سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:40

ذوالفقار هاليپوٽو

آغا صاحب! لو يو سر

”ذلفي پٽ...! آغا سليم صاحب تي ڪجهه لکي ڏيو...!“ – ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي تاريخي عمارت ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪرسي تي ويٺل نصير مرزا (بابا) پاران اُچاريل اهي اکر ته صفا مختصر ۽ بنهه سادا هئا، پر انهن اکرن پٺيان جيڪو خيال هو- جيڪا ذميواري هئي- سو ڪنهن وڏي چئليج کان گهٽ نه هو. نصير جا جملا، نصير جي سِٽ ڪنن ۾ سيسراٽيون ڪندي اچي دل کي لڳي، جو پنهنجي محبوب ليکڪ تي ڪجهه لکڻ جي آڇ ملي ته ڪهڙو منڪر نڪير نابري واريندو.

نصير سٽ ڇا چئي... من اندر جي کڙڪي هڪ جهٽڪي سان اهڙي ته فاسٽ روائينڊ ٿي جو وڃي اَسيءَ واري ڏهاڪي جي انهن آخري سالن جي انهن خوشگوار ڏينهن ڏانهن مون کي ڇڪي وئي جڏهن آغا سليم صاحب کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي عمارت ۾ وزٽ ڪندي ڏٺو ويو. انهيءَ عمارت ۾ نفيس – سنها- سهڻا برف جهڙا ٻه هلندڙ روح مون کان مرڻ گهڙيءَ تائين نه ٿا وسري سگهن. هڪ مراد علي مرزا صاحب ۽ ٻيو (مولا صحت ۽ زندگي عطا ڪري) آغا سليم صاحب.

آئون ريڊيو پاڪستان جي عمارت پويان واقع پنهنجي تعليمي اداري گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان موڪل مهل نصير مرزا جي آفيس پهتس ته ڏٺم ته مين گيٽ کان وٺي جهڙوڪ ايمرجنسي لاڳو هئي- نصير بابا جي ڪمري ۾ پهچندي خبر پئي ته آغا سليم صاحب سرڪاري دوري تي پهتل آهي- پوءِ ڪنهن مهل ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب جي ڪمري مان اڇو وڳو پاتل آغا سليم، نصير مرزا جي ڪمري ۾ براجمان ٿيو ۽ ائين مون پهريون ڀيرو آغا صاحب کي اکين ۽ روح جي ويجهو ڏٺو هو.

عرفان علي انصاري، شاهنواز (شانو) ۽ ڪجهه ٻين سلڇڻن نوجوان براڊڪاسٽرن اڳيان آغا صاحب تي مضمون لکي ڏيڻ جي حڪم تي لبيڪ چوڻ منهنجي پهرين ذميواري هئي. پنهنجن مائٽن ۽ استادن کان ورثي ۾ مليل اخلاقي ضابطن واري ملڪيت جو هڪ سبق اهو آهي ته پنهنجي محسنن، وڏن ۽ استادن جي سڏ تي مثبت وراڻي ڏيان. اها ڳالهه ”باادب- با نصيب“ جي ضمري ۾ اچي ٿي. وري جي حڪم ٿئي ته آغا صاحب تي لکڻو آهي ته انڪار جو ڪو سبب هن جنم يا هن جنم ۾ نظر ئي نه ٿو اچي.

مون ته سدائين اهڙين آڇن کي پنهنجي پتڪڙي علمي ادبي قد ڪاٺ ۾ بهتر واڌ جو ئي سبب سمجهيو آهي، جو جن شخصيتن سنڌ جي علمي، ادبي، فڪري ۽ نظرياتي ميدان ۾ ٿرٿلا آندا هجن، انهن کي پڙهڻ، انهن سان ڪچهريون ڪرڻ، انهن جي صحبت ۾ رهي ڪجهه پرائڻ ۽ وري انهن جي شخصيتن جي ڪم تي لکڻ ڪنهن نعمت ۽ خوشنصيبيءَ کان گهٽ ناهي. لطيف، سچل، اياز، جويو، بلوچ ۽ اڻ ڳڻيا ٻيا نالا اهڙا آهن، جن سنڌي سماج جي هر دور ۾ علمي ۽ فڪري آبياري ڪئي آهي. آئون سمجهان ٿو ته انهن تي جڏهن به موقعو ملي ته ضرور لکجي- هر هر لکجي- اُنهن تي ڳالهائجي ۽ انهن کي هر هر پڙهجي ته جيئن ان ڪمٽمينٽ تي اڃا ايمان پختو ٿئي ته سنڌ پنهنجي فڪر ۽ ڪردارن ۾ شاهوڪار آهي.

