آغا سليم: تصوف ۽ صوفي ازم ته مَن! منهنجي مزاج جو
موضوع هو نه... ان تلاش ۾ خانقا هن ۾ ويهڻ وارن
ماڻهن ڏانهن ته منهنجو ڌيان هو ئي. اهڙن عظيم صوفي
انسانن جون سٽون، مطالعي ۾ آيون ته حيرت ٿي ته
خانقاهن ۾ ويٺي ويٺي اهي عجيب ۽ اسرار جهڙا خيال
ڪيئن ٿا اهڙن ذهنن ۾ اچن. مثال طور:
ڪانگا سب تن کائيو اور چُن چن کيو ماس،
دو نينان مت کائيو، جنهن پيا ملن ڪي آس.
ڪاگا چهوڙ نه پنجرا، بسي ته اڏرجا
جس تن پيوبسي، تد دا ماس نه کا.
يا جيئن شاهه سائين چيو آهي:
جا ڀونءَ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين.
بابا فريد گنج شڪر ان کان اڳ ئي مٽيءَ جي حوالي
سان اهڙو ڪجهه چئي ويو هو: جيونديان پيران تلي،
مُويان اُوپر هوءِ!
ته چوڻ جو مطلب اِهو ته، هر وڏو تخليق ڪار، وڏو
ماڻهو، رڳو هڪڙي ئي سٽ ٻڌائي چوندو آهي ته، پٽ!
مان ئي آهيانءِ! ۽ تون ڪيترڙو آن. ۽ ائين هو
پنهنجي محض هڪڙي سٽ سان
Sharing
ڪري ڇڏيندو آهي، پنهنجي وڏائي ۽ مهانتا جي.
نصير مرزا: ڀلا بابا فريد جي ترجمي واري ڪم ڪيترو
وقت ورتو اوهان جو؟
آغا سليم: اصل ۾ اسلام آباد ۾ مقرر هجڻ ڪري، وقت
ميسر ٿي ويو هو مون کي. ٻيو ته منهنجي دوستيءَ جو
سرڪل اتي گهٽ هئو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ئي وقت
هو. حيدرآباد ۾ هوندو هوس ته شام جو روز ڪانه ڪا
مصروفيت هوندي هئي. پر اسلام آباد ۾ شامن جو
واندڪائي جو ميسر ٿي، ته ٽئبل ليمپ ٻاري، ان
ترجمي، تحقيق واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هوس.
طارق عالم: ڀلا ڪا پذيرائي ملي ان ڪم جي ۽ ڇا
همعصرن کان جيليسي محسوس ٿي ڪڏهن اوهان کي.
آغا سليم: نه مَن! پذيرائي ڪانهي اهڙي ڪم جي
(کلندي) پذيرائي ٿيندي آهي ’لڇوءَ‘ جهڙن ماڻهن جي،
سچ ٿو ٻڌايانءِ.....
Sorry
يار، قمر مون کان پڇو، آغا! امر جي فنڪشن ۾ وڃان
يا نه؟ ته چيومانس، ضرور وڃ!؟ ان ڪري جو ماڻهن جي
مينٽل ليول اها اٿئي ته نه ويندين ته چوندئي، امر
سان جيليسي جي ڪري نه آيو. سچ ٿو ٻڌايانءِ مَن!
سچ ٿو ٻڌايانءَ ته مان جيلسيز کان
above
آهيان، جو جيليس ماڻهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو
ماڻهو سُپيريئر هجي. هيڏانهن حالت اها آهي جو
همعصرن تي منهنجي اک ئي ڪانه ٻڏندي آهي سو ڪنهن
کان مان ڪهڙو جيلس ٿيندس (ان ڳالهه تي آغا صاحب
ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو) ۽ ڇو جيليس ٿيندس. بس لکن ويٺا ۽
پيا لکن ۽ من! مون کي جي جيليس ٿيڻو هجي، ته
بابا! مان ته شاهه لطيف کان ٿيان، دوستو وسڪي کان
ٿيان نه ته اهي ائين ڪيئن ٿي ويا، مان ڇو نه
ٿيس....؟ ۽ ٻيو ته ادب ۾ ڀاءُ مان
Casual Way
۾ نه آيو هان. مان شاهه تي جيڪو پڙهان ويٺو ته
!!Sorry
ان جي آڏو اهي دائود پوٽڙا ڪجهه ڀي نه آهن، ڪجهه
ڀي نه آهن، اسين نئين دور ۾ آيا آهيون. ساري دنيا
جو علم ادب اسان هتي گڏ ڏٺو آهي ۽ هو ته من عربي
ٻربي پڙهي، شمس العماء ٿي ويا. بس انهن ۾ قليچ،
ماڊرن ماڻهو هو جنهن کي خبر هئي ته بيڪن ڇا هو،
ڪير هو؟ ۽ ويچاري دائود پوٽي کي ته خبر ئي ڪانه
هئي ته لارڊبيڪن ڪير هو، ڇا ڪندو هو.
اسحاق سميجو: توهان بحيثيت رائيٽر پنهنجي ڪهڙي
ادبي ڪم کي پنهنجو اهم ادبي ڪنٽريبيوشن سمجهو ٿا،
ته هي ڪم مون سٺو ڪيو آهي....
آغا سليم: مان سمجهان ٿو ته، مان جيڪو شاهه
سائينءَ تي ڪم ڪيو آهي يا ڪيان ٿو ويٺو، اهو سٺو
پيو ٿئي. جيئن مون ڀٽائي صاحب کي
Discover
ڪيو آهي، اهو دراصل اهو ڪم آهي، جنهن لاءِ مون کي
فخر محسوس ٿيندو آهي.
اسحاق سميجو: آغا صاحب، پنهنجي ناولن لاءِ هي جيڪي
ڪردار اوهان گهڙيا آهن. تاريخ ۾ ڪٿي ٽڪرايا آهن
اوهان سان يا محض تصوراتي آهن؟
آغا سليم: هڪڙا ته ڪئريڪٽرس اهڙا ٿيندا آهن، جيڪي
توهان پنهنجي
Life
۾ ڏسون ٿا، پوءِ توهان انهن مان ڪن کي آئيڊيلس ڪري
انسان جي صورت ڏيئي ڇڏيندا آهيو، پر منهنجي ناولن
جا اِهي ڪردار جيئرا ڪردار ڪونه آهن. اِهي منهنجي
ذهن جي پيداوار آهن. منهنجا آئيڊيل ايگو جا پڙاڏا
آهن. يعني اهي منهنجا پنهنجا گهڙيل آهن. ڏٺل يا
ڪٿي پڙهيل ڪردار ڪونه آهن.
طارق عالم: ڀلا توهان جو پنهنجو ناول ’اڻ پورو
انسان‘ واري هيرو جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
آغا سليم:
….Yes
اهو ڪردار محض تصوراتي، يا ذاتي گهڙيل ڪردار ناهي،
اُهو منهنجي مشاهدي ۾ آيل ڪئريڪٽر آهي، جنهن کي
مون پنهنجي انداز سان ٽريٽ ڪيو آهي.
اسحاق سميجو: توهان ڪتابن جا اهڙا عنوان ڪيئن ٿا
سوچيو. ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘.
’چنڊ جا تمنائي‘ ۽ منهنجي خيال ۾ اِهو پويون
عنوان ته، ڪنهن اردو شاعر جي ڪنهن نظم تان کنيل
آهي.
آغا سليم: اِهو عنوان مون، ابِن انشا جي هڪ نظم جي
عنوان تان کنيو هو، جو اِهو عنوان منهنجي هڪ
افساني لاءِ بلڪل موزون هئو، ٻيو ته جنهن وقت آئون
پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ جو عنوان رکندو آهيان ته ڪو
پڙهندڙ منهنجي ذهن ۾ ڪو نه هوندو آهي. مان ايگوئسٽ
آهيان ۽ پنهنجيءَ پسند ۽ مواد سان ٺهڪندڙ ڪو عنوان
تجويز ڪندو آهيان.
اسحاق سميجو: لکڻ وقت اوهان جي ذهن ۾ ڪير هوندو
آهي؟
آغا سليم: منَ! ان وقت به، آئون ئي پنهنجي آڏو
هوندو آهيان ۽ مان پنهنجو پاڻ سان هم ڪلام هوندو
آهيان. ڇو ته پنهنجو وڏو نقاد به ان وقت آئون پاڻ
هوندو آهيان.
