سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:17

هو رات جو دير سان هاسٽل ۾ موٽي آيو. کٽ تي ليٽي سگريٽ دُکايائين ۽ سنڌوءَ جي باري ۾ سوچڻ لڳو. سنڌو هنکي صفا متاثر نه ڪيو. نه سندس شڪل صورت ۾ ۽ نه ئي سندس شخصيت! وڏ گهراڻي ڇوڪري هئي. فيشن طور ڪانگريسي ٿي هئي ۽ کاڌيءَ جي ساڙهي پاتي هئائين، ادب ۽ آرٽ هن لاءِ سندس شخصيت جي سينگار جو سامان هو. جنهن سماجي طبقي سان هن جو تعلق هو، تنهن لاءِ ادب ۽ آرٽ ته شهرت جو وسيلو ٿيندو آهي. هنجي سادگي سياسي پارٽيءَ سان تعلق ۽ ڪلاڪاري سستي شهرت جا وسيلا هئا، هيءُ ڏونگر ته اُهي ڏوريندا آهن، جنجا اندر اڌ هوندا آهن، جنجا پير پٽ جهڙا هوندا، سي هن واٽ تي ڪيئن هلندا... وري هن کي سڪينه ياد پئي. شايد لاشعوري طور هن سنڌوءَ ۽ سڪينه جو موازنو ڪرڻ ٿي چاهيو. سڪينه سنڌوءَ کان گهڻي سهڻي هئي. چيلهه جيڏا چوٽا، پگهريل سون جهڙو رنگ، جسم تي جوانيءَ جا گل ۽ گونچ. وري هنکي پنهنجو ڌنڌلو، مبهم ۽ غير واضح خواب ياد پيو. سندس روح تي عجيب ننڊاکڙي اُداسي ڇانئجي وئي ۽ پنهنجو پاڻکي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. هن جي روح کي ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جي ڳولا هئي، جنهن پرينءَ جا پڙلاءَ هن شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا هئا. جنهنجو عڪس هن انڊلٺ جي رنگن ۾ ڏٺو هو ۽ جنهنجي بدن جي بوءِ هن کي هڪ هڪ گلَ مان آئي هئي. پر هنجي ڪهڙي صورت هئي، ڪهڙو روپ هو، تنهن جي کيس به خبر نه هئي. ان پرينءَ جي پورن ۾ هن کي ننڊ کڻي وئي.

موهن، هن کي سڀني دوستن سان ملايو. سڀئي شاعر، اديب، فنڪار ۽ سياسي ورڪر هئا. ڪي پڪا ڪانگريسي هئا. ڪي ڪٽر مسلم ليگي، ڪي وري انقلابي تحريڪ جا جوشيلا ورڪر، ڪن جو آدرش اکنڊ ڀارت هو. ڪن جو پاڪستان ۽ ڪن جو انقلاب. انقلابي تحريڪ جو روح روان موهن هو. هنن ريلوائي، بندرگاه ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جون يونيئنون ٺاهيون هيون. مزدورن جي ميڙن ۾ تقريريون ڪندا هئا، اسٽرائيڪون ڪرائيندا هئا. هيڏي اوندهه انڌوڪار ۾ هنن اميدن جون ڏياٽيون ٻاريون هيون. بکون ڪاٽيون هئائون. جيلن ۾ ويا هئا. پوليس جون لٺيون کاڌيون هئائون. ايڏن ايذائن سان ته شايد ڏونگر  به ڏري پون، پر هنن جا ارادا اٽل هئا. خوشحالي جي روشن راهن کي ٺڪرائي، دل ۾ اميدن ۽ خوابن جون مشعلون ٻاري هنن اوندهه جو هي سفر شروع ڪيو هو. سندن واٽ اونداهي هئي، پر سندن منزل لاک رتي باک هئي. سرڪار هنن کي غير ملڪي ايجنٽ سڏيندي هئي. مٿن الزام مڙهيندي هئي، ته هو غير ملڪي  حڪومتن کان مدد ٿا وٺن. پر ڇا غير ملڪي مدد تي پلجڻ وارا هينئن ڏکن کي ڏيهه جو ڏاج سمجهي سيني سان لائيندا آهن. ائين ڪنڊن جا تاج پائيندا آهن ۽ ائين پنهنجا پير پٿون ڪندا آهن. هنن وٽ ڪو جذبو هو، ڪو احساس هو ۽ ڪو خواب هو، جنهنجي مستيءَ هنن کي ايترو ته مست ڪري ڇڏيو هو، جو اِن مستيءَ ۾ هو ڪنڊن تي به ائين ٿي ٽليا جو سندن ٽور تان مورَ گهورَ ٿي ويا. هنن ۾ هڪڙي اهڙي ڏکويل عظمت هئي، جنهن کي سارنگ سمجهي نه سگهيو، انهن ۾ جوشيلا جوان به هئا، جنجي رت ۾ گرمي هئي. پڪي عمر وارا به هئا، جن زندگيءَ جي ٿڌي ڪوسي ڏٺي هئي. ڇوڪريون به هيون، جنجا ڪنوارا بدن ڪنولن جهڙا ڪُئنرا هئا، پر جنجا اراد اپهڻن جهڙا سخت هئا. ميٽنگ ۾ بحث ڪندا هئا. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هئا، سارنگ اهو به محسوس ڪيو، ته زندگيءَ جي باري ۾ سندن ڄاڻ ڪتابي هئي. هنن کي خبر ئي ڪانه هئي، ته ٿرن ۽ برن ۾، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ انسان زندگيءَ جي هٿان ڪيترو نه حيران آهي. پر پوءِ به هو پنهنجن عقيدن سان سچا ۽ وفادار هئا.

اپريل جي جهڙيالي ۽ ميرانجهڙي شام هئي. آسمان تي پرينءَ جي زلفن جهڙا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. هوا ۾ ڇڻيل پنن، تازن گونچن ۽ مينهن ڦڙن ۾ مهڪندڙ مٽيءَ جي هٻڪار هئي. اهڙن ڀنل، هٻڪاريل ۽ جهڙالي سانجهين ۾ روح جي افق تي ڪنهن ياد جي انڊلٺ کڙندي آهي، ڪنهن چاهت جو چنڊ اُڀرندو آهي ۽ ڪي جيءَ ۾ جهڙياليون لائي ڏيندڙ ميگهه ملهار پرين ياد پوندا آهن... سارنگ جو ته ڪو پرين نه هو. نه جيءَ ۾ جهڙياليون هيون، نه چاهت جو چنڊ هو، نه ياد جي انڊلٺ هئي. هلڪو هلڪو غم هو. جيڪو اندر ئي اندر دکندو ٿي رهيو ۽ اڄ هن جهڙيالي سانجهي ۽ هنن مينهن ڦڙن سندس غم کي وڌائي ڇڏيو. هو ڪمري جي دريءَ جي ڀرسان ڪرسي رکي ويٺو ۽ سگريٽ دُکائي دريءَ جي لوهي سيخن کان ٻاهر نهارڻ لڳو. آسمان تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن ۾ هنکي سنڌوءَ جي صورت نظر آئي، ٻن وڏن، چيرون ۽ ڦٽرن اکين ڳورا ڇپر کڻي هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ جهڙ جي تهن ۾ محلول ٿي ويون. وري هن جي اکين جي اڳيان سڪينه جو چهرو اُڀريو. پگهريل سون جهڙو رنگ، چيلهه جيڏا چوٽا، جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ هن جي دل ۾ سرور جي هلڪي لهر اُڀري، جذبن جو جلترنگ وڳو ۽ پوءِ هر طرف سانت ڇانئجي وئي. ساڳي اُداسي، ساڳي تنهائي. هاڻي هن کي پنهنجو خواب ياد پيو. اڻ ڏٺل پرين جا پور سندس روح کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا.اهو ڪهڙو پرين هو، جنهن جي ياد ۾ هن جي ساري هستي، سارو وجود سگريٽ وانگر دکندو ٿي رهيو، اوچتو هن جي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو. هن کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. سامهون موهن بيٺو مرڪي رهيو هو.

”ڪهڙن پورن ۾ آهين. هل ته سنڌوءَ جي گهر هلون. سنڌوءَ اڄ هڪڙي انگريز جرنلسٽ ڇوڪريءَ کي دعوت ڏني آهي. توکي ۽ مونکي به سڏايو اٿئين.“

سارنگ يڪدم تيار ٿيو ۽ هو ٻئي سنڌوءَ جي گهر  ڏانهن روانا ٿيا.

سنڌو ۽ رجني لانَ ۾ ڪرسيون وڇائي ويٺيون هيون. هنن جي ڀر ۾ اها انگريز ڇوڪري به ويٺي هئي. سنڌوءَ سندن تعارف ڪرايو. هن جو نالو مارگريٽ هو. هندستان گهمڻ آئي هئي ۽ هندستان جي آزاديءَ جي جدوجهد تي ڪتاب ٿي لکيائين. سارو هندستان گهمي هينئر سنڌ گهمڻ آئي هئي. سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي ۽ ريتن رسمن مان ايتري ته متاثر ٿي هئي، جو سنڌ تي هڪڙو جدا ڪتاب لکڻ ٿي چاهيائين.

”اوهان کي به اسان سنڌين جي سادگي ۽ مهمان نوازي ڏاڍي پسند آئي هوندي؟“ موهن مشڪندي پڇيو.

