پرک پينل: نور احمد خوجو، نثار منصور، عمر قاضي
ادب ۾ ٽوپي لاهه ڪلچر جاءِ والاري آ: آغا سليم
پرک: آغا صاحب منهنجو بنيادي سوال توهان کان اهو
آهي ته اهي ڪهڙا بحرڪات هيا جن توهان کي ادب طرف
آندو، يا ڪي به محرڪات هيا ئي ڪونه؟
آغا:
ادا آءٌ شروع کان وٺي پنهنجن انٽرويوئن ۾ اها
ڳالهه ڪندو پي رهيو آهيان، ته منهنجو هڪڙو ڀاءُ
هو. هن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو، هو ڪتاب وٺي ايندو
هو، منهنجي لاءِ ٻاراڻا ڪتاب به آڻيندو هو. سي آءٌ
پڙهندو هيس. انهن ڪتابن جا
title cover
ڏاڍا معنيٰ خيز هوندا هيا، ان زماني ۾ مون کي
انگريزي ته صفا ڪا نه ايندي هئي پر مان ڏاڍو
Fascinate
ٿيندو هوس. سمجهندو هيس ته ڪتابن ۾ ڪا وڏي دنيا
سمايل آهي، جنهن جو تت هي ڪلرفل ٽائيٽل آهن.
پرک: سائين اها ڪهڙي زمين جي ڳالهه پيا ڪريو؟
آغا: اها شڪارپور جي زمان يجي ڳالهه آهي، مون تڏهن
سوچيو ته مان اها دنيا گهمندس، مان ڏاڍا ڪتاب
پڙهندس. جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾
داخل ٿيس. شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبلشر هوندو هو
”پوڪرداس“ ان جو ڍڪ بازار ۾ دوڪان به هو، مون کي
جيڪا به خرچي ملندي هئي. ان جا مان اتان ڪتاب خريد
ڪندو هيس. ان زماني ۾ ”ميان جي ڳوٺ“ مان ”سنڌو“
نالي مشهور رسالو نڪرندو هو. ان رسالي ۾ ڏاڍيون
Controveries
اينديوني هيون جيئن ع ۽ الف هڪ ئي انداز ۾ اچارجن
ٿا. پوءِ ڇو نه اسان ع کي ڊراپ ڪري ڇڏيون. اهو
سوال ان زماني جي مشهور اديب آغا صوفي“ اٿاريو هيو
۽ جيئن ض ۽ ظ ۾ فرق ڪونهي، ذ ۽ ز ۾ فرق ڪونهي
انڪري اهي اکر ڇو نه ختم ڪريون.
پرک: آغا صاحب ان زماني ۾ توهان نظم کان وڌيڪ
متاثر هيا يا نثر کان؟
آغا: شروع کان وٺي مان نظم پڙهندو رهيو آهيان،
جڏهن به مون ئي ڪو نئون ميگزين ملندو هو ته پهريان
طبيعت جي سهل پسندي جي ڪري، غزل پڙهندو هوس. پر
غزل کان وڌيڪ مون کي نظم بهتر لڳندي هئي. ڇو جو
نظم ۾ افساني وانگر
Atmosphere
هوندو آهي. پوءِ اياز کي پڙهيم. چڱيون شيو پڙهڻ
کان پوءِ ماڻهو سوچيندو آهي ته مان به اهڙيون ڪي
چڱيون شيون لکڻ جهڙو ٿيان.
پرک: اهو جيڪو دؤر آهي جنهن کي اسين ترقي پسنديءَ
جي اؤسر جو دؤر چئون ته ڪيئن رهندو؟
آغا: ان وقت مون کي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا
آهي، باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا جن ۾ ڪرشن
چندر هيو ابراهيم جليس جنهن جو مشهور ڪتاب هو،
”چاليس ڪروڙ پڪاري“ ان وقت سڄي هندوستان جي آبادي
چاليهه ڪروڙ هئي. شاعرن ۾ اختر الايمان، ساحر پوءِ
آيو، ڪرشن چندر مون کي ڏاڍو وڻندو هيو جنهن انقلاب
کي ڏاڍو
Romanticise
ڪيو. فيض ۽ ڪرشن چندر وٽ انقلاب جو ڏاڍو
Romantic
تصور هو.
پرک: منٽو توهان کي ڪيئن لڳو؟
آغا: بهترين لڳو. مون هن کي هڪڙو دفعو لاهور ۾
YMCA
۾ افسانو پڙهندي ٻڌو. ڀرسان ئي پاڪ ٽي هائوس هوندو
هو. 54 يا 53 ۾ مان لاهور ويس، ادب سان منهنجو
ڏاڍو شوق هو، اديب منهنجي لاءِ ڏاڍيون پراسرار
شخصيتون هوندا هئا. مون منٽو جو افسانو ٻڌو. احمد
نديم قاسمي به هيو. منٽو مون کي ڏاڍو وڻندو هو.
پرک: ان دؤر ۾ منٽو، بيدي، عصمت چغتائي، ڪرشن
چندر لکندا هئا. ان زماني جو ڪو اهڙو ڪردار ڪو
افسانو جنهن توهان کي خاص طور تي متاثر ڪيو هجي؟
آغا: ڪرشن چندر جا کوڙ سارا افسانا مون کي وڻندا
هيا، خاص ڪري سندس ناول ”شڪست“، هڪ ڇوڪرو، جنهن جي
پيءُ جي پوسٽنگ ڪشمير ۾ ٿيل آ. گڏهه تي چڙهي
اوڏانهن وڃي ٿو، ناڪامين ۽ شڪستن کان پوءِ اتان
موٽي ٿو. ناول جو ڪل مدو ٽن مهينن جي وئڪيشن جو
مدو آهي. اهو هڪ دور هو جڏهن ڪرشن چندرکي ڏاڍي
عقيدت سان پڙهندا هئاسين هن ۾ رومانس به هيو ته
مقصديت به هئي. مطلب ته ڪرشن جو گهرو مشاهدو هيو.
هن زندگيءَ جا انيڪ ڪردار چٽيا.
پرک: توهان سمجهو ٿا ته
Crisis
ادب جي آبياريءَ لاءِ ضروري آ؟
آغا: نه
Crisis
سان جيڪو ادب پيدا ٿيندو آ، اهو
Topical
هوندو آ، موضوعاتي هوندو آ، وقتي هوندو آ وقت ختم
ٿي ويندو آ، جيڪو ادب سدائين زنده ٿو رهي سو لطيف
سائينءَ وارو آهي جيڪو هر دور ۾ قائم ۽ دائم رهي
ٿو. بلڪ موضوعاتي پروپيگنڊا واري لٽريچر جو وڏي ۾
وڏو مسئلو اهو هوندو آ ته جڏهن مسئلو ۽
Issue
ختم ٿيندو آ ته ادب جي افاديت به ختم ٿي ويندي آ،
ون يونٽ ختم ٿي ويو ته ان تي لکيل ڪهاڻيون هاڻي
تاريخ جو حصو آهن.
پرک: مولانا ظفر عي خان جي هيڏي وڏي اهميت هئي، پر
هاڻي هن کي ڪير نٿو پڇي؟
آغا: ها سائين، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ“ هڪڙو
نئون دور آيو. هنن ريلوي لائين وڇائي، مارڪس چيو
ته ”ان ريل تي انگريز پنهنجا ٽپڙ رکي واپس موٽندا
هيا. معنيٰ ته نئين دور کان پوءِ صوفي شاعر پيدا
ٿيڻ بند ٿي ويا آخري وڏو صوفي شاعر غلام فريد
خواجه ٿيو آ، اهو انگريزن جو دور آ، انهيءَ کان
پوءِ هڪ نئين صورتحال ٺهي، ماڻهن جي محسوس ڪرڻ جو
انداز بدليو. ۽ وحدت الوجود جا، چيزل شاهه وغيره
جهڙا ڪي ننڍڙا شاعر پيدا ٿيا. سچل سائين ۽ فريد
جهڙا شاعر نه پنجاب ۾ پيدا ٿيا ۽ نه اسان وٽ. ٻيو
وري پنهنجي وقت وقت جون فلاسافيون به ٿينديون آهن.
پرک: مزاحمتي ادب ناپائيدار رهڻ باوجود ان جي ڪا
اهميت رهندي؟
آغا: مزاحمت تي بهر صورت ڪرڻي آ، جيڪا شيءِ خراب
آ.
ان جي مزاحمت ڪرڻي آ. ون يونٽ ختم ي ويو پر ان جو
مزاحمتي ادب موجود آ. مون ان دور جو پنهنجو هڪ
ڊرامو ٿي پڙهيو. ستر ۾ اهو ڊرامو ”سهڻي“ ۾ ڇپيو
هو. ان کي 30 سال ٿي ويا آهن. مون ڪتاب ڇپائڻ لاءِ
ٿي ڏنو ته مون اهو ڊرامو وري پڙهيو ته مٿان پروف
جون غلطيون هجن. 30 سلان کان پوءِ مون اهو ڊرامو
پڙهيو ته منهنجا وار اڀا ٿي ويا. مون کي ائين لڳو
ڄڻ اهو ڊرامو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو لکيل آ. ڇاڪاڻ
ته ان وقت منهنجو محسوس ڪرڻ جو جيڪو انداز هو.
جيڪو منهنجو اندر جو احساساتي رويو هو، اهو هاڻي
ڪونه رهيو وه، هاڻي ڏسو نه! جيئن ماڻهوءَ جي رت ۾
خرابي ٿيندي آهي ته اها خرابي بدن جي ڪنهن
Sensative
حصي مان ڦٽ يا ڦرڙيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي،
ايئن ئي
Writer
پنهنجي دور جو
Sensative
حصو هوندو آهي. جنهن مان ان دور جو درد ۽ احساساتي
رويو ظاهر ٿيندو آهي. مون جڏهن اهو ڊرامو لکيو
تڏهن قادر مگسي الائي ڄائو به هو الائي نه... ٽيهه
سال... مون کي خبر ناهي هن جي عمر گهڻي آ... يا ته
هو بانبڙا پائيندو هوندو. شايد!ى جي ايم سيد صاحب
به انهيءَ نموني سان ميدان ۾ کُلي نه لٿو هو. اهو
70 جو دور هو جڏهن مون اهو ڊرامو لکيو. يعني اهو
ڇپيو... مون ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ناول 67ع ۾
لکيو... پر ڇپيو پوءِ، سو مقصد آ ته منهنجي ان
ڊرامي ۽ ناول مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ان زماني ۾
ڪيئن ٿي محسوس ڪيو.