نصير مرزا: توهان کان منهنجو هڪڙو رومينٽڪ سوال
آهي ته اوهان سوير فريد اکين بابت شعر پڙهيو. جنهن
۾ ڪانگ کي چيل هو ته اهي اکيون نه کائجان، جو انهن
کي، ڪنهن کي ڏسڻ جي حسرت آهي. اوهان جي اکين ۾ بار
بار ڪنهن کي ڏسڻ جي ڇاڪا حسرت موجود آهي؟
آغا سليم:
]آغا
صاحب ان سوال تي گومگو جي ڪيفيت ۾ رهي، ڪي گهڙيون
هيڏانهن هوڏانهن گهوريندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو[
هاڻي منَ!...]۽
ان کان پوءِ خاموش ٿي هٿن سان اشارن ئي اشارن ۾ ڄڻ
چوڻ لڳو[:
”ڪو به نه!“
نصير مرزا: ته..... ان جو مطلب دنيا مان توهان جا
معشوق محبوب سڀ ختم.... فنش....]
۽ ان جواب تي آغا صاحب سان گڏجي ٽهڪ ڏيئي، اسين سڀ
کِلندا ٿا رهون.[
آغا سليم: ڏسو من، فلاسفيڪل چوڻي آهي ته:
Every thing changes except law of change
اقبال به چيو هو ته:
اک ثبات هي تغير کو بس.... سوثبات صرف تغير
(تبديليءَ) کي آهي ۽ هر شيءَ تبديل ٿيندي ٿي رهي،
يعني اڄ جنهن جي مرڪ ماري ٿي، سڀاڻي ان جي مرڪ
زهر لڳڻ شروع ٿي ويندي، ۽ سوچيو آهي ته هيءَ آهي
اُها، جنهن لاءِ زندگي وڃائي سين پئي.
نصير مرزا: ڀلا ڪو اهڙو دل گهريو دوست ’جيئن آئون
طارق عالم کي ڏسندو آهيان ته خوش ٿيندو آهيان‘
اوهان جو به اهڙو دل گهريو آهي؟
آغا سليم: منَ! منهنجي زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو هڪڙو
سبب هي به رهيو ته مان هيومن رليشنس ۾،
marked adjustment
جو شڪار رهيو آهيان، نه ته سچ ٿو ٻڌايانَو ته ڪڏهن
ڪڏهن پاڻ پڏائڻ جي به موڪل هجي ته چوان ته: ”مان
پاڻ جهڙو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ٿو
ڏسان.“
ٿورو وقت ٿيو جو مون ڪراچيءَ ۾ نثار ميمڻ کي به
چيو هو ته، ائين به ناهي، ۽ پاڪستان ۾ ڪي هوندا
مون جهڙا، پر شين جي باري ۾ جيئن منهنجا
Views
آهن شاهه صاحب جي باري ۾، ڪنهن وٽ به نه هوندا ۽
جهڙو مون شاهه تي ڪم ڪيو آهي، ڪنهن نه ڪيو هوندو.
علي دوست عاجز: موسيقي سان به توهان جو عشق آهي،
ان بابت ٿورو ڳالهايو ۽ سر سهڻيءَ بابت به ڪجهه
ٻڌايو.....
آغا سليم: ڪو گويو مرندو آهي ته ٻيا گويا سُر سهڻي
ڳائيندا آهن، خبر ناهي ان جو سبب ڇا آهي؟ جو هڪڙو
ته سهڻي يا سريراڳ جڏهن ٻڌبو آهي، ته، انهن ۾ ماتم
جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي ۽ مان ڀانيان، ته اهي
ماتمي سُر آهن، ۽ ٻيو ته اها موسيقيءَ جي دنيا ۾
روايت به آهي ته، وڏو گويو جڏهن مرندو آهي ته،
سارنگي نواز سارنگيءَ تي ’سر سهڻي‘ وڄائيندا آهن.
عجيب اتفاق آهي، ته شاهه صاحب به جڏهن وصال کان اڳ
هجري ۾ وڃي ويٺا هئا ته فقراء کي چيائون ته ’سهڻي
راڳ‘ ڳايو ۽ ان دوران پاڻ وصال فرمايائون ها! اهو
به ياد رکڻ کپي ته گويا، جيڪو وفات وقت سهڻي سر
ڳائيندا آهن، ان ۾ سهڻي ميهار جي قصي جو ذڪر ڪونه
ڪندا آهن. اُهي رڳو راڳ سهڻي ڳائيندا آهن، ائين
راڳ ’پيلو‘ به اهڙيءَ صورتحال ۾ ڳائيندا آهن، ڳائڻ
وارا.
طارق عالم: توهان جي پسند جو ساز ڪهڙو آهي؟
آغا سليم: ميوزڪ برابر ته منهنجو پسنديده سبجيڪٽ
آهي، پر ڪنهن ساز بدران، منهنجو روح راڳ سان وڌيڪ
ريڌل رهي ٿو ۽ ڪنهن ساز بدران راڳ مون کي ڏاڍو
وڻندو آهي ۽ ڪوئي راڳي راڳ اڃا شروع مس ڪندو آهي
ته مان مري پوندو هان ۽ جيڪو راڳ صفا ماري وجهندو
آهي، اُهو آهي راڳ درٻاري!
ان راڳ جي آروهي/ امروهي ئي ڇا، اهڙي راڳ يا بندش
جي خوشبوءَ ۾ رچيل، جيڪي گيت/ غزل آهن، مون کي اهي
به ڏاڍا وڻندا آهن. مثال طور ڪنهن پنجابي فلم ۾
نورجهان جو گيت آهي جدون هولي جَئي، ليندا ميرا
نان، مين تهان مرجاڻيان‘ يا جيئن مڪيش جو ڳايل
فلمي گيت آهي، ’دل جلتا هي تو جلني دي، آنسو نه
ها، فرياد کر“ يا وري ”کيندي ني نينان، ميري کو
بهه نا“‘........ سو مَن راڳ درٻاري ۾ جيڪو
Granduer
آ..... ڪهڙي ڳالهه ڪريان مان اُن جي....
طارق عالم: سُريا موسيقي ڇا آهي، اوهان جي نظر ۾؟
آغا سليم: ميوزڪ به تصوف وانگر هڪڙو وڏو سبجيڪٽ
آهي، وڏي فلاسافي آهي، وڏو علم آهي، ۽ اُهو محض،
’الوميان‘ يڪتارو ۽ چپڙي ناهي، يا موسيقي چرس جو
سوٽو ڪونهي. هندستان ۾ موجود گائڪن سان گڏ
پرٽيڪيولرلي اسان جي لطيف سائين وٽ جيڪو موسيقيءَ
جو وسيع علم آهي، ان سان به منهنجي وڏي دلچسپي
آهي.
نصير مرزا: اوهان جيترو ڪم ڪيو آهي، سمجهو ٿا ته
ان جي اوهان کي اوتري موٽ به ملي آهي؟
آغا سليم: مان
Basically
فڪشن رائيٽر آهيان، ۽ فڪشن رائيٽر طور مون کي جيڪا
سنجيده حلقن وٽان مڃتا ملي آهي، سا ڀانئيان ٿو ته
اهڙي سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليل هوندي، مان ان
مان بلڪل ئي
Satisfy
آهيان ۽ سنڌي قوم کان پنهنجي بي قدريءَ بابت ڪنهن
به قسم جي ڪا ئي شڪايت ڪانهي مون کي، مان هميشه
چوندو آهيان، ته سنڌي قوم جهڙو پنهنجي اديب جو قدر
ڪري ٿي، ڪا به قوم دنيا ۾ ائين نٿي ڪري مون ڪين
جهڙي ماڻهوءَ جي لکيل ناول ’اڻ پورو انسان،‘ ’همه
اوست‘ يا اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي
Behalf
تي پڙهندڙ مون سان جيڪو پيار ٿا ڪن.... اهو منهنجي
لاءِ وڏي موٽ وانگر آهي. ان جي لاءِ آئون سندن
ٿورو مڃان، گهٽ آهي.
اسحاق سميجو: توهان ڀانئيو ٿا ته توهان جي جيڪا
ٽهي آهي، ڇا اها پنهنجي سماج کي ڪجهه
Deliver
ڪري سگهي آهي؟
آغا سليم: گهڻو تمام گهڻو (آغا صاحب اتساهه سان
ٻڌائي ٿو) سماج ان کي
Receive
نه ڪيو هجي، ته اها ٻي ڳالهه آهي پر اهو هر حالت ۾
مڃبو ته سنڌي سماج، اسان واري ٽهيءَ جي روشن خيال
ادب جي، رستي تي تمام گهڻو اڳتي وڌيو آهي.
اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ تاريخ ۽ تاريخيت جي
ڇا معنيٰ آهي؟
آغا سليم: مان هميشه هڪڙو مثال ڏيندو آهيان ته
اسين پڙهون نٿا. اسين سمجهون ٿا ته اسان هيمنگوي
کي پڙهيو ته ڄڻ ساري ڪائنات کي پڙهي ورتوسين.