”ها، مون کي سنڌين جي سادگي ۽ مهمان نوازي ڏاڍي پسند آئي.“

”اسان سنڌين کي ان سادگي ۽ مهمان نوازيءَ ئي ماريو آهي. اسان جي اڱڻ تي آيل مهمان جي مَنَ ۾ ته مندي هوندي آهي، پر اسان هن کي کلي کيڪاريندا آهيون.“

”شروع ۾ اسان به اوهان وٽ مهمان ٿي آيا هئاسين. اوهان اسان کي به کلي کيڪاريو ۽ موٽ ۾ اسان اوهان کي غلاميءَ جا زنجير ڏنا.“

موهن ۽ مارگريٽ ڳالهائي رهيا هئا ۽ سارنگ مارگريٽ  کي غور سان ڏسي رهيو هو. هن کي مارگريٽ جا مهانڊا سونهان ٿي لڳا. ڄڻ هن پهرين به مار گريٽ کي ڏٺو هو. پر الائجي ڪٿي. اوچتو سارنگ کي ياد اچي ويو ته هن مارگريٽ کي ڪٿي ڏٺو هو. يڪدم چيائين.

”مان تهان کي پهرين به ڏٺو آهي.“

”مون کي؟“ مارگريٽ حيرت مان پڇيو. ”ڪٿي؟“

”جنهن ريل ۾ مان ڪراچيءَ آيو هوس، ان ريل مان تهان به لٿا هيا. تهان سان گڏ تهان جو پيءُ ماءُ هيا.“

”منهنجا پيءُ ماءُ ته لنڊن ۾ آهن. اها انگريز فيملي منهنجي دوست آهي. هو مونکي مُهن جو دڙو گهمائڻ وٺي ويا هئا.“

”مُهن جي دڙي جي باري ۾ اوهان جو ڇا رايو آهي؟“ رجنيءَ پڇيو.

”مُهن جو دڙو هڪڙي عظيم قوم جي عظيم تهذيب جو تهذيبي دستاويز آهي. اسان يورپين کي پنهنجي تهذيب تي فخر آهي. پر ڏٺو وڃي ته يورپ جا وحشي قبيلا جڏهن اڃا حيواني سطح تي زندگي گذاري رهيا هئا، تڏهن سنڌين جي تهذيب بلندين تي پهچي وئي هئي.“

”تهان جڏهن ڪراچي جي اسٽيشن تي لٿا هئا، تڏهن تهان هڪڙي ملنگ جو فوٽو به ڪڍيو هو.“

”ها، مون کي ياد آهي.“

”تڏهن مان سوچيو هو، ته تهان انگلينڊ وڃي هندستان جي باري ۾ لکندؤ. ان ڪتاب ۾ ان ملنگ جو فوٽو ڏيندؤ ته هندستان نهرو نه آهي، جناح نه آهي. پر هندستان هي اڌ اگهاڙو چرسي ملنگ آهي. هن هندستان کي آزادي نه پر تهذيب گهرجي ۽ انگريز هڪڙي هندستان کي آزادي ڏيئي انسانيت ۽ انساني تهذيب سان مذاق ڪندا.“

”اوهان مون کي غلط سمجهيو. مان هندستان جي جوڳين ۽ ملنگن جي باري ۾ ڪتاب لکڻ نٿي چاهيان. مان ته هندستان جي ان نئين نسل جي باري ۾ لکڻ ٿي چاهيان، جيڪو سوچي ٿو ۽ جيڪو هندستان جو ضمير آهي.“

”اوهان جي خيال ۾ هندستان جو پڙهيل لکيل طبقو، جنهن کي اوهان هندستان جو ضمير ٿا سڏيو. سو ڇا ٿو گهُري.“ سنڌوءَ پڇيو.

”جيڪو هڪ غيرتمند قوم جو غيرتمند نسل گهرندو آهي. يعني آزادي“، مار گريٽ چيو.

”هندستان جو ضمير فقط آزادي نٿو گهري، پر انقلاب ٿو گهري. رڳي آزادي ته ڪانگريسي ۽ ليگي ٿا گهرن، ته جيئن انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اهي ”ڪارا انگريز“ انگريزن جي ٺاهيل ڦر لٽ واري سرشتي سان عوام کي ڦري ۽ لٽي سگهن“، موهن چيو.

”مسٽر سارنگ، اوهين مسلمان آهيو، اوهان جو پاڪستان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ مارگريٽ چيو.

”مان پاڪستان جو زبردست حامي آهيان.“ سارنگ وراڻيو.

”ڇا اوهين ليگي آهيو؟“ مار گريٽ پڇيو.

”نه مان ليگي نه آهيان، پر تاريخ جو شاگرد آهيان ۽ اهو تاريخ جو فيصلو آهي، ته هندستان جو ورهاڱو ٿئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي.

”اوهين به ان نظرئي جا حامي آهيو، ته هندو ۽ مسلمان ٻه جدا جدا قومون آهن، جن کي رهڻ لاءِ ٻه هندستان يعني هڪ هندستان ۽ ٻيو پاڪستان گهرجي؟“ مار گريٽ پڇيو.

”ها، منهنجي خيال ۾ هندو ۽ مسلمان فقط ٻن جدا جدا عقيدن جا پوئلڳ نه آهن، پر ٻه جدا جدا قومون آهن.

”اوهان جي ته ساڳي ڌرتي آهي، ساڳي تاريخ آهي، ساڳي تهذيب ۽  ثقافت آهي، پوءِ اوهين ڪيئن ٻه جدا جدا قومون آهيو؟“ مار گريٽ پڇيو.

”تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان هندو ۽ مسلمان به جدا جدا قومون آهن. اسان هندستان کي ڇڏي سنڌ جو مثال ٿا وٺون، جو سنڌ ئي اهو صوبو آهي، جاتي پهرين پهرين مسلمان آيا ۽ سنڌ ئي اها جاءِ آهي، جاتي سڀ کان پهرين اسلامي عقيدن کي مقامي رنگ ۾ رڱي، هندو ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جو سڀ کان وڏو مثال اسماعيلي تحريڪ آهي. ان تحريڪ جي اوائلي داعي پير نور الدين کي ست گر نور به سڏيو ويندو هو. هن ”دس اوتار“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي مسلماني عقيدن کي هندو ديوتائن جي تمثيلن ۾ پيش ڪيو. اسماعيلي تحريڪ سنڌ ۾ زور ورتو ۽ سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو، عربي ۽ سنڌي تهذيب ۽ عقيدن پاڻ ۾ ملي هڪ نئين تهذيب کي جنم ڏنو، تنهن کان پوءِ سنڌ جي صوفين مذهب جي سڀني ويڇن کي ريٽي ۽ ميٽي، هندو ۽ مسلمانن کي هڪ سطح تي آڻي بيهاريو. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌ ۾ سنڌي. مسلمانن جي تاريخ جو آغاز محمد بن قاسم جي فتح سان ٿئي ٿو ۽ هندن لاءِ غلاميءَ جي دؤر جي شروعات ٿئي ٿي ۽ هندو پنهنجا تاريخي رشتا ناتا سنڌ جي تاريخي ڪردارن جهڙو دودي درياه خان ۽ هوشو شيدي سان ڳنڍڻ جي بدران پرٿويراج، راڻي پرتاب سنگهه ۽ شيو اجيءَ سان ٿا ڳنڍين.

”ثقافتي لحاظ کان به سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ ويڇا ۽ فاصلا آهن. ثقافت ڪنهن به قوم جي گڏيل شخصيت جو اظهار آهي، جنهن مان ان قوم جو مخصوص مزاج پيو جهلڪندو آهي. سنڌ جي رلي، کيس، اجرڪ، سوسي، ڇر ۽ ٻيون استعمال جون شيون جن کي مان مادي ثقافتي (Material Culture) سڏيان ٿو، تن مان سنڌين جي روح جا رنگ پيا جرڪندا آهن، پر سنڌي هندو انهن شين کي استعمال نه ڪندو آهي، جو هن جي خيال ۾ اهو مسلماني ڪلچر آهي. هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي گهُرَ جو سبب اهي تاريخي ۽ ثقافتي ويڇا نه آهن، پر هندن ۽ مسلمانن جي معاشي ڇڪتاڻ آهي. هندو هر سطح تي مسلمان جي معاشي ناڪه بندي ڪئي آهي ۽ مسلمان پنهنجو پاڻ کي معاشي طرح سان غير محفوظ ٿو سمجهي. جڏهن نيپيئر سنڌ فتح ڪئي ۽ حڪومت جون نئون سرشتو قائم ڪري نائونمل جي مدد سان جيڪي به مختيارڪار ۽ ڪامورا مقرر ڪيا، سي سڀ هندو هئا. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هندو نوڪرين جي معاملي ۾ مسلمانن جي ناڪه بندي ڪندو ٿو رهي. ايتريقدر جو ڪسٽمز جي هڪڙي وڏي هندو عملدار ريٽائر ٿيڻ مهل چيو ته: مون ڪسٽمز ۾ ايترا ته هندو ڀري ڇڏيا آهن، جو سالن تائين ڪو مسلمان ان کاتي ۾ پير پائي نه سگهندو. واپار ۾ به هندو مسلمان کي اڳتي وڌڻ نه  ٿو ڏي ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪٿي به اوهان سنڌي مسلمان جو دوڪان نه ڏسندؤ. ٻهراڙيءَ ۾ وري هندو واڻيون آهي، جيڪو مسلمان ڳوٺاڻي کي معاشي ناسور آهي. هو مسلمان ڳوٺاڻي کي ڳاٽي ڀڳي وياج تي قرض ٿو ڏي. هن جي زمين گروي ٿو رکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي جهالت مان فائدو وٺي گرويءَ جي بهاني وڪري جي دستاويز تي آڱوٺو هڻائي ۽ ساڳي وقت هن کان وياج به وٺندو ٿو رهي. اسان جي ڳوٺ جو زميندار هندو آهي. هن جي هڪڙي هاريءَ پنهنجي پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. زميندار کي خبر پئي ته هاريءَ کي سڏائي چيائين، ”اڙي پٽ کي پڙهائي ڇا ڪندين. مينهن وٺي ٿو ڏيانءِ، پٽ کي ڏي ته چاري.“

”مطلب ته هر سطح تي هندوءَ مسلمان جي معاشي ناڪه بندي ڪئي آهي ۽ مسلمان ان معاشي ناڪه بنديءَ کي ٽوڙڻ ٿو  چاهي، ان لاءِ ئي هو پاڪستان جي گهر ٿو ڪري.“

”هندن جي ان رويي جو سبب ڇا آهي؟“ مار گريٽ پڇيو.