پرک: ان سان لاڳاپيل هڪ ٻيو سوال نڪري ٿو ته هڪ
اديب ظلم جي خلاف قلم کڻ يٿو ته ان کي تلوار به
کڻڻ گهرجي؟
آغا: اقبال چوندو هيو ته قوال پاڻ وجد ۾ اچي نه
نچندو آ، هو ڳائيندو آ ۽ ٻين کي وجد ۾ آڻيندو آ.
ليکڪ لکندو آ پر جي تلوار کني ته سٺي ڳالهه آ، پر
نه به کڻي ٿو ته هو پنهنجو ڪم ڪري ٿو.
پرک: اديبن تي اها ميار ضرور ڏئي سگهجي ٿي ته
توهان ظلم جي خلاف لکيو پر ان لاءِ ڪا عملي جدوجهد
نه ڪئي؟
آغا: نه اهڙي ڳالهه ناهي، هو پنهنجو ڪم ڪن ٿا، ڪي
اهڙا آهن جيڪي ٻئي ڪم نٿا ڪري سگهن، مان ڀاڳو ڀان
جو مثال ڏيندو آهيان، جنهن دودي چنيسر جو هيڏو
زبردست داستان لکيو، هن ان جنگ ۾ پنهنجو پورو
ڪردار ادا ڪيو هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته هو وڙهي ڇو
نه مئو ته اها ڳالهه اجائي آهي.
پرک: پر حالتن پٽاندڙ هن بزدلي ته ضرور ڏيکاري جو
ميدان مان وٺي ڀاڄوڙ ڪيائين؟
آغا: نه وڙهي مئو ٺيڪ آ، هو سپاهي نه هو، شاعر هو
انڪري وڙهي نه مئو پر جيڪڏهن نه وڙهي مئو ته پوءِ
ڀلا شاعري به نه ڪري ها ڇا؟ اسان تائين ڪيئن پڄي
ها دودي جو داستان. مسو ڀرڳڙيءَ جا فقير ڀاڳو ڀان
جو منظوم ڪيل دودي جو رزميه داستان ڳائيندا آهن.
اوهان اهو داستان ٻڌو ته خبر پويوَ ته ڀاڳو ڀان
ڪيڏو عظيم ڪم ڪري ويو آهي. ساري ڳالهه محسوس ڪرڻ
جي آهي ته اوهين ڪيئن ٿا محسوس ڪيو.
پرک: معنيٰ ته بنيادي شيءِ احساسات جي آهي؟
آغا:
Yes...
جيسين توهان جي احساساتي نظام ۾ ڪا سيءِ اندر داخل
نه ٿي ٿئي تيسين فرمائش تي نه وڙهي سگهيبو ۽ نه
لکي سگهبو. شاهه جو مثال ٿا وٺون. جنهن شيءِ هن جي
احساساتي نظام کي ڇهيو تنهن بابت هن لکيو. ايئن نه
آهي ته هن وقت جي سياسي حالتن جي مڪمل پٽار ڪئي
آهي، شاهه عنايت تي به هروڀرو سائينءَ ڪي مرثيا ڪو
نه لکيا آهن، شاهه عنايت شهيد واري واقعي وقت شاهه
سائين جي عمر 30 سال هئي.
Youth
هو سائينءَ جو ۽ انهيءَ ۾ هيڏو وڏو طلم ٿيو آ پر
ان واقعي کي تفصيل سان ڪونه لکيو اٿئين جڏهن ته
حسينرضه تي لکيو ٿئين.
پرک: ادب ۽ آر جي حوالي سان هڪ سوال آهي ته ان جو
سرچشمو ڇا آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ غالب جو مثال اسان
جي سامهون آهي ته:
آتے ہیں غیب سی یہ مضامین خیال میں
غالب سریر خامہ نوائی سروش ہے
ته توهان جو خيال ڇا آهي ته جيڪا اها هڪڙي داخلي
ڇڪ آهي؟ يا آخر اها تخليقي جوهر يا جذبو آيو ڪٿان؟
آغا: آغا مان سمجهان ٿو ته توهان م به اها تخليقي
لهر آهي، مون ۾ به آهي. اها
Chanalize
ٿيڻ جي ڳالهه آهي، منهنجي تخليقي قوت
Chanalize
ٿي، اوهان جي نه ٿي... اسان احساساتي سطح تي هڪ ئي
ليول تي جيئڻ وارا ماڻهو آهيون. مون وڌيڪ پڙهيو
هوندو، وڌيڪ ٻُڌو هوندو، وڌيڪ لکيو هوندو. جنهن
منهنجي
Talent
کي وڌيڪ اجاگر ڪيو هوندو. باقي مان سمجهان ٿو هر
ماڻهو
Writer
آ، هر ماڻهو ۾
Artist
آ. سوال آهي ته ماڻهوءَ جي ان ٽيليٽ جي ڪيتري
پرورش ٿئي ٿي. باقي هينئن ٿيندو آهي جو ڪڏهين
ڪڏهين رائٽر کي پنهنجي باري ۾ پورو ادراڪ نه هوندو
آهي، هن کي پنهنجي فني قوتن جي پوري ڄاڻ نه هوندي
آهي، پوءِ جهڙيءَ مهل هو لکڻ ويهندو آهي تڏهن ڪا
اهڙي شئي لکي ويندو آهي جيڪا سندس تخليقي قوتن کان
مٿانهين هوندي آهي، هن کي يقين ئي نه ايندو آهي ته
اها شئي هن لکي آهي، ۽ پوءِ سمجهندو آهي ته اها
شئي هن شايد ته الهامي ڪيفيت ۾ لکي آهي.
پرک: توهان سويري ڳالهه ڪئي ته اوهان پنهنجي هڪڙي
ڊرامي کي ٻيهر پڙهيو ته اوهان تي هڪڙي ڪيفيت پاڻ
ئي طاري ٿي وئي؟
آغا: ها، اها ڳالهه مون ان دور جي حوالي سان
ڪئي...ماڻهوءَ
کي پنهنجي
Capacity
تي شڪ هوندو آ، پنهنجي
Capacity
جو هن کي پورو
perception
نه هوندو آ ته مان ڪو اهڙو
Capable
ماڻهو آهيان جو ههڙي سٺي شئي لکي سهگان، فيروز
ميمڻ منهنجي ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جو
اسڪرپٽ مون ڏانهن موڪليو ته جيئن مان پروف ٺيڪ
ڪريان ۽ مون گهڻن سالن کان پوءِ پنهنجو ناول پڙهيو
ته مون کي واقعي حيرت ٿي ته ڇا مان ههڙو ناول لکي
سگهان ٿو. جڏهن اندر جا تخليقي سرچشما سڪن ٿا ته
پوءِ وري جڏهن ماڻهو پويون ماضي پڙهي ٿو ته حيرت
ٿي ٿئي ته مان ايترو سڍو به لکي سگهان ٿو. اهڙيون
Feelings
مون کي ان وقت به ٿيون جڏهن مون شاهه جو ترجمو ٿي
ڪيو. مان گلگت ۾ هيس. دريا گلگت جي ڪناري تي ويسٽ
هائوس هو جتي مان رهندو هيس، ترجمو ڪندي سائينءَ
جي هڪ سٽ ۾ اٽڪي پيس، اها هئي ”سون ورنيون سوڍيون
روپي رانديون ڪن“. مون سوچيو ته ان جو ترجمو ڪيئن
ٿي سگهندو؟ مان سگريٽ دکائي درياهه جي ڪپ تي گهمڻ
لڳس، گهمندي گهمندي اوچتو پنهنجو پاڻ ذهن ۾ هڪ سٽ
اچي وئي توهان کي خبر آهي ته مان شاعر ناهيان، نثر
نويس آهيان. پر اوچتو منهنجي ذهن ۾ شاهه جي ان سٽ
جو ترجمو اڀريو.
”سون ورنيون سوڍيون روپي رانديون ڪن“
کندن تن کنواريان کٿيلين چاندي سنگ
جوڙي خوشبو مين رچي مهڪي مهڪي انگ
اهو پورو بيت پنهنجو پاڻ منهنجي ذهن ۾ تري آيو.
مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ... اهو ترجمو منهنجي
Capacity
کان
Beyond
هو. مون پنهنجي
Capacities
جو اندازو لڳايو ته اهو بيت مون کان ترجمو ڪو نه
ٿيندو. پر جڏهن مان ان جو ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويس ته ٿوري دير لاءِ مون کي به اهو شڪ ٿيو ته
ائين ته ناهي ته ڪٿي شاهه سائين منهنجي اندر ۾ اچي
ويٺو ۽ چيائين ته هينئين ترجمو ڪر! سو اهي
Speculations
آهي، اندازا آهن، باقي ڪا الهامي ڪيفيت ٿئي ڪانه
ٿي. ماڻهوءَ کي پنهنجي
Limitations
جي خبر هوندي آيه پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي
Limitation
کان
Beyond
ڪم ڪري وڃي ٿو. تڏهن سمجهي ٿو ته اها شايد ڪا سپر
نيچرل شيءِ آ، ماڻهوءَ جون پنهنجون ڪيفيتون آهن،
ڪڏهن اهي پوري طرح اڀري اچن ٿيون، ڪڏهن نٿيون
اڀرن، ڪڏهن سٺو ٿو لکي، ڪڏهن خراب ٿو لکي. سائينءَ
جون ڪيترينو سٽون آهن جيڪي، جيڪڏهن (سائين سان
منهنجو مطلب آ لطيف) سائني جو رسالو مان ايڊٽ ڪيان
ته اهي شامل نه ڪيان، ائين ناهي ته ڪوبه شخص جيڪو
به ليک ٿو سو شاندار ٿو لکي، تخليقي سگهه حالتن
پٽاندڙ ڪ ڏهن وڌندي آ ته ڪڏهن گهٽبي آ.