چيخوف کي پڙهيوسين ته. ڄڻ سڀ ڪجهه پڙهي ورتوسين.
سوشالاجيڪل پروگرام اسان جا ڪهڙا آهن؟ انهن جي
اسان کي ڪا به خبر ڪانهي، مثال طور....! ٽوئن بي
چيو آهي ته هڪڙا ماڻهو گرم علائقي جا هئا. اهي
اتان شڪار جي تلاش ۾ نڪتا ۽ پهاڙي علائقي ۾ آيا.
کين خبر ئي نه هئي ته هتي سيءَ تباهي وارا ايندا
آهن، انهن اتي سيءَ ڏٺا ته چريا ٿي پيا، ته هي
الائي ڇا آهي؟ جِنُ يا ڀُوت‘! صورتحال اها ٿي ته
ڪي اُتي مري ويا، ڪي واپس ڀڄي ويا، ۽ جيڪي اُتي
رهي پيا، انهن ڇا ڪيو جو ڍڳا ڪُهي انهن جي کل
ويڙهيائون، کڏون کوٽي انهن ۾ وڃي لڪي ويٺا ۽
They Created Civilization
پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن سيڪ لاءِ پهريون ڀيرو باهه
ايجاد ڪئي. فلاسافي جي تاريخ اهڙي عمل جي لاءِ
لکيو آهي:
Challenges reproduces
معنيٰ ڪنهن قوم کي جڏهن
Challenges
سامهون ايندا آهن ته اُهي انهن کي ائين
Respond
ڪندا آهن، جو حالتن جو مقابلو ڪندا آهن يعني سيءُ
ٿو پوي ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟ اهو
Challenge
آهي، ان جو رسپانس اهو هوندو ته ڪمبل ويڙهيان،
باهه ٻاريان، يعني
Challenges
۽
Responses
هڪڙي وڏي ٿيوري
(Theory)
آهي. اسان اڃان ان سلسلي ۾ پٺتي آهيون. ان قصي مان
پتو پيو ته هڪڙا ته موٽي ويا، ٻيا مري ويا ۽ جن
Adjust
ڪيو ۽ حالتن ۾ رهي جيئڻ جو سامان پيدا ڪيو، اهي ئي
ڪامياب ٿيا. هاڻي ان ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد اهو هو
ته اسين جيڪي سنڌي قوم جا ماڻهو آهيون نه... موٽي
ويلن وانگر آهيون، يعني موجوده حالتن ۾
Challenges
کي
Response
گهٽ پيا ڏيون. مثال طور 712ع ۾ سڀ کان وڏو جيڪو
Challenge
هئو، اُهو عربن جي آمد هو، هو آيا ۽ رهي پيا. هتي
سوال ٿو اڀري ته انهن کي اسان ڪيئن
Response
ڪيو. اهو اسان هنن سان وحدت الوجود جي فلاسافيءَ
]يا
اسماعيليت سان[
ڪيو ۽ اهو نظريو عربن جو تصور ئي ڪونهي، يا اسلام
جو ايجاد ڪيل ئي ڪونهي، اهو وحدت الوجود جو نظريو-
اسان وٽ هتي دُوئي جو تصور هو يعني خدا جدا آهي ۽
ڪائنات جدا آهي، خالق جدا آهي ۽ مخلوق جدا آهي.
آرين فلسفو وري هي هو ته خالق ۽ مخلوق هڪ آهي ۽
اهو هتان جي ماڻهن جو لوڪل
Belief
هئو، فلاسافي هئي، جنهن کي
Cemetic Civiliazation
يا سيمسٽڪ ٿاٽ به چئبو آهي. ان کي
Response
ائين ڪيوسين ته ان کي رد ڪيوسين. اسان چيوسين ’نه‘
وحدت الوجود يعني صوفي تصوف اهو ئي آهي ۽ اهو عجمي
آهي، عربي ناهي، ۽ هاڻي عجمي معنيٰ ڇا!؟ ته عجمي
معنيٰ
Non- Arbic
سو ائين چوڻ جو هتي مقصد ته اسان جي جيڪا دراوڙن
جي تاريخ آهي، اُها صحيح صحيح لکجڻ گهرجي. تاريخ
اها ناهي ته، ڊونگر کان پوءِ ڏونگر ويٺو ۽ ڏُونگر
کان پوءِ چوُنگر ويٺو. اها ناهي تاريخ ۽ تاريخيت!!
منهنجو خيال آهي ته هتي سومرا دور، سنڌ ۾ هڪ نهايت
اهم دور آهي. اسان کي ان دور جي به صحيح ۽ تفصيل
سان تاريخ لکڻ گهرجي.
نصير مرزا: سنڌ جي جيڪا موجوده ٽهي لکي پيئي حاضر
دور ۾، اُن جي اظهار ۾ ڪائي طاقت نظر اچي ٿي اوهان
کي، ڪوئي روشن ڪرڻو آهي ان ۾؟
آغا سليم: (فيصله ڪن انداز ۾ چوندي)
I am Sorry
مون کي نظر ڪونه ٿو اچي.
اسحاق سميجو: اڇا- نه نثر- ۽ نه ئي نظم ۾
]حيرت
مان پڇي ٿو[
آغا سليم: جي ها، ٻنهي ۾ نه! مثال طور موجوده دور
جي وڏي سمجهندڙ شاعرن ۾ هي امداد.... نهايت ئي
ميڊياڪر شاعر آهي ۽ ان جو سبب به آهي، جيستائين
In Put
نه هوندو توهان ۾،
Out Put
ڪجهه به ڪونه هوندو. ان ڪري چوان ٿو ته پڙهو ۽ صرف
ائين نٿو چوان ته بودليئر کي ويهي پڙهو ۽ سوچيو ته
انهيءَ کي ڪاپي ڪرڻو آهي- ’نه‘! مطالعو ڪريو ۽ پاڻ
۾ گهرائي پيدا ڪريو.
]آغا
سليم: ڊگهي وقت تائين مسلسل ڳالهائڻ کان پوءِ آخر
چوي ٿو ادا- هاڻي ٺيڪ ٺاڪ نموني سان ٿڪجي پيا
آهيون، گهڻو ڪري ته سوال ختم به ٿي ويا آهن، هاڻي
ائين ٿا ويهي ڪچهري ڪريون[
اسحاق سميجو: نه نه، مون وٽ اڃا به هڪڙو سوال آهي
اهو ٻڌايو ته، سنڌي ادب ۾ تنقيد ڇو ڪونهي؟
آغا سليم:
]بي
ساخته انداز ۾[
اهو ان ڪري جو سنڌي اديب وٽ علم ڪونهي، جهالت آهي،
(جذباتي ٿيندي) منَ! هڪڙي افساني لکڻ سان جڏهن
توهان کي شهرت ملي ٿي وڃي ته توهان وڌيڪ ڇو
پڙهندو؟ هي توهان رڳو ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪڙو
رسالو پڙهو.... ان مان هي الائي ڪهڙيو ڪهڙيون
جزائون نڪري ظاهر ٿي پيون آهن ۽ جيڪي جنهن لاءِ
جيئن وڻي ٿو لکنديون رهن ٿيون.
طارق عالم: صحيح ٿا چئو، مان ته ان ۾ لکڻ ئي پسند
ناهيان ڪندو.
آغا سليم:
]علي
دوست ڏانهن اشارو ڪندي[
ادا! تون به ته ڀائو ڪو سوال ڪر نه؟
علي دوست عاجز: چڱو ڀلا..... ٻڌايو ته توهان فطرت
جي ڪهڙي رنگ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيون؟
آغا سليم: مون کي مَن! وڻ وڻندو آهي، گهاٽو وڻ،
سرنهن جو وڻ.
اسحاق سميجو: توهان ڪٿي لکيو آهي ته جي ڌرتيءَ تي
ڪنهن شيءَ کي سجدي جي اجازت هجي ها ته اوهان راڪا
پوشيءَ پهاڙ کي سجدو ڪريو ها.... ته ان جي ڪهڙي
ادا کان متاثر ٿي اوهان اهو لکيو هو.
آغا سليم: حُسن.... ادا.. حُسن. (آغا صاحب پوري
جلال سان جواب ڏيڻ ٿو لڳي)ان پهاڙ جي حسن ۾ ايڏو
ته سحر آهي، جو دل ان کي ڏسندي ڍاپندي ئي ناهي.
اسحاق سميجو: توهان اترين علائقن ۾ رهيا آهيون،
اُتي فطرت جو ايترو ته حُسن آهي جو ماڻهو اتان
شاعر ٿي موٽندا آهن ۽ اوهان وري اُتان سفر نامو
لکي موٽيا! اهو ڇا؟
آغا سليم: شاعر هجي يا اديب، اُن جو مرڪز ته ماڻهو
آهي نه بابا! ته مون فطرت جي حسن ۾ رنڱيل ماڻهن
بابت لکيو آهي، اهو سفرنامو، اوهان چاهيو ته ان کي
شاعري سمجهي به پڙهي سگهون ٿا.