”مان تاريخ جو شاگرد آهيان، ۽ هر شيءِ کي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏسندو آهيان. منهنجي خيال ۾ هندن جي ان رويي جو سبب اهو آهي، جو هندو مسلمانن جي دؤر حڪومت کي پنهنجي غلاميءَ جو دور سمجهندو رهيو آهي. مان مڃان ٿو ته مسلمان بادشاهن مذهبي تنگ نظريءَ جي ڪري هندن سان زيادتيون ۽ ظلم ڪيا هوندا، هينئر هندو انهن زيادتين، ظلمن ۽ غلاميءَ جو بدلو ٿا وٺن. اکنڊ ڀارت ۽ پاڪستان جو جهڳڙو ٻن ڦورن جو جهڳڙو آهي. ڪمزور ڦورو طاقتور ڦوروءَ کان الڳ رهڻ ٿو چاهي، ته جيئن هو پنهنجي عوام کي چڱيءَ طرح ڦري ۽ لٽي سگهي. باقي رمون ۽ پريمي کي نه اکنڊ ڀارت سان دلچسپي آهي ۽ نه پاڪستان سان. هو نه آزادي ٿا گهرن ۽ نه هندستان ۽ پاڪستان ٿا گهرن هو فقط جيئڻ جو حق ٿا گهرن. هاڻي هندستان ۽ پاڪستان جي بحث کي ڇڏيو. اچو ته سنڌوءَ کان شاه سائينءَ جي ڪافي ٻڌون.“

پهرين ته سنڌوءَ نٽايو، پر پوءِ سڀني جي چوڻ تي اندران ستار کڻي آئي. ستار جون تندون ٺيڪ ڪري هن هلڪي کنگهڪار سان نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ ستار جي تندن کي ڇهيائين. سانت جي سيني ۾ سُرن جا ٽانڊاڻا ٽمڪي پيا ۽ پوءِ سُرن جون لاٽون نڪرڻ لڳيون. سنڌوءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ آلاپ ڏيئي ڏوهيڙو ڏنائين:

”ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙا نيڻون نه لهي،

جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملار،

کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سنڌا ڪري.“

سارنگ کي ائين لڳو، ڄڻ سنڌوءَ جي نڙيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽي پيا آهن ۽ هر طرف نور ئي نور پکڙجي ويو آهي.  ڏوهيڙو پورو ڪري، هن ستار کي ڇيڙيو. ستار جي تارن مان ڄڻ مينهن ڦڙيون وسڻ لڳيون. سنڌوءَ ڪافي شروع ڪئي:

”آئي مند ملار، آءٌ کهنبا ڪنديس ڪپڙا.

آئي مند ملار.“

سنڌوءَ جو آواز فضا ۾ ترڻ لڳو، جيئن هنج نيري پاڻيءَ ۾ ترندو آهي، نور جي ڌارا هئي، جيڪا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي هئي. هر طرف ”ڪُن“ جا پڙلاءَ هئا، ڄڻ ڪائنات نئين سر تخليق ٿي رهي هئي، جنهن کي ڪو ڏک ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو. جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون، ميگهه ملهار جهڙا سپرين، کهنبا ڪپڙا پائي، اکيون کڻي کليا هئا ۽ ڌرتي تان سڀئي ڏک ڌوپجي ويا هئا. مينڍو مينهن پسايو هو، ڀنڀا وار ڀڳا هئا آلا ڪڪر، ڀنڙس ڀنڀا وار... سنڌوءَ جو آواز بند ٿي ويو ۽ نئين تخليق ٿيل ڪائنات وٽڙي وئي. سارنگ ڏٺو ته هو ڌرتيءَ تي هو ۽ هن جي سامهون سنڌو ويٺي هئي ۽ سڀئي هن جي راڳ جي تعريف ڪري رهيا هئا ۽ هو اکيون سنڌوءَ ۾ کپائي پنڊ پهڻ ٿيو ويٺو هو. معمولي مهانڊن واري سنڌو اک ڇنڀ ۾ ڪيتري نه حسين ٿي پئي هئي، ڄڻ سائينءَ جي سارنگ جا سُر هن جي سرير ۾ سمائجي ويا هئا.

”اوهان کي منهنجي ڪافي نه وڻي ڇا؟“ سنڌوءَ سارنگ کان پڇيو.

”جي...“، سارنگ ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. ”جي... ڏاڍي وڻي.“ لفظ هن جي زبان مان اٽڪي ٿي نڪتا. سنڌو سارنگ جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي.

”سڀاڻي هلو ته مياڻيءَ هلون.“ سنڌوءَ موهن کي چيو. ”مار گريٽ مياڻي ڏسڻ ٿي چاهي. مياڻيءَ جي جنگ سان مار گريٽ جي خاندان جو هڪڙو ڏکوئيندڙ داستان وابسته آهي.“

”ڪهڙو داستان؟“ موهن پڇيو.

”اسان جي خاندان ۾ هڪڙي مار گريٽ هئي، هن جو اصل نالو ته ٻيو هو، پر پوءِ هن پنهنجو نالو مار گريٽ رکرايو هو. هن جو مڱيندو مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو هو. هن جو نالو فلپ هو. هو شاعر هو. هن شاهه لطيف جا بيت انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا. وڏو امن پسند هو. مرڻ کان پوءِ هن جي کيسي مان خط نڪتو، جيڪو هن پنهنجي مڱينديءَ کي لکيو هو. ان خط ۾ هن جنگ کي ننديو هو. نيپيئر کي ننديو هو ۽ پوءِ به بندوق کڻي بهادر سپاهيءَ وانگر وڙهي شهيد ٿيو هو. مار گريٽ ساري عمر شادي نه ڪئي ۽ ساري حياتي پنهنجي شاعر ۽ شهيد مڱيندي جي ياد ۾ گذاري ڇڏيائين.“

”هر هڪ جنگ سان لٽيل سهاڳن، اُجڙيل جهولين ۽ لڇيل لولين جا داستان وابسته آهن. مياڻيءَ ۾ به ڪو ماڻڪ، ڪو سارنگ شهيد ٿيو هوندو ۽ ڪنهن سنڌوءَ ڏهاڳ ڏٺو هوندو. فلپ جي شهادت ۽ مارگريٽ جي ڏهاڳ جو ٻڌي مار گريٽ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. سنڌوءَ يڪدم پڇيو، ”ڇا ٿيو، اوهان اداس ڇو ٿي ويا.“

