاح مشوري سان ئي هلڻ لڳو.
اهو ڏسي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شهنشاهه ملڪه جي
انهيءَ روش کان بيزار ٿي ويو. جڏهن 1860ع ۾ چين ۽
ڌارين ماڻهن وچ ۾ جنگ لڳي ته مڪمل اقتدار سي شي وٽ
هو. سندس بدقسمتي جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن ان
جنگ ۾ چينين کي شڪست ملي. ملڪه جي مخالفن ان شڪست
جو الزام ملڪه تي مڙهيو. خاص طور سُوشن جيڪو ملڪه
جو سخت مخالف هو، تنهن شهنشاهه کي مجبور ڪيو ته ان
مائي مان جان ڇڏائي، هڪدم پيڪنگ کان جيهول هليو
وڃي ته جيئن ملڪه کان پري هجي. بادشاهه ملڪه جي
مخالفت باوجود جيهول هليو ويو، اها ملڪه جي اهڙي
شڪست هئي جو سندس اقتدار ڪمزور ٿي ويو ۽ هوريان
هوريان زوال شروع ٿيڻ لڳو. چينين جي شڪست سبب ملڪ
۾ ڌارين جو اقتدار ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو ۽ عوام
پريشان رهڻ لڳو ۽ مخالف ٿيندو ويو. انهن بدقسمتين
۾ ان وقت وڏو واڌارو ٿيو، جڏهن 1861ع ۾ شهنشاهه شن
فنگ فوت ٿي ويو ۽ پنجن سالن جو شهزادو ڪوانگ تخت
تي ويٺو. ان وقت حڪومت جا ٻه دعويدار هئا هڪ خود
ملڪه هئي، ٻيو شهزادو يائي هو، جنهن کي شن فنگ
مقرر ڪيو هو، ٻنهن ۾ جهيڙو ٿيو. ملڪه پنهنجي پراڻي
دوست جنگ لُو جي مدد سان شهزادي يائي کي شڪست ڏئي،
ننڍڙي شهزادي جي نائب بڻجي وئي. انهن اندروني
جهيڙن جي زماني ۾ ٻاهرين ڌارين کي پنهنجا پنهنجا
مفاد مستحڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.
ان وقت ملڪ ۾ ٻه سياسي جماعتون موجود هيون. هڪ
قدامت پسند جماعت هئي، جنهن ۾ شاهي خاندان جا
ماڻهو ۽ امير ۽ ڪنفيوشس جا پوئلڳ هئا. اها جماعت
ملڪه جي حامي هئي. ٻي اصلاح پسندن جي جماعت هئي،
جنهن ۾ سمورا ترقي پسند شامل هئا. ان جماعت جو اثر
فقط ڏکڻ چين ۾ هو، اصلاح پسندن بادشاهه کي پنهنجي
اثر ۾ آندو. بادشاهه به چاهيو ٿي ته ملڪه مان جان
ڇٽي. بادشاهه پنهنجن ساٿين جي صلاح مشوري سان ملڪ
۾ سڌارا ڪيا ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ لڳو رهيو، ته ملڪه جي
ويجهن ماڻهن کي ڳولهي ڳولهي ماريو وڃي. هن جي
پهرين نظر ۾ ملڪه جو محبوب ساٿي جَنگ لُو هو. هن
اهو ڪم هڪ فوجي آفيسر يان شي کي سونپيو. پر، يان
شي بادشاهه سان غداري ڪئي. هن ان سازش جو سمورو
احوال وڃي ملڪه کي ٻڌايو. اهو احوال ٻڌي ملڪه کي
ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن اصلاح پسندن ۽ شهنشاهه تي حملو
ڪيو. ان جنگ ۾ اصلاح پسندن کي شڪست ملي ۽ بادشاهه
کي قيد ڪيو ويو. مُلڪ ۾ وري قدامت پسندن جو دور
شروع ٿيو. ۽ ڪجهه ڏينهن اهو بحران ماٺو ٿي ويو، پر
وري جلد ئي اهو دور ختم ٿي ويو.