اسحاق سميجو: اڄڪلهه شاعري توهان کان رسي وئي آهي،
يا توهان شاعريءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
آغا سليم: (کلندي) مون کي من سڀ ڇڏي ٿا وڃن ۽
هونئن به سواءِ بيمارين جي، سڀ ئي ته ڇڏي ويندا
آهن. آخر ۾!
نصير مرزا: محمد خان مجيدي کان استاد بخاريءَ
تائين، شاعرن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪي قومي رنگ
جا وڏا شاعر ليکبا آهن، اوهان انهن بابت ڇا چوندو؟
آغا سليم: ادا.... مون کي ڪا خبر ڪانهي، مون کي
رڳو هڪڙي خبر آهي. ته شيخ اياز وڏو شاعر آهي، شاهه
لطيف وڏو شاعر آهي. باقي مون کي ٻي ڪا به خبر
ڪانهي ته بخاري وارا ڪاٿي بيٺا آهن، يا ڪيترا وڏا
شاعر آهن.
اسحاق سميجو: ادب ڇا آهي؟ ان جي مختصر لفظن ۾
تشريح ڪيئن ڪندو؟
آغا سليم: منَ! ادب اهو آهي جيڪو اوهان جي
اسٽيٽسڪو کي ختم ڪري، شخصيت کي ٻيو بنائي ڇڏي
That is Literature
هاڻي توهان جي آڏو هڪڙو شعر ٿو پڙهان، يا ڪو نثر
وغيره جي اوهان پاڻ ۾ ڪا تبديلي ٿا محسوس ڪريو ته
اهو آهي ادب!
اسحاق سميجو: ڪهاڻي کان ناول، ناول کان شاعري،
شاعري کان جيڪڏهن ترجمو، ترجمي مٿان وري تحقيق.
اهو سفر ائين ڇو رستا ٺاهيندو ويو؟
آغا سليم: ادا..... ان تخليقي بي چينيءَ لاءِ شاهه
سائين جو شعر جواب طور ٻڌو:
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرو،
يا
سڻي تنهنجا سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.
علي دوست عاجز: ڪهڙي قومي سانحي تي اوهان شديد ڏک
محسوس ڪيو هو؟
آغا سليم: مون کي مَن! بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت
تي به ڏک ٿيو هو، پر جنهن ڏک مون کي جهنجهوڙي وڌو
هو، اُهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏک
هو. ان ڏک جو سبب اهو به هو، ته هي ڪهڙي شينهن مڙس
کي ماري ڇڏيائون، پوءِ مون سوچيو ته ان جي ڀيٽ ۾
هي اسين ماڻهو ته ڪجهه به ناهيون. ۽ ائين مون، هُن
جي شهادت تي، دل سان ڪيڏارو لکيو هو. هتي ان جو
اهو مطلب نه وٺجو ته مان ڪو هُن کي آئيڊيل ليڊر ٿو
سمجهان، پر جنهن انداز سان، هُن کي ڦاهيءَ تي
چاڙهيو ويو.... ان سانحي مون کي لوڏي وڌو.
اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ جا سڀ
کان وڏا ماڻهو ڪير آهن؟
آغا سليم: هڪڙو ته منهنجو سائين شاهه لطيف ۽ ٻيو
شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو.
اسحاق سميجو: توهان ادب ۾ پيغام کي اهم ٿا سمجهويا
آرٽ کي؟
آغا سليم: آرٽ کي (هو فورن وراڻي ٿو) جنهن کي
توهان
Presentation
ٿا چئو.
That is art
۽ ان لاءِ ڪرافٽ به منهنجي آڏو وڏي اهميت رکي ٿو.
اسحاق سميجو: ويجهڙائيءَ ۾ ڪا تحرير توهان جي نظر
مان گذري آهي، جيڪا توهان کي گهڻو وڻي هُجي؟
آغا سليم: ها! غلام نبي مغل جيڪو تازو ناول ’وطن
واويلا‘ لکيو آهي، اُهو مون کي گهڻو وڻيو.
That is Wonderfull
اسحاق سميجو: پنهنجي لکيل فِڪشن ۾ اوهان خود ڪهڙي
انفراديت محسوس ڪندا آهيو؟
آغا سليم: من، مون ائين ڪيو آهي ته مون پنهنجي
تاريخ کي، فڪشن ٺاهيو ۽ ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ ٽريٽ
ڪيو آهي ۽ ائين سنڌيت کي فنائتي نموني سان پيش ڪيو
اٿم. شاعريءَ جهڙي حُسن سان ان کي بيان ڪيو آهي ۽
ان کي ئي، مان پنهنجي فن جي انفراديت به سڏيان ۽
سمجهان ٿو. منهنجو ايمان آهي ته سماجي تبديلي
تقرير بازيءَ سان ڪونه ايندي آهي، اُها ايندي آهي
حالتن کي
Change
ڪرڻ سان، ۽ منهنجو اعتقاد آهي ته زرعي سماج جڏهن
ٽرانسفارم ٿي ويندو، صنعتي سماج ۾، ته ڪئين
دقيانوسي روايتون بي معنيٰ ٿي وينديون، ۽ فيوڊل
سسٽم ختم ويندو. اهڙو انقلاب، هاڻي سنڌ ۾ ڪير ٿو
آڻي يا ڪڏهن ٿو آڻي، ان لاءِ مان ڪجهه نٿو چئي
سگهان. بهرحال انقلاب نعري بازيءَ سان ڪونه ايندو.
نصير مرزا: گربخشاڻي صاحب کان پوءِ شاهه تي تنوير
عباسيءَ جي تحقيق ڏاڍي فائن ۽ فرسٽ ڪلاس سمجهي وڃي
ٿي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟
آغا سليم: هوندي مَن! (بي پرواهيءَ سان وراڻيندي)
منهنجو ته هي آهي ته، تحقيقي ڪم هجي يا تخليقي....
ان ڏس ۾ مان هڪڙو
Perfectionist attitude
رکندو آهيان ۽ انهيءَ ڏس ۾ مان پاڻ کي به ڪونه ٿو
مڃان، ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڪاٿي ڪجهه مڃيندس من!.
انعام شيخ: ڀلا پرڏيهي عالمن ڀٽائي صاحب تي ڪهڙي
معيار جو ڪم آهي؟
آغا سليم: ڊاڪٽر سورلي ڀٽائيءَ جي باري ۾ پنهنجي
تحقيق ۾ جيئن
Entro
ڏنو آهي، اهڙو ته اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو
آهي ۽ هن تحفة الڪرام وغيره کي
Reject
ڪري ڇڏيو هو، هن پهريون دفعو ٻڌايو ته
Preface
هيئن لکبو آهي. سو، سورلي جي ڀٽائي بابت
Preface
کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به چڱو ڪونهي. شاعريءَ جي
ترجمي جي جيستائين ڳالهه آهي ته، جيستائين اُهو
شعر
Feel
نه ڪبو، ته ان جو ترجمو به نه ٿيندو. ترجمو به
تخليق وانگر
Creativity
جو ڪم آهي ۽ ائين ئي ٿيڻ گهرجي.
انعام شيخ: ڇا ڀٽائي صاحب جي باري ۾ هي، جيڪي علمي
۽ ثقافتي ادارا آهن، ڪجهه ڪري سگهن ٿا؟
آغا سليم: ڪير ڪندو اهو ڪم مٺا سائين؟ ڪيئن ٿا ڪري
سگهن هي ادارا، به انهن ۾ ويٺائي آهن، اَڌ
اکريا..... جو ڀٽائي صاحب تي ڪم ڪرڻ واري وٽ وڏو
Vision
۽ وڏي صلاحيت گهرجي، ۽ ادارن ۾ اهڙن ئي ماڻهن جي
کوٽ آهي، مٿان ان جي مرتبن ۽ مولفن به ڪو چڱو ڪم
نه ڪيو آهي. مثال طور مون جيئن چيو ته سائين جي هر
سُر جي بيتن جي ترتيب ۾
Thought Evulation
هجڻ گهرجي ها، پر ان ڏانهن ڪنهن مولف جو ڌيان ويو
ئي ڪونهي.
انعام شيخ: اهڙيءَ ترتيب جو شعور رکندڙ هن وقت
اوهان کي ڪو نظر اچي ٿو!
آغا سليم: نه من! نه هن وقت ڪوئي اهڙو عالم مون کي
سُجهي ٿو ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ ڪو اهڙو پيدا ئي
ٿيندو نظر اچي ٿو.