”ڪجهه نه آهي،“ مار گريٽ مرڪڻ لڳي. پر هن جي مرڪ مان به لڙڪ ليئا پائڻ لڳا. هن يڪدم موضوع مٽائي ٻي ڳالهه شروع ڪئي ۽ ڳالهين جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. وقت جي خبر ئي نه پئي. رات جو دير سان هو اٿيا ۽ سارنگ هنن سان ٻئي ڏينهن مياڻي هلڻ جو پروگرام ٺاهي، هاسٽل موٽي آيو. کٽ تي ليٽيو ته هن کي سنڌو ياد پئي ۽ سنڌوءَ جي ڪافيءَ جا ٻول هن جي ڪَنن ۾ ٻُرڻ لڳا. سنڌوءَ جي نڙيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽا ۽ هر طرف نور ئي نور پکڙجي ويو. سندس آواز فضا ۾ ترڻ لڳو، جيئن هنج نيري پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. نور جي ڌارا فرش کان عرش ڏانهن  وهڻ لڳي. هر طرف کان ”ڪُن“ جا پڙلاءَ اچڻ لڳا ۽ ڪائنات نئين سر تخليق ٿيڻ لڳي جنهن ۾ ڪو ڏک، ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو، جيئن ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون ۽ کنوڻن جهڙا کلڪار هئا، سپرين کهنبا ڪپڙا پائي اکيون کڻي کليا هئا ۽ ڌرتيءَ تان سڀئي ڏک ڌوپجي ويا هئا. مينڍو مينهن پسايو هو، ڀنڀا وار ڀنا هئا. اهو پسيل مينڍو، ڀنڙل ڀنڀا وار، اهي کنوڻن جهڙ اکلڪار ۽ مُرڪ جي باک. اهي ئي هنجي اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جا اهڃاڻ هئا، ۽ ان ۾ پرينءَ جا پيرا هن سنڌو جي پيشانيءَ ۾ ڏٺا هئا. پهرين ڏينهن هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو.، ته سنڌوءَ جي سونهن هن کي صفا متاثر نه ڪيو هو، پر اڄ هن کي سنڌوءَ ۾ هڪ نئين سونهن نظر آئي هئي. ڪا سونهن اهڙي  ٿيندي آهي، جيڪا کنوڻ وانگر تجلا ڏيئي پنهنجو پاڻ پسائيندي آهي، پر ڪا سونهن اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا آهستي آهستي ٽڙندي آهي، جيئن مکڙي آهستي آهستي ٽڙي گل ٿيندي آهي، جنهن سونهن کي ڏسي ڪو وسريل خواب ۽ ڪواڻ ٻڌل نغمو ياد پوندو آهي. شايد هر انسان جي روح تي ڪو نقش چٽيل هوندو آهي، ڪو رنگ رچيل هوندو آهي ۽ ڪو پيو گونجندو آهي، ۽ ڪڏهين ڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسي پنهنجي ئي روح تي چٽيل نقش ياد پوندو آهي، رنگ ٽڙندا آهن ۽ گيت جا پڙلاءَ ايندا آهن. اڄ سارنگ کي سنڌوءَ ۾ پنهنجي ئي روح جا رنگ نظر آيا هئا. پنهنجي ئي اندر جي بهار جي بوءِ آئي هئي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.

صبح جو هو ڀنڀرڪي مهل ڪار تي حيدرآباد روانا ٿيا. شهر کان ٻاهر نڪتا، ته هن جي آڏو غريبن جي دلين جهڙا ڪشادا ۽ سندن حياتيءَ جهڙا ويران    ميدان پکڙجي ويا. ڪٿي ڪو ٻڪرار ڌڻ ڪاهيو ٿي آيو، ته ڪٿي وري ڪو ڳوٺاڻو ڍڳي  گاڏي هڪليندو ٿي آيو، ڪٿي ڪٿي رستي جي پاسي کان ڪو ڳوٺ هو. منهه، جهوپڙيون، ڪکاوان گهرڙا، مسيت، واڻئي جو هٽ، کوهه جنهن تي ڪاريون ڪوجهيون لُڪن ۾ لوساٽيل، اُهن ۾ ڪاراٽيل عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. هڪڙو ڳوٺاڻو ڪنواٽيءَ ۾ دلا لڙڪايو کنيو ٿي آيو. ڪارا، بدصورت، ميرا، گدلا ۽ اڌ اگهاڙا ٻار رانديون کيڏي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي کي گاريون ۽ بُجا ڏيئي رهيا هئا. اهي ٻار سنڌ جو آئيندو هئا. ڪارو، ڪوجهو، ميرو، گدلو آئيندو! ساري هندستان ۾ آزاديءَ جي جنگ جاري هئي. جلسا جلوس، پوليس جيل، لاٺي چارج، ٽيئر گيس. ڪنهن پاڪستان جا خواب ٿي ڏٺا، ڪنهن اکنڊ ڀارت جا، ته ڪنهن انقلاب جا. پر هنن ڳوٺاڻن وٽ ڪو خواب نه هو. نه رمونءَ وٽ ڪو خواب هو ۽ نه پريمي وٽ. هو صدين کان هڪ ئي نموني جي ٺهيل جڙيل ۽ سٽيل حياتي گذاري رهيا هئا. زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيا هئا هنن لاءِ ڪو ڏک نئون نه هو. ڪو ڏاڍ، ڪو ڏنڀ نئون نه هو. اِهي سور، اهي ڏاڍ ۽ ڏنڀ هنن جي وڏن به سٺا هئا ۽ هو به سهي رهيا هئا ۽ هنن جي چپن تي ڪا شڪايت ڪا ميار، ڪو ڏوراپو نه هو، پر هنن جي حياتي خود قدرت کي مِهڻو، ڏوراپو ۽ ميار هئي. پريمي جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا به هٽ واڻيان هئا ۽ رمون جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا به هاري ناري، ڪمي ڪاسبي هئا. بادشاهيون بدليون هيون، جنگوين جيٽيون هيون، پر هي تاريخ جي وهڪري کان پاسيرا بيٺا پوڙهيي ۾ پيڙهبا رهيا هئا. موهن چيو، ”مس مارگريٽ، سنڌ مُهن جو دڙو نه آهي. سنڌ ڪراچي جون چمڪندڙ ترڪندڙ سڙڪون ۽ عاليشان عمارتون نه آهي. سنڌ سنڌوءَ جي گهر جو لان نه آهي جتي ويهي موهن، سارنگ، سنڌو ۽ رجني بحث ڪن. پر سنڌ هي ڳوٺ آهي. هي ڪٻاٽيل، نهوڙيل ڳوٺاڻا، ڪاريون ڪوجهيون ۽ وقت کان اڳ پوڙهيون ٿيل عورتون آهن، جن جا بدن ته ڪنول جهڙا ڪئنرا آهن ۽ نه جن ۾ گلن واري هٻڪار آهي. پگهر هنن جو يوڊي ڪلون آهي. هندستان جي ساري جمالياتي شاعري هنن جي بدصورتيءَ تي ٺٺولي آهي. هي ڪارا ڪوجها اڌ اگهاڙا ٻارڙا جن لاءِ ڪو اسڪول ڪونهي، ڪا اسپتال ڪانهي. جن ۾ الائجي ڪيترا نِهرو آهن، الائجي ڪيترا جناح آهن، پر جيڪي وڏا ٿي حياتيءَ جا هَر ڪاهيندا. اهي سنڌ آهن. مان جڏهين ان سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ خوشيءَ لاءِ انقلاب جا خواب ڏسندو آهيان، تڏهين اسان جي ڪانگريسي ڪامريڊ شريمتي سنڌو چوندي آهي: ته سوشلسٽ سماج ۾ انفرادي آزادي ڪانهي. سوشلسٽ سماج اهڙو گهُٽيل سماج آهي، جتي شاعرُ، ليکڪُ ۽ ڪلاڪار گهٽجي، ٻوساٽجي مري ٿو وڃي. مان پڇان ٿو ته ڇا انفرادي آزادي جو لفظ هنن بکين ڏکين، انگ اُگهاڙن انسانن جي هشامن تي ٺٺولي نه آهي. ڇا انفرادي آزادي اهڙي ديوي آهي، جنهن تي اسين ڪروڙين انسان قربان ڪري ڇڏيون، ته جيئن اسان جا ليکڪ، شاعر ۽ ڪلاڪار انفرادي آزادي ماڻي سگهن.“

مڪليءَ وٽ هو ڪار تان لٿا. مار گريٽ مقبرن جا فوٽا ڪڍيا ۽ سارنگ هن کي هڪ هڪ مقبري جو تاريخي پس منظر ٻڌائيندو ويو. ٺٽي جي ڪمال ۽ زوال جو، خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جو داستان ٻڌايو. سنڌو حيرت ۾ ٻڌندي رهي. هن دنيا جي تاريخ پڙهي هئي، پر پنهنجي هن ننڍڙي ديس جي تاريخ نه پڙهي هئائين ۽ هن کي پهريون دفعو خبر پئي، ته هن ننڍڙي ديس جي پنهنجي الڳ تاريخ هئي. تاريخ جي هر دؤر ۾ سنڌ پنهنجي الڳ تاريخي حيثيت کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي هئي. ڪڏهن دهليءَ مان ۽ ڪڏهن قنڌار مان آيل ڪٽڪن سان جنگيون جوٽيندي رهي هئي. مياڻيءَ جي جنگ جي ڳالهه نڪتي ته مار گريٽ  چيو، ”مون نيپيئر جي ڀاءُ وليم نيپيئر جو ڪتاب ”سنڌ جي فتح“ پڙهيو آهي. ان ڪتاب ۾ هن پنهنجي ڀاءُ جي دليريءَ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. پر ڏٺو وڃي، ته نيپيئر جي فتح سندس دليريءَ جي فتح نه هئي، پر نون هٿيارن جي فتح هئي. بارود، بمن ۽ توبن جي، تلوار ۽ توڙيدار بندوق تي فتح هئي. شايد سنڌين کي خبر هئي ته هو هار کائيندا، پر پوءِ به هو مرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا. زندگي ڏاڍي پرڪشش آهي ۽ موت ڏاڍو هيبتناڪ آهي. پوءِ انسان ۾ آخر اهو ڪهڙو جذبو آهي، جنهنجي هٿان مجبور ٿي، هو زندگيءَ جي ساري حسن کان منهن موڙي موت کي ڳراٺڙي ٿو پائي.“

”اهو جذبو ئي انساني عظمت جو منارو آهي. اهو جذبو دودو آهي. دريا خان آهي. هوشو آهي ۽ شهيدن جو اهو قافلو آهي، جيڪو ازل کان تاريخ ۾ روان دوان آهي. اهو جذبو جڏهن مزور جي دل ۾ ٿو جاڳي، ته روس جو انقلاب ٿو اچي، هندستانيءَ جي دل ۾ ٿو جاڳي ته آزاديءَ جو اُمنگُ ٿو بڻجي. منهنجي خيال ۾ مياڻيءَ جي جنگ هندستان جي پهرين جنگ آهي، جيڪا ڪنهن بادشاهه يا سپهه سالار جي حڪم سان نه، پر جذبي جي حڪم سان لڙي وئي. انوقت جي حاڪم نٿي چاهيو ته جنگ ٿئي، پر عوام جو سيلاب اُٿلي پيو، جنهنکي وقت جو حاڪم به روڪي نه سگهيو. اڄ جو عوام به جڏهن اٿل کائيندو، تڏهن انقلاب ايندو ۽ اهو انقلاب اسان جي دؤر جي مياڻيءَ جي جنگ هوندو، جنهنکي روڪڻ لاءِ وقت جا حاڪم پيا پاڻ پتوڙيندا، دشمن جون توپون پيون گجنديون ۽ عوام پيو وڌندو. اها مياڻي اُها هوندي، جنهن ۾ عوام جو جذبو بمن، بندوقن ۽ توپن تي به فتحياب ٿيندو.

