ڪمرشل ازم سان موسيقيءَ تي منفي اثر نٿا پون؟
آغا سليم: بلڪل پون ٿا. ماڻهن جي ٽيسٽ خراب ٿئي
ٿي. اهو پهريون ماڻهو آهي، جنهن ساز کي راڳ ۾
Introduce
ڪيو آهي. نه ته صوفي راڳ ۽ سماع ۾ ساز نه ٿيندو
آهي، خاص ڪري ردم جو ساز نه هوندو آهي. ردم ماڻهن
جي
Emotions
کي يڪدم جاڳائي ٿي. جنهن ڪري هو اُٿي ناچ ڪري ٿو.
صوفين جو چوڻ آهي ته، اسين جيڪي لفظ سماع ۾
جهونگاريون ۽ ڳايون ٿا، اُهي جڏهن ٻڌندڙ جي اندر ۾
Penetrate
ڪري سندس روح کي ڇُهي اُن کي جاڳائن، ان کان پوءِ
هو اُٿي حال ۾ اچي رقص ڪري ته پوءِ کيس رقص ڪرڻ جي
اجازت آهي.
جيڪي ماڻهو چون ٿا ته، قوالي تصوف آهي، اهو به
غلط آهي. خسرو قوالي ايجاد نه ڪئي هئي. حضرت نظام
الدين جو قواليءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته
تصوف ۾ تاڙي وڄائڻ جي اجازت ئي ناهي، صوفي سماع کي
عبادت طور مڃيندا آهن. هو وضو ڪري نماز پڙهي پوءِ
ٻڌندا آهن. اها ننڍي عمر واري کي به ٻڌڻ جي اجازت
ناهي. ڇو ته ماڻهن تي حال اچي ويندو اهي. هڪ دفعي
حضرت نظام الدين اولياءَ سان حضرت بهاؤالدين ذڪريا
جو پوٽو حضرت رُڪن عالم ساڻ هيو.
جڏهن حضرت نظام الدين اولياءَ کي حال آيو ۽ پاڻ
اُٿي رقص ڪرڻ لڳا ته حضرت رڪن عالم کيس وٺي
ويهاريو، ڇاڪاڻ ته انهن جي
School of thought
۾ رقص ۽ سماع جي اجازت ناهي. جڏهن هي ٻيو دفعو اٿي
رقص ڪرڻ لڳا، تڏهن حضرت رڪن عالم وري به کين ڇڪي
ويهاريو. جڏهن ٽيون دفعو رقص ڪرڻ جي لاءِ اٿيا ته
پاڻ اُٿي نماز پڙهڻ لڳو. جنهن کان پوءِ ماڻهن پڇيس
ته، ”سائين توهان ائين ڇو ڪيو؟“ جنهن تي وراڻيائين
ته: ”جڏهن هن رقص لاءِ اُٿي پهريون قدم رکيو ته هي
پهرئين آسمان تي هو، جڏهن ٻيو قدم رکيائين ته ٽئين
آسمان تي هو ۽ جڏهن ٽيون قدم رکيائين، تڏهن اهڙي
بلنديءَ تي هيو جو مون کي پوري ڪائنات ۾ نظر نه
آيو ته، نظام الدين ڪٿي آهي؟ تڏهن مان وڃي نماز ۾
بيٺس.“ هيءَ حقيقت نه، پر تمثيل آهي. روحاني
بلنديءَ جي لاءِ
Allegory
آهي. مطلب اهو آهي ته روحاني طور تي
Submissions
هيون اهو سماع ناهي.
هو
Invader
هو، باغي هو، پوءِ به هن سان
Introduce
ڪيو، پر انهيءَ ۾ ضرب به مٽجندي رهي آهي، اها
الاهوءَ واري ضرب آهي.
اسان جن ڪجهه سينيئر رائيٽرس جي موجوده سنڌي ادب
جي باري ۾ ڪا سٺي راءِ ناهي. اوهان جي موجوده سنڌي
ادب جي باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟
آغا سليم: مان هڪڙو اعتراف ڪيان ٿو ته مان سنڌي
ادب ۽ سنڌي رائيٽرس کان سترهن سالن ڪٽيل رهيو
آهيان، سترهن سال وڏو عرصو اهي، اُن وقت جا ڇوڪرا
اڄ جا مشهور رائيٽر آهن. مون عبرت مئگزين جي
Through
ڪجهه سنڌي رائيٽرس کي پڙهيو آهي. مان هڪ ڳالهه
ٻڌايان ته، جڏهن مون کي ريڊيو تي آڊيشن (آواز جي
امتحان) لاءِ وٺي ويندا هئا ته اتي پهريان اها
روايت هوندي هئي ته آڊيشن ڏيندڙ کي چوندا هئا ته،
تون فلاڻو راڳ ڳائي ٻڌاءِ، پر مون چيو ته ائين نه
ٿيندو، بنيادي ڳالهه هيءَ ڏسڻي آهي ته هُن کي ڳائڻ
اچي ٿو يا نه؟ پوءِ جڏهن مان ڏسندو هوس ته هن کي
ڳائڻ اچي ٿو ته کيس پاس ڪري ڇڏيندو هيس.
انائونسمينٽ جي لاءِ شعر ٻڌائڻ ضروري نه سمجهندو
هوس، مان چوندو هوس ته اهو پوءِ سکي ويندو، پر مان
اهو ڏسندو هوس ته سندس آواز سٺو آهي يا نه؟ اهڙي
طرح ادب ۾ بنيادي ڳالهه اها ڏسڻي آهي ته ماڻهوءَ
کي لکڻ اچي ٿو يا نه؟
سنڌي ادب ۾ وري هي عجيب خيال آيو آهي ته، جديديت
ڇا آهي؟ مون کي ڳالهائڻ جي ٿوري اجازت ڏيو. ڇا
جديديت اها آهي ته مان هلان پيو. منهنجو بوٽ گسڪي
پيو. منهنجي زندگي هيئن آهي... ڀائي! تون ته هينئر
ويٺو لکين ٿو؟ اهو تون هلين ڪيئن ٿو؟ جو تنهنجي
زندگي گسڪندڙ بوٽ وانگر آهي. اها جديديت ته ناهي.