انعام شيخ: آغا صاحب توهان تي سنڌ جي آجپي جي ڪا
واٽ نظر به اچي ٿي يا ويجهي مستقبل ۾ ڪو ڇوٽڪارو
نظر اچي ٿو؟
آغا سليم: نه-
Sorry!
مون کي ته ڪو ڇوٽڪارو نظر نٿو اچي.
انعام شيخ: ڇا ان ڏس ۾ قدرتي طور تي ڪاشيءَ ٿي
سگهي ٿي ڇا؟
آغا سليم: الائجي من!! اڳي زماني ۾ معجزا رونما
ٿيندا هئا، هاڻي ته اُهو زمانو ئي ختم ٿي ويو آهي.
انعام شيخ: ڇا 21 هين صديءَ جي آخر ۾ به، ڀانئيو
ٿا ته اسان جي هيءَ سنڌ، ائين ئي هوندي ثابت....
سالم جيئن هن وقت آهي؟
آغا سليم: جاگرافيڪلي ته هوندي.... ۽ ان کي ڪير به
چينج ڪري نٿو سگهي.
انعام شيخ: اوهان جي اولاد مان ڪنهن جو ادبي ذوق
آهي؟
آغا سليم: مون انهن ۾ اهڙو ذوق پيدا ٿيڻ ئي نه
ڏنو. وڏي پٽ کي هڪ دفعي ڏٺم، ته هڪ ٽاري پي کڻي
آيو، چيائين ڏسو هن هڪ ائبسٽريڪٽ آرٽ جو نمونو پيو
نظر اچي. هڪ دفعي اياز جو شعر پڙهيائين ته هوشو
شيديءَ تي نظم لکي آيو، مون ان تي چيو مانس ته،
ڪنهن به هڪ فيلڊ جي چونڊ ڪري، ان ۾ ڪمال حاصل ڪري
ڏيکار ته هوائين شاعري ڇڏي ويو.
نصير مرزا: آغا صاحب..... ڪنهن به ماڻهوءَ کي
ڪيتري ڄمار تائين جيئڻ گهرجي، سو سال، ٻه سو
سال.....؟
آغا سليم:
]بي
پناهه خوش دليءَ سان ٽهڪ ڏيندي[
هاڻي من.. ڪيئن اوهان کي ٻڌايان ته... بس سمجهو ته
جيسيتائين مرد جي مردانگي ختم نه ٿئي تيسيتائين ان
کي جيئڻ گهرجي.
سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاهه جي مترجم
آغا سليم سان ڳالهه ٻولهه
ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي اديبن منجهان، جن جي لکڻين
نسلن کي پنهنجي جادوئي اظهار ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو
آهي. تن جي شاعري، نثر ۽ تحقيق ۾ ڪمال جي حسناڪي،
تخليقيت ۽ موضوعاتي نواڻ آهي، سندن لفظ ،جملا ۽
پيراگراف، نوجوان پنهنجي پيارن ڏانهن لکيل خطن ۾
ڪوٽ ڪندا آهن. آغا سليم، انهن ئي جادوگر ليکڪن ۾
شمار ٿيندو آهي.
سنڌ جي پراسرار مٽيءَ منجهان ڳوهيل شهر شڪارپور،
سنڌي ٻولي، ادب، آرٽ ۽ ڪلا کي ڪيئي ليجينڊري
شخصيتون ڏنيون آهن سامي، کان وٺي شيخ اياز تائين ۽
اياز کان آغا سليم تائين هن شهر اسان کي ايڏا وڏا
ماڻهو ڏنا آهن جن تي سنڌ صدين تائين ناز ڪندي
رهندي. آغا سليم 21 صديءَ جو، سنڌ جو اهڙو گهڻ
پڙهيو، سڄاڻ، ذهين ۽ حساس دانشور آهي، جيڪو، سنڌ
جي تاريخي، تهذيبي قدرن جي زوال تي ڏکارو آهي.
ڇاڪاڻ ته هن جي ادراڪ، بصيرت، فهم ۽ ويين ان سنڌ
جو اوج ڏٺو، جنهن سنڌ جي فڪري ۽ تهذيبي خوشحاليءَ
جاگواهه رڳو مشرقي ڏاهائي نه هئا، پر جنهن سنڌ جي
اعليٰ قدرن ۽ تهذيبي اثاثن جا امين ۽ گواهه مغربي
مفڪر به رهيا آهن. اڄوڪي گلوبل وليج ۾ سنڌ جي
ڏاهپ، فڪري خوشحالي ۽ تهذيبي قدرن کي، عالمي
استحصالي قوتن جي منشا تحت ديوار سان لڳائي، سنڌ
کي قدرن کان وانجهيل ڪرڻ جون جيڪي سازشون ڪيون
پيون وڃن، آغا سليم نه رڳو اهڙين عالمي سازشن جو
ادراڪ رکي ٿو. پر هو انهن خلاف مسلسل فڪري ۽
تخليقي مزاحمت ڪرڻ پڻ ڌرتيءَ جي فرمانبردار فرزند
جي حيثيت سان پنهنجو تاريخي فرض سمجهي ٿو. سنڌ جا
اهي ماڻهو جن آغا صاحب جي ناولن ”هم اوست“
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽ سندس ڪهاڻيون، شاعري ۽
لطيف سائين جو اردو ۽ انگريزي ترجما پڙهيا آهن ۽
جن درد کي ڌمال هڻندي ڏٺو آهي اهي سڀ آغا صاحب جي
پيار ۽ پورهيئي جي اعتراف ۾ ڀيٽا ڏيندا آهن. پرک
جي پڙهندڙن کي اهو به آخر ۾ ٻڌائيندا هلون ته آغا
سليم صاحب سان هي غير رواجي گفتگو، اديب دوستن جي
سوالن جوابن تي مشتمل آهي اميد اٿائون ته پڙهندڙن
کي پسند ايندي. (ادارو)
نوراحمد خوجو؛ اهو اصول طئي آهي ته ڪو شخص غلطي تي
هجي ته، ان کي غلط سمجهڻ گهرجي ان جي شهرت کان ڊڄڻ
نه گهرجي، يا ان جي شهرت کان مرعوب ٿيڻ جي ضرورت
ناهي. ڇا اوهان ذاتي طور ان معيار تي پورا لٿا
آهيو ته پنهنجي وڏي حيثيت ۾ به غلط ڳالهه کي غلط
سمجهندي ان کي غلط ئي ڪوٺيو آهي؟
آغا صاحب؛ خوجه صاحب لڳي ٿو ته اوهان منهنجي باري
۾ ڪو چڱو رايو نٿا رکو، جو اهڙو سوال ٿا پڇو اهو
ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان ڪنهن غلطيءَ تي هجڻ واري
ماڻهوءَ کان ڊڄي يا مرعوب ٿي کيس غلط نه سمجهان،
پر لڳي ٿو ته شايد مان اهڙو ماڻهو ناهيان تڏهن
اوهان کي اهڙي سوال پڇڻ جي ضرورت ٿي آهي، ڇا مان
واقعي ئي اهڙو ناهيان؟ پر مان پاڻ کي ته اهڙو نٿو
سمجهان.
نوراحمد خوجو؛ اوهان ليکڪ به آهيو ته ادب جا طالب
علم پڻ ڇا اوهان ڪڏهن ڪڏهن اهڙي وڏي نالي واري
اديب، فلسفي يا دانشور کان متاثر آهيو، جڏهن ته
اوهان دل سان ان کان متاثر نه ٿيا هجو؟
آغا صاحب؛ اوهان جو سوال مونکي پوريءَ طرح سمجهه ۾
نه آيو، ماڻهو ڪنهن کان تڏهن متاثر ٿيندو آهي جڏهن
هن جون ڪي چڱايون دل تي اثر ڪنديون آهن. خاص ڪري
ادب، فلسفي ۽ دانش جي معاملي ۾ اهو ڪيئن ٿو ٿي
سگهي ته مان ڪنهن کان دل سان متاثر نه ٿيو هجان پر
پوءِ به متاثر هجان.