هينئر پريان کان حيدرآباد جا منگهه ٿي نظر آيا. سارنگ، سنڌو ۽ چمپا پهريون دفعو حيدرآباد آيا هئا. هنن کي حيدرآباد ڏاڍي وڻي. منگهه ۽ ماڙيون، لاهيون ۽ چاڙهيون. تلڪ چاڙهي ۽ هير آباد! جتي هيرن ۾ هٻڪار هئي ۽ عامل ڇوڪريون کنوڻن وانگر کلڪارون ڪنديون خوشبويون وِرکائينديون ٿي ٽليون. پوءِ هو مياڻيءَ ويا ۽ مياڻيءَ جي بنگلي ۾ وڃي لٿا. بنگلو پر سڪون هو. وڏا، گهاٽا ۽ ڊگها وڻ. هوا ۾ مڌ جي مستي. موهن لهڻ سان چيو، ”شريمتي سنڌو ديوي، هينئر پنهنجين هٿن سان چانهن جو ڪوپ ٺاهي پيار ته سارو ٿڪ لهي وڃي.“

”حاضر ڪامريڊ موهن داس عرف داس ڪيپيٽل“.

سڀيئي ٻاهر ٻاري ۾ ڇٻر تي ويهي چانهن پيئڻ لڳا. وڻن مان پيلا پن ٿي ڇڻيان ۽ نوان گونچ ٿي ڦٽا. نيري آسمان ۾ اڇا اڇا ڪڪر ترندا ٿي لنگهيا. فضا ۾ وائک هئي  بسنتي بوءِ رچيل هئي. سارنگ سنڌوءَ جي ڀرسان ويٺو هو ۽ هن کي سنڌوءَ جي قرب مان بهار جي بوءِ ٿي آئي. اها بوءِ جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهان ئي ايندي آهي. مار گريٽ چيو، ”وڻن مان پيلن پنن کي ڇڻندو  ڏسان ٿي ته مون کي شيلي جو نظم Ode to the west-wind ٿي ياد پوي ۽ ائين ٿو لڳيم ڄڻ شيلي اهو نظم هتي، هن ڇٻر تي ويهي لکيو هو.“

”مون کي چيخوف جي ڪهاڻين جو پس منظر ٿو ياد پوي، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄن چيخوف پنهنجيون ڪهاڻيون هنن وڻڻ جي هيٺان ويهي لکيون هيون، اسين سڀ هن جي ڪهاڻين جا ڪردار آهيون ۽ ڏکويل ۽ صدين کان ستايل انسان جي سُکن جا خواب ٿا ڏسون.“ سارنگ چيو.

”مون کي هنن ڇڻندڙ پنن مان خزان جي گيتن جا پڙلاءَ ٿا ٻڌڻ ۾ اچن ۽ ائين ٿو لڳيم، ڄڻ ساري ڪائنات گيڙو الفي پائي، يڪتارو ۽ چپڙيون وڄائي ڀڄن ڳائي رهي آهي.“

”مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ مان هن  ڌرتيءَ جي هنج ۾ پلي آهيان ۽ اوهان مان ئي آهيان. مان اوهان جي آڏو پنهنجي قوم جي ڪُڌن ڪرتوتن لاءِ شرمسار نه آهيان، ڇاڪاڻ جو مان به اوهان مان آهيان. هن ڌرتيءَ تي ڪوبه انگريز ڪونهي، ڪوبه هندستاني ڪونهي، فقط ظالم ۽ مظلوم آهي ۽ سڀئي مظلوم هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن، مظلوميت جي ناتي اسانکي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. هتي مياڻيءَ جي جنگ ۾ ڪو سارنگ مئو هوندو، ڪو موهن مئو هوند، ته ڪو فلپ به مئو هوندو. ڪنهن مار گريٽ به ڏهاڳ ڏٺو هوندو. اهي سڀ شهيد پاڻ ۾ ڀائر آهن. جيتوڻيڪ هو هڪ ٻئي جي گولين سان مئا آهن، ته به هو پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ دنيا جون سڀ مار گريٽون، سڀ ڏهاڳڻيون پاڻ ۾ ڀينر آهن،“ مار گريٽ چيو.

”مون کي گورڪيءَ جا لفظ ٿا ياد اچن ته ائين ٿو لڳي، ته جتي به وڃو، اُتي هر شخص اسان جو دوست ۽ رفيق آهي. سڀني جي دلين ۾ هڪ ئي شعلو روشن آهي. سڀ سٺا، همدرد ۽ کلڻا آهن. هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ ڳالهائڻ جي به ضرورت نه آهي. سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ واحد عظيم ڪورس بڻجي ٿا وڃن، جنهن ۾ هر هڪ دل پنهنجو گيت ٿي ڳائي ۽ سڀ گيت چشمن وانگر آهن، جيڪي هڪ ئي درياه ۾ وڃي پوندا آهن، ۽ درياه آزاديءَ سان وڌندو، پکڙجندو نئين زندگيءَ جي مسرتن واري سمنڊ ڏانهن روان آهي.“

پوءِ هو ڏيوري ڏسڻ ويا. سڀ خاموش ۽ اُداس هئا، ڄڻ هنن جي سامهون شهيدن جون بي ڪفن ميتون پيون هيون، جنجا ڏند ڏاڙهونءَ گل وانگر هئا، جسم سهاڳ جي مينديءَ جهڙا ڳاڙها هئا ۽ سندن سَنڌ سَنڌ تي زخمن جا گلاب ٽڙيل هئا. هي ان گمنام شهيد جي ميت هئي، جنهن سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهريون دفعو ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿاريو هو. هي سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ميتون هيون. هي حُرن جون ميتون هيون، جن ڦاهيءَ کي پڳ ڌڻيءَ جو ڳانو سمجهي ڳچيءَ ۾ پاتو هو. هي هيمون ڪالاڻيءَ جون هاٺيون هيون. ڳاڙهن گهوٽن جو قافلو هو، جيڪو ٽليون ۽ سنک وڄائيندو، مورا ڳائيندو اڳتي وڌندو ٿي ويو. اوچتو مار گريٽ اوڇنگار ڏني، سڀ حيران ٿي ويا. سنڌوءَ ۽ رجني اڳتي وڌي هن کي سهارو ڏنو ۽ هو سنڌوءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئڻ لڳي. شايد شهيدن جي ان قافلي ۾ هن کي پنهنجو پرين نظر آيو هو. شايد هر دؤر ۾ مار گريٽ کان پنهنجو پرين وڇڙندو آهي ۽ شايد هر دؤر ۾ وڇوڙي جي اها ساڳي ڪهاڻي دهرائي ويندي آهي. شايد هر دؤر جي مارگريٽ ۽ فلپ، سارنگ ۽ سنڌوءَ جي ساڳي ڪهاڻي آهي، جيڪا هر دؤر ۾ دهرائي ٿي وڃي. فقط نالا بدلبا آهن. سيٽنگ ۽ پس منظر بدلبو آهي. ڪاسٽيوزم ۽ ميڪ اپ بدلبو آهي، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. ساڳيو سارنگ، ساڳي سنڌو، ساڳيو ماڻڪ، ساڳي مار گريٽ ۽ ساڳيو فلپ. اڄ جي دور جو فلپ پائلٽ هو ۽ ٻي جنگ ۾ مارجي ويو هو ۽ اڄ شهيدن جي قافلي ۾ پنهنجي فلپ کي ڏسي مارگريٽ روئي رهي هئي.

شام جو دير سان هو ڪراچي روانا ٿيا. سڀ خاموش ۽ اُداس هئا.