آغا سليم صاحب به منهنجيءَ نظر ۾ هڪ اهڙي شخص جو نالو آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ نثري صنفن ناول، ڊرامي ۽ سفرنامي وغيره ۾ نه فقط نون لاڙن جو بنياد وڌو آهي پر هن صحافت جي ميدان ۾ ڪالم نگاريءَ ذريعي سنڌي صحافت ۾ نوان رجحان ۽ موضوع متعارف ڪرايا آهن- اڄ اسان جي نسل سوڌو ڪيتريون ئي پيڙهيون سندن لکڻين جي سحر ۾ ورتل آهن- ته پوءِ اهڙين ليکڪن تي لکڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

هاڻي نصير بابا سان ها ته ڪري ويٺس پر لکان ڇا؟ لکڻ شروع ڪٿان ڪريان- ايڪسائٽمينٽ ۽ آغا صاحب جي حوالي سان ڳالهين ۽ واقعن سان ٽمٽار خيالن جي ڍيري جهڙوڪر هٿن مان پئي وڃي. آغا سليم جي هڪ ماڊرن ناول نگار هجڻ واري خيال تي لکان يا سندس بهترين مترجم ۽ اردو ٻوليءَ تي دسترس واري ڪوالٽي تي لکان- لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ جي جديد شارع هجڻ واري لاجواب بي مثال ڪم ڪندڙ هڪ شڪارپوري پٺاڻ جي تخليقن تي لکان يا تصوف ۾ ٽمٽار سچل ۽ بابا فريد جي شاعريءَ تي ڳوڙهو اڀياس رکندڙ هن صوفي لاڪوفي جي پاسن تي لکان. ڇا اُن آغا صاحب تي لکان، جيڪو سنڌي موسيقيءَ تي لکندي پنهنجي اندر ۾ ويٺل هڪ سهڻي موسيقار ۽ فنڪار کيي اسان تي ظاهر ڪري ٿو يا اُن آغا صاحب کان شروع ڪريان، جنهن ليکڪ جي ناولن ۽ ڪهاڻين جون سٽون چورائي محبوبائن لاءِ ڊگها خط لکي، ڪاليجن ۾ ڪامياب ۽ ڀرپور عشق ڪياسين. اُن آغا صاحب تي لکجي جيڪو هڪ ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار طور باس به رهيو هجي ۽ دوست به- ننڍي هوندي کان مولا عليءَ جو هڪڙو قول هر ٻئي ماڻهو جي واتان ٻڌندا ۽ هر ٻئي ڪتاب ۾ ڪوٽ ٿيندي ڏسون ٿا، جيڪو آهي ته ”انسان جي اصل خبر، سفر ۾ پوندي آهي“. يا وري اُن آغا صاحب تي لکان جيڪو تازو ئي مون سان هندستان جو هڪ ڊگهو سفر ڪري ديس موٽيو آهي.

آغا سليم جن ڪردارن تاريخي واقعن، علمي فڪري تحريڪن، شخصيتن ۽ دورن کان متاثر رهيو آهي، جيڪڏهن رڳو انهن تي فوڪس ڪجي ته به ڪتاب لکجي وڃن. آغا صاحب جي اُتساهه يا جيڪي ماخذ آهن جن کيس متاثر ڪيو آهي اُن رنگ تي لکڻ لاءِ به وڏو وقت ۽ وڏي تحقيق گهرجي. ڪافي وقت کان اهو پڪو عهد ڪيو اٿم ته لکبو ته دل سان ۽ تفصيل سان نه ته ڏبو بنهه جواب- باقي خانه پوري ۽ ڪم ٽپائڻ واري فنڪاري ڊڪشنري مان ئي ڪڍي ڇڏي اٿم. سو هاڻ ويو آهيان وٺجي نيٺ آغا صاحب جي ڪهڙي رنگ کي ڇُهجي.

شخصي خاڪا، پروفائيل لکڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، ڪنهن به اهڙي شخصيت تي لکڻ جنهن سان اوهان جو ذاتي لاڳاپو هجي يا وري اوهين اُن جي علمي، فني ۽ ادبي ڪردار ۽ ڪم کان متاثر هجو يا سندس زندگي جي ڪنهن خاص حصي يا ڪنٽريبيوشن يا سگهه کان انسپائر هجو ان جي سمورن رُخن کي سامهون رکندي پوءِ سمورا خيال هڪ جاءِ ڪري ڪو مناسب ۽ انصاف ڀريو ليک لکجي، اهو ڏاڍو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. ها! هڪ سٺي پڙهندڙ ۽ ايڊمائرر کي اها ئي هڪڙي لالچ بچي ٿي ته هو ان ٽاسڪ جي بهاني پنهنجي پسنديده ليکڪ سان – سندس لکڻين سان، سندس اُتساهه وارن ماخذن سان ٻيهر ٻک هڻي کيس وري نئين انداز ۾ پڙهي – وري نئين انداز سان سمجهي- ۽ وري نئين رنگ ۾ ان بابت لکي. سو مون کي به لڳو هو ڄڻ نصير مرزا مون کي موقعو فراهم ڪيو آهي ته آئون پنهنجي ناقص قلم سان آغا صاحب جي شخصيت کي، علمي ادبي ڪاوشن کي، سندس فني ۽ فڪري اڏام جي لهرن کي ٻيهر ريڪيپ ڪري سهيڙي ٻيو ته ڪجهه نه ڪريان پر پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪريان ۽ وري آغا صاحب کي هڪ نئين روپ ۾ ايڪسپلور ڪريان.