سٽن کي ڀڃي ڊاهي لکڻ ته جديديت ناهي.
لفظ کي پنهنجي
Emotional
فيوڊل پس منظر ۽ ان جي
Association of ideas
کي ڪٽي
Modern sensibility
۾ استعمال ڪرڻ جديديت آهي. مثال طور: ’ڪاروبار‘
لفظ هڪ عام معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، پر فيض ان
کي نئين
Context
۾ استعمال ڪري جديد بڻائي ڇڏيو. ”چلي ڀي آؤ ڪه
گلشن ڪا ڪاروبار چلي.“ اتي ان لفظ جي معنيٰ ئي
نئين ٿي وئي ۽ ان جي دنيا ۾ هلندڙ ڪاروبار سان ڪا
Association
ئي نه رهي. گلشن جي ڪاروبار جي ته ڳالهه ئي ٻي ٿي
وئي يا وري ڪير ايترو
Imaginative writer
هجي، جيڪو ٻوليءَ کي ائين فيض وانگر استعمال ڪري،
باقي هاڻي ڪوملتا، نرملتا، وياڪلتا، يا ڀوڳڻ وارا
لفظ استعمال ڪرڻ عجيب آهن.
مان پڇان ٿو ته اهو ’ڀوڳڻ‘ ڇا ٿيندو آهي؟ اسان
سنڌيءَ ۾ ڀوڳ ته مشڪريءَ کي چوندا آهيون. ڀوڳڻ
معنيٰ سهڻ يا وري سائينءَ جهڙو ماڻهو هجي، جيڪو
نوان
Phrase
ٺاهي. يا وري اياز جهڙي شاعر کي ٻوليءَ کي ٺاهڻ ۽
ڊاهڻ جو حق آهي. باقي اهو
She r Imitation
کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.
ٻيو ته اسان سڀني جو ٻهراڙيءَ جو
Back Ground
آهي، اسان جا رويا ۽ اسان جي لائيف جو ٽيمپو رورل
آهي. اسان جي لاءِ اڃا به
Prestigious
ڳالهه اها آهي ته اسان کي پجيرو هجي. اسين ماڊرن
ناهيون، رڳو جهاز جي هلڻ سان ماڻهو ماڊرن نٿو ٿئي.
جڏهن اها شيءَ اندر ۾ وڃي ان کي
Chang
ڪري ٿي، تڏهن ماڻهو ماڊرن ٿئي ٿو. ماڻهو روين ۾
ماڊرن ٿئي ٿو. عجيب ڳالهه اها آهي ته اسان جن
رائيٽرس کي
Modernity
جو شوق آهي، اُهي مون کان به وڌيڪ ٻهراڙيءَ جا
آهن. هاڻي ڪٿي بامبي ۾ پيدا ٿيڻ وارو نسل ۽ ڪٿي
شڪارپور جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ وارو رائيٽر؟ انڊيا جو
رائيٽر پنهنجي ماءُ سان به اهائي ٻولي ڳالهائي ٿو،
پنهنجي زال سان به اها ئي ٻولي ڳالهائي ٿو، محبوبا
سان به پنهنجي ٻوليءَ ۾ عشق ڪري ٿو، اسين جڏهن
مانءُ سان ڳالهايون ٿا ته ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ڳالهايون
ٿا، هتي اسان جو دوست نند ڇڳاڻي آيو هو، مهتاب
محبوب وٽ ويٺا هئاسين ته هو سنڌي پيو ڳالهائي
ويٺو. مون ڇرڪ ڀري پڇيومانس ته: ”ادا تون ڪٿان جو
آهين؟“ چيائين: ”سائين مان ساهيته جو آهيان.“ جنهن
تي مون کيس چيو: ”يار تون ته واهه جي سنڌي ٿو
ڳالهائين.“ پوءِ مون چيومانس ته: ”ڀلا جنهن مهل
توهان لکڻ ويهندا آهيو ان مهل توهان جي اندر ۾
ڪهڙو جن ويهي رهندو آهي، جو اهو جيڪو ڳالهائين ٿو،
اهو ڇو نه ٿو لکين؟ ڀلا جيڪڏهن اهو لکندؤ ته ماڊرن
نه سمجهيا ويندؤ ڇا؟“
ٻيو ته اسان جا دوست الائي ڪٿان ٿا پڙهن ته: ”Atmosphere
کي
Depict
ڪرڻ به ماڊرن ناهي، اه اپراڻي تصوير ڪشي آهي؟ اِهو
به لال پشپ ڪنهن جڳهه تي چيو آهي. اهو به غلط آهي،
توهان جنهن مهل لکو ٿا، ان مهل توهان پوري ڪائنات
تي ڇانئجي وڃو ٿا. مون ڪٿي لکيو آهي ته: ”مان هاڻي
دونهاٽيل منظرنامي مان ساهه واري منظرنامي ۾ داخل
ٿيان ٿو.“ سو تاريخ ڏانهن به ماڊرن رويو هجڻ
گهرجي. ماضيءَ ۾ جيئڻ به
Modernity
آهي. يعني جڏهن توهان هن ماڊرن دؤر کان بيزار ٿيو
ٿا، تڏهن ئي توهان ماضيءَ ۾ پناهه ڳوليو ٿا.
ته نوان
Phrase create
ڪرڻ
Modernity
اهي. جيئن حسن درس ۽ رسول بخش درس وٽ نئين تشبيهه
آهي.
جڏهن ته نثر ۾ اسان شعوري ڪوشش ڪري ماڊرن ٿيڻ جي
ڪوشش ڪريون ٿا. ان ڪري شعوري طور تي پاڻ تي
Modernity
طاري ڪري
Modern Sensibility
جون ڳالهيون ڪري ورتل اکر جديديت ناهي.