سارنگ سنڌوءَ ڏانهن ڇڪبو ٿي ويو. بلڪل ائين، جيئن ڪو ٽٽل تارو لاٽَ ڪندو ٻئي تاري ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي. سنڌو ئي هن جي خواب جي منزل هئي. هنجي روح جو نغمو هئي ۽ هن جي احساس جو معراج هئي. سنڌو ئي هن جو اڻ ڏٺل، اڻ سونهون پرين هئي، جنهنجا پير کڻندو هو پنهنجي خواب جي پيچري تي وڌندو ٿي ويو ۽ هينئر هن پنهنجي پرينءَ کي آمهون سامهون ڏٺو هو ۽ هن جي دل چوندي هئي ته هو هر وقت سنڌوءَ کي ڏسندو رهي. سنڌوءَ جو آواز ٻڌندو رهي، جنهن مان نور جا ڪرڻا ڦٽندا هئا ۽ شاه سائين جي سر سارنگ جا پڙلاءَ ايندا هئا. رکي رکي سنڌو ٽهڪڙو ڏيندي ۽ سارنگ کي ائين لڳندو، ڄڻ ساري سنڌ کلڪار ڪري کلي پئي آهي. ڄڻ سنڌ جا ٿر ۽ بر پيا کلن. ان کل ۾ ستارا ٿا جڳ مڳ ڪن، ٽيڙو ٿا ٽمڪن، ڪتيون ٿيون ڪر موڙين. سنڌوءَ سان ساڻ هوندو، ته هن کي ائين محسوس ٿيندو، ڄڻ هن جو وجود پگهرندو ٿو وڃي ۽ هن جي ساري هستي سنڌوءَ جي هستيءَ ۾ جذب ٿيندي ٿي وڃي. سنڌوءَ سان پيار ڪري هن پنهنجو پاڻ سان پيار ڪيو هو. سنڌوءَ کي پوڄي هن پنهنجو پاڻ کي پوڄيو هو. اها وحدانيت هئي. ان الحق جي صدا هئي ۽ ڪنهن به دوئيءَ جي بوءِ ڪانه هئي. سنڌو به هن ڏانهن آهستي آهستي ڇڪبي ٿي آئي.  هو هن جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. هن جي ڪهاڻين جي تعريف ڪندي، ٻيو ڪو گيت ڳائڻ لاءِ چوندس ته نٽائي ڇڏيندي، پر سارنگ چوندس ته يڪدم ستار کڻي گيت شروع ڪندي. موهن سان بحث ٿيندو ته هميشه سارنگ جو پاسو کڻندي. سارنگ ته ڪڏهن به هن سان پنهنجو اندر نه اوريو هو. پر پوءِ به ٻنهي هڪ ٻئي جي اندر جو آواز ٻڌي ورتو هو. هڪ ٻئي جي روح جو سڏ ٻڌي ورتو هو. سارنگ جي روح پنهنجي  پيار جا گل سنڌوءَ جي قدمن ۾ رکيا هئا ۽ سنڌو اهي گل کڻي اکين تي رکيا هئا. سنڌوءَ سان پهرن جا پهر ويهي ڳالهيون ڪندي ۽ هاسٽل ۾ موٽي ايندو ته وري تنَ ۾ سنڌوءَ جي اهڙي تؤنس جاڳندس جو آرام ئي نه ايندس.

هڪڙي ڏينهن موهن رٿَ ڏني ته تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجي هفتيوار اخبار ڪڍجي. رٿ ته سٺي هئي، پر پئسن جو مسئلو هو. سنڌوءَ صلاح ڏني ته ڊرامو اسٽيج ڪجي. در در تي وڃي چندو گڏ ڪجي ۽ ائين پئسا گڏ ڪري اخبار ڪڍجي. سڀني کي اها صلاح وڻي. سنڌوءَ سارنگ کي چيو ته ڊرامو لک. پر ڊارمو ڪنهن شهيد جو هجي، جيڪو انياءَ سان اٽڪيو هجي. سارنگ سومرن جي دور ۾ الادين ۽ دودي جي جنگ جي پس منظر ۾ ڊرامو لکيو. موهن ۽ سنڌوءَ کي پڙهي ٻڌايائين. سنڌوءَ کي ڏاڍو وڻيو. پر موهن کي صفا نه وڻيو. موهن چيو، ”اڄ جي دور جو شاعر ۽ ليکڪ اهو ڀانَ نه آهي، جيڪو بادشاهن جي مهما ڳائي ۽ نه هي دور بادشاهن جي مهما جو دور آهي. هي دور عوام جي عظمت جو دور آهي ۽ اچو ته بادشاهن جي بدران عوام جا اڻ وڻندڙ، ڪِنا ۽ ڪوجها ڊراما لکون. هنن جي ڏکن ۽ سورن سهڻ جي قوت جي مهما ڳايون.“

”مان سمجهان ٿي ته سارنگ جو دودو اُن دور جو سلطان نه آهي، پر اسان جي دور جو موهن آهي، سارنگ آهي ۽ هر اهو انسان آهي، جيڪو انياءَ سان اٽڪڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي ٿو ۽ جيڪو بادشاهي لباس پائي، شاهي محلاتن جي پس منظر ۾ بيهي اسان کي اسان جي ئي دور جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ٻاگهي شهزادي نه آ هي، پر آزادي آهي. سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو ست آهي، جنهن لاءِ هو سر وڍائي ٿو.“

گهڻي بحث مباحثي کان پو ءِ ڊرامو پسند ڪيو ويو ۽ ڊرامي کي اسٽيج ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون. ٽڪيٽون ڇپائي در در وڪياؤن. چندا گڏ ڪياؤن ۽ پوءِ ريهرسلز شروع ٿيون. آخر ڊرامي اسٽيج ٿيڻ جو ڏينهن به اچي ويو.

هلڪي هلڪي موسيقي ۽ تاڙين جي شور سان پڙدو کڄيو. سڀئي اداڪار هٿن ۾ گلن جون پنکڙيون جهلي اسٽيج جي آڳر وٽ بيٺا. ساري اسٽيج تي هلڪي هلڪي روشني، ڌوپ ۽ اگر جو خوشبودار دونهون ڇانيل هو. سڀني اداڪارن سلامي ڳائڻ شروع ڪئي ۽ گلن جون پنکڙيون هال ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اڇلائڻ لڳا. سلامي پوري ٿي. ٻيو پڙدو کڄيو. سامهون روپاه ماڙيءَ جو سيٽ لڳل هو. سنڌو ٻاگهيءَ جي روپ ۾ شاهاڻي انداز سان وکون کڻندي اسٽيج تي آئي. هال ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو خاموش هئا، ڄڻ هنن جا جسم هتي هئا ۽ سندن روح وقت جون سرحدون اورانگهي سومرن واري سنڌ جي سونهن ۾ اٽڪيا هئا، سارنگ سڀني جي پٺيان هڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺو سگريٽ پي رهيو هو. سنڌوءَ کي ٻاگهيءَ جي روپ ۾ ڏسي هن کي ائين لڳو ڄڻ سنڌ جي ساري سونهن سميٽجي انساني صورت اختيار ڪري وئي آهي. ڄڻ ٻاگهيءَ جو روح تاريخ جي تاريڪين ۾ ڀٽڪندو اڄ اسٽيج تي اچي بيٺو هو ۽ هن دور جي دودي کي ڳولهي رهيو هو. هينئر موهن دودي جي روپ ۾ داخل ٿيو. ڪوئل، ننگر، منگر سڀ هڪ هڪ ٿي ايندا ويا ۽ پوءِ ڌارئي جي ٻاگهيءَ ڏانهن اک کڄي،دودو ، ننگر ۽ منگر ميدان ۾ ٽپي پيا.

هينئر جنگ جي ميدان مان آيل ڦٽيل سپاهي ننگر جو موت بيان ڪري رهيو هو. هينئر ٻيو سپاهي دودي جو موت بيان ڪري رهيو هو. سڀئي هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا ويا، بتيون هڪ هڪ ٿي وسامنديون ويون. روپاه ماڙي ڏهاڳڻ جي سينڌ وانگر اُجڙي وئي. ڪوئل ۽ ٻاگهي ٻئي اڪيليون بيٺيون هيون. ڊنل، هراسيل ۽ ڏکويل. هنن ڏانهن ڪير اک کڻندو جو اڃان ابڙو سمون جيئرو هو. مهت ابڙو جيئرو هو. سنڌ جو ٻچو ٻچو جيئرو هو. پوءِ سنڌ جي نياڻن ۽ ننگن ڏانهن ڪير اک کڻندو.

ڊرامو ختم ٿي چڪو هو. ماڻهو وڃي چڪا هئا ۽ ڪرسيون خالي پيون هيون. سارنگ، سنڌو، موهن، رجني ۽ مار گريٽ پنج ئي اچي صوفن تي ويٺا. هنن جي پيرن ۾ گلن جون لتاڙيل پنکڙيون ۽ سگريٽن جا وساڻيل ٽوٽا پيا هئا. سامهون اسٽيج تي روپاه ماڙيءَ جو سيٽ لڳل هو ۽ در ۽ درين جا پڙدا هوا م جهولي رهيا هئا. ٿوري دير اڳ هي هال ماڻهن سان ڀريل هو ۽ اسٽيج تي هڪڙي دؤر کي دهرايو ويو هو. پر اهو دور پورو ٿيو. هال خالي ٿي ويو. شايد هر دؤر جو انجام ائين ئي ٿيندو آهي. خالي اسٽيج، تي ڇو ٿي ڀٽڪيا. شايد اسين به روح آهيون ۽ مُهن جي دڙي کان وٺي ڀٽڪندا ٿا وتون. هر دؤر ۾ پنهنجو ڊرامو دهرائيندا ٿا رهون. اسين سڀ ميڪ اپ ۾ آهيون. اسٽيج جون روشنيون ۽ ماڻهن جون نظرون اسان تي ڄميل آهن، اسان کي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻو آهي، پر اسان جو پارٽ ڪهڙو آهي. اسان جي ڊرامي جو انجام ڪهڙو آهي.