نوراحمد خوجو؛ ڇا شخصيت جي دلڪشي ادب ۽ آرٽ لاءِ
ضروري آهي يا فنڪار جيڪو ڪجهه تخليق ڪري ٿو سندس
شخصيت ۽ ڪردار هن جي فن مان ظاهر ٿيڻ گهرجي؟
آغا صاحب؛ ڪهڙي لحاظ کان دلڪش هجڻ ضروري آهي،
جيڪڏهن ڪنهن اديب يا ڪنهن فنڪار جي شخصيت دلڪش
هوندي آهي ته سندس شخصيت جي دلڪشيءَ جي ڪري سندس
مڃتا وڌيڪ هوندي آهي، هن جي پرستارن جو دائرو وڏو
هوندو آهي، هن کي سٺا پروموٽر ملي ويندا آهن جيڪي
ماڻهن ۾ هن جو اعليٰ اميج ٺاهيندا آهن. الائي جي
ڪنهن جي ڪهاڻي يا ناول ۾ پڙهيو هيم ته هڪڙا ٻه
تمام وڏا مصور شراب پيئڻ کانپوءِ هڪ ٻي سان اعتراف
ٿا ڪن ته نه تون وڏو مصور آهين ۽ نه مان اسان ٻئي
پنهنجي پنهنجي
Promoter
جي تخليق آهيون. اصل دلڪشي فنڪار جي شخصيت جي نه
پر سندس تخليق جي هوندي آهي. جيڪڏهن سندس تخليق
دلڪش آهي ته پوءِ هن کي ڪنهن به
Promoter
جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. جو هن جون لکڻيون پاڻ
پروموٽر هونديون آهن. ڳالهه اها نه آهي ته فنڪار
يا اديب جيڪي تخليق ڪري ٿو، ان مان سندس شخصيت ۽
ڪردار ظاهر ٿيڻ گهرجي. ڳالهه اها ته هن جي تخليق
سندس شخصيت ۽ ڪردار جو اظهار هوندي آهي. شايد
اوهان جو مقصد آهي ته اديب يا فنڪار جيڪي لکندو يا
تخليق ڪندو آهي ان ۾ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو تضاد
هوندو آهي. اوهان صحيح ٿا چئو ٻنهي ۾ تضاد هوندو
آهي. ڪنهن به ليکڪ يا فنڪار جا ٻه پاڻ هوندا آهن.
هڪ هن جو عملي نالو
Practical self
ٻيو هن جو تخليقي پاڻ
Collective self
هوندو آهي. هن جو عملي پاڻ عملي زندگي گذاريندو
آهي، زندگي گذارڻ لاءِ نياز همايوني جي ٻن شعر
وانگر جيئندو آهي ته؛ زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نه
ٿو ڪرڻو پوي.
جڏهن ته هن جي تخليقي پاڻ کي جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻا
ته پوندا آهن، تمام ٿورا اهڙا اديب ۽ فنڪار هوندا
آهن جن جي عملي پاڻ ۽ تخليقي پاڻ ۾ تضاد نه هوندو
آهي. قاضي قادن جو مثال وٺو شاهه بيگ ارغون جي
خلاف بکر جي ڌاريجن، ٻروچن ۽ سيدن بغاوت ڪئي، شاهه
بيگ قاضي قادن کان صلاح ورتي، قاضي قادن کيس صلاح
ڏني ته اجايو گاهه پٽي ڇڏڻ گهرجي. شاهه بيگ انهن
سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو، هن جي عملي پاڻ هن کان
اهڙا خوني ڪم ٿي ڪرايا، جڏهن ته هن جي تخليقي پاڻ
ههڙا شعر ٿي چيا:
ڪاتب! لکين جيئن لايو لام الف سين،
مون هي سڄڻ تئين، رهيو آهي روح ۾.
مثالي ليکڪ يا فنڪار اهو آهي جنهن ۾ ايڏا تضاد نه
هوندا هجن پر هنن ۾ ايڏا ته تضاد هوندا آهن جو
سندس عملي پاڻ سندن تخليقي پاڻ جي مڪمل نفي ڪندو
آهي.
نوراحمد خوجو؛ ڇا ڪنهن سٺي تحرير لاءِ ٽيڪنڪ جي
ڄاڻ ضروري آهي يا جيڪڏهن ڪو ٽيڪنڪ جي پرواهه نه
ڪري ته ڪو شهپارو تخليق ڪري سگهي ٿو؟
آغا صاحب؛ نه ٽيڪنڪ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ به
شاهپارو تخليق ڪري سگهجي ٿو.
نوراحمد خوجو؛ هر لکندڙ جي لکڻي تي ان جي محبوب
مصنف جو اثر پوندو آهي، ڇا اوهان تي ڪنهن پنهنجي
پسند جي ليکڪ جو اثر پيو آهي ۽ اهو ڪنهن جو ٿي
سگهي ٿو؟
آغا صاحب؛ ادب جي سفر ۾ اديب تي ڪيترن ئي ليکڪن جا
اثر پوندا آهن، جيڪي هن جي شخصيت ۾ ڳوهجي هن جي
شخصيت جو حصو ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به
ٿيندو آهي جو ڪي تحريرون ليکڪ جي اندر ۾ داخل ٿي
وري هڪ نئين شڪل ۾ تخليق ٿينديون آهن. جيئن بابا
فريد جو دوهو آهي ته:
سرور پنکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
تن لهرون ۾ گڏ ٿيا، ربا، تيڏي آس.
اهو ساڳيو دوهو شاهه جي اندر ۾ داخل ٿي هڪ نئين
جوت ۾ هيئن ٻيهر وجود ۾ آيو؛
جر ۾ پکي هيڪڙو، پاهيڙي پنجاهه،
رکي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾.
شاهه جي ان بيت کي مان بابا فريد جي بيت جو ترجمو
نٿو چوان نئين تخليق ٿو چوان، مونکي چيخوف، دوستو
وسڪي گهڻو وڻندا آهن، ترگنيف جي ناولٽ
First love
کان متاثر ٿي مون ”روشنيءَ جي تلاش“ ناولٽ لکيو
هو. ان تي پيري لوئي جي ناولن جو به اثر هو.
نور احمد خوجو؛ حسن ڇا آهي؟
آغا صاحب؛ حسن جي باري ۾ وڏا علمي بحث ٿيا آهن، ڪي
چوندا آهن ته حسن ڏسڻ واري جي اکين ۾ هوندو آهي، ۽
هن جون اکيون حسين نظر ايندڙ شيءِ ۾ حسن اوتينديون
آهن، ڪي چوندا آهن ته حسن جو پنهنجو الڳ وجود آهي،
منهنجي خيال ۾ حسن تناسب
Harmony
آهي نوراحمد خوجو؛ جيئن جين پال سارتري جو مشهور
سوال آهي ته ”ادب بکايلن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي“
موجوده دور ۾ به ادب جي ڪردار جي باري ۾ مختلف ۽
متضاد رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته ادب موثر ڪردار
ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪي ان سان متفق ناهن ان بابت
اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
آغا صاحب؛ ادب تمام موثر ڪردار ادا ڪري ٿو، بکايلن
کي ڪجهه نٿو ڏئي پر بکايلن ۾ کين بکيو رکڻ وارن کي
سڃاڻيندي نوڪري، ان کان اڳيون قدم مزاحمت آهي.
نوراحمد خوجو؛ ڇا مصيبت ۽ مشڪلاتن مان گذرڻ
کانپوءِ ئي ڪو اديب بهتر ادب تخليق ڪري سگهي ٿو؟
آغا صاحب؛ نه بلڪل نه،
نوراحمد خوجو؛ ڇا ادب کي پيشو بڻائي، بهتر ادب
تخليق ڪري سگهجي ٿو؟
آغا صاحب؛ ڇو نه.
طارق عالم؛ اوهان جي ڏات جو سفر ڪهاڻيءَ کان شروع
ٿيو ناول ۽ شاعري کان ٿيندو لطيف سائين جي شاعري
جي ترجمي تائين پهتو ۽ انهيءَ دوران اوهان تحقيق
جهڙي پرپيچ واديءَ ۾ قلم جي عصا کڻي پير کوڙي چڪا
آهيو، انهيءَ ادبي سفر ۾ ٽريڪس بدلائڻ جي پس منظر
بابت پڙهندڙ کي ڪجهه ٻڌايو؟
آغا صاحب؛ اندر اظهار جا رستا ڳولهيندو ٿو رهي،
شاهه جو بيت سٺي نموني ترجمو ٿي وڃي ته سچ پچ ته
ايڏي خوشي ٿي ٿي جيئن ڪنهن پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ مان
به نٿي ٿئي. اياز تي ڪتاب لکيو ۽ شاهه جي سرن جي
مطالعي وارا مقالا لکيم ته مونکي ايڏي خوشي ٿي
جيڪا مون کي پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ مان به ڪانه ٿي
هئي.
طارق عالم؛ سنڌي ڪهاڻي، شاعري ۽ ناول کي دنيا جي
ادب سان ڀيٽ ڪجي ته اسان جو ادب نه پڙهيو آهي جو
مان ڪا راءِ ڏئي سگهان، پر مان سمجهان ٿو ته اسان
سنڌيءَ جي چونڊ بهترين ادب کي دنيا جي ادب جي
برابر بيهاري سگهون ٿا.