ان ۾ اربنائيزيشن ڪيتري
Involve
آهي؟
آغا سليم: ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڪراچيءَ جو روڊ ڪراس
نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته ڪراچيءَ جو ماڻهو ڦڙتيءَ
سان روڊ ڪراس ڪري وڃي ٿو. اربنائيزيشن خود هڪ
تعليم آهي، هنن جي اربنائيزيشن آهي، اسان جي ناهي
ٿيل.
توهان جيئن چيو ته اسان جيڪا ٻولي ڳالهايون ٿا اها
نٿا لکون، ٻوليءَ جي اهڙي استعمال جو اثر توهان جي
نسل تي وڌيڪ رهيو آهي؟ يا توهان کان پوءِ واري نسل
تي وڌيڪ رهيو آهي؟
آغا سليم: هونئن ته اهو اثر
Overall
سنڌي ادب تي رهيو آهي، پر اسان کان پوءِ جي نسل تي
وڌيڪ رهيو آهي. مان ڪنهن تي تنقيد نٿو ڪريان، پر
اسان ۾ يقيناً اها
Creativity
نه هوندي، جيڪا انهن کي انهيءَ انداز سان متاثر
ڪري سگهي، جنهن انداز سان انڊين رائيٽرس انهن کي
متاثر ڪن ٿا، انڊين رائيٽرس ۾ اسان کان وڌيڪ
Creativity
آهي ۽ اُهي اسان کان وڌيڪ پڙهيل آهن ۽ اسان جي نسل
جي يقيناً
Monotony
هوندي هئي، ڪانه ڪا
Stagnant
ٿي ويئي هوندي، جنهن جي ڪري اسان کان پوءِ وارو
نسل اسان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي شيءِ کي
Adopt
ڪري ٿو.
هند ۽ سنڌ جي سنڌي اديبن ۾ ان فرق جا
Roots
ڪهڙا آهن؟
آغا سليم: مَن! ڪلچر ئي ٻيو آهي. ڏسو، هتي بس پئي
ٿي وڃي ۽ دوست ملي ٿو، هاڻي ٻنهي مان چونڊ ڪرڻي
آهي، توهان دوست جي نه، پر بس جي چونڊ ڪندؤ، مون
وٽ اوطاق نه هوندي ته دوست کي ڪنهن دوست وٽ
رهائيندس. گهر ۾ دال هوندي ته ان لاءِ ڪڪڙ
ڪهائيندس. اهي اسان جون روايتون آهن؟ پر هاڻي اهي
روايا مٽجن ٿا.
سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان ۾ فرق جي ڳالهه ڪرڻ دؤران
اوهان چيو ته هندو اجرڪ نه پائيندا هئا، ڇا صرف
اجرڪ نه پائڻ فرق جو بنياد هيو يا شهري ۽ ٻهراڙيءَ
واري ماحول ۽ مذهبي روايتن جي ڪري به اهو فرق هيو؟
آغا سليم: هڪ ته عقيدن جي اظهار جو فرق هيو، جيئن
هو رام، پرنام چوندا هئا ۽ اسين اسلام عليڪم چوندا
هئاسين، پر مون چيو ته،
Overall
هڪ انڊين ڪلچر آهي. جيڪو
undercurrent
آهي ۽ سموري هندستان ۾ ملي ٿو. اسان هتان ڪراچيءَ
کان هلئون ٿا، جيئن جيئن اڳت يوڌنداسين ته
ڏسنداسين ته آهستي آهستي ٻولي ۽ لباس تبديل ٿيندو
ويندو. اسان اتر ۾ ڄنگهان، ٻانهان چوندا آهيون،
جيڪا سرائڪي ٻولي آهي. درياءَ جي لهرن وانگر ٻولي
۽ لهجا تبديل ٿين ٿا، هاڻي اتي سرائڪي کي
Replace
ڪري سنڌي ٿي ويئي. سنڌيءَ جو اهو
Influence
هلندو رهندو ته اڳتي هلي ڏال (ڏ) پنجابي ٿي ويندو.
اهڙي طرح اسان جا مهانڊا ۽ لباس ڦرن ٿا، اهو
Regional Culture
آهي. ان جي پنهنجي
Identity
آهي. هندو ظاهر آهي ته سنڌي ڳالهائيندا هئا، هو
منهنجا پيارا دوست ۽ عزيز آهن، پر مان ڇنڊڇاڻ جي
حوالي سان چوان ٿو ته هو اسان کي ’ڄٽ‘ چوندا هئا ۽
اسين وري انهن کي ’واڻيا‘ چوندا هئاسين. اسان جو
هڪ دوست انڊيا ويو، اُتي هڪ پوڙهي ويٺي هجي، جنهن
پڇيو ته: ”هي ڪير آهي؟“ چيائونس:
”هي سنڌي آهي.“ وري پڇيائين: ”ڪٿان آيو آهي؟“
چيائونس: ”سنڌ مان آيو آهي.“ وري پڇيائين: ”نالو
ڇا اٿس؟“ چيائونس ”فلاڻو...“ جنهن تي چيائين: ”اڙي
هي ته ڄٽ آ، سنڌي ڪٿي آ.“ ته هي اسان کي ’ڄٽ‘
سمجهندا هئا. ظاهر آهي ته اسان ٻهراڙيءَ جا ماڻهو
هئاسين. ايترا پڙهيل ڪونه هئاسين. هندو، مير حاڪمن
جا ماريل هئا، جيئن ئي انگريز آيا ته انهن سان
هندن ساٿ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي نوڪرين ۾
آندو ويو. سنڌي مسلمان
Shrink
ٿي ٻهراڙيءَ ۾ زمينن تي وڃي ويٺو. ان جا ٻيا به
گهڻائي
Factors
آهن.