”سوراج  جو سورج.“

”ورهاڱو، نئين دٻار جو جنم، نئين ملڪ جو جنم، پاڪستان!

انقلاب، عظيم انقلاب. جڏهن اسان جي اُونداهي اڱڻ ۾ اُس جو تڙڪو ٿيندو. جڏهن هر طرف روشني هوندي، سونهن هوندي. جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ کي نه کائيندو، جڏهن زندگي ٺٺولي نه هوندي.

جڏهن جنگيون نه ٿينديون، جڏهين ماڻهو ماڻهوءَ کي گولين جي بدران گل ڏيندو. هٿيارن ٺاهڻ وارن ڪارخانن جي بدران اسڪول ۽ اسپتالون ٺهنديون. پوءِ ڪو فلپ نه مرندو ۽ ڪابه مار گريٽ ڏهاڳ نه ڏسندي.

اهو ته ايندڙ نسل ئي مسلن جو سپنو آهي. اسان جي ڏکويل سپنن جي تعبير ڪهڙي آهي، اسان جي الميي جو انجام ڇا آهي؟

اسان جي الميي جو انجام اهو آهي، ته اسان کي ڏک سهڻا آهن، جو اسين رات جا مسافر آهيون ۽ اسان جي منزل پِرهه آهي. اها پِرهه جيڪا پرينءَ جي پيشاني جهڙي روشن آهي، ماءُ جي اڇن وارن جهڙي پوتر آهي ۽ ڪنهن ننڊ ۾ مورڪندڙ ٻار جي مُرڪ جهڙي معصوم آهي.

”هاڻي هلندءُ يا آفيمين وانگر ويٺا پڻڪيون کائيندءُ.“ موهن چيو.

”ڪيڏانهن هلون؟“ سارنگ ڄڻ ننڊ مان جاڳندي پڇيو.

”پنهنجي پنهنجي گهر هلو،ن ٻيو ڪيڏانهن هلنداسين. مون کي مٿي ۾ سور آهي، مونکي گهر ڇڏي اچو، پوءِ اوهين ڀل ساري رات هتي ويٺا رهو.“

”چئبو ته منهنجو ڊرامو مٿي جو سور هو،“ سارنگ خوشدليءَ سان پڇيو.

”نه يار ائين نه آهي، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. ان ڪري مٿي ۾ سور آهي.“

هاڻي ڀلا اسانکي ته مٿي ۾ سور نه وجهه، سنڌوءَ به خوشدليءَ سان چيو، ”هل ته گهر ڇڏي اچانءِ.“

هو هال مان نڪري ڪار ۾ اچي ويٺا رستي تي مار گريٽ ڊرامي جي ۽  موهن، سنڌو ۽ رجنيءَ جي اداڪاريءَ جي تعريف ڪندي رهي. سڀ کان پهرين هنن موهن ۽ رجنيءَ کي سندن گهر تي ڇڏيو. پوءِ مارگريٽ کي ڇڏيائون. سنڌو ۽ سارنگ اڪيلا ٿيا ته سنڌوءَ پڇيو، ”توکي ته مٿي ۾ سور نه آهي نه.“

”نه. ڇو؟“

”هل ته ڪلفٽن جو چڪر هڻي اچون.“

ڪلفٽن تي ڪار پارڪ ڪري هو سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيٺا. چانڊوڪي رات هئي، هر طرف گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊوڪي پکڙيل هئي. سمنڊ جو لهرون جهانجهر وڄائينديون، ڇم ڇم ڪنديون، جهومريون وجهنديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون ۽ پوءِ ساڻيون ٿي موٽي ٿي ويون. ڪا لهر هنن جي پيرن تائين پهچي ٿي وئي ۽ سندن پيرن کي ڇُهي موٽي ٿي وئي. چانڊاڻ ۾ سمنڊ انساني دل جيان ٿي لڳو. بي انت ۽ بي چين. هر طرف سمنڊ جو شور هو ۽ هو ٻئي ڪناري تي بيٺي سمنڊ جو شور ٻڌي رهيا هئا، لهرن جي لوڇ ڏسي رهيا هئا. ڄڻ ٻئي ازل کان اتي بيٺا هئا ۽ وقت جو سمنڊ هنن جي اڳيان ڇوليون هڻي رهيو هو. ٻنهي جا روح زمانن کان هڪ ٻئي سان ملندا، وڇڙندا هڪٻئي کي ڳوليندا ٿي رهيا ۽ هاڻي ٻنهي هڪ ٻئي کي ڳولي لڌو هو. آسمان ۾ چنڊکڙيل هو ۽ سمنڊ جون لهرون جهومريون وجهنديون نچنديون ڪڏنديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون ۽ سندن پير ڇُهي موٽي ٿي ويون. وقت جي ڪا وير چڙهندي ۽ هنن ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيندي ۽ وري هو ڏينهن رات ۽ صبح شام جي گردش ۾ گردش ڪندا هڪ ٻئي لاءِ ڀٽڪندا رهندا. پر اهي ٻه چار گهڙيون، ٻه چار پَلَ جيڪي هنن کي مليا هئا سي ئي سندن  وڇوڙي جو ڦل هئا، سي ئي سندن تمنائن ۽ خوابن جو معراج هئا ۽ هاڻي هو زندگيءَ جي هر ڪنهن ڏک کي سکن جي انهن گهڙين جو ڏاج سمجهي سيني سان لائيندا. پر شايد هنن جي هستيءَ جي معراج جون اهي گهڙيون ڪڏهين نه گذرنديون. وقت ڄمي ويندو. اهي گهڙيون وقت جي هنيان ۾ کپي هميشه لاءِ بيهي رهنديون ۽ هو ائين ئي گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊوڪيءَ ۾ بيٺا هوندا.

گهميل ۽ ڀنل هوا جي تيز جهوٽن سان سنڌوءَ جا وار ٿي اُڏاڻا. هن هٿ سان پنهنجا وار ٺيڪ ڪيا ۽ ڪنڌ سارنگ جي ڪلهي تي رکي ڇڏيائين. سارنگ هٿ وڌائي هن کي ڪلهي کان جهليو. هن جو ڇهاءُ ڄڻ چانڊاڻ ۾ هٻڪار جو ڇهاءُ.

سنڌوءَ ڄڻ ننڊ ۾ ڳائيندي چيو، ”سارنگ، ڇا واقعي ورهاڱو ٿيندو؟“

”ها، ورهاڱو ضرور ٿيندو، اهو تاريخ جو فيصلو آهي. سارنگ جو خواب آهي.“

”تنهنجو خواب ته مونکان منهنجا سڀ خواب کسي ڇڏيندو. مون کان منهنجي سنڌڙي، منهنجا اباڻا ڪک، منهنجو شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ سارنگ کسي ڇڏيندو ۽ مان ديس ۾ هوندي به پرديسڻ ٿي پرائي ڌرتيءَ تي اجهي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي رهندس.“

”ورهاڱو ٿيندو. پر لڏ پلاڻ نه ٿيندي. توکان تنهنجي سنڌڙي نه کسبي.“

”وڏا فساد ٿيندا.ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. ڌرتي تپندي ۽ سنڌو جلاوطن ٿيندي.“

”جهوڪ، ڀٽ ۽ درازن واري ڌرتي ڪڏ هن نه تپندي. هن ڌرتيءَ تي سدا سارنگ رهندا.“

سنڌو ماٺ ٿي وئي ۽ سارنگ کي پنهنجي ڪلهن تي آلاڻ محسوس ٿي. هن ڪنڌ جهڪائي سنڌوءَ جي اکين ۾ نهاريو. هن جون اکيون ٻوٽيل هيون ۽ سندس ٻوٽيل اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. سارنگ بي اختيار ٿي هن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ سنڌو سارنگ جي سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آزاديءَ جو اعلان ٿيو. ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان جنم ورتو.