پرک:
ائين ته ناهي سائين ته ماڻهو
Concerntration
۽
Merit
۾ منجهي پوي ٿو ۽ هن جي ذهني ڪيفيت ۾ لاٿ اچي ٿي؟
آغا: نه... ماڻهوءَ جي جيڪي اندر جون قوتون آهن،
جيڪي صلاحيتون آهن، اهي ڪڏهن مڪمل طرح سان اظهار ۾
اچي ٿيون وڃن، ڪڏهن نٿيون اچن.
پرک: يا وري مسلسل مشق نه هئڻ ڪري ائين ٿئي ٿو؟
آغا: ڪڏهن ڪڏهن وري ائين به ٿيندو آهي ته ڪالم
لکندي به قلم نه هلندو آ. ماڻهو
moment to moment
زندهه رهي ٿو... هڪڙي ڪيفيت ماڻهوءَ تي طاري نٿي
رهي، هينئر توهان سان ڳالهايان ٿو ته منهنجي
لاشعور ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پيون هلن.
پرک:
ٻيو هڪڙو سوال آهي ته عجيب نوعيت جو پر ان سلسلي ۾
شايد اوهان ذاتي طرح منهنجي تسلي ڪري سگهو ٿا ته
مون ڪٿي ائين پڙهيو هو ته انساني جسم مان هڪ خاص
نصاب جنم وٺندو آهي ۽ پيدا ٿيندو آهي. ان مان
تخليقي سگهه ۽ قوت جنم وٺندي آهي.
آغا: ان باري ۾ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان ته ايئن
آهي يا نه! باقي اهڙا ڪي ماڻهو آهن، جيڪي ڏسڻ سان
سٺا لڳندا آهن ته ڪي خراب لڳندا آهن. شايد ڪي ڪرڻا
ماڻهو جي وجود مان سندس شخصيت مان ڦٽندا هوندا.
جنهن جو اهو نتيجو يا
Reaction
ٿئي ٿو.
پرک:
ڪڏهن اوهين ائين محسوس ڪيو آهي ته ڪنهن اهڙي
ماڻهوءَ سان به دوستي ٿي ويندي آ، جيڪو هم خيال به
ناهي، جيڪو معيار تي به پورو نٿو لهي، جيڪو
Status
۾ به پورو نٿو لهي؟
آغا:
Yes...
Yes...
مون توهان کي ٻڌايو ته
Radiations
جيڪي جسم مان نڪرندا آهن ۽ ٻئي شخص تي اثر انداز
ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري ڪي ماڻهو وڻندا آهن. مون
ڪوجهي شڪل جا ماڻهو ڏٺا آهن، اهي ڏاڍا وڻندا آهن ۽
چڱي صورت وارن ماڻهن کان بڇان وٺندي آ، ان باري ۾
مان حتمي طور تي ڪجهه چئي نٿو سگهان.
پرک:
هڪڙو سوال خاص طور تي توهان جي ناول ۽ شارٽ
اسٽوريءَ جي حوالي سان آهي، پهريان پهريان توهان
سنڌي ادب کي سٺي ڪهاڻي ڏني ان کان پوءِ توهان لکڻ
ڇڏي ڏني ۽ پوءِ اهو موڙ ناول کي ڏنو ۽ ناول کي
اوهان جنهن اسٽيج تي اچي بيهاريو. انهيءَ کان پوءِ
توهان ناول مان هٿ ڪڍيا اهي مختلف
Observation
۽
Experiment
هيا. جيڪي توهان پئي ڪيا. انهيءَ کان پوءِ توهان
شاعري ڪئي انهي کان پوءِ توهان شاه کي اردوءَ ۾
ترجمو ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هاڻي توهان انگريزيءَ
۾ ڪم ڪيو پيا، توهان جي زندگيءَ جو جيڪو
Background
آهي جيڪو پس منظر آهي اهي مختلف تجربا آهن
Life
جا، اهي توهان پنهنجي نثر ۾، نظم ۾ ڪنهن نه ڪنهن
شڪل ۾ ڏنا آهن ۽ ميوزڪ به توهان جو هڪ پسنديده
Subject
رهيو آهي. توهان انهيءَ باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ پسند
ڪندؤ؟
آغا: مان جيئن هاڻي نور محمد سان ڳالهه ڪئي ته ادب
يا آرٽ اظهار آهي ذات جو، ماڻهوءَ جي پنهنجي شخصيت
جو، پنهنجي
Self
جو... ايئن پيو ٿيندو آ اديب سان. مان پهريان
ڪاهڻيون لکيون اهي سٺيون نه لکيون. مون محسو سڪيو
ته ڪهاڻين سان منهنجو اظهار نٿو ٿئي. مون ناوليٽ
لکيا، ان مان به مطمئن نه هيس ته پوءِ ناول لکيم.
انهيءَ مان به مطمئن نه هيس ته شاعري ڪيم (کلندي)
پوءِ پڇاڙيءَ ۾ شآعري سٺي نه ڪري سگهيس ته سٺي
شاعريءَ جو ترجمو ڪيم، لطيف سائينءَ جو... ڊراما
لکيم اسٽيج لاءِ، ۽ ٽي وي لاءِ... ائين بس ڄڻ اهي
سڀ شيون منهنجي زندگيءَ جو حصو ٿي ويون.
پرک: جئن چئبو آهي فن ۾ ماڻهو ٽڪ ٻڌي بيهي ۽
ڪماليت جي سطح ڇهي؟
آغا: ها اهو مان نه ري سگهيو آهيان، ۽ هاڻي ته صفا
انهيءَ پاسي ڏي آهيان ئي ڪونه، جيڪي شيون آهن
ڇڙوڇڙ آهن نه شاعري ٿي پڄي ۽ نه ئي وري ڪا ڪهاڻي
يا ٻي ڪا شئي.
پرک: توهان واري جيڪا عمر آهي، اها ڪمپليٽ ميچوئر
آهي؟
آغا: ها... انهيءَ ۾ ماڻهو وڌيڪ تجربا حاصل ڪري
ٿو.
پرک: خاص طور تي اسان جي توهان جي دور جا جيڪي به
ڪهاڻيڪار هيا سي ڪهاڻيءَ کان ناتو ڇني ڪري ڪالم تي
ٻين شين تي ڊرامي تي آيا پر توهان جي عمر اهڙي آ،
جنهن ۾ توهان هڪ ڀرپور سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول ڏئي سگهو
ٿا. نه لکڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
آغا: ها... منهنجي عمر ۾ وڌيڪ لکي سگهجي ٿو.
منهنجي نه لکڻ جوا لائي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو. مان
ته هاڻي سچ ٿو ٻڌايانوَ،
Confession
ٿو ڪيان ته ناول ته تمام وڏي ڊيگهه واري شيءِ ا،
مان ته هاڻي ڪا ننڍي ڪهاڻي به پڙهي نٿو سگهان،
چوندو آهيان ڪو علمي ڪتاب پڙهان... جيئن نه حرص
ٿيندو آ ايئن حرص ٿي پيو آهي پڙحڻ جو... ڀلا هي جو
مان ويهي افسانا پڙهان يا ناول پڙهان ڇو نه ويهي
ڪو ٻيو علمي ڪتاب پڙهان يا ناول پڙهان ڇو نه ويهي
ڪو ٻيو علمي ڪتاب پڙهان. پهريان پهڙيل به ڪو ڪتاب
هن عمر ۾ وري پڙهان ٿو ته نيون
Revelations
ٿين ٿيون. شاهه ٿو پڙهان
new revelation
ٿي ٿئي. ڄڻ پهريون دفعو ٿو کيس پڙهان... مان شاهه
تي لکندس ۽ مان يقين سان ٻڌايانوَ ٿو ته سائينءَ
تي جيڪو به لکيو ويو آ، مان ان کان الڳ ۽ نئين
angle
کان لکدنس. مون کي هاڻي خبر پئي آ ته ابن عربيءَ
جو سائينءَ تي ڪيترو اثر آ ۽ غم جو سائينءَ وٽ
تصور ڇا آهي.
غم جي بدران مان جيڪڏهن اداسي چوان ته ڪيئن ٿا
ڀانئيو؟
آغا: ها... نه غم، درد، وڇوڙي جو غم، سور
Agony
ايذاءُ! اهو ڇا آهي. سور جنهن کي سائين ٿو چوي:
سور مون سان چڱايون ڪيون... جو مون کي پري ڏيکاريو
اٿئين... بيت صحيح نموني ياد ناهي... بهرحال جيڪو
غم آ، اهو ماڻهوءَ جي اندر کي ايڏو ڌوئي ٿو. ايڏو
نيپوڙي صاف ٿو ڪري جو اندر اجرو ٿي پوي ٿو.
پرک: هر تخيلق جي پويان ڪا نه ڪا پيڙا ته هوندي ؟
آغا: ها... سائينءَ جو هڪڙو فلسفو آ. اهڙي نموني
سان ڪيتريون ڳالهيون آهن. مان ٻڌايان ٿو ڪتاب
پڙهجن ٿا، جيڪي پڙهيل آهن اهي وري ٿو پڙهان ته
نوان در، زندگيءَ جا نوان راز کلندا رهن ٿا.
پرک: توهان جي ڪهاڻيءَ جي جيڪا ٻولي آ، اها نفيس
ٻولي آ ۽ نفيس ٻوليءَ جي استعمال سان جيڪو وڏي ۾
وڏو نقصان پهتو آهي. خاص طور تي توهان جي ڪهاڻيءَ
کي اهو پنهنجو
Original
موضوع جيڪو آهي، ان سان نڀائڻ ۾ دٻجي ويو آهي.