هر هڪ ليکڪ جي لکڻين ۾ ڪي نه ڪي
Real Characters
ٿين ٿا، جيئن مرزا نادر بيگ جي ڪل ارڙهن ڪهانين
مان تيرهن ڪهاڻين ۾ هڪ ڪردار ’موهڻيءَ‘ جو ذڪر ملي
ٿو، ته ڇا توهان جي به تحريرن ۾ توهان جي لائيف جو
ڪو
Real Character
آهي؟
آغا سليم: ها ڪجهه ڪردار اهڙا آهن.
(ماهوار ”روح رهاڻ“ ڪراچي سنڌ، جلد 2، نمبر 7، 8،
9 سال 1994ع)
اسحاق سميجو
سُڻي
تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو!
ارشد اسٽريٽ، لڳ واڌو واهه، قاسم آباد. 12 هين
جولاءِ 2008ع جو روشن ڏينهن ۽ اسين همعصر دوست،
حميد سنڌي سائين جي بنگلي تي پهتا هئاسين. ڪير!
ڪير؟ پيارو انعام شيخ، طارق عالم، علي دوست عاجز،
هي آئون نصير ۽ سارنگا جو سمپادڪ اسحاق سميجو.
ڪيسٽون ۽ ريڪارڊر اسان سان ساڻ هئا ۽ جنهن شخصيت
عاليشان سان، ان هنڌ اسان کي ’سارنگا‘ لاءِ
انٽرويو ڪرڻو هو، اُهو هو سنڌي ٻوليءَ جو محبوب
ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق ’آغا سليم
صاحب!‘ ڏينهن اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ بورڊ آف گورنرس
جي غالباً ڪائي ميٽنگ ڪئي ۽ آغا صاحب معزز ميمبر
جي حيثيت ۾ ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان
حيدرآباد آيل هو ۽ حميد سنڌي صاحب جي رهائش گاهه
تي، مهمان خاني ۾ ڊبل بيڊ جي پاسي کان وهاڻي کي
ٽيڪ ڏيو، پنهنجي وڻندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چهري سان هن
طئي ٿيل انٽرويو جي سلسلي ۾ اسان لاءِ منتظر ويٺو
هئو. آغا صاحب تي نظر پوندي ئي. مون ڄاتو ته سنڌي
ليکڪن مان هي شاهاڻو وقار ته بس هن دور ۾ آغا سليم
صاحب کي ئي سونهين ٿو.
ها! ماضيءَ ۾ هڪڙو زمانو اهڙو به هو ضرور، جڏهن
اهڙي خُوءِ ۽ اهڙي ڏيا ۽ اهڙو
Grandue
سنڌ جي هڪڙي ٻي هستيءَ ۾ به نظر ايندو هو، ۽ اهو
انسان هو سائين پير حسام الدين شاهه راشدي- ۽ هتي
اِها به حقيقت آهي ته آغا صاحب جي ادبي حيثيت
پنهنجيءَ جاءِ تي، رڳو آغا صاحب کي پري کان ئي
ڏسبو آهي ته دل ۾ پيو چئبو آهي ته ڪنهن به ’مرد‘
کي جي سهڻو هجڻ جڳائي ته اُن کي اهڙو ئي ته هجڻ
گهرجي، جهڙو هي اسان جو آغا صاحب آهي. بهادر، ڦڙت،
هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط،
Dashing
۽ گفتگوءَ ۾
To The Point
۽ ٻن آڱرين جي مُهڙ ۾ سگريٽ ڦٻائي هو هڪ ادا سان
ڪش هڻي، همت ۽ هشمت سان جڏهن شڪارپوري لهجي ۾،
پنهنجي ڀاري ڀرڪم آواز ۾ چوندو آهي ته: منَ!، خوش
ته آن ني!، ته پڪ ڄاڻو طبيعت ۾ خوشگواري پنهنجو
پاڻ محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.
سڀني جو خيال آهي ۽ مان به چوان پيو ته پري کان
آغا صاحب پنهنجي اپيئرنس ۾، برابر ته هڪڙو
ايروگينٽ قلمڪار لڳندو آهي، پر جڏهن اهڙي روبيسٽ
انسان جي ويجهو وڃبو آهي ته، اهو ئي آغا صاحب،
شڪارپور جي فالودي وانگر سرهو ۽ مٺو ڀاسڻ شروع ٿي
ويندو آهي. ڪنهن زماني ۾ آغا صاحب، برابر ته سفاري
۽ ڪمپليٽ سوٽ پائيندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان مان
اسٽيشن ڊائريڪٽر جي اعليٰ عهدي تان ريٽائر ٿيڻ کان
پوءِ، مون کين جتي ڏٺو، سدائين سفيد شلوار قميص ۾!
پيرن ۾ نفيس سينڊل، اکين تي ريبن جو چشمو ۽ ڪلهن ۾
ڪاري ڪوٽي. ۽ ڪنهن دوست هڪ دفعي مون کان پڇيو هو،
تنهنجي نظر ۾ ڊائمنڊ جي ڊيفينيشن ڇا!؟ ته وراڻيو
هوم، جيڪا شيءَ هر پاسي کان ڊائمنڊ نظر اچي، اُن
کي ئي ڊائمنڊ سڏي سگهجي ٿو ۽ا ڄ مان انهيءَ پرک-
ڪسوٽيءَ تي آغا سليم کي پرکيندي، کيس، ’سنڌي ادب
جو ڊائمنڊ‘ پيو سڏيان ۽ ان ڏس ۾ هن جي ڪهاڻين،
ناولن، سفر نامن، شاعري، لطيف شناسي، بابا فريد
گنج شڪر ۽ ڀٽائي صاحب جي اردو ۽ انگريزي وارن
ترجمن کي واکاڻيندي، هتي مان ٻيو ڇا لکان، سواءِ
هي لکڻ جي ته:
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
۽ ٻارهين جولائي 2008ع تي، مون کي ياد آهي، اُن
ڏينهن، ’سارنگا‘ لاءِ، هن انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ
لاءِ جڏهن اسحاق سميجي رڪارڊر کي آن ڪيو هو ته
کانئس پهريون سوال به مون ئي ڪيو هو.