رات ڏاڍي اونداهي هئي ۽ ريل زوزاٽ ڪندي،دانهون ڪيڪون ڪندي، اونداهي رات جو سينو چيريندي ڊوڙندي ٿي وئي. سيڪنڊ ڪلاس جي گاڏي ۾ پيلن ۽ ميرن بلبلن جي بيمار ۽ ميري روشني ڏکڙيل هئي ۽ سنڌو، سارنگ، موهن، رجني، موهن جي ماءُ ۽ پيءُ خاموش ويٺا هئا. ڪنهن به ڪنهن سان نٿي ڳالهايو. ڄڻ هر هڪ کي اهو ڊپ هو ته جي ڪنهن هڪ اکر به ڳالهايو ته سندن سيني ۾ سمايل سور، آسن، نراسن ۽ لڙڪن جا بند ڀڄي پوندا. لڙڪن ۽ سڏڪن جو سيلاب اچي ويندو. ڄڻ هو سڀ سانت جي باروندي سُرنگ تي ويٺا هئا، آواز جي چوچڙيءَ سان اها سرنگ ڦاٽي پوندي ۽ سندن وجود ذريون ذريون ٿي ويندا. بلبن جي اداس، بيمار ۽ ميري روشنيءَ ۾ هنن جا چهرا پيلا، اداس ۽ بيمار ٿي لڳا. ڄڻ هنن مان ست ساه ڇڏائجي ويو هو. ڄن هو مڙدا هئا ۽ ڪفن ويڙهي پنهنجي پنهنجي تابوت ۾ ويٺا هئا، سنڌوءَ جي چهري تي ڪو تاثر نه هو، ڄڻ هن جاسڀ احساس مري چڪا هئا. هن جون تنتون ڇڪجي تاڻجي، ڇڄي پيون هيون. هوءَ جيئري جاڳندي ممي هئي ۽ پنهنجي بي نور اکين سان دريءَ کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ نهاري رهي هئي. رجنيءَ جي چهري تي ڊپ ۽ هراس هو. ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو هو. ڄڻ دريءَ کان ٻاهر واري اونداهيءَ ۾ موت ڇَپ هڻي ويٺو هو ۽ دريءَ جا شيشا ڀڃي اندر هليو ايندو. ڄڻ ان اونداهيءَ ۾ موت جا دئيت هنڀوڇيون هڻندا، ڏند ڪرٽيندا، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندا ٿي ويا. موهن جي ماءُ پيءُ جي چهرن تي سندن زندگيءَ جا سمورا ڏک، سمورا انديشا ۽ وسوسا مِڙي آيا هئا، سندن چهري جو هڪ هڪ گهنج سوال هو ته اڳتي ڇا ٿيندو. ڪهڙي اجنبي شهر ۾ سج اُڀرندو، ڪهڙي ۾ لهندو، ڪهڙي شهر ۾ کين پناه ملندي... موهن جي جي چهري تي اميد جي هلڪي هلڪي روشني ڇانيل هئي. قومون ائين ئي ڊهنديون ۽ ٺهنديون آهن. ديس جي ڌرتي تپندي آهي ۽ قومن جا قافلا اجهي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن. اڃان اهو وقت پري آهي، جڏهن ڪنهن به ديس جي ڌرتي نه تپندي، جڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ جون پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ مان پاڙون نه پٽبيون، جڏهن سدا سارنگ هوندا. اهو وقت ضرور اچڻو آهي.

موهن جي ماءُ پنهنجي گهر جي اڱڻ مان مٽي کنئين هئي ته هندُستان ۾ جيڪو گهر ملندو، تنهن جي اڱڻ جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي مٽي ملائيندس، ته جيئن پرائي ديس جي مٽيءَ مان پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي هٻڪار اچي. سنڌوءَ به سنڌ جي مٽي، پنهنجي گهر جي اڱڻ مان نم جي چڪي، گلاب ۽ رابيل جون چڪيون کنيون هيون، ته هندستان ۾  سنڌ جي نم ۽ گلاب ۽ رابيل جون چڪيون پوکيندس ۽ اها نم وڌي وڻ ٿيندي، جڏهن سنڌ جا گلاب ۽ رابيل ڦٽندا. آسمان ۾ بادل جهومندا، مينهن ڦڙيون پونديون، تڏهن نم جي ڇانوَ ۾ ويهي، گلاب ۽ رابيل جي هٻڪار ۾ شاه سائين جو سارنگ ڳائيندس.

ريل ڪوٽڙيءَ وٽان درياه ٽپڻ لڳي، ته موهن جي ماءُ ساڙيءَ جي پلوَ مان چانديءَ جا رپيا ۽ ڏُنگهي ڇوڙي، درياه ۾  اُڇلايا ۽ ڏاڍي آسيس مان چيائين:

”درياه شاه، ڏس ته ڪيئن ٿا گهريتڙا بي گهر ٿين، ديسي آديسي ٿين. پنهنجا پکا ۽ پنهوار توکي سونپي ٿي وڃان ۽ وصيت ڪيو ٿي وڃان ته منهنجون هاٺيون گنگا مائيءَ ۾ نه، تو ۾ لوڙهين. من مرڻ کان پوءِ مٽي اچي مٽيءَ سان ملي.“

رجنيءَ اوچتو اوڇنگار ڏني. موهن جو پيءُ به روئڻ لڳو. لڙڪن گاڏڙ آواز ۾ چيائين، ”موهن ماءُ، ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪري سڀني جو اندر ڳارين.“

”منهنجو اندر ٿو ڳري، توهان جو اندر نه ڳاريان. اباڻا ڪک ٿا وڇڙن، سنڌ ٿي وڇڙي.

صبح جو باک ڦٽيءَ مهل گاڏي کوکرا پار اسٽيشن تي بيٺي، سامان ۽ ڪاغذن جي چڪاس ڪرائي موهن ۽ سارنگ پليٽ فارم تي گهمڻ لڳا. ٻئي خاموش هئا، آخر موهن چيو، ”يار مارگريٽ ته هندستان وڃڻ کان پوءِ ڪو اطلاع ئي نه ڏنو.“

”هو فسادن وارا علائقا گهمي، اکين ڏٺو حال پئي پنهنجي اخبار ڏي موڪليندي هوندي. ايتري فرصت ئي ڪانه ملندي هوندس جو اطلاع موڪلي.“

”سنڌوءَ جو پيءُ ڪڏهن هندستان ايندو.“

”چيائين ٿي، ته مهيني اڌ ۾ ڪاروبار اُڪلائي اوهان وٽ پهچي ويندس.“

”سچ چيو اٿن ته سرمائيدار جي ڪا قوميت نه ٿيندي آهي. سرمائيدار نه هندو آهي نه مسلمان، نه هندستاني نه پاڪستاني. هو فقط سرمائيدار آهي. سنڌوءَ جو پيءُ پنهنجو ڪاروبار وڪڻي پوءِ هندستان ايندو ۽ هن جو ڪاروبار ڪو پاڪستاني مسلمان خريد ڪندو.“

موهن جي ماءُ گاڏي مان هيٺ لهڻ لڳي. مڙسهنس پڇيس، ”موهن ماءُ ڪيڏانهن ٿي وڃين.“

”آخري دفعو سنڌڙيءَ جي مٽي تي پير ته گهمايان.“

هوءَ پليٽ فارم تي لٿي ۽ زمين تان مٽي کڻي نرڙ تي مٽيءَ جو تلڪ لڳايائين. ايتري ۾ ريل جي سيٽي وڳي. سارنگ سڀني کان موڪلايو. موهن کي ڀاڪر پائي مليو، موهن جي ماءُ سندس منهن هٿن ۾ جهلي نرڙ تي چمي ڏني. موهن جي پيءُ دعائون ڏنس. رجنيءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين، ته هوءَ روئڻ لڳي. پوءِ هو سنڌوءَ جي سامهون اچي بيٺو. سنڌوءَ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو، ۽ هن کي سنڌوءَ جي اکين ۾ اها جهڙيالي شام نظر آئي. جڏهن نور جي ڌارا فڙش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي هئي. جڏهن ”ڪن“ جا پڙلاءَ آيا هئا، ۽ ڪائنات نئين سر تخليق ٿي هئي، جنهن ڪائنات ۾ ڪو ڏک ڏنڀ اهنج ۽ ايذاءُ نه هو، جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون ۽ کنوڻين جهڙا کلڪار هئا. پرينءَ کهنبا ڪپڙا پائي، اکيون کڻي کليا هئا ۽ سڀئي سور سنڌا ڪري ويا هئا.

پر هاڻي اُهي ئي پرين سور ڏيئي پاڻ سنڌا ڪيو ٿي ويا. نه وڃ سنڌو نه وڃ. تون ته منهنجي خواب جي منزل آهين، احساس جو معراج آهين. اسان ته زمانن کان صبح ۽ شام جي گردش ۾ گردش ڪندا، ڀٽڪندا، هڪ ٻئي کي ڳوليندا، ملندا ۽ وڇڙندا رهيا آهيون. ڏس، وقت ڄمي بيهي رهيو آهي. سمنڊ جون لهرون جانجهر وڄائينديون، جهوميون وجهنديون اسان ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ اسين ڀنل، ٽڙيل ۽ پگهريل سون چهڙي چانڊاڻ ۾ ازل کان هٿ ۾ هٿ ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهيون. تون مون کان هٿ ڇڏائي نه وڃ. سنڌو. سنڌ جي وڻن جو پن پن ٿ و توکي پڪاري. ٿر ۽ بر ٿا توکي سڏين، ڀٽائي ۽ سچل ٿا توکي صداؤن ڏين. تون سنڌ ۽ سارنگ کي ڇڏي ڪيڏانهن ٿي وڃين. گاڏيءَ گڙگاٽ ڪيو. سارنگ يڪدم پٺتي مڙيو ۽ تکا تکا قدم کڻندو گاڏي مان هيٺ لهي آيو ۽ گاڏي ءَ کي پٺي ڏيئي بيهي رهيو. گاڏيءَ جو آواز تيز ٿيندو ويو. هنکي ائين لڳو. ڄڻ گاڏي هن جي هنيان تي هلي رهي هئي. هن ٻئي هٿ ڪنن تي رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ پوءِ جڏهن هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته گاڏي وڃي چڪي هئي ۽ سامهون هندستان جي سرحد هئي. هن جي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا. هن رومال سان لڙڪ اُگهيا ۽ پٺتي مڙيو. سامهون سج ڪني ڪڍي رهيو هو ۽ صبح جي سونهري اُس وڻڻ جي سائين چوٽين کي روشن ڪري ڇڏيو هو. آسمان نيرو ۽ روشن هو ۽ آسمان جي نيراڻ ۾ پکي ٿي اڏاڻا ۽ سامهون هن جي نئين ديس جي نئين نڪور ڪنواري ڌرتي پکڙيل هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org