طارق عالم؛ سنڌي ادب ۾ نقادن جي کوٽ جا ڪهڙا سبب
آهن؟
آغا صاحب؛ علم جي گهٽتائي ۽ غير جانبداريت جو
فقدان، علم ئي غير جانبداريت پئدا ڪندو آهي.
طارق عالم؛ ادب ۾ تجربي جي ڪيتري اهميت آهي؟
آغا صاحب؛ وڏي اهميت آهي.
طارق عالم؛ اوهان به ڪيترن ئي ادبي ادارن جي بورڊ
آف گونرس جا ميمبر رهيا آهيو، انهيءَ حوالي سان
اوهان سنڌ جي ادبي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان ڪيترو
مطمئن آهيو؟
آغا صاحب؛ اوهان مطمئن هجڻ جي ڳالهه ٿا ڪيو، سنڌ
جي ادبي ادارن ۾ تباهي لڳي پئي آهي، جنهن جو وڏو
مثال سنڌي ادبي بورڊ آهي. جنهن کي تازو ڌاڙيلن جي
ٽولي لٽيو، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان اکين
سان ادارن کي لٽجندو ۽ برباد ٿيندو ڏسون ٿا پر
ڪجهه به ڪري نٿا سگهو، ايڏي بيوس قوم شايد ڪا
هوندي.
انورفگار؛ آغا سليم وٽ اهو ڪهڙو جذبو آهي، جنهن
تحت اهو گهڻ رخو علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو
آهي؟
آغا سليم؛ الائجي ڪامياب ٿيو آهيان يا نه پر ۽
ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو سوچڻ کان سواءِ پورهيو
ڪيان پيو ۽ ڪندو رهندس جو اها منهنجي مجبوري آهي
پورهئي ۾ ڪاميابي يا ناڪامي جو فيصلو ڪرڻ وارو ته
پڙهڻ وارو آهي جيڪو شاهه جو سر ڪاپائتي وارو اهو
ڪانڌ آهي جنهن لاءِ شاهه چيو آهي ته
توڙي ڪي نه ڪتين ته به ڪانڌ تنين جو ڪوڏيو. باقي
جذبي واري ڳالهه تنهن لاءِ مان هميشه شاهه جي هن
بيت جو مثال ڏيندو آهيان ته؛
جنين سک ناه ڪو، چارڻ سي چئجن،
رڃن راه پڄن، مٿي لهن ڪينرا.
شاه فن کي اندر جو سڏ ٿو چئي.
سڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪنيرو، ان حوالي سان ئي
اياز پنهنجي هڪ شعري مجموعي جو نالو ”ڪلهي پاتم
ڪينرو“ رکيو هو.
انورفگار؛ آغا سليم جي علمي، ادبي، فني ۽ فڪري
لاڙن جي ارتقا تي ڪهڙن عالمن، اديبن، اڪابرن ۽
مفڪرن جا اثرات مرتب ٿيل آهن؟
آغا صاحب؛ ادا ان سوال جو جواب مان هڪ دوست جي
سوال ۾ ڏنو آهي.
انورفگار؛ آغا سليم کي جيڪڏهن چئجي ته هو سنڌ تصوف
جي سموري تاريخي صورتحال ۾ ڪهڙي مڪتب فڪر کي سنڌ
تي ڇانيل ڏسي ٿو ۽ ڪهڙن صوفين کي مهان صوفي سمجهي
ٿو ته مختصر پيرايئي ۾ ڪيئن سمجهائي سگهندو؟
آغا صاحب؛ سنڌ ۾ وحدته الوجود جو فڪر ڇانيل آهي.
درازن جي درگاهه جو حق موجود ۽ سدا موجود وارو
سلام ۽ جواب ۾ الحق واري نعري جي هڪڙي صورت آهي.
لطيف سائين ته آهي ئي وحدته الوجودي شاعر، مون
جيتوڻيڪ مخدوم معين ٺٽوي جا ڪتاب ڪونه پڙهيا آهن
پر مان سمجهان ٿو ته مخدوم معين وحدته الوجودي فڪر
جو تمام وڏو عالم ۽ ابن العربي جي فلسفي جو وڏو
ڄاڻو هو، مان ته ائين به ٿو سمجهان ته وحدته
الوجود ۽ ابن العربي جو فلسفو شاه مخدوم معين کان
پرايو...... سڀ صوفي مهان آهن باقي شاعرن ۾ شاه،
سچل ۽ سامي مهان آهن. شاه جمالي صوفي آهي. سچل
جلالي ۽ سامي ويدانتي صوفي آهي. ٽئي پنهنجي پنهنجي
مڪتبهءِ فڪر ۾ مهان آهن.
انورفگار؛ آغا سليم مختلف علمي ادبي صنفن تي طبع
آزمائي ڪرڻ ۽ ڪاميابي ماڻن لاءِ پاڻ کي ڪهڙيءَ طرح
راغب ڪري جتن ڪري ٿو؟
آغا صاحب؛ ليکڪ يا فنڪار پنهنجي اندر جي سڏ جو
جواب ڏيڻ لاءِ مختلف صنفون آزمائيندو آهي يعني ته
مختلف انداز سان لهجا مٽائي ڪڏهن ڪهاڻي، ناولٽ،
ناول، ڊراما، شاعري ته ڪڏهن ترجمي جي شڪل ۾ جواب
ڏيندو آهي، پر انهن جوابن ڏيڻ کانپوءِ کيس خبر پئي
آهي ته سڏ جو صحيح جواب ڏئي نه سگهيو آهيان.
انورفگار؛ آغا سليم آخر آهي ڇا؟
آغا سليم؛ شاهه جي ڪاپائتي جيڪا ساري ڄمار ڪنبدي
(پنهنجو پاڻ کان) ۽ (ڪتيندي پنهنجو پاڻ لاءِ) ئي
رهي ۽ آخر ۾ جا هن پنهنجي پورهئي تي نظر ئي وجهي
ته سندس اندر جو صراف ڌڪو به داخل نٿو ڪري. سندس
پورهئي جا به سندس پوري وجود جي تشريح سندس اندر
جي صراف اڳيان شاه جي هي سٽ ٿي ڪري ته؛
آگلڙي آئون، مون کان، ڀيرا ڀڳا نه ٿيا.
منظور قادر؛ اسان جو پاڙيسري ملڪ هندوستان آزاديءَ
کان وٺي هن وقت تائين مڪمل جمهوري ملڪ جي حيثيت
سان سڃاتو وڃي ٿو جڏهن ته اسان وٽ جمهوريت آمريت
جي هٿان قتل ٿيندي رهي آهي. ان حوالي سان سنڌي ادب
تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيا آهن؟
آغا صاحب؛ منهنجي خيال ۾ جمهوريت جي قتل جي نتيجي
۾ ئي اڙدو توڻي سنڌيءَ ۾ مزاحمتي ادب پيدا ٿيو آهي
خود قوم پرستي جي تحريڪ ۽ سنڌيءَ جو مزاحمتي ادب
جمهوريت جي قتل جو نتيجو آهي. جمهوريت قتل نه ٿئي
ها ته ون يونٽ نه ٺهي ها، ٻوليءَ کي ختم نه ڪيو
وڃي ها سنڌ جي وسيلن ۽ نوڪرين تي ڌاڙا نه لڳن ها ۽
سنڌ ۾ مزاحمتي ادب پيدا نه ٿئي ها. شيخ اياز جي
شاعري ۽ سارو ترقي پسند ۽ قوم پرستيءَ وارو ادب
جمهوريت جو قتل ۽ ان مان منطقي طور نڪرندڙ نتيجن
جي خلاف احتجاج آهي.
منظور قادر؛ توهان پنهنجي سموري ڪيريئر ۾ نوڪري کي
وڌيڪ اهميت ڏني يا پنهنجي ضمير کي؟
آغا صاحب؛ منهنجي نوڪريءَ جي نوعيت اهڙي نه هئي جو
مونکي ضمير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نوڪريءَ کي اهميت ڏيڻي
پوي ها. مان اوهان کي هڪ ٻه واقعا ٻڌايان ٿو جن
مان خبر پوندي ته مون ڪهڙي نموني نوڪري ڪئي آهي.