نصير مرزا
نصير: آغا صاحب، توهان مون سان ڪجهه سال اڳ ڳالهه
ڪئي هئي ته تخليق تحقيق ۽ ترجمي واري ڪم کان پوءِ
توهان پير علي محمد راشدي صاحب جي ڪتاب: ”اهي
ڏينهن اهي شينهن“ جهڙي ڪنهن ڪتاب تي ڪم ڪندو اوهين
ڇاڪاڻ ته نهايت اعليٰ پايي جا نثرنگار آهيو، ان
ڪري چاهيون ٿا ته، هاڻي اهڙو ڪتاب اوهين جلد لکو.
آغا سليم: يعني توهان جو مقصد آهي ته آئون بايو
گرافي لکان!؟
نصير مرزا: جي بلڪل، اهوئي منهنجي سوال جو مقصد
آهي.
آغا سليم: اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ اسان جي دوست انعام
شيخ به مون کي ڏاڍو
Motivate
ڪيو آهي ته جيڪر اهڙو ڪتاب آئون لکان، ته
وراڻيومانس ته، ادا! مان زندگيءَ ۾، نه ڪنهن اهڙي
موومينٽ ۾ رهيو آهيان جيڪا تاريخي هجي، نه مون وري
ڪي اهڙا ڪارناما ئي سرانجام ڏنا آهن. جيڪي
Worthwhile
هجن، جن کي آئون پنهنجي نثر ۾ ورجايان ۽ ماڻهو
پڙهي انهن مان ڪو لطف حاصل ڪن. مان ته من!
Isolation
۾ رهڻ وارو آهيان ۽ مون ڪجهه به ناهي ڪيو، جنهن جا
دفتر ويهي ڪارا ڪيان باقي پنهنجي وڏن تي ويهي
داستان لکان ۽ ٻڌايان ته من! ماڻهن جو انهن سان
ڪهڙو
!Interest
باقي جيتري قدر پير علي محمد راشديءَ جو تعلق آهي
ته اُهو واقعي هڪڙو وڏو تاريخي ماڻهو هو، وهڪرو هو
وڏن ماڻهن جو، انهن سان گڏ هو هليو ۽ اٿيو ويٺو
پئي.... ڏٺائين، جا چيائين پئي انهن کي... ۽
هيڏانهن منهنجي حالت آهي جو ڪنهن وزير سان به هيلو
هاءِ ڪانهي جو ٻڌائي سگهان ته فلاڻي سان گڏ اٿيو
ويٺو آهيان. ان ڪري آئون سچ پڇو ته ڪنهن به طرح
سان پاڻ کي ان جو اهل نٿو سمجهان ته ڪو مان پنهنجي
بايو گرافي لکان.
انعام شيخ: آغا صاحب منهنجي خيال ۾ سٺي بايوگرافي
لکڻ لاءِ ضروري ناهي ته ماڻهو مشهور حلقن ۾ هليو
هجي. ها، ايترو ضرور آهي ته جنهن اک سان هن مختلف
دورن کي ڏٺو هجي ۽ وٽس ايڪسپريس ڪرڻ جي طاقت به
هجي ته هو ان مان به دلچسپ آٽوبايوگرافي
Create
ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ورهاڱو اوهان پنهنجي اکين
سان ڏٺو هو، ۽ ان کان پوءِ وارا سٺ ٻاهٺ سال اوهان
جي سامهون رهيا ته انهيءَ سموري دور کي سامهون
رکي، توهين چاهيو ته هڪڙي شاندار بايوگرافي لکي
سگهو ٿا.
آغا سليم: انعام صاحب، هي جيڪي
Creative Writer
هوندا آهن، اهي پنهنجي آٽوبايوگرافي، گهڻو ڪري
پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ لکي چڪا هوندا آهن. ۽
پنهنجي ڪردارن ۾ اظهاري ڇڏيندا آهن پاڻ کي. جيتري
قدر منهنجو خيال آهي ته، مون هي جيڪو اترين
(ناردرن) علائقن ۾ پنهنجي رهڻ دوران، پنهنجو سفر
نامو لکيو آهي: ”برف پنکڙيون ۽ چنڊ“ انهيءَ ۾ ڪافي
بايو گرافي لکي ڇڏي آهي ته، اسان جا وڏا ڪيئن
افغانستان مان قافلا ڪاهي هن ڌرتيءَ تي پهتا. سنڌ
۽ شڪارپور ۾ ڪيئن اچي آباد ٿيا، ته من! اهي سڀ
ڳالهيون مان ان سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، باقي
هاڻي ڪي ٻيا اهڙا واقعا به آهن ضرور، پر منهنجي
خيال ۾ اُهي منهنجي لاءِ غيراهم آهن. مثال طور،
هڪڙو ڪو اهڙو واقعو ٿيو جو، مون کي نه ڏيڻو نه
وٺڻو، هروڀرو کڻي جيل ۾ وڌائون. ۽ اها منهنجي
گرفتاري اسلام آباد واري وقت درران ڪيائون. جنهن
وقت اريسٽ ڪري وٺي پئي ويا ته دل ۾ سوچيم پئي ته
هي سپاهي، رستي ۾ هاڻي مون کي ٿرڊ ڪلاس ماني
کارائيندا.... مطلب اهو ته ان دوران ڪيئي تجربا
ٿيا، پر دل بلڪل ئي نه چاهيو ته ان بابت آئون به
ويهي لکان، قيديءَ جي ڊائري، قيدياڻيءَ جو
روزنامچو (کلندي) ظاهر آهي ته لکان ها ته اهڙو ئي
بس لکان ها، ٻيو ڇا هجي ها.
نصير مرزا: نه آغا صاحب.... توهان، توهان
آهيو..... زبردست لکو ٿا.
آغا سليم: ٺيڪ آهي من! پر آئون ايڏو اهم ماڻهو
ناهيان جنهن جي زندگيءَ ۾ ماڻهو وڏي دلچسپي وٺن.