انهيءَ حوالي سان توهان اسان کي ڪجهه ٻڌايو؟
آغا: بلڪل صحيح آ... اسٽائيل ليکڪ جي پنهنجي شخصيت
مان اڀري ٿي. اسٽائيل ڪري نه رڳو منهنجو موضوع
ٻوليءَ جي ڪري مجروح ٿي ويندو آ. پر ڪردار به ٻولي
۽ اسٽائيل ۾ دٻجي ويندا آهن. ڪيترا ماڻهو گهڻو ڪري
منهنجي ٻوليءَ جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن پر ڪردارن
جي باري ۾ نه ڳالهائيندا آهن. ماڻهن ۾ اها هڪ
ڳالهه هلجي وئي ته آغا سليم نفيس ٻوليءَ جي چڪر ۾
ڪهاڻيءَ تي ڌيان ناهي ڏيندو ته پوءِ هر ڪو پڙهڻ
وارو ٻوليءَ تي ڌيان ڏيندو آهي، ڪردارن بابت گهٽ
سوچيندو آهي.
پرک: نثر لکڻ خاص طور تي ڪا ٽيڪنيڪ آهي، ڪاريگري
آهي يا ڪو ٻيو سبب آهي؟
آغا: ڪاريگري ۽
Craftmanship
ته هر هنڌ آ. جيڪا به شيءِ آهي اها ڪاريگري آهي.
ماڻهوءَ صوفو ٺاهيو. اسان نٿا ٺاهي سگهون. اها به
ڪاريگري آهي. شآعري آهي. هر شيءِ شاعري آ. جنهن ۾
تناسب آ. جنهن ۾ سونهن آ. اها شاعري آ. پٿر آ، ان
مان ماڻهو مورتي تراشي ٿا ٺاهن. حقيقت ته پٿر
وانگر آ.ان کي تراشجي ٿو ته فن پارو ٿو ٺهي. هي
جيڪي ٺڪر جا ٿانو آهن. اهي ڇا آهن؟ انهن کي به ڪن
ماڻهن ٺاهيو آ. اهي به شاعري آهن.
پرک: آرٽ ۽ اخلاقيات چ ۾ ڪهڙو ناتو آهي؟
آغا: تمام گهرو ناتو آهي. پر هر دور جي پنهنجي
اخلاقيات هوندي آهي.
Primitive Society
جو ماڻهو ان دور جي اخلاقيات پنهنجي اندر ۾ کڻي
گهمندو آهي. هڪ فيوڊلسٽ اخلاقيات آهي. هاڻي اڳتي
هلي جهڙي مهل
Industrialised Society
ٿيندي
Urbanization
مڪمل طرح سان ٿيندي تڏهن هاڻوڪي اخلاقيات جون
ڪيتريون شيون پنهنجو پاڻ ٿوريون ٿوريون ختم
ٿينديون وينديون. نوان رويا، نوان
Attitudes
جڙندا. چوڻ جو مقصد اهو آ ته اخلاقايت ۽ آرٽ وچ ۾
گهرو ناتو آهي.
پرک: ڇا اهو هر فنڪار تي لازم آ ته هو پنهنجي هر
تخليق ۾ اخلاقيات جو درس ڏئي؟
آغا: هو درس نه ڏيندو آ هو ته
Life
کي پيش ڪندو آ. هو پنهنجي دور جي اخلاقي قدرن کي
پيش ڪندو آ.
پرک: ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته آرٽ زندگيءَ جو هڪ
لازمي حصو آهي؟
آغا: اهي صحيح چوندا آهن.
پرک: ادب ۾ اوهان شوقيه مهارت جا قائل آهيو يا
فنڪاراڻي ڪمال جا؟
آغا: اهو مون کي سمجهه ۾ نه آيو، پهريان ته ٿيندو
آ شوق. ماڻهو شوق ۾ لکندو آهي. آهسته آهسته شوق
مهارت جي صورت اختيار ڪندو آ، پوءِ مهارت سان
لکندو آ. پهريان شوق ئي ڪنهن فنڪار کي لکڻ لاءِ
اتساهيندو آهي، پوءِ وڃي هو ڪمال جي درجي کي
پهچندو آهي. باقي فنڪاراڻي ڪمال مان مراد جيڪڏهن
توهان جي لکڻ جو انداز آهي ته ان بابت مان ٻوليءَ
۽ لفظن جي استعمال کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جو
قائل آهيان. ٻوليءَ جي باري ۾ ٿوري وضاحت ڪندو
هلان اهو غلط آهي ته ٻوليءَ جي ڀڃ ڊاهه جيڪا اسان
وٽ شروع ٿي ۽ ٻوليءَ کي ابتو ڪري ان جي گرامر سان
هٿ چراند ڪئي وئي اهو غلط آ، ٻوليءَ جي جوڙ جڪ ۾
ڪي بنيادي ڳالهيون هونديون آهن. انهن کي مڃڻو
پوندو آ، ۽ پوءِ انهيءَ ۾ نواڻ آڻبي آ، ٻوليءَ کي
تخليقي انداز ۾ استعمال ڪرڻو هوندو آ، لفظ کي ان
جي فيوڊل پيش منظر مان ڪڍي جديد پس منظر ۾ نيئن
معنيٰ ڏيو. اهو ٿيندو آ زبان جو تخليقي استعمال،
مثال مان جڏهن ”يارُ“ لفظ استعمال ڪيان ته اهو
سائينءَ جي يار سڄڻ جي فراق ائون ماريءَ واري يار
کان جدا معنيٰ ۾ هجي. ان جي ايسوسيئيشن ٻي هجي.
لفظ سان نئين اسيو سيئيشن ٺهي. مثال ”ڪاروبار“ لفظ
غير شاعراڻو آهي جيڪو شاعريءَ ۾ نٿو اچي سگهي پر
فيض ان کي ڪاروباري پس منظر مان ڪڍي اهڙي نموني ۾
استعمال ڪيو آ جو اهو مارڪيٽ واريو ڪاروبار جي
بدران دلين جو ڪاروبار، عشق، پيار، محبت ۽ خوشبوءِ
جو ڪاروبار ٿي ويو آهي. اهڙي طرح ٻوليءَ کي ايئن
استعمال ڪبو آ. پر اسان جا دوست جديديت جي نالي ۾
ٻوليءَ کي ابتو سبتو ڪنڊا هيا. نفسيات ۾ داخليت جي
حوالي سان مغرب ۾ لکتون ”شعور جي وهڪري“
Stream of consciousness
جي نالي ۾ آيون تن جي ٻولي ڪا غلط ڪانه هئي. جو
اسان وارا وڏا عالم ليکڪ آهن، هنن جي ڀيٽ ۾ اسان
ته فرائيڊ کي ايترو ناهي پڙهيوته فرائيڊ انساني
ذهن ۾ موجود مونجهارن کي شعور ۽ لاشعور جي حوالي
سان ڪيئن وائکو ڪيو.
پرک: سنڌي ادب ۾ داخليت ۽ جديديت جي نالي سان جيڪي
لکتون آ:ون سي 70 کان 75 واري دور ۾ آيون؟
آغا: جديديت جيڪا اسان وٽ آئي آ، سا آئي آهي لعل
پشپ، گنو سامتاڻيءَ وغيره وارن وٽان، انهن جو جيڪو
رهڻ ڪرڻ هو سو
entirely different
هو. سندن سماجي منظر نامو ئي ٻيو هو، جنهن ۾ هو
رهن پيا. جنهن ۾ هنن جا
reflexes develop
پيا ٿين. انهن جا
reactions
ٺهن پيا. اسان جو فڪر ٻيو هو، اسان اڄ به گهر ۾
وڃون ٿا ته ڌيءَ کي امان چئون. اسان جو ڪلچر اهو
ناهي سوسائٽي اڃا
Intact
۽
Compact
سوسائٽي آ. اڃا اها ڀڃ ڊاهه نه ٿي آ، ماڻهو لڏي ٿو
ته سندس پورو سوشل سرشتو بدلجي ٿو وڃي. وڏو انقلاب
ٿو اچي وڃي. پاڪستاني مهاجر هندستان ۾ نوابي سسٽم
۾ رهندا هئا. اهي هتي فيوڊلزم تي کلن ٿا. هنن وٽ
هڪڙي چوڻي هئي ته ”سيد مغل اور پٺان باقي سب هين
ان ڪي غلام“ اها چوڻي مون کي فرهاد زيديءَ ٻڌاي ته
سيد، پٺان ۽ مغل زميندار طبقو هو. اهي نوابين هيا.
الطاف حسين قريشي آ، قريشي اتي ڪاسائي هوندا هيا
ان کي ته اتان جا سيد، پٺاڻ، مغل يا نوابين ڀرسان
ويهڻ ئي نه ڏين ها. سو چوڻ جو مطلب جو مطلب اهو آ
ته هند جا ليکڪ شهري، صنعتي ثقافت ۾ رهڻ لڳا ۽ هنن
ٻوليءَ کي ائين استعمال ڪيو. هنن کي ٻولي اچي به
نه ٿي. لطيف نٿا پڙهي سگهن. اسان جون پاڙون ته
لطيف ۾ آهن. موهن جي دڙي ۾ آهن، اسين اهي ڪٽي ڪيئن
يڪدم بي پاڙا ٿي جديد ٿي وينداسين.
پرک: ٻوليءَ ۾ تبديليون ته اڻ ٽر آهن ۽ هن وقت سر
ٻوليون جو گرامر به پنهنجي شڪل تبديل ڪندو رهي ٿو.
ته توهان اهو ڪيئن ٿا چئو ته ٻوليءَ ۾ تبديلي نه
ڪرڻ گهرجي؟
آغا: ٻوليءَ جي بنيادي شڪل صورت سڳاي هوندي آهي،
ٻولي بدلبي آهي پر گرامر نه بدلبو آهي، ڪي بنيادي
اصول ته ٻوليءَ جا مڃڻا پوندا، مثال شڪارپور ۾
اسين پگهار کي مؤنث لکندا آهيون. سنڌي ٻوليءَ جي
اصول آهي ته جنهن لفظ جي آخر ۾ پيش اچي، انهيءَ کي
اسين مذڪر ڪري استعمال ڪندا آهيون. پر اسين اترادي
پگهار، اولاد، صبح وغيره کي مؤنث ڪري استعمال ڪندا
آهيون. شڪارپور ۾ چوندا آهن. ”صبح ٿي آ“، ”منهنجي
اولاد سڌريل آ“، لاڙ ۾ بهار ايندو چوندا آهن. اسان
بهار ”ايندي چوندا آهيون. انهن لفظن کي اتر ۾ مؤنث
۽ لاڙ ۾ مذڪر ڪري استعمال ڪرڻ جا به ڪي لسانياتي
اصول آهن. لاڙ جا ماڻهو انهن لفظن جي آخري اکر تي
پيش ڏيندا آهن. جيئن اولادُ، بهارُ، ۽ اسين زير
ڏيندا آهيون ۽اهڙيءَ طرح ڪنهن اصول تحت انهن لفظن
کي مؤنث ڪري استعمال ڪندا آهيون، سو زبان جا ڪي
بنيادي اصول آهن، انهن کي بدلائي نٿو سگهجي.