آغا صاحب منهنجي نظر ۾ هڪ ملٽي ڊائمينشنل (گهڻ رُخو) ليکڪ آهي. مون ڏٺو آهي ته جيڪي روح بيچين هوندا آهن اُهي ڪيترو به دُنيا تياڳين، ڪيترو به پڙهن پر سندن اندر جي اڻ تڻ ۽ بي چيني کين سک سان ويهڻ نه ڏيندي آهي ۽ هو هر روز پنهنجي صبح جي شروعات ڪن نون ڪسوٽين ۽ رازن کي ڦلورڻ جي سرگرميءَ سان ڪندا آهن. آغا صاحب کي مون سدائين انهيءَ اُڻ تڻ ۾ ڏٺو آهي. جي اها اُڻ تڻ نه هجيس ته هو ڪيئن ڪر ايترن مختلف ۽ پيچيده موضوعن تي ائين لکي سگهي. بلڪه ايتري خود اعتمادي سان لکي سگهي. آغا صاحب جي تخليقي ڪم جو احاطو تمام ڪشادو، سندس فڪري ۽ فني آسمان تمام وسيع ۽ سندس انداز بيان بنهه متاثر ڪندڙ آهي. مون ته کيس سدائين پڙهندي محسوس ڪيو آهي ته هو ڪٿي به پنهنجي اهڙين شانائتي لکڻين مان به مطمئن نه آهي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ هو کوجنا جا در کوليندو رهي ٿو. اڻ ڌٺي کي ڇهڻ چاهي ٿو ۽ هو ڪنهن اهڙي اسٽيج تي پهچڻ چاهي ٿو جتي هن تي زمين ۽ آسمان جا سڀ راز جهڙوڪر کُلي پون.

آغا صاحب سنڌي ادب کي لاجواب ۽ شاندار حصو ارپيو آهي- ان پورهئي ۽ ڪنٽريبيوشن جو ڪو به متبادل نه ٿو ٿي سگهي. اردو ۽ انگريزيءَ ٻوليءَ رستي سنڌي ادب جي ڪيترن ئي رنگن کي عالمي سطح جي بحث ۾ آڻڻ، منهنجي نظر ۾ آغا صاحب جي سنڌي ادب لاءِ سڀ کان وڏي ڪنٽريبيوشن آهي. هو بنيادي طور پنهنجي اندر ۾ هڪ صوفي آهي تنهن ڪري سندس هر خيال پويان سڪندر اعظم جي سياسي ڪاهن تي لکيل ڪو ڪالم هجي، ارغونن ۽ ترخانن جي ڪاهن تي ڪو تبصرو هجي، اڄوڪي سنڌ جي صورتحال تي ڪو اڀياس هجي، اياز يا لطيف تي ڪا راءِ هجي، سندس فڪر ۽ خيال جو محور صوفين واري سنڌ آهي.

Melody of Shah Abdul Latif Bhittai سندس شاندار ڪمن مان هڪ آهي. آغا صاحب لطيف کي جيئن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو سندس ڀٽائيءَ سان محبت جو تاج محل آهي. وڏي وقت کان پوءِ لطيف کي هڪ اهڙو شارح ملي ٿو، جيڪو تشريحن سان ۽ تفصيلي نثري بيان سان انگريزيءَ ۾ لطيف جي سرن جو تناظر شيئر ڪري ٿو ۽ ان کانپوءِ شعر جي معنيٰ پيش ڪري ٿو. مثال طور لطيف جو هڪ شعرترجمو ڪيو اٿس. جيڪو هن ريت آهي.

هلو هلو ڪاڪ تڙئين، جتي نيهن اُڇل،

 نه ڪا جهل نه ڪا پل سڀڪو پسي پرينءَ کي

Let’s get on the Kaak landing where، Love erupts in waves

There is no restrain of any sort, Every one can perceives beloved

هاڻ نئين پڙهندڙ کي ڪيئن سمجهه ۾ اچي ته ڪاڪ ڇا آهي. تنهن ڪري آغا صاحب هر سُر جي تعارف ۾ وضاحت، تناظر ۽ تشريح ائين پيش ڪري ٿو جو لطيف کي پهريون دفعو پڙهندڙ به ان خيال کي جهٽي سگهي ٿو.

Melody of Clouds واري ڪتاب ۾ سُر سارنگ ۾ ڇا ته شاندار اردو ترجمي سان نه رڳو لطيف کي آسمان جي تارن سان گڏ بيهاري ٿو پر اردو پڙهندڙن کي به ڀٽائيءَ جي عظيم الشان فڪر کي سسڪيون ڀريندي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو.

سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي

ائين سي اُٻن انگيا، جيئن سي چنيءَ چٽ

برسيو پاسي ڀٽ، ڀريائين ڪن ڪراڙ جي

اردو ۾ هن ريت ترجمو ڪيو اٿس:

جیسے لاکھ کا رنگ، شفق کھلی بدرا میں،

جیسے رنگ چنریا چمکیں، چمکے بادل انگ،

بھٹ پہ برسا سارنگ، بھردی جھیل کراڑ

ترجمو ته پنهنجي جاءِ تي لاجواب آهي. پر منهنجو خيال آهي ته لطيف سرڪار جون هي سٽون شعر نه آهن بلڪه ڪا اڳڪٿي آهن- اڄ جڏهن شيخ اياز ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي مدفون آهي ته مون کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته لطيف کي ان گهڙيءَ جي خبر هئي ته ان اهو شعر تخليق ڪيو ۽ آئون سمجهان ٿو ته شيخ اياز ئي اها ”لالي لاک جي“ آهي جنهن ڪَراڙ کي هميشه لاءِ رنگي ڇڏيو آهي.

آغا صاحب لطيف کان بيحد متاثر آهي تنهن ڪري جنهن مهل به سندس من ۾ لطيف کي پڙهڻ يا سمجهڻ جي اڻ تڻ شروع ٿئي ته هو اهو ٽاسڪ اڪيلي سر کڻڻ بدران پنهنجي پڙهندڙن کي به ان رنگ ۾ رنڱي ٿو ۽ پوءِ سمورن کي پنهنجن نون خيالن سان آشنا ڪرائيندو ڀٽائيءَ کي نئين رنگ ۾ ڳولهي ٿو. آغا صاحب لطيف کي بيان ڪندي جدوجهد جي به ڳالهه ڪري ٿو ته جاکوڙ ۽ جستجو جي به پچار ڪري ٿو. پر آغا صاحب پنهنجي لکڻين جي هڪ مستقل نقطي (Ingredient) کي هٿان نه ٿو ڇڏي سو آهي درد ۽ پيڙاءُ. آئون سمجهان ٿو ته جنهن تبديلي، جدوجهد ۽ جنگ ۾ درد ناهي. سُر ناهي سو بيسوادو آهي، ان ڪري آغا صاحب ههڙن شعرن کي به پنهنجي ڪم ۾ بنيادي جڳهه فراهم ڪري ٿو.

سورٺ مُئي سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار،

نڪو راڳ نه روپ، نه ڪا تند تنوار

تهان پوءِ مڱڻهار، ڏنو سر ڏياچ کي.

آغا صاحب جي لطيف تي ڪيل انگريزي ۽ اردو ڪم جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو آهي ته ڀٽائيءَ جي سمورن سُرن کي، اُنهن جي روح وٽان انگريزي ۽ اردو نالا ڏنا آهن ته جيئن غير سنڌي به انهن اکرن جي اسپرٽ کي انهي ئي چاهه سان سمجهي سگهن. مثال طور سُر ڪيڏاري کي ميلوڊي آف مارٽرڊرم لکيو اٿس.

آغا صاحب جي شخصيت جو ٻيو پاسو سندس ناول آهن- آغا صاحب جا جن دوستن مختصر سفرناما ۽ ڊراما پڙهيا هوندا اُهي سمجهي سگهن ٿا ته هُن جي ڊرامن ’دودي چنيسر‘ ۽ ’دولهي دريا خان‘، ’ڇنو گرنار جو‘ جو مک ڪردار ’راءِ ڏياچ‘ ڪهڙي سياسي فڪر ۽ نظريي کان متاثر آهن. پنهنجي گهر جي لائبريريءَ ۾ آغا صاحب جي لکيل ڪتابن جي ڳولها ۾ ڪتاب جانچيندو ۽ گهربل ڪتابن کي ڇنڊيندو اهو اعتراف ڪرڻ لڳس ته هي ڪتاب ۽ پورهيو هر دور ۾ گهربل آهي، دز شايد اسان جي ترجيحات ۽ دلچسپيءَ تي چڙهي پئي آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه پاران ڇپرايل آغا صاحب جو منظوم اردو ترجمي وارو ڪتاب ”رسالا شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ آغا صاحب جو هڪ ٻيو زبردست ڪارنامو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ تي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل سندس تفصيلي تنقيدي مقالي کي سمجهڻ لاءِ ائين وقت گهربل آهي جيئن شيخ اياز جي شاعريءَ جي اڏام کي سمجهڻ کي اڃان ڪيئي نسل اڳيان هلڻو آهي. جيتوڻيڪ آغا صاحب ” لات جا لطيف جي“ ڪتاب ۾ لطيف جي مختلف فلسفن ۽ ايپروچز کي ايڪسپلين ڪيو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته خود آغا صاحب جي انهي ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ شارح گهرجن.