1900ع ۾ جڏهن چيني عوام ڌارين جي خلاف هڪ ٿي جنگ
جوٽڻ لاءِ تيار ٿي ويو ته پهريائين ملڪه چيني عوام
جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، مگر عوام ملڪه کي هڪ
ڪُوڙو دستاويز ڏيکاريو، ته ڌاريا تخت تان لاهڻ
چاهين ٿا. هُوءَ ان نئين مصيبت کان ڊڄي وئي،
تنهنڪري مجبور ٿي عوام جو ساٿ ڏنائين. هن شاهي فوج
کي حڪم ڪيو ته دشمن تي حملو ڪيو وڃي. جيئن ته
حڪومت ۽ عوام پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي حملو ڪيو هو، تنهن
ڪري اندازو هو، ته دشمن کي شڪست ملندي، پر ائين نه
ٿيو. ان جو سبب اهو هو ته مغربي ملڪن برطانيه،
فرانس، آمريڪا، اٽلي، جرمني، روس ۽ جپان پاڻ ۾ ملي
هڪ ٿي مقابلو ڪيو، تنهن ڪري چينين هارايو ۽ ڌاريا
دشمن ڪامياب ٿي ويا. اها جنگ تاريخ ۾ ”باڪسر
بغاوت“ جي نالي سان مشهور آهي، دراصل اها چينين جي
جنگ آزادي هئي، جنهن تي ڌاري بغاوت جو ليبل لڳل
آهي.
ان جنگ ۾ شڪست، مانچو خاندان ۽ ملڪه جي شڪست هئي،
ان جنگ کان پوءِ ملڪه ڪوشش ڪئي ته شڪست کاڌل ۽
تباهه ٿيل ملڪ کي وري سگهارو ڪري، ان کي ترقي
وٺرائجي. پر ملڪه ضعيف ٿي چڪي هئي. عوام به ملڪه
جي سڌارن کي مرض جو صحيح علاج نه ٿي ڄاتو. سندن
شعور ۾ انقلاب جي چڻنگ دُکي رهي هئي. بادشاهت
بجاءِ سندن ويساهه جمهوري نظام حڪومت ۾ هو. انهن
مخالفتن سبب ملڪه جو باقي بچيل اقتدار به پوين
پساهن ۾ هو ۽ ملڪه پاڻ به پوين پساهن ۾ هئي. آخر
1908ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. مرڻ مهل چيو هئائين ته
”آئنده ڪڏهن به ڪنهن عورت کي چين جي بادشاهت نه
ڏجو، ڇو ته عورت جي حڪمراني اسان جي خاندان، قانون
۽ روايت جي خلاف آهي.“ ملڪه جي وفات کان پوءِ ٽن
سالن بعد نالي ماتر بادشاهي به هميشه لاءِ ختم ٿي
وئي.
ملڪه ڊاويجر جي زندگي افراتفري ۽ انتشار جي شاهد
آهي. سندس بي آرام ۽ بي سڪون زندگي قوم ۽ وطن جي
اضطراب جي ترجماني ڪري ٿي. چين جي پنجن هزارن
ورهين جي تاريخ ۾ هي هڪ غيرمعمولي واقعو هو، هڪ
عورت ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻجي وئي هئي. هن
ايڏي رعب تاب سان حڪومت ڪئي جو شهنشاهه،
اميرامراء، عوام ۽ ڌاريا دهلجي ويندا هئا. ملڪ جي
هيڻي حال ۽ هڪ عرصي کان آيل زوال کيس ايتري مهلت
نه ڏني، جو هُوءَ ڪامياب حڪومت ڪري سگهي. هُوءَ
غربت ۽ ناداري واري حالت ۾ پيدا ٿي هئي، ڪجهه عرصو
خوشحال زندگي گذاري، بربادي ۽ بيوسي جي حالت ۾ هن
دنيا مان هلي وئي ۽ شهنشاهت جو به هميشه لاءِ
خاتمو ڪري وئي.
سن يات سين
علامه اقبال جو هڪ شعر آهي:
ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی ہے
بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا
۔
شاعر جو هي خيال ڪنهن ٻي جاءِ تي شاعري، وڌاءُ يا
رڳو سهڻو خيال هجي، پر چين ۾ ان جو صحيح تفسير ملي
ٿو. چيو وڃي ٿو ته چين ۾ ڪنفيوشس، ليوذي، شي هوانگ
ٽي کان هزارين ورهيه پوءِ سن يات سين پيدا ٿيو.
جنهن چين جي هزارن ورهين جي دنيا بدلائي ڇڏي، هن
پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي زوال کان بچائي ملڪ ۾ هڪ نئين
دور جي شروعات ڪئي.
چين جو هي مسيحا 12 نومبر 1862ع ۾ ڪوانگٽنگ صوبي
جي هڪ ڳوٺ چوهنگ ۾ پيدا ٿيو. اهو ڳوٺ ڏکڻ چين جي
آخري ڇيڙي تي آهي ۽ وڻندڙ آبهوا سبب مشهور آهي. سن
يات سين جو والد ميڪاؤ ٻيٽ جو رهاڪو هو. هُو پوکي
راهي ڪري گذر سفر ڪندو هو. ان زماني ۾ هارين جي
حالت هيڻي هئي، سُڃي سرڪار هارين تي وڏا محصول
مڙهي سندن حال هيڻا ڪري ڇڏيا هئا. ان کان علاوه
مغربي ملڪن جا رهاڪو جيڪي چين ۾ آباد ٿي چڪا هئا،
سي غريبن مسڪينن کان بنان اجوري بيگر ۾ ڪم وٺندا
رهندا هئا. انهن ڳالهين ”سن“ جي والد کي مجبور ڪيو
ته هُو پنهنجو اَباڻو هارپ وارو ڪم ڇڏي ڏي.
تنهنڪري هو ڳوٺ ڇڏي، ميڪاؤ شهر ۾ اچي رهيو، اتي
اچي درزڪو ڌنڌو شروع ڪيائين. پر اتي اچڻ کان پوءِ
خبر پئي ته پورچوگيزي، چيني غريبن مسڪينن جو
استحصال ڪري رهيا آهن. هن ڄاتو ته هن شهر ۾ رهڻ
مان ڪو فائدو ڪونه آهي، هتي رهندس ته ڪنگلو ٿي
ويندس، تنهنڪري هُو شهر ڇڏي وري پنهنجي ڳوٺ موٽي
آيو. خاندان جون اهي مجبوريون ۽ لاچاريون هيون ته
انهيءَ ماحول ۾ جديد چين جي هن وڏي معمار اک کولي.
هن دردناڪ تصوير جو ٻيو رخ وطن جو زوال ۽ هيڻو حال
هو. مرڪزي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي. ڪڏهن ڪڏهن فوجي
آفيسرن جي سگهه سان سگهاري ٿي ويندي هئي ته وري
هڪدم هيڻي ٿي ويندي هئي. ڌارين قومن جو اقتدار
ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو هو. تخريب جو
اهو درياءُ موج ۾ اچي ٻوڙ ٻوڙان لائي رهيو هو،
اهڙي پُرآشوب ماحول ۾ سن يات سين جو جنم ٿيو.
سن جي ابتدائي زندگي اسڪول جي راند روند ۽ پڙهائي
۾ گذري. انهن ڏينهن ۾ چين جي تعليمي نظام جو اهو
بنيادي اصول هوندو هو ته، چين جو هر شاگرد پنهنجو
اعليٰ ادب ياد ڪري ڇڏيندو هو. جيڪو هُو پنهنجي
استادن اڳيان ترنم سان پڙهندو هو. پر اعليٰ ادب جي
مفهوم کان استاد به واقف نه هئا. سن ننڍپڻ کان ئي
ان نظام جي مخالفت ڪئي. هن پنهنجي استادن کان
اعليٰ ادب جي مفهوم ۽ معنيٰ بابت پڇيو. اسڪول جي
استادن کي سن جي اها ڳالهه نه وڻي. هنن چاهيو ٿي
ته سندن فضيلت ۽ علميت کي ان ريت ڪو نقصان نه
پهچائي. استاد سن تي ڪاوڙيا، هُو مصيبت ۾ اچي ويو،
تنهنڪري پڙهائي ڇڏي ڏنائين. پنهنجي پيءُ کي چيائين
ته ”کيس ڪنهن ٻئي هنڌ پڙهايو.“ پر سندس پيءُ هڪ
مسڪين ماڻهو هو کيس ٻئي هنڌ پڙهائي نه ٿي سگهيو.
تنهنڪري سن ڪيترائي ڏينهن پڙهڻ کان محروم رهيو. ان
واندڪائي واري وقت ۾ هن ڪوشش ڪئي ته هُو اعليٰ ادب
جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهي سگهي. ان ذاتي ذوق شوق ۽
ڪوشش جي ڪري، سندس دلچسپي ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي.
ان دوران کيس 1879ع ۾ چين کان ٻاهر وڃڻ جو موقعو
مليو. سندس هڪ ڀاءُ ’ڊي ڪو‘ جيڪو هونولولو ۾ واپار
ڪندو هو، چين آيل هو. هُو جڏهن واپس وڃي رهيوهو ته
سن به ساڻس گڏ هليو ويو. ان وقت سندس عمر ٻارهن
سال هئي، ان ننڍي ڄمار ۾ سندس شوق، خيال ۽ لاڙا
ٻڌائي رهيا هئا ته سندس شخصيت ۾ جديد چين جو معمار
لڪل آهي. هُن هونولولو ۾ هڪ مشن اسڪول ۾ داخلا
ورتي. هُن ٿوري وقت ۾ انگريزي تي عبور حاصل ڪيو.
هوائي ٻيٽن جي حڪمران سندس قابليت کان متاثر ٿي
کيس آسماني ڪتاب انجيل انعام طور عطا ڪيو.
جڳ مشهور شخصيتن جي زندگيءَ جي مطالعي مان معلوم
ٿيندو، ته هو پنهنجي زندگيءَ جي مختلف دورن، مرحلن
۽ منزلن مان گذرن ٿا. سن يات سين پنهنجي اسڪول
واري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ
واپار ڪرڻ لڳو. پر واپار سان سندس دل نه لڳي،
تنهنڪري ڇهن مهينن کان پوءِ هن واپار ڇڏي ڏنو ۽ هڪ
ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. مگر سندس ڀاءُ کيس 1884ع ۾
واپس چين موڪليو، تنهنڪري هُو اُتي وڌيڪ تعليم
حاصل ڪري نه سگهيو.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سن جي مائٽن کي اميد هئي
ته کيس وڏو سرڪاري عهدو ملندو ۽ پوءِ هُو خوشحال
ٿي ويندا. پر سن جي مزاج ۾ بغاوت هئي. هُن ان وقت
جي نظام سان مقابلو ڪرڻ ٿي گهريو. مغربي تعليم جي
مطالعي منجهس ترقي ۽ آزادي جو شعور پيدا ڪيو هو.
سندس مائٽن کي پهرين ناڪامي
ان وقت نظر آئي، جڏهن هن هونولولو ۾ پنهنجو مذهب
ڇڏي، عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو. سن محسوس ڪيو ته
چيني مذهب جي روايتي بُت پرستي، انساني سوچ ۽
سمجهه کي نهوڙي رهي آهي، تنهن ڪري هن بت پرستي
خلاف بغاوت ڪئي. سن جي اها بغاوت نه صرف عوام، پر
سندس خاندان لاءِ به ڏاڍي ڏکاري هئي. هُو پنهنجي
مذهب جو منڪر ٿي ويو. ڏينهن رات چيني مذهب خلاف
پرچار ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن هُو نوجوانن جي ٽولي
سان گڏ هڪ مندر ۾ ويو. اتي پهچي ڪاوڙ ۽ نفرت مان
چوڻ لڳو ته: ”هي رنگ برنگي مٽي، پٿر، ڪاٺي ۽ ڌاتو
مان ٺهيل مئل بُت اسان جون پريشانيون ختم نٿا ڪري
سگهن، هي اسان جون آهون ۽ دانهون، دعائون ۽
التجائون ٻڌي نٿا سگهن. هي ڪجهه به ڪري نٿا سگهن.“
ائين چئي مندر جي سڀ کان وڏي ديوتا جي ويجهو وڃي
سندس آڱر ڪپي ڇڏيائين. سن جي اهڙي گستاخي ڏسي،
سندس سمورا ساٿي ڀڄي ويا. سن جي اهڙين ڳالهين جي
ڪري عوام ۾ ڊپ پيدا ٿيو. هو اڳ ئي کانئس ناراض
هئا، کين هي بهانو ملي ويو، تنهنڪري کيس جلاوطن
ڪري هانگ ڪانگ موڪليو ويو.
هانگ ڪانگ سن يات لاءِ رحمت ثابت ٿيو. هن اتي
ڪُئنز ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1886ع ۾ جڏهن سندس عمر
ويهه ورهيه هئي، هن اتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. ان
کان پوءِ هن هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جيڪو
تازو ”پاڪ سائي“ جي نالي سان قائم ٿيو هو. اتي به
هن 1892ع ۾ ان امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سن يات سين
ڪينٽن صوبي ۾ مريضن جو علاج ڪرڻ لڳو ۽ ڳجهي نموني
انقلاب جون تياريون پڻ ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾
مانچو خاندان جي ظلم ۽ زيادتين کان عوام ڏاڍو تنگ
هو. انهن جابر شهنشاهن جي هر حڪم کي قانوني حيثيت
حاصل هئي. جيڪو حڪم نه مڃيندو هو، تنهن کي موت جي
سزا ڏني ويندي هئي. مادر وطن جي اهڙين ڏکوئيندڙ
نا انصافي وارين حالتن سبب سن يات سين جي اندر ۾
جيڪا انقلابي جذبن واري چڻنگ دکي رهي هئي، سا ويتر
وڌي وئي. هُو انهن ڏينهن ۾ مانچو خاندان جي خاتمي
جون تياريون ڪري رهيو هو. هن اهو هُل هلايو ته
”مانچو حڪمران نسلي لحاظ کان چيني نه آهن، هو
ڌاريا آهن. تنهنڪري چين تي سندن حڪومت ناجائز آهي،
هُو ڪنهن به ريت ڌرتي ڄاوا هئڻ جي دعويٰ نه ٿا ڪري
سگهن.“
سن جي ان وڌندڙ باغياڻي طوفان کي سندس پيءُ ماءُ
به روڪي نه سگهيا. هنن سندس مدد ڪرڻ کان جواب ڏنو
۽ کانئس ڌار ٿي ويا. سن يات سين سان چيني عوام جو
اهو ٽولو شامل هو، جن جي شعور ۾ آزادي ۽ ترقيءَ جو
مقصد پيٺل هو. چين کان ٻاهر رهڻ دوران هُو مغربي
تهذيب ۽ سياست ۽ نئين تحريڪن کان واقف ٿيو. نه صرف
واقف ٿيو، پر انهن کان متاثر به ٿيو. هن محسوس ڪيو
ته آزادي ۽ ترقي جا ڪوڏيا وطن جي سپوتن جي جماعت
”مجلسِ نوجوانانِ چين“
(Young China Party)
۾ شريڪ ٿين ۽ اهڙي ريت هڪ مرڪزيت پيدا ڪئي وڃي ۽
ان پارٽي جي پليٽ فارم تان انقلاب جي پرچار ڪئي
وڃي. سن جي ان پارٽي حڪومت کي وائڙو ڪري ڇڏيو.
ڇاڪاڻ ته سن جي انقلابي زندگي ۽ بغاوت واري سوچ
کان حڪومت واقف هئي ۽ کين اها به ڄاڻ هئي، ته چيني
نوجوانن جا ٽولن جا ٽولا سن جي خيالن سان سهمت ٿي،
وٽس گڏ ٿي رهيا آهن.
ان دوران 1894ع ۾ چين ۽ جپان جي جنگ لڳي، ان جنگ
کان سن يات سين کي پنهنجي خيالن ۽ نظريي جي پرچار
جو موقعو مليو. هن اعلان ڪيو ته ”چيني حڪومت جي
ڪمزوري جي ڪري مصبيتون ڪڙڪي رهيون آهن. انهن
سمورين بربادين جو علاج اهو آهي ته ”بادشاهت جو
خاتمو ڪيو وڃي ۽ جمهوريت آندي وڃي.“ حڪومت سن يات
سين جي انقلابي پرچار کان دهلجي وئي. سن يات ۽
سندس ساٿين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سن ڀڄي
ويو، سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ کين قتل
ڪيو ويو. سن جي گرفتاري لاءِ هڪ لک پائونڊ انعام
ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، سن يات هوائي ٻيٽن کان جپان
هليو ويو. اُتان يورپ ۽ پوءِ آمريڪا هليو ويو.
سن يات جي هيءَ جلاوطني نه صرف چين لاءِ پر خود هن
لاءِ سڀاڳ ثابت ٿي. ترقي يافته قومن جي زندگيءَ جي
معيار ۽ ان جي عظيم مقصد سندس ارادن ۽ اُمنگن کي
جاڳايو ۽ سندس عزم ۽ ارادي کي سگهارو بنايو. هن
قومي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا
کان قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. پر 11- آڪٽوبر 1896ع ۾
کيس اغوا ڪيو ويو ۽ کيس ٻارهن ڏينهن چيني سفارت
خاني ۾ نظربند ڪيو ويو. اهو امڪان هو ته کيس سخت
سزا ڏني وڃي ها، پر سندس هڪ پراڻي ساٿي سرجيمز
ڪينٽائيل سندس مدد ڪئي. جيڪو هانگ ڪانگ ۾ ساڻس گڏ
پڙهندو هو. هن برطانوي حڪومت وٽ سن يات جي بيگناهي
جا ثبوت پيش ڪيا، تنهنڪري هُو آزاد ٿيو. ان دوران
لنڊن ۾ مقيم چيني سفير کيس قتل ڪرڻ جا سانباها ڪري
رهيو هو.
اُتان آزاد ٿي هُو جپان آيو، انهن ڏينهن ۾ چيني
ماڻهو جيڪي وطن کان ٻاهر ٿي رهيا، تن جي مرضي هئي
ته انقلاب جي ذريعي مانچو بادشاهت جو خاتمو ڪيو
وڃي ۽ ملڪ ۾ نئون نظام رائج ڪيو وڃي. ٻاهر رهندڙ
سڀني چينين 1905ع م ”تنگ منهائي“
(Tung Minhui)
نالي هڪ انقلابي جماعت ٺاهي. ان جماعت جو
(سيڪريٽري) سن کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو تن ڏينهن
يورپ ۾ هو. اهائي جماعت اڳتي هلي ڪومنتانگ ’عوام
جي قومي جماعت‘ بڻي. جنهن ۾ چين جون سموريون
انقلابي ۽ ترقي پسند جماعتون ملي هڪ ٿي ويون. ان
جماعت ۾ هزارين وطن دوست شامل هئا، جيڪي انقلاب کي
ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڳُجهه ڳوهه ۾ عوام کي متحد ڪري
رهيا هئا. چيني شاهوڪار به ان ۾ شامل ٿي مالي مدد
ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو ٻاهرين قومن جي ڪري سندن واپار
متاثر ٿي رهيو هو. |