هي توهان سان هتي مان ڪنهن انڪساريءَ جي ڳالهه نٿو
ڪريان، پر پنهنجي اندر جي سچائي پيو اوهان سان
Share
ڪريان، ته مان پاڻ کي پنهنجيءَ نظر ۾ ايڏو اهم نه
ٿو سمجهان. باقي جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، نثر،
شاعري، افسانه، ناول، سفرناما انهن ۾
I am very much there
.
نصير مرزا: توهان هي ٻڌايو پئي ته توهان پنهنجي
افسانوي تحريرن ۾ پنهنجي آٽوبايوگرافي لکي چُڪا
آهيو. تڏهن پڇڻ چاهيندس ته توهان جي ناول ’اونداهي
ڌرتي روشن هٿ‘ ۾ هي جيڪو شڪارپور سان تعلق
رکندڙهيرو سارنگ اوهان ڏيکاريو آهي ته ڇا، اهو
توهان جو پنهنجو ڪردار ته نه آهي؟
آغا سليم: ’نه‘.... بلڪل هوبهو ته نه.... باقي ڏسو
نه...... جنهن ڪئريڪٽر کي ليکڪ هيرو ڪري ڏيکارڻ
چاهيندو آهي، ان ۾ هن جو آئيڊيل ايگو ته هوندو آهي
نه... يعني جيڪڏهن ان ڪردار کي ليکڪ جي ذات سمجهيو
وڃي ته اهو هيئن سمجهجي ته جي ليکڪ پاڻ ائين ناهي،
ته هن جي خواهش ضرور هوندي آهي ته هو اهڙو هجي ها.
جيتري قدر ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي هيرو
’سارنگ‘ جو تعلق آهي ته ان ڪردار ۾ منهنجو آئيڊيل
ايگو
De-Pic
ٿيل آهي جيڪو آئون پاڻ نه ٿي سگهيس. ان ڪري هتي
منهنجي ان ڳالهه کي منهنجو اعتراف ڄاڻو ته مون
جيئن زندگي گذارڻ چاهي ٿي، مون ائين ئي ناول ۾
انهن جي زندگي ڏيکاري آهي. جيتريقدر منهنجي
بايوگرافيءَ بابت اوهان جو سوال آهي ته، اُها به
جي آئون لکان ها ته ان ۾ به ضرور شڪارپور بابت، ان
جي ڪلچر بابت ئي لکان ها ان ڏس ۾ به وضاحت ڪري
ڇڏيان ته ان ناول ۾ سواءِ پنهنجي اصلي نالي ۽ پيءُ
جي نالي لکڻ جي، شڪارپور بابت مون ان ۾ ٻيو گهڻو
ڪجهه ته لکيو ئي آهي، پر ويندي هوڪا به شڪارپور جي
ئي گهورڙين جا آهن. ته چوڻ جو مطلب هي آهي ته ساري
بايوگرافي مان ان ناول ۾ جهڙوڪر لکي چڪو آهيان.
نصير مرزا:
]کلندي[
آغا صاحب ان وضاحت جو سولو مطلب اهو ٿيو ته ڪو به
ارادو ناهي اوهان جو.... ڪنهن ’اُهي ڏينهن اُهي
شينهن‘ ٽائپ ڪتاب لکڻ جو....
آغا سليم:
]ٽهڪ
ڏيندي[
مان زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن ڪنهن شينهن سان مليو هان
من! ۽ نه ڪي مون اهڙا ڏينهن ئي گذاريا آهن، جن
بابت هاڻي تذڪرو ويهي لکان: اُهي ڏينهن اُهي
شينهن.
طارق عالم: آغا صاحب ڀلا توهان جي ناول ’اڻ پورو
انسان‘ بابت ڇا چوندا؟
آغا سليم: من-! ان ۾ به منهنجا بايوگرافيڪل نوٽس
آهن...
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان جو هي جيڪو سفرنامو
آهي، برف پنکڙيون ۽ چنڊ‘ تنهن کي پڙهبو آهي ته
لڳندو آهي، ناول پيا پڙهون. توهان کي انهيءَ کي
سفرنامو سڏڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي....؟
آغا سليم: اصل ۾ ان تحرير کي مون
Real
انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو، جو ناول وغيره ۾ ته فڪشن
هوندو آهي مون ان کي حقيقي ۽ واقعاتي انداز ۾ لکڻ
پئي چاهيو. ائين نه ڪريان ها ته پوءِ ان لاءِ اهڙن
مشاهدن ۽ واقعن کي وري ناول جي ٽيڪنڪ ۾ آڻڻو پوي
ها، جنهن کان مون
Avoid
ڪيو آهي.
اسحاق سميجو: پر آغا صاحب ان تحرير ۾ جيڪا اوهان
جي پريزنٽيشن آهي يا ڪردار نگاري... يا جيڪا توهان
جي ٻولي آهي، اُها گهڻي حد تائين ته افسانوي ئي
آهي.....
آغا سليم: ائين سفرنامي ۾ به ٿي سگهي ٿو ادا
سائين.... جو سفر ڪندي يا سفرنامو لکندي، اوهين
ماڻهن سان ئي ته مڪالمو ڪريو ٿا.... ۽ منهنجي ان
سفر نامي ۾ به مون ائين ڪجهه ڪيو آهي.