پرک: هڪڙو ماڻهو ٻهراڙيءَ جو آهي، جيڪو پنهنجي
انداز ۾ ٻولي ڳالهائي ٿو ۽ لکي ٿو. ان لاءِ توهان
ڪهڙو معيار مقرر ڪرڻ چاهيندؤ ته ڇا توهان ان کي
پابند ڪندؤ ته هر گرامر جي مروج اصولن مطابق ٻولي
لکي؟
آغا: ان کان ته مان پاڻ ٻولي سکندس، هن کي ڪئين
پابند ڪندس. عام ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندو آهي،
ماهر ان کي سماهون رکي گرامر ٺاهيندا آهن.
پرک: دنيا جا جيڪي وڏا ڏاها اديب ۽ دانشور گذريا
آهن، انهن جي ذاتي شخصيت ۾ وڏيون ڪچايون آهن پر
انهن اعليٰ ۽ لافاني ادب تخليق ڪيو توهان جي ڇا
راءِ آهي؟
آغا: ها... ائين آهي... حضرت ابو بڪر صديق رضه جي
چوڻي آهي جيڪا مون کي پوريءَ طرح ياد ڪونهي ان ڪري
اڻپوري ٿو ٻڌايانوَ حضرت ابو بڪر صديق چيو ته
ماڻهوءَ سان گڏ هن جون برايون به مري وينديون آهن.
پر ڪي اهڙيون برايون هونديون آهن. جيڪي ماڻهوءَ جي
مرڻ کان پوءِ به نه مرنديون آهن. هڪ ماڻهوءَ جي
کريل اولاد، ٻيو هن جو خراب لکيل ڪتاب... سو مقصد
آ ته جيڪي به برايون آهن، اهي
Social
آهن جيڪي ماڻهوءَ سان گڏ ختم ٿي وينديون آهن، پر
هن جون لکڻيون زندهه رهنديون آهن. سو ائين ضروري
ناهي ته سٺو اديب شخصي حوالي سان به سٺو هجي.
ڪيترا وڏا ماڻهو ڪمينا به هجن ٿا. باقي جيڪي ماڻهو
سٺا آهن، اهي بهرحال سٺا آهن، ڪي رائيٽر سٺا به
آهن ته خراب به آهن.
پرک: ڪي ماڻهو چون ٿا ته فرد جي ڪا تخليقي شخصيت
ٿيندي ئي ڪانهي؟
آغا: ائين به ٿي سگهي ٿو... هن دور ۾ سنڌ جي فنا ۽
بقا وارو دور آ، ڪي ليکڪ ان حقيقت جي شديد شعور
تحت قومپرستي جو ادب پيد اڪندا رهيا آهن، مثال
سراج آهي. هاڻي مان ويهي لکان ته سراج جيڪو هي
ناول لکيو آ، سو فلمي آ، سراج پاڻ اهو محسوس نٿو
ڪري ته مون هي فلمي ٽائيپ جو ناول لکيو آهي؟ ڪري
ٿو. پر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هن کي پنهنجي فن
کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ڪري؟ اها آهي سنڌ جيم
وت ۽ حياتيءَ جو سوال. هڪڙي قوم جيڪا الو ميان
ڪيون سارو ڏينهن ستي پئي آ، انهيءَ قوم ۾ وري نئين
سر جاڳائڻ، نئين زماني جي طاقتور انجيڪشن لڳائڻ
اهو ڪو خراب ته ڪونهي. جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿو،
ضروري ناهي ته هر ڪو رائٽر ائين ئي ڪري. پر جي ڪو
ڪري ٿو ته چڱو ٿو ڪري؟... مسلمانن جي انحطاط ۽
زوال جي احساس اقبال کي مسلمان شاعر ڪري ڇڏيو، هن
جيڪا شاعري ڪئي مسلمانن جي انحطاط جي پس منظر ۾
ڪئي. هونئن ڪهڙو شاعر شاهين کي سٺو چوندو جيڪو رڳو
رت گرم رکڻ لاءِ ڪمزور پکينُ جي چير ڦاڙ ڪري. سندس
لاءِ رڳو ”لهو گرم رکٿني ڪا هي اڪ بهانه“ آهي.
نهرو هڪڙي رائٽر جي حوالي سان لکيو هو ته الائي ڇو
ماڻهو شهباز کي پسند ڪندا آهن، بلبل کي پسند نه
ڪندا آهن، جيڪا مٺڙي ٻولي ڳالهائيندي آهي. قومن ۾
زوال جو احساس پئدا ٿئي ٿو ته سندن سائڪي بدلجي
ٿي. جيئن مان آهيان، پاڪستان ۾ پنهنجو پاڻ کي
Second rate citizen
۽
Insecure
محسوس ڪيان ٿو. مون ڀٽي صاحب جي زماني ۾ شاعري
ڪئي. ڀٽو ڪو منهنجو مرشد نه هو، هيرو نه هو، ڪو
وڏو انقلاب نه هو. پر ڀٽي صاحب ڦاسيءَ سان هڪڙو
Sense of Insecurity
مون ۾ پيدا ٿيو ته جيڪي ڀٽي صاحب کي ڦاهيءَ تي
چاڙهي سگهن ٿا ته اهي منهنجي آل اولاد، اسان سڀني
سنڌين جو ڇا حشر ڪندا؟ اوهڙي مهل پنهنجو پاڻ اهڙي
قسم جو ادب ٿو پيدا ٿئي. مون جويي جي چوڻ تي اهو
سڀ لکيو ڇا؟ هي اسان جيڪي ڊراما لکيا جويي کي خوش
ڪرڻ لاءِ لکياسي ڇا؟ يا جي ايم سيد کي خوش ڪرڻ
لاءِ لکياسي ڇا؟ جي ايم سيد سائين ته سن ۾ اڃا
آرام سان ويٺو هو.ا سان انهيءَ زماني ۾ چندا ڪري
اسٽيجن تي ڊارما ڪياسي.
پرک: اها اديب جي ڏاهپ به چئي سگهجي ٿي ته هو
ماڻهن جي ضرورت آهر فن جي قرباني به ڏئي ٿو؟
آغا: ڏاهپ به چئجي ٿي ۽ ٻيو پنهنجي بقا لاءِ
جدوجهد به چئي سگهجي ٿي. حالتن جي گهرج پٽاندڙ
رائٽر فن جي قرباني به ڏئي ٿو. شاهه رحمت
اللعالمين جي شان ۾ پورو ”سر سارنگ“ لکيو ”سر
رامڪلي“ ۾ هندو جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪندي پنهنجي
عقيدي جي ڳالهه ٿو ڪري ته:
نانگا ناني هليا هينگلاجان هلي
ديکي تن دوارڪا مهين ملي
آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ.
اسان وٽ تصوف جا سلسلا حضرت عليءَ کان شروع ٿين
ٿا. تصوف تي مون هڪڙو ڪالم به لکيو هو. جنهن ۾ ڪي
دوست ناراض به ٿيا هئا. تصوف ۾
self negation
آهي، ميان مير جي توهان کي خبر هوندي ته قاضي قاضن
جو ڏوهٽو هو، ملتان وارو حضرت بهاءُ الدين تمام
وڏو صوفي ۽ غوث هو، هن ملتان ۾ تمام وڏي يونيورسٽي
قائم ڪئي هئي جنهن ۾ پاڻ پڙهائيندو هو. هاڻوڪي
زماني جي حوالي سان هو وڏو سرمايئدار هو. سائين
ميان مير سندس دولتمنديءَ لاءِ چيو ته حضرت بهاؤ
الدين زڪريا منهنجي دور۾ هجي ها ته مان کيس فقيري
۽ درويشي سيکاريان ها، بک سهڻ سيکاريانس ها ته ان
۾ ڪهڙو مزو آ. بابا فريد لاءِ هڪڙي ڏينهن حضرت
نظام الدين دال ٿي پچائي، لوڻ ڪونه هيس اڌارو وٺي
آڻي دال ۾ وڌائين. بابا صاحب گرهه کڻڻ لڳو ته
چيائين نظام الدين ڇاهي جو اڄ دال کائڻ تي دل نٿي
چوي، حضرت نظام الدين چيو ٻيو ته ڪجهه ڪونهي هڪڙي
واڻئي کان اڌارو لوڻ وٺي آيم. بابا دال نه کاڌي
چيائين نفس کي ذائقي جو غلام نه بڻائڻ گهرجي.
معنيٰ ته هنن ايڏو پاڻ کي
Negate
ڪيو، پر پوءِ وري انهن جي درگاهن جون بلڊنگون ڏسو،
وڏا وڏا روحاني پاٿاريدار سندن گاديءَ تي ويا، ۽
روحاني پاٿاريداري شروع ٿي وئي.
پرک: معنيٰ ته چئبو ته ان ۾ فرد جي پنهنجي شخصيت
جو به عمل دخل هوندو آهي؟
آغا: ها، ماڻهوءَ کي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏڻو ناهي
ته تنهنجي مرضي آ، وڻيئي ته پاڻ کي
Declass
ڪر توکان پوءِ تنهنجو پٽ تنهنجي گاديءَ تي ويهي
اسان کي نيپوڙي ان کي ڪير جهليندو؟ ان ڪري ڪنهن به
نظريي جي نفاذ لاءِ اٿارٽي جو هئڻ ضڙوري آهي.
برابريءَ وارو نظام رياست جي معرفت نافذ ٿي سگه
يٿو. اسان وٽ سوشلسٽن کان ڪي غلطيون ٿيون. هنن جا
Stresses
بدلجي ويا، هنن جون
Stress
وڃي
Antireligion
۽
Anticulture
ٿيو. جنهن جي ڪري هو ماڻهن ۾ قبوليت ماڻي نه
سگهيا.