سنڌالاجي پاران 1990 ۾ ڇپرايل ’بابا فريد گنج شڪر جا دوها‘ ان جو

سنڌي ترجمو ۽ وري انهن دوهن تي لکيل مهاڳ رڳو علمي ۽ ادبي ڪاوش نه پر پورو مقدمو آهي. آغا صاحب ڪمال مهارت سان گروگرنٿ ۾ ڏنل دوهن- پوءِ دوهي جي سنڌيءَ ۾ امڪاني پڙهائي ۽ پوءِ سليس ترجمو شامل ڪري بابا فريد گنج کي سنڌي سماج ۾ هڪ نئين انداز سان متعارف ڪرايو آهي- بابا فريد جي شاعريءَ جي بهاني آغا صاحب جيئن دوهي جي تاريخ ان دور جي سياسي تاريخ ديس ڀڳتي تحريڪ کي ايڪسپلين ڪيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته هن ڪتاب کي ٻيهر نئين انداز ۾ اضافن سان ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. 1193ع ۾ سلطان شهاب الدين غوري، پرٿوي راج کي شڪست ڏيئي سنڌ ۽ هند تي حڪومتون قائم ڪيون ته دهلي، لاهور هند جا ۽ سنڌ ۽ اُڇ سنڌ جا مرڪز هئا- اُن وقت به خود مختيار ۽ آزاد سنڌ جي تصور تي آغا صاحب بهترين مقدمو لکيو آهي.

برها برها آکي، برها تو سلطان،

فريدا، جت تن برهه نه اوپجي ڄاڻ مساڻ

نانءُ چپن تي عشق جو عشق ته آ سلطان

جنهن دل عشق نه اوپجي، سا دل ڄاڻ مساڻ

آغا صاحب ڪمال تحقيق سان گروگرنٿ ۾ شامل سنڌي دوهن جي لسٽ کي شامل ڪري ٻڌايو آهي ته ڪيئن، ڪيترائي سنڌي اکر بابا فريد پاران استعمال هيٺ رهندا آيا آهن. مثال طور هڪ دوهو ترجمو ڪيو اٿس.

فريدا ڪالي ميڏي ڪپڙي ڪالا ميڏا ويس

گهني ڀريا سي ڦران، لوڪ ڪهي درويش

ڪارا منهنجا ڪپڙا- ڪارو منهنجو ويس

مان گناهن سان ڀريل لوڪ چون درويش

آغا صاحب جهولي لعل جي نالي سان هندستان چين ۽ سرحد (خيبر پختونخواهه) جو جيڪي مختصر سفرناما لکيا اٿس ان ۾ آغا صاحب جو لهجو لفظن جو استعمال ۽ خيال ايترو ته ڪريئيٽو ۽ دل کي ڇهندڙ آهي جو دل چاهي ٿي اُهي سفرناما هر هر پڙهجن. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته آغا صاحب انهن ملڪن جي سفرنامن جي عنوانن کي به تصوف واري نالن سان جوڙيو آهي. مثال طور هندستان جي سفرنامي جو عنوان لکيو اٿس ’جهولي لال‘. بيجنگ جي سفرنامي جو ٽائيٽل ڏنو اٿس ’حق موجود‘. ۽ شهنگائي وغيره جي سفرنامي کي نالو اٿس ’صبحاني مان اعظم شاني‘.

ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران ڇپرايل آغا صاحب جي تحقيقي ڪم ” سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر“ سندس هڪ ٻيو لاجواب ڪم آهي. جنهن ۾ آغا صاحب شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ فن فڪر جي ڏاهپ وارو مقدمو لکيو آهي. آغا صاحب روزاني سچ جي ايڊيٽر طور سنڌي صحافت ۽ ڪالم نگاريءَ کي ڪافي وقت ڏئي چڪو آهي.

۽ ها آخر ۾ اهو ٻڌائيندو هلان ته مون آغا صاحب سان گڏ ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي سفر ڪيا آهن. آئون ڪجهه سال اڳ اجيت ڪور پاران هندستان جي رياست مڌيا پرديش جي شهر ڀوپال ۾ ڪرايل هڪ عالمي صوفي ڪانفرنس ۾ ساڻس گڏ ويو هئس. واقعي به سفر ۾ ماڻهوءَ جي خبر پوي ٿي- آغا صاحب جيڪو پنهنجي طبيعت وارو موڊي ۽ حساس روح آهي، تنهن کي سفر ۾ جيترو چڱو ڏٺم، آئون سمجهان ٿو ته منهنجي نظر ۾ آغا صاحب جو سڄو پورهيو هڪڙي پاسي ۽ سفر دوران سندن روين ۽ محبتن جو جهان ٻئي پاسي. هو ڪراچيءَ مان دهلي روانگيءَ تائين ۽ پوءِ امرتسر کان ٿيندي لاهور موڪلاڻيءَ تائين سموري سفر ۾ هڪ ٻار وانگي گڏ رهيو. آئون سمجهان ٿو ته آغا صاحب جي اندر کي سمجهڻ لاءِ اِهو هڪڙو سفر ئي ڪافي هو. آغا صاحب ان سفر کان پوءِ مون کي پنهنجو پٽ قرار ڏنو ۽ ان سفر دوران مون محسوس ڪيو ته آغا صاحب نه رڳو Highly misunderstood شخص آهي پر سندس حساس ۽ موڊي طبيعت بابت جيڪي به رايا آهن سي اجايا آهن. مون زندگيءَ ۾ جن ماڻهن کي هر ڳالهه کان مثتسنيٰ قرار ڏيندي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڀانئڻ ۽ نڀائڻ جو وچن ڪيو آهي. آغا صاحب انهن ۾ سرفهرست آهي.