طارق عالم: آغا صاحب! ادبي افسانه نگار گوگول لاءِ
چوندا آهن ته، هن جي جيڪا ڪهاڻي آهي، ’اوورڪوٽ‘
سمورو جديد ادب ان ’اوورڪوٽ‘ مان نڪتو آهي، توهان
جو ڇا خيال آهي ته سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻي، ڪهڙي
افسانه نگار جي ڪُک مان نڪتي آهي؟
آغا سليم: من-! ڪنهن مان به نه. هر هڪ ڪهاڻيڪار
شروع کان ئي پنهنجو پنهنجو تجربو ڪيو آهي، اهي به
اجايو ڳالهيون آهن ته فلاڻي کي گولي لڳي ۽ ڪهاڻي
مري ويئي. ڪهاڻي ڏٺو وڃي ته ڪنهن جي به ميراث
ڪانهي، ڪنهن مخصوص ليکڪ جي ٺاهيل ٽيڪنڪ ڪانهي. بس
ڪو ان کي لکي ٿو ۽ ان کي پنهنجو
Expression
ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجو اسٽائيل ٺاهي ان ۾
لکي ٿو. مطلب ته منهنجي نگاهه ۾ ڪوبه اهڙو
ڪهاڻيڪار ڪونهي، جنهن لاءِ چئي سگهان ته ’ڪهاڻي‘
ان جي ڪُک مان نڪتي آهي.
نصير مرزا: ڀلا ڊرامي جي فن لاءِ ڇا چوندئو؟
آغا سليم: ڊرامي جا جيڪي بنيادي اصول ٺهيل هئا،
ابتدا ۾، ته ان ۾ ٿورو
Conflict
هجي، ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائمڪس... ته ان ڏس ۾ ٿورو
چيخوف جا ڊراما ته پڙهي ڏسو. هن پهريون دفعو ٻڌايو
آهي. ته جتي لفظ ختم ٿا ٿين ته اتي ڊرامي ۾ خاموشي
۽
Pause
جي ڇا اهميت ۽ مفهوم آهي..... ۽ هن ٻڌايو آهي ته
توهان جا لفظ جتي ختم ٿا ٿين، اتان سائلينس شروع
ٿو ٿئي ۽ اها
Expression
آهي. سو من!..... ڪنهن به صنف جي طئي ٿيل ٽيڪنڪ جو
نالو ناهي ڊرامو يا ڪهاڻي.
طارق عالم: توهان ڀلا ’ٽيڪنڪ‘ جي اهميت بابت ڇا
چوڻ پسند ڪندا؟
آغا سليم: پهرين ته بذات خود ليکڪ هجڻ جي اهميت
آهي. ٽيڪنڪ ته پوءِ پيدا ٿيندا آهي، جنهن مهل
ارسٽاٽل (ارسطو) ادب تي لکيو پئي ته، ان کان پهرين
يوناني ادب ۾ ’هومر‘ کي هن ڏٺو هو ته هن ڪهڙي
نموني لکيو آهي. پوءِ هن انهن لکتن کي ڏسي، ان جي
اصولن کي متعين ڪيو، ته هن انداز سان به لکيو
ويندو آهي. گرامر پڙهي منَ! ماڻهو نه لکندو آهي.
ليکڪ کي پڙهي ٻڌي ماڻهو گرامر تيار ڪندا آهن. چوڻ
جو مقصد اهو ته هر ڪو سٺو ليکڪ پنهنجي ٽيڪنڪ پاڻ
ايجاد ڪندو آهي.
نصير مرزا: ظاهر آهي آغا صاحب..... همعصرن ۾ اوهان
جي انفراديت اوهان جي دلفريب اسٽائيل (اسلوب) جي
ڪري ئي آهي ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ’چنڊ جا تمنائي‘
کان وٺي ’همه اوست‘ تائين ان ۾ رومانيت ۽ تاريخيت
آهي، ته پڇڻ چاهيندس ته اهڙي اسلوب اختيار ڪرڻ
لاءِ توهان کي اتساهه ڪٿان مليو آهي؟
آغا سليم: پهرين ته، مان ان کي نٿو مڃان ته مون
فلاڻي کان اتساهه وٺي لکڻ شروع ڪيو هو يا فلاڻي جو
اثر مون تي آهي، اهو غلط آهي. منهنجيءَ نظر ۾
متاثر ٿيڻ جو عمل، هڪڙو ڊگهو پراسيس هوندو آهي.
اول ته اوهين پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ ماحول کان
متاثر ٿيو ٿا ۽ الائي ڪهڙن بي نام ۽ گمنام ليکڪن
جي تحريرن کي پڙهو ٿا. ها! ذاتي طرح سان مون کي
اعتراف آهي ته
No Doubt
جنهن ليکڪ جهڙو مون ٿيڻ چاهيو، پر ٿي نه سگهيو
آهيان، اُهو آهي چيخوف يا دوستو وسڪي، ۽ ظاهر آهي
ته انهن جهڙو مان ٿي نه سگهيو آهيان. ان ڏس ۾
سمرسيٽ ماهم هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
‘Select Many are called, but few are’
۽ من! اسان مان هرڪو ليکڪ يا جيڪو شاعر ٿيڻ چاهي
ٿو نه ته، اُهو شاهه لطيف کان گهٽ نٿو ٿيڻ چاهي.
Many are called
۽ ان دنيا ۾ گهڻن ئي کي سڏ ٿئي ٿو..... پر ڪنهن
ڪنهن کي ئي ائين چوڻ جو حوصلو ٿئي ٿو ته:
’سڻي تنهنجو سڏ، ڪُلهي پاتم ڪينرو.‘
ته من! ڪنهن ڪنهن ۾ ئي اها قوت پيدا ٿيندي آهي جو
هُو ان جي سڏ کي ورجائڻ جي طاقت رکندو آهي، ۽ هاڻي
سڏ ۾ وري ڇا ٿو ٿئي جو، جيئن ڀٽائي صاحب جو فرمان
اهڙن ماڻهن لاءِ آهي ته:
’جنين سُک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن،
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرو.‘
ته لکڻ يا آرٽ جي دنيا ۾ نڪري پوڻ ته رڃ جو سفر
آهي، سڃ جو... جڏهن وڃي ان ۾ ڪي هڙ حاصل ٿئي.