پرک: معنيٰ ته جويي صاحب کي اسلام عليڪم چوڻ تي
ناراض نه ٿيڻ گهرجي اهو اسان جو ڪلچر آ؟
آغا:
Yes
ناراض ڇو ٿجي، مذهب اسان جو ڪلچر آ، منهنجو ملتان
۾ هڪڙو دوست هو. سرائيڪي سومرو هو، چوندو هو ته هن
ملڪ ۾ ماڻهو ڪنڪر ۾ شنڪر ڳوليندا آهن. اهڙو ملڪ ۾
هنن دهريت تي زور ڏنو، هنن کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي
ته هي ڪهڙو ملڪ آ. هتي صوفي ڇا ڇا ڪم ڪري ويا آهن؟
انهن جي تعليم کي مارڪسزم واري حوالي سان کڻي اڳتي
وڌڻ گهربو هو. ملتان جو شمس سبزواري اسماعيلي داعي
هو. هن جيڪي برهمڻ مسلمان ڪيا انهن جيڪي جڙئون
لاٿا ان جي تور هڪ مڻ هئي. هن ڪا ترار کنئي ڇا؟ هن
سنسڪرت پڙهي، ويدانت پڙهيو. ويد پڙهيا، اپنشد
پڙهيا، گيتا پڙهي، انهيءَ کان پوءِ پنهنجي
religion
کي، انهيءَ
termonology
۾.ا نهن حوالن سان، ماڻهنا ڳيان پيش ڪيو. گجرات ۾
”عليءَ جا مندر“ قائم ٿيا جن ۾ بت نه هوندا هيا،
رڳو وحدانيت جا ڀڄن ڳائبا هيا. اهي صوفي هئا. ان
ڪم لاءِ هنن کي پيسا ته ڪونه ٿي مليا! پنهنجي
جذبي، پنهنجي عقيدي جي ڪري هنن خدمت ڪئي. اسلام
ڏاڍو فراخدل مذهب آهي. عربن جو رويو شڙوع ۾ اهو
هيو ته بابا تون خدا جي وحدانيت کي مڃ، اسان جي
نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم کيمڃ پوءِ جيئن وڻئي
تيئن ڪر. سومرن جا ڀونگر راءِ، فلاڻو راءِ، جا
ساراهيندي نالا هيا. عربن ائين ڪونه چيو ته توهان
پنهنجون ريتون رسمون ۽ رواج ڇڏيو. هو ته انهيءَ
ثقافت ۾ رنگجي ويا. پر جهڙي مهل ترڪ آيا انهن
اسلام کي
militant
بڻايو، خلجي، افغان... بندوقون ۽ تلوارون کڻي هتي
آيا.
پرک: ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامانگار، شاعر،
سنڌيڪار ۽ ڪالم نگار جي حوالي سان توهان کي سنڌ ۾
جيڪا مڃتا ۽ مان مليو، ان حوالي سان توهان جا ڪهڙا
احساسات آهن؟
آغا: مان توهان دوستن جي اڳيان، پنهنجو پاڻ جي
اڳيان، بلڪل
Honesty
سان، اعتراف ٿو ڪريان ته مون کي جيترو پيار، عزت
آبرو پڙهندڙ ڏني آ، سا سچ پچ ته مان ڪونه لهان،
مون کي ماڻهن ڏاڍي سٺيم وٽ ۽ عزت آبرو ڏني تنهن
لاءِ مان هنن جو ٿورائتو آهيان... باقي جيڪي جهيڙا
۽
controversies
آهن، انهن ۾ مان نه پوندو آهيان. ڇاڪاڻ جو اسان
افسوس سان اهو ڏسون ٿا ته ڪردار ڪشي وڌي وئي آهي ۽
ٽوپي لاهه ڪلچر اچي جاءِ والاري آهي. اسان وٽ
هينئر
nagation
وارو عمل آ، اسان جو هڪڙو رائيٽر دوست ڊفينس ۾ هڪ
بنگلي ۾ رهندو آ ڊفينس ۾ ڪروڙ بنگلا هوندا، سنڌي
رائٽرن يک اهي ياد ئي ڪونهن پر ان سنڌي رائيٽر جو
بنگلو کين ياد آهي. سندن خيال ۾ سنڌي رائيٽر لاءِ
ضروري آهي ته هو مفلس، نادار، ڪمتر ۽ خاڪ بسر هجي.
پرک: سنڌ ۾ موجود ابتري، انارڪيءَ ۽ ماٺار واري
صورتحال کي ڪيئن تبديل ڪجي؟
آغا: سنڌ جي سينواريل سوسائٽيءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪجي،
اصل ۾ اسين آهيون ٻهراڙيءَ جا، هاڻي جڏهن مان
شڪارپور ويس ته مون کان جاويد ڀٽي پڇيو ته ويهن
سالن جي عرصي کان پوءِ توهان شڪارپور کي ڪيئن
محسوس ڪيو.م ون چيو ته ادا هاڻي اهو محسوس ڪيم ته
زندگيءَ جي
Speed
وڌي آ، موهن جي دڙي واري ڍڳي گاڏيءَ جي جڳهه هاڻي
بسين، ڪارين ۽ موٽر سائيڪلن والاري آ، هڪڙا
Futurist
يعني مستقل پرست شاعر آهن هو پاڻي کي رفتار پرست
چوندا آهن رفتار هنن جو مذهبي متو
Speed cult
آهي. چوندا آهن ته اسان جا ديوتا اسپيڊ آهي.
ايڪويهين صديءَ ۾ اسين تيز رفتاري مهن جي دڙي واري
ڍڳي گاڏي جي آهي. اسان اڃا تائين ڍڳي گاڏيءَ تائين
محدود آهيون. ڪو گروپ ڪونهي جيڪو سماجياتي لحاظ
کان سنڌي سوسائٽيءَ جو مطالعو ڪري ۽ ڪو علاج
ڳولهي. جيئي سنڌ وغيره جون تحريڪون ڇڙو ڇڙ آهن، ڪو
پريشر گروپ ڪونهي. ٻهراڙيءَ ۾ ڪو واهر وارو ڪونهي.
هڪڙ: صوبيدار کي جيڪو وڻي ٿو سو ڪري ٿو. جنهن کي
چاهي بند ڪري، جنهن کي چاهي آزاد ڪري جيسين
industrialization
نه ٿيندي تيستائين تبديلي نه ايندي. مون پنهنجي
هڪڙي اخبار ڪڍي هئي ته اها هڪ
commitment
سان ڪڍي هئي ته ان اخبار جي وسيلي ڪجهه ڪنداسين،
پر ڪجهه نه ٿي سگهيو. مورڳوپنهنجي هڙان پيسا ٻوڙڻا
پيا. سنڌ جي هڪ هڪ شهر ۾ جيڪي
Industrial states
آهن رڳو اتي
Industries
لڳي وڃن ته سنڌ ۾ وڏي
change
اچي وڃي. اسڪولن کان به وڌيڪ انڊسٽريز جي ضرورت
آهي جنهن سان
urbanization
ٿيندي. هن وق تتوهان جو روح فيوڊل توهان جي شاعري
فيولڊل، توهان جي
Diction
فيوڊل، عورت ڇو آ ڪين جهڙي ڪميڻي؟ مقصڊ آ ته
Modernization
ٿيندي تهڙي مهل تبديلي ايندي. موجوده دور آثار
قديمه ٿي ويندو ۽ اوهان اڄ جي ثقافت کي ادب کي
حسرت سان ڏسندؤ.
پرک: ته پوءِ جيئڻ جو جواز ڪهڙو باقي ٿو رهي؟
آغا: جواز هجي يا نه هجي زماني سان گڏ هلڻو آ نه،
زماني سان گڏ جيئڻو آ. ڪمپيوٽر جي
Age
۾ رهڻو آ ڳوٺن ۾.
پرک: مغرب ۾
Industrialization
مان نقصان ۽ هاڃا به رسايا، تنهن کي توهان ڪهڙي
نظر سان ڏسندؤ. ڇا ان سان سرمايئداريءَ کي هٿي نه
ملي؟
آغا: مغرب ۾ انهيءَ صنعتي ثقافت جي خلاف رد عمل
ٿيو. يعني روسو چوندو هيو ته ريڊ انڊينس پيرس جي
ماڻهن کان وڌيڪ سٺا آهن. هن
Nobel Savage
جو تصور ڏنو، اسين ڪيئن ان دور ڏانهن موٽي ۽ ان کي
آدرشي دور چئي سگهون ٿا. ان زماني ۾ ماڻهو بيمار
ٿيندو هو ته
Witch Doctors
سندس علاج ڪندا هئا. هاڻي توهان پنهنجي دور ۾ ڏسو.
منهنجي عمر 65 سلا آهي. مون کي ياد آ 65 سال جي
عمر ۾ جيڪي اسان جي زماني ۾ پوڙها هوندا هيا، سي
ويچار اهلڻ کان لاچار هوندا هيا. ڳالهائي نه
سگهندا هيا. کنگهي کنگهي مري ويندا هيا. ايڏي
ميڊيڪل ڪوريج آهي. ايڏي
Life
بهتر ٿيندي ٿي وڃي. ڏينهون ڏينهن، نيون نيون
Inventions
ٿيڻ ٿيون پيون ۽ لائيف جون
Comforts
ميسر ٿين ٿيون.