هن جي من ۾ اڄ به خوشحال سنڌ جو خواب ائين ئي جوان آهي جيئن سچل سرمست جو هي ڪلام جيڪو آغا صاحب لازوال اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي:

یار بسے مورے من میں، معشوق سے موری من میں

تُو بگیا میں بلبل ڈھونڈے، وہ ہے باغ بدن میں

دل مین دوئی، باہر ڈھونڈے، کہاں وہ دہشت بن میں

ہر چہرے میں جھانک کی دیکھے، تیرا چاند چمن میں

نیاری سج دھج سے وہ ساجن، آیا وہ خود آنگن میں

(سچل)

آغا صاحب...!!! لو يو سر!


 

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

 

آغا سليم افسانه نگار جي حيثيت ۾

 

آغا سليم جي ناولن ۾ بنيادي فڪر تصوف آهي جنهن کي هن رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، مثالطور سندس ناول ”همه اوست“ جنهن ۾ هن هندو، مسلم، عيسائي مذهبن جي ٽن ڪردارن کي زندگي جي مختلف ارتقائي حالتن ۾ ڏيکاريو آهي. جيڪي آخر ۾ فڪري طرح تصوف ڏانهن رغبت رکن ٿا. انهن ڪردارن جي فڪري ارتقا ليکڪ جي ذهن ۾ موجود فڪر مطابق آهي. اهو فڪر حقيقت آهي پر ڪردارن جو ماحول ۽ سندن چرپر تخيلي آهي جنهن ۾ ليکڪ ڏاڍو رومانٽڪ آهي. انهيءَ کان پوءِ ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي هاڪ آهي ۽ ٻئي طرف سندس فڪري تحريڪ جو بنياد شاهه عنايت صوفيءَ آهي. تاريخي طور ڏٺو وڃي ته شاهه عنايت صوفيءَ جي تحريڪ وقت شاهه لطيف اڃان 28 سالن جو هو. سندس هاڪ سڄي سنڌ تائين نه پهتي هئي تنهنڪري آغا سليم جو اهو خيال به رومانوي آهي. آغا سليم جو ٻيو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ 1978ع ۾ اسان جي سامهون آيو. هن ناول ۾ سنڌ جي5 هزار سالن کان وٺي اڄ تائين مختلف دؤرن جي فڪري ۽ تهذيبي صورتحال کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ناول جو مکيه ڪردار سارنگ آهي جيڪو هر دؤر ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ناول جو پلاٽ رومانوي آهي. جنهن تي تخيل جي اُڏام سان ڪردارن کي زندگي ڏني ويئي آهي. بنيادي طرح ليکڪ جو سنڌ ڏانهن جذباتي رويو آهي جنهن ۾ سنڌجي شهرن، ڳوٺن ۽ ماڻهن جو ذڪر ڏاڍو رومانوي انداز سان ڪري ٿو. مثالطور: ”شڪارپوري عورت ڳالهائيندي ته ائين لڳندو ته ڄڻ سُر جي ورکا پئي ٿئي. شڪارپوري گار به سُر ۾ ڏيندو، ڪڏهن شڪارپور جي گهوڙن جا هوڪا ته ٻڌ. اهڙي لانڍ ۾ اهڙي سُر سان هوڪا ڏيندا ڄڻ ڪو گيت پيا ڳائين، اَسُر ٿيندو ته سريلا آواز شروع ٿي ويندا. موهن جي دڙي وارا ڏاند گاڏين جا چيچاٽ، اُٺن جا چڙا گهوڙرن جا هوڪا.“

بنيادي طرح ليکڪ جو پنهنجي شهر سان جذباتي رشتو آهي، جيڪو هڪ عام سڀاويڪ جذبو آهي، جنهن جو بنياد محبت آهي ۽ محبت اهو جذبو آهي جنهن ۾ انسان حقيقي دنيا جي قيد مان نڪري پنهنجا گس، پنهنجا پيچرا، پنهنجا رشتا ۽ پنهنجي تخليقي دنيا ٺاهي انهيءَ ۾ پنهنجا رنگ ڀريندو آهي.