مان حيدرآباد اسٽيشن تي پروگرام مئنيجر هيس صبح جو
سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڪلاڪ جا ڊسڪس جا ڪي پروگرام ٿيندا
هيا 1977ع واري مارشل لا کانپوءِ هڪ ڏينهن مونکي
منهنجي باس هدايت ڪئي ته سنڌي پروگرام ۾ هڪڙي
مذهبي عالم جو اردوءَ ۾ ڏهن منٽن جو درس شامل
ڪيان. اهو درس روزانو ٿيندو هو، ايئن ڪرڻ سان سنڌي
پروگرام جا ڏهه منٽ گهٽ ٿي ٿيا مون انڪار ڪيو ۽
پروپوزل رجسٽر اڇلائي ڏنو ته مان ان تي صحيح نه
ڪندس اها ڳالهه پوءِ ايتري وڌي جو مون ڪوشش ڪري
پنهنجي بدلي اسلام آباد ڪرائي. ٻيو دفعو وري هيڊ
ڪواٽر وارن چيو ته مان امرجليل جي هڪڙي ڪهاڻيءَ جو
کين ترجمو ڪري ڏيان مون سمجهيو ته هو اهو ترجمو
مونکان ڇو ٿا ڪرائين هڪ هن جي ان ڪهاڻيءَ جي آڌار
تي هن جي خلاف قدم کڻڻ ٿي گهريو مون کلي کين چيو
ته اسان وٽ تتر جو شڪار ڪرڻ وارا پاليل تتر کڻي
ويندا آهن جهنگ ۾ پاليل تتر ٻوليندو آهي ۽ جهنگلي
تتر هن جي ٻولي ٻڌي لهي ايندا آهن ۽ شڪاري کين
شڪار ڪندو آهي. مان اهو تتر نه آهيان جو پنهنجي
ٻوليءَ سان پنهنجن کي ڦاسرايان. اها ٻي ڳالهه آهي
ته منهنجي ڪنهن گهڻ گهري منهنجي ناول ”اونڌاهي
ڌرتي روشن هٿ“ جو ترجمو ڪري لامنسٽريءَ ۾ ويٺل
هڪڙي ٻي گهڻ گهري سنڌي ڊپٽي سيڪريٽري ان تي نوٽ
هنيون نه هي ناول پاڪستان جي خلاف آهي ۽ هن جي
ليکڪ تي ڪيس هلايو وڃي پر پوءِ لاڙڪاڻي جو هڪڙو
گهانگهرو صاحب هو جنهن ان ناول جي باري ۾ جيڪو نوٽ
لکيو اهو ناول جي صفحن جي اڌ صفحن جيترو هو، هن
منهنجو بچاءُ ڪيو ۽ مان بچي ويس.
منظور قادر؛ هن وقت سنڌ جي موجود سماجي، سياسي ۽
ثقافتي تناظر ۾ سنڌ کي هڪ ڀرپور ناول جي ضرورت
آهي، ناول نگار جي حيثيت سان توهان اها ذميواري
کڻن لاءِ تيار آهيو؟
آغا صاحب؛ ڪنهن به هنڌ، ڪنهن به اداري يا پيشي سان
لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي ذميواري پوري نٿو ڪري.
منظور قادر؛ اديب کي صرف قلمي جهاد ذريعي وڙهڻ
گهرجي، يا عملي طور به ميدان ۾ لهڻ گهرجي؟
آغا صاحب؛ مان
Spent force
آهيان، اندران سڏ اچڻ بند ٿي ويا آهن، اندران سڏ
ٿئي ته پوءِ شايد شاهه جي هن سٽ جو ڀرم رکان ته
”سڻي تنهنجو سڏ ڪلهي پاتم ڪينرو. منظور قادر؛ ڪنهن
ليکڪ جي زندگيءَ ۾ سچ کي مرڪزي ۽ پهرين حيثيت حاصل
هئڻ گهرجي يا ثانوي؟ آغا صاحب؛ جي ميدان لهڻ جهڙو
آهي ته پوءِ ضرور لهجي.
سميع بلوچ؛ سائين سنڌي ادب ۾ توهان قد آور ليکڪن
کي پنهنجي قوم کان ڪيتري موٽ ملي؟
آغا صاحب؛ تمام گهڻي، ايڏي گهڻي جو ڪڏهن ڪڏهن
محسوس ٿيندو اٿم ته ايڏي مڃتا مان ڪنهن طرح نه
لهڻان، اسان ڏياچ واري ڪردار کي جنم ڏيندڙ قوم
آهيون جنهن فن تي سر ڏنو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي پنهنجي
قوم جي مڃتا جي نوازش کي ڏسي مونکي شاهه جي ڏاتار
جو ڪردار ياد پوندو آهي، جنهن لاءِ شاهه چيو آهي
ته؛
جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهان ئي ڳجهه ۾،
اي جي سڻن ڪڏهن، ڪرت وارا ڪي،
ته ساز سمورا سي، پٿون ڪرين پلڪ ۾.
سميع بلوچ؛ توهان جنهن شعبي ۾ نوڪري ڪئي آهي اتي
توهان جا جيڪي ماتحت رهيا آهن انهن جو چوڻ آهي ته
آغا خالد سليم ڏاڍو سخت/ خشڪ آفيسر رهيو آهي. پر
جڏهن توهان سان ملجي ٿو ته توهان جهڙو نرم سڀاءُ
رکندڙ من ماڻهو بلڪل ان جي ابتڙ ٿو نظر اچي اهو
شخصيت ۾ ٻه رخ ڪيئن آهن؟
آغا صاحب؛ الائج ڪيئن آهن، الائج ڇو نه آهن، الائج
آهن به يا نه. سميع بلوچ؛ توهان آدرشي ليکڪ آهيو،
توهان جا ناول ۽ لکڻيون ٿيون ٻڌائين. توهان ادب ۾
موجوده جمود کان ڪيتري قدر مايوس آهيو؟
آغا صاحب؛ جمود نه آهي، ادب پيدا ٿئي ٿو پر اظهار
جي وسيلن جي کوٽ آهي ادبي رسالا اديب ۽ شاعر پيدا
ڪندا آهن روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالن جو مثال اسان جي
سامهون آهي رسالا ڪونهن ماڻهن اخباري ڪالم لکي ۽
پڙهي پنهنجي ذوق جي تڪميل پيا ڪن.
سميع بلوچ؛ شاهه سائين کي اڙدو ۽ انگريزي ۾ ترجمي
ڪرڻ پويان توهان کي ڪيترو سولو لڳو ۽ ان ڪم جي
پويان ڪهڙو جذبو هو جنهن توهان کان شاهه جو ترجمو
ڪرايو؟
آغا صاحب؛ ان جذبي ترجمو ڪرايو ته ٻين کي ٻڌايان
ته منهنجو ساجن سڀنان سهڻو،
سميع بلوچ؛ جيئن اسان جي ٻين وڏن ليکڪن اخباري
ڪالمن ۾ وڃي پناهه ورتي ڇا ائين سمجهون ته توهان
ترجمن ڏانهن وڃي پنهنجي تخليقي عمل لاءِ رستا بند
نه پيا ڪريو.....؟
آغا صاحب؛ نه تخليقي عمل جو هڪ نئون رستو ڳوليم.
خبر پيم ته ترجمو، خاص ڪري شاهه جو ترجمو جي شاهه
جي شاعري ۾ ٻڏي ڪجي ته تمام وڏو تخليقي عمل آهي.
حادثا ۽ واقعا سماج ۾ رونما ٿيڻ سان اهي ادب کي
ڪيترو متاثر ڪن ٿا؟
آغا صاحب؛ تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا واقعا ۽ حادثا هن
جي اندر ۾ لهي سندس احساس جي کوري ۾ پڇي پوءِ ڪڏهن
ڪنهن شعر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ناول ۽ ڊرامي ۾ ظاهر ٿين
ٿا.
ن م؛ موجوده وقت جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي اهو
پنهنجي روايتن سان ڪيترو سلهاڙيل آهي؟
آغا صاحب؛ گهڻي ڀاڱي سلهاڙيل آهي، اوهان منهنجي
شاعريءَ جوئي مثال وٺو اها پنهنجي روايتن سان
سلهاڙيل آهي ساڳيءَ طرح جن ڌنن ۾ اها ڳائي وئي آهي
اهي ڌنون به موسيقيءَ جي روايتن مان اسريون اهن.
جوڳي؛ يادن کي پنهنجا الڳ رنگ ۽ عجيب سلسلا ٿيندا
آهن، پوءِ اهي رنگ گلابي هجن توڙي ڪارا، سلسلا
ڊگها هجن توڙي سوڙها پر هميشه اندر ۾ سگريٽ جيان
دکندا ۽ اڻ تڻ بڻجي سڏڪندا رهندا آهن اهڙي پسمنظر
۾ اوهان آغا سليم جي ڪهاڻي آغا سليم جي زباني
ٻڌايو؟
آغا سليم؛ يادن جا رنگ سگريٽ وانگر نه دکندا آهن،
انڊلٺ وانگر کڙندا آهن.
جوڳي؛ اوهان پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۾ ڪهڙن
شاعرن جو اثر قبول ڪيو؟
آغا سليم؛ ڪنهن به شاعر جو شعوري طور اثر قبول نه
ڪيو آهي، لاشعوري طور ضرور هوندو. |