پرک: سهولتن واري انهيءَ زندگيءَ ۾ حقيقي خوشي
مجروح نٿي ٿئي؟
آغا: حقيقي خوشي
Relative
آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي زرعي سوسائٽيءَ جي ننڊاکڙي
آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي زرعي سوسائٽيءَ جي ننڊاکڙي
ماحول۾ خوشي ۽ سڪون ٿو ملي ته ان کي شهري ۽ صنعتي
زندگيءَ ۾ واقعي خوشي ڪانه ملندي، پر ڪنهن جي
خوسيءَ جي خاطر سوسائٽيءَ کي تبديليءَ ؛ان روڪي
نٿو سگهجي. توهان جيڪي آهيو، خوشي اها آهي ته
توهان جي اڳيان فيوڊل آهن ۽ پيڙا واري جنهن دور
فيوڊل جي سحر مان، ٻهراڙيءَ جي سحر مان جيترو
جيترو اوهان نڪرندا ويندا تيترا توهان حقيقي
خوشيءَ کي ويجهو پوندا ويندا قبيلا هوندا هيا،
قبيلا مس مس ٽٽا ۽ انفرادي آزادي واري معاشري جنم
ورتو. توهان ڪوئٽه وڃي ڏسو اتي ملڪيتون قبائلي
آهن، اسان جي ڳوٺن ۾ اڃا قبيلائي جهڳڙا آهن تن کي
تبديل رڪڻ لاءِ اسان کي
industrialization & urbanization
جي دور ۾ داخل ٿيڻو پوندو. اسان سنڌين کي گهرجي ته
ٻهراڙين مان نڪري وڏا شهر وسايون. هجرت وڏو فائدو
ڏيندي آهي. جيڪڏهن مون کان پڇو ته اسان ڪهڙي نموني
سان
Survive
ڪري سگهون ٿا؟ مان چوندس ته جيسين اسين جديد دور ۾
داخل نه ٿينداسين اسين
Survive
ڪري نه سگهنداسين. ادا سائين
Urbanizaition
تمام ضروري آهي. نئين دور ۾ نوان شاعر پيدا ٿيندا،
نئين طرز جي وڏي شاعري ڪندا، وڏا شاهه لطيف پيدا
ٿيندا مون ٿورو وقت اڳ هڪ ڪتاب پيئ پڙهيو
The Pleasure of Philospher
انهيءَ ۾ لکيل آهي ته ماڻهوءَ تي جاگرافيءَ جو وڏو
اثر پوي ٿو. مهاجرن کي ڏسو حيدرآباد ۾ هڪڙي مهاجر
سان مليس ته ڏيک ويک ۾ صفا سنڌي ئي لڳو. اسان جهڙا
مهانڊا، اسان جهڙو رنگ، سندن سڀاءَ به اسان جهڙا
ٿيندا ٿا وڃن. هاڻي ڪراچيءَ کان ٻاهر ٿا نڪرن ته
چون ٿا ته پرديس ۾ آهيون. سمجهو ته هنن سان به
اسان سنڌين وانگر ساڳيا حال شروع ٿي ويا آهن ۽ ٻيو
ته
Will durant
لکيو آهي ته
Americans
جون شڪليون
Red Indians
وانگر ٿينديون ٿيون وڃن، جاگرافيءَ جو ايڏو اثر
ٿيندو آ.
عاجز جمالي
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي ليکڪ آغا سليم جون بيماريءَ
جي بستري تان ڳالهيون
”مون ته پنهنجي اندر جي رانجهي کي ريجهائڻ لاءِ
لکيو آهي“
مان سندس گهر ڏانهن ويندي پهريان ته ويهه سال
پراڻي جهيڙي جا منظر ياد ڪري ڊڄي رهيو هوس.
سوچيندي سوچيندي مان ٽيهه سال پوئتي هليو ويس.
جوهيءَ جي ننڍڙي لائبريري ۽ ان لائبريري ۾ منهنجا
پڙهيل سنڌي ٻوليءَ جا شاندار ناول ”همت اوست“ ۽
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽ ”چنڊ جا تمنائي“، انهن
ڪتابن جي سرجيندڙ سائين آغا سليم سان ملڻ ۽ سندس
طبيعت پڇڻ لاءِ وڃي رهيو هوس.
مون جڏهن اخبار ۾ پڙهيو ته، ”سندس ڦڦڙ ختم ٿي چڪا
آهن.“ ۽ سندس چوڻ هو ته، ”دوست کانئس پڇڻ نٿا اچن
۽ ڪير پڇڻ اچي ٿو ته کيس ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي.“ ته
مون ساڻن ملڻ جو ارادو ڪيو. مون کيس فون ڪري کانئس
طبيعت پڇي ۽ ملڻ لاءِ چيم. هو ڏاڍو خوش ٿيو.
پڇتاءُ به ٿي رهيو هو ته، جڏهن هُو هڪ اخبار ۾
ايڊيٽر هو ۽ مان اُتي سب ايڊيٽر هوس ته، هڪ ڏينهن
پگهار دير سان ملڻ ڪري مون سندس ڪمري ۾ وڃي ساڻس
تکو ٿي ڳالهايو هو ۽ سندس ڪمري مان نڪرڻ وقت چوڻ
لڳو هوس ته ”مان سمجهان ٿو ته اُهو آغا سليم ڪو
ٻيو هوندو، جنهن ’اهمه اوست‘ لکيو“ ان کان پوءِ
مون اها نوڪري ڇڏي ڏني.
آغا صاحب کي سندس گهر جي هڪ ڪمري ۾ بستري تي ليٽيل
ڏسي مان اڳتي وڌي ساڻس مليس، کيس ساهه جي نلي لڳل
هجي ۽ ڀرسان پيل مشين ڏسي مون سمجهي ورتو ته، کيس
هٿرادو طريقي سان ساهه پهچايو پيو وڃي.
هيڻي آواز، پر پهاڙ جيڏو حوصلو رکندڙ آغا سليم
ڳالهه ٻولهه جي شروعات ئي ويهه سال پراڻي اَڻ
وڻندڙ واقعي کان ڪئي، جيڪو مان مٿي بيان ڪري آيو
آهيان. سندس چوڻ هو ته، ”تو مون کي آڏو بيهي جيڪي
اکر ڳالهايا هئا، تڏهن کان وٺي اڄ تائين مان
تنهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهيان ۽ توکي ٽي وي تي سرگرم
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان.“ مون چيو، ”سائين اوهان
اسان جي نسل جا ڏاها آهيو- مون کي اڄ ان واقعي تي
سوچيندي ڦِڪائي ٿي رهي آهي، پر اُن وقت صحافت ۾
شايد نوان هئڻ ڪري جذباتي هئاسين.“
”نه مَن، تون درست هئين، اخبار هلائڻ منهنجي وس جي
ڳالهه ئي نه هئي.“ سندس جواب ٻڌي ساڻس وڌيڪ
ڳالهيون ڪرڻ جو حوصلو وڌيو. عليڪ سليڪ وارين
روايتي ڳالهين کان پوءِ مون کيس ان ڳالهه تي راضي
ڪيو ته، ”پاڻ ڪجهه ڳالهيون رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ هڪ
ننڍڙو انٽرويو ٿا ڪري وٺون.“ انٽرويو ڏيڻ لاءِ هِن
جي دل بلڪل به نه پئي چاهيو، پر مون کيس چيو ته،
”ڀلا جيڪو ڪجهه ڳالهايون ٿا، اهو رڪارڊ ڪريون ٿا.“
مون کيسي مان هڪ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊ ڪڍي اڳيان رکي
ڇڏيو.
آغا صاحب نه رڳو ناول لکيا، ڊراما لکيا، ڪهاڻيون
لکيون، شاعري ڪئي، موسيقيءَ جون ڌنون ٺاهيون.
انگريزي ۽ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو، ڀٽائي ۽ سچل جو
انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو- ۽ بيماريءَ جي بستري تي
به مون کيس لکندي ڏٺو. ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه يا بي
ربط ڳالهين کي جيئن جو تيئن پيش ڪيان ٿو.
س: سائين پهرين ته اهو ٻڌايو ته اوهان جي طبيعت
ڪيئن آهي؟
ج: طبيعت سڌري نه ٿي، سڌري ناهي، منهنجا ٻئي ڦڦڙ
ختم ٿي ويا آهن، سڄي حياتي سگريٽ پيئندا رهيا
آهيون، ان ڪري ڦڦڙ ختم ٿي ويا. ساهه نٿو کڻي
سگهان. آڪسيجن تي جيئرو آهيان.
س: آغا صاحب توهان جوانيءَ کان وٺي اڄ تائين لکندا
پيا- ڪڏهن ڪهڙي صنف ۾ لکيو، ته ڪڏهن ڪهڙي صنف ۾.
ريسرچ به ڪيو پيا. اوهان ڪنهن پاسي مستقل مزاجيءَ
سان ڇو نه لکيو؟
ج: ادا هڪ ماڻهوءَ تازو مون کان هڪ سوال ڪيو ته،
”اوهان اڄڪلهه ڪهڙي اسائنٽمينٽ تي لکو پيا؟“ مون
جواب ڏنو ته، ادا مون سڄي حياتي نه ڪنهن اسائنمنٽ
تي لکيو، نه سوچي لکيو ته پئسا ڪمايان، هڪ پنجابي
شعر آهي ته:
اسان جهڙا ڪم ڪرينديئان،
اپني رانجهي نون ريجهاون لئي.
مطلب ته ”مون اڄ تائين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، اُهو
پنهنجي رانجهي کي ريجهائڻ لاءِ ڪيو آهي.“ سو ادا،
مون به اڄ تائين جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُهو پنهنجي
اندر جي رانجهي کي ريجهائڻ لاءِ لکيو آهي. تازو
مون سان ڪلچر کاتي وارا ملڻ آيا. مائي به آئي
(شرميلا فاروقي). مون کين چيو ته، مون کي مدد جي
ضرورت ناهي. علي بابا ويچارو در در ڀٽڪي رهيو آهي،
ان جي مدد ڪريو. مان ته پنهنجي گهر ۾ رهان پيو، سو
مون ڪلچر کاتي کان پئسا ڪونه ورتا. ڇو وٺان پئسا؟
مون ته پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ لکيو آهي، سڄي
حياتي لکيو آهي. اڄ به لکان پيو....