پرل ايس بڪ جو هڪ ڪردار (Pavilion of Women) ۾ چوي ٿو ته انسان جي دل ۾ سڀ کان پهرين محبت ان جي پنهنجي ذات سان محبت آهي، قدرت هر انهيءَ شيءِ کي زندهه رکي ٿي جنهن ۾ زندهه رهڻ جي خواهش موجود آهي. جڏهن ڪنهن به مرحلي تي انسان ۾ جيئڻ جي خواهش ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن به شيءِ جي محبت ان جي دل ۾ داخل نه ٿي ٿئي ته پوءِ انسان ۾ جيئڻ جي خواهش به ختم ٿي وڃي ٿي.،

رومانيت به رومانويت جو هڪ حصو آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حياتياتي عمل لاءِ رومانويت ضروري آهي. انسان ۾ جيترو حياتياتي طاقت (Vital Force) وڌيڪ هوندو اوترو هو رومانوي هوندو، شين سان جذباتي سطح تي رشتا جوڙيندو، پنهنجا ڪردار ٺاهيندو، پنهنجي تخيل سان ڪهاڻيون گهڙيندو، اهڙي طرح هو پنهنجي هڪ نئين دنيا آباد ڪندو آهي جنهن ۾ سونهن هجي، سوڀيا هجي، امن ۽ پيار هجي. آغا سليم به هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن سنڌ سان وطن پرستي جو جذباتي ناتو جوڙي هڪ حسين ۽ خوبصورت سنڌ جي تخليق ڪئي آهي.

آغا سليم  جا ٻه ننڍا ناول آهن ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻپورو انسان“ جن ۾ مختلف فڪري بحث ٿيل آهن. ناول ”روشنيءَ جي تلاش“ ۾ مختلف عورتن جا ڪردار پيش ڪيل آهن جن جي سماجي زندگيءَ ۾ ڪمزور مردن جا ڪردار آهن. مثال نسيم جو مڙس فالج زده آهي، هلڻ کان لاچار آهي، وهيل چيئر تي ويٺل آهي ۽ شميم جواڻ جماڻ ڇوڪري آهي پر کيس مرد جي محبت بجاءِ مرد جي مردانگي ۽ طاقت جهڙا گڻ وڻن ٿا، بلڪ هوءَ فطرت مان به طاقت، زور ۽ ڏاڍ جي روپ کي پسند ڪري ٿي.

مثال: ”رڳو هڪڙو وحشي ڪتو ڌاريو هئائين جنهن سان کيس ڏاڍو پيار ٿي ويو هو، ان ڪتي سان سندس پيار جو به عجيب سبب آهي، هڪڙي ڏينهن ڪتو رومڙ ڪري مٿان چڙهي آيس ۽ ڄنگهه ۾ چڪ هڻي ڪڍيائينس، هوءَ ڊپ يا ڪاوڙ ڪرڻ بدران چرين جيان ان ڪتي جي چڪ کي چمڻ لڳي ان کان پوءِ ڪتو سندس زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو.“

شميم جو هي روپ سندس نفسياتي مرض جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪا اذيت پسنديءَ جي شڪار آهي ۽ خود اڳتي هلي ليکڪ ڏيکاري ٿو ته شميم خودڪشي ڪري ڇڏي، ته کيس موت طاقتور لڳو ۽ زندگيءَ جا سڀ سهارا کيس ڪمزور لڳا. هن جو ڀروسو محبت تي به ناهي جو ليکڪ هڪ ڪردار واتان چورائي ٿو ته:

”ادا هن دنيا ۾ محبت ڪنهن کي به ميسر ڪانهي، هرڪو محبت کان محروم ۽ اڪيلو آهي، محبت، همدردي ۽ خلوص اهي سڀ کوٽا سڪا آهن، جن کي چمڪائي ۽ جرڪائي اسين ٻين کي فريب ڏيون ٿا ۽ پاڻ به فريب کائون ٿا، ۽ اڳتي هلي ليکڪ خود انهيءَ ڪردار کان چورائي ٿو:

”ادا پيار، محبت، همدردي سڀئي رُڃ جا روپ آهن پر رُڃ جي ان فريب کان سواءِ جيئڻ به ته محال آهي.“

يعني جيئڻ لاءِ فريب کائڻ ضروري آهي! هتي ليکڪ رومانويت جي انهي نڪتي تي پهچي چڪو آهي ته زندگيءَ جو فطرت سان يعني ٻاهر مادي دنيا سان رشتو رومانوي آهي، حقيقي ناهي ۽ زندگيءَ جو خوشحال روپ رومانوي آهي نه ته حقيقت ڪجهه به نه آهي يعني ٻي معنيٰ ۾ حقيقت موت آهي ۽ زندگي رومانويت آهي مطلب ته زندهه رهڻ جي لاءِ رومانويت جو ويس ڌارڻو پوندو جنهن ۾ جذباتي ۽ تخيلي سهارا آهن.

هتي ليکڪ وجودي فلسفي جي انهيءَ جوهر تي پهتو آهي جنهن ۾ زندگيءَ جو مثبت پاسو لڪل آهي پر ليکڪ واضح طور ناول ۾ انهيءَ فڪر کي پيدا ڪرڻ بجاءِ منفي پاسي ڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ ڪردار يعني شميم کان خودڪشي ڪرائي ٿو.

ٻيو ننڍو ناول ”اڻپورو انسان“ آهي. هن ناول ۾ هڪ شخص انقلابي آهي، سندس خواب ۽ آدرش هن سماج کي بدلائڻ جا آهن پر اوچتو هن جي دنيا ۾ تبديلي اچي ٿي، هو دنيا جي چمڪ دمڪ ڏسي پنهنجي آدرشن ۽ خوابن تان هٿ کڻي ٿو ۽ هڪ امير ڇوڪري سڪينه جي زندگيءَ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ هن کي سڪينه ۾ موهه نٿو ملي ۽ خود سڪينه به هن کان پري ٿي وڃي ٿي. تنهن کان پوءِ هن ڪردار جي زندگيءَ ۾ مختلف ڇوڪريون اچن ٿيون، هو انهن مان سڪون، پيار جي تلاش ۽ جستجوءَ مان مڪتي چايه ٿو، پر کيس سڪون نٿو ملي، وري هڪ عجيب ڪراهت محسوس ٿئي ٿي سوچي ٿو:

”ڇا لذت جو انجام ڪراهت آهي، انساني جسمن جي ازلي ڪشش ۾ ميلاپ جو نتيجو اٻٿايون ۽ اٻڙڪا آهن؟“

آغا سليم انساني فطرت جو سفر ڏيکاري ٿو، جيڪو ڪٿي به ٿانيڪو ناهي، هر نظريو هر فڪر وقتي آهي، هر خوشي ۽ لذت عارضي آهي. انسان مسلسل ڀٽڪندو رهي ٿو، هو زندگيءَ ۾ خواب ڏسي ٿو پر خواب ڏک جو ڪارڻ بنجن ٿا، مطلب ته انسان سراپا ڏک آهي، تنهنڪري رومانوي زندگي هڪ آٿت آهي، هڪ دل بهلائڻ جو ذريعو آهي. آغا سليم هر عمل جي انتها ڏيکاري آهي جڏهن ته رومانويت جي انتها وري به ڏک آهي ۽ ليکڪ انهي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو.

آغا سليم جي ڪهاڻين جو مجموعو جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو هو، انهيءَ ۾ به رومانوي عنصر آهي. سندس ڪهاڻي ”نيٺ بهار آيو“ ۾ هڪ سلهه ج مريض زندگيءَ جي لاءِ رومانس جو سهارو چاهي ٿو. هو پڙهيل لکيل جديد سماج جي ڇوڪريءَ ڏانهن هرکي ٿو پر کيس بيماريءَ ڪارڻ رد ڪري ٿي ۽ ساڳئي وقت ڳوٺاڻي عام سادي سودي ڇوڪري کيس انهيءَ حال ۾ قبول ڪري ٿي. هو زندگيءَ کي ڪوهه ڪاف ۾ رهندڙ نيلم پري قرار ڏي ٿو، جنهن ۾ فطرت جا عذاب هڪ ڪاري ديو وانگر آهن، انهن جي چنبي مان نڪرڻ جي لاءِ عشق جي طاقت کپي جيڪا زندگيءَ کي فطرت جي ديو کان کسي واپس جيئڻ ڏانهن موٽائي.

سندس ٻي ڪهاڻي ”خوابن جا سوداگر“ ۾ هڪ ڪردار زبردست رومانويت جو شڪار آهي، هو هڪ افسانو پڙهي، انهيءَ جو اثر ايترو وٺي ٿو جو افساني جي هيري وانگر هڪ طوائف کي شريف بنائڻ لاءِ ساڻس شادي ڪري ٿو پر ناڪام ٿئي ٿو ۽ زندگي پوري تباهه و برباد ڪري ويهي ٿو.

سندس ڪهاڻي ”سڄڻ نت سوجهرو“ سونهن جي داخلي جذبي جو اظهار ڪري ٿي. هن ۾ ليکڪ انهيءَ سوال کي اُڀاري ٿو ته خوبصورتيءَ جي ڪشش ته سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي پر بدصورتيءَ جي ڪشش سمجهه کان ٻاهر  آهي.“

هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ رومانويت کي پنهنجي مفهوم ۾ صحيح طرح اُڀاريو آهي ته رومانويت داخلي جذبو آهي جيڪو شين ڏانهن پنهنجي ناتي کي جذبن ۽ احساسن جي زور تي پيدا  ڪري ٿو.

ڪهاڻي ”چنڊ جا تمنائي“ ۾ هڪ اهڙي جذبي جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو جوانيءَ جي اُمنگن مان ڦُٽي نڪرندو آهي، انهي وقت ماڻه بي تحاشا رومانوي هوندو آهي، هو خوبصورت شين سان پنهنجا رشتا پنهنجي جذبن کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ جوڙيندو رهندو آهي پر سندس حصول انهيءَ آدرش جي عڪس وانگر آهي ۽ هو سڄي عمر تماشائي رهندو آهي.

مجموعي طور آغا سليم جي ڪاوشن ۾ فڪري گهرائي موجود آهي. هو بنيادي طور وحدت الوجود جي فڪر جو قائل آهي ۽ شين ڏانهن سندس رويو ۽ انداز رومانوي آهي پر اها رومانويت مغربي رومانوي فڪر جي ڪاپي ناهي پر فطرتي انداز ۾ انسان جي ڍنگ کي نروار ڪري هو رومانيت کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا انساني وجود جو هڪ لازمي عنصر آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org