نصير مرزا: ڀلا ان سفر ۾ ڀٽڪندي، شهرت کان سواءِ،
ٻيو ڪي پلئه پيو اوهان کي، ڪا حاصلات.... قدر، ڪو
تمغو...؟
آغا سليم: من! هاڻي، جيڪڏهن مون کي پرائيڊ آف
پرفارمنس ملي ويو ۽ ان حوالي سان لک سوا... ته اهو
ته اتفاق آهي، باقي اهڙي پلاننگ سان ته مون ڪونه
لکيو آهي ته، ڪجهه ملي ته لکان، ورنه، نه!
نصير مرزا: اڇا توهان جي اسلوب بابت شايد مراد علي
مرزا صاحب اشارو ڪيو هو يا ٻيا به چوندا آهن ته ان
تي قرة العين حيدر جو اثر رهيو آهي ته ڇا ائين هو
ڇا؟
آغا سليم: ها..... اِهو ٿورو منهنجي ڪنهن تحرير تي
اعتراض آهي ته ’مان قرة العين کان متاثر آهيان،
خاص ڪري ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي ريفرنس ۾
اهڙو اعتراض اٿاريو ويو هو. هاڻي ٿورو ٻڌو. اڳي هي
جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، انهن ۾ طرح مصرع ڏني ويندي
هئي، ته ان ’طرح‘ جي بحر وزن تي، هن کي به غزل
لکڻو هوندو آهي ۽ هُن کي به.ته جيتري قدر منهنجي
ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جو تعلق آهي ته ان کي
ائين سمجهو ته اُهو هڪڙو ’طرحي ناول‘ آهي. ۽ا ها
طرح ورجينا وولف جي ’همين چراغ همين پروانه‘ ۽
هرمن هيس جي ’سڌارٿا‘ کان شروع ٿي ٿئي. ائين اهڙي
موضوع جي طرحي مصرع تي قرة العين حيدر به هڪ تمام
سٺو ناول لکيو. انهن ٻنهي ناولن جو..... يعني
منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي‘ جو قرة العين حيدر جي
ان ناول ’آگ ڪا دريا‘ کان متاثر ٿيڻ جو سوال ئي
پيدا نٿو ٿئي جو، هن جو موضوع ۽ ماحول پنهنجو آهي
۽ منهنجي ناول جو پنهنجو آهي. هن جا مسئلا ٻيا ۽
منهنجا، منهنجي ڌرتي، تهذيب ۽ تمدن جا مامرا ئي
ٻيا آهن. منهنجي ذهني نشونما سنڌ جي ماحول جي آهي،
هوءَ هند ۾ پلي نپني آهي. هن وٽ، هن جي تحريرن ۾
ان ڳالهه جو روئڻ آهي ته لکنو وارو ڪلچر زوال پذير
آهي ۽ منهنجي لکڻين ۾ هيءَ جيڪا ميسڪيوليننٽي آهي،
۽ خيمن ۾ هي هڪڙو جهيڙيندڙ مرد نظر اچي ٿو، قرة
العين حيدر وٽ اهڙو ڪجهه ڪٿي آهي؟! باقي اهو جيڪو
توهان اعتراض اٿاريو، ان جو جواب هي آهي ته طرحي
مصرع ۽ طرحي موضوع جي يڪسانيت کانسواءِ، ٻنهي
ناولن ۾ ٻي ڪا به هڪجهڙائي بلڪل ئي ڪانهي.
اسحاق سميجو: پر آخر ان ناول جي پهرين سٽ لکڻ
لاءِ،
Inspiration
اوهان کي ڪٿان ملي ته ضرور هوندي؟
آغا سليم:
Naturally
اهڙو تحرڪ مون کي مليو ’آگ ڪا دريا‘ کان ئي هو، ۽
مون کي ياد آهي جڏهن مون اهو ناول پڙهيو پئي، مان
’حيرت‘ اخبار ۾ سنڌ جي تاريخ بابت، داستان لکندو
هوس، تڏهن هيڏانهن اُهي لکندي ۽ ٻئي پاسي قرت
العين حيدر جو ناول پڙهندي، سوچيندو هوس، هي اسان
سنڌ وارن تاريخ جا ڪيڏا نه عذاب سٺا آهن ۽ قرت
العين حيدر وارن ته ڪجهه ناهي سٺو. تڏهن مون سوچيو
ته سنڌ جي پس منظر ۾ مان به ڇو نه اهڙو ناول لکان
۽ لکي پورو ڪيم.
علي دوست عاجز: معنيٰ ته ان اعتراض کي اوهين يڪسر
رد ٿا ڪريو!
آغا سليم: جيتري قدر
Source of inspiration
جو سوال آهي ته ان حد تائين ڳالهه ڪنهن حد تائين
درست آهي، ته مون کي ان جي مطالعي مان اتساهه مليو
هوندو، پر جيتري قدر منهنجي ناول تي، هن جي ناول
جي ’اثر‘ جو تعلق آهي ته ان اعتراض کي مان رد ٿو
ڪريان. مان چوان ٿو اوهان اهو ڏسو نه ته مان
پنهنجي ان ناول ۾ ڪٿي آهيان به يا نه، يعني طرحي
سٽ تي لکيل غزل ۾ منهنجو تخليقي رويو نظر اچي ٿو
يا نه. ظاهر آهي ته ”مان اُن ۾ آهيان“، ۽ اهو فرق
ان ڪري به واضح آهي ته منهنجو پنهنجو
Perspective
آهي ۽ هن جو پنهنجو. ’آگ ڪا دريا‘ جي آخر ۾ ڪراچي
مائيگريٽ ڪري آيل مهاجرن لاءِ هوءَ روئي ٿي ته هتي
انهن لاءِ جهڳيون ڇو آهن!؟ اڙي بابا، هتي اسين
ماروئڙا، جهانگيئڙا رهندا ئي جهڳين ۾ آهيون،
جهڳيون اسان جي ثقافت جو مرڪ آهن، ۽ اسان جي دعائن
جو مرڪز ته ’الا جهُري ۾ شال غريبن جي جهوپڙي‘
آهي. معنيٰ ته اسان جي شاعري اتان ٿي شروع ٿئي:
اسين ماروئڙا، اسين سانگيئڙا..... |