مان هاڻي سکر واري ڪلهوڙي تي لکان پيو- شاهه عنايت
کان به اڳ هڪ ڪلهوڙو، جيڪو سڀني ڪلهوڙن جو وڏو
آهي، ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، سندس سکر ۾ قبر آهي،
اهو سنڌ جو پهريون ڪميونسٽ هو. شاهه عنايت کان اڳ
هن ڪميون قائم ڪيا، هي اُها سنڌ اٿئي ادا، بي خبر
ماڻهن جي سنڌ آهي. روئڻ ٿو اچي، ماڻهن کي آدم شاهه
ڪلهوڙي جي خبر ئي ڪانهي. هيءُ اهو ماڻهو هئو، جنهن
ڪميون قائم ڪيا ۽ جنهن چيو ته، ’جيڪو اپائيندو،
اهو کائيندو.‘ وڏي ڳالهه آهي ادا. تڏهن ڪٿي هو
ڪارل مارڪس، ڪٿي هئي سوشلزم. سوچيو ته سهي،
پندرهين صدي جي ڳالهه پيو ڪريان. ان کان پوءِ
ارغون ۽ ترخان آيا، جيڪي وڏا ظالم ۽ رهزن هئا، مون
کي ائين محسوس ٿيو ته، هي ڪلهوڙو تمام وڏو
”ايڊمائر“ هو، مون انهيءَ تي ڪم شروع ڪيو آهي. ان
کي ڳولي لڌو آهي. اهو مان ڪنهن به اسائنٽمينٽ تي
ڪونه پيو لکان- نه پئسي لاءِ پيو لکان.
س: آغا صاحب، اڄڪلهه ڇا پيا لکو؟ اوهان جا ڪيترا
ڪتاب ڇپجڻ کان رهيل آهن؟
ج: ادا، ساميءَ تي انگريزي ڪتاب لکيو اٿم. قلندر
تي به ڪتاب لکيو اٿم. ان کان سواءِ نصرپور واري
شاهه عنايت رضويءَ تي به ڪتاب لکيو آهي. هو به
سنڌيءَ جو تمام وڏو شاعر آهي. منهنجي دل چوي ٿي ته
سنڌ کي جيترو ڳولي سگهان ٿو، اوترو ڳوليان. سنڌ
اندر پندرهين صديءَ ۾ ڪميونسٽ راڄ قائم ڪرڻ وارا
چريا ماڻهو موجود هئا.
س: آغا صاحب، اوهان لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪئي؟
ج: ورهاڱي کان اڳي منهنجو وڏو ڀاءُ گهر ۾ ڪتاب جام
آڻيندو هو. مان اُهي ڪتاب پڙهندو هوس. پر منهنجو
شوق هئو ته ڪتاب جي ٽائيٽل تي جيڪا تصوير هوندي
هئي، اُتي منهنجي تصوير ڇپجي. ائين مون کي لکڻ ۽
پڙهڻ جو شوق ٿيو. شروع ۾ ڪهاڻيون لکيون، ڊراما
لکيا، ناول لکيم، پر ميڊيم تبديل ڪندو رهيس. هاڻي
لطيف سائين تي لکان پيو.
ادا، مان انهن اديبن مان آهيان، جيڪي ڄٽن ۾ پيدا
ٿيا آهن، لطيف سائينءَ جي کوڙ اهڙي شاعري آهي،
جنهن کي اسان سمجهيو ئي ناهي. هڪ مثال ڏيان ته،
لطيف سائينءَ جو هڪ مشهور بيت آهي:
اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي
قادر پنهنجي قدرت سان قائم آهي قديم
اها سِٽ اڄ تائين سمجهي نه سگهيا آهيون. هاڻي
”قديم“ جو هتي مطلب ئي ڪو ٻيو آهي. ڀلا قادر معنيٰ
خدا قديم ٿيندو آهي ڇا؟ ادا هتي قديم جو مطلب آهي،
جنهن کي خلقيو نه ويو هجي. شاهه لطيف سائين ڏانهن
اسان جو رويو ڄٽڪو رهيو آهي. علمي ڪم گهٽ ٿيو آهي.
پليجي (رسول بخش پليجي) وارن يا ٻين قومپرستن
ڀٽائيءَ کي ”نعري بازي“ لاءِ استعمال ڪيو. ايتري
قدر جو ڊاڪٽر بلوچ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) به
ڀٽائيءَ تي ڪو وڏو ڪم نه ڪيو. مون سائين جي ميوزڪ
تي به لکيو آهي. ڀٽائيءَ جي موسيقيءَ جي ماڻهن کي
خبر ئي ڪانهي. لطيف، رسالي جو پهريون سُر ”ڪلياڻ“
ڇو رکيو، سڄي شاعريءَ ۾ چنڊ، عشق، راڳ ۽ جاکوڙ جون
ڳالهيون آهن. اهڙو هڪڙو به سُر ناهي، جنهن ۾ ڏک نه
هجي.
ڀٽائيءَ جو راڳ رڳو ”اَلو ميان“ ناهي. مون سائينءَ
جو گنج شريف انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي.
سائينءَ بابت منهنجو ڪتاب ڇپجي پيو ”جيڪي ڏٺو سو
مون.“
س: آغا صاحب، تصوف ۾ ته سچل جي شاعريءَ جو به وڏو
ڪردار آهي. ان بابت ڇا چوندؤ؟
ج: اسان وٽ سچل سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ان جي سٺي
شاعريءَ کي ڪمپوزئي نه ڪيو ويو آهي. ”سچل عشق ٻڍا
نه ٿيوي، توڙي چٽي ٿيوي ڏاڙهي“ اهو ڪو شعر آهي؟ ڪو
محنت ئي نه ٿو ڪري ته سچل جي سٺي شاعري جي چونڊ
ڪري. سچل تمام وڏو شاعر آهي، ان سان ناانصافي ٿي
آهي. مون ڪلچر کاتي وارن کي چيو آهي ته سچل کي
discover
ڪيو.
س: آغا صاحب ون يونٽ جو زمانو، قومپرست تحريڪ، جي
ايم سيد جي سياست، ان طرف ڪو ڌيان ويو اوهان جو؟
ج: ادا، سنڌ ۾ صرف هڪڙو ماڻهو پيدا ٿيو، اهو آهي
الله بخش سومرو، شڪارپور ۾ اسان سياسي طور سومرن
جا مخالف آهيون، پر شهيد الله بخش سومرو تمام وڏو
ماڻهو هو، باقي جيئي سنڌ جي ڇوڪرن کان ڀئو پيو
ٿئي. سيد تي ڇا ڳالهايان.
س: آغا صاحب، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز جي وائس
چانسلرشپ، سنڌي اديبن جو دور، ان بابت ٻڌايو؟
ج: ذوالفقار علي ڀٽو وڏو دورانديش هو، اياز جو
ڪلام هلي پيو ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو.“ ڀٽو
ٻڌندو هو اهو ڪلام، پوءِ حڪم ڪيائين، ”اڙي انهيءَ
کي (شيخ اياز) وائس چانسلر ٺاهيو. يونيورسٽي جا
ڇوڪرا پاڻ ئي اياز جي خلاف ٿي ويندا. جن لاءِ هي
گيت لکي ٿو. شيخ اياز اهو ماڻهو هو جو ”ڌرم ڌرم جي
ڌوڙ اڏايان“ لکندڙ ماڻهو هو، وري اچي شاعريءَ کي
مذهبي رنگ ڏنائين. ڀٽي جي ڦاهيءَ کان پوءِ مون
شاعري لکڻ شروع ڪئي. ايڏي شاعري ڪيم، جيڪا اڃا ڪٿي
به ناهي ڇپي. جڏهن ڀٽي کي ڦاهي ملي ته مان اسلام
آباد ۾ هوس. مون کي اتي سنڌي هجڻ جو شديد احساس
ٿيو، ڀٽو بيرحميءَ سان ماريو ويو، ڇو ته هُو سنڌي
هو. سنڌي نه هجي ها ته هن کي ڪير به ماري نه سگهي
ها.
س: اوهان چيو ته شيخ اياز پنهنجي سڄي فلاسافيءَ
تان هٿ کڻي ويو، اوهان پنهنجي باري ۾ ڇا چوندؤ؟
جتي پهرين ڏينهن کان بيٺا هئا، اُتي ئي بيٺا آهيو؟
ج: ها بلڪل. مان نه دهريو آهيان، نه ڪميونسٽ
آهيان. مان انهن جي ڪامبينيشن
(Combination)
آهيان. ادا، مان تصوف جي ڳالهه ڪريان ٿو. اڄ به
ڪريان ٿو. صوفي دولت جا مخالف آهن. صوفي هن خطي ۾
اسلامي سوشلزم جو رستو ٻڌائيندا هئا، جيڪو بعد ۾
ڀُٽي نعرو هنيو، صوفي ازم الوميان ناهي، نه ڳچي ۾
ڦِڪو ڪپڙو پائڻ ۽ گيڙو رتا ڪپڙا پائڻ آهي. هڪ هٿ ۾
يڪتارو، اِها گادي نشينن جي مرضي آهي. بهاول الدين
ذڪريا جي مزار جو نذرانو 5 ڪروڙ رپيا شاهه محمود
قريشي کي ملندو آهي، جيڪو هو کڻي عمران خان کي ڏئي
ٿو، هي تصوف ناهي. تصوف جي ري انٽرٽيشن (ٻيهر
تشريح) جي ضرورت آهي، جيئن مون ميان آدم شاهه
ڪلهوڙي کي ”ڊسڪور“ ڪيو آهي، تيئن سوشلزم جي تشريح
ڪرڻ ٿو چاهيان. حياتي رهي ته اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو
آهي. سنڌ ۾ اڃا گهڻو ڪجهه رهيل آهي. زندگي تمام
ٿوري آهي، ڪم تمام گهڻو آهي.
س: سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڇا چوندا؟
ج: اسان سنڌي ڏاڍا سهل پسند ٿي ويا آهيون. هاڻي
نوجوان ڪتاب ڪونه ٿا پڙهن، ڪالم لکڻ شهرت جو آسان
رستو ٿي پيو اهي. اسان جي زماني ۾ روسي ناول
ٽالسٽاء، گورڪي ۽ عالمي ادب کي ماڻهو پڙهندا هئا.
هاڻي ته سائين شاهه لطيف تي به رڳو تقريرون
ٿينديون آهن. شاهه سائينءَ تي نوجوان علمي ڪم ڪرڻ
لاءِ تيار ناهن. سچل کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. بس
خوش هجن، ٻيو ڇا چوان.
]سنڊي ڪاوش ميگزين،
آچر 24 جنوري 2016